ٻن ڀائرن جي ڳالهه
هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو هڪ سنڌي سپاهي ٻين سان گڏجي همايوني لشڪر تي حملو ڪيو ۽ ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهندي زخمي ٿي پيو. هن کي همايون وٽ جڏهن پيش ڪيو ويو، تڏهن همايون حڪم ڏنو ته هن سنڌيءَ جي چڱي طرح ملم پٽي ڪئي وڃي، اسان سندس شجاعت ۽ دلي قوت مان فائدو وٺڻ چاهيون ٿا. سپاهي جواب ڏنو ته اسان سنڌين جي اها روايت آهي ته ملڪ ۽ مالڪ جا نمڪ حرام نه ٿيندا آهيون، مرندي مري ويندس، پر ڪنهن به حالت ۾ اوهان جي ملازمت نه ڪندس. اهي لفظ ٻڌي، همايون کيس ڪاوڙ مان مارائي ڇڏيو.
ان سورهيه سنڌي سپاهيءَ کي ٻه پٽ هيا. شاهه حسن هنن جي دلجوئي ڪئي ۽ کين فوج ۾ ملازم رکي هنن کي فوجي تربيت ڏياري. ٻئي نينگر تمام بهادر ۽ غيور هيا، ان ڪري هنن پاڻ ۾ انجام ڪيو ته هو مغلن جي ڇانوڻي تي حملو ڪري مرحوم پيءُ جو پلاند ضرور وٺندا. انهن ڀائرن ۾ هڪ جو نالو ”خاڪي“ هو ۽ پير کان منڊو هو، ان ڪري کيس تاريخ ۾ ”خاڪي لنگ“ سڏيو وڃي ٿو.
هڪ ڏينهن همايون ڪاٺين جي مناري تي ويهي، چونڊيل سپاهين کان سلامي وٺي رهيو هو ته هنن ٻنهي ڀائرن گهوڙن تي چڙهي کاهي ٽپي مٿن حملو ڪيو، ڏاڍا جوهر ڏيکاريائون. همايون جون ته ڏندين آڱريون اچي ويون. ڪجهه مغل سپاهي ماري، ڪجهه ڦٽي، پاڻ زخمي ٿي واپس هليا ويا. همايون سندن بهادري کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ مرزا ڏانهن چوائي موڪليائين ته ڪالهه اوهان جي ٻن ڇوڪراٽ سپاهين اسان تي حملو ڪيو هو. اسان سندن جرئت ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا آهيون. ان ڪري کين موڪليو ته انعام ڏيون. مرزا اهو ٻڌي ٻنهي ڀائرن کي گهرايو، جيڪي هڪٻئي جي ملم پٽي ۾ رڌل هيا. جڏهن هو همايون وٽ پهتا، تڏهن هن کين ڏاڍي عزت ڏني ۽ چيائين ته اسان ٻڌو آهي ته سنڌ جي سپاهين کي پگهار ڪو نه ملندو آهي. رڳو سال ۾ ڪجهه پراڻيون ساريون کائڻ لاءِ ملنديون اٿن پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي مغل فوج کي باقاعدي پگهار، انعام ۽ ترقيون ملنديون آهن. جيڪڏهن اوهان سنڌي فوج کي ڇڏي اسان وٽ ايندا ته اوهان کي وڏا وڏا انعام ڏينداسون. جيڪڏهن اوهان سنڌ فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ته پوءِ اوهان کي وڌيڪ نوازينداسين ۽ جاگيرون به ڏينداسون. تنهن تي سنڌ جي ننڍڙي سوڍي،. جانباز سپاهي ۽ سورهيه پٽ خاڪي لنگ جو منهن جوش ۽ غيرت مان ڳاڙهو ٿي ويو، چيائين ته اي همايون! ڀؤ نه آهي ته اسان ننڍڙي ٽڪري جا رهاڪو آهيون، غريب آهيون پر ياد رک ته خوددار ضرور آهيون، اسان پنهنجن سان غداري ڪندڙن تي لعنت وجهندا آهيون، ديس جي ويرين جا ساٿي نه ٿيندا آهيون، ملڪ ۽ ملت سان بيوفائي ڪري پنهنجي ٿڃ لڄائڻ اسان جي روايت نه آهي. جنم ڀوميءَ تان سر قربان ڪرڻ اسان لاءِ مها مرڪ آهي. پرواهه ناهي جي اسان کي گهٽ پگهار ملي ٿي، پر اها سنڌ جي سالميت ۽ آزادي جي ضمانت جي واحد نشاني ضرور آهي.
اهو جواب ٻڌي همايون وائڙو ٿي ويو. ويچارڻ لڳو ته جنهن ملڪ جا ٻار اهڙا بهادر ۽ سرويچ آهن، اهو ملڪ ڪيئن کٽي سگهبو ۽ لاچار هو سنڌ کي فتح ڪرڻ جو خواب دل ۾ سانڍي، ڀيلو منهن ڪري هتان هليو ويو.