• ھوشو شيدي
ھوشو اصل ۾ حبشي غلام ھو، جنھن جو والد مير فتح علي خان ٽالپر وٽ ڪم ڪندو ھو، جيڪو ايراني نار مان اسمگل ٿي ڪراچي بندر تي وڪاميو ھو. ميرن وٽ ڪم ڪندڙ غلامن کي وڏي عزت سان رکيو ويندو ھو. ھوش محمّد، مير فتح علي خان جي پٽ مير صوبدار جو ساٿي ۽ ساڳي عمر وارو ھو، ان ڪري ھو 1791ع ۾ ڄائو ھوندو. (اسان جي آزادي جا اڳواڻ. ص 189) ھو مير صوبدار سان گڏ رھيو، وڏو ٿيو ۽ بعد ۾ ٽالپرن جي توبخاني جو سنڀاليندڙ ٿيو. کيس بندوق ھلائڻ جي سٺي تربيت مليل ھئي. جناب مولائي شيدائي لکي ٿو ته “ھو ميرن جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو ۽ نامور جانباز توبچي ٿي گذريو آھي، جنھن آخري دم تائين، پنھنجي ايمانداري ۽ بھادريءَ جو ثبوت ڏيندي، دشمن سان وڙھندي ميدانِ جنگ ۾ شھيد ٿيو.(ھوش محمّد – ملا اسڪول مخزن – اپريل 1953ع)
جڏھن انگريز، سنڌ ۾ آيا، تن ڏينھن ۾ ھوشو مير صوبدار خان جو اتاليق ۽ صلاحڪار خاص ھو. انگريزن جڏھن حيدرآباد تي ڪاھ ڪئي ۽ 17 فيبروري 1843ع ۾، دٻي جي جنگ لڳي، تنھن ۾ ھوشو شيدي توبخاني مٿان نگران مقرر ھو. ساندھ ٽي ڪلاڪ جنگ لڳي، جنھن ۾ گولن جي برسات ھئي. ان دوران ھڪ گولو ٽالپرن جي بارود خاني کي لڳو، جنھن ڪري سمورو بارود سڙي ويو. پر تڏھن به ھوشو بھادري سان وڙھيو.
ان وچ ۾، انگريزن مير صوبدار خان کي رشوت ڏيئي، پنھنجي طرف ڪيو، ان ڪري ھن انگريزن جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي. پنھنجي مالڪ جي اھا حالت ڏسي، ھن کيس چيو ته “اي حاڪم، ڪجھ ھوش ڪر. ھيءَ جنگ ميرن ۽ انگريز حڪمرانن جي وچ ۾ نه آھي. ھيءَ جنگ سنڌ ۽ سنڌڙين جي وچ ۾ آھي. ھي لڙائي پنھنجن ۽ ڌارين جي وچ ۾ آھي. اڳتي وڌو ته، سمورا سنڌي ھڪ ٿي، فرنگين سان فيصله ڪن جنگ ڪريون. حاڪم ڪجھ ڌيان ڌر. ذاتي اختلافن جي چکيا تي، سنڌڙي جو اجايو خون نه ڪر.”پر جڏھن، ھن ڏٺو ته مير صوبدار، پنھنجي ضد تي قائم آھي، تڏھن ھو کيس ڇڏي، مير شير محمد ملڪاڻيءَ سان وڃي مليو، جيڪو، حيدرآباد کان ٿورو پري 25 ھزار فوجن سان ڇانوڻي ھڻي ويٺو ھو. مير صاحب، ھوشوءَ کي پنھنجي توبخاني جو نگران ۽ بورچيخاني جو ناظم مقرر ڪيو. 24 مارچ 1843ع ۾ سنڌي سوڍن جو لشڪر ناريجن جي ڳوٺ وٽ، دٻي جي ميدان ۾ انگريزي لشڪر جي سامھون ٿيو، جتي سنڌ واسين جي بھادري ۽ جرئت ڏسي منھن مٿو پِٽڻ لڳو. پر وطن جي ويري نواب محمد خان نيپيئر کي ٻڌايو ته “ميرن جو سارو بارود، فلاڻي سائي تنبوءَ ۾ رکيل آھي. جي اسڪواڊ ڏنو وڃي ته بارود کي اُڏايو ويندو.” پوءِ ائين ئي ٿيو. پر ھوشوءَ آزمودگار جرنيل وانگر حڪم ڏنو ته “جيڪي ڪجھ ملي، ان کي باھ ڏيو ته جيئن دشمن ائين نه سمجھي ته ڪو بارود ختم ٿي ويو آھي.” گولا بارود ختم ٿيڻ کان پوءِ ھٿو ھٿ جنگ شروع ٿي. سامراجي فرنگين وٽ توبون ۽ بندوقون ھيون، پر ھوشوءَ پنھنجي چند جان فدا ساٿين سان گڏ، پيدل اڳتي وڌي، دشمن تي حملو ڪيو ۽ ٻن ميلن تائين کين پوئتي ڌِڪي ويو ۽ کين ماري مڃرايو، پر ھڪ آئرش سولجر جي گوليءَ کيس شھيد ڪري وڌو ۽ اھڙي طرح سنڌ تي ڌارين جو قبضو ٿي ويو.
ھن ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته، ھوشو محب وطن ۽ سورھيه شخص ھو. ڪئپٽن معين الدين لکي ٿو ته “ھوشو، انگريز سامراج جو جاني دشمن ھو، جنھن سنڌ جي پسگردائيءَ وارن پرڳڻن جي مسلمانن ۾ جھاد جو روح ڦوڪيو، جنھن سنڌ جي عياش، سست، ڪاھل ۽ آرام پسند اميرن کي پنھنجي ڌرتي جي آزاديءَ جي بچاءَ لاءِ، پنھنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، جنھن ھڪ ٻئي پٺيان، ٻن لڙاين (مياڻي ۽ دٻي) ۾ انگريز فوجن کي گھڻي کان گھڻو نقصان پھچايو. ھن ھڪ شينھن جيان، انگريز دشمنن جي فوجي صِفن ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو. انھن جي جنگي ارادن کي درھم برھم ڪري ڇڏيو. ھو ھڪ وڏو بھادر ۽ جنگي ماھر ھو. ھن محب وطن ۽ عظيم انسان، پنھنجو سِر سچ، غيرت، آزادي ۽ خودمختياريءَ خاطر صدقي ڪيو.” (سنڌ جا شھيد. منصور قادر جوڻيجو ص 36) خود انگريز جرنل نيپيئر ھوشوءَ جي بھادريءَ بابت لکي ٿو ته “ھن بھادر شخص، جنگ جي فني مھارت جو اھڙو بھترين مظاھرو ڪيو جيڪو ھڪ يورپي جرنيل کي ئي سونھين ٿو. ھو پنھنجي ٻين شيدي ڀائرن سان، اِئين ميدانِ جنگ ۾ بيٺو رھيو، جيئن ڪو اڏول پھاڙ. جنگ ۾ آخر تائين جڏھن فتحياب نه ٿيو ۽ دم به اھڙي حالت ۾ ڏنائين، جو تلوار سندس ھٿ ۾، انتھائي مضبوطيءَ سان پڪڙيل ھئي ۽ ھڪڙو قدم به پٺتي نه ھٽيو. مرڻ کان پوءِ به ڪنھن انگريز کي سندس ويجھو وڃڻ جي جرئت ڪانه پئي ٿي. ڇوته مرڻ کان پوءِ، پنھنجي ھٿ مان تلوار کي ڪِرڻ نه ڏنو ھئائين.” وڌيڪ لکي ٿو ته “مياڻيءَ وانگر، دٻيءَ ۾، اھو ساڳيو ئي حبش ٻانھو ھوشو شيدي، جنگ کي کنيو بيٺو ھو. سندس بھادريءَ جي جيتري ساراھ ڪجي ٿوري آھي. ھو ھڪ اعليٰ دل، دماغ ۽ صلاحيت جو مالڪ ھو. ھن بھادر انسان دٻي واري جنگ ۾ به، ھڪ بھادرانه دليرانه شان شوڪت سان وڙھندي، 22 رجمينٽ جي سنگينن ھيٺان پنھنجو سِر ڏنو.”(ڪانڪئيسٽ آف سنڌ – باب ڇھون ص 379)
ھوشوءَ جي ان لازوال ۽ بي غرضانه قرباني، کيس سنڌ جي عوام ۾ مقبول بڻايو، ڇاڪاڻ ته ٻيا ماڻھو يعني مير يا ٻروچ سردار، پنھنجي حڪومت يا سرداريءَ کي بچائڻ لاءِ جنگ ڪري رھيا ھئا ۽ ھوشو شيدي، ڪنھن به فائدي وغيره لاءِ ڪونه وڙھي رھيو ھو. سندس مقصد، سنڌ کي ڌارين کان بچائڻ ھو. اھوئي سبب آھي جو، ھن بي جگريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ان محبت ۽ ساڻيھ سان سِڪ کي، عوام ڳايو، پر خوب ڳايو. ھڪ ڳوٺاڻي علي چيو ته:
ھوشو پنھنجي جان، آزاديءَ جي راھ تي قربان ڪئي.
ھو پنھنجي جان، پنھنجي خوشي ۽ چاھ سان ڏئي ويو.
ھو سوين سورھيه ۽ سرويچ ساٿين سان،
ھڪ سرويچ وانگر وڙھيو، وڙھندو رھيو،
۽ بھادر وانگر مري ويو.
ان کانسواءِ ھڪ لوڪ گيت ۾ چيو ويو آھي ته:
ھلي ھوشو آئيو، ڪري قمبراڻي ڪاھ،
ايندي به ارن ۾، گھوٽ وڃايا گھاءُ،
قلوبان ڪڙو ڪيو، شيدي پنھنجو ساھ،
سؤ لشڪر سان ماريو، ميار مٿن ناھ.
ھوشو جي شھادت، سندس وطن دوستي، سورھيائي ۽ بھادري کي مات ڪري نه سگھي. ھو ھڪ عظيم محب وطن ھو، جيڪو شھادت کان پوءِ عظيم تر آھي.