ٻاراڻو ادب

سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي روايتن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردار ن بابت ٻارڙن لاءِ لکيل 46 ڪهاڻيون شامل آھن. دادا سنڌي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”هنن ڪهاڻين لکڻ مان منهنجو خاص مقصد هي آهي ته، اسان جو نئون نسل عشق، محبت وارا رومانوي، فرضي، ڪوڙا ۽ ناقص ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ڇڏي، پنهنجي عظيم ۽ تاريخي ورثي جي سنڀال ڪري ۽ پاڻ ۾، پنهنجن وڏڙن وارو جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري، زندهه رهڻ جا گر سکي، ساڻيهه ۽ ساڻيهين لاءِ زندگي وقف ڪري. هن ڪتاب ۾ ٻارڙن کي اهڙيون تاريخي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون، جن کي مشعل راهه بنائي، اسان جو نئون نسل هن سون ورني ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکي سگھندو ۽ هڪ سٺو شهري بڻجي انسان ذات لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري پنهنجي مفاد لاءِ نه، پر ٻين لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو.“
  • 4.5/5.0
  • 1317
  • 442
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

آزاديءَ جو سورمو

سکر ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ امروٽ شريف ۾ 1859ع ۾ هڪ ٻار ڄائو، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جو ديني عالم ۽ سياسي ليڊر ثابت ٿيو. اوهان کي خبر آهي ته ان ٻار جو نالو ڇا هو؟ اهو حضرت مولانا تاج محمد رحه هو. جنهن هند جي آزادي واري تحريڪ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو، ان ڪري هتان جي تاريخ ۾ سندس اهم مقام آهي. هن دور ۾ انگريزن، پنهنجين اٽڪلن سان سنڌ ۽ هند جي ماڻهن کي مڪمل غلام بڻائي، مٿن حڪومت ڪئي. ان وقت ئي هتان جي عوام آزادي جي تحريڪ هلائي، جنهن ۾ حضرت امروٽي رحه سڀني کان اڳرو هو. مولانا امروٽي رحه آزاديءَ ۽ حريت جو علمبردار هو. دين ۽ قوم جي آزاديءَ جي راهه جو مجاهد هو. وڏو بي خوف، بهادر ۽ دلير هو. هو انگريز، انگريزي اقتدار ۽ انگريزي سلطنت جو زبردست مخالف هو. سندس عقيدو هو ته: ”مشرق ۽ مغرب ۾ اسان جو وڏو دشمن انگريز ۽ انگريزي اقتدار آهي.“ هو انگريزن يا سندن طاقت کان هرگز نه ڊڄندو هو. کين سڀ ڪجهه منهن تي چئي ڏيندو هو. هڪ ڏينهن سکر جي انگريز ڪمشنر کيس ماڻهو موڪليو ته پاڻ هڪ عمدو گهوڙو کيس سواري لاءِ ڏين. اهو ٻڌي، امروٽي رحه جي قومي غيرت جوش ۾ آئي ۽ چيائين ته: ”مان گهوڙا انگريزن سان وڙهڻ ۽ لڙڻ لاءِ پاليا آهن، جيڪي انهن جي لاشن تي ڊوڙندا.“ اها هئي مولانا جي قومي غيرت، بي باڪي ۽ بي خوفي جي هڪ جهلڪ! هڪ ڀيري سي آءِ ڊي وارا مولانا صاحب وٽ آيا ۽ کيس ڊيڄاريندي چيائون ته: ”اسان کي خبر پئي آهي ته اوهان برطانوي حڪومت جي خلاف آهيو، ان ڪري جنگ لاءِ هٿيار ۽ بارود گڏ ڪري، عوام کي حڪومت خلاف اڀاري رهيا آهيو، جيڪو ملڪ جي سالميت لاءِ ٺيڪ نه آهي.“ اهو ٻڌي پاڻ جلال ۾ اچي ويا ۽ وڏي آواز سان کين مخاطب ٿي چيائون ته: ”مون وٽ ٻيو ڪو به اسلحو نه آهي، باقي ڏهه رائفلون (ٻنهي هٿن جون آڱريون) آهن، جيڪڏهن مان انهن کي استعمال ڪريان ته اوهان جي حاڪم جارج پنجين جي سسي لنڊن ۾ لهي وڃي.“
مولانا امروٽي رحه، تحريڪ آزادي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هندستان جا وڏا وڏا ليڊر سندس راين ۽ تجويزن جو قدر ڪندا رهيا. ”عدم تعاون“ جي رٿ هن جي ئي ذهن جي پيداوار هئي، جيڪا هن مهاتما گانڌي کي ڏني هئي، جنهن جو مطلب هو ته انگريز سرڪار سان، ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪجي، سرڪاري ملازم انگريزن جي نوڪري ڇڏين، هندستاني فوجي فوج مان نڪري وڃن، ڍلون ڏيندڙ ڍلون نه ڏين، انگريزن کان مليل لقب ۽ خطاب کين واپس ڪجن. هن تجويز کي سڀني ليڊرن قبولي انگريز سرڪار سان ”عدم تعاون“ جي هلچل شروع ڪئي، جنهن ۾ هندستاني عوام ڪافي ڪامياب ٿيو.
1919ع ۾ عثماني خلافت ترڪيءَ جي بقا لاءِ هندستان جي مسلمانن جڏهن ”خلافت هلچل“ شروع ڪئي، تڏهن مولانا امروٽي رحه ڪيترن ئي جلسن ۾ جهاد جو اعلان ڪيو، پاڻ بمبئي، دهلي، علي ڳڙهه ۽ ڪلڪتي تائين هن مقصد لاءِ سفر ڪيائون. ان وقت امروٽ شريف سنڌ جو عظيم سياسي مرڪز بڻجي ويو، جتي ننڍي کنڊ جا سڀ سياسي مسئلا نبيريا ويندا هئا ۽ دنيا جي وڏي سامراجي طاقت کي ختم ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ٿيندا هئا.
عدم تعاون تحريڪ ۽ خلافت هلچل کان پوءِ انگريز خلاف ٽين تحريڪ ”هجرت تحريڪ“ هئي. آزاديءَ جي تاريخ ۾ هن تحريڪ جو ذڪر به لازمي آهي. هجرت تحريڪ به مولانا امروٽي جي ڪوششن جو نتيجو هئي، جنهن موجب هندستاني مسلمان هجرت ڪري افغانستان وڃن ۽ اتان لشڪر تيار ڪري انگريزن سان جنگ جوٽين. ان لاءِ افغانستان جي ان وقت جي حاڪم امير امان الله هندستاني مسلمانن سان واعدو به ڪيو. ان ڪري مولانا صاحب هند سنڌ جو گشت ڪري، هزارين ماڻهن کي افغانستان روانو ڪيو ۽ آخري ٽرين ۾ پاڻ به تيار ٿيو پر عين موقعي تي امير امان الله مسلمانن سان غداريءَ ڪري انگريزن سان ٺاهه ڪيو. هتان جي مهاجرن سان افغانستان ۾ جيڪا بدسلوڪي ڪئي ويئي ۽ کانئن سامان کسي، ڦري بي سرو سامان ڪري واپس موڪليو، ان تي مولانا صاحب کي ڏاڍو ڏک پهتو. اڪثر ڪري هو افغانين جي ان روش تي ارمان ڪندا هئا ۽ کين ڪڏهن ڏک وچان اکين مان ڳوڙها به وهي ويندا هئا. ”هجرت تحريڪ“ برطانوي اقتدار کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ وڏو هٿيار ثابت ٿئي ها، جيڪڏهن افغاني مسلمان ان کي غيرن جي چوڻ تي ناڪام نه ڪن ها.
مولانا امروٽي رحه عوامي ۽ سماجي تحريڪن ۾ به خاص حصو ورتو. سماجي خراب ريتن ۽ رسمن جو هو ڪٽر دشمن هو. هنن اجاين رسمن سنڌين کي سست، ڪاهل، روڳي، هيڻو ۽ مقروض بنائي ڇڏيو هو. هو، هيڻا هر ڪنهن ويهيڻا، بڻجي چڪا هئا. انگريزن جي سکڻي رعب ۽ مجاورن جي مڪارانه چالن کين هر طرح ناس ڪري ڇڏيوهو. ان ڪري مولانا سنڌين مان اجايون رسمون ۽ رواج ڪڍي کين غيرت ۽ قومي شعور، سماجي تعليم ۽ سياسي سجاڳي جو درس ڏنو. کين چست ۽ چالاڪ بڻايو. منجهن خودداري جو احساس ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو لاڙو پيدا ڪيو. احساس برتري ۽ احساس خود شناسيءَ جا جذبا پيدا ڪيا. چوندو هو ته: ”اٻوجهه سنڌي مسلمانن کي گهران مانيءَ کارائي کين موحد بڻائجي.“ ڇو ته ٻارو، توحيد ئي هر سماجي برائي جي پاڙ پٽي ٿي. سنڌين کي بدعت ۽ پير پرستي ئي نيست ۽ نابود ڪيو آهي. ان ڪري ئي سندن عمل هو ته سنڌي مسلمانن کي بدعت ۽ پير پرستي کان بچائي ڀٽڪيل انسانن کي سنئين راهه ڏيکارجي.
مولانا صاحب جي انهن ڪوششن ۽ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ ڪري انگريز سرڪار سندس زبردست مخالفت ڪئي ۽ هو ڪيترائي ڀيرا جيلن ۾ به ويو، پر هي سنڌي مسلمانن جو سچو هڏ ڏوکي، شمع آزادي جو پروانو ۽ توحيدي پتنگ هر پل سامراج سان وڙهندو رهيو ۽ برطانوي آمريت کي ختم ڪري دم ڏنائين.
قوم جي اهڙن سورهيه ماڻهن جي زندگيءَ جو هر ورق اسان لاءِ سبق ڏيندڙ به آهي ته پيروي لائق به آهي. آزادي جي نعمت جو قدر به تڏهن ٿيندو، جڏهن ساڻيهه جي انهن سپوتن جا ڪارناما پڙهنداسون.