هوشوءَ جي ڪهاڻي
1843ع جي ڳالهه آهي ته انگريزن حرفت ۽ چالبازيءَ سان سنڌ تي حملو ڪيو. سڀ سنڌي ۽ مير حاڪم هنن جي ٻهروپيءَ کي ڏسي، جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا. هوشو جو آقا مير صوبدار خان انگريزن جي چڪر ۾ اچي چڪو هو ۽ هن مير نصير خان ۽ ٻين ڪن ميرن سان ذاتي رنجش جي ڪري، جنگ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اها حالت ڏسي هوشوءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مير کي چيائين: ”هيءَ جنگ ذاتي اقتدار جي ناهي، پر سنڌڙيءَ جو سودو ٿي رهيو آهي. هيءَ جنگ ميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ناهي، پر هيءَ جنگ سنڌ دشمنن ۽ سنڌ جي عوام جي وچ ۾ آهي. ديس جي خاطر جان قربان ڪرڻ شهادت آهي. ساڻيهه تان قربان ٿيل شهيد جي رت جو هڪ هڪ ڦڙو، قومي زندگيءَ جي آسمان تي سورج ٿي چمڪندو. هيءَ لڙائي پنهنجن ۽ ڌارين جي وچ ۾ آهي. ذاتي اختلافن جي چکيا تي، سونهاريءَ سنڌ جي ست ۽ ساهه کي نه چاڙهيو. مان سچ ٿو چوان ته دنيا ۾ ڪوڙي خوشامد جنهن جو ڌنڌو آهي، سو رڳو پيٽ جو ڪتو ۽ زر جو بندو آهي.“
هوشوءَ جي واتان هي بي ڊپا ۽ سخت لفظ ٻڌي، مير کيس ڪڍي ڇڏيو. هوشوءَ اهو ڏسي سڌو ميرپورخاص ۾ مير شير محمد خان ملڪاڻيءَ سان وڃي مليو، جيڪو سنڌجو هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري، مياڻيءَ جي شڪست جي بدلي وٺڻ لاءِ 24 مارچ 1843ع تي ناريجن جي ڳوٺ وٽ دُٻي جي مقام تي انگريزن سان سامهون ٿيو. هوش محمد ان لشڪر جو سپهه سالار هو. ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا. هڪ پاسي دلير دودا ۽ سٻاجها سنڌي سوڍا هئا، پر هو هٿيارن ۾ هيڻا هئا ته ٻئي پاسي هنن جي سامهون حرفتي، چالاڪ ۽ هٿيارن ۾ ڏاڍا دشمن انگريز ۽ انهن جا بي غيرت ڇاڙتا هئا. ڏاڍي جنگ لڳي پر پنهنجن جي غداريءَ هوشوءَ کي هيسائي وڌو. سندس بارود کي پنهنجن ئي باهه ڏيئي ڀسم ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جو هيءُ سورمو ۽ اڏول مڙس فرنگين هٿان شهادت جو پيالو پي، رت جي آخري ريلي ۾ جيون جي لهندڙ سج جي لام تائين، سنڌڙيءَ جي سينڌ ۾ سچ جو سينڌور ڀرڻ لاءِ، ديس دروهين سان وڙهندو رهيو.
بيشڪ هوشوءَ سنڌ جي جهونجهارن جو شان ۽ مان آهي. هن انگريز سامراج سان جنگ ڪري، ديس جي آزاديءَ جي تحريڪ جو بنيادي پٿر رکيو. سندس بهادري، دليري ۽ وطن دوستيءَ کي دشمن به نوڙي سلام ڪن ٿا. ايڇ ٽي لئمبرڪ هيئن لکي ٿو: ”هوش محمد، مير صوبدار خان جي خدمتگارن ۽ ٻين ماڻهن سان گڏجي اهڙي ته ڇتي جنگ ڪئي جو انگريز حيران ٿي ويا. هو پنهنجيءَ جاءِ تان هڪ انچ به نه چريو ۽ جتي بيٺو هو، اتي ئي پنهنجي جان ڏنائين.“ وليم نيپئر لکي ٿو: ”هوش محمد شيديءَ جي بهادري بي مثل هئي ۽ جنگ ڪرڻ ۽ ٻين کي همٿائڻ ۾ هو ڪنهن انگريز جنرل کان گهٽ نه هو.“ سپهه سالار سر چارلس نيپئر کي به مڃڻو پيو ته ”جيتوڻيڪ هو مري چڪو هو، پر سندس هٿ تلوار تي مضبوطيءَ سان ڄميل هيو.“
هوشوءَ جا آخري لفظ اڄ به سنڌڙيءَ جي فضا ۾ گوجي رهيا آهن ۽ سنڌ جي نئين نسل کي پيغام زندگي ڏئي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته:
”جنگ ڪريسون پٺ نه ڏيسون،
مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.“