مخدوم نوح رحه جي نصيحت
مخدوم نوح غوث الحق رحه، جنهن جو اصل نالو لطف الله هو. 27 سيپٽمبر 1509ع ۾ هالا ۾ ڄائو. سندن والد جو اسم گرامي مخدوم نعمت الله هو، جيڪو حضرت ابوبڪر رضه جي پيڙهيءَ مان هو. مخدوم صاحب قرآن شريف جا 25 سيپارا، مخدوم عربي هالائي وٽ پڙهيا. سندن سينو دنيا جي سمورن عملن سان ڀرپور هو. کيس قرآن شريف جي حقيقتن تي، اسرارن تي وڏي دسترس حاصل هئي، ان ڪري قرآن شريف جو درس به ڏيندا هئا. کيس فارسي زبان ۾ مهارت حاصل هئي. پاڻ قرآن شريف جو فارسي ۾ ترجمو به ڪيائون، جيڪو ساري هندستان ۾ فارسي جو پهريون ترجمو آهي. پاڻ مولانا رومي جي ذڪر ۽ فلسفي جا قائل هئا ۽ تصوف ۾ وڏي ڄاڻ رکندا هئا، ان ڪري ٻانهن جي حق کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ خلق جي خدمت کي عظيم عبادت سمجهندا هئا.
مخدوم نوح سادو کائيندو ۽ سادو هنڍائيندو هو، جيڪو به نذرانو ملندو هوس، اهو خير خيرات ۾ خرچ ڪري ڇڏيندو هو. فرمائيندو هو ته: ”هن فاني دنيا جي اجائي بار کڻڻ کان جيترو پاڻ کي آزاد رکبو اوترو آخرت جي پڇا ڳاڇا کان آجو رهبو.“ ڪڏهن ته اهڙو حال ٿيندو هوس جو حرم خاني ۾ کاڌ خوراڪ لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو. سندس هڪ قول آهي ته: ”دنيا جو نوش يعني مٺيون شيون بينش يعني ڏنگ آهن ۽ هتي جو ڪمال خود زوال آهي ۽ راحت عين جراحت يعني ڦٽ آهي.“
مخدوم نوح رحه پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي بادشاهن جا دؤر ڏٺا ۽ انهن سان ملاقاتون ڪيون. ڪو به سائل وٽس ڪنهن به وقت جي حاڪم خلاف دانهن کڻي ايندو هو ته مخدوم صاحب، ان کي انصاف وٺي ڏيڻ لاءِ کيس سفارشي چٺي لکي ڏيندو ۽ مظلوم کي حق وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪندا هئا. همايون جڏهن سنڌ ۾ رلندو پنندو آيو، تڏهن مخدوم صاحب کيس هتان ڪڍي ايران موڪلڻ ۾ سندن مدد ڪئي ۽ وري جڏهن خان خانان کي اڪيلو سنڌ ۾ موڪليو، تڏهن هن اچي ٺٽي کي باهيون ڏنيون، تڏهن مخدوم نوح رحه کيس هالن ۾ هدايت ڪئي.
مخدوم صاحب علم جا ڌڻي هئا، رشد ۽ هدايت جا واهڙ وهائي ڇڏيائون. ڳالهه ڪن ٿا ته هڪ دفعي وقت جو ظالم ترين حاڪم مرزا محمد باقي ٺٽي حاضر ٿي سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته ”مون کي ڪا هدايت ڪريو.“ مخدوم صاحب کيس چيو ته: ”حڪومت جي استحڪام لاءِ ٽي قلعا آهن پهريون مٽي جو ڪوٽ يعني رعيت، جيڪڏهن عوام کي انصاف پلئه پوندو ته اها خوشحال ۽ آسودي هوندي ۽ اهڙو انتظام مٽي جي ڪوٽ وانگر آهي. ٻيو لوهي قلعو، يعني فوج، جنهن جي مضبوطي لاءِ خزانو کپي. جيڪڏهن رعيت آسودي هوندي ته پڪ حڪومت کي ڍلون پهچنديون، خزانو ڀربو، فوج مضبوط ٿيندي ۽ ملڪ جي حفاظت ڪندي. ٻاهرئين خطري کان ملڪ ۽ قوم کي بچائيندي. اهو انتظام لوهي قلعي وانگر آهي. ٽيون قلعو آهي فولادي قلعو، يعني اهل الله (عالم ۽ اديب) جيڪڏهن عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي حڪومت پاران وظيفا ملندا ته پڪ ملڪ ۾ تعليم پکڙبي، جيئن ته عالم، اديب ۽ شاعر، فڪر معاش کان آزاد رهي نه رڳو دلي طرح تعليم جي خدمت ۽ ان کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندا پر سندن اها جدوجهد حڪومت جي بچاءَ، تحفظ ۽ مضبوطي لاءِ فولادي قلعي وانگر ثابت ٿيندي.“
ٻارو، مخدوم صاحب جي هن نصيحت مان خبر پوي ٿي ته هو ڪيڏو نه مدبر سياستدان، عالم ۽ فاضل هو. مخدوم صاحب سنڌي ٻولي جو به اعليٰ شاعر هو. هن جي هڪ ئي بيت مان سندن معاشرتي شعور، انساني درد ۽ نازڪ خيالي جي خبر پوي ٿي:
”پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻهئا،
روئي رڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.“