• پيراڻو ڀنڀرو
پيراڻو ھڪ لوڪ فنڪار ۽ عوامي ڪرادر آھي. ھو مجذوب ۽ سالڪ آھي. ھو صوفي لاڪوفي آھي. کيس سنڌ جي عوام لاءِ بي انتھا محبت ۽ سِڪ آھي. ھو خدا جي ٻانھن کي عزت جي نگاھ سان ڏِسي ٿو. ھو محسوس ڪري ٿو ته، بندو پنھنجي رب کان ڪيئن نه پري ٿيندو ٿو وڃي. دنيا جي لوڀ ۽ لالچ، مايا جي موھ ۽ محبت کيس ايترو ته انڌو ڪري ڇڏيو آھي، جو روزانو ھن جي در تي، موت بيٺوڪڙو کڙڪائي، پر ھن کي ڪَر به ڪانھي. پيراڻي جا بيت ۽ ڏوھيڙا، فني لحاظ کان ڪجسا ۽ ڦڪا آھن، پر معنوي لحاظ کان اعليٰ ۽ فڪر انگيز آھن. جناب ڪريم بخش خالد، لکي ٿو ته، “پيراڻي جا بيت، ظاھري طور مزاحيه آھن پر باطني معنيٰ نفس سان جنگ ۽ جدل ۽ خدا پرستيءَ ڏانھن لاڙو ڪرڻ اٿن. شعر معيار ۾ کڻي، ايترو بلند نه آھي، پر بيتن ۾، جيڪي ھدايتون ۽ خود پسنديءَ جا نُڪتا ۽ ٻيون وصفون آھن، تن ڏانھن چشم ڪوري ڪرڻ بي انصافي آھي.” (سنڌي مزاحيه ادب – ڪتاب وتايو فقير. ص 61)
پيراڻو، سنڌ جي داناءَ، سگھڙن جي سٿ جو ناميارو دانشور ھو. سندس بيتن کي “علامتي شاعري” جو قديم نادر نمونو چئجي، ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. فني لحاظ کان، سندس بيت اڄ جي جاپاني طرز جي شاعري ھائيڪو سان ڀيٽي سگھجن ٿا.
پيراڻو ذات جو ڀنڀرو ھو. تعلقي کپري ضلعي سانگھڙ جو ويٺل ھو. چون ٿا ته، ھو شاھ لطيف جو معصر ھو. يعني ھو ڪلھوڙن جي دور جو ٿي گذريو آھي. اھو زمانو سنڌ ۾ ٺيٺ جاگيردارانه دور ھو. ماڻھو پئسي جي پٺيان ھو. ڌارين جي اچڻ ڪري معيشيت ۽ تجارت ۾ نون لاڙن ڪري، پئسي جي مٽا سٽا ۽ ريل پيل وڌي ويئي. ماڻھن جون ضروريات وڌڻ لڳيون. سادي سودي زندگيءَ ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. ان ڪري سنڌي ماڻھو به انھيءَ ماحول ۾ جڪڙجي ويو. پئسي جي گھڻائي منجھن ھوس پرستي پيدا ڪئي ۽ دنياداري ۽ ذاتي مفاد، منجھانئن ماڻھپو ۽ انسان دوستي ختم ڪري ڇڏي. ان ڪري ڀٽ ڌڻي رح کي به چوڻو پيو ته:
ماڻھن اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو،
اڄ پڻ ھرڪو کائي، ماڻھو سندو ماس،
دلبر ھن دنيا ۾، وڃي رھندو واس.
پيراڻي به اھا تند تنواري، پر ڪجھ ٻئي نموني ۽ ٻي طرز ۾، يعني مزاحيه انداز ۾، خوش مزاجي ۽ کِل چرچي ۾، رومال ۾ ويڙھي، ته جيئن لعل به لڀي ته پريت به رھي.ڇوته ھو درويش ھو، مجذوب ھو، سالڪ ھو، ھو پنھنجي درويشي ۽ مزاحيه شاعريءَ تي فخر ڪندو ھو. ان زماني ۾، ڳوٺاڻين ڪچھرين ۽ عوامي مجلسن ۾، سندس بيتن ۽ اندازِ بيان کي پسند ڪيو ويندو ھو، ڇوته انھن ۾ بذله سنجي سان گڏ، عقلمنديءَ جا راز سمايل ھوندا ھئا ۽ معاشري جي صحيح ترجماني ٿيل ھوندي ھئي.
پيراڻي جو ھڪ بيت آھي ته:
جان وڃيو واٽ وٺيو، پڪي بيٺي آ ٻير،
اڇليو ڪانئچ ھڻانس ته ڇڻي پيا مُڱ،
کڻيو ڍينگر ميڙيان ته ٽھي اٺ وڃن،
چوي پيراڻو ڀنڀرو ته يارو جھلجو، مھارون ٿا ڇنن.
فقير چوي ٿو ته، ھيءَ دنيا ڏاڍي سھڻي ۽ چکيل مکيل آھي. ھر انسان کي ٻاھرين رنگ روپ سببان موھي ٿي ۽ لالچي ۽ ھوس پرست انسان، ان جي حسن کي ڏسي، ڀريل ۽ ٻٽيل ٻير کي ڀتر ھڻي، ڪجھ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر ھن کي مُڱ يعني ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي. فقير ڍينگر سڏي ٿو، نفساني خواھشات کي ۽ اُٺ سڏي ٿو پاڪيزه خواھشات کي. دراصل، انسان شيطاني ۽ ملڪوتي قوتن جو مجسمو آھي، پر ٻيئي ھڪ جاءِ تي گڏ رھي نه ٿيون سگھن. پيراڻو چوي ٿو ته “مان دنوي خواھشن جي ڪري، دنيا کي پنھنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته، ملڪوتي قوت ايڏو ته پري ڀڄي ٿي ڄڻ ته اُٺ مھار ڇنائي ڀڳو.” ڪيڏو نه مؤثر انداز انداز ۾ فقير، “طالب دنيا ۽ طالب الموليٰ” جو ذڪر ڪيو آھي ۽ حضرت شاھ ولي الله محدث دھلوي جو “نفساني ۽ ملڪوتي قوتن” وارو فلسفو صرف چئن سٽن ۾ سمجھايو.
فقير جو ٻيو گفتو آھي ته:
ڪاڏي منھن مال جو، ڪاڏي وڄي چڙو،
ڪاڏي رخ راھ جو، ڪاڏي پوي ڏرو،
چوي پيراڻو ڀنڀرو، اٿي ڪلمو پڙھو.
انسان، اختيارالڪل آھي. سڀ ھن جي ئي ھٿ وس آھي، ڇوته کيس، عقل جي دولت سان مالامال ڪيو ويو آھي. ھو لوھو، نوٽو، فائدو ۽ نقصان پاڻ ڄاڻي ٿو. ھن تي الله تعاليٰ طرفان ڪابه زيادتي نه ڪئي ويئي آھي. فقير جو چوڻ آھي ته انسان تون اشرف المخلوقات آھين. پنھنجو درجو ۽ مقام سڃاڻ. تون ڌرتيءَ تي الله جو پرتوو ۽ نائب آھي. ڪائنات ۾ عظيم المرتبت آھين ان ڪري پنھنجو شان سڃاڻي اھا راھ اختيار ڪر، جيڪا توکي داغدار ۽ عيبدار نه بڻائي. حق ۽ باطل، نيڪي ۽ بدي، ڪوڙ ۽ سچ ۾ سنڌو ڪر، شيطاني چڙي جي مڌر آواز کان پري ڀڄ ۽ ڪلمو پڙھي، وحدانيت ۽ توحيد واري فلسفي کي سمجھي، پنھنجي عزت ۽ وقار کي قائم رکي پنھنجي عظمت واري راھ اختيار ڪر.
فقير جوٽيون گفتو آھي:
جان وڃان واٽ وٺيو، ته، کٻڙ ۾ کڙڪو،
گدڙ ۽ ڄرڪو، کلي کلي کيرا ٿيا.
دنيا ٻھروپي آھي. مُنھن جا مٺڙا ۽ اندر جا ڪارا کوڙ آھن. ظاھري ڏيک ويک ۽ منھن تي خوشامد ۽ چاپلوسي جو وھنوار آھي. فقير جو چوڻ آھي ته واٽ ويندي گدڙ ۽ ڄرڪي کي ڏٺم ته ھڪ ٻئي سان ڳلي ملي، خوش ٿي رھيا ھئا، پر ھي ٻيئي ھڪ ٻئي جا سخت ترين دشمن آھن، پر ھڪ ئي مفاد کين پاڻ ۾ کير کنڊ ڪري ڇڏيو آھي. فقير جو چوڻ آھي ته، مفاد پرست ۽ ذاتي انا جي لاءِ ھن دور ۾ اھڙا ڪيترائي ماڻھو ملندا، جيڪي ظاھرًا ته پيار ۽ سِڪ سان ڳالھائيندا، پر اندر ۾ نفرت، ٻيائي ۽ تعصب جا ڪوٽ اٿن. ان ڪري فقير اھڙن ذاتي مفاد جي غلامن کي گدڙ ۽ ڄرڪي سان تشبيھ ڏيئي، اسان کي اھڙن ٻھروپين کان پري رھڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
اھڙي طرح پيراڻي ڀنڀري جا اھڙا ويھارو کن بيت مليا آھن. (سڳنڌ ۽ سرھاڻ مصنف، محمد ابراھيم عباسي ۽ عبدالڪري سنديلو)جن ۾ عقل، ڏاھپ ۽ دانش جو خزانو آھي، جن کي سنڌي عوام اڄ به ڳوٺاڻي ماحول ۾ شوق ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌي، انھيءَ مان مقصد جا موتي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.