• ڀڳت ڪنور رام
ڪنور ڀڳت، انھن سمورن ڀڳتن ۾ سرفھرست اچي ٿو، جنھن پنھنجي زندگي، سنگيت جي سرتين ۾ سرھي ڪئي ۽ سُرن جي سھاري، شاعري، آدرشن جي جوت، جڳ جڳ جلائيندي ھليو. ھن ڀڳت جي زندگي، عام ماڻھن ۾ سٻنڌ پئدا ڪرڻ ۽ منجھن پريم جي پونجي ورھائڻ ۾ گذري. ھو پنھنجي ڪلام ۽ رسيلي آواز ذريعي ٻڌندڙن کي لوليون ڏيندو ھو. ھن وٽ آواز ھو، سوز ھو ۽ گداز ھو. سندس فن ۾ جتي آتما لاءِ آرام جو درش ھو، اتي سندن فن ۾ سوچ جي گھرائي پڻ ھئي. ھو سراپا سوچ ۽ فن جو عملي نمونو ھو. ھو جيئن سوچيندو ھو، تيئن ڪري ڏيکاريندو ھو. (شيخ عزيز- سه ماھي مھراڻ- 13 – 1970ع ص نمبر 136)
ڀڳت ڪنوررام، سنڌ جو اھو عوامي، پسنديده موسيقار ھو، جنھن جي ڀڳت ٻڌڻ لاءِ سنڌ جي واھڻن ۽ وستين مان ماڻھو اچي ڪٺا ٿيندا ھئا ۽ سندس مڌر آواز ۾ پاڻ کي محو ۽ مستان ڪري، دنيا جي مصائب ۽ ڏکن کي وساري، روحاني سڪون حاصل ڪندا ھئا.ڀائي ڪنور کي، مٺي سُر ۽ آلاپ جي لاھين چاڙھين جي قدرتي ڏات مليل ھئي، جيڪا ٻڌندڙن کي بُت بڻائي ڇڏيندي ھئي. ھو رات جو، پوئين پھر ۾، جڏھن ڇير پائي اچي، ماڻھن جي وچ ۾ بيھندو ھو ته تاڙين جو ڦھڪو پئجي ويندو ھو. ھو سراسر مجسمئه نياز ۽ نوڙت ھو. ھٿ جوڙي، پلئه پائي، ڌڻيءَ در وينتي ڪندو ھو ته “ او منھنجا مالڪ- ھندو مسلم جو خير ڪج- غريبن جا يار، اڙين جو اَجھو ٿي- ھيڻن جو ھمراھ ٿي- مومن ڀائرو ڪلمو پڙھو، ھندو ڀائرو پريم سان چئو ھريرام- پوءِ ساٿين کي سڏ ڪري ڪن تي ھٿ رکي آلاپ ڪندو ھو ته:
جيڏو تنھنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان.
ھو راڳ ڪرڻ وقت، نچندو ھو ته ڄڻ وڏ ڦڙو مينھن پيو وسي. ڳائيندي موج ۾ اچي ويندو ھو، پوءِ ان وقت نه رڳو پاڻ کي محبت جي مھراڻ ۾ وڃائي ويھندو ھو، پر ٻڌندڙ کي به، آنند جي بي انت ساگر ۾ سمائي ڇڏيندو ھو. سندس آواز ۾ اھڙو درد، سوز ۽ تڙپ ھوندي ھئي جو ڪيترو به ڪٺور دل انسان ڇونه ھجي، پر ھو اکين مان ڳوڙھا ڳاڙڻ کان سواءِ رھي نه سگھندو ھو. ھن تي مايا جو موھ ڪونه ھو. مالڪ جي نانءَ تي پاند جھليندو ھو ته ھزارين روپيا ڪٺا ٿي ويندا ھئس، جيڪي اتي جو اتي مسڪين رن زالن، فقيرن ۽ محتاجن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. ڪوبه سوالي ھن وٽان خالي نه ويو. ھڪ دفعي سموري ڀيٽا محتاجن ۾ ورھائي خلاص ڪيائين ته ھڪ سواليءَ ڪپڙن لاءِ سوال ڪيو. ھن پنھنجا کيس ڪپڙا لاھي ڏنا ۽ پاڻ ھڪ انگوڇي ۾ رھيو. تڏھن اتي ويٺل ڪنھن چيس ته “ ڀڳت ھيءُ ڪم ته گھاٽي جو ڪيئه.” وراڻيائين ته “سڄڻ اڃان ته واڌي ۾ آھيان. جڳ ۾ اگھاڙو آيو ھوس، ھينئر ته ھيءُ انگوڇو آھي.” (سريش ڪمار- روزانه عبرت- 25 سيپٽمبر 1989ع)
ڀڳت ڪنوررام جو آواز، ننڍي لاڪر سريلو ھو، ان ڪري سندس پتا کين حيات پتافي جي ٽڪاڻي ۾ گائن وديا لاءِ موڪليو. اتان ٿي ھو ٻيھر رھڙڪي آيو جتي سوامي سترامداس کين چڱو رڱي ڇڏيو. سندن مڌر آواز سبب، ھو پنھنجي ستگرو سان سنگت وجھندا ھئا. سندن سچو صدق ڏسي، ستگورن به سِڪ وچان کين اھڙي جوتي ڏني جو، سندن جيئري ئي ڀڳت صاحبن جو تيج پيج جي چندرمان وڌندو رھيو. (ڀڳت ڪنوررام جو جيون چرتر- ڀورومل چنديرام) اھڙي طرح، ھو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائيندو رھيو. ڀڳت ڪنوررام جو گذر معاش دوڪانداري ھئي. ھو راڳ کي آمدنيءَ جو ذريعو يا پئسي ڪمائڻ جو وسيلو نه سمجھندو ھو. ھو راڳ کي رياضت ۽ عبادت سمجھندو ھو ۽ ان سان، خدا جي مخلوق کي خوش ڪري آسيس کٽيندو ھو. سندس پسند جي راڳڻين ۾ جوڳ، ڪوھياري، راڻو، آسا ۽ پرڀاتي ھيون. سندس راڳ ۾، گھڻو حصو صوفي بزرگن جي ڪلام جو ھوندو ھو، ۽ ھو ان راڳ وسيلي، صوفيانه ڪلچر، جي پيغام پھچائڻ لاءِ پرچارڪ ٿي ڳائيندو ھو. ان ڪلچر ۾ پاڻ وڃائڻ، پاڻ سڃاڻڻ، محبت ۽ اخلاص جا سبق سمايل ھوندا ھئا. ھن آلاپ کي سچي سائين جي، سوکڙي ڄاڻي، کيس ڀڳوان جي ڀڳتيءَ لاءِ ارپڻ ڪري ڇڏيو. ھن جي مجلس ھڪ عوامي ميلي جو ڏيک ڏيندي ھئي ۽ شھري يا ڳوٺاڻا، ھر قسم جا ماڻھو، شريڪ ٿيندا ھئا ۽ سندس راڳ ٻڌڻ عبادت سمجھندا ھئا.
ڀڳت ڪنوررام جي آواز سان گڏ، سندس سخا جا به ڪيئي قصا مشھور آھن، جن مان ھڪ اڳ ئي لکي آيو آھيان. ھت ٻي ڪھاڻي ٻڌائي، سنڌ جي ھن امر ۽ مھان عوامي فنڪار جو ذڪر بند ڪريان ٿو.
چون ٿا ته ھڪ دفعي، سندس شاديءَ جي تِٿ ٻڌي ويئي ته ھڪ شائق کيس، سندس ڪنوار لاءِ چار جوڙا ڪپڙن جا ڀرٿ ڀريل، ھڪ بوسڪيءَ جو ٿان کيس نذراني طور ڏيئي ويو. ڀائي ڪنور، ڪپڙن جي ڳنڍ وٺي گھر رکي ڇڏي. ساڳي ڏينھن شام ٽاڻي، ھڪ مسڪين مائي، اچي سندس در جو ڪڙو کڙڪايو، چي “ابا! سڀاڻي عيد آھي، مون کي ٽنڊ ٻچن جي آھي، جن لاءِ نه اٿم لٽو ۽ نه ڪپڙو، آءٌ بيواھي رن، ڪٿي در در وڃي ھٿ ٽنگيان.” ڀائي ڪنور، اندر وڃي ڳنڍ کڻي، اچي ٻڍڙي مائيءَ جي حوالي ڪئي. چي “امڙ، وٺ پنھنجي امانت، صبح کان وٺي، سانڍي اٿم، شڪر ٿيو جو مال اصلي مالڪن کي ته مليو.” (ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا- علي احمد بروھي- صفحو نمبر 126)
سندس سخا ۽ راڳ ئي، ڀڳت کي سنڌ جي عوام جو ھيرو بڻايو. اڄ جيتوڻيڪ ھو اسان وٽ ناھي، پر سندس مڌر آواز “آءُ ڪانگا ڪر ڳالھ” سنڌين جي ڪَنن ۾ ڀڻي رھيو آھي.
سنڌ جو ھيءُ عوامي ڪردار 2 نومبر 1939ع ۾ خالق سان وڃي مليو.