ٻاراڻو ادب

سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي روايتن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردار ن بابت ٻارڙن لاءِ لکيل 46 ڪهاڻيون شامل آھن. دادا سنڌي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”هنن ڪهاڻين لکڻ مان منهنجو خاص مقصد هي آهي ته، اسان جو نئون نسل عشق، محبت وارا رومانوي، فرضي، ڪوڙا ۽ ناقص ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي عظيم ۽ تاريخي ورثي جي سنڀال ڪري ۽ پاڻ ۾، پنهنجن وڏڙن وارو جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري، زندهه رهڻ جا گر سکي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ زندگي وقف ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن کي اهڙيون تاريخي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون، جن کي مشعل راهه بنائي، اسان جو نئون نسل هن سون ورني ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکي سگھندو ۽ هڪ سٺو شهري بڻجي انسان ذات لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري پنهنجي مفاد لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو.“
  • 4.5/5.0
  • 1317
  • 442
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

بهادر شهزادو

1843ع جي ڳالهه آهي. ان وقت سنڌ جو حاڪم مير نصير خان هو، جيڪو مير مراد عليءَ جو پٽ ۽ مير نور محمد جو ڀاءُ هو. جڏهن مير نور محمد وفات ڪئي، تڏهن 1840ع ۾ مير نصير خان گاديءَ تي ويٺو. ان وقت مير نور محمد جو هڪ ننڍڙو پٽ مير حسين علي خان هو، جيڪو 1829ع ۾ ڄائو ۽ ان وقت سندس عمر 14 سال هئي.
انگريزن جو ڇوليون ماريندڙ لشڪر، نيپئر جهڙي مڪار، چالباز ۽ ٺڳ سپهه سالار، جنهن بابت لارڊ ايلنبرو جو چوڻ آهي ته: ”نيپئر هڪ جهنگلي هاٿي آهي، جنهن کي سڌارڻ لاءِ ڏهه ويهه سيکاريل هاٿي کپن.“ جي سرڪردگيءَ هيٺ سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو. مير نصير خان سنڌين جي فوج ساڻ ڪري، جنم ڀوميءَ جي سالميت ۽ ساڻيهه جي سلامتي لاءِ مياڻي جي ميدان ڏانهن روانو ٿيو. اهو ڏينهن سچ پچ وڏي قربانيءَ جو هو. ديس جي آزادي ۽ بقا لاءِ سرن جا سودا ڪرڻا هئا. ننڍڙو حسين علي ان وقت گهر ۾ موجود هو ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪري رهيو هو ته سندس ماءُ جو سڏ ڪن تي پيس. اها ماءُ جيڪا پنهنجي ڄائي تي ڪک به نه سهندي آهي. ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏيندي آهي. اها چئي رهي هئي ته: ”پٽ، حسين! تنهنجو چاچو ۽ ڀاءُ (مير حسن علي، ولي عهد) دشمنن سان وڙهڻ لاءِ، ديس جي حفاظت لاءِ ميدانِ جنگ ڏانهن وڃي رهيا آهن، تنهنجو به فرض آهي ته، تون به اوڏانهن وڃ. هڪ شهزادي جو مرڪ آهي ته هو پنهنجي ديس لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري، ويندي جان جي ڀيٽا ڏيڻ کان به نه ڪيٻائي.“ مير حسين، ننڍڙي شهزادي پنهنجي جيجل ماءُ جا لفظ ٻڌي چيو: ”امڙ! تنهنجي حڪم مڃڻ لاءِ مان هر طرح تيار آهيان. جنم ڀوميءَ لاءِ پنهنجي سڀ کان عزيز پونجي، ساهه ۽ سرير صدقي ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندس. تون مون کي ميدانِ جنگ ۾ سڀ کان اڳرو ڏسندينءَ.“ سندس امڙ اهو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ۽ هٿيار کڻي پاڻ ئي پنهنجي هانءُ جي ٺار کي پهرائي، جنگ جي ميدان ڏانهن مرڪندي موڪليو.
ٻارو، سوچيو ته سهي ڪهڙي ماءُ چاهيندي ته سندس ننڍو ٻچڙو توبن، بندوقن ۽ تلوارن جي منهن ۾ وڃي! پر مير جي امڙ پنهنجي وطن دوستيءَ جو ايڏو ته بهترين مثال پيش ڪيو آهي جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌي عورت جي ڪردار کي بلند ۽ بالا ڪري ٿو. ننڍڙي مير کي جڏهن جنگ جي ميدان ۾ مير نصير خان ڏٺو، تڏهن مرحوم ڀاءُ جي نشاني سمجهي کيس موٽي وڃڻ جي صلاح ڏني، پر هن سورهيه شهزادي چيو ته: ”چاچا، ساڻيهه جي راهه ۾ لڙڻ، صرف وڏن جو شيوو نه آهي. مون کي هن راهه ۾ وڙهڻ کان نه روڪ، دشمن کي پٺي ڏيڻ ڪانئرن جو ڪم آهي. سوڍن ۽ سرويچن جو اهو دستور نه هوندو آهي ته اهي سڄڻ ۽ ساڻيهه کي وساري، پنهنجي عيش ۽ آرام ۾ رڌل هجن.“ هن جي جذبي کي ڏسي، وڏي مير کيس ڳراٽڙي پائي پيار ڪيو.
مياڻيءَ جي جنگ ۾ سنڌ جي هن ننڍڙي شهزادي به پاڻ ملهايو. جڏهن جنگ بند ٿي، تڏهن ننڍڙي مير کي 31 مئي 1843ع تي ٻين مير حاڪمن سان گڏي، 20 سولجرن جي نظرداريءَ هيٺ بمبئي موڪليو ويو. اتي هو هزاري باغ جهڙي ويران ڳوٺ ۾ پنهنجي ديس کان ٻاهر نظربند رهيو. 1859ع ۾ لارڊ ڊلهائوسي جي هڪ اعلان موجب هو پنهنجي ساڻيهه موٽي آيو. مير صاحب پنهنجي ديس کان 16 سال ٻاهر رهيو. مير صاحب هڪ سٺو شاعر به هو. بندي خاني جي دور ۾ هن بهترين غزل لکيا. فارسيءَ ۾ سندس مڪمل ديوان موجود آهي. سنڌ جو هي سرويچ شهزادو 1878ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار مير ڪرم علي خان جي قبرستان ۾ آهي.
ٻارو! هن ننڍڙي تاريخي واقعي مان سنڌڙيءَ جي عورت ۽ سندس ننڍڙي پٽ جو ڪردار ظاهر ڪري ٿو ته ڪيئن نه هنن ۾ پنهنجي ديس لاءِ قربانيءَ جي امنگ موجود هئي ۽ ساڻيهه جي سالميت هنن وٽ زندگي ۽ اولاد کان به وڌيڪ اهم هئي. اهڙيون ئي مائرون ديس جو سينگار آهن.