خوددار خوني
ان وقت شڪارپور جي چوڌاري ڪيترائي گهاٽا جهنگ هئا. جن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا بهادر، غيرتمند، وطن دوست سورمن جا ڪافي ٽولا رهندا هئا جيڪي انگريزي ڪئمپن تي ڌاڙا هڻي، کين قتل ڪندا هئا. اهڙي طرح انهن ۾ خوف، هراس ۽ دهشت ڦهلائي کين ڀڄڻ تي مجبور ڪندا هئا. انهن ٽولين ۾ هڪ ٽولي مير بجار خان ڊومڪي جي به هئي، جنهن ۾ هڪ سنڌي سورهيه جاني پٽ فقير، پنهنجي سرگرمين، ڪارنامن ۽ بيخوف بهادري جي ڪري مشهور هو. سندس نالي کي انگريزي لشڪر ۾ به ڏڪي ڏڪي ورتو ويندو هو.
جاني پٽ فقير، جکراڻين جو مشهور سردار هو. جکرا به اصل سنڌي آهن، جن کي ڀٽ ڌڻي به ڳايو آهي. سندس هڪ بيت جي سٽ آهي ته: ”جکري جيهو جوان، ڏسان ڪو نه ڏيهه ۾.“ سو ٻارو، جاني جو ڊگهو قد، جانٺو بدن، وڏيون ۽ چمڪندڙ اکيون سندس بهادرانه ڪارنامن جون زندهه شاهد هيون. جاني جي تلوار هٿئي تائين رت ۾ رنڱيل هئي ۽ ان جي وچ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي انگريزن جي مٿي ۽ اکين جا وار چنبڙيل هئا.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته، انگريزي فوج جو ڳپل حصو جاني جي پٺيان موڪليو ويو، پر هُن ته کين وٺ ئي نه ڏنو، ويتر هڪ انگريز سپاهي جو گهوڙو، جهنگ ۾ مري ويو، جنهن جي زين ۽ ٻئي سامان کي هٿ ڪرڻ لاءِ 4 انگريزن جو مسلح جٿو موڪليو ويو. ان فوجي ٽولي تي اوچتو جاني جکرو، پنهنجي مشڪي گهوڙي سان اچي ڪڙڪيو ۽ ٽن فرنگين کي بروقت ماري رمندو رهيو.
انگريزن جڏهن ڏٺو ته هو ايئن پڪڙ ۾ نه ايندو، تڏهن ڪجهه ڀاڙي جي ماڻهن جي غداري سان، مير بجار خان جي 48 ڄڻن جي ٽولي کي گرفتار ڪيو، جن ۾ جاني به هو. جاني انگريزن جو ذاتي دشمن، انگريزن جي ور چڙهي، ڇا ٿا سمجهو؟ حڪم ٿيو ته کيس عمر قيد جي سزا ڏني وڃي. ويتر جاني کي حقير، ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِ لوهه ۽ زنجيرن ۾ جڪڙي رستن ٺاهڻ جي ان گهٽ قسم جي ڪم لاءِ موڪليو ويو، جيڪو شڪارپور ۾ قيد ٿيل معمولي ڏوهارين کان ورتو ويندو هو پر جاني جهڙي اڏول ۽ بلند ڪردار سنڌي سوڍي، هن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. انگريزن مٿس ڪم ڪرڻ جو دٻاءُ رکيو، تشدد ڪيو ۽ کيس سخت سزائون ڏنيون پر هن خوددار، غيور ۽ بهادر پٽ جواب ڏنو ته: ”جيئن وڻيو مارائي ڇڏيو پر آءٌ پنهنجو هٿ اوهان جي غلاميءَ واري پورهئي ۾ هرگز نه وجهندس.“ سندس اهڙي دليري ۽ بهادري جي گفتي دشمن کي ميڻ ڪري وڌو ۽ هنن کيس ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
ٻارو، هي آهي، جاني جي خودداري، عزت، نفس ۽ بهادري جو اعليٰ مثال جيڪو دشمن آڏو پنهنجي ديس جي وقار ۽ ذاتي عزت کي مٿانهون رکڻ لاءِ هميشه جهيڙيندو رهيو. ٻڌو نه اٿوَ ته: ”شينهن جي هڪ ڏينهن جي حياتي، گدڙ جي سئو سالن جي زندگيءَ کان بهتر آهي.“ ۽ جيئڻ جو مقصد به ته اهوئي آهي.