ٻاراڻو ادب

سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي روايتن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردار ن بابت ٻارڙن لاءِ لکيل 46 ڪهاڻيون شامل آھن. دادا سنڌي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”هنن ڪهاڻين لکڻ مان منهنجو خاص مقصد هي آهي ته، اسان جو نئون نسل عشق، محبت وارا رومانوي، فرضي، ڪوڙا ۽ ناقص ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي عظيم ۽ تاريخي ورثي جي سنڀال ڪري ۽ پاڻ ۾، پنهنجن وڏڙن وارو جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري، زندهه رهڻ جا گر سکي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ زندگي وقف ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن کي اهڙيون تاريخي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون، جن کي مشعل راهه بنائي، اسان جو نئون نسل هن سون ورني ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکي سگھندو ۽ هڪ سٺو شهري بڻجي انسان ذات لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري پنهنجي مفاد لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو.“
  • 4.5/5.0
  • 1317
  • 442
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

بختاور شهيد

1947ع جو زمانو هو. زمينداري پوري اوج تي هئي. غريب هارين جي پگهر جي پورهئي جي ڪمائي مان زميندار ست رڇيون کائي ۽ عيش ڪري رهيا هئا پر پگهر وهائيندڙ هاري ڳڀي لاءِ پريشان هئا. هارين جي اها حالت ڏسي، مرحوم حيدر بخش جتوئي واري هاري حقدار پارٽي طرفان اڌو اڌ بٽئي جي تحريڪ شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي هارين حصو ورتو. ان ۾ لال محمد لاشاري به وڏو ڪردار ادا ڪيو جيڪو ڊيسر اسٽيٽ جي، سي فارم لڳ تعلقي عمر ڪوٽ ۾ هڪ زمين جو هاري هو. اها زمين هڪ انگريز ڪمپني کي 20 سالن لاءِ مقاطعي تي مليل هئي، جنهن جا سنڀاليندڙ به زمينداري ذهنيت جا مالڪ هئا. جڏهن سنڌ ۾ هاري تحريڪ زور ورتو، تڏهن زميندارن جي ڪوٽن ۾ ڏار پوڻ لڳا. سندن دلين ۾ اچي گدڙ ويٺو ته جي هي لڱين اگهاڙا ۽ پيرين پيادا ماڻهو ڪامياب ٿا ٿين ته سندن فرعونيت ۽ قارونيت کي وڏو ڌڪ لڳندو. ان ڪري هنن غريب هارين خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ۽ کين هر قسم جون تڪليفون ڏيڻ لڳا، پر هارين پنهنجي تحريڪ کي ڳاڙهي رت جو ريج ڏيئي پختو ڪيو. 22 جون 1947ع جي ڳالهه آهي ته، نبي سر جي ويجهو جهڏي ۾ هارين جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ ساري سنڌ جا هاري اچي گڏ ٿيا. ان وقت ڪڻڪ جا ديرا اڇا هجن. هارين جي همت ۽ محنت سان، ڌرتيءَ هيرا موتي اپايا، جيڪي سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هئا. لال محمد ۽ سندس ساٿي، پنهنجن مائرن ۽ ڀينرن کي ديرن جي سنڀال لاءِ ويهاري، پاڻ جلسي ۾ ويا. جڏهن اسٽيٽ جي جاگيردارن ڏٺو ته ميدان خالي آهي ۽ اَن لٽڻ جو واهه جو موقعو آهي، تڏهن مئنيجر عملدارن ۽ ڪاروان سان گڏجي، هارين جي عورتن تي حملو ڪري اڌ بٽائي ڏيڻ بدران سارو ان ڦرڻ شروع ڪيو. تڏهن مائي بختاور جيڪا هاري لال محمد جي ماءُ هئي، انهن کي چيو ته ”ڪجهه ڌيرج ڪريو، مرد موٽي اچن ته پوءِ ان کڻجو.“ پر هنن ظالمن ڪجهه نه ٻڌو. ان تي مائيءَ ان کڻندڙ کي اهڙو ته زوردار ڌڪو ڏنو، جو هو منهن ڀر وڃي ڪريو. اهو ڏسي ظالمن يڪدم بندوق جي گهوڙي کي تحرڪ ۾ آندو. مائي ڌڪ لڳڻ شرط چيو ته ”ابا ڏسجو متان ماريا اَن نه کڻي وڃن.“ ۽ هوءَ گذاري ويئي.
مائي بختاور کي شهيد ٿئي ڪيئي سال گذري ويا آهن پر اڄ به سندس اهي لفظ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيا آهن ۽ اسان کي ٻڌائين ٿا ته هتان جي بهادر، غيرتمند ۽ سرويچ عورتن به ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڳاڙهو رت وهايو. هن جي شهادت ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد ۾ پورهيت هارين ۽ هارياڻين جي قربانين جو لازوال ۽ لافاني مثال آهي. هيءَ مائي هن دور جي پهرين دلير ۽ بهادر عورت آهي، جنهن زميندار شاهي، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري خلاف جهيڙيندي شهادت حاصل ڪئي. مائي بختاور سنڌ جي جميله بوپاشا (الجيريا جي آزاديءَ جي تحريڪ جي بهادر شهيد عورت) آهي. سنڌ جي جون آف آرڪ (فرانس جي سورمي، جنهن پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ انگريزن سان ٽڪر کاڌو) آهي. اڄ سنڌ جي هارين ۾ پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا سجاڳي ۽ بيداريءَ جي لهر پيدا ٿي آهي، ان جو بنياد شهيد بختاور جو رت آهي. هن مائيءَ جان ڏيئي سنڌي هارين ۾ نئين تڙپ، نئون جذبو ۽ نئون ولولو پيدا ڪيو آهي. ان کان پوءِ هاري تحريڪ هڪ زندهه حقيقت بڻجي ويئي، جيڪا هارين ۾ ٻڌي ۽ ايڪي جو مثال ۽ حق وٺڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو سبق بڻجي ويئي آهي.