لطيفيات

ڀٽائي ۽ ڀُونءِ

شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُرن مان کنيل چونڊ بيتن جي سمجهاڻيءَ تي مشتمل ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لکيو آھي. ڄامڙو صاحب لکي ٿو:
”ڪتاب ’ڀٽائي ۽ ڀونءِ‘ ۾ شاهه سائينءَ جي رسالي جي سڀني سُرن مان ڪجهه بيتن جي سمجهاڻي سُر وار ڏني وئي آھي. اڪثر بيت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي تان کنيا ويا آھن. شاھ سائينءَ جو ڪلام ھزار رنگن جي ھيري مثل آھي. اھو ئي سبب آھي تہ ھر ماڻھو خاص ڪري عالم پنھنجيءَ سمجھه ۽ علم مُطابق بيتن يا شعرن جو مفھُوم ۽ معنيٰ ڪڍندو يا سمجهندو آھي. مُون لطيف سائينءَ کي جيئن سمجهيو آھي، تيئن بيتن جي سمجهاڻي لکي آھي. روحاني رازن بدران بيتن جي ظاهري معنيٰ ۽ مفھُوم کي وڌيڪ اھميت ڏني آھي. ھاڻوڪين حالتن ۾ شاھ جي ڪلام جي اھميت ۽ ڪارج نروار ڪرڻ جي به ڀرپُور ڪوشش ڪئي اٿم. “
  • 4.5/5.0
  • 1530
  • 382
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڀٽائي ۽ ڀُونءِ

حق ۽ واسطا محفوظ

سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ

ڪتاب جو نالو: ڀٽائي ۽ ڀُونءِ
موضوع: (چُونڊ بيتن جي سمجهاڻي)
ليکڪ: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
ڪمپوزنگ: جمال ڄامڙو
ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڪتابن جو ڳاڻيٽو: 500
ڇاپو پھريون: آگسٽ 2019ع
ڇپائيندڙ: سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ
ڇپيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي سنڌ
طاحا انٽر پرائيزز
مُلھه: 400 رپيا

Book :Bhitai aen Bhoon
(Bhitai & Mother land)
(Explanation of selected poems of Shah Latif)
Author:Dr. Kamal Jamro
Composed by: Jamal Jamro
03212072889
Title & Layout: Zain Computer,s Karachi
Editon: First, August 2019
Published by
Surhan Welfare Socity Sindh
M.6, Hilal Press Market
Akbar Road Saddar Karachi Sindh
Email: surhanws@gmail.com
0301-2399345
Price: 400/-

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڀٽائي ۽ ڀونءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُرن مان کنيل چونڊ بيتن جي سمجهاڻيءَ تي مشتمل ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لکيو آھي. ڄامڙو صاحب لکي ٿو:
”ڪتاب ’ڀٽائي ۽ ڀونءِ‘ ۾ شاهه سائينءَ جي رسالي جي سڀني سُرن مان ڪجهه بيتن جي سمجهاڻي سُر وار ڏني وئي آھي. اڪثر بيت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي تان کنيا ويا آھن. شاھ سائينءَ جو ڪلام ھزار رنگن جي ھيري مثل آھي. اھو ئي سبب آھي تہ ھر ماڻھو خاص ڪري عالم پنھنجيءَ سمجھه ۽ علم مُطابق بيتن يا شعرن جو مفھُوم ۽ معنيٰ ڪڍندو يا سمجهندو آھي. مُون لطيف سائينءَ کي جيئن سمجهيو آھي، تيئن بيتن جي سمجهاڻي لکي آھي. روحاني رازن بدران بيتن جي ظاهري معنيٰ ۽ مفھُوم کي وڌيڪ اھميت ڏني آھي. ھاڻوڪين حالتن ۾ شاھ جي ڪلام جي اھميت ۽ ڪارج نروار ڪرڻ جي به ڀرپُور ڪوشش ڪئي اٿم. “
هي ڪتاب سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي پاران مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچي وٽان 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مُرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ پياري مرتضيٰ لغاريءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

شاهه عبداللطيف اسان سڀني جو رهبر آهي، سندس پيغام اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، تنهن ڪري ان کي ڦهلائڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪرڻ لازمي آهي. اسان جي تنظيم سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ تعليم، صحت، ماحول ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ شروع (97_1996)کان ئي جاکوڙيندي پئي اچي. تعليم جي سلسلي ۾ تنظيم پاران اسڪول کوليا ويا. جن ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپن ۾ چار عارضي اسڪول پڻ کوليا ويا. لڳ ڀڳ ٻن هزار ٻوڏ متاثرن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تعليم ڏني وئي. اهي سمورا اسڪول ڪراچيءَ جي گڏاپ واري علائقي ۾ قائم ٻوڏ متاثر ڪيمپن ۾ کوليا ويا.
سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن به متاثر ڪيمپ ۾ اسڪول کولڻ جي شروعات سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي ۽ پائلر ڪئي. اهو اسڪول ٻوڏ متاثر ڪيمپ ليبر اسڪوائر لڳ گلشن معمار ۾ آگسٽ 2010ع ۾ کوليو ويو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڏيهه توڙي پر ڏيهه مان مختلف شخصيتون آيون، جن ۾ نوبل انعام يافته محترمه ملاله يوسف زئي به شامل آهي. ملاله صاحبه کي ان وقت ايتري پذيرائي نه ملي هئي.
شاهه لطيف ۽ سنڌي ثقافت جي حوالي سان به اسان جي تنظيم وَسَ آهر ڪم ڪندي آئي آهي. مختلف تقريبون ڪيون ويون آهن، جن ۾ هڪ تقريب جو موضوع “شاهه لطيف ۽ عورتن جا حق” هو. اها تقريب عورتن جي عالمي ڏينهن اٺين مارچ جي مناسبت سان ڪئي وئي هئي، جنهن جو خاص مقصد اهو هو ته شاهه لطيف کان وڌيڪ عورتن جو حامي ۽ وڪيل ڪو شاعر ناهي، تنهن ڪري دنيا هڪ اٺين مارچ جو ٿيم شاهه لطيف ۽ عورتن جا حق رکي، اها جاکوڙ به اسان جي هوريان هوريان هلي پئي .
وسيلن نه هجڻ سبب گهڻو ڪم نه ڪري سگهيا آهيون. سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽيءَ مختلف موضوعن تي ڪتاب به شايع ڪرايا آهن، جن ۾ ادب ۽ ثقافت کي خاص اهميت ڏني وئي آهي.
• گڏاپ ٽائون جي تعليمي صورتحال (سروي رپورٽ)
• گُهور تنهنجيءَ گهائيو (شاعري) ڊاڪٽر حاتم ڄامڙو
• ڪراچيءَ جا اديب ۽ شاعر . ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
• شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي لُغت
(ڏکين لفظن جي انگريزي معنيٰ) ڊاڪٽر خليل الرحمٰن شيخ
• ماريه ، ميز ۽ لائبريري ( ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون ) ڊاڪٽر عابده گهانگهرو
• سنڌي ثقافت ڪا نيا دور ( اردو ) ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
• ڀٽائي ۽ ڀونءِ . ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
• خبرنامو خوشبوءِ (سنڌي اردو) مختلف شمارا.
تنظيم پاران هن وقت گمبٽ لڳ ڳوٺ علي نواز ڄامڙي ۾ سُرهاڻ ماڊل ايليمنٽري اسڪول هلي پيو، جنهن ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن. هيءُ ڪتاب به ان سلسلي جي ڪڙي آهي،اهو ڪتاب ملڪ جي نامياري اسڪالر ، لطيف جي پارکوءَ، لوڪ ادب شناس ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي لکيو آهي. اميد ته اوهان سمورن پڙهندڙن کي پسند ايندو.


نذير احمد ڪاڪا
جنرل سيڪريٽري، سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ

ڪتاب ڀٽائي ۽ ڀُونءِ بابت

ڪتاب ’ڀٽائي ۽ ڀونءِ‘ ۾ شاهه سائينءَ جي رسالي جي سڀني سُرن مان ڪجهه بيتن جي سمجهاڻي سُر وار ڏني وئي آھي. اڪثر بيت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي تان کنيا ويا آھن. شاھ سائينءَ جو ڪلام ھزار رنگن جي ھيري مثل آھي. اھو ئي سبب آھي ته ھر ماڻھو خاص ڪري عالم پنھنجيءَ سمجھه ۽ علم مُطابق بيتن يا شعرن جو مفھُوم ۽ معنيٰ ڪڍندو يا سمجھندو آھي.
مُون لطيف سائينءَ کي جيئن سمجھيو آھي، تيئن بيتن جي سمجھاڻي لکي آھي. روحاني رازن بدران بيتن جي ظاهري معنيٰ ۽ مفھُوم کي وڌيڪ اھميت ڏني آھي. ھاڻوڪين حالتن ۾ شاھ جي ڪلام جي اھميت ۽ ڪارج نروار ڪرڻ جي به ڀرپُور ڪوشش ڪئي اٿم. ھن ڀونءِ ۽ ھن جي ماڻھن سان لطيف جي تعلق کي به واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. نئين نسل کي لطيف سائينءَ جي پيغام ۽ ڪلام کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. اُميد ته ڪاميابي ملندي. اھو به احساس اٿم ته نئون نسل وڏا ۽ ضخيم ڪتاب ۽ مقالا نه ٿو پڙھي، تنھن ڪري ٿورن چُونڊ بيتن کي شامل ڪري ننڍي کان ننڍو ڪتاب آندو اٿم.
بيتن جي سمجھاڻيءَ ۽ متن تي ڪُجھه دوست اعتراض به ڪندا، جن کي کُليءَ دل سان قبُوليندس ۽ جائز اعتراضن کي ٻئي ڇاپي ۾ درست ڪندس. مُنڍ ۾ ھر سُر جو ٿورو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

مقدمو

اعليٰ شاعريءَ بابت مُختلف پيمانا ۽ معيار بيان ڪيا ويا آھن، جن ۾ ترنم جو ھُجڻ، تخيل جي سگھارائپ، احساسن ۽ جذبن جي سُھڻي نمُوني عڪاسي، ٻوليءَ جي واڌ وِيجھه ڪرڻ وغيره شامل آھن. يوناني ٻوليءَ جي اسڪالر لان جائينس (Longinus) 213-273ع شاعريءَ جي پرک جا پنج معيار مقرر ڪيا آهن، جن تي شاهه لطيف جي ڪلام کي مختلف عالمن پرکيو آهي. اهي معيار هن ريت آهن: (1) اعلى خيال/ تخيل جي گهرائي (Great Thoughts) (2) جذبن ۽ احساسن جي سگهاري عڪاسي (Strong Emotions) (3) فڪر/نظريي ۽ اظهار جي پختگي (Certain figure of thought and speech) (4) اعلى ترين گهاڙيٽو (Noble Diction) (5) لفظن جي ڀلي اڻت/تاڃي پيٽو (Dignified word arrangement).
اهي سموريون خوبيون شاهه لطيف (1689-1752)وٽ آهن. انهن جو محور ڌرتي، ٻولي ۽ ڌرتيءَ جا ماڻهو ئي ٿين ٿا. انھن سڀني پيمانن ۽ معيارن ۾ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي عام ماڻھن جي ڪيل ترجماني شاعريءَ کي اعليٰ درجي تائين پھچائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪري ٿي. مطلب ته ڀونءِ وارو پيمانو ۽ معيار مڙني کان مٿانھون آھي. شاھه لطيف جي سمُوري ڪلام جو مرڪز ۽ محور ڀُونءِ آھي. پنھنجيءَ ٻوليءَ سان محبت ۽ ڀونءِ کي اوليت ڏيڻ جا عالمي سطح تي نظريا پوءِ مقبُول ٿيا. اسان وٽ انھن کان اڳي اھي نظريا رائج ٿي چُڪا هئا. سُگهڙن کان سواءِ قاضي قادن، شاھه ڪريم ۽ لطف الله قادري به پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ شاعري شروع ڪري چُڪا ھُئا. سنڌي ٻوليءَ جي ان تحريڪ کي شاھه لطيف اوج تي پھچايو.
عالمي ادب ۾ پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ کي اوليت ڏيڻ جي سلسلي ۾ تيرهين صدي عيسويءَ جي يورپي اديب دانتي (Dante) (1265 کان 1321) جو مثال ڏنو ويندو آهي. هو اٽليءَ جو رهاڪو هو. سندس زماني ۾ اٽليءَ ۾ لاطيني ٻوليءَ جو راڄ هو. هُن ان راڄ کي رد ڪري پنهنجي مادري ٻوليءَ اطالويءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج وڌو. ان حوالي سان ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته؛ ”دانتي جي مادري زبان اطالوي هئي، جنهن ۾ هن کان اڳ تخليقي اظهار جي همت ڪنهن ڪانه ٿي ڪئي. عام خيال اهو هو ته اها اعليٰ تهذيبي سطح تي ڪانه پهتي آهي، جنهن ۾ اعليٰ ۽ عظيم شاعري پيدا ٿيڻ ممڪن هُجي.“ (ادبي تنقيد: فن ۽ تاريخ _ص :57)
تنهن هوندي به هن پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري پنهنجيءَ ٻوليءَ کي اعليٰ ترين سطح تائين پهچائي ڇڏيو. مادري ٻوليءَ ۾ ماڻهو بهترين طريقي سان اظهار ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجن ڌرتيءَ ڌڻين جي احساسن ۽ جذبن کي پنهنجي اندر ۾ اوتي اعليٰ تخليق وسيلي ٻوليءَ جي سگهه وڌائڻ سان گڏ رهنمائي به ڪري سگهي ٿو. دانتي وانگر لطيف سائينءَ سرڪاري ٻولي فارسيءَ بدران پنهنجي مادري ٻوليءَ سنڌيءَ کي اوليت ڏئي امر ڪري ڇڏيو. ھتي ان حوالي سان ڪُجھه مثال ڏجن ٿا.
شاھه لطيف کي اسان ڀٽائي به سڏيون ٿا. ان لقب تي ٿوري نظر وِجھنداسين ته پتو پوي ٿو ته شاھه صاحب ھڪ غير آباد زمين جي ڀِٽن واري علائقي کي چُونڊي رھائش اختيار ڪئي. جنھن جاءِ تي ھُن پنھنجو گھر اَڏيو، اُن کي ڀِٽ شاھه يعني شاھه جي ڀِٽ يا ڳوٺ چيو ويو. ھُن ان ماڳ جو نالو ڀٽ شاھه پسند ڪيو نه ته ان تي لطيف آباد يا شاھه سائينءَ جي اصل نالي جي نسبت سان ٻيو ڪو نالو به رکي پئي سگھيو پر ائين نه ڪيو ويو. ڀٽ شاھه نالي رکڻ مان ڀٽائي سرڪار جي ڀٽ ۽ اُن جي مٽيءَ سان محبت جو اظھار به ٿئي ٿو. نه رڳو اھو پر ھُن پنھنجي اصل نالي عبداللطيف ۾ ڀٽائيءَ جو واڌارو به ڪيو. اھو ئي سبب آھي ته شاھه صاحب جو مُڪمل نالو شاھه عبداللطيف ڀٽائي مشھور آھي.
اسان جي اڪثر بُزرگن خاص ڪري سيدن جي نسبت سندن اصل نسل سان ڳنڍي ويندي آھي. ڪن کي بُخاري سڏيو وڃي ٿو ته ڪن کي نقوي، تقوي ۽ مروندي وغيرھه سڏيو وڃي ٿو. لطيف سرڪار ھِن ڀونءِ سان پاڻ کي جوڙي ڀٽائي ٿي ويو. سندس اھو پيچ جيئن پوءِ تيئن پُختو ٿيندي نظر اچي ٿو.
ڀٽائيءَ جو پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان پيار وارو رشتو ڄمڻ کان ئي شروع ٿيو هو. جڏهن هُن ڌرتيءَتي پنهنجن پتڪڙن پيرن سان وکون کڻڻ شروع ڪيون ته کيس ڄڻ منزل ملي وئي ۽ روح جي راحت رسي وئي. هُن هروقت پنهنجن ماڻهن کي ساهه ۾ سانڍيو.
آڱر جيڏا پيرڙا، ڌرتيءَ منجهه ڌريام،
جتي جنب جيڏئين، جتي ڳار ڳريام،
سي ئي ساهه سريام، سي ئي راحت روح جي.

(سُرمارئي. ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ وٽان مليل بيت)
ڀٽائيءَ سان عام ماڻهوءَ جي محبت جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته؛ لطيف هن سماج ۾ سيد کي ملندڙ رُتبو ڇڏي، اهڙن ماڻهن سان گڏجي ويو، جن کي اسان جو سماج گهٽ حيثيت ڏيندو آهي. ان طبقي ۾ ڪمي ڪاسبي ۽ مڱڻهار وغيره اچي وڃن ٿا. انسان سمورا عزت وارا آهن پر سيد ۽ مڱڻهار هڪٻئي جو ضد آهن. شاهه پنهنجي سيدي ڦٽي ڪري مڱڻهارن ۽ جوڳين سان رشتو ڳنڍيو. سندس صحبتي به اهي عام ماڻهو هئا. تڏهن ته چيائين:
جي ميراثي مڱڻا، آءٌ پڻ منجهان تن،
ڪي ڪَههُ منهنجي ڪن، ارث منجهاران اُن جي.
(سر سورٺ)

اهو ئي سبب آهي ته اسان جو عام ماڻهو به لطيف سائينءَ کي پاڻ منجهان ئي سمجهي ٿو. اڄ به جڏھن خاص طور تي عام ماڻھو سندس مزار تي ويندو آھي ته ھُو پُڇڻ تي سڄي نالي بدران چوَندو آھي ته؛ ڀٽائيءَ سرڪار جي درگاھه تي ٿو وڃان. شاھه سائينءَ جي عقيدت ۾ ڳايل يا چيل شاعريءَ ۾ به شاھه صاحب کي گھڻي ڀاڱي ”ڀٽائي“ چئي مُخاطب ڪيو ويو آھي. مثال لاءِ جڳ مشھور ڳائڻيءَ مائي ڀاڳيءَ جو ڳايل لوڪ گيت اسان سڀني ضرور ٻُڌو ھُوندو:
ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وَسئي نُور
مُنھنجون تو پُڄايون
مُنھنجون تو پُڄايون، من جون مُرادون
دل جون اُميدون
شاھه لطيف سان عوامي عقيدت جو اھو به ھڪ پاسو آھي، جيڪو اسان مان ڪن کي وڻي نه وڻي پر ان کان انڪار نه ٿا ڪري سگھون. حقيقت ۾ ان عام ماڻھوءَ ئي شاھه سائينءَ جي ڪلام جو صحيح اثر قبُوليو آھي. مجمُوعي طور تي اسان سڀ شاھه سائينءَ جي پيغام جا پيروڪار آھيون. اسان شاھه سائينءَ جي ڪلام، شخصيت ۽ پيغام تي لکي پنھنجو قد وڌايو آھي؛ جڏھن ته عام ماڻھوءَ ڪلام ٻُڌي، سمجھي ۽ پڙھي سماج ۾ سِڪ، محبت ۽ ڀائيچارو وڌايو آھي.
شاھه سائينءَ کي اسان شاھه صاحب، لاکيڻو لطيف، ڀٽ جو گھوٽ، شاھه عبداللطيف ڀٽائي وغيرھه سڏيون ٿا. ھن پنھنجي ڪلام ۾ گھڻي ڀاڱي عبداللطيف تخلص ڪم آندو آھي، اديون عبداللطيف چئي. ڪٿي به پاڻ کي شايد ئي شاھه چيو ھُجائين. عبداللطيف ڪَتب آڻڻ جو ھڪ اھو به سبب آھي ته ھُن سڀ لڳ لاڳاپا ۽ نسبتون ختم ڪري رڳو ھن ڀونءِ سان رشتو جوڙيو آھي؛ جنھن مان ٻين کي به سبق سکڻ گھُرجي.
جڏھن شاھه سائينءَ جي ڪلام جو مُطالعو ڪريون ٿا ته؛ سندس ڪلام جا لڳ ڀڳ سمُورا موضوع ھِن ڀُونءِ سان تعلق رکن ٿا. ھُن جن به قصن ۽ ڪھاڻين کي پنھنجي ڪلام جو بُنياد بڻايو آھي، اُنھن جو لاڳاپو ھن ڌرتيءَ سان آھي. سسئي پُنھون، مُومل راڻو، نوري ڄام تماچي، عُمر مارئي، سورٺ راءِ ڏياچ، سُھڻي ميھار، لِيلان چنيسر وغيرھه ڀٽائيءَ جي ڀُونءِ جا ڪردار ۽ قصا آھن. انھن ڪردارن سميت ٻين ڪردارن جھڙوڪ: پورھيتن، سامُونڊين، ھارين، سونارن، ڪُنڀارن، لوھارن، جوڳين، سنياسين، کاھوڙين، بھادرن وغيرھه جو واسطو به سنڌ ڌرتيءَ سان آھي. انھن ڪردارن وسيلي شاھه صاحب جو آفاقي پيغام عام ماڻھوءَ جي دل ۾ پيھي ويو. ھُنن کي سمجھڻ لاءِ ڪنھن به ڊڪشنريءَ جي ضرورت نه پئي. اسان پڙھيل ڳڙھيل شاھه سائينءَ جي ڪلام کي سمجھڻ لاءِ لُغتن جي مدد وٺون ٿا؛ پر عام ماڻھو اڄ به بنا ڊڪشنريءَ جي شاھه سائينءَ جي ڪلام کي سمجھي ٿو.
شاھه لطيف جي ڪردارن، سُورمن ۽ سُورمين بابت تنوير عباسي صاحب لکي ٿو ته:”ڪنھن به قوم يا ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا سورما ۽ سورميون ان ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن ۽ ان ملڪ جي ماڻھن جي مجموعي احساسن ۽ مجموعي نفسياتي ڪيفيت ڏي اشارو ڪندا آھن. شاعرن، خاص ڪري عظيم ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ آندل سُورمن ۽ سُورمين جي ڪردارن جي اڀياس مان اسان کي خبر ٿي پوي ته ان ملڪ جا ماڻھو يا ان ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ ڪھڙي قسم جا اجتماعي جذبا رکن ٿا.انھن جا اجتماعي احساس ڪھڙا آھن؟ ھو ڪھڙين ڪھڙين ڳالھين کي پسند ڪن ٿا ۽ ڪھڙين کي ناپسند. ڪھڙي قسم جي ڪردارن سان انھن کي عقيدت آھي، ڪھڙي قسم جي ڪردارن سان انھن کي محبت آھي ۽ ڪھڙي قسم جي ڪردارن سان انھن کي نفرت آھي. ان قوم ۽ ان ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن جا اجتماعي قدر ڪھڙا آھن. اھي اجتماعي قدر توڙي سماجي ھُجن توڙي اخلاقي يا جمالياتي؛ انھن اجتماعي قدرن جي پروڙ اسان کي عظيم ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪردارن جي اڀياس مان ٿي پوي.“ (شاھه لطيف جي شاعري، ص: 272)
شاھه سائينءَ پنھنجيءَ دل جون ڳالھيون انھن ڪردارن وسيلي ڪيون آھن. ھُن جو محبُوب سندس ڀُونءِ جو عام ماڻھو آھي، خواصن سان سندس نه پئي. ھُن جي دوستي عام ماڻھن سان ھُئي. خاص ماڻھن يا خواصن شاھه سائينءَ ۽ سندس دوستن يعني عام ماڻھن کي ڏنڀ ڏنا. لطيف سرڪار سُور سَٺا پر پنھنجن ماروئڙن، جھانگيئڙن ۽ سانگيئڙن کي نه ڇڏيو. مارو ماڻھن به ساڻس دوستي نڀائي. پنھنجن حبيبن جي حُب لاءِ شاھه سائين فرمائي ٿو ته:
حَبيبن ھيڪار، منجھان مھر سڏ ڪيو
سو مُون سڀ ڄمار، اورڻ اھو ئي ٿيو.
(سُر ڪلياڻ)
شاھه لطيف اھڙي دور ۾ پنھنجيءَ ڀونءِ جي ٻولي نه رُڳو اختيار ڪئي اُٽلندو ھڪ تحريڪ شروع ڪيائين، جنھن دور ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ ٻئي درجي جو شھري ھو. اسان جو اديب ۽ شاعر سنڌي ٻوليءَ کي ڄٽن جي ٻولي سمجھي پري ڀڄندو پئي ويو. روزگار ۽ درٻار تائين پھچڻ جو وسيلو فارسي ٻولي ھُئي. توڙي جو سنڌي ٻوليءَ جي اھميت ۽ حيثيت مڃرائڻ جي تحريڪ شاھه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري، ميان لُطف الله قادريءَ ۽ ٻين شروع ڪئي ھُئي پر اُن کي اوج تائين شاھه لطيف پھچايو. ماضيءَ ۾ تحريڪُن جي شڪل ھِن دور وانگر نه ھُئي، جو جلسا جلُوس ڪڍجن، بينر لڳائجن ۽ ڪا تنظيم ٺاھجي. سُڄاڻ شخصيتون پنھنجي قول ۽ فعل وسيلي مزاحمت ڪنديون ھُيون. عام ماڻھو سندن پوئواري ڪري ڪاميابي ماڻيندا ھُئا. شاھه صاحب سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سڀ کان اڳ ۾ پاڻ شاعري شروع ڪئي. اُھا شاعري به عام ماڻھوءَ جي لھجي واريءَ ٻوليءَ ۾ شروع ڪيائين ۽ پوءِ نعرو ھنيائين:
جي فارسي سکيو، گولو توءِ غُلام
جو ٻَڌو ٻن ڳالھيين، سو ڪيئن چائي ڄامُ؟
اُڃيو تان آب گھُري، بُکيو تان طعام
اي عامَنِ سندو عام، خاصن منجھان نه ٿيو.
(سُر آسا)
جيڪو سنڌي ڇڏي فارسي سکيو، اُھو غُلامن جو غُلام بڻجي ٿو وڃي. مطلب ته غُلاميءَ جي بد تر درجي تي پھچي ٿو وڃي. جيڪو ڪنھن به ھڪ ڳالھه تي نه ٿو بيھي، ٻه موقف رکي ٿو سو مُنافق آھي. اھو ڪو چڱو مُڙس يا معتبر ٿورئي چئبو! ڳالھه سڌي آھي ته اُڃاري کي پاڻي ۽ بُکاري کي ماني کپي.حُڪمرانن عوام کان نه رڳو ٻولي کسي آھي پر سندن جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي. سندن وسيلا ڦري ڇڏيا آھن. اھي معاملا ڪي ڍڪيل نه آھن پر عام آھن. چڱن ڀلن جي اڪثريت نه رُڳو ماٺ آھي اُٽلندو حاڪمن سان ھا ۾ ھا به ملائي ٿي پر اڃان ڪي آھينِ جيڪي ظلم خلاف آواز اُٿارن ٿا. عام ماڻھوءَ جي ٻوليءَ ۽ ٻين حقن لاءِ اُٿي بيٺا آھن.
دُنيا ڏٺو ته شاھه سائينءَ جي سنڌي ٻوليءَ کي زندھه رکڻ واري تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ اڄ جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ شاھه سائين ئي اسان جو مددگار آھي. نه رڳو سنڌي ٻوليءَ بلڪِه سنڌ جي عظيم شخصيتن ۾ شاھه لطيف جو نالو سڀني کان مٿانھون آھي.
مجمُوعي طور تي شاھه سائينءَ جي ڪلام ۾ ڀونءِ شامل آھي پر خصُوصي طور سندس رسالي جي ٻن سُرن سُر سارنگ ۽ مارئيءَ ۾ ڀُونءِ کي ڪُجھه سرس ڳايو ويو آھي. ھتي انھن سُرن جو مُختصر ذڪر ڪري ھڪ ٻه مثال ڏجن ٿا.
مارئي ھڪ عام ڳوٺاڻي ڇوڪري ھُئي؛ جنھن کي وقت جو بادشاھه عُمر سُومرو اغوا ڪري مٿس شاديءَ ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿو. مارئي سڀ لالچون ٺُڪرائي ۽ ڏاڍ سھي انڪار ڪري ٿي. ان انڪار کي شاھه لطيف حُب الوطنيءَ جو ويس پارايو آھي. ملير سندس ڀونءِ جو حصو آھي ۽ مارئي سندس ڀونءِ جي نياڻي آھي. ان سُر ۾ شاھه لطيف پنھنجيءَ ڀونءِ کي ملير جو نالو ڏئي، پنھنجو ڏيھه يا مُلڪ نروار ڪري ٿو:
مُنھنجو مُلڪ ملير
ڪوٽن ۾ آءٌ ڪيئن گذاريان؟
ھُو ان سُر ۾ ڏيھه جي حُڪمرانن لاءِ پيمانا به طئه ڪري ٿو. عوام لاءِ ڪھڙو حاڪم سُٺو ۽ خراب آھي، ان بابت به سمجھائي ٿو. عُمر ھڪ حاڪم ھو، اُن پنھنجي راڄ جي نياڻيءَ کي اغوا ڪري جيڪو ڪُڌو عمل ڪيو اُن لاءِ چئي ٿو:
جُھه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌِيرَ
ماروئڙا فقير، ڪنھن در ڏيندا دانھڙي؟
(سُر مارئي)
حُڪمران عوام جا ڇپر ڇانءَ ٿيندا آھن. اھي ئي جيڪڏھن ظالم، بي انصاف، ڦورو ۽ ڌاڙيل ٿين ته عوام ڪنھن کي دانھن ڏئي؟ تنھن ڪري حُڪمران اھڙو ھُجي، جيڪو انصاف پسند ھُجي. عوام کي ڦُرڻ بدران سھولتون ڏئي. گھٽ ۾ گھٽ غريب ماڻھن تان ٽيڪس معاف ھُجي. عوام اجاين پابندين کان آجو ھُجي. سندن وسيلا ۽ سھولتون ڪنھن ٻئي لاءِ نه پر سندن لاءِ ڪَتب آنديون وڃن. عام ماڻھو سُک ۽ سلامتيءَ ۾ ھُجي. عوام جي خوشحاليءَ ۾ ڪنھن به ڏائڻ جي نظر نه ھُجي. شاھه صاحب اھو سڄو پيمانو يا معيار پنھنجي ھيٺئين بيت ۾ ڏنو آھي:

نه ڪا جھل نه پل، نه ڪو رائر ڏيھه ۾
آڻئو وِجھن آھرين، روڙئو رَتا گُل
مارو پاڻ اَمُلَ، مليرونِ مَرڪڻون
(سُر مارئي)
شاھه لطيف جو سڄو سُر سارنگ سندس ڀُونءِ جي موسمن، مُندن جي اثرن، ماروئڙن جي گذر سفر (Survival) ۽ خوشحاليءَ جي آسن ۽ اُميدن تي ٻَڌل آھي. سنڌو درياھه ھُوندي به سنڌ جي خوشحالي برسات سان سلھاڙيل ھُئي ۽ آھي. درياھه تي انگريزن جي دور ۾ ٺاھيل نھري نظام کان اڳ ۾ ته اسان کي مينھن جي وڌيڪ ضرورت ھُئي، ڇاڪاڻ ته درياھي وھڪرا پنھنجيءَ مرضيءَ سان ايندا ۽ ويندا ھُئا. وھڪرن جي مرضي ھُئي ته ڪھڙي پاسي کي ٻوڙن يا سُڪائن ٿا. اھڙيءَ صُورت حال ۾ برسات وڏي غنيمت ھُئي ۽ آھي. سڄو سُر سارنگ ھن ڌرتيءَ تي وسندڙ مينھن، ڪارن ڪڪرن جي وسڻ جي انتظار، وسڪاري کان پوءِ ڦٽندڙ ٻُوٽن ۽ فصلن جي اوسيئڙي ۽ محبتن جي ميلن جي منظر نگاري پيش ڪري ٿو.
شاھه سائينءَ جو ھُونءَ ته سمُورو ڪلام مشھُور آھي پر سندس سُر سارنگ ۾ شامل ھڪڙو شعر اھڙو آھي، جنھن کيس سڄيءَ دُنيا ۾ وڏي مڃتا ڏياري آھي. سندس اھو ھڪڙو شعر لکين ماڻھن کي ياد آھي. ان جو ترجمو دُنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿي چُڪو آھي. اسان مان گھڻا جڏھن تقرير ڪندا آھن ته اھو شعر ضرور پڙھندا آھن. ھر طبقي جا ماڻھو ان شعر کي پسند ڪندا آھن. ان شعر جي مقبُوليت جا مُختلف سبب آھن. ھڪڙو سبب سڄي عالَم لاءِ خوشحاليءَ جي دُعا گھرڻ آھي جڏھن ته مُنھنجيءَ نظر ۾ وڏي ۾ وڏو ڪارڻ ھِن ڀُونءِ کي پنھنجي اصل نالي ’سنڌ‘ سان سڏڻ آھي. ڀٽائي پنھنجيءَ اصل ڀُونءِ بابت ڇا سوچيندو، لوچيندو ھو ۽ ڪھڙي آس رکندو ھو؟ ان جو سڄو نچوڙ ھن بيت ۾ ڏنو اٿائين:
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
دوست مٺا دلدار، عالَمَ سڀ آباد ڪرين
(سُر سارنگ)
ان بيت مان شاھه سائينءَ جي سنڌ سان محبت ۽ سڄيءَ دُنيا لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ٿئي ٿو. ھُو پهريان سنڌ ۽ پوءِ سنڌ سان گڏ سڄيءَ دُنيا جي خوشحالي چاھي ٿو. عالَمي ڀلائيءَ کي مُلڪي ڀلائيءَ سان سلھاڙي ٿو.
لطيف پنھنجيءَ ڀُونءِ سان پيار ۽ پاٻوھه جو ذڪر ڪيترن ئي بيتن ۾ ڪيو آھي. ھُو ھن ڌرتيءَ سان ڪيترائي رشتا جوڙي ٿو. رُڳو ان ڪري محبت نه ٿو ڪري ته ھيءَ ڀُونءِ سندس ۽ سندس پيارن جي ڌرتي آھي.
ھُو ھڪ ٻي دعوا به ڪري ٿو ته؛ ھيءَ ڌرتي مُنھنجن ابن ڏاڏن جي به ڌرتي آھي. ان ۾ مُنھنجا سڄڻ به دفن ٿيل آھن؛ جنھن ڪري ھِن ڀونءِ جو مانُ ۽ مرتبو وڌي وڃي ٿو. تنھن ڪري جيڪي گھڙيون به مان جيئرو آھيان، اُھي سَجايون ڪرڻيون آھن. ھِن ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن لاءِ ڪم ڪرڻو آھي. فرمائي ٿو:
جا ڀُونءِ پيرين مُون، سا ڀُونءِ مٿي سڄڻين
ڌِڱ لٽبا ڌُوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسُون
ڏينھن مڙيئي ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
(سُر مُومل راڻو)
وڏا وڏا فني خان پيدا ٿيا؛ ظالم، جابر، ڦورو ۽ ڌاڙيل پيدا ٿيا پر نيٺ اُنھن کي مات آئي. مرڻ کان پوءِ کين ڪو سڃاڻي ۽ ليکي به ڪونه ٿو.جڏهن ته؛ اُھي ئي ياد ڪيا وڃن ٿا، جن ٻين جي ڀلي لاءِ سوچيو ۽ لوچيو. تنھن ڪري پنھنجيءَ مُختصر زندگيءَ ۾ ٻين سان ڀلائي ڪري وڃو. وقت گھٽ ۽ مُقابلو سخت آھي.
لطيف سرڪار جي سمُوريءَ زندگيءَ جو اڀياس ڪنداسين ته ھن جو شروعاتي حصو مجازي عشق ۾ گذريو پر جيئن جيئن سندس ساڃاھه وڌندي وئي ۽ ڀُونءِ جي ڀيل ۽ اھنجن کان واقفيت ٿيندي وئي ته ھُن جو ھر پل پنھنجن ماروئڙن کي سُجاڳ ڪرڻ، جاکوڙڻ ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جي آس ۾ گذريو. سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب ۽ پنھنجن سانگين جا سُور ۽ يادون وٽس نه رڳو حياتيءَ جي آخري دم تائين موجُود ھُيون پر قبر ۾ به گڏ ويون.
اڄ به اسان سمُورن سنڌين جو سرواڻ ڀٽائي آھي. ھُن جو ڪلام اسان جي ھر موڙ تي رھبري ڪري ٿو. ھن جو سڄو ڪلام سڄڻ ۽ ساڻيھه لاءِ آھي. ھن وٽ سڄڻ ۽ ساڻيھه کان غافل ٿيڻ وڏي ۾ وڏو ڏوھه آھي. ھُو فرمائي ٿو:
سڄڻ ۽ ساڻيھه، ڪنھن اڻاسيءَ وسري
حيف تني کي ھوءِ، وطن جن وساريو

اھو ئي سبب آھي ته پاڻ فرمايائين ته:
جان جان ھُئي جيئري، ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين
(سُر سُھڻي)
ھن ڀونءِ سان محبت، پنھنجيءَ ڀُونءِ جي ماڻھن کي سُجاڳ ڪرڻ، اجتماعي سوچ وڌائڻ ۽ وقت سان مُقابلي ڪرڻ واريءَ سوچ کي نظر ۾ رکي مُون ڪتاب ‘ڀٽائي ۽ ڀُونءِ’ لکيو آھي. ان ڪتاب ۾ شاھه سائينءَ جي چُونڊ بيتن جي سمجھاڻي پنھنجيءَ سوچ آھر لکي اٿم. ھِن موضوع کي وڌيڪ سمجھڻ لاءِ اوھان کي هن ڪتاب کي پڙھڻ جي گُذارش ڪجي ٿي.

مددي ڪتاب:
• ادبي تنقيد: فن ۽ تاريخ، ڊاڪٽر فهميده حسين، روشني پبيلڪيشن، ڪنڊيارو، 2011ع
• شاھه جو رسالو، عثمان علي انصاري، ثقافت کاتو، حڪُومت سنڌ، ٻيو ڇاپو، 2013ع
• الف بي وار شاھه جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي، مرتب: عبدالغفار گوھر دائود پوٽو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2001ع
• شاھه لطيف جي شاعري، تنوير عباسي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1995ع
• www.newworldencyclopedia.org/entry/longinus

سُر ڪلياڻ

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي مـُـرتــبــن اڪثر رسالن جي شروعات سُر ڪلياڻ سان ڪئي آهي، هن سُر ۾ وحدانيت، واحد جي وڏائي، سندس محبوب حضرت محمد صه جي واکاڻ ۽ تصوف جا نڪتا شامل آهن، ڪلياڻ جي مــُــنـــڍ ۾ هيءُ بيت ’اول الله عليم‘ ڏنو آهي جڏهن ته ڪــُــجهه رسالن جي ابتدا ســُـــر سسئيءَ جي بيت ”وڍيل ٿي وايون ڪري.....“ سان ٿئي ٿي. اهڙن رسالن ۾ ”گنج“ پڻ شامل آهي. عالمن شاهه جي رسالي جي ٽيھن ســُـــرن کي قــُـــرآن پاڪ جي ٽيھن سيپارن سان ڀيٽ ڏني آهي. اِهو ئي سبب آهي ته الحمد شريف وانگر رسالي جي شروعات به الله پاڪ جي واکاڻ واري بيت سان ڪئي وئي آهي. ٻي ڳالهه اِها به آهي ته تصوف جو مرڪزي نــُــقــطـــو به هڪ ڌڻيءَ کي مڃڻ، کيس ساراهڻ، مڙئي معاملا مٿس ئي ڇڏڻ ۽ سندس ٻاجهه جي حـُــصــُـــــول ۾ ڪنھن به قــُــربــانــيءَ کان نه ڪــِــيــٻــائــڻ بــلــڪــِــه اَڳ کان اَڳرو ٿي حصو وٺڻ شامل آهي. سنڌ جا سـُــگـهــڙ پنھنجيءَ سـُــگـهــڙائــپ جي شروعات به واحد جي واکاڻ سان ڪندا آهن. اِن قسم جي بيتن کي هـُــو حمد ۽ ثنا يا صفت جا بيت سڏين ٿا. ڪلياڻ جي لفظي معنيٰ سـُــک، سلامتي، سعيو يا بندوبست ڪرڻ به آهي.
بيت:
اول الله عليم، اعليٰ عالـــَــــم جو ڌڻي
قادر پنهنجيءَ قدرت سين، قائم آهه قديم
والي، واحد، وحدهــُـــو، رازق، رب، رحيم
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جــَـــھـــان جي

سمجهاڻي: شاهه صاحب جو هيءُ بيت رسالي جي ڪــُـــنــجـــي آهي جنھن ۾ فرمايو ويو آهي ته سڀ کان پھريان الله جيڪو تمام وڏو ڄاڻندڙ ۽ علم وارو آهي. ســمــُـــورن جھانن جو مالڪ ۽ ڌڻي آهي. هـُــو پنھنجيءَ سگهه ۽ قــُـــدرت سان الائي ڪيتري زماني کان مــوجــُـــود آهي جنھن جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهجي. آڳاٽي کان به آڳاٽو آهي. هـُــو هر شئي جو والي وارث، رُڳو هڪڙو، پالڻھار ۽ ٻاجهارو آهي. سندس ساٿي، مـَــٽ يا مــِــٽ مائــٽ ڪو به نه آهي. ان سچار ۽ حقيقي مالڪ، حڪمت واري داناهه جي واکاڻ ڪر! هــُـــو ئــــِــــي پنھنجي ڪرم، قــُــرب ۽ ڪاريگريءَ سان جڳ جي جوڙ ڪري ٿو. ٻئي جي جاءِ نه آهي.
بيت:
پاڻـھــِــين جــَــل جلالــھـُــو؛ پاڻــھـــِــيـن جان جمال
پاڻھِين صــُـــورت پرينءَ؛ پاڻھِين حـُــســن ڪمال
پاڻھِين پـــِـــيـــر، مـُـــرِيـــد ٿئي؛ پاڻــھـــِـيــن پاڻ خيال
سڀ سڀوئي حال، مـَـــنــجــهـــــان ئـــِــي مـعـلــُــوم ٿئي

سمجهاڻي: لطيف سائين وحدت الـوجــُــودي صــُـــوفـــي هو. هــُـــو وحدانيت / هيڪڙائيءَ جو پرچارڪ هو. پنھنجي هــِــن بيت ۾ وحدت الوجوديءَ جي مـُـڪـمــل وَصف بيان ڪئي اٿائين. هيءَ سڄي ڪائنات هڪ ئي وُجــُـــود رکي ٿي. اسان سڀ ان وجود جا حصا آهيون. هر شئي ۾ واحد وجود واري هستي موجود آهي. اِها هستي / ڌڻي تمام وڏي شان وارو آهي. هــُــو پاڻ ئي ســُــونـھــن جو صاحب آهي. پرين / محبـُـوب به هـُــو پاڻ آهي ته حــُــســن جي انتھا درجي وارو به پاڻ آهي. هــُـــو مــُـــرشـــد به پاڻ آهي ته مــُــريـــد به پاڻ آهي. هــُـــو سوچ به پاڻ آهي، سوچيندڙ به پاڻ آھي. (خالق به پاڻ آهي ته مخلوق به پاڻ آهي.) هــُــن پنھنجيءَ مرضيءَ سان ســمــُــورو مانڊاڻ جوڙيو آهي. تــُــون پنھنجي اندر ۾ جهاتي پائيندين ته تو کي ســمـــُــــوري پروڙ پئجي ويندي. هيڏي هوڏي نه نھار! پاڻ کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪر! ڀلائي ڪري پاڻ کي ســُـــڃــــاڻ! صــُـــوفــيــُــن جو بــُــنــيــادي نقطو ئي پاڻ ســُــڃــاڻڻ هــُـــونــدو آهي. جن پاڻ ســُــڃـــاتو اُنهن ڌڻيءَ کي ڄاتو ڇا ڪاڻ ته ڌڻي سندن اندر ۾ ئي مــوجــُـــود آهي. سندن وُجــُـــود جو حصو آهي. ساهه واريءَ رَڳ کان به ويجهو آهي.

بيت:
اصل عاشقن جو، سـِــر نه سانڍڻ ڪم
سئو سسيان اڳرو، سـَــندو دوسان دم
هيءُ هڏو ۽ چم، پــِـڪَ پريان جي نه پـَــڙَي

سمجهاڻي: جيڪي سچا ۽ اصلي عاشق آهن اُهي پنھنجيءَ جان / پنھنجي ســِــر جي ڪا به پرواهه نه ڪندا آهن. اِهو سندن وَڙ ئي ناهي. هــُــنــن کي هر وقت پنھنجي معشوق کي ماڻڻ جي ڳـڻـتـي هوندي آهي. هــُــنـن وٽ ســَــئــو ســِـســيــُــن (ڪنڌن) کان به وڌيڪ اهم پنھنجي دوست / مـحـبـُــوب جو هڪڙو دَم / گــهــَـــڙي پياري آهي، جنھن ۾ کين مُلاقات نصيب ٿئي. سندن جسم جا هڏا، گوشت ۽ چمڙو مــحــبــُــوب جي هڪ پـــــِــڪ برابر به ناهي.
بيت:
مـُــلهه مـھــانگو قطرو، سـِــڪـــڻ شھادت
اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.

سمجهاڻي: محبت جي ســُــــرڪ / چــُــڪــي / ڦـــُــــڙي جي ڪا به قيمت ناهي. بي بها آهي، اِها اهڙي شئي آهي جيڪا بازار مان ڳــــِــنـــهـــي نه وَٺبي آهي. اهڙيءَ اَمــُــــلـــهــه شئي جي حاصلات ته وڏي ڳالهه آهي پر ان جي ســِـــڪ ۽ تانگهه جو رُتبو به شھادت آهي. سچيءَ ســِــڪ / اُڪــَــنـڊ / اُڪــِــيــر ۾ گــُـــذارڻ وارو شخص شھيد جيترو عظيم آهي. اسان ته ســِـــڪ ۾ تڙپي تڙپي پنھنجي عبادت ڪريون پيا. هاڻي محبوب جي مرضي آهي ته هــُـــو ناز جي نظر سان نوازي ٿو يا نه؟ ھُو قرب ڪري ٿو يا نه؟ ھرو ڀرو لالچ رکي پيار نه ڪرڻ گھُرجي. اھڙي عمل کي پيار نه پر واپار چئبو. تنھن ڪري اسان جي سوچ ھن ريت ھُجڻ گھُرجي: اون دي او ڄاڻن. سان ڪون اپڻي نڀاوڻ ڏي.
بيت:
ڪوٺي ڪــُـھــي سُپرين، ڪوٺي ڪُھڻ ساڻ
نيزَي هيٺان نينھن جي، پاسي ڪر مَ پاڻ
ڄــُــل وِڃائي ڄاڻ، عاشق اَجل سامهون

سمجهاڻي: پرينءَ سان عشق جڏهن چوٽ چڙهي ويندو آهي؛ رَڳ رَڳ ۾ رَچــــِــي ويندو آهي ته مــِــلـــڻ ۽ دِيـــدار ڪرڻ جي شدت به تيز ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن اهڙيءَ صــُـــورت ۾ پرين سـَــڏ ڪري ٿو ته عاشق خوشيءَ ۾ ماپندو ناھي. اُن وقت سندس ڪيفيت اهڙي ٿي ويندي آهي ڄڻ هــُــن کي پنھنجي معشوق ماڻن سان ڪــُــھـــي ڇڏيو آهي. سندس سڏ ۾ محبت جي اهڙي مــِــٺـــي ڇــُـــرِي سمايل آهي جيڪا ڪــُــھـــي ڇڏي ٿي. اي عاشق! جڏهن عشق ۽ نينھن جي نيزي هيٺان هــُــجــيــن ته پاڻ کي پري نه ڪجانءِ! مــحـــبــُــــوب جي مار جو مــَــــزو چــَــکـــجــــانءِ! محبت واريءَ مار جو مزو ئي ٻيو آهي. هيءُ دماغ جو نه پر دِل جو سودو آهي تنھن ڪري پنھنجي قابليت ۽ عــِــلــــم کي ڦـــِــــٽــــو ڪري محبت جي ميدان ۾ اڳتي وَڌُ! لــيــکـــا ڇڏي ڏي!
بيت:
اڳيان اَڏِن وَٽِ، پـونـيــَــن ســِـــرَ سنباهيا
ڪاٽِ ته پـَــوِيــن قــبــُــــول ۾، مـَــڇــُــڻ ڀانـــئـــِــيــن گهـَــٽِ
مـَــٿـــا مـُــھــايــَـــنِ جا، پيا نه ڏِســيــن پـــَــــٽِ!
ڪــَـــلالـــَــڪــــِــي هـَـــٽِ، ڪـُــســڻ جو ڪــُــوپُ وَهـي

مڃتا ۽ سمجهاڻي: شاهه صاحب ايترو ته مقـبـُول شــاعـــر آهي جو سندس ڪلام مان ڪيترا ئي بيت يا اُنهن جا بند چــَــوِڻــيــُــن طــور بــه ڪــَــتــب اچن ٿا. ساڳيءَ ريت سندس شعرن مان چــُــونـــڊ ڪري ڪتابن / اخبارن تي نالا، اخباري خبرن جون ســُــرخــيــُـــون (Headings) ۽ مضمونن جا موضوع به رکيا ويندا آهن. ڪي ماڻهون وري اولاد تي نالا رکڻ وقت پڻ شاهه جي رسالي وسيلي نالن جي چــُـونــڊ ڪندا آهن. هڪ تحقيق مــُــطـــابــق ٽن ســَـــوَن کان وڌيڪ سنڌي ڪتابن جا نالا / Titlesشاهه جي ڪلام مان کنيا ويا آهن. جھڙوڪ: شيخ اياز جو ڪتاب ڀـونـئــر ڀــــِــري آڪاس، ڊاڪٽر عابده گهانگهري جو ڪتاب ســُــکــن واري ســـَـــــڌ، مــُــنـھــنــجـــو ڪتاب ڪــَــتــيـُــم ڪينڪي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. اهڙيءَ ريت ڊرامن، ناولن ۽ ڪھاڻين ۽ تحقيقي مقالن جي ڪتابن ۽ مضمونن جي ڪتابن جا نالا به شاهه سائينءَ جي ڪلام مان کنيا ويندا آهن.
هــِــن بيت سان به اهڙي قسم جو ئي هڪ تاريخي واقعو ڳنڍيل آهي. ننڍي کنڊ تي انگريزن جي راڄ دوران 13هين اپريل 1919ع تي هندستان جي شھر امرت سر جي جليان والا باغ ۾ انگريز فوج طاقت جي اَنڌ ۾ ڪيترا ئي ماڻهون ماري ڇڏيا. سنڌ جي ســُــڄـــاڻ ماڻهن کي بــه اِها ڳالهه بــلــڪــُــل نه وڻي. هُـنن پنھنجي ڏُک ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. اِن واقعي کي نندڻ لاءِ ڄيٺ مل پـَــرس رام پنھنجيءَ سنڌيءَ اخبار ۾ جيڪو ايڊيٽوريل ڇپيو اُن جي هيڊنگ شاهه صاحب جي اِن بيت جي آخري ’ســِـــٽ ڪلالڪي هٽ، ڪــُــســڻ جو ڪــُـــوپ وهي‘ ڏنائين. انگريز سرڪار اِن ڳالهه جو سخت نوٽيس ورتو. ڪيس اُن وقت جي مئجسٽريٽ ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي (Dr. H.T Sorley) وٽ پھتو. سورلي صاحب هــِــن وقت تـه شاهه سائينءَ جي تمام وڏن ۽ بــُــنــيــادِي پـــارکـــُـــن ۾ ڳــڻــيــو وڃي ٿو پر تنھن وقت هــُــو شاهه سائينءَ کان واقف نه هو. هــُــن ڪيس هلايو ۽ شاهه صاحب جي اُن هڪ ســِــٽ جــُــون مــُـــخـــتـــلـــف ماڻهن کان معنائون پــُـڇـــنــدو رهيو. هر ماڻهون ان جي تشريح پنھنجي پنھنجي انداز سان پيو ڪري. ڊاڪٽر سورلي شاهه جي ڪلام ۾ ايتري گھرائي، معنوِيت ۽ رنگ ڏِسي نه رُڳو حيران ٿيو پر لطيف سرڪار تي عاشق به ٿي پيو. نتيجي ۾ هــُــن شاهه صاحب تي وڌيڪ تحقيق ڪري دُنيا جي تاريخ ۾ لطيف سائينءَ جي ڪلام تي پھرين پي ايڇ _ ڊي ڪئي ۽ دُنيا جي عظيم شاعرن سان ڀيٽ (Comparative Study) ڪري کيس سڀني کان مٿانھون يعني دنيا جو عظيم شاعر ۽ شاعرن جو سرتاج ثابت ڪيائين.
هيءُ بيت اُنهن بھادُرن لاءِ آهي جيڪي پنھنجي سـِــر جو سانگو ناهن ڪندا. سندن عشق جا پيمانا ئي پنھنجا آهن. هڪڙا ڪــُـســڻ لاءِ اَڏيــُـن وٽ بيٺا آهن ته ٻيا اَڏين تائين پھچڻ لاءِ تيار آهن. هڪ ٻئي کي ڊيڄارڻ ۽ پوئتي ڀـَـڄـــائــڻ بدران هڪ ٻئي جي همٿ وڌائيندي چوَن ٿا ته ســِــر وَڍائڻ ئي قبوليت جي نشاني آهي. متان ڪو سستو سودو سمجهيو ٿي! ڏِسين نه ٿو ته دودن دِليرن ســِـــر جو سودو ڪري پاڻ کي ســُـــرخــــرُو ڪري ڇڏيو آهي. هيءُ اُهو ماڳ آهي جتي قھر ئي قھر آهي. قھر ۽ ظـــُـــلـــم کي ختم ڪرڻ لاءِ رُڳو آواز اُٿارڻ ئي ڪافي ناھي. وڏي قرباني ڏيڻي پئي ٿي، ڇا ڪاڻ ته جان ۽ مال جي قــُـربــانــيءَ کان ســِـــواءِ ڪو چارو ناهي. (ڪلالڪو هٽ = شراب خانو پر هتي ان جي علامتي معنيٰ ظــُـلــم ۽ قھر جو ماڳ آهي)
بيت:
سو هي سو هو، سو اجل سو الله
سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو

سمجهاڻي: لطيف سرڪار هــِــن بيت ۾ به الله سائينءَ جي هيڪڙائيءَ ۽ وحدت الوجودي فلسفي جي وضاحت ڪئي آهي، جنھن ۾ انسان ذات کي اُتم حيثيت مليل آھي ۽ ٻانھن جي حقن کي وڏي اوليت ڏني وئي آھي ۽ اللھ کي انسان جي اندر ۾ ئي موجُود ڄاڻايو ويو، تنھن ڪري ڪو به بندو ڪنھن ٻئي جي دل نه ڏکوئي. هيءُ به اُهو ئي آهي ته هــُـــو به ساڳيو ئي آهي. الله به اُهو ئي اٿئي ته اجل به اُهو ئي اٿئي. سو ئي محبوب اٿئي ته سو ئي پساهه اٿئي. دُشمن به اُهو ئي اٿئي ته واهر يا مدد ڪرڻ وارو به اُهو ئي اٿئي. مطلب ته سڀ ڪــُــجـهــه اِها هڪ هستي / ڌڻي / الله اٿئي. سڀ ڪــُــجـهـه اُهو ئي اٿئي. تــُـــون هروڀرو اِن ڳالهه ۾ اَٽڪيو بيٺو آهين ته الله ڪٿي آهي؟ اُن کي ڳولهڻ لاءِ پيو ٿو ڀـَــٽــڪـــِــيـــن. تــُــون پاڻ جھڙن اِنسانن ۾ غور ۽ سمجهه سان ڏِسندين ته ســمـــُـــــورو معلوم ٿي ويندُءِ. انسان جي ذات جي خدمت ۾ ئي الله سمايل آهي.

سُر يمن ڪلياڻ

يمن ڪلياڻ هڪ راڳڻي آهي. ان جي لفظي معنيٰ من کي روڪڻ آهي. هـِــن سـُــر ۾ حبيب ۽ طبيب جو ذڪر، عشق جي آڳ، موکيءَ ۽ متارن، صوفين ۽ فارسي شاعر جلال الدين روميءَ جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي.
بيت:
عاشق عزازيل، ٻيا مــِــڙيــئــي ســَـڌڙيا
منجهان ســِــڪ سبيل، لعنتي لال ٿيو

سمجهاڻي: اِبليس، جنھن کي عزازيل ۽ شيطان به سڏيو وڃي ٿو سو شروع ۾ الله سائينءَ جو وڏي ۾ وڏو عاشق ۽ پيارو هو. جڏهن الله پاڪ حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو ته عزازيل کي حُڪم ڪيائين تــُـون آدم عليه السلام کي سجدو ڪر! عزازيل وراڻيو مان تنھنجو ئي عاشق آهيان. سو تو کان ســـواءِ ٻئي ڪنھن جي آڏو نه جـهــُــڪــنـدُس. اِن انتھا ۽ اِنڪار سبب پنھنجي محبوب الله کيس پنھنجيءَ درٻار مان تڙي ڇڏيو. لطيف سائينءَ کي عزازيل جي عشق واري انتھا ايڏي وڻي جو فرمايائين ته عاشق ته رُڳو عزازيل هو، جنھن ڪا به سودي بازي نه ڪئي. هيءُ هيرو (لال) ســِــڪ ۽ محبت سرس هــُـجــڻ ڪري لعنتي ته ٿي ويو پر پنھنجي محبوب سان ٻئي ڪنھن کي شامل نه ڪيائين. ٻيا جيڪي عاشق آهن اُنهن ته اهڙو ڪو ڪارنامو ئي نه ڪيو آهي. تنھن ڪري کين عاشق چوڻ به ٺيڪ ناهي. اُهي رُڳو عشق جي خواهش يا ســَـــڌَ رکندڙ آهن. ياد رکو رُڳو ســَــڌَ رکڻ سان محبوب ناهي ملندو. تنھن ڪري جيڪا به خواهش ڪريو اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي ميدان ۾ به لھو.
بيت:
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا
جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا اَنواع
صاحب ڏي شفا، ميان مَـرِيضن کي

سمجهاڻي: شاهه لطيف هـِــن بيت ۾ انسان جي بيوسي بيان ڪئي آهي. هــُــو چوي ٿو اي مــُــنـھــنـجـــا مالڪ! تون ئي منھنجو دوست، ساٿي ۽ هڏڏوکي آهين. منھنجو سڀ ڪجهه تنھنجي هٿ وَس آهي. دوا دارون، حڪيم طبيب سڀ ڏيکاءُ آهن. حقيقت ۾ اصل ڊاڪٽر ته تــُـون آهين. منھنجن ڏُکن ۽ ســُــورن جي دوا ۽ حل به تون آهين. منھنجي اندر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڏُک، ڏَنجها ۽ عذاب آهن. سائين! او منھنجا مٺڙا سائين! مون سان گڏ سڀني بيمارن کي چاڪ چڱو ڀلو ڪر! سڀني تي ٻاجهه ڪر ٻاجهارا! ھن بيت ۾ لطيف سائينءَ ٻئي انسان جي ڪاڻ ڪڍڻ کان روڪيو آھي. ڪنھن جو به آسرو نه ڪريو. ھمٿ ڪريو ته الله به اوھان جي مدد ڪندو.
بيت:
ڪاناريا ڪــُــڻـڪـَــن، جنين لوهه لـِـڱـن ۾
محبت جي ميدان ۾، پيا لال لـُـڇــن
پاڻهي ٻڌن پٽيون، پاڻهي چِکيا ڪـَـن
وٽان واڍوڙين، رهي اچجي راتــڙي

سمجهاڻي: پــُـــراڻــي زماني ۾ جنگيون تيرن، ڪانن، تلوارن ۽ گــُــرزن سان ٿينديون هيون، جيڪي لوهه جا ٺھيل هوندا ھُئا. جنھن به جوان جي جسم ۾ ڪانُ چــُــڀــــي ويو ته اُن کي ٻاهر ڪڍڻ ڏاڍو ڏُکيو هوندو آهي. همراهه پيو ڦــَــٿــڪـــنـدو. محبت ڪندڙن جي به محبوب جي جــُـدائـــيءَ ۾ جنگي زخمين واري ڪيفيت هوندي آهي. سو محبت واري ميدان ۾ پيا لــُــڇــنـدا، ڦـــَــٿـــڪـــنـدا ۽ تڙپندا آهن. هــُــنــن جا زخم ظاهر ۾ ته ڪونه ڏِسڻ ۾ ايندا آهن. پنھنجن اندر جي زخمن جا پــُــور پچائي، پاڻ کي دِلاسا ۽ ڏَڍ ڏئي پيا آٿت ڏيندا آهن. سندن اِهي دِلاسا مــَــلــَـــم پــَــٽـــيــن مثل آهن. ڪڏهن ته وري سندن خيال کين وڌيڪ جهوري وِجهندا آهن. اِهي عشق جا ڦــَــٽــيـــل ۽ وِرهه جا وَڍيل آهن ڏاڍا پيارا ماڻهو، سو اُنهن وَٽ وڃجي. وٽن ڪا رات رهي ڪچھري ڪجي. ساڻن ڪچھريءَ جو مزو ئي ڪــُـجــهــه ٻيو آهي.

بيت:
طالب ڪسر سـُـونھن سـَــر، اي روميءَ جي رِهاڻ
پھرين وِڃائڻ پاڻ، پـَـسڻ پوءِ پرينءَ کي

سمجهاڻي: روايت آهي ته شاهه لطيف پاڻ سان قــُــرآن پاڪ، شاهه ڪريم جو رسالو ۽ مولانا جلال الدين روميءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب گڏ رکندو هو ۽ انهن جو اَڀياس به ڪندو هو. مطلب ته ھُو مُشاھدي سان گڏ مُطالعو به ڪندو ھو. ڪتاب جي مطالعي جي وڏي اھميت آھي. افسوس جو اسان جا نوجوان ڪتاب گھٽ ٿا پڙھن. مولانا رومي فارسي ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر آهي. لطيف سائين سندس شاعريءَ کان ڏاڍو مــُــتـــاثـــر هو. ســُـــر ڪلياڻ ۾ اِن حوالي سان ڪــُــجـهــه بيت ملن ٿا جن مان هيءُ هڪڙو آهي. لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته روميءَ جو اُصول يا خيال آهي ته طالب يعني گـهــُـــرجــائــُـــو يا طلب ڪندڙ ڪثرت يا زور سان اصل سونھن، سچائيءَ يا منزل کي ڳولڻ ۾ لڳو پيو هوندو آهي. اِن ڳولها ۾ سڀ کان اڳ ۾ پاڻ کي وِڃـائـڻـو پوندو آهي يا فنا ڪرڻو پوندو آهي. پوءِ ئي پنھنجي محبوب کي ماڻي سگهبو آهي. هن بيت ۾ فنا کان پوءِ بقا حاصل ڪرڻ جو نُقطو سمايل آهي. مطلب ته منزل محنت، ڪوشش ۽ جاکوڙ کان سواءِ نه ملندي آھي. ڪو به وات ۾ گِرھ نه وِجھندو، پاڻ کي پنھنجي ھٿ سان گرھ وات ۾ وِجھڻو پوَندو يا مانيءَ جو بندوبست ڪرڻو پوَندو.
بيت:
صوفي چائين سـَــڌ ڪرين، صوفين اي نه صلاح
ڪاٽي رک ڪُلاهه، وجهه اُڇلي آڳ ۾

سمجهاڻي: هتي هرڪو پاڻ کي صــُـــوفــــي سڏائي ٿو يا صــُــوفـــي ٿيڻ چاهي ٿو. ڳالهه ته ڀلي آهي پر رُڳو آس رکڻ سان ماڻهو ڪو صــُــوفــــي ڪونه ٿيندو آهي. صــُـــوفــــي ٿيڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. سچا صوفي ڇا ڪندا آهن جو هــَــٺَ ۽ وَڏائيءَ وارو پــَــٽــڪــــو يا ٽوپي لاهي ڦــِـــٽـــــي ڪري ڇڏيندا آهن. هــُــــو پھريون ڪم پنھنجي مان ۽ اَنا کي مارڻ وارو ڪندا آهن. لوڪ کين ڇا ٿو سمجهي؟ اِن جي هــُـــو پرواهه ناهن ڪندا. تنھن ڪري جيڪڏهن تــُــون پاڻ کي صــُــوفــــي چـَــوِرائين ٿو ته پنھنجون خواهشون کــَــڏ ۾ ڦــِــٽـــي ڪري ڇڏ! پوءِ ڏِس ته تو کي ڇا ٿو ملي؟
بيت:
سَرَها ڏٺم سي، جن ساڃاءِ ســِــراڻ سين
تيغ تنين جي کي، ڪـَـٽ نه لڳي ڪڏهين

سمجهاڻي: اُهي بھادر ۽ جوڌا سدائين خوش ڏِسڻ ۾ ايندا آهن جن جي ســِــــراڻ سان واقفيت ۽ دوستي آهي. سراڻ اُهو اوزار آهي جنھن سان ڇــُــريــُـــون، قينچيون، تير، ترارون / تلوارون ۽ ٻيا لوهه جا اوزار تــِــکــــا ڪبا آهن؛ ڊَکاڻڪو ڌنڌو به سِراڻ سان سلھاڙيل آهي. ھُو پنھنجا اوزار سِراڻ تي تِکا ڪندا آھن، خاص ڪري ڪٽڻ وارا. جيڪي بھادُر جـَــنـگ جـوٽـڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا آهن اُهي پنھنجن هٿيارن جي چڪاس ۽ سنڀال به ڪندا رهندا آهن. انهن جي تلوار کي ڪڏهن به زَنگ ناهي لڳندو. جيئن ڪٿي ڪو داغ ڏِٺــائون تــه تــُـــرت ئــي ســِــــراڻ تي اُن کي تــِـــکــــو ڪري يا ريگ مال ڪَتب آڻي چمڪائيندا آهن. ســُــلـجـهــيــل ۽ ســُــڄــــاڻ پنھنجي پنھنجي عــِــلـــم، ڏانءَ ۽ ڏات کي روشن رکڻ لاءِ پنھنجا مــُــطــالــعـــــا، مـُــشــاهــدا ۽ تجربا جاري رکندا آهن ته جيئن جڏهن ڪٿي کين ميدان ۾ لـھــڻــو پئي ته لڄ ۽ شڪست بدران سوڀ ماڻي سگهن.
بيت:
سر سانداڻ ڪري، پڇج گهر لوهار جو
ڌڪن هيٺ ڌري، مانَ گڏني رڪ سان.
سمجهاڻي: لطيف سائينءَ جي تشبيھن ۽ ڀيٽ ڪرڻ جو ڪمال به انتھا درجي جو خوب صُورت ۽ ٺھڪندڙ آهي. سندس شاعراڻيءَ ڏات تي اسان جون سوچون بيھي وڃن ٿيون. هــِــن بيت ۾ عاجزيءَ، اِنڪساريءَ ۽ قربانيءَ کي جنھن نــمــُــونــــي لطيف سرڪار سادي مثال ذريعي سمجهايو آهي اُن جو مثال ملڻ مـُـشــڪــل آهي. هــُـــو چئي ٿو ته عشق يا سچي منزل هڪ لوهار وانگر آهي جيڪو لوهه کي باهه ۾ ساڙي ڌڪ هڻي اعليٰ معيار جو رُڪ بڻائي ٿو ڇڏي. لوهار جنھن اوزار تي لوهه رکي، اُن کي ڌَڪ هڻي يا ڪــُــٽـــي ڪو ڪارائـتــو ۽ ســُــھــڻــو اوزار ٺاهيندو آهي اُن کي سانداڻ چوَن ٿا. عشق به لوهار وانگر آهي جيڪو عاشق کي ســَــٽـــي ڪــُــٽــــي، آزمائي، ڦــَــٽـــي، ڌَڪي، تڙپائي ۽ لــُــڇـــائــــي پوءِ وڃي محبوب سان ملائيندو آهي. اهڙيءَ ريت ڪو به مرتبو، مانُ يا منزل به پاڻ ئي نه ملندي آهي. ان لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پوَنديون آهن. سو جڏهن به ڪــُــجــهــه حاصل ڪرڻ چاهيو ته پاڻ کي قــُــربــانــيءَ، محنت ۽ جُستجوءَ لاءِ تيار رکو.
بيت:
پتنگن پھه ڪيو، مــِـــڙيـــا مٿي مچ
پـَـسـي لــَــھـس نه لــُـڇــيــا؛ سڙيا مٿي سچ
سـَـنـدا ڳــَـچــين ڳــَــچ، ويچارن وِڃائيا

سمجهاڻي: پتنگ هڪڙو جــِــيــتــامـــڙو ٿيندو آهي جيڪو روشنيءَ تي عاشق هُـوندو آهي. جتي بتي يا بلب ٻــَــري يا مــَــچ مــَــچــــي پــَــتــَــنــگ اُتي ويندا وڌندا. وَڌي وَڌي نيٺ پاڻ کي اُن آڳ ۾ ساڙي ڇڏيندا آهن. ان روشنيءَ، حق ۽ سچ جي حاصلات ۾ هُـنـن پنھنجا ڪيترا ئي ســِــر گهوري ڇڏيا آهن. سچائي، حق، محبت، خوشحاليءَ، ٻين لاءِ سُک، اَمن ۽ ڀائيچاري پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندڙ انسان به انهن پتنگن وانگر آهن جيڪي اهو سمجهندي به ته حق جي راهه ۾ رُڳو ڪــَـــنـڊا ئي ڪــَـــنــڊا، تڪليفون، خواري ۽ ذلت رکيل آهي تڏهن به پوئتي ناهن هٽندا. اڳتي وڌندا ويندا آهن تان جو کين ســِــر بــه گهورڻو پوَندو آهي. اهڙن ئي انسانن جي قــُـربـــانــيــُــن سبب دُنيا ۾ ڪُجهه نه ڪُجهه ســُــڪــُــون آهي.
بيت:
جـن کـي دور درد جو، سبق سـُــور پڙهن
فڪر ڦـــَـــرهـــِــي هٿ ۾؛ ماٺ مـُـطــالــعــو ڪن
پـَــنــو سو پڙهن، جنھن مان پـَــســن پرينءَ کي

سمجهاڻي: ڪنھن به شئي جي حاصلات لاءِ نه رڳو ڪوشش ڪرڻي پوَندي آھي، پر سُور به سھڻا پوَندا آھن. جڏھن پنھنجي مقصد کي من ۾ ويھاربو ته اھو سُورن جو سبب ته لازمي بڻبو. اھي سُور ئي تڙپ پيدا ڪندا آھن. جن کي به منزل ماڻڻي ھُوندي آهي سي سـُــورن سان ياري رکندا آهن. هـُـنـن کي ڏُکن ۽ تڪليفن کان ڪو به ڊَپ نه ٿيندو آهي. هـُـو قــُـرآن شــريـــف جي دور وانگر ڏُکن جو وِرد ڪندا آهن. سـُــورن جو سبق پيا ياد ڪندا آهن. محبوب يا منزل اِن رستي سان ئي ملندا آهن جنھن ڪري هـُـنــن جو پـــِــيـــڙائــُــن سان پريم ٿي ويندو آهي. هر وقت ڪنھن ڳـــُــوڙهـــي خيال ۾ گــُـم هوندا آهن. خاموش ۽ گــُـم ســُــم ٿي حاصلات لاءِ پيا ترڪيبون سوچيندا. کائڻ پيئڻ کانئن وسري ويندو آھي. سندن حال ڏسي عام ماڻهون کين چريو سمجهندو آهي. هـُـو اُن عــِــلــم جي ڪتابن کي پڙهندا آهن جنھن سان کين سندن سـُــپــريــنءَ جو دِيدار نصيب ٿئي يا مقصد حاصل ٿئي.
بيت:
صُــوفــي لاڪــوفـــي، ڪونه ڀـــانئس ڪير
منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر نه آهيس پير
جــنين ســـــاڻس ويــر، هــي تـنين جـو واهـــــرو

سمجهاڻي: لطيف سائين صوفيءَ جي وَصف ٻــُـڌائــيــنــدي فرمائي ٿو ته صوفيءَ وٽ سڀني مذهبن، ڌَرمن، فرقن ۽ عقيدن جو احترام آهي. هـُـو ڌَرمي پابندين کان آجو آهي. سندس منزلت کي ھر ڪو پرکي، پروڙي ۽ پھچي نه ٿو سگهي. هــُـو ڀـَـل ظاهري روزا نه رکي، نه ئي نمازون پڙهي پر پنھنجي نفس سان سندس جنگ جاري هوندي آهي. هــُـو پنھنجيءَ اَنا کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪندو رهندو ۽ فنا ۾ ئي بقا سمجهندو آهي. هـُـو اهڙو نرم دل ۽ عظيم اِنسان آهي جو ڪنھن ٻئي سان زيادتي ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر پنھنجن دُشمنن ۽ ويرين جو به مُشڪل وقت ۾ وڃي مددگار ٿيندو آهي. سندن واهرو ٿيندو آهي.

سُر کنڀات

لطيف سرڪار جي ســُــر کـنـڀـات ۾ مجازي محبت جو ذڪر سرس آهي. هـِـن ســُــر ۾ لطيف سرڪار پنھنجي محبوب جي ســُــونـھـن کي سج ۽ چنڊ جي روشنيءَ کان به مٿانھون ڏيکاريو آهي.
بيت:
چنڊ چوانءِ سچ، جي مـَــٺـــِــيـن مــُــور نه ڀانئين
ڪڏهن اُڀرين سـَـنـهـڙو، ڪڏهن اُڀرين ڳچ
مـُـنـھــن ۾ ٻرئي مـَــچُ، تو ۾ ناهِه پيشاني پرينءَ جي

سمجهاڻي: عام طور شاعر پنھنجي محبوب جي ســُـــونـھــن کي چنڊ سان ڀيٽ ڏيندا آهن، خاص ڪري اسلامي مھيني جي چوڏھين تاريخ جي چنڊ ۽ اُن جي چانڊوڪي شاعرن جي شاعريءَ جو موضوع ھُوندي آھي، پر لطيف سائين اِنهن جي اُبــَــتـــَــڙ چنڊ کي چئي ٿو ته اي چنڊ! جيڪڏهن ڪاوڙ نه ڪرين ته هڪ ڳالهه چوانءِ ته اصل حقيقت اِها آهي ته تــُـــون به ڦــِــرڻـــو گـهــِــرڻـــو آهين. سدائين هڪ جهڙو ناهين. ڪڏهن سـَــنـهــڙو ته ڪڏهن وري ٿــُــلــهـــو ٿو نظر اچين. تــُــنـھــنـجـــا اِهي مـُــخــتـــلـــف رُوپ مــُـون کي نه ٿا وَڻن. جڏهن ڦــُــوهه جوانيءَ ۾ اچي روشن ٿين ٿو ته تــُـنـھــنـجــي روشني باهه جي مچ وانگر لڳي ٿي جيڪا ساڙي به سگهي ٿي. تنھن ڪري تنھنجي اِن مچ کي پرينءَ جي پيشانيءَ سان نه ٿو ڀيٽي سگهجي! تــُــون اهڙيءَ نــُــورانـــي پيشانيءَ کان محروم آهين.
بيت:
کڻي نيڻ خـُـمــار مان، جان ڪيائون ناز نظر
سورج شاخون جهَـڪيون، ڪُـوماڻو قمر
تارا، ڪــَــتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر
جهَـڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين

سمجهاڻي: شاهه لطيف پنھنجي محبوب جي خــُـمـــاريـــل اَکــڙيــن جي واکاڻ ڪندي فرمائي ٿو جڏهن هــُـن نشيلا نيڻ کڻي ناز مان نــِــھــاريـــو ته مــُــون کي ائين لڳو ته سج جا ڪــِـرڻــا به جـهــُـــڪــــي سلام ڪرڻ لڳا جڏهن ته چنڊ تاب نه سـَــھــنـدي ڪــُــومــائــجـــي ويــو؛ سندس روشني Dim ٿي وئي. جڏهن تارن ۽ ڪــَــتــيــُــن مــُــنـھــنـجـــي دلبر کي ڏِٺو ته پنھنجيءَ ســُـونـھــن تي ناز ڇڏي قدمن تي ڪـــِــرِي پـيـا. مـُــنـھــنــجـــي جانيءَ جو حــُـســن جوهر کي به مات ڏئي ويو. هيرا لال به سندس سامهون بيھي نه سگهيا.
بيت:
اُٺ نه وَڃي وَڳ سـِين؛ چـَـرَي نه چانگو
لڳيس نائڪ نينھن جي، نھوڙيو نانگو
ڇڏَي سـِــر سانگو، رِڙهي رَند پرينءَ جي

سمجهاڻي: لطيف سائينءَ ھن بيت ۾ اُٺ جي نه رُڳو فطرت بيان ڪئي آھي، پر اسان لاءِ ان کي مثال ڪري به پيش ڪيو اٿائين. اُٺ گهڻي ڀاڱي گڏجي گـهــُــمـــنــدا آهن. انهن جي ميڙ کي وَڳ چــوَن ٿا. هــُـــو هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ پسند ناهن ڪندا پر جڏهن ڪنھن اُٺ کي عشق جي چوٽ لڳي ويندي آهي ته کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو آهي. پنھنجن ساٿين کان پري به ٿي ويندو آهي. پنھنجي ســِـــر يا جان جي پرواهه ڇڏي محبوبن جي رستي تي هلندو رهندو آهي. مطلب ته اُٺ عاشق لاءِ وفادار جانور آهي. پــُـراڻــي زماني ۾ عاشق پنھنجي محبوب ڏانھن وڃڻ لاءِ اُٺ کي بھترين ســُــواري سمجهندا هــُــئـــا. راڻــو بــه مــُــومـــل ڏانھن اُٺ تي چڙهي ويندو هو.
ان کان سواءِ اُٺ کي اوڳو يعني بي عقل جانور به ڪوٺيو ويندو آھي. اسان وٽ ڪنھن جي گھٽ عقل يا گھٽ علم جي ڀيٽ به اُٺ سان ڪئي ويندي آھي، ڇا ڪاڻ ته اُٺ جيترو جسماني طور وڏو جانور آھي، عقل ۾ وري اوترو ئي ننڍو جانور آھي.
اوڳي اُٺ کي به عشق سمجھه ۾ اچي وڃي ٿو ۽ کيس وفا دار بڻائي ڇڏي ٿو. عاشق کي منزل تائين پھچائڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. افسوس آھي ته اسان کي پنھنجي منزل ۽ مقصد سمجھه ۾ نه ٿو اچي. جيڪڏھن سمجھه ۾ اچي وڃي ته اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ لڳ لاڳاپا ڇڏي، جاکوڙ ۾ جُنبي وينداسين.

سـُــر سـِـــري راڳ

شــِـــري معنيٰ وڏو، جيڪو بگڙي ٿيو ســِــرِي. سري راڳ معنيٰ وڏو راڳ يا سـُــٺـــو راڳ. هـِــن ســُــر ۾ ٻيڙياتن ۽ سندن وَڻج واپار، سونارن، وينجهارن ۽ لوهارن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي.
ڪايو ڪمايوم، موتي مـُــون نه وَڻجيا
سـِـيـھــَــي جو سيد چئي، وَکَر وِهايوم
هھڙو حال سـَــندوم، توهه تنهنجي اُبـھـان

سمجهاڻي: سچن ٻانــَــھــَــن جي عاجزيءَ ۽ اِنڪساريءَ جي ترجماني لطيف سرڪار هـِـن بيت ۾ ڪئي آهي. هــُـــونــئــن به اسان شاهه سائينءَ کي پڙهنداسين ته معلوم ٿيندو ته هــُـــو اُنهن ٿورن شاعرن مان آهي جيڪي الله تعاليٰ کان عدل بدران فضل گــهــُــــرنـــدا آهن. ٻانــُــھــــو چئي ٿو مــُـــون جيڪو ڪـــُـــجــهـــه ڪيو آهي اُن جو مــُــلــهــه ڪــُــجــهــه به ناهي. مــُــون هيرن ۽ جواهرن بدران ڪاوَن (بيڪار شيشن) جو ڌنڌو ڪيو آهي. ڪي به اهڙا اعليٰ ڪم ناهن ڪيا جن جي ڪري فخر ڪريان. سون جي بدران شــِــيــھـــي / لوهه جو ڪاروبار ڪيو اٿم. سو حال به مــُــنــھــنــجـــو اَڀرو ســَــڀــرو آهي. جيڪڏهن حساب ڪندين ته پــُــورو نه پــَـــوَنــدس. بــس مــِــڙئـــي تــُــنـھــنــجـــيءَ ٻاجهه سان پيو زندگي گــُــذاريــان. سو ســَــتـــُـــر ڪج ســَـــتـــار!
ڪـــَــچُ ڪمايوم ڪـُــوڙ، ڀـَــڳــم عھد الله جا
پڃرو جو پاپن جو، سو چوٽيءَ تائين چـُــور
معلوم اٿيئي مـُــور، ڳـــُـوڙهـــا اِنهيءَ ڳالهه جو

سمجهاڻي: انسان کي جڏھن پنھنجن ڏوھن يا بُرن ڪمن جو احساس ٿئي ٿو ته پوءِ چئي ٿو ته اي مالڪ! تو سان جيڪي وَچــَــن ڪيا هــُــئــم سي سڀ ڀــَــڃــي ڇڏيم. واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي چڱن ۽ نيڪ ڪمن بدران رُڳو ڪــُــوڙ، ٺــَــڳـــيءَ ۽ دوکي جا ڀــُــتـــا ڪم ڪيا اٿم. مــُــنـھــنــجـــو سڄو وُجــُـــود ڏوهن سان ڀريو پيو آهي. تــُــون مــُــنـھــنـجـــن پـــِــرڪـــارن کان واقف آهين سائين! تو کي مان ڇا ٻــُــڌايــان؟ تــُــون سڀ ڪــُــجـهــه ڄاڻين ٿو. سو پنھنجو ڪرم ڪر؛ سنئين راھ ڏيکار! مان تــُــنـھــنــجـــيءَ مــِــھــر مان مايوس ناهيان.
هـِـڪــِـي ٻانــھــي چـِـت ۾، ٻي جا ڪري الله
پاڻهين وجهي ڪــُــنَ ۾، پاڻهين اُڪارَي اوڙاهه
تنهن واحد کي واهه، جو ســُــتــَــڙِ سڀيئي ڪري

سمجهاڻي: ٻــانــُــهـــون سوچيندو ۽ حاصلات لاءِ جيڪو لوچيندو آهي لازمي ناهي ته سندس پــالــڻــھـــار به هــُـــن لاءِ ائين سوچيندو هــُــجــــي. بندي جي مـَــن ۾ هڪڙي ته خالق جي مـَـــن ۾ ٻي. اسان جنھن مقصد جي ماڻڻ لاءِ ڏينھن، رات هڪ ڪري ڇڏيندا آهيون ته اڪثر اُن ۾ ناڪام به ويندا آهيون؛ جنھن ڪري تمام گھڻي مايوسي ٿيندي آھي. پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ائين به سوچيندا آھيون ته ٿي سگهي ٿو ته اها حاصلات اسان کي نــُــقــصـــان ڏئي يا اُن وقت اسان لاءِ فائديمند نه هــُــجــــي. اِها حڪمت ته رُڳو اسان جو رب ئي بھتر ڄاڻندو آهي. تنھن ڪري وقتي ناڪاميءَ تي رَنج نه ٿجي بـلـڪـِـه پنھنجي جاکوڙ جاري رکجي. اُهو ئي مالڪ آهي جيڪو ڪــُــنــن ۾ ٻــوڙي به ٿو ته وري اُونهيءَ کــڏ / اوڙاهه مان پار به پــُــڄــائــي ٿو. سو سڀ ڪــُــجــهــه سندس هٿ ۾ آهي. شل سڀني کي پار پــُــڄــائـــي. نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪري. آمين!
تنھن ھُوندي به جاکوڙ جاري رکڻي آھي، ڇا ڪاڻ ته پالڻھار پاڻ ئي وري وري جدوجھد ڪرڻ ۽ گھرڻ جو حُڪم ڪيو آھي.
آڏو چــِــڪڻ چاڙهه، منهنجي موج نه سهي مــَــڪڙِي
ميڙي مـــَــٺايــُــن جو، بي حد چاڙهيم بار
چوڻ چارو ناهِه ڪو، بــَـديون بي شمار
ڪپر ڪارونڀار، اُڪارِئين احسان سين.

سمجهاڻي: ھن ســُــر ۾ لطيف سرڪار ٻيڙياتن جو به ذڪر ڪيو آهي. جڏهن هــُــو سمنڊ يا درياهه ۾ ٻيڙي ڪاهي نڪرن ٿا ته کين ڪيترن ئي خطرن کي مــُــنـھــن ڏيـڻــو ٿو پوي. اهڙيءَ صــُــورت ۾ هــُــو پنھنجي رب کي ٻاڏائن ٿا؛ نياز ۽ نــِـــوِڙت جو اظھار ڪن ٿا؛ سڀ وَڏايون ۽ ڊاڙيون ڇڏي چــَــوَن ٿا ته اي مالڪ سائين! ٻيڙي وِچ ســـِــــيــر ۾ ڦاٿل اَٿم. اڳيان تــِــرڪــڻـــيءَ ۽ چـــِــيــڪــيءَ مـــِـــٽــــيءَ جي اهڙي گـــَــپ ۽ ڌُٻڻ آهي جيڪا ٻيڙين کي به ڳــــِـــھــــِــــي يا ڇــــِـــــڪــــي وڃي ٿي. مــُــنـھــنـجـــي ٻيڙي ته پاڻيءَ جي لھرن ۽ وِيــرُن جي به ســَــــٽ نه ٿي سھي سگهي. تنھن کان ســِــــواءِ مان ڪو پاڪ دامن ۽ پھتل ٻانــُــهـــون به ناهيان جو مــُــنـھــنــجــــا ثواب مــُــون کي ڪم اچي وڃن. اِن حالت ۾ مان انصاف جي گـهــُـــر به نه ٿو ڪري سگهان. تنھن ڪري پنھنجو احسان ڪر مــُـــون تي. ڀلائي ڪري اُونداهو ۽ خطرناڪ ڪــِـــنـــارو پنھنجيءَ ٻاجهه سين پار ڪرائي تڙ تي پھچاءِ!
ٻيڙِي پـُــراڻـــِــي؛ وَکر پاءِ م وِترو
تــَـــري ۾ تـُــن پيا؛ پاسنــِــئـون پاڻـي
هـــِــيءَ هــَــــڏ وِهاڻي، ڪـَــڙهُه ڪالهوڻي ڏِينھن کي

سمجهاڻي: لطيف سرڪار هـِــن بيت ۾ ٻيڙيءَ واري کي صلاح ڏيندي فرمائي ٿو ته تــُــنـھــنـجـــي ٻيڙي به پــُــراڻــي جـهــونـــي ٿي وئي آهي. تنھن ڪري هرون ڀرون لالچ ۾ اچي اُن ۾ گهڻو سامان نه ســَـــٿ. ٻيڙيءَ جي چوڌاري ته پاڻي هــُــونــدو ئـــي آهي مٿان وري تــُــنـھــنجــيءَ پــُــراڻـــيءَ ٻيڙيءَ جي وِچ ۾ / تــَـــري ۾ سوراخ به ٿي ويا آهن. ائين نه ٿئي ته ڪنھن سوراخ مان پاڻي ٻيڙيءَ ۾ ڀرجي وڃي ۽ نتيجي ۾ ٻيڙي ٻــُــڏي وڃي. هــُــن جو وقت پــُــورو ٿي چــُــڪـــو اَٿئي. ٻين لفظن ۾ Expired ٿي چــُــڪـــي آهي. تنھن ڪري هاڻي ســُــڀـــاڻـــي لاءِ سوچ؛ ڪا مــُــســتــقــبــل لاءِ رٿابندي ڪر. جيڪڏهن بھتر آئيندو چاهين ٿو ته ماضيءَ جي تجربي ۽ حال جي حالتن کي آڏو رکي ســُــٺــيءَ ۾ ســُــٺـــي رٿابندي ڪر! هيءُ پيغام رُڳو ٻيڙياتي لاءِ ناهي بـلـڪـِـه اسان سڀني لاءِ آهي.
جـُـتــو وانءُ جھاز! گــَــڏيــو غــُـــرابـــن سين
پــُـــورِيـــنـدي هـُــن پار ڏي سـَــڌَر کڻج ساز
اَچن ٿا آواز، ســَـــٽــــــاڻـــي سـَـــمــُــــنــڊ جا

سمجهاڻي: ســامــُـــونــڊي ٻيڙن ۽ جھازن جا به مـُـخــتــلــف قــِـــســـم ٿين ٿا. ڪي ننڍا ته ڪي وڏا ته ڪي وري تمام وڏا. غوراب وڏي جھاز کي چـَــوَنــدا آهن جنھن ۾ سامان به گهڻو پئي ته سھولتون به گهڻيون سمايل هــُــجــنــس ٿيون. غوراب پاڻ سان گڏ ننڍن جھازن کي ساڻ وٺي مدد ڪندا ويندا آهن. لطيف سائين ظاهري طور ته ننڍي جھاز کي چئي ٿو ته تــُــون پنھنجين گهٽ سھولتن، محرومين ۽ گهٽ حيثيت هـُـجــڻ تي مايوس نه ٿيءُ؛ بيھي نه رهُه؛ ڪم ڇڏي نه ڏي؛ ڀلي غورابن جو سھارو وٺي هلندو رهُه پر ياد رک ته ان جو مـُـڪــمــل آسرو نه ڪجانءِ؛ هرو ڀرو لاهي پاهي نه بيھجانءِ؛ پنھنجي تياري مـُـڪــمـــل ڪجانءِ؛ ضرورت جو سڀ سامان ساڻ کــڻــجـــانءِ، ڇا ڪاڻ ته مست ۽ زبردست سمنڊ جون رَڙيون ۽ گــَــجــگـــوڙيــون تــُـــون ٻــُـــڌيـــن ٿو پيو. مــُــصــيــبـــت جي گـهــَـــڙيءَ ۾ ڪو به ڪنھن جي مدد نه ڪري سگهندو آهي. اسان هــِــن بيت مان جھاز ۽ غوراب کي حيثيت ۾ ننڍن ۽ وڏن ماڻهن سان ڀيٽي پاڻ کي پرکيون ۽ اڳتي وڌون. ھرون ڀرون ڪنھن جو آسرو نه ڪريون.
لــُــڙ، لـــَـــھــريــُــون، لـــَـــس ليٽ؛ جــِــتـــي اَنت نه آب جو
الله! اُت مَ اولــِـــئـــِــيــن، ٻـــيـــــــــڙا مـــٿــي ٻـــــــــيـــــــــٽ
جــوکــــــو ٿــئـــي مَ جـھـاز کي؛ ڦـــَــــرَهـــِـــي اَچي مَ ڦيٽ
لـڳــي ڪـامَ لـپـيـــٽ، هــِـــن غــاريـبــيءَ غــــراب کــي

سمجهاڻي: سمنڊ جو نظارو بيان ڪندي شاهه صاحب مــُــھــاڻــي جي زباني فرمائي ٿو ته سمنڊ ۾ ڪــُــنــن جا ڪــَــڙڪـــا، لھرن ۽ وِيـــرُن جا وَراڪا ۽ رُڳو پاڻي ئي پاڻي آهي. اي الله پاڪ! اهڙيءَ حالت ۾ ڪنھن خوفائتي ۽ نــُــقــصـــان ڏيندڙ ٻــيــٽ سان ٻيڙا نه ٽــَــڪــرائــجـــانءِ جو ٽــُــڪــرا ٽــُــڪـــرا ٿي وڃن! سمُنڊ ۾ ڪٿي ڪٿي اھڙيون جايون به آھن، جن جي مٿاڇري تي ته پاڻي آھي پر اصل ۾ ڪو پھاڙ، پٿر يا زمين آھي. تيز ٻيڙو يا جھاز جيڪڏھن اُن سان ٽڪرائبو ته پُرزا پُرزا ٿي ويندو. ڇوليون اُن کي ورائي ورائي پيون ٽڪرائينديون. ان صُورت ۾ ملاحن جي زندگيءَ کي به خطرو ھُوندو آھي. سو اي ٻاجھارا! ٻاجهه ڪري اهڙيءَ مــُــصــيــبـــت کان اسان جي هــِـــن غــريــبــاڻــي ٻيڙي کي بچائجانءِ! اسان وٽ ته اِن کان ســِـــواءِ ٻي ڪا به مـــَـــڏي ملڪيت ناهي؛ سڄو گهر اِن تي ئي پــَــلــجــــي ٿو. جيڪڏهن اِهو به کـــَـــســــي ڇــڏيــُـــئـــه ته پوءِ اسان وٽ ڇا رهندو؟ اسان جا ٻــَــچـــڙا اسان جي انتظار ۾ آهن. سو ڪرم ڪري حفاظت سان اسان کي واپس پھچائجانءِ!
اَگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿِي
پلئــِـه پايو سچ، آڇــِـــيندي لڄ مران

سمجهاڻي: زماني جي بدليل قدرن تي لطيف سائين به ماتم ڪري ٿو. سندس هــِــن بيت ۾ اعليٰ قدرن، حق ۽ سچ لاءِ وِڙهندڙن سان جيڪو ســُــلــُــــوڪ ڪيو وڃي ٿو اُن جي عڪاسي ٿيل آهي. ڪــُــوڙ، ٺــَــڳـــي، رُشوَت، دهشتگردي، ڪــَــٺـــورتـــا، ڪــُــپـــت ۽ ڪميڻائپ ايتري ته وڌي وئي آهي جو حق، سچ ۽ ايمانداريءَ جي واٽ تي هلندڙ ماڻهونءَ کي چريو سمجهيو وڃي ٿو. عظيم ماڻهون اُهو سمجهيو وڃي ٿو جنھن وٽ ڦــُــرلــُــٽ، ٺـــَــــڳــــيءَ، ڪــَــٽــرپــڻــي ۽ دهشتگرديءَ وسيلي ڪمايل مال دولت، بنگلا، گاڏيون ۽ دَٻدَٻو آهي. اِهو سڀ ڪــُــجــهــه ڪائو ڪــَـــچ يعني نــســــورو ڪــُــوڙ ۽ ٺــَـــڳــــي آهي جنھن کي اسان جي سماج قــبــُـــولـــي ورتو آهي. اِن حالت ۾ سچار ۽ ســُــڄـــاڻ ماڻهون خاموش ٿي ويھڻ بدران پنھنجو ڪم جاري رکندو پيو اچي پر افسوس آهي جو هــُــن جي سچي ڳالهه ٻــُــڌڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي جڏهن ته ڪــُــوڙيــون ڪھاڻيون ٻُڌڻ، ٺــڳـــيءَ / ڀــَــٽـڪــڻ جون صلاحون وٺڻ لاءِ ميڙا متل رهن ٿا. ماحول اهڙو ٿي ويو آهي جو جنھن سچ جي هــُــو (سچار) پرچار ڪري ٿو يا آڇ ڪري ٿو اُن جي سمجهڻ لاءِ ڪو تيار ناهي. کيس ائين لڳي رهيو آهي ته هــُــو سچ نه پر ڪنھن وڏي گــُــنــاهه وارو ڪم پيو ڪري جنھن تي کيس ٻــُـــڏي مرڻ گـهــُـــرجـــي؛ لڄ اَچڻ گـهــُــرجــيـــس. اِن ســُــلــــُــــوڪ جي هــُـــونــدي به سچل سرمست چواڻي:
سچ ٿا مــَــــڙد چــَــــوَن، ڪنھن کي وَڻي نه وڻي
ڪُوڙيءَ دوستيءَ جو دم، بڻي نه بڻي
**
اوريائين آڻين، ميڙيو معلم خبرون
ساتان سـُـــڌ نه ڏِين، جــِــتـــي وهُه ويڌ ڪري

سمجهاڻي: لطيف سائينءَ هــِــن بيت ۾ اهڙن ڪم چور ۽ ڪــُـپــتــيـن ۽ سطحي ماهرن ۽ رھزن رهبرن جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪي مامري جي تـــَـــھـــه تائين وڃڻ بدران ٺــِــڙڪ ٺــَــڳـــي ڪري پيا مٿاڇري معلومات ڏيندا ۽ ڪُوڙيون خبرون ڪندا آهن. جيڪي سمنڊ جا ســُــونــھـــان آهن اُنهن ۾ ڪي اهڙا آهن جيڪي سمنڊ جي وِچ ســـِـــيـــر جي صحيح ڄاڻ بدران ويجهڙائيءَ کان ڏِسي پيا ٺڪاءَ ڇڏيندا آهن يا پنھنجي ماهراڻي راءِ پيا مڙهيندا آهن. جتي پاڻيءَ جا وهڪرا ۽ لھرون ويڌن / ظلم ڪن ٿيون؛ تباهي ڏين ٿيون اُتان جي ته خبر چار ئي نه ٿا ٻــُــڌائـــن. نتيجي ۾ بيخبر ميربحر سامونڊي لھرن جي وَر چڙهي وڃن ٿا؛ تباهه ٿي وڃن ٿا. تنھن ڪري اهڙن ماهرن، عالمن ۽ اڳواڻن کان خبردار رهڻ گـهــُــرجـــي.
چورِ اُڀو ائين چوءِ، ته آءٌ اُهو ئي آهيان
جـَـي اَسـِـي اکيُن هوءِ، ته لِڪَي کي ڪونه لَھَي

سمجهاڻي: لطيف سائينءَ هــِــن بيت ۾ اسان جي شــعــُــــور ۽ ســُــجــاڳـــيءَ جي اَڻاٺ جي ڳالهه ڪئي آهي. اسان جي چوري ڪندڙ، ڦــُــرلــُـــٽ ڪندڙ، حقن تي ڌاڙا هڻندڙ پاڻ ئي بيٺو محسوس ڪرائي ته مان ئي اوهان جو ڦــُــريـــنــدڙ ۽ لـــُـــٽـــيــنـدڙ آهيان پر تنھن جي باوجود اسان ان کي ســُــڃــــاڻــئـــون نه پيا يا ان خلاف اُٿي نه ٿا بيھون. اسان ڏاڍا ڪمزور ۽ ڊڄڻا ٿي ويا آھيون. اِهو ڪو هڪ ٻن يا چئن ماڻهن جو اَلميو ناهي. اڪثريت جي اکين تي کوپا چڙھيل آھن يا ڪنھن بيماريءَ ۾ ورتل آھن. اڪثريت بي خبر، بي سمجهه ۽ ننڊ ۾ ســُــتــــل آهي جو ظاهر ظــھــُــــور دشمن کي به لھي نه ٿي سگهي يا ذاتي مفادن ۽ مصلحتن خاطر ماٺ، گــُــونــگـــي ۽ ٻــوڙي آهي.
مَـيَـن مـَـٿــَــي ســَـــمـــرا، کــُــھــيـُـن سـَــڏَ ڪَرِين
ساٿُ نڀايو نـِـيـن، اِيءَ پـَــر سـَـــنـدِي سڄڻين

سمجهاڻي: هــِــن بيت ۾ اجتماعي سوچ جي ڳالھه ڪئي وئي آھي. اجتماعي سوچ رکندڙ سڄڻن، ســُــٺــن ساٿين ۽ دوستن جي ساٿ نڀائڻ واري خــُــوبـــي بيان ڪئي وئي آهي. هــُــو جڏهن سفر لاءِ ســَـــنـبـــرن ٿا يا ڪو فائدو وٺڻ لاءِ اُسھن ٿا ۽ پنھنجن اُٺن تي سامان رکن ٿا ته پنھنجن غريب، ڏُتڙيل ۽ پوئتي پيل دوستن کي به ياد ڪن ٿا ۽ کين ڀاڱي ڀائيوار ڪن ٿا. هــُـــو لائــيــنـدا آهن ته توڙ نڀائيندا آهن. هــُــنـن جو اِهو تمام وَڏو وَڙُ ۽ خــُــوبــــي آهي ته هر حال ۾ سنگت سان نڀائيندا آهن؛ دوستي ملهائيندا آهن. تنھن ڪري انفرادي سوچ کان پاسو ڪجي.
سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جر وهي ٿو جال
سوين وَهن سـِـــيـر ۾، ماڻڪ، موتي، لال
جي ماسو جـُــڙئـــي مال، ته پوڄارا پـُـــر ٿيئي

سمجهاڻي: ننڍن ننڍن دُٻن، ڍَنڍُن ۽ ڍورن ۾ هــَــڻ هــَــڻ ڪري هرو ڀرو ٿو پنھنجو وقت وِڃائين. ڪو وڏو سمنڊ ڳولهه جتي پاڻيءَ جو ڪو اَنت نه پار هـُــجـــي، پوءِ جيترو وَڻئي اوترو پيءُ / استعمال ڪر! تون کــُــٽـــي ويندين سمنڊ نه کــُــٽـــنـدو. سمنڊ جي سير ۾ ڪيترا ئي هيرا، موتي ۽ ٻيو مال خزانو اَٿئي. تو تي دارومدار آهي ته تون ڪيترا ٿو ڪڍي سگهين. جيڪڏهن خزاني مان تو کي تولو / ماسو / ذرڙو به ملي ويو ته تنھنجا پونئير به خوشحال ٿي ويندا. ٻين لفظن ۾ ڪو اهڙو وڏو ڪم / ڪارنامون ڪجي جنھن سان سڄي لوڪ کي گهڻو فائدو ٿئي؛ دل کي ســُــڪــُــون ملي. نالو روشن ٿئي جيڪو پيو صدين تائين ڳائجي. دنيا سمُنڊ جيان وسيع آھي. ان ۾ پکڙجي وڃو. پاڻ مڃائي، محنت ڪري اھڙو ڪمايو يا حاصل ڪريو جو اوھان جا مثال ڏنا وڃن.

سُر سامونڊي

هـِــن سـُــر جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اهو سمنڊ سان جهيڙيندڙن ملاحن ۽ مير بحرن بابت آهي. هنن کي سمنڊ ۾ ڪھڙا خطرا سامهون اچن ٿا؛ شڪار ۽ واپار لاءِ ڪٿي ڪٿي وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾ سندن اڪيليون زالون کين ڪيئن ياد ڪن ٿيون؟ اِنهيءَ صورت حال بابت ڪلام چيل آهي.
سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا
رُئان رهن نه سـُـپرين، آيـَـل! ڪـَــريان ڪيئن
مـُـون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري

سمجهاڻي: وَڻجارا سمنڊ ۾ ڪي هڪ ٻن ڏينھن لاءِ نه ويندا آهن بــلــڪــِــه هــُــو مھينن جا مھينا لڳائي ڇڏيندا آهن. سمنڊ ۾ شڪار ۽ واپار جي موسم کي هــُــو هر شئي تي اوليت ڏيندا آهن. پنھنجو، پنھنجن ٻچن ۽ زالن جو به خيال نه ڪري سگهندا آهن. اِن صــُـــورت تي هڪ نئين پرڻيل ڪــُــنــوار يا وَني هـِــن رِيت ماتم ڪري ٿي ته، جڏهن مــُــنـھــنـجـــي جوڀن جوانيءَ جا ڏينھن آهن تڏهن مــُــنـھــنـجــو وَرُ مــُــون سان گــُــذارڻ بدران نڪتو آهي سفر تي. اهڙي واپار کان بس ڀلي آهي. اي اَمڙ! مان هــُــنــن لاءِ ســِـــڪ ۽ سوز مان دانھون ڪري رُڪجڻ لاءِ مــِــنــٿـــُـــون ڪريان ٿي پر هــُــنــن کي ته مــُـــون تي ڪو رحم ئي نه ٿو اچي؟ اِن حالت ۾ مان ڇا ڪريان؟ هــُــو نــيـــٺ هــَـــلـــيـــو ويـــو. حقيقت اِها آهي ته هــُــن جو وِڇوڙو، درد ۽ فراق مــُـــون لاءِ چــــِــکـــيــــا تي چاڙهڻ واريءَ باهه وانگر آهي. (چـــِــکـــيــــا هندُن جي هڪ رسم آهي جنھن ۾ مــُـــڙس جي مـــرڻ تي زال کي مــُـــڙس سان گڏ ســڙڻــو پـــوَنــدو هو.) وَڻجاري وِڇوڙي کي اهڙي موت برابر سمجهي ٿي جنھن ۾ هوءَ نه مــُــئــلـــن ۾ شامل آهي نه ئي جيئرن ۾.
نه سي تڙ هوڙاڪ، نه وايـُــون وڻجارَن جـُــون
سرتيون سامـُـونڊيـُـن جا، اڄ پڻ چــِــڪــيــَــم چاڪ
مــــــاريــنـــم فـــراق، پــاڙيــــچــِــيـُــون پــريـــن جـــا

سمجهاڻي: شاهه صاحب ســُــر ســامــونـڊيءَ ۾ سمنڊ جي سفر ڪندڙ ميربحرن جي وَنين جي وِڇوڙي کي مرڪزي موضوع بڻايو آهي. هــِــن بيت ۾ به هڪ وَڻجاريءَ جي دانھن آهي، جيڪا سامونڊي بندر تي بيھي رَڙ ڪري ٿي ته! نه ئي تڙ تي (بندر يا ڪــِــنــاري تي) ٻيڙيون آهن ۽ نه ئي وَڻجارن (وَڻجارين جي مــَــــردن، مــُــڙســن، ڀائرن وغيرهه) جــُــون ڪــچــھــــريــُـــون ۽ ڪــُــوڪــُـــون آهن. اي جيڏيون؛ اي سھيليون! اڄ پنھنجي سامونڊين جي ياد جا ڦـــَـــٽ جـهــُــــري رهيا آهن؛ سندن ياد ســَــتــائــڻ لڳي آهي. اي پاڙي واريون! مــُــون کي مــحــبــُـــوبــن جي جــُــدائــــيءَ ماري وِڌو آهي.
جي تــُــون وڻجارو ڪانڌ، ته مـُـون هڏ مَ لانئون لَـڌيون
پرڏيهه مٿي سانگُ، اَٺ ئي پهر جنهن ڪيو.

سمجهاڻي: وَڻجارِي (مير بحرياڻي) وَڻجاري (مــُــھـــاڻــي) سان شادي ڪري اَڙجي وئي آهي؛ ڏاڍو پڇتائي ٿي. چئي ٿي ته جيڪڏهن مــُـــون کي پھريان صحيح پرُوڙ هــُــجـــي هان ته تــُــون هر وقت جو مــُــســافـــر آهين؛ گهر ۾ پير ئي نه کوڙيندين ته تو سان شادي ئي نه ڪريان هان؛ اِن کان ته ڪــُــنــواري ويٺي هــُــجـــان هان. جنھن مھل ڏِس تنھن مھل پرڏيھه وَڃڻ لاءِ تيار بيٺو آهين. مــُــون تي رحم ڪر. مــُــون سان به ڪي گــهــَـــڙيــُـــون گهار! جن عورتن جا مُڙس پرديس ۾ رھن ٿا يا اباڻي شھر يا ڳوٺ کان ٻاھر رھن ٿا، اُنھن جي احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪئي وئي آھي.
وَڻجارن وري، پِرهَه پـَــڳـهه ڇوڙيا
اوليون پـَـسـِـي اُن جـُـون، پيڙم ڳچَ ڳري
وينديس ماءِ مــرِي، ساري سامُـونڊين کي

سمجهاڻي: وَڻجارا مــُــڙن ئي نه ٿا. مــَـــسَ موٽيا آهن ته وري اَســُــــر جو کــڻــي وڃڻ جي تياري ڪئي اَٿن. سندن اوليون (ٻيڙن کي هـَــلائــڻ جا اوزار) ڏِسي اندر ئي سڙي ويو آهي. اي اَمڙ! مــُـــون کان فراق برداشت نه ٿيندءِ؛ مان کين ساري ساري ساهه ڏئي ڇڏيندم؛ مري وينديس.
وڻجاري جي ماءِ، وڻجارو نه پلئين
آيو ٻارهين ماهه، پڻ ٿو سفر سـَـنـبــهــي

سمجهاڻي: وَڻجاري جي وَنيءَ جو پنھنجي مــُــڙس تي ته وَسُ نه ٿو هلي تنھن ڪري پنھنجيءَ ســَـــسُ کي منٿون ڪري ٿي ته اي مــُـــنــھـــنـجــــي وَرَ جي ماءُ! خــُــداءِ کي مــڃ! پنھنجي پــُـــٽ کي روڪ؛ وَڃڻ نه ڏِيــنــس! ٻارهن مھينن کان پوءِ مــُــشــڪـــل سان آيو آهي ۽ اچڻ سان ئي وري سفر جي تياريءَ ۾ لڳي ويو آهي. ڪــُــجــهــه مــُــنـھــنـجـــو به ته خيال ڪري؛ مان ڪاڏي وڃان؟
وڻجاري ڪانڌاءِ، مـُــون ور ويٺي گهاريو
لڳي اُتر واءُ، ڍوليو هلڻ جـُــون ڪري

سمجهاڻي: مــُــســافـــر (وڻجاري) سان لانــئــُــن لھڻ کان ته ڀلو هو ته مان شادي ئي نه ڪريان ها. اُتــر جــُــون ٿڌڙيون هوائون لڳن ٿيون؛ سيءُ به ڏاڍو آهي؛ اڪيلي ڪيئن گــُــذاريـــنــديـــس؟ هــُـــن کي تــه ڄڻ مــُــنـھــنـجــــو ڪو خيال ئي ناهي جو رُڳو ڪمائڻ ۾ لڳو پيو آهي. اِهو ئي سبب آهي ته وڃان وَڃان پيو ڪري. ٻــَـــنُ ڏجي اهڙيءَ ڪمائيءَ کي.
وڃيئي وسري شال، جو تو سودو سکيو
اڃا آئين ڪالهه، پڻ ٿو سفر سنبھين

سمجهاڻي: وَڻجاري جي وَني پنھنجي وَرَ جي ڪــِـــرت ۽ رويــي مان تنگ ٿي کيس پـــِـــٽــــي ٿي / بد دُعا ڏئي ٿي ته شل تو کان پنھنجو ڌنڌو ئي وِسري وڃي ته من پوءِ مــُــون وٽ رهين. ستار جي ســَــڻـــائـــي ٿــيــئــــي اڃان ڪالهه ته موٽيو آهين ۽ اڄ وري پيو ٿو وَڃڻ جي تياري ڪرين. واپارڪي ذھنيت ۾ رڳو واپار ۽ پئسي کي اوليت ھُوندي آھي. پيار جو قدر نه ھُئڻ برابر ھُوندو آھي.
جــا جــر جــــاٽــُــون نه ڏئـــي، ڏِيـــا نـــه مــوهــي
سـَـڌُون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون

سمجهاڻي: سنڌ ۾ جــَـــل پــُـــوڄــــا ۽ پاڻيءَ سان عقيدت جا ڪيترا ئي مثال مــوجــُـــود آهن. سنڌو درياهه سان فطري عشق جا اُهڃاڻ پڻ اڄ به ڏِسڻ ۾ اچن ٿا. خاص ڪري جن ماڻهن جو سنڌو درياهه ۽ ســمــُــــنــڊ تي سڌو سنئون سفر آهي اُهي ته ڪيترا ئي ساٺ سونڻ ۽ ريتون رسمون ڪندا آهن. سنڌو درياهه ۽ ثقافت جو ڏهاڙو به اِن جو ثــبــُـــوت آهي. اِهو ڏهاڙو شروع ته ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش ميڊيا گــروپ ڪيو هو پر اڄ اَسان سمورا اِن ڏينھن کي ملهائيندا آهيون. اهڙيءَ ريت موهن جي دڙي مان مليل ناچڻيءَ جي هڪ مــُـــورتــــيءَ لاءِ به نامور آرڪيالاجسٽ پروفيسر الطاف اَثيم جو خيال آهي ته اِها مــُـــورتــــي پاڻيءَ جيءَ پــُــوڄـــارڻ جي آهي. مطلب ته اسان جو پاڻيءَ سان اَزلي عشق آهي. اِن عشق جو ذڪر لطيف به پنھنجي هــِـــن بيت ۾ ڪيو آهي. عورتون پاڻيءَ جي زيارت ۽ پاڻيءَ مٿان ڏيئن ٻارڻ جون رسمون ڪنديون هيون. هــُـــو اِن دوران مــُــخــتـــلـــف بــاســُــون پڻ باسينديون ۽ دُعائون گـهــُـــرنــديــُــــون هيون / آهن. اِنهن بــاســُــن ۽ دُعائن ۾ سندن وَڻجارن ۽ ٻيڙن جي سلامتي، شڪار ۽ واپار ۾ برڪت ۽ جلد واپسي به شامل هــُــونــدي هــُــئـــي / آهي. جيڪا وڻجاري ائين نه ڪندي هــُــئـــي ۽ رُڳو ســَــکــڻـــو پئي مــُــڙس کي ساريندي هــُـــئــــي اُن لاءِ ائين سمجهيو ويندو هو ته هــُـــن کي پنھنجي وَرَ سان ڪا خاص محبت ناهي. محبت جي شدت جو اندازو جر جي جاٽن (زيارتن) ۽ ڏيــئــن ٻارڻ جي رسمن مان لڳايو ويندو هو. جيڪا اِهي رسمون نه ڪندي هــُــئـــي اُن کي جيڏيون، ســَـــرتــيــُــــون مھڻا ۽ طعنا ڏينديون هــُــيــُــون ته تــُـــون ته مٿاڇريءَ دل سان ٿي پنھنجي ڪانڌ کي ياد ڪرين. لڳي ٿو ته تــُــنـھــنـجــــي مــَـــن ۾ ڪو کوٽ آهي.
سر نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سھسين سکائون ڪيون

سمجهاڻي: هــِــن بيت جــُـــون مــُــخــتـــلــف پڙهڻيون آهن. ڪــُــجــهــه عالمن کي هــِـــن پڙهـڻــيءَ تي اعتراض آهي. سياري جي مــُـــنــد ۾ ســـَــــر جو ٻــُـــوٽــــو ڦوٽھڙو ڪري سنگ ڪڍڻ شروع ڪندو / نــِــســـرڻ لڳندو آهي. اُتر جون ٿڌڙيون هوائون گـهــُـــلـــن پيون؛ ســَـــر بــه نــســـريــــا آهن. هــِــن مــُـــنــد چــريءَ ۾ مــحــبــُـــوب جي ياد وڌيڪ ستائيندي آهي. ڪن عالمن سر نسريا بدران ’سرن سڙيا پاند‘ به ڄاڻايو آھي. مطلب ته سرن جا سرديءَ ۾ پاند يا گونچ به سڙي ويا. ان قھر جي سرديءَ ۾ مان اڪيلي پئي گھاريان ٿي، اھڙيءَ موسم ۾ تون گڏ ھُجڻ گھُرجين. سو پرين! جلدي اَچ! مــُــون تــُـــنــھـــنــجــــي اچڻ لاءِ ڪيتريون ئي باسون به باسيون آهن. سو دير نه ڪر! اچ ته من جي مــُــرادن پــُــڄـــڻ تي سڀئي ســُــکــــون گڏجي پــُـــوريـــون ڪريون!
ويا اوهرَي اوءِ! مـُــون کي ڇــڏي ماڳــهــيـن
جـُــڳــن جا جــُـــڳ ٿيا، تـِـئــان نه موٽيو پوءِ
گــُــــونــدر ما رِيندوءِ، ويچارِيءَ وَيــَـن جو

سمجهاڻي: مون کي ائين لڳي ٿو ته هــُــو مــُـــون کي سدائينءَ لاءِ ڇڏي ويا آهن. جيڪڏهن کين واپس موٽـڻــو هــُــجـــي هان ته ڪڏهوڪو اچي به وڃن ها پر کين زمانا گــُـــذري ويا آهن اڃان نه موٽيا آهن. سندن ســُـــور مــُـــون کي ماري ڇڏيندو. هاڻي تــه ٻــيــا بــه مــُــنــھــنـجـــو حال ڏِسي مــُـــون تي تــرس کائن ٿا ۽ چــَــوَن ٿا ته هــِــن ويچاريءَ / بيوس ۽ لاچار کي جــُــدائـــيءَ جو گهاءُ گهائي وِجهندو / نــِــھـــوڙي نـيـــنــدو / ماري ڇڏيندو.
اُونـــهـــــــي ۾ اوهــــــري، جــــــڏهـــــن ويـــــا جــــي
مــوٽـــِــي ماڳ نه آئيا، ماءُ! سـامـــــُـــــونـــڊي ســــي
کـــارو تــَــنــــِـــيــن کي، جــيــڪــَـــس وَهُه وَرِي ويو

سمجهاڻي: جڏهن به ڪو اُونهي پاڻيءَ ۾ ويندو آهي ته اُن جو بچڻ مــُـــشـــڪـــل ٿي پــَــوَنــدو آهي. مــُــنـھــنـجـــيءَ دِل ۾ مــُــخـــتـــلـــف وَهم ۽ وَسوَسا آهن ته اي اَمڙ! اڃان تائين اسان جا ســامــُـــونــڊي پنھنجن ماڳن تي نه موٽيا آهن سو خــُــداءِ خير ڪري! ڪــِـــٿـــي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جي وَهڪري / وِيـــر جو شڪار ته نه ٿي ويا.

سـُـر سـُـھـڻــي

ســُــر ســُــھــڻــيءَ ۾ ســُــھــڻـــيءَ ۽ ميھار جو عشقيا داستان تمثيلي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ســُــھــڻــــي درياهه ٽــُــپــــي ميھار سان ملڻ ويندي هــُــئـــي. درياهه پار ڪرڻ جو وَسيلو ٺـــِــڪــَـــرَ جو گـهــَـــڙو يا مــَـــٽُ هــُــونــدو هــُـــيــُــــس. جيئن هاڻي گاڏين جي ٽيوبن ۾ هوا ڀري نوجوان ڪينجهر يا ٻين آبي ماڳن تي تــَـــرنــدا آهن ائين ئي دِلــي يا مــَـــٽ کي پاڻيءَ ۾ اُونڌو ڪري مٿس پيٽ رکي تـــَـــرِي سگهبو آهي. ســُـھــڻـــي به ائين ڪندي هــُـئــــي. نتيجي ۾ ڪچي گھڙي سبب درياھ ۾ ٻُڏي مري وئي.
گهـَـڙو ڀـَـڳـو، مــُــنڌ مـُـئي، وسيلا ويا
تھان پوءِ ســُــئــا، سـُــھــڻيءَ سڏ ميھار جا

سمجهاڻي: آخري (ٻــُـــڏڻ واري) ڏينھن ساڻس اِهو دوکو ٿيو جو پڪي گهڙي جيءَ جاءِ تي ڪچو گهڙو رکيو ويــُـــس. عشق ۾ مستاني ســُــھــڻــــي ان کي ســُــڃـــاڻـــي نه سگهي. جڏهن درياهه جي وِچ تي پھتي ته گهڙو ڀــُـــري ڀــَــڄــــي پيو. هــُــن ميھار کي ڏاڍا سڏ ڪيا. زندهه رهڻ جا سندس ســمــُــــورا وسيلا ناڪام ٿيا. پوءِ وڃي ميھار کي خبر پئي. ھن سھڻيءَ کي بچائڻ لاءِ اُن کان پوءِ دانھون ڪــُــوڪــُــون ڪيون ۽ ســُــھــڻـــيءَ کي سڏ ڪيائين. تيستائين سُھڻيءَ جو سَت ختم ٿي چُڪو ھو، سو ســُــھــڻـــيءَ سڏ ته ٻــُـــڌا پر وَرنائڻ هــُــن جي وَس ۾ نه هو. جيڪڏهن ميھار ســُــســـتـــي نه ڪري هان ته ســُــھــڻـــي بچي پئي هان. ميھار جي لاپرواھيءَ ۽ محبت ۾ ڪسائيءَ به سُھڻيءَ کي موت ڏيکاريو. جيڪڏھن غفلت نه ڪري ھا ۽ پاڻ به درياھ ۾ وقت سر لھي پوي ھا ته سُھڻي بچي وڃي ھا.
هئي طالبياڻي حق جي، توڏي لاڪون توڙ
نه ملاح نه مڪڙي، نه ڪي ٻڌائين نوڙ
پاڻي پِــنـيءَ ٻوڙ، سهڻيءَ ڀانيو هو سير ۾

سمجهاڻي: ســُــھــڻــــيءَ جو ڪردار سنڌي سماج جي ريتن رسمن، روايتن ۽ قدرن کان مــُــخـــتــــلـــف آهي. عام طور اهڙي ڪردار کي پسند نه ٿو ڪيو وڃي پر لطيف سائينءَ ســُــھــڻـــيءَ جي نه رُڳو وَڪالت ڪئي آهي پر کيس صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش به ڪئي آهي. هــُـــو هــر معاملي ۾ عورت جي راءِ جو احترام ڪرڻ جو دَرس ڏئي ٿو. ســُــھــڻــيءَ سان به زيادتي ڪئي وئي هــُــئــــي، جو سندس مرضيءَ بنا ڏَم سان شادي ڪرائي وئي هــُــئــــي. نتيجي ۾ هــُـــن ميھار سان پنھنجيءَ محبت کي جاري رکيو. لطيف فرمائي ٿو ته ســُــھــڻـــي ته شروع کان ئي حق جي ڳولها ۾ هــُــئــــي؛ صحيح واٽ تي هــُــئــــي. اِهو ئي سبب آهي جو جڏهن ميھار سان ملڻ ويندي هــُــئـــي ته کيس درياهه پار ڪرائڻ لاءِ نه ڪنھن ملاح جي ضرورت هــُــئـــي نه ئي ٻيڙيءَ جي ۽ نه ئي وري نوڙ يا رَسي جي ضرورت هــُــئــــي جو ڪــِــنــاري تي وَڻ يا ڪنھن ڪــِــلــــي سان رَسو ٻــَـــڌي اُن جي ســَــــھـــاري تي درياهه ٽــُــپــــي هان. هــُـــن کي درياهه جو وڏو پاڻي به گوڏي کان به گهٽ پــــِــنــــيءَ يعني پيرن ٻــُـــڏڻ جيترو پئي لڳو. اهو ئي سبب آهي ته هــُــوءَ همٿ ۽ عشق سان پئي درياهه پار ڪندي هــُــئــــي؛ ميھار سان ملندي هــُــئــــي. مطلب ته اسان جيڪڏھن مقصد سان سچا آھيون ته ھر قسم جي رنڊڪ کي ختم ڪري سگھون ٿا.
پـُـڇــن جي ميهار کي، پـُــڇـــن سـي ميھار
تــُــرهـو تنين بار، عشق جنين کـي آڪرو
سمجهاڻي: جيڪي ميھار کي ياد ڪن ٿيون تن کي ميھار به ياد ڪري ٿو. يعني هتي محبت ٻطرفي آهي. ڪٿي ڪٿي هڪ طرفي هــُـــونــدي آهي. گـهــُـــر ته گــهــُــــرانءِ وارو ڪم آهي. جڏهن محبت پنھنجي اوج تي هــُــونــدي آهي ۽ عشق جن جي اندر ۾ نه ماپندو آهي ته ســُــھــڻـــيءَ وانگر اُنهن کي درياهه پار ڪرڻ لاءِ ڪنھن ٺوس سھاري جي ضرورت نه پــَـــوَنـدي آهي. تــُــرهــــو درياهه پار ڪرڻ لاءِ هڪ قسم جو سھارو هــُـــونــدو آهي جيڪو ڪاٺين ۽ ڪــَــکـــن ڪانن مان ٺاهيو ويندو آهي. ســُــھــڻـــيءَ بــه ملاح، مڪڙيءَ (ٻيڙيءَ) ۽ تــُــرهـــي جي ڪا به پرواهه نه ڪئي بــلــڪـــِــه تــُــرهـــي کي بــار ڀانئي گهڙي کي وسيلو ٺاهيائين.
ڪنڌيءَ اُڀـيــُـــون ڪيتريـُــون، ساهڙ ساهڙ ڪن
ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهــِــڙن
ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهــِــڙن جي

سمجهاڻي: درياهه جي ڪناري تي بيھي ته ڪيتريون ئي پنھنجي محبوب کي ياد ڪنديون آهن. انهن مان گهڻيون ته اِن جي ڪري نه گـهـــِـــڙنــديــُــــون آهن ته متان پاڻيءَ ۾ مري وڃن ڇو ته انهن جو عشق پــُــخـــتـــــو نه هــُـــونــدو آهي. جن جو عشق سچو ۽ پڪو هــُـــونــدو آهي سي ته درياهه ۾ اِهو چئي گــهـــِـــڙنــديــُـــون آهن ته جيڪڏهن مــُــئـــَـــس ته يار تان گهوريس! ساهڙ / مــحــبــُـــوب بــه اُنهن کي پنھنجو ڪندو آهي جيڪي مــُــرڪـــنــدي / خوشيءَ سان درياهه ۾ لھي پوَنديون آهن. مطلب ته سکڻيون خواھشون نه ڪجن، ڪُجهھ حاصل ڪرڻو آھي ته ان لاءِ عملي قدم کڻڻ ضروري آھن. ڪوشش ئي ڪاميابيءَ جي ڪُنجي ھُوندي آھي.
وڻن ويٺا ڪانگ، وِچــِــيـن ٿي ويلا ڪري
گهــِــڙي گهڙو هٿ ڪري، سـُــڻـي سانجهيءَ ٻانگ
سي ئي ڍونڍي سانگ، جتي ساهڙ سپرين

سمجهاڻي: لطيف سرڪار ســُــھــڻــــيءَ جي ميھار سان ملڻ لاءِ تياريءَ جو منظر هــِــن ريت ٿو بيان ڪري ته ٽيپھريءَ جو وقت آهي؛ وَڻن تي ڪانءَ ۽ ٻيا پکي واهيرو ڪرڻ لڳا آهن ته ســُــھــڻــــيءَ ســَــــــنــبـــــت شروع ڪئي آهي. جڏهن سج لٿي جي ٻانگ آئي آهي ۽ اُوندهه شروع ٿيڻ لڳي آهي ته هــُــن گـهــَــــڙو هٿ ڪري پاڻيءَ ۾ ٽــُـــپ ڏِنو آهي. دريــاهه ٽــُــپــــي اُهي ماڳ يا ٿاڪ پئي ڳولهي جتي سندس ساهڙ (محبوب) آهي.
گهـــِــــڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي
مـَــئــَــي مــَــتـــي مھراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي
ته ميهار مليئي، سـَـمـڀــوڙو سيڻاهه سين

سمجهاڻي: اِهو اُصــُـــول اٿئي ته جيڪي پــُــرعـــزم ٿي ميدان ۾ لھندا آهن، اُهي ئي سوڀارا ٿيندا آهن. سو تــُــون بــه تار درياهه / مھراڻ ۾ / خطرناڪ ميدان ۽ منزل ڏي ڪاهي پــَــئــُـــه ته تو کي به ســُــھــڻـــيءَ وانگر ميھار ملندو / مقصد ۾ ڪاميابي ملندي. اُهو به رُڳو خالي ميھار نه پر سيڻاهه سميت اچي تو وٽ حاضر ٿيندو. مطلب ته نه رُڳو منزل پر منزل تائين پھچڻ لاءِ ســُــواري ۽ صحيح دَڳ به ملي ويندُءِ. (سيڻاهه ٻڪريءَ جي کل کي ســِــبــــي بند ڪري / ڦــُــوڪـــي تـــَـــرڻ لاءِ ٽيوب وانگر ٺاهيل هڪ شئي هــُــــونـــدي آهي.)
جي تو بيت ڀانئيان، سي آيـتــُـون آهين
نيو من لائين، پريان ســَــــنـدي پار ڏي

سمجهاڻي: شاهه لطيف پنھنجي هــِــن بيت ۾ پنھنجي ڪلام لاءِ اِها دعوا ڪئي آهي ته: مــُــنــھــنــجـــا هي بيت / شعر ڪي عام شعر ناهن بــلــڪــِـــه اِنهن جي وڏي اهميت آهي. اِهي قــُــرآن پاڪ جي آيتن وانگر آهن. آيت معنيٰ نشاني. قــُـــرآن پاڪ ۾ جتي جــُــمــلـــو پــُـــورو ٿيندو آهي ته اُن کان پوءِ ننڍڙو گولڙو ڏِنل هــُـــونــدو آهي جتي گهڻي ڀاڱي ساهه کڻبو آهي. هڪ گولڙي کان ٻئي گولڙي يا ڪنھن به ســُـــورت جي شروع کان پوءِ آيل پھرئين گولڙي تائين هڪ آيت ڳڻي ويندي آهي. شاهه صاحب چئي ٿو ته مــُــنــھــــنــجــــا شعر اُهي آيتون آهين، جيڪي تــُــنــھـــنــجـــيءَ دِل کي پرينءَ جي پار ڏي وٺي وينديون. مخدوم عبدالرحيم گـــِــــرهــــوڙي فرمائي ٿو:
آهي عـبـدالـلـطــيـف تي، رضامندو رحمان
جوڙي جنھن قــُــرآن، سنڌيءَ ۾ سمجهايو
**

جيئاريس سنڀار، ڪوهُه ڪريندم گڏجي
ويروتار وجود ۾، پرين جي پچار
سڄڻ هُئن نه ڌار، جي هينئين ۾ حل ٿيا

سمجهاڻي: حقيقت اِها آهي ته مــُــون کي مـحـبــُـــوب جيءَ ياد ئي زندهه رکيو آهي. سو ساڻس ملي ڇا ڪندس؟ هميشه مــُـــنــھــنـجـــي وُجــُـــود ۾ پرينءَ جي پچار گهر ڪري وئي آهي. اُهي سڄڻ ڪڏهن به جــُـــدا نه ٿا ٿي سگهن جيڪي دِل سان ملي هڪ ٿي ويا هــُــجـــن. (جيئن کير ۾ کنڊ حل ٿي وئي هــُــجــــي / گـــَـــڏجـــي وئي هــُــجـــي / مــحــلــــُــــول ٺھي ويو هــُــجــــي ته پوءِ انهن کي الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. ائين ئي منھنجو محبوب مــُـــون ۾ داخل ٿي ويو آهي.)
گهڙِي گهڙو هٿ ڪــَـــرَي؛ ٻــَــــھـــُــــون نــِـــھــــارَي ٻــَــــنــگ
وَ اما مـــن خاف مــَـــقـــام رَبــّـــھــِـي؛ اِي لنگهيائــِــيــن لنگهه
سـِـــڪـــَــــنـديــُــن کي، سيد چئي، ڪــِـيـن جهليندو جهنگ
رات جـــَــــنــــِـــيــن جـــو رَنگ، اَلا! ســـــي اُڪارئــــيــن

سمجهاڻي: ســُــھـــڻـــــي گــهــَـڙو هٿ ڪري، هيڏي هوڏي نھاري، درياهه جي موج مستي ڏِسي ۽ پــَـــڪ ڪري درياهه ۾ لھي پئي ۽ اِهو ڏُکيو رستو اُڪري وئي. (آيت سڳوريءَ جو ترجمون: جو پنھنجي رب جي اڳيان بيھڻ کان ڊڄي ٿو.) جن کي سچي ســِـــڪ آهي تن کي سيد عبداللطيف چئي ته خوفناڪ جهنگ به روڪي نه سگهندو. جيڪي رات جا راهي آهن؛ جن جا رنگ رات جو نــِـــکـــــرن ٿا اي مالڪ سائين! تن جي پارت اٿئي! اُنهن کي صحيح سلامت پار پھچائجانءِ / اُڪارجانءِ!
توڏي توڙان ئــِــي نينھن نوازي سـُــھــڻـــي!
ڳچيءَ هار حبيبَ جو، لائق لـــَــــڌائــِــيـن
سو تڙ سوٺائين، جيڏانــھـــن عـالــَـم آسرو

سمجهاڻي: توڏي به ســُــھــڻـــيءَ جو نالو آهي. کيس اصل کان ئي ڪو سچو عشق هو. هوءَ عشق جي نوازيل هــُـــئــــي. عشق ڪنھن ڪنھن کي نوازيندو آهي. پنھنجي محبوب جي محبت جو هار کيس نصيب ٿيو. سندس محبوب به ساڻس محبت ڪندو هو. هــُـــن محبت ۾ اُهو ماڳ ماڻيو جيڪو سڄي جڳ جو آڌار هو. اِها منزل به ڀاڳ وارن کي ئي ملندي آهي.
ساري سـِــکُ سبق، شريعت ســـَــــــنــدو سـُــھـــڻـــي!
طــَـــريـــقـــتـــان تــِــکـــو وَهــــي، حقيقت جو حق
مـعــرفــت مــَـــــرَڪ، اَصــُـــــل عــــاشــقــن کـــــي

سمجهاڻي: ســُـــر ســُـــھـــڻــــيءَ جي هــِـــن بيت ۾ صــُــــوفــيــُــن جــُـــون چـــار منزلون هڪ شريعت، ٻي طريقت، ٽين حقيقت ۽ چوٿين معرفت بيان ڪيون ويون آهن. ســُــھــڻـــيءَ کي / ٻـــانــهــــي کي سچي عشق تائين پھچڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته تو کي پھريان شريعت جو سبق ســِـــکــــڻـــو آهي. طريقت (طريقي / مُرشد وسيلي حقيقت تائين پھچڻ) کان حقيقت جو حق تــِـــکــــو ۽ تيز آهي. سچن عاشقن لاءِ معرفتِ الاهي حاصل ڪرڻ ئي مانُ ۽ شان آهي. اِهي منزلون ئي صوفين جي ڏاڪڻ هــُـــونــديـــُـــــون آهن جن کي پار ڪرڻ لاءِ سڄي سڄي ڄمار وقف ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪارِي رات، ڪـَــچــو گهـَـــڙو، اُڻـٽـِـيــھَه اُونداهِي
چـــنـڊ نــالو ناهِه ڪو، دريـــــــــاهَه دَڙ لائــِـــي
سـاهـَـڙ ڪارڻ ســُـــھــڻــي، آڌِيءَ ٿــَـــي آئــي
اِيُ ڪم اِلاهــِـي، نات ڪُنن ۾ ڪَير گهـِـڙَي؟

سمجهاڻي: جنھن رات ســُــھــڻــــي ٻـــُــــڏي هــُـــئـــي اُن رات چنڊ جي آخري رات هــُــئــــي. آخري رات ۾ چنڊ اهڙي وقت اُڀرندو آهي جڏهن سج اُڀرڻ وارو هــُـــونـــدو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪڏهن نظر ايندو آهي ته ڪڏهن نه. هڪ طرف ته چنڊ جو نانءُ نشان ڪونهي ٻئي پاسي اڌ رات جي گھگھه اُونداھيءَ ۾ درياهه به موجن ۾ آهي. پنھنجي مــُــحــــب سان ملڻ لاءِ ســُــھــڻــــي اَڌ رات آئي آهي. سچي ڳالهه ته اِها آهي ته ساڻس رب راضي آهي ۽ هــُــو کــانــئــُـــنــس اِهو ڪم پيو ڪرائي نه ته ڪير آهي ٻيو ڪو جيڪو ڪــُــنــن ۾ ڪاهي پئي. جڏھن ارادا اٽل ھُوندا آھن ته خُدائي مدد حاصل ٿئي ٿي. ان حالت ۾ علامه اقبال چواڻي ’خُدا خود بندي سي پُوڇي، بتا تيري رضا ڪيا ھي؟“
جا هڙ اندر جيءَ، سا هڙ ڏني ساهه کي
سا هڙ ڏني ساهه کي، سا هڙ ساهڙ ريءَ
ساهڙ ميڙ سميع، ته سا هڙ ڇـُـڙي ساهه کي

سمجهاڻي: لطيف سائينءَ هــِــن بيت ۾ ڪمال ڪاريگري رکي آهي. هيءُ لوڪ ادب جي صنف ھُنر جو ھڪڙو اهڙو هــُــنــر آهي جنھن ۾ هڪ ئي لفظ ”ساهڙ“ جــُـــون مــُــخـــتــــلـــف معنائون سامهون اچن ٿيون. ساهڙ ميھار يعني ســُــھــڻــــيءَ جي مــحــبــُـــوب کي به چيو وڃي ٿو. ســُــھــڻــــي چئي ٿي جيڪا هــَــــڙ معنيٰ ڳنڍ جيءَ ۾ ڏنل آهي سا ڳنڍ مــُــنــھــنــجــــي محبوب (ساهڙ) ڏني آهي. هاڻي اُها ڳنڍ ساهڙ (محبُوب) کان ســِـــواءِ ٻيو ڪو به کولي / ڇوڙي نه ٿو سگهي. ساهڙ (اي ڌڻي!) اي ٻــُـــڌنــدڙ! مــُـــون کــي ساهڙ سان ملاءِ ته ساهَه جي ڳنڍ کـــُـــلـــــي پئي نه ته منھنجو بچڻ مــُــشـــڪـــل آهي.
آءٌ ڪ نــه ڄـــاڻــــان ايئن؟ تـــه جـَـر گـهــِــڙي جوکو ٿئي
قضا جا ڪـريم جي، تنھن کان ڪنڌ ڪڍبو ڪيئن
هــــڪُ لـِــکـــئـــي ٻــيــو نيــنـھـن، آڻـــي اُڇـليو آب ۾

سمجهاڻي: مان ته عشق ۾ اَنڌي هيس. سو مون کي ڪھڙي خبر هئي ته پاڻيءَ ۾ گـهــِــڙڻ سان نقصان ٿيندو. حقيقت اِها آهي ته اِها منھنجي رب جي مرضي هئي ته مان عشق ۾ ايترو اڳتي نڪري وڃان. تنھن ڪري ڪريم جي قضا کان ماڻهون ڪيئن ٿو بچي سگهي. هڪڙو ته قسمت جو لکيو هيو ٻيو عشق هو. انهن ٻنهي درياهه جي ڌَڌڪن ۾ ڌِڪي ڇڏيو.
سـَـــڀت پـَــچــار پـــرين جي، سڀت هوت حضور
ملڪ مڙوئـي منصور، ڪُھي ڪھندين ڪيترا؟

سمجهاڻي: شاهه لطيف شاهه عنايت شھيد جي شھادت واري واقعي جو کــُــلـــي اظھار نه ڪيو آهي. هــِــن بيت مان لڳي ٿو ته سندس اِشارو شاهه عنايت شھيد ڏانھن آهي. ڪي عالم هــِــن بيت جي مذهبي رَنگ ۾ تشريح ڪن ٿا. جتي ڪٿي محبوب جو ذڪر آهي. هـُـو هر هنڌ موجود آهي. جيڪو عوام جي دِلين ۾ گهر ڪري وڃي تنھن جون ڳالهيون ۽ پچارون ته هر ماڳ تي ٿينديون. ڄڻ هـُــو ساڻن گڏ آهي. هونئن به شھيد زندهه هوندا آهن. سندن مرڻ سان ڪي تحريڪون ختم ناهن ٿينديون. وقتي طور بيھي ته سگهن ٿيون پر ساهي پـَــٽـــي نئون روپ، نئون جوش ۽ ولوَلو وٺي اُڀري پونديون آهن. جڏهن سڄو مـُـلــڪ منصور ٿي وڃي؛ قربانيءَ لاءِ تيار هـُـجــي ته پوءِ اي غاصب! ڪنھن کي ڪـُـھــي ڪنھن کي ڪـُـھـنـديـن؟ ڪنھن ڪنھن کي ڦاسيءَ چاڙھيندين؟
جـَـر ٿــَـر تــِـک تـنـوار، وڻ ٽڻ وائي هـيـڪـڙي
ســـــڀــيـئي شــئـي ٿـــــيــا، سـُـــوريءَ ســــــــزاوار
ھمہ مـنصـــــــور هزار، ڪھڙا چاڙهي چاڙهئين

سمجهاڻي: هــِــن بيت لاءِ به خيال ڪيو ٿو وڃي ته شاهه عنايت شھيد لاءِ آهي. سنڌ تان جان گهوريندڙن، حق لاءِ وِڙهندڙن ٻــَـــڌيءَ ۽ قــُــربـــانــيءَ جو اعلان ڪيو آهي. سمورن ساٿين اِن تي لبيڪ چئي آهي. هاڻي وَستيءَ واهڻ، وَڻ ٽڻ، بر بحر ۾ هڪ ئي آواز آهي ته اسان قربانيءَ ڪارڻ تيار آهيون. جيڪڏهن حق جو آواز اُٿارڻ ڏوهه آهي ته اسان کي ســُـــولــــيءَ جي سزا قبول آهي. سـِــر گهورڻ وارا منصور هڪ ٻه نه پر هزارين آهن. تون ڦاسي ڏيڻ ته شروع ڪر! تنھنجون ڦاسيون کــُــٽـــي وِينديون. ڪنھن کي ٽــَــنــگـــي ڪنھن کي ٽنگيندين؟ سو هاڻي تون پنھنجي ناڪامي قبول ڪر!
**

سـُــر سـسـئـــي آبـــري

سسئي سنڌ جي شھر ڀنڀور جي ۽ پنهون بلوچستان جي شھر ڪيچ مڪران جو هو. ٻنهي جي پنھنجيءَ پسند تي شادي ٿي. شاديءَ کان پوءِ پنهونءَ جا ڀائر کين نشو ڏئي رُڳو پنهونءَ کي کڻي ويا. سسئي جڏهن سـُــجـــاڳ ٿي ته پنھنجي مـُـــڙس جي ڳولها ۾ نڪتي. وڏي جاکوڙ ڪيائين.
سسئيءَ جي ڪردار کان لطيف ڏاڍو مــُـتـــاثـــر آهي بلڪــه سندس شيدائي آهي. سسئيءَ جي جاکوڙ ۽ سچائي کيس ايڏي ته وڻي آهي جو سسئيءَ بابت هــُــن پــُـــورا پنج ســُـــر چيا آهن. ترتيب جي لحاظ کان هيءُ پھريون ســُـــر آهي.
سـُــکــن واري سـَــڌ، متان ڪا مون سين ڪري
اندر جنين اَڌ، ڏُونگر سي ڏورينديون

سمجهاڻي: سسئي جڏهن پنھنجي محبوب پنهل جي ڳولها ۾ نڪري ٿي ته ڪن سرتين چيس ته اسان به تو سان هلنديونسين. اِن تي سسئيءَ چـَــيــُــنِ هلو ڀلي پر هڪ ڳالهه ياد رکو متان مون تي ٿورو ٿَڦي اڳتي هلي چئو ته واپس موٽي ھل يا جهنگن، بيابانن، بگهڙن ۽ تڪليفن کي ڏِسي ڊڄي وڃو. بيابان ۾ پاڻي به نه ملندو. جڏھن اُڃ بـُــک مرو ۽ چئو ته تنھنجي ڪري ڪھڙيءَ مصيبت ۾ اچي ڦاٿيون آهيون؟ ڪو پاڻيءَ، مانيءَ، ڇانوَ، سواريءَ ۽ چوڪيدار جو بـــِــلــــو / بندوبست ڪر! ڪَن کولي ٻُڌو مان توهان جي سـُــک، سلامتيءَ ۽ خوشيءَ واري ڪا به خواهش پوري نه ڪري سگهنديس. تنھن ڪري سوچي وٺو. توهان ته مون کي اِنهن افعالن سان پرينءَ تائين پھچڻ ئي نه ڏينديون. ڏُک ڏِسي مون کي به واپس ورڻ تي مجبور ڪنديون. اوھان ته سُکن ۽ خوشين جي خواھش رکندڙ آھيو. اوھان کي ته عشق جو ڪو احساس ئي نه ٿيندو، ڇا ڪاڻ ته اوھان ته عشق ڪيو ئي ڪونھي. سو اُهي جبل جهاڳينديون ۽ تڪليفون سھنديون جن جو محبوب جي جـُــدائـــيءَ ۾ اندر اَڌ ٿي پيو ھُجي. دل چيرجي پئي ھُجي. اوهان سان ته ائين ٿيو ئي ڪونهي. تنھن ڪري هـِــتـــي ئي ترسو! منھنجي جـِــنــد ڇڏيو / ٽــَــرو هــِـــتـــان! تئو اُتي ايندو، جتي باھ ٻرندي.
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سـُـــڄــــن نيلا
اُتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪِلـِـيءَ حيلا
جت ڪـُـڙم نه قبيلا، اُت رسج رهبر راهه ۾

سمجهاڻي: جڏهن سسئي پــُــنــهـــل جي پويان ڀنڀور مان نڪري ٿي ته سڄو رستو ڏاڍو اَڻانگو آهي. وَڻڪار ۾ وڏا وڻ ۽ گهاٽو جهنگ آهي جنھن ۾ خطرناڪ نانگ ۽ بلائون آهن، جتي مرد به وڃڻ کان لنوائيندا آهن پر سسئي پنھنجي محبوب ماڻڻ لاءِ ڪنھن به جانور يا جن ڀــُــوت ۽ ماڻهونءَ کان نه ٿي ڊڄي. اُتي عبداللطيف فرمائي ٿو ته اڪيليءَ ڊَپ ڏُور ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي حيلا ۽ وَسيلا ڪيا. اي مالڪ سائين! جتي ڪنھن جو ڪو مــِــٽ مــائــٽ، دوست ۽ ڪــُــٽــنــب نه هــُــجـــي اُتي پنھنجي رهبري ڪر! (اڪيليءَ سسئيءَ جي مدد ڪر!) لطيف سائين ھن بيت ۾ سسئيءَ جي ڪردار سان تمام گھڻي ھمدردي ڏيکاري ٿو. ائين محسُوس ڪرائي ٿو، ڄڻ سسئي سندس سامھون پئي وڃي ۽ اُن جي سلامتيءَ لاءِ دُعا ٿو گھُري، جڏھن ته سسئي شاھ کان سوين سال پھريان ٿي گُذري آھي. اھو به ھڪ سبب آھي ته شاھ جو ڪلام تازو / ھر دور جو لڳي ٿو. ان بيت کي دُعا طور اڄ به ڪَتب آندو وڃي ٿو.
وِندُرَ جي وڃن، سي مـَــر ٻـَــڌن سـَـــنـدرا
ٻيون ڪوهه ٻـَــڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون

سمجهاڻي: سـَــڌُون ۽ خواهشون ته سڀني وٽ کوڙ آهن؛ عشق جون دعوائون به ڪيترا ئي ڪن ٿا پر سسئيءَ جھڙي ســَـــڌَ ۽ عشق ڪنھن وٽ ناهي. جڏهن سندس پنهل کي ڀائر بلوچستان کڻي ويا ته سسئيءَ سندن پـُــٺــيــان وڃڻ لاءِ تياري ڪئي ته ڪجهه سرتين به کيس ساڻ هلڻ جو چيو. اُنهن کي سسئيءَ چيو ته وِندر واري علائقي جا پھاڙي پنڌ ڏاڍا اَڻانگا ۽ خطرناڪ آهن. ائين نه ٿئي جو ڪجهه پنڌ هلي اوهان واپس موٽي اَچو. تنھن ڪري هرو ڀرو تياري نه ڪريو. جن جي سچي سڪ ناهي، سي تياري ڇو ٿيون ڪن، رُڳو ڏيکاءُ لاءِ ٿيون تياري ڪن. هتي لفظ ”ســَـــــنـــدرا“ علامتي طور ڪتب آندو ويو آهي؛ جنھن جي معنيٰ آھي تياري ڪرڻ يا سندرا ٻَڌڻ. مَلَهه جڏهن مَـلَهه وِڙهندا آهن ته پنھنجيءَ چيلهه سان ڪنھن ڪپڙي کي وَٽي نوڙ وانگر ٻــَـــڌنــدا آهن ته جيئن اُن نوڙ ۾ پنھنجا هٿ وِجهي هڪ ٻئي کي دَسڻ لاءِ ســَـــوَلائــيءَ سان زور آزمائن. هــُــو کٽڻ يا هارائڻ کان سواءِ هڪ ٻئي مان هٿ نه ڪڍندا آهن. اهڙي قسم جي نوڙ کي ”سندرو“ چوَندا آهن جيڪو پھلوان مــَــــلــَـــهــه وِڙهڻ کان اڳ ۾ ٻــَـــڌنــدا آهن.
جـيـڪـــس يـــاد ڪـيــاس، ور وڃي وڻڪار ۾
جــلــد جـــريــــدي پـــنـڌ ۾، اديــــون اڄ ٿياس
وڃي ڪيچ پـُـنـيــاس، ٻاروچاڻي ٻاجهه سـِـيـن

سمجهاڻي: ڀانيان ٿي (تصور ۾) ته مــُــنـھــنــجـــي وَرَ پــُــنــهــل مــُـــون کي وَڻڪار (جهنگ/ علائقي جو نالو به آھي) ۾ ياد ڪيو آهي جنھن ڪري سرتيون! پنڌ جي رفتار به وڌي ويئي آهي. پــُــنــهـــــل جي پريت ۽ مــِــھـــر سبب اچي ڪيچ پھتي آهيان نه ته مان ته هيترو پنڌ ڪري ئي نه سگهان هان. مطلب ته تڪليفن جي باوجُود سسئي مايوس نه ٿي ٿئي. آس ۽ آسرو نه ٿي لاھي. نااُميد نه ٿي ٿئي. ائين سمجھي ٿي ته اچي منزل تي پھتي آھيان.
ڪاڪــُــل ڪـُــٺـي جا، ڪفن تنهن ڪين ٿئي
مـَــنـجـهــه شــھــــادت ســا، لــُــڏي ۽ لاڏ ڪري

سمجهاڻي: جيڪا زُلفن جي ڪــُــٺــل هــُــجــــي يعني عشق جي ماريل ھُجي، تنھن کي ڪفن جي ڪھڙي ضرورت آهي؟ اُن جي عظمت شھيد واري آهي. شھادت جو وڏو رُتبو آهي. اُن رُتبي ملڻ تي هوءَ ڏاڍي خوشي ۽ فخر محسُوس ڪري ٿي.
دردُ نه لهي داروئين، زُلف زور ڏنوم
ڪاڪل ڪالهه ڏٺوم، رُخساري تي روپ سين

سمجهاڻي: ھن بيت ۾ محبُوب جي وارن جي تعريف ڪئي وئي آھي. وار سُونھن وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن. وارن جي وار اهڙو ڌَڪي وِڌو آهي جو دوائن کائڻ سان به ســُــور نه ٿو لھي. ڪالهه مــُـــون محبوب جي ڳلن تي وارن (زُلفن) جي چــَـــڳ لــــَــــڙيــــل ڏٺــــي جنھن سندس ســُـــونـھــن ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو هو. ســُــونـھــن جو تاب نه سھي سگهيم.
سڀئي ساري سسئي! گهر ڪـُـــنڊون تون گهور
وڃي ڏُور مَ ڏور، دَرا مــَــنجهه دوست ٿيو

سمجهاڻي: اي سسئي! تــُـون اجايو ٿي ڪيچ مڪران (بلوچستان) وڃين. پــُــنــهــــون ته تــُـــنــھـــنــجـــــي اندر، تــُــنـھــنـجــــي گهر ۾ ئي مــوجــُـــود آهي. هڪ ڀيرو ســُــٺــــي نموني سان پنھنجي گهر جون ڪــُـــنـڊُون ۽ پاسا گـهــُــــوري / چــــِـــتــــائــــي ڏِس! تو کي نظر اچي ويندو. هرو ڀرو ٿي پري وڃين. تــُــنـھــنـجـــو دلبر ته تــُـــنـھــنــجــــيءَ دِل ۾ ويٺو آهي. محبوب کي ڳولهڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ جي ضرورت ناهي. پنھنجي جيءَ کي جهنجهوڙيو ته يار ملي پــَـــوَنــدو.
وَريـتــِــيـون وَرو! آءٌ نه ورنديس وَرَ ري
جاڏي هـِـن جبل جو، تانگهــِـيـنـديس تــَـرو
جتن ساڻ ذرو، نينھن نبيرڻ نه ٿئي

سمجهاڻي: لطيف سرڪار سنڌي عورت / سسئيءَ جي پنھنجي مُڙس سان وفا داري بيان ڪئي آھي. سسئي جڏهن پــُــنـهــل جي ڳولها ۾ ڀنڀور مان نڪري پئي ته ساڻس ڪــُــجــهــه سھيلين همدردي ڪندي چيو اسان به تو سان گڏ هلنديونسين. اُنهن کي هــُــن جواب ڏنــو اوهان جا وَر / مــُـــڙس ته اوهان سان گڏ آهن سو اوهان واپس موٽو؛ مــُـــون سان نه هلو. مــُـــون کي پنھنجي مــُــڙس سان ملڻو آهي. مان اُن کي حاصل ڪرڻ کان ســِـــواءِ نه موٽنديس. مان پنھنجي محبوب لاءِ هــِــن اَڻانگي ۽ تڪليف ڏيندڙ پھاڙ جو تـــَــــرو به ڳولهينديس. پــُــنـهــُـــونءَ ۽ سندس مائٽن جتن سان هڪ ڀيرو جڏهن رِشتو ڳنڍيو آهي ته ڪــُــجــهــه به ٿئي ته به تـــِــر جيترو به يا ذرڙو به مان ساڻن رشتو نه ڇــــِــــنــنــديــس. لائي آهي ته توڙ نڀائينديس.
سدا سائر ســـِـــيـــر ۾، اَندر لـــَـھــــي نـــه اُڃ
پــَـــســڻ جو پرينءَ جو، ســـا ســــڀــائــِـي سُــڃ
تــيـــلان مـــَـــــرَن اُڃ، سدا سائر ســـِــــيــــر ۾

سمجهاڻي: لطيف سرڪار عاشقن جي هڪ عجيب ڪيفيت کي بيان ڪندي فرمايو آهي ته سندن عشق جون ڪي حدون مــُـــقـــرر ناهن ٿيل. ڪڏهن به هـُــو ٿــَـــڪــبـــا ناهن نه ئي سندن عشق جي اُڃ ختم ٿيندي آهي. سندن مثال اهڙو آهي جو سمنڊ جي وِچ ۾ هــُــونــدي به اُڃيا رهندا آهن. محبوب جي ديدار مان به ڍاپندا ناهن. سندن اِهو سمورو سفر به ســُـــڃ جو سفر آهي. اِهو ئي سبب آهي ته سمنڊ ۾ رهندي به اُڃ مرن ٿا. سندن عشق جو سفر اڻ کُٽ آھي.
پــاڻــــــيءَ مــــٿـــــــي جـهــُـــوپــــڙا، مــُــــورَکَ اُڃ مـــَــــرَن
سـاهـان اوڏو ســُــــپـــريــن، لــوچـــي تــــــان نـــه لـــَــــھـــن
دم نــه ســُـــــڃـــاڻــن، دانــھـــُـــــون ڪـــَـن مـُـٺــن جيئن

سمجهاڻي: لطيف سرڪار هــِــن بــيـــت ۾ موڳن ۽ نادانن جي موڳائپ کي ننديندي فرمايو آهي ته ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته درياهه جي ڪناري يا ڪنھن سھولت جي ويجهي هــُـــونــدي به اُڃ مرن يا محروم رهـن ٿا. سندن ساهه کان به پرين ويجهو آهي پوءِ به اُن کي حاصل نه ٿا ڪري سگهن. هٿُ هٿَ تي رکي ويٺا آهن. پنھنجي پاڻ کي ســُــڃـــاڻــڻ بدران مــُـــوڙهــلــن ۽ جاهلن وانگر رُڳو دانھون ٿا ڪن ته هــَــئـــي! اسان کي ڪــُــجــهــه ناهي. هــُــجـــي ڪو اهڙو جيڪو وات ۾ کــڻـــي گـــِــــرهه وِجهي بــلــڪــِــه گــِــرهه به چٻاڙيل هــُــجــــي جنھن کي اسان رُڳو ڳــــِـــھـــُــــــون.
اوھان کي ھزارين اھڙا مثال ملندا، جن ۾ يونيورسٽيءَ يا تعليمي اداري ڀر سان رھائش ھُوندي به علم نه پِرائيندا، ڪو ھُنر نه سِکندا، مارڪيٽ ۾ ھُوندي ڪاروبار نه ڪندا، زمين ھُوندي آبادي نه ڪندا، پئسي ھُوندي ڪار خانا نه کوليندا وغيرہ وغيرہ. ڪم چوريءَ جا اجايا ۽ ھٿ ٺوڪيا عُذر ۽ بھانا پيا ڪندا.
کــَـــھـــي جا کنيائين، وک تنهن ويجهي ڪئي
ڇڪيءَ ڇنائين، پنڌ مڙوئي پٻ جو

سمجهاڻي: سسئي پُنهل جي پويان ھلي هلي ٿـــَـــڪـــجــــي پئي پر پنهل جي پريت ۽ ســِـــڪ سندس آرام ئي ڦـــِــٽـــائـــي ڇڏيو هو. سو سندس ٿـــَــڪـــل وِک به تيز ٿي پئي هــُــئـــي جنھن سندس مفاصلو گهٽائي ڇڏيو هو. سڄي پــَــٻَ جبل جو اَهنجو ۽ اَڙانگو پنڌ به هڪ سـَــٽ ۾ / هڪ ساهيءَ ۾ پــُــورو ڪري ورتائين. جيڪڏهن جــُــنـــُـــون، جوش ۽ جذبو آهي ته منزل آسان ٿي پوندي آهي.
سڌائتي سڀڪا، بـُـک نـه بـاسـي ڪا
جيھيءَ تيھيءَ ذات جي، جـُـنـبــش ناهِه جا
مـُــون سي هلي سا، جا جيءُ مــِــٺـــو نه ڪري

سمجهاڻي: ســَـــڌ / خواهش رکندڙ ته هر ڪا آهي پر پنھنجي آس ۽ اُميد ظاهر نه ٿي ڪري. ڪي خود داريءَ ۾ ته ڪي لوڪ لڄا کان ته ڪي ڊَپ کان پنھنجي مــَـــن جو راز يا خواهش ظاهر نه ٿيون ڪن. ٿي سگھي ٿو ته ٻين سان به ڪي ڏاڍايون ٿيون ھُجن، ساڻن بي وفائي ٿي ھُجي، پر خاموشيءَ سان زيادتي برداشت ڪن پيون. حقيقت اھا آھي ته حاصلات ۽ ڳولھا لاءِ به بھادري کپي ٿي. سکڻي خواهش سان به ڪجهه ڪو نه ملندو. جھڙيءَ تھڙيءَ جي ته وَس جي ڳالهه ئي ناهي. ھُنن کي هلڻ جي مجال ناهي. مــُــون سان (سسئيءَ سان) جيڪڏهن ڪا هلڻ چاهي ٿي ته اُها پنھنجي ســِـــر گهورڻ لاءِ به تيار هــُــجــــي. ھر شئي قربان ڪري.
اچي عــزرائــيــــل، سـُــتـــي جاڳائي سسُئي،
ٿي دوڙائي دَليل، ته پـُـنهونءَ ماڻهون موڪليو.

سمجهاڻي: سسئيءَ جي سچائي ۽ پُنھونءَ سان پيار جي پَڪ (Commitment) کي لطيف سائينءَ ڪيڏي نه شان دار انداز سان بيان ڪيو آھي. بيان جي ان شدت ۽ زور سسئيءَ کي عظيم بڻائي ڇڏيو آھي. سسئي جڏهن هلندي هلندي بيحال ٿي ڪري پئي ۽ موت جي ويجهو وڃي پھتي؛ موت جي ملائڪ عزرائيل جڏهن ساهه ڪڍڻ لاءِ کيس اُٿاريو ته ھوءَ اُن کان نه ڊني. هـُــن اُن وقت به مرڻ جي خوف بدران اهو پئي سمجهيو ته پنهونءَ پاڻ ڏانھن گهرائڻ لاءِ ڪو ماڻهون موڪليو آهي ۽ خوشيءَ ۾ اُٿي ويھي رهي.

سـُـر مـعــذُوري

هــِــن ســُــر ۾ بــه سسئيءَ ۽ پنهونءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. خاص ڪري سسئيءَ جي مجبوريءَ ۽ بيوسيءَ جو بيان ڪيو ويو آهي.
کُهي جا ڪين کڻي، پرينءَ پهتي سا
وِهي ويڙهجي جا، وصل تنهن وڃائيو
سمجهاڻي: ســُـــر معذُوريءَ ۾ سسئيءَ جي معذوريءَ، مجبوريءَ، لاچاريءَ ۽ بيوسيءَ جو ذڪر آهي. لطيف سائينءَ هــِــن بيت ۾ عشق ۽ لالچ جو فرق ٻــُــڌايـــو آهي. فرمائي ٿو ته جنھن پنھنجي پرينءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪــُــجــهــه بــه ساڻ ڪين کنيو؛ رُڳو ســِــــڪ ۽ پريت کي ساڻ کنيائين سا پنھنجي ماڳ تي پھتي؛ محبوب سان ملي. جڏهن ته جنھن پنھنجو جيءُ مــِــٺــو ڪيو؛ رُڳو ســُــھــڻـــا لباس پاتائين؛ لذيذ کاڌا کاڌائين؛ عيش عـِــشــرت ۾ گــُــذاريائين اُن کي اصل منزل نه ملي سگهي. تنھن پنھنجي محبوب جو ميلاپ هٿ سان ڦــِــٽــايـــو.
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، پرهڻ ڇڏي پوءِ
مهند مـِـڙنيان هوءِ، ڪهي جا ڪين کڻي

سمجهاڻي: جنھن به اِنسان کي رُڳو پيٽ ۽ هار سينگار جي اُڻ تــُــڻ هــُــونــدي اُهو منزل نه ماڻي سگهندو. جيستائين تيار ٿيندو تيستائين گاڏي نڪري ويندي ۽ ويل وقت واپس نه ايندو. لطيف سرڪار به هـِــت اهڙي قسم جي هدايت ٿو ڪري ته وقت هٿان نه وِڃــائــيــو! اوهين سڀ ويس وڳا ۽ هار سينگار ڇڏي نڪري پـــئـــو. ڪم مھل نه توهان کي پائڻ جو هوش هــُــجـــي نه ئي کائڻ جي خبر هــُــجـــي. بس منزل جي ڳولها ۾ لڳي وڃو. پوءِ ڏِسو ته ڪيئن ٿيون سڀني کان اڳ ڪڍو. دُنيا ۾ ڪيئن نه ٿا / ٿيون مانُ ۽ مرتبو ماڻيو. لطيف سرڪار هتي ”ننگيون ٿي نڪرو!“ اِن معنيٰ ۾ ڪـَــتــب نــه آندو آهي ته اُگهاڙيون ٿي پوءِ ڪم ڪريو ته توهان جي عزت وَڌندي. اُهڃاڻي طور جوش ۽ جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ لطيف گهوٽ چيو آهي ته لالچ، لوڀ ۽ ٺــَــڳـــيءَ کان آجيون، عزت ذلت جي پرواهه کان سواءِ / ننگيون ٿي نڪرو ته مرتبو ماڻينديون.
اديون وَر اُگهاڙ، وِهانءُ جنهن وساريو
جيڏيون ڇڏي جاڙ، سڀ ننگيون ٿي نڪرو!

سمجهاڻي: سسئيءَ کي جڏهن هڪ جيڏيون ميھڻا ڏين ٿيون ته تــو کي ڪو شرم نه آيو جو سماجي روايتن کي ٿـــُــــڏي نڪري پئينءَ پــُــنـهــل جي پويان. تو ته حد ڪري ڇڏي. نانگيون / اُگھاڙيون (جن کي عزت ذلت جي پرواھ نه ھُجي) به ائين ناهن ڪنديون. اِن تي سسئي کين جواب ڏئي ٿي ته اي ڀينر! مان پنھنجيءَ اوگهڙ (نــَــنــگــائــپ) تان صدقي وڃان ٿي، جنھن محبوب جي ملڻ جي آس ۾ سموريون خوشيون وِساري ڇڏيون. اوهان به جيڪڏهن پنھنجي محبوب سان ملڻ چاهيو ٿيون؛ منزل ماڻڻ چاهيو ٿيون ته مــُــون وانگر ويسن وَڳن، هارن سينگارن ۽ لذيذ کاڌن کائڻ کي ڇڏي تن تنھا نڪري پــَــئـــو. ماڻهن جي ميھڻن، طعنن ۽ ويڻن جي پرواهه نه ڪريو!
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ
سـُـپريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿئي

سمجهاڻي: هــِــن بيت ۾ به لطيف سرڪار ڪاهلي ۽ ســُــســـتي ڇڏڻ جي هدايت ڪندي فرمائي ٿو ته سڀئي لالچون ۽ حرس ڇڏي نڪري پئو اصل مقصد / منزل حاصل ڪرڻ جي ڪڍ. جيڪڏهن توهان جو سماج توهان کي جاکوڙ ڪرڻ تي اُگهاڙو ۽ بـيـلــڄـــو سمجهي ٿو ته اُن کي سمجهڻ ڏيو. جڏهن ڪاميابي ماڻينديون ته اِهو ئي سماج اوهان کي نه رُڳو واهه واهه چوَندو پر جيءَ ۾ جايون پڻ ڏيندو. ھن وقت به اوھان وٽ اھڙا کوڙ ماڻھو ھُوندا، جن جي ڪنھن به مدد ڪانه ڪئي ھُوندي. سندن جاکوڙ کي نفرت جي نگاھ سان ڏٺو ويو ھُوندو. سندن سوڀ کان پوءِ مُخالف به تعريف ڪندي نه ٿڪبا. ياد رکو! گهر ويٺي ۽ آرام ڪندي ڪڏهن به ڪاميابي حاصل نه ٿيندي آهي / ســُــپـــريـــن نه ملندو آهي.
ڏُکيءَ سنديون ڏونگرين، اوڇنگارون اَچن
هڻي سانگِ سسئيءَ کي، ڪـِـلـو ڪيو ڪيچين
جي هٿان هوت مرن، هوت تنين جي هنج ۾

سمجهاڻي: ڏُکايل سسئيءَ کي تڙپندي، لــُــڇــــنــدي ۽ مرندي ڏسي جبل ۽ پھاڙ بــه رڙيون ڪري روئن ٿا. پــُــنــهـــونءَ جي مائٽن سسئيءَ سان دَغا ڪري/جهيڙو ڪري سندس محبوب (پنهون) ساڻ کـڻـي جيڪو عمل ڪيو آهي ان کيس اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، اُهو کيس (سسئيءَ کي) نيزو ٿي چــُــڀــــي ويو آهي. سندس هيءَ قرباني رائگان / اجائي نه ويندي بلڪه اهو سسئيءَ لاءِ اعزاز آهي ته پنھنجي محبوب جي هٿان / حاصلات جي واٽ ۾ پئي دم ڏنائين. ياد رکو! هوت (محبوب / پنهونءَ) وٽ به سسئيءَ جھڙن معشوقن جو قدر آهي. سو جيڪي مــُــحــــب هٿان مرنديون پرين به اُنهن کي ئي ملندو.
ڪنڊا مـُــون پيرن ۾، توڻي لک لڳن
آڱر آڱوٺي نه مـِـڙي، ڇپون پير ڇنن
ويندي ڏانهن پرين، جـُـتـي جات نه پائيان

سمجهاڻي: سسئي چئي ٿي ته محبوب سان ملڻ ۽ کيس ڳولهڻ واري واٽ اِنتھائي خطرناڪ ۽ ڏُکي آهي، تنھن هوندي به مان پنھنجي مقصد تان پوئتي نه هٽنديس. منھنجي پيرن ۾ ڀل لکين ڪنڊا ۽ ســُــئـــا چــُــڀــن؛ پٿر پير چـــِــيــري ڇڏن ۽ آڱريون پاڻ ۾ نه گــَـــڏجـــن ته به اڳتي وڌنديس. محبوب جي ســِــڪ ۽ عقيدت ۾ جــُــتـــي به نه پائينديس؛ پيرين اُگهاڙي وينديس. هــِــن بــيـــت ۾ عزم جي انتھا ۽ اَٽل اِرادو بيان ڪيو ويو آهي. اڪثر سياستدان، سماج سُڌارڪ ۽ اديب جلسن جلوسن ۾ هيءُ بيت پڙهي پنھنجو وَچن وَرجائيندا آهن.
نه ڪا هـِـت نه هــُت، ڪا ڳورِيءَ سـَـندِي ڳال
ڪين پـَـهتــِي مال، حال پـَهــتــِــي هوت کي

سمجهاڻي: جيڪي رُڳو پاڻ لاءِ سوچن ۽ لوچن ٿا؛ پنھنجو پيٽ ڀــَــرن ٿا ۽ پاڻ کي ئي ٺاهيو پيا ٺاهن ٿا، اُهي ڏِسڻ ۾ ته ڏاڍا ســُــھــڻـــا لڳن ٿا؛ اهڙي قسم جا ســُــھــڻــا ۽ ســُــھــڻــيـــون وقتي مزو ته ماڻن ٿا پر هــُــنــن جي نه هــِــتـــي ڪا خاص اهميت آهي ۽ نه ئي هــُــتـــي (آخرت ۾) کين ڪا خصوصيت حاصل آهي. جڏهن هــِــن دُنيا مان هليا وڃن ٿا ته پوءِ کين ڪو ياد ئي نه ٿو ڪري. جڏهن ته صحيح مقصد ۽ منزل ماڻڻ وارن جي هر هنڌ ۽ هر دور ۾ وڏي اهميت آهي بلڪه هاڪ اَٿن. سوين سال گــُــذرڻ جي باوجود اسان سسئيءَ کي اِن ڪري ياد ڪريون ٿا ته هــُــن وڏو ڪارنامون ڪيو. سسئيءَ جي دور ۾ ئي لکين عورتون هونديون پر اڄ اُنهن جو نالو نشان به ناهي. سسئي مال، مــَــڏيءَ ۽ نازن نخرن وسيلي پــُــنــهــــــل تائين نه پھتي. هوءَ اُڪير، اُڪنڊ ۽ جذبي هيٺ وڃي محبوب سان ملي. تنھن ڪري جن وٽ مال ملڪيت ناهي اُهي مايوس ٿيڻ بدران جاکوڙ، سچائيءَ ۽ اِيمان تي ڀاڙن ته کين ضرور سوڀ ملندي. تنھن ڪري ھمٿ نه ھاريو!

سـُــر ديــســـــي

هيءُ سـُــر به سسئيءَ بابت آهي، جنھن ۾ پرديسيءَ پنهونءَ جي ڀيٽ ۾ ڪنھن ديسيءَ سان محبت يا رِشتي کي اوليت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته پنهونءَ جي بيوفائيءَ تي افسوس ڪيو ويو آهي.
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين؟
لــَــڏيو لاڏوڻا ڪيو، پنهنجي ديس وڃن
پـُـڄــاڻــــان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان

سمجهاڻي: هــِــن ســُـــر ۾ به سسئيءَ ۽ پنهونءَ جو ذڪر آهي. هــِــن بيت ۾ سسئيءَ کي اِن ڳالهه تي وڏو پڇتاءُ ٿيو آهي ته هــُــن هڪ پرديسيءَ سان رشتو ڪري ڪو چڱو ڪم نه ڪيو آهي. جيڪر پنھنجي ڪنھن مرد سان محبت ڪري هان ته ســُــٺـــو هو پرڏيھين تي ڪھڙو اعتبار آهي ته هــُــو بــه ساڻس ايتري ئي محبت ڪندا جيتري هوءَ ڪري ٿي. پرديسين کي ته آخر پنھنجي ديس وڃـڻـو ئي هوندو آهي. هــُــنــن جو ڪم ئي لڏ پلاڻ ڪرڻ آهي پر هــِـــن جي پرديسيءَ پنهونءَ سان اهڙي ته لنئون لڳي وئي آهي جو هاڻي کيس پنھنجي شھر ڀنڀور ۾ ســُــڪــُـــون ئي نه ٿو اچي. تنھن ڪري پــُــنــهـــل کان پوءِ پاڻ به ڀنڀور کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ٿي / خــُــدا حافظ چئي ٿي.
**
اُٺ مَ اوري آڻ، ڏاگــهـــــــــــــــن ڏَڌِي آهـــــــيـــــــــــان
هـَــڻـــي هٿ هـــــــيـــــــن کي، پري نـيــئــــِــي پــلاڻ
هوت مـُــنــھــنــجــــو هاڻ، پـُــنـهــُـــون نيائون پاڻ سين

سمجهاڻي: پنهونءَ جا ڀائر کيس نشو ڏيئي اُٺن تي کـڻـي وٺي ڀــَـــڳــا هــُــئــا. جڏهن سسئيءَ کي اِها خبر پيئي ته هوءَ اُٺن کان به نفرت ڪرڻ لڳي ته اِهي اهڙي ڪــُــڌي ڪم ۾ ڇو استعمال ٿيا؟ سو پنھنجن اُٺن کي ڏِسي چئي ٿي ته ڀلائي ڪري اِهي اُٺ به منھنجي سامهون نه آڻيو. اِنهن ئي ته مون سان ظلم ڪيو آهي. جڏهن پــُــنـهــل کي کنيون پيا وڃن ته هــِــنــن رڙيون ڇو نه ڪيون؟ مزاحمت ڇو نه ڪيائون؟ مــاريــَــن کي لـــَـــڪـــُـــڻ هڻي پري ڪري وڃي تيار ڪريو! اِنهن ئي ته منھنجي محبوب کي مون کان پري ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي نه ته ٻروچن کي اڪيلي سر ڪا ايڏي جرئت هــُــئـــي جو پنهل کي کڻي مون کان الڳ ڪري سگهن هان.
**
اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏاگها ڏِٺئه ڏينھن
وَٺـِـي سـَـڙڪ سسـُـئي، وِهُه وِهاڻي سـِـيئن
چوٽيءَ سـِـين چانگن کي، جـَـڙِ زَنجيرن جيئن
ته هوت تنھنجو هينئن، هُـوند پُنھون نه نِيائون پاڻ سـِـين

سمجهاڻي: لطيف سرڪار سسئيءَ کي صلاح ڏيندي چئي ٿو ته تو جڏهن ڏينھن جو پنھنجي اڱڻ تي اوپرا (ڌاريا) اُٺ ڏٺا ته خبردار ڇو نه ٿيئن؟ تون انهن جو دَڳ جهلي اَســُـــر / باک ڦــُــٽـــيءَ تائين ويھي رهين هان. پنھنجن وارن سان اُٺن کي زنجيرن وانگر ٻــَـــڌي ڇڏين هان ته مجال آ جو تنھنجي محبوب کي پاڻ سان کڻي وڃن هان. هــِــن بيت ۾ هر قسم جي غفلت کي ننديو ويو آهي. ٿورڙي ڪوتاهي به وڏي هاڃيڪار ٿي ويندي آهي. تنھن ڪري انتھائي هوشيارپ، ڏاهپ ۽ چالاڪيءَ کان ڪم وٺي پنھنجو صحيح مقصد حاصل ڪرڻ گهرجي.
**
وارو ور وٺي ويا، ڪري ڏير ڏمر
هاڻي ٿيو حشر، پــُــنــا قول قيام جا

سمجهاڻي: افسوس آهي ته منھنجا ڏير مون تي ڏاڍ ڪري منھنجو مڙس مون کان ڦــُــري ويا. مون سان ته حشر ٿي ويو. قيامت اچي ڪڙڪي آهي. آهي ڪو منھنجي دانھن ٻــُــڌڻ وارو؟
جڏيءَ وٽ جالي، الله ڪارڻ لــِــکَ ســِــيــئـن
آهي آرِيءَ ڄامَ جي، هــِــت هــُــت حوالي
عيب مون اڳرا، مانَ نرمل نڪالي
پرٽياڻي پالي، ڪامل نيندو ڪيچ ڏي

سمجهاڻي: الله لڳ من معذور / بيمار سان ڪا گهڙي گڏ گذاري. هيءَ جڏي هــِـــتــــي توڙي هــُــتــــي (دُنيا ۽ آخرت ۾) آريءَ ڄام (پنهل / محبوب) جي حوالي آهي. ٻئي ڪنھن جي ناهي. مــُـــون ۾ ڪيتريون ئي بــُــرايـــون آهن. دُعا آهي ته منھنجو محبوب / پاڪ دامن اُهي عيب مون مان ڪڍي ڇڏي / حساب ڪتاب نه ڪري. ڌوٻياڻيءَ (سسئيءَ) تي ڪرم ڪري مالڪ پنهل جي ماڳ ڪيچ تائين رَسائيندو. (سسئيءَ کي محمد نالي ڌوٻيءَ پاليو هو. تنھن ڪري هوءَ پاڻ کي ڌوٻياڻي به چوندي هــُــئـــي.)
**
لڏيندي لباس، جتن جيڏو ئـِـي ڪيو
اچي آرِي ڄامَ جو، وَڻ وڻ مَنجهان واس
مـِـرُون کــِـيـنـــِـم ماس، هَڏا هلندا هوتَ ڏي

سمجهاڻي: ڀنڀور مان لــَـــڏڻ / وَڃڻ وقت جتن وڏو دوکو ڪيو. هــُــنـن (سسئيءَ ۽ پنهل کي) بنا ٻــُــڌائــڻ جي رات جو ڪيچ وڃڻ جو پروگرام جوڙيو. نشو به ڏنائون. اِها تمام وڏي ويساهه گهاتي هــُــئـــي. مون کي ته هر وڻ مان پنهونءَ جي خوشبوءِ / ســُــرهـــاڻ پئي اچي. سو ڇو ڊِڄان؟ ڪجهه به ٿي پئي هــِــن جهنگ ۾ منھنجو گوشت ڀل خنزير (جانور) کائي وڃن ته به هڏا به هوت پنهل ڏانھن پنڌ ڪندا. هن بيت ۾ عزم ۽ پُختي ارادي جي انتها بيان ڪيل آهي. ڇا به ٿئي ته به Target تي پھچڻو آهي.
**
پـُــنـهــُــــونءَ ســِـــيــن پريت جو، ڪو جو پيچ پيوم
ڀـَــنـڀــَــي هــِــن ڀنڀور ۾، ويھڻ وِهُه ٿيوم
مـَــتــيـُـــون موٽڻ سنديون، ڪاڪـيـُــون! ڪــِــيـــم ڏِيوم
ســرتــيـــون! ساهه ســَــــــنــدوم، ٿيو حوالي هوت جي

سمجهاڻي: پنهونءَ سان پيار جو اهڙو ته پيچ پيو آهي جو اَباڻو شھر به وِيران پيو لڳي. تنھن ڪري هـن بد حال (باھ ڏنل) ڀنڀور ۾ وڌيڪ رهڻ زهر ٿي پيو آهي. اي هڪ جيڏيون / ڀينرون! مون کي موٽڻ / هــِـــتـــي ويھي رهڻ جي حق ۾ دليل نه ڏيو / نه سمجهايو. اديون! منھنجو جيءُ هاڻي پنهونءَ سان جــَـــڙجـــي چــُــڪـــو آهي. سو ان کان ڌار رهي مري وينديس. مڇيءَ ۽ پاڻيءَ واري صورتحال ٿي چــُــڪـــي آهي. جيئن مڇي پاڻيءَ بنا نه ٿي رهي سگهي تيئن سسئي به پنهونءَ کان سـِــواءِ نه ٿي رهي سگهي.
**
اَڳي اُٺ رَڙن؛ مــُــــون ڀــيــريءَ ماٺ ٿــئـــي
پــَــــلاڻــِـــيـــنـدي پـــاڻ ۾، ڪـُــڇــيــو ڪــِــيــن ڪــُــٺــن
ڪا جا مـــام مــُـــٺــن، هــِــن پـڻ هــُـــئــــي هــُــن ســـِـــيــن

سمجهاڻي: سسئي هــِــن بيت ۾ اُٺن سان جهيڙيندي چئي ٿي ته ڏِسو ته اُٺ پيا وِڙهندا ۽ دانھون ڪندا رهندا آهن. مٿن جڏهن سامان رکيو ويندو آهي ته پيا ڪــِــنـجـهــنـدا ۽ رڙيون ڪندا آهن. ان دوران اُٺن تي سامان ســَـــٿـــِـــيـــنــدڙ اوٺــار به پيا لــُــڙ ۽ گوڙ ڪندا آهن پر مون سان جڏهن ويساهه گهاتي پئي ٿئي ته مار پــَــئــيــنِ خاموش هــُــئـــا. خاموشيءَ مان لڳي ٿو ته ٻنهين (اُٺن ۽ جتن) جي ڪا گڏيل سازش / صلاح هــُــئـــي.
ڏاگهــــن، ڏيــــرن، ڏُونـگــــرن، ٽــنـهـــي ڏِنـَـــــم ڏُک
سي سڀ ڀانيم سـُـک، هيڪاند ڪارڻ هوت سين

سمجهاڻي: سسئي چئي ٿي ته مون کي اُٺن به ســُــور ڏنا ته پنهونءَ جي ڀائرن به ڪين بخشيو ۽ وري جبلن به ڏاڍيون تڪليفون ڏنيون. اِهي ڏُک منھنجن جذبن ۽ حوصلي کي مات نه ڏئي سگهيا بلڪه مون پنھنجي محبوب جي سـِــڪ ۾ انهن کي ســُــک سمجهيو. اِهي برداشت نه ڪريان هان ته پنهل کي منھنجي عشق جي گــَـھــِــرائـــي ڪيئن معلوم ٿئي هان؟ تنھن ڪري مان سڀني جي ٿورائتي آهيان.
**

سـُــر ڪوهياري

ڪوهياري هڪ راڳـڻـي به آهي. سسئيءَ کي به ڪوهياري يعني جبلن، ڪوهن ۽ پھاڙن ۾ پنڌ ڪرڻ واري سڏيو ويو آهي. اِن سان گڏ ســُــر ڪوهياريءَ ۾ سسئيءَ جي ســُــورن جو به ذڪر آهي. اِن سان گڏ وحدانيت / هيڪڙائيءَ جو موضوع پڻ شامل آهي.
ٻيون ڏيئي ٻـَـن کي، هلج پاسي هيڪ
ور نه صحيح وَيڪ، تـُـون ٽيڏي ٽيڏائيون ڪرين

سمجهاڻي: شاهه صاحب فرمائي ٿو ته ٻين سڀني رستن کي ڇڏي هڪ سِڌيءَ واٽ تي هلو ڇاڪاڻ ته ڌڻيءَ / مالڪ / محبوب کي وِيڇو ۽ فرق پسند ناهي. اي بـــِـــگـــڙيـــل / کـــَـــريــَــل! تــُـــون وري هڪ بدران ٽن پاسن ڏانھن پئي هلين. محبت ڪنھن به هڪ سان ڪجي. وڌيڪ محبوبن بڻائڻ سان شڪ وڌي وڃن ٿا ۽ محبت وِرهائجي وڃي ٿي جنھن ڪري مــُــنــجــهـــي پئجي ٿو. نتيجي ۾ ڪو به Lift نه ٿو ڪرائي. ساڳيءَ ريت ڪنھن ھڪ ڌر يا پارٽيءَ سان گڏ ھُجڻ گھُرجي. جيڪو ھڪ کان وڌيڪ پارٽين سان ھُوندو اُن جي وفا داريءَ تي شڪ ڪيو ويندو. چورن سان به گڏ ھُجڻ ته ساڌن سان به گڏ ھُجڻ وارو عمل مذمت لائق آھي، جنھن جي چوري ٿئي اُن سان نه رڳو گڏ ھُججي بلڪه اُن جي مدد به ڪرڻ گھُرجي.
**
سـُــڃ وسندي تن کي، جوش جلايا جي
طالب جي تحقيق جا، نينهن تنين وَٽ نـي
ٽيڏي پسي ٽي، هـُــو تـان آهي هيڪڙو

سمجهاڻي: عشق جي سڙيلن وٽ ڪو مال دولت ٿورئي هــُــونــدِي. وَٽن ســُــڃـــائـــي ۽ غــُــربـــت پئي راڄ ڪندي؛ جڏھن ته ٺڳن جا مزا ئي مزا ھُوندا آھن. انھن اھي مزا ڪيترن ئي انسانن جي حقن تي ڌاڙا ھڻي ماڻيا ھُوندا آھن. ٺڳن وٽان ڪنھن انصاف جي اُميد نه ٿي رکي سگھجي. جيڪي حق ۽ سچ جا ڳولائو آهن؛ جن کي محبت جو صحيح قدر آهي ۽ انصاف پسند آھن، تون عشق جي دانھن اُنهن وٽ کڻي وڃ / دردن جي دانھن اُنهن کي ڏي ته تنھنجو قدر به ڪندا. هونئن به جيڪا ڀــُــلــيـــل يا بگڙيل هــُــونــدي آهي اُن جو Vision چــِــٽـــو ناهي هوندو. اُن کي هڪ بدران ٽي چار نظر ايندا آهن. ياد رکو! سڀني جو ڌڻي / مالڪ رُڳو هڪڙو آهي.
**
اَڃان تون اَواٽ، واٽان پاسي ويسري
سـُــونـھـــِـيـن ٿي سـُــواٽ، ته منجهان دل دڳ لهين

سمجهاڻي: اڃا ته تــُــون صحيح رستي تي آهين ئي ڪونه. اي غافل! پھريان صحيح واٽ هٿ ڪر! سنئينءَ راهه کان واقف ٿيءُ ته تو کي منزل آسانيءَ سان ملي ويندي. تنھنجو محبوب ڪو ٻاهر ناهي. اُهو تنھنجي اندر ۾ آهي. اُن تائين پھچڻ لاءِ ڪو دَڳ ٺاهِه / ڳول. هرو ڀرو هيڏي هوڏي نه واجهاءِ! مطلب ته پھريان پنھنجو مقصد چِٽو ڪجي، رٿا بنديءَ سان حدف ٺاھجي.
**
حقيقت هـِـن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري
ته لڳي ماٺ مروئن کي ۽ ڏونگر پوَن ڏري
وڃن وڻ ٻري، هوند! اوڀر اُڀري ڪين ڪي

سمجهاڻي: منھنجو عشق ۾ جيڪو حال ٿيو آهي اُن جي باري ۾ جيڪڏهن ٿوري ڳالهه به اوهان کي ٻــُــڌايــان ته خنزير جھڙو بي حس، بي غيرت ۽ خون خوار جانور به چــُــپ ٿي ويندو؛ جبل ۽ پھاڙ به اَڌو اَڌ ٿي ويندا؛ وڻن کي به باهه لڳي ويندي؛ ساوڪ ئي ختم ٿي ويندي. هر پاسي وِيراني ئي وِيراني هوندي. سو ڀلائي ڪري مون کان ڪجهه به نه پــُـڇــو! ھن بيت ۾ درد جي شدت ۽ تڪليف کي علامتي طور ماپيو ويو آھي. ڪي سچايون بيان ڪرڻ ۾ ته رُڳي ڪي ھڪ ڳالھه ھُونديون آھن پر اُنھن کي ظاھر ڪرڻ سان وڏي نقصان جو انديشو ھُوندو آھي. ٻيا ماڻھو ٻُڌي ردِ عمل ظاھر ڪندا آھن. روڄ راڙو ۽ احتجاج ڪندا آھن. مثال ڪنھن جي غير طبعي يا غير فطري وفات جي خبر جاري ٿيڻ سان پوئلڳ احتجاج ڪري گاڏين ۽ ملڪيتن کي ساڙي ڇڏيندا آھن. محترمه بينظير ڀُٽي جي شھادت تي اوھان کي اھڙا منظر نظر آيا ھُوندا. جيڪڏھن اُن جو قاتل ظاھر ڪيو وڃي ته عوام ردِ عمل ۾ ڪُجھه به ڪري سگھي ٿو.
**
جيھي جا تيھي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي
هجت هوت پـُـنـهـونءَ سين، مـُـون ڪميڻيءَ ڪيـھــي
اصل آريءَ ڄام جي، پلئه آئون پيئي
هـُــو جا پائن پير ۾، تنهن جـُـتــيءَ نه جيــھـــي
وِساري ويـھــي، تن ڪيچين کي ڪيئن رهان؟

سمجهاڻي: سسئي پنھنجي انڪساري ۽ عاجزي بيان ڪندي چئي ٿي ته مان گهٽ آهيان؛ وڌ آهيان؛ باڪردار آهيان يا بد ڪردار آهيان. مطلب ته جيئن به آهيان، جھڙي به آھيان ته به پنهل ۽ سندس سمورن مائٽن جي نوڪرياڻي آهيان. مان ته اصلئون / مــُــنــڍ کان ئي پنهونءَ جي حوالي آهيان. هــُــو جيڪا چپل پنھنجن پيرن ۾ پائن ٿا مان ته تنھن جــُــتـــيءَ جھڙي به ناهيان. سو هاڻي اوهان ئي ٻــُــڌايـــو ته مان انهن کي ڪيئن ٿي وِساري سگهان؟
**
ٻئي ويٺا روئن، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾
ڪنهن کي ڪين چوَن، مـَـنجهَن جو پريـتـڻـو

سمجهاڻي: سسئي جڏهن جبل جهاڳي ٿي ۽ ڏُک ڏِسي ٿي ته ساڻس جهنگ جا جانور ۽ پھاڙ بـــه همدردي ڪن ٿا. جڏهن ٿـــَــڪــجـــي / مايوس ٿي روئي رڙي ٿي ته مٿس پھاڙن کي به ڪھل اچي وڃي ٿي ۽ هــُــو سـاڻـس گڏ روئڻ لڳن ٿا. ٻنهي ۾ جيڪا سھپ، برداشت ۽ عشق آهي اُهو ايترو گهڻو آهي جو ڪنھن کي دانھن به نه ٿا ڏين ته اسان هيترا ڏُکيا آهيون.
**
ســُــتــَــي پــَـــوَن ڇــِـرڪ، آيل ٻاروچـَـن جا
وَمَ وِهاٽــي وو ڙي! ڪوهياري ڪــِــرڪَ
ڌڙ ڌُوڻيو تنهن ڌَڪَ، جــڏِيءَ جيئڻ نه ٿئي

سمجهاڻي: جڏهن ڪو ڌڪ لڳندو آهي يا ڪو حادثو پيش ايندو آهي ته اُن جي ياد ۽ دهشت ســُـــٿـــرِي ختم نه ٿيندي آهي. ننڊ ۾ به ڇرڪ ڀربا آهن. سسئيءَ کي پنهل سان جيڪو پيچ پيو؛ دل تي ڌَڪ لڳو ۽ ڏيرن به ساڻس ويساهه گهاتي ڪئي، ان اندر ۾ اھڙو زخم ڪري ڇڏيس، جيڪو زھراٽجي ويو. ان واقعي / حادثي جي ياد کيس ننڊ ۾ به تڙپائي پئي. سو چئي ٿي ته اي اَمڙ! اِنهن حادثن منھنجو ڏِيل (جسم) ڏَڪائي ڇڏيو آهي. هـِــن معذُور لاءِ تــه زندهه رهڻ بــه مــُــشــڪــل ٿي ويــو آهي.
**
ڏُونــگـــــــــر! ڏُکــــويــــن کـــــي، دِلاســـــا ڏِجـــــــن
گـهــڻــو پـُــڇــجــــي تن کي، جن وٽان هوت وڃن
تـُــون ڪيئن سندا تــن، پـھــڻ! پـيـر ڏُکــوئـيـيـن؟

سمجهاڻي: ڪٿي پھاڙ سسئيءَ سان همدرديءَ ۾ روئي ٿو ته ڪٿي وري ڏُونگر جا چــُــڀــنـدڙ پٿر پيرن کي زخمي ڪري وِجهنس ٿا. اِن تي لطيف سرڪار ڏُونگر کي هــَــڪــل ٿــو ڪري تــه اَڙي پھاڙ! اِهو ڇا ٿو ڪرين چريا! ڏُک وارين کي ڪا آٿت ڏي؛ ڪو دِلاسو ڏي ۽ چئهُ ته گهٻراءِ نه! ڄاڻ تــُــون منزل کي رَسندينءَ. اُنهن سان ته وڌيڪ همدردي ڪجي / سندن خدمت ڪجي، جن جا محبوب وِڇڙي ويا آهن پر تــُــون ته اُٽلندو پيو اِيذائينِ. (لطيف جي سسئيءَ جي ڪردار سان محبت جي هيءَ انتھا آهي جو هــُـــو سسئيءَ لاءِ ڪو به ڏُک برداشت نــه ٿــو ڪري. جيڪو کيس ڏُکوئي ٿو اُن سان جهيڙو جوٽي ٿو. مظلوم سان هڏڏوکيءَ ۽ مدد جو اعليٰ مثال هــِــن بيت وسيلي ڏئي سگهجي ٿو.)
**
ڏونگر! ڏُکــويــن کــي، ڳـــَــــل نـــه ســُـــڪــــا ڳوڙها
هــُــــو جــي پـَــھــڻ پــَـــٻ جا، سي ڀــَـــڄــــي ٿيا ڀورا
گـــُـــونــدر جــــا گـهـــوڙا، وڃــن جــان جــُـــدا ڪيو

سمجهاڻي: اي ڏُونگر / اي جبل! ڏُکوين جا ســُـــور اڃان ختم ناهن ٿيا. سندن ڳــَــلــن تــان ڳوڙهن جــُـــون بــُــونـدُون بس ناهن ٿيون. هــُــنـن جو اَٽل اِرادو ته ڏِس پــَـــٻ جبل جي پٿرن کي بــه پــُــرزا پــُــرزا ڪري ڇڏيو اَٿن. غمن ۽ ڏُکن جا پھاڙ به سندن ڪجهه بگاڙي ناهن سگهيا. سندن عزم ڏسي اهي به مات کائي پري ڀــَــڄـــنــدا پيا وڃن. سسئيءَ ھمٿ ۽ حوصلي سان ســُـــورن کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. ظاھري طور ته سسئي مري وئي پر سندس ڪردار اڄ به زندھ آھي. اھو ڪردار ھمٿ، حوصلي، جدوجھد ۽ جستجوءَ جو اعليٰ مثال آھي. اسان وٽ جڏھن به ڪنھن جاکوڙ جو ذڪر ايندو ته سسئيءَ جي ياد به لازمي ايندي.
**

سـُــر حـُــسـيـنــي

هــِـــن ســُـــر ۾ به سسئيءَ جو ذڪر آهي. ســُــــر حــُــســـيـــنـــــي عربي ۽ فارسي موسيقيءَ جو ســُـــر آهي، جنھن ۾ خاص ڪري ڪربلا جو قضيو ڳايو ويندو آهي، پر لطيف ان کي سسئيءَ لاءِ مخصُوص ڪيو. هيءُ به ڪربلا جي واقعي وانگر هڪ سوز ۽ درد ڀريو ســُـــر آهي. لطيف سائينءَ سسئيءَ جي ڪردار سان جيتري محبت ۽ همدردي ڏيکاري آهي اُن جو اظھار مختلف بيتن ۾ ڪيو اٿائين پر سندس همدرديءَ ۽ پيار جو حق شايد سسئيءَ وارن ٻين ســُـــرن ۾ پــُـــورو نه ٿيو، جو تڏهن ئي اُن کي ياد ڪري زارو زار رُنو هوندو. ان روئڻ، ماتم ۽ غم جو اظھار ســُــر حــُــســيــنـيءَ کان بھتر ڪنھن ٻئي ســُـــر ۾ نه سمجهيو هوندائين. اِهو ئي سبب آهي ته سسئيءَ وارن پنجن ســُــرن ۾ ســُـــر حــُــســيـنـــي بــه شامل ڪيائين.
**
مــٿــيــان مــٿــي مــــــچ، ٻـَـريـم ٻـاروچـن جــو
مـُــون کي طعنا تي ڏئين، جيئن نه پروڙين سچ
امـــڙ اوري اچ، ته سـِـٽ سـُــڻــايـنءِ سـُــور جــي

سمجهاڻي: هيءُ بيت به سسئيءَ جي ماتم تي ٻڌل آهي جيڪا چئي ٿي ته مون کي ٻاروچن (پنهونءَ جي مائٽن) باهه ڏئي ڇڏي آهي. هــُــو مــُـــون کــي ڇــڏي ڀــَــڄــــي ويــا. ان ۾ منھنجو ڪھڙو ڏوهه؟ سندن ٺــَـــڳـــيءَ ۽ دولاب جي سڀني کي خبر آهي پر ڏُک اِن ڳالهه جو آهي ته زماني وارا مون کي گهٽ وڌ چئي، ڏوهي ائين پيا بڻائن ڄڻ کين حقيقت جي خبر ئي نه هــُــجـــي. اِهو آهي اسان جو سماج ته جنھن سان ظلم ٿئي اُن کي ڏوهي چئي ظالم کي بيڏوهي تصور ڪريون ٿا. جنھن چور چوري ڪئي اُن لاءِ چئون ٿا ته اُهو ان جي ڪري چوري ڪرڻ آيو جو اسان جو در کــُـــلــيــل هو. نتيجي ۾ چور جو ڪھڙو قصور؟ سماج جي ان سلوڪ به جيءُ جهوري وِڌو آهي. اي منھنجي امان! تون ويجهي اچ ته تو سان ڏُک ســُــور وَنڊيان ڇا ڪاڻ ته تون مون کي صحيح ســُــڃــــاڻــيــن ٿي.
**
مٿي منجهان مينهن، پـُــسـاوا پاڻيءَ جيئن وهي
مـُــون ڀانئيو نينهن، ڄڀيون ڄيري سنديون

سمجهاڻي: مون کي هڪڙا پگهر لھن ٿا ٻيا چڙهن ٿا. ڄڻ مٿي منجهان مــِــيــنھــن پيو وَسي. مان پنهونءَ کان ســـواءِ ڏاڍي پريشان آهيان. مون ته سمجهيو هو ته عشق ڏاڍو ســَـــوَلـــو ۽ مزو ڏيندڙ آهي پر هاڻي خبر پئي آهي ته عشق ته باهه جا اُلا آهي، جن ۾ پاڻ کي پچائڻو پئي ٿو.
**
ڪي ڌر تتيءَ ماءِ، ڪي ٻـَــرَ سـَــندِي سڄڻين
هلي ۽ واجهاءِ، ٻــــِــنـــي ڄيرن وچ ۾

سمجهاڻي: سسئي پنھنجي ماءُ کي حال اوريندي چئي ٿي ته هڪ ته ٽاڪ منجهند آهي، سج جي گرميءَ ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي آهي. ٻيو منھنجي اندر ۾ به عشق جي باهه جا مچ مچن ٿا، جنھن ڪري ٻن باهين وِچ ۾ هلڻ ڏاڍو اوکو آهي. تنھن ڪري هيڏانھن هوڏانھن واجهائـڻـو / غور ڪرڻو پئي ٿو. جيڪڏهن ڪو به ڪم ڌيان سان نه ڪبو ته وڏو نقصان ٿي پوندو.
سرتيون سـُــجـهــي سـُــڃ، متان ڪا مون سين هلي
پاڻي ناهي، پنڌ گهڻو، اڳيان رائو رُڃ
متان مري اُڃ، ڪا ڏئي پاراتو پرينءَ کي

سمجهاڻي: سسئي جڏهن پنهل جي پويان نڪري ٿي ۽ کيس پنھنجون سنگتياڻيون چوَن ٿيون ته اسان به تو سان هلون ته کين چئي ٿي ته اديون بيابان، پھاڙ ۽ خوفناڪ جهنگن وارو رستو آهي جنھن ۾ نه پاڻي آهي نه ڪا ٻي سھولت آهي. پنڌ به ڏاڍو پري آهي. رُڳي سـُــڃ ئي سـُــڃ آهي. سـُــنـســان علائقو آهي. اِن اَڙانگي سفر ۾ اوهان کي اُڃ لڳي ۽ نتيجي ۾ منھنجي پنهل کي ڪا بد دُعا ڏيو ته مون کان برداشت نه ٿيندو. تنھن ڪري اوهان مان مون سان ڪا به گڏ نه هلي.
**
پـُـڇـن جي پـَـســَـن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي
ڏورِيــندِيون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا

سمجهاڻي: چــَــــوَنـــدا آهن ته پــُــڇــڻــــا نه مــُــنــجهـڻــا. جيڪي هر وقت محبوب جي ڳولها ڪنديون سي ئي کيس حاصل ڪنديون. جيڪو جفاڪشي، محنت ۽ جاکوڙ ڪندو اُن جو پورهيو ضايع نه ويندو. سندن ضرور مقصد پورو ٿيندو. ان کان پوءِ کين دلبر جو ديدار نصيب ٿيندو. ان لاءِ مسلسل ڏورڻ / جدوجھد ڪرڻ بنيادي شرط آهي.
**
پٽيءَ نه پيرونِ، اوڏيءَ ڇــَــڪَ نــه ڇـَـمــِــيـا
پويون هي ڀيرونِ، نينهن نباهي هـَـليا

سمجهاڻي: جڏهن سسئي پنهونءَ جي پويان نڪتي ته ميدان تي اُٺ جا پيرا ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائين پر کيس پيرن جا نشان ڏسڻ ۾ نه آيا. هــُـــن سمجهيو ته لڳي ٿو هي همراهه بلوچستان بدران هــِـــتـــي ئي ڪنھن وَسنديءَ ۾ ترسيا آهن ۽ آخري ڀيرو مون سان رشتو ڳنڍي نينھن جو ناتو رکي وٺي ڀــَــڳـــا آهن.
**
پـُـڇيو ئـِـي جان دوست، تان پاسي ڪـَـر پرهيز کي
جـَـنـِـين ڏِٺو هوت، تـَـن دِين سڀئي دُور ڪيا

سمجهاڻي: جڏهن جانب جي پـُـڇــا ٿو ڪرين، اُن جي ڳولها ۾ سرگردان آهين ته پوءِ سڀ پابنديون ختم ڪر؛ دين ڌرم، ريتن رسمن ۽ لــــَــــڙ لــحـــاظ جي پرواهه نه ڪر ڇاڪاڻ ته جن سچي عشق ۾ پير پاتو ۽ محبوب جو ديدار ڪيو اُنهن سڀني مذهبن کي ڇڏي رُڳو انسانيت اختيار ڪئي. هو سمورن تعصبن، نفرتن ۽ تفرقن کان مٿانھان ٿي جــُــســتــجـــوءَ ۽ خدمت ۾ گــُــم ٿي ويا.
**
جيڪا ڪـَـندِي سـَـڱ، مـُـون جئن ٻاروچن سـِين
اَنگن چاڙهي انگ، روئندِي سا رَتَ ڦــُـــڙا

سمجهاڻي: سسئي هڪ پاسي ته ٻاروچن سان محبت ڪري ٿي ٻئي پاسي اُنهن جي ڪــُــڌيــن / بــُــريــن حرڪتن کي ناپسند به ڪري ٿي. هوءَ چئي ٿي ته هي ڏاڍا ڏُکيا ماڻهون آهن. ساڻن رِشتو ڳنڍڻ ڪا ســَـــوَلـــي ڳالهه ناهي. سو جيڪڏهن ڪنھن ٻيءَ کي هــُــنــن سان ســَــــڱ ڪرڻو آهي ته اُها ياد رکي ته کيس رَت جا ڳوڙها ڳاڙڻا پوندا. ائين سمجهي ته پاڻ کي ســُـــوريءَ تي چاڙهي کيس تڪليف ســَــھــڻـــي پوندي. تنھن ڪري جيڪو به ساڻن رِشتو ڪري سو پھريان کان ئي ڏُکن، مشڪلاتن ۽ تڪليفن لاءِ تيار رهي.
**
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويھڻ جي
مـَـــتان ٿـئي اُونداهه، پير نه لھين پرينءَ جو

سمجهاڻي: شاهه صاحب زندگيءَ کي بامقصد بڻائڻ لاءِ جدوجھد جو تمام گهڻو سبق ڏنو آهي. هــُــو جاکوڙيندڙن سان محبت به گهڻي ڪري ٿو، جنھن جو مثال سسئي، جوڳي ۽ کاهوڙي آهن. اِنهن جي ڪردارن وسيلي هــُــن جدوجھد جي پرچار ڪئي آهي. هيءُ بيت اِن سلسلي جي ڪــَــڙِي آهي. هــُــو چئي ٿو ته جدوجھد کان ھٽڻ جي معاملي ۾ ڪو به عــُــذر يا بھانو نه قبوليو ويندو. گرمي هــُــجـــي؛ سردي هــُــجــــــي؛ ڏينھن هــُــجـــي؛ رات هــُـــجــــي تو کي بس ڪري ناهي ويھڻو. لاڳيتو ڪوشش ڪرڻي آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪبو ته پوءِ رستو ئي وِساري ويھبو. جڏهن توهان منزل کان ڀٽڪي ويــئــُــه ته پوءِ ڪٿان ٿا اصل مقصد (Target) تي پھچي سگهو؟ ياد رکو ماڳ تي پھچڻ لاءِ صحيح رستو لازمي آهي. غفلت سبب ان کي هٿان نه وِڃايو!

سـُــر لـِـيـلا چنيسر

هــِــن ســُــر ۾ لـــِــيــلا ۽ چنيسر جو داستان بيان ڪيو ويو آهي. چنيسر وقت جو بادشاهه ۽ ليلان سندس راڻي هــُــئــــي. ليلا پنھنجي مــُــڙس کي هڪ قيمتي هار عيوض هڪ رات ڪونروءَ جي حوالي ڪيو. ڪونئرو چنيسر مٿان عاشق هــُــئـــي. هــُــن وڏيءَ ڪوشش ۽ ليلا کي لالچ ڏيڻ کان پوءِ کيس حاصل ڪيو. چنيسر کي ليلا جي لالچ ۽ بيوفائيءَ تي ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ نتيجي ۾ کيس محل مان ڪڍي ڇڏيائين. ليلا پنھنجي وَرَ کي ٻيھر ماڻڻ لاءِ جيڪي جتن ڪري ٿي اُنهن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي.
ليلا! حيلا ڇڏ، جي تـُـون سوڀي سـِـکـئين
پائي پاند ڳچيءَ ۾، پاڻ غريبيءَ گڏ
هڏ نه چوندءِ لڏ، جي ڪارون آڻيين ڪانڌ کي

سمجهاڻي: اي خوبصورت ۽ غافل ليلا! هٿ سان پنھنجو وَرُ وِڃائي، هاڻي وري اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪھڙا بھانا پئي ڪرين؟ سڀ حيلا وسيلا ڇڏي ڏي. جيڪڏهن تو کي ڪاميابي ماڻـڻـي آهي ته ان جو طريقو اِهو آهي ته پنھنجو هــَــٺُ، غرور، وڏائي، ڌَن دولت ڇڏي فقيراڻو ويس ڪري پاڻ کي غــُــربــت حوالي ڪري ڇڏ! جيڪڏهن نــِــھــَــٺــائـــيءَ ۽ نماڻپ سان پنھنجو ڏوهه قبولي وڃي چنيسر وٽ پيش پوندينءَ ۽ کيس ايلاز منٿون، نيزاريون ڪندينءَ ته مجال آهي جو تو کي چوي ته منھنجي محل مان نڪري وڃ. هــُــن کي ضرور تو تي رحم ايندو.
**
پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا
مـُـون ڀانئيو تنهن وير، ڪوجهي ڪندو پريئڙي

سمجهاڻي: جڏهن شادي ٿيندي آهي تڏهن مختلف رسمون به ادا ڪيون وينديون آهن. ليلا ۽ چنيسر جي شاديءَ ۾ به ائين ٿيو. سو ليلا چئي ٿي ته شاديءَ رات هڪ رسم ٿي هــُــئـــي، جنھن ۾ ڍَڪڻ مٿان گهوٽ کي پير رکڻا هــُــئـــا. چنيسر اِها رسم ادا ته ڪئي پر هــُــن ڍَڪڻ مٿان پير ســِــــڌا رکڻ بدران ڏِنگا/ پاسيرا رکيا، جنھن مان سمجهيم ته سندس مــَـــن ۾ مــُــون لاءِ ڪو کوٽ/بد نيتي آهي. سو اُن ويل ئي سمجهي وئي هيم ته اڳتي هلي هيءُ ضرور منھنجي پيار ۾ گهاري وِجهندو. مون جھڙيءَ ســُــونـھــن پريءَ کي ڪوجهو (بد صورت) ڪندو. يعني مھنجي ڪردار کي خراب ڪندو، بد نام ڪندو. مون ھار حاصل ڪرڻ ڪارڻ جيڪو عمل ڪيو، اُھو ايترو ته ڪِنو ڪونه ھو. مون ڪو ايڏو وڏو ڏوهه ته نه ڪيو هو جو هيڏي وڏي سزا ڏني اٿائين. مون کي پنھنجي گھر مان ئي ڪڍي ڇڏيائين. پنھنجيءَ پريءَ جھڙيءَ زال کي گهر مان تڙي خوار خراب ڪري ڇڏيو اَٿائين.
**
سڀـيـئـي سـُـــھاڳـڻـيـون، سڀني ڳچيءَ هار
پـَـسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، سھسين ڪن سينگار
ڍول تنين جي ڍار، هيٺانهيون هلن جي

سمجهاڻي: بادشاهه وٽ راڻين جي ڪا کوٽ آهي ڇا؟ هــُــن جون گهرواريون سونھن ۾ به هڪ کان هڪ آهن. ھُنن مٿان وري سينگار ڪري ڳچيءَ ۾ سونا هار ۽ ٻيا زيور به پاتا آهن. سندن سوين سينگارن ڪرڻ جو مقصد رُڳو هڪ آهي ته ڏانــھــُــــنِ پنھنجو وَرُ (چنيسر) قــُــرب جي نظر سان نھاري / موهجي پر سندن ڍولڻ / محبوب اهڙو آهي جيڪو ناز نخريلين بدران رُڳو نياز ۽ نــِــوِڙت وارين کي پسند ٿو ڪري. تنھن ڪري توهان به عــِــجـــز ۽ عاجزي اختيار ڪريو.
**
ڏاهي هيس ڏيھه ۾، سرتين منجهه سڄاڻ
ڪا جا پيم ڪاڻ، جيئن منھن مٿانھون نه کڻان

سمجهاڻي: ليلا کي جڏهن مڙس چنيسر ڪڍي ڇڏيو ته هوءَ پڇتائيندي، ماضيءَ کي ياد ڪندي چوي ٿي ته ڪھڙا ته ڀاڳ ڀريا ڏينھن هئا. مان سڄي راڄ ۾ سلجهيل سياڻي ۽ وڏي اَڪابر ليکبي هيس. ماڻهون مون کان صلاحون وٺندا هئا. الائي ڪيئن منھنجي مت مـُـنـجـهـــي ۽ اهڙي خطا ٿي جنھن منھنجي سڄي عزت ڌُوڙ ۾ ملائي ڇڏي. خطا اِها ٿي جو لالچ ۾ اچي هڪ هار تي پنھنجو مڙس هڪ رات لاءِ ڪونئروءَ نالي هڪ عورت جي حوالي ڪري ڇڏيم. پنھنجيءَ وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب. هاڻي ته ڪنڌ مٿي ڪري هلڻ جھڙي به نه رهي آهيان.
**
چنيسر چورنگ، ٻـــــِــــرنـگـــو لوڪ ٻيو
تنهن سين ڇنيو ســَنـگ، وڃو هار هٿُ ڇــُـهين

سمجهاڻي: هتي ماڻهن جا مختلف روپ ٿين ٿا. عام طور ماڻهون ٻھروپيا، ٻن رَنگن وارا ٿين ٿا جن جي اندر هڪڙي ته ٻاهر ٻي آهي. انهن سان مــُــنــھــن ڏيڻ لاءِ به وڏي حرفت ۽ هوشيارپ کپي ٿي. چنيسر جو راڄ ٻھروپيو آهي ته هــُــو وري چورُوپيو يعني چئن رَنگن وارو آهي. سو سڀني کي ســُــڃـــاڻــي ۽ ســَــوَلائيءَ سان مــُـــنــھــــن ڏئي وڃي ٿو. هــُــو ليلان جھڙيءَ لالچڻ ۽ مــَــڪــار کي ســُــڃـــاڻـــي ويو جنھن وڃي هار ۾ هٿ وِڌو. هوءَ پاڻ راڄ راڻي ۽ مال دولت واري هــُــئـــي. کيس ڪھڙي ڪــَــمــــي هــُــئــي جو پنھنجن اعليٰ قدرن کي پائمال ڪري ڇڏيائين. سندس اِن ڪــُــڌائــپ تي چنيسر پنھنجو رِشتو ٽوڙي ڇڏيو. مطلب ته انسان کي پنھنجن اصُولن ۽ قدرن تي قائم رھڻ گھُرجي.
**
الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا

سمجهاڻي: شاهه لطيف جو هيءُ شعر به ڏاڍو مقبول آهي. ماڻهون اِن کي چوِڻيءَ طور به ڪتب آڻيندا آهن ته محفلن، ڪچھرين ۽ جلسن جلوسن ۾ به پڙهندا آهن. خاص ڪري اَڪابر ۽ مُخلص مردن ۽ عورتن کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي ته باشعور، باخبر ۽ ڏاهو هجڻ به خطرناڪ آهي. فرد يا قوم سان ويساهه گهاتي ٿئي ۽ ڪنھن جي حقن تي ڌاڙو لڳي اُن جي ٻين کي خبر هجي نه هجي پر سـُـڄــاڻ ماڻهون سمجهي ويندو آهي. جڏھن هـُـو ان ڏاڍ خلاف آواز اُٿاري ٿو ته مافيا ۽ اٻوجھه کيس چريو چوَن ٿا ۽ مختلف قسم جا ايذاءُ رسائن ٿا. ته سندس لاءِ اِن کان وڌيڪ ڪھڙو اَلميو ۽ عذاب ٿي سگهي ٿو؟ وري جيڪڏهن ماٺ ڪري ٿو ته سندس دل اڃا وڌيڪ ڏکي ٿي، سندس اندر ۾ باهه ٻرندي رهي ٿي، جيڪا کيس ساڙي ختم ڪري ڇڏي ٿي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سسئيءَ، ليلان ۽ مارئيءَ کي پنھنجي حق وٺڻ لاءِ جدوجھد تي چئون ته هــُــو چريون هيون جو ايڏا سـُــور ســَــٺـــائون؛ تڪليفون برداشت ۽ ڪوششون ڪيائون؟ حقيقت اها آهي ته هو جيڪڏهن سمجهوتو ڪري ويھي رهن هان ته ھن وقت سندن نالو به ڪنھن کي ياد نه ھُجي ھا. هو ڏاهيون هيون؛ باشعور هيون تڏهن پنھنجن حقن تي ڪا به سودي بازي نه ڪيائون. نتيجي ۾ تمام گهڻا ڏُک ڏِٺائون. سندن قربانيءَ ۽ جدوجھد جي ڪري اسان سندن نالا پنھنجين نياڻين تي رکندي فخر محسُوس ڪريون ٿا. باشعور ۽ ڏاهن ماڻهن سان جيڪي جـُـٺــيــُــون ٿيون آهن اُنهن کي ڏِسي عام ماڻھو به چوَن ٿا ته جيڪر ڏاها / باخبر نه ٿيون پر ٻئي پاسي جڏهن انهن ڏاهن ماڻهن کي مليل مڃتا ۽ مانُ ڏِسون ٿا ته حوصلا وڌي وڃن ٿا. لوڀ، لالچ، ڪــُــوڙ ۽ ٺــَــڳـــيءَ جي خبر نه رکڻ وارن ماڻهن کي ڀورڙيو ۽ چريو چيو وڃي ٿو، ڇا ڪاڻ ته هـُــنــن مال دولت ۽ ملڪيت کي ڇڏي عقل ۽ شعور وارو رستو اختيار ڪيو، جنھن سان سڄي سماج کي فائدو پئي ٿو. لوڪ جنھن کي ڀورڙائي / موڳائپ سمجهي ٿو اُن تي سندن محبوب / مالڪ وري ڏاڍو خوش ٿي مٿن وَڏا احسان ڪري ٿو. اُهي احسان آهن کين سدائين زندهه رکڻ ۽ عوام جي دلين ۾ جاءِ جوڙي ڏيڻ وارا. سنڌ ۾ ڪروڙين عورتون ۽ مرد ٿي گذريا آهن اُنهن مان رُڳو سسئيءَ، مارئيءَ، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کي ڇو ٿو ياد رکيو وڃي؟ اِهو اِن ڪري ته هــُــو ڏاها هـُــئـــا؛ مولا مٿن وَڏا وَڙَ ڪيا.
**

سُر مُومل راڻو

مومل ۽ راڻي جو عشقيا داستان ڏاڍو مشھور آهي. مومل ڏاڍي سـُــھــڻــي هـُــئـــي. پنھنجي پيءُ جي دولت وَڌائڻ لاءِ ڪاڪ نديءَ ڪناري هڪ طلسمي محل اَڏرايو هـُــئــائـيـن ۽ پڙهو ڏياريو هـُــئــائـيـن ته جيڪو ان طلسمي محل ۾ مون کي ڳولهي ويندو اُن سان شادي ڪنديس. ڪيترا ئي امير وزير ۽ فقير هار سينگار ڪري، هيرا جواهر پھري پاڻ ڦــُــرائـــي ناڪام ٿيا پر هڪڙو راڻو ڪامياب ٿي ويو. ڪاميابيءَ کان پوءِ هـُــو رات جو مومل سان ملڻ ويندو هو. جڏهن مرداڻي ويس ۾ مومل سان سندس ڀيڻ سومل ستل ڏٺائين ته ڪاوڙجي هليو ويو. مومل جي سـُــونـھــن ۽ راڻي کي پرچائڻ هـِـن سـُــر جو مـُــک موضوع آهي.
هن سُر مان اسان کي اها خبر پئي ٿي ته ماضيءَ جي سنڌي عورت ڪيتري آزاد هئي. هڪ شهزادي اڏو کولي ويهي ٿي ته کيس پيءُ ڪاري ڪري نه ٿو ماري. ڪاري ڪاريءَ واري رسم گهڻو پوءِ سنڌي قوم ۾ ٻاهرين وٽان آئي آهي.

گـــُـــجــــر کي گــَـــجـمــيــل جـُــون، تـــارن ۾ تـَــبــرون
هڻي حاڪمن کي، زور ڀريون زبرون
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پـَسـو پرڏيهين جون

سمجهاڻي: هــِــن ســُــر ۾ مــُــومــل راڻي جي عشقيا داستان کي ڳايو ويو آهي، جنھن ۾ مــُــومـــل جي ســُـــونـھــن جو ذڪر ۽ راڻي جي رُسڻ ۽ نازن نخرن جو بيان به شامل آهي. هــِــن بيت ۾ مومل جي اکين جي خوبصورتيءَ ۽ نيڻ کڻي نھارڻ کي اُچي لوهه مان ٺھيل ڪــُــھــاڙيــن سان ڀيٽ ڏني وئي آهي، جيڪي ڏاڍيون تکيون ٿينديون آهن. هوءَ جڏهن اميرن، وزيرن ۽ حڪمرانن ڏانھن ڏِسي ٿي ته کين ماري ۽ موهي وِجهي ٿي. سندس سونھن جي حرفت ڪيترن جو ئي قتلام ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اعتبار نه اچي ته عشق جي راهه ۾ ماريلن جون ڪاڪ نديءَ جي ڪناري قبرون ڏِسي سگهجن ٿيون. مومل پنھنجو طلسمي محل ڪاڪ نديءَ جي ڪناري تي ٺھرايو هو جنھن کي ڪاڪ محل به چــَــوَن ٿا.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پـَــسي پرينءَ کي

سمجهاڻي: ڪاڪ نديءَ جي ڪناري تي محبت جو ميلو مــَــتـــو آهي. مومل پنھنجو ديدار ڪرائيندي. جيڪو وٽس پھچي ويو اُن سان شادي ڪندي. عام دعوت آهي. هلو هلو ميلي تي هلو! امير، وزير، بادشاهه وغيرهه سڀ مــُــقـــابــلـــي ۾ حصو وٺي سگهن ٿا. ڪنھن کي به ڪار رَنڊ روڪ ناهي.
**
گــُـــجـر گهـــڻا گهائيا، پاڻان لڳس گهاءُ
مينڌري مــــلاءُ، لڳس ڪان ڪپار ۾

سمجهاڻي: مومل پنھنجي مجاز سان هونئن ته ڪيترا ئي ڦـــَــٽـــي وِڌا آهن پر هاڻي هوءَ پاڻ به زخمي ٿي پئي آهي. دِل ڏيئي ويٺي آهي. راڻي مينڌري جي محبت جو ڪانُ / تير سندس دِل ۾ چــُـــڀــــي ويو آهي. سو هاڻي کانئنس سڀ ڪجهه وِسري ويو آهي.
**
شمع ٻاريندي شب، پــــِـــرهه باکون ڪڍيون
موٽ مران ٿي مينڌرا! راڻا ڪارڻ رب
تنهنجي تات طلب، ڪانگ اُڏايم ڪاڪ جا

سمجهاڻي: راڻو روز مومل سان ملڻ ويندو هو. جڏهن مومل سان سندس ڀيڻ ســُــومـــل مرداڻي ويس ۾ ســُــتـــل ڏِٺائين ته اُن کي ســُــڃــاڻـــي نه سگهيو. سمجهيائين ته مومل ڪنھن ٻئي مرد سان ســُــتـــي پئي آهي. اِهو ڏِسي هــُــو ڪاوڙجي واپس هليو ويو. پر کيس ڪاري ڪري نه ماريائين. جڏهن مومل کي خبر پئي ته مومل سندس جــُــدائـــيءَ ۽ ســِــڪَ ۾ تڙپڻ لڳي. رات جو روز شمع دان / ڏيئا ٻاري راڻي جي اوسيئڙي ۾ پئي جاڳندي هــُــئـــي. راڻي کي سڏيندي چئي ٿي ته اي منھنجا پرين! تنھنجي انتظار ۾ شمع ٻاريندي ٻاريندي اچي باک ڦـــُــٽـــي آهي. سج اُڀرڻ وارو آھي. الله کي مڃ پرچي پــَــئــُــه؛ ڇڏ رُسامون! تنھنجيءَ ياد ۽ ڳولها ۾ ڪاڪ جا ڪيترا ئي ڪانگ اُڏايا اٿم. (لوڪ ڏاھپ ۽ روايتن ۾ ڪانءُ / ڪانگ جڏهن گهر جي ڇت تي، وَڻ تي يا جهوپڙيءَ تي اچي ويھندو آهي ته سمجهبو آهي ته اڄ مھمان ايندا. ڪانءُ مھمان اچڻ جي خوش خبري ڏيندڙ پکي آهي. مومل به ڪانءَ کي ڏِسي سمجهندي هــُــئـــي ته اڄ راڻو ضرور ايندو پر ڪانگ ڪــُــوڙا نـِـڪــتــا.)
**
سوڍا صبر تنهنجو، بي عقل آڻي باز
سندي صبر ساز، توبھن ڪاريم تڪڙي

سمجهاڻي: اي سوڍا! (راڻي کي ســوڍو به چــَــوَن) تون وڏو صبر ڪرڻ وارو آهين. تنھنجو صبر اهڙو مثالي آهي، جو بي سمجهن ۽ اَياڻن کي به ســُــڌاري ڇڏي ٿو. تنھنجي صبر ۽ ماٺ واري هٿيار / طريقي کي مون به توبھن زاري ڪرائي ڇڏي آهي. تون به تڙپندو هوندين. تنھنجيءَ خاموشيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو اٿم. هاڻي ڇڏ پڪائي ۽ پاڻ پنھنجي خاموشي ٽوڙي مون ڏي موٽي آءُ!
**
سوڍي ســُــتــي لوءِ، ڪا جا مون سين ڳالهه ڪئي
سا جي پڌر پوءِ، ته سرتيون ڪانه ســُـــمــهـي

سمجهاڻي: راڻو مومل وٽ اهڙي وقت ويندو هو جڏهن سڄو لوڪ ننڊ ۾ ســُــتـــل هوندو هو. مومل انهن رات جي رِهاڻين بابت ٻــُــڌائـــي ٿي ته جيڪڏهن اي ســَــرتــيــون! اوهان کي انهن پيار ۽ قــُـــرب جي ڪھاڻين بابت ڏَسيان ته اوهان جي ننڊ به اُڏري ويندي ۽ مون وانگر راتين جون راتيون جاڳي راڻي جي رِهاڻ جو اوسيئڙو ڪنديون.
**
آءُ راڻا راحت، ڌاڃ ڌرتيءَ جا ڌڻي
ســِــڪــن ٿيون سـُــھـــاڳـڻـيون، سوڍا تنهنجي سٿ
مـُـون تان لاهه مَ هٿ، ڪامل ڌڻي ڪاڪ جا

سمجهاڻي: اي منھنجيءَ دل جا ڌڻي، روح جا ســُـڪــُــون راڻا! ڀلائي ڪري موٽي اچ. تون منھنجي من جو مالڪ، منهنجيءَ ڌرتيءَ جو وارث ۽ اُن جي فصل جو مالڪ آهين! اي راڻا! رُڳو مان نه پر تنھنجي ساٿ لاءِ ڪيتريون ئي وَنيون تڙپن ٿيون. اي منھنجيءَ ڪاڪ جي هر شئي جا مالڪ! مھرباني ڪري مون تان پنھنجيءَ شفقت، پيار ۽ ٻاجهه جو هٿ نه هٽائجانءِ!
**
جوڳيءَ تي جــَــڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو
پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سـِــج وڙاءُ
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪـُــنـوارِن ڪـَـڪـوريو

سمجهاڻي: مومل کي ماڻڻ لاءِ ڪيترن ئي وَس ڪيا هــُــئـــا. اِن داستان ۾ جوڳين جو به ڪردار آهي. جوڳيءَ کي به مومل جي خوبصورتيءَ موهي وِڌو هو. هو سندس سونھن جي تعريف هر هنڌ پيو ڪندو هو. جوڳي مومل جي مشهوريءَ (Publicity) جو وسيلو به هو. هــِــن بيت ۾ جوڳيءَ جو هــُـلــيــو هــِــن ريت بيان ڪيو ويو آهي ته جوڳي به سڄو جو سڄو عشق سان سينگارجي چــُـڪــو هو. اُن جوڳيءَ ساميءَ جو مــُــنـھــن به نوراني هو. سج وانگر ٻھڪندڙ هو. مومل جي حــُــســن جي هاڪ / مشھوري ٻــُــڌي پرواني وانگر اچي ڪاڪ پھتو هو. جڏهن ڪاڪ تڙ وَٽ پھتو ته مومل ۽ ٻين سوڍين جي ســُــونـھــن سندس عشق کي اڃان به رَچي رَيٽو ڪري ڇڏيو. نــِــکـــاري / چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سندس عشق ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو.
**
جھڙا گل گلاب جا، تھڙا مٿن ويس
چوٽا تيل چنبيليا، هاها هو! هميش
پـَـسيو سـُــونھن سيّد چئي، نينهن اچن نيش
لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اُڄڪي

سمجهاڻي: مومل جي سونھن جي ساراهه لطيف سائين هــِــن طرح ٿو ڪري ته جيئن گــُـــلاب جا گـــُـــل ســُــھــڻــا هوندا آهن ائين ئي مومل آهي. کيس وري ويس وڳا به اهڙا ئي خوبصورت پاتل آهن. سندس وارن کي سدائين چنبيليءَ جي گــُــل جو خوشبوئدار تيل لڳل هوندو آهي. وارن جون چــَــڳــُــــون ۽ چوٽيون به واسينگن وانگر پيون وَراڪا ڏينديون آهن. اهڙي خوبصورتي ڏِسي ماڻهون عاشق نه ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟ ڏسندڙ عشق جي نانگ کان ڏَنگجي وڃن ٿا. اهڙين لال پرين جو لباس ڏِسي / هار سينگار پــَــســـي حيرانيءَ ۾ مجال آ جو ڪو اَکر / ڪو لفظ به زبان مان نڪري سگهي. دل چوندي آته رُڳو ويٺا سونھن پــَـــســُـــون. نه پاڻ ڳالهايون نه ئي ڪو اچي ڪم ڦــِــٽـــائـــي / Disturb ڪري.
**
ڪالهه گڏيوسـُـون ڪاپڙي، پـَـھر سج کان پوءِ
پـَـسيو سـُـونھن ساميءَ جي، رت وَرنو روءِ
جو مـُـنھـِـن مـُـومل جي پوءِ، موٽڻ تنھين مـَـس ٿئي

سمجهاڻي: مومل جي ماڳ تان موٽيل هڪ ڪاپڙي ڪالهه ســِــج اُڀرڻ کان ٽي چار ڪلاڪ پوءِ گڏجي ويو. (جوڳين جا به مختلف قسم آهن. ڪاپڙي ۽ ســَــنـيــاســي ساڳي ڳالهه آهن. بابو / رَمتو يا سيلاني الڳ آهن جڏهن ته بيکاري بيک وٺندڙ، پنندڙ هوندا آهن.) ڏاڍو ٺاهوڪو همراهه هو. کانئنس حال احوال ڪندي ڪاڪ ڪنڌيءَ جي خبر پـُـڇــيــم ته همراهه رَتُ روئڻ لڳو. چيائين ته مومل اهڙي ته خوبصورت آهي جو جنھن به اُن کي ڏِٺو ته پنھنجو هوش وِڃائي ويھندو. وٽانئنس واپس وَرڻ ڏاڍو محال آهي. جوڳين مومل جي مشھوريءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. اھي اُن وقت ڄڻ ميڊيا جو به ڪردار ادا ڪندا ھُئا. مومل جي سُونھن جو اھڙي انداز سان ذڪر ڪندا ھُئا، جو ٻُڌندڙ موھجي عشق ۾ گرفتار ٿي پوَندا ھُئا.
**

ڪالهه گڏيوسـُـون ڪاپڙي، بابـُـو بان بـَـرِي
سائـِـي شال ڪـُـلهن ۾، سامي سون سـَـرِي
خبر ڏئي کـَـرِي، ڪا مـُـومل جي مـَـجــاز جـِـي

سمجهاڻي: ڪالهه هڪ ٻيو جوڳي مليو جنھن جو رَنگ ميرانجهڙو، ڌرتيءَ جھڙو هو. سندس ڪــُــلـهــن تي سائي چادر رکيل هــُــئـــي ۽ ڳچيءَ ۾ سوني مالها پاتل هــُــئـــس. اسان کانئنس پـُـڇــيـــو ته يار! مومل جي ڪا تازي ۽ سچي خبر ته ٻــُــڌاءِ! سندس ناز نخرا، حــُــســـن ۽ ڪمال ساڳيا ئي هــُــئـــس يا مــَــٽــجـــي ويا هــُــئـــس؟
**
ڪالهه گڏيوسون ڪاپــڙِي، جـھــڙو ماهُه مُنير
فيض فراق فقير، جوڳي جاڳائي ويو.

سمجهاڻي: مومل جي سونھن جي مشھوري جوڳين فقيرن ڏاڍي ڪئي. اُنهن ڄڻ اشتھار جو ڪم ڏنو. هــِــن بيت ۾ به ڪجهه اهڙو ئي ذڪر آهي ته ڪالهه جيڪو جوڳي مليو سو به چنڊ جيان چمڪندڙ چھري وارو ڏاڍو ســُــھــڻـــو هو. کانئنس جڏهن مومل جو پــُــڇــيـــوســيــن ته هــُــن مومل جي جنھن انداز ۾ ساراهه ڪئي اُن ته اسان ۾ اُڻ تــُــڻ وَڌائي ڇڏي آهي. سو چــون ٿا ته ســُــتـــت ئي مومل ماڻڻ لاءِ نڪري پئجي.
**
راڻي رِڻ ڪيو جيڏيون! مـُــنـھـنــجـــي جيءَ ســـِـــيـــن
مــَــن مينڌري وَڍيو؛ ڌُٻــــِــي ڌَڙ پيو
ٻـُــجـهــان ٻـَــھــر ويو؛ هـِـيـــنـئون هنڌ نه هيڪڙي

سمجهاڻي: مومل چئي ٿي منھنجي من سان راڻي وڏو قھر ڪيو آهي سرتيون! هــُــن منھنجي دل چــــِــيـــري (پيار ۾ کسي) ته سڄو جسم ڌُڏي / لرزي ويو. مان سمجهان ٿي ته ھاڻي منھنجي دل مون وٽ ناهي. جسم مان ٻاهر نڪري راڻي جي ڳولها ڦولها ۾ پئي رُلندي پئي وَتي.
**

سـُــر مـــارئـــي

ســُــر مــارئـــيءَ ۾ عــُــمــر ۽ مــارئــــيءَ جو قـصــو بـيــان ٿــيــل آهي. عــُــمـــر وقت جو بادشاهه ۽ مارئي سندس راڄ جي عام ڇوڪري هــُــئــــي. مارئيءَ جي حــُــســن جي هاڪ ٻــُــڌي عــُــمـــر کيس اغوا ڪري اچي پنھنجي محل ۾ قيد ڪيو ۽ کيس چيائين مون سان شادي ڪر! مارئيءَ وراڻيس منھنجو مڱڻو اڳي ئي ٿيل آهي. تنھن ڪري مان تو سان شادي ڪانه ڪنديس. مارئيءَ جي مارُن ۽ پنھنجي ملڪ ملير سان محبت (حب الوطني) هــِــن ســُــر جو مــُــک موضوع آهي.
نڪو اير نه ڀير، نڪو اوٺي آيو
مون وٽ آيو ڪو نه ڪو، ڀائران ڀري پير
ڪتابتون ڪير؟ آڻي ڏيندم اُن جون

سمجهاڻي: مارئي جڏهن عــُــمـــر جي قيد ۾ آهي ته هر وقت اِن انتظار ۾ آهي ته ڄاڻ ڪو ئي سندس وارث / اوٺي (اُٺن چاريندڙ يا ھَڪليندڙ) / مــُــســـافـــر ايندو ۽ اچي پنھنجن مائٽن جي خوش خبري / حال احوال ٻــُــڌائــيــنـدو. جڏهن ڪو نه ٿو اچي ته مايوس ٿي چئي ٿي: اڃان ته ڪنھن اوٺيءَ جي اچڻ جو ڪو نانءُ نشان / خواب خيال ئي ناهي. نه ڪو خبر آڻيندڙ ۽ پانڌي ۽ نه ئي منھنجا ڀائر يا وٽانئن ڪو ماڻهون آيو آهي. خبر ناهي ته اهي ڪيئن هوندا؟ ڪھڙن حالن ۾ هوندا؟ مارئيءَ جي پنھنجن ماڻھن سان محبت جي اھا انتھا آھي ته قيد ۾ رهندي به مارئي اُنهن لاءِ سوچي ٿي ۽ پــُــڇـــي ٿي ته آهي ڪو جيڪو منھنجن مارُن جون خبرون ســُــڻــائـــي؟
**
ور سي وطن ڄائيون، صحرا سـَـتــــر جن
گولاڙا ۽ گــگــــريــُــون، اوڇڻ اباڻن
ويڙهيا گهمن ولئين، جهانگي منجهه جهنگن
مـُــون کي ماروئڙن، سـُــڃ ڳـــَــڻـــائــي سيج ۾

سمجهاڻي: لطيف سرڪار مارئيءَ جھڙين نياڻين جي پيدا ٿيڻ تي ڏاڍو خــُـــوش ٿئي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته مــُــبــــارڪ آهي جو وطن ۾ اهڙيون نياڻيون پيدا ٿيون آهن جو ھُو پنھنجيءَ عزت ۽ حُرمت جي پاڻ حفاظت ڪن ٿيون. ويرانيءَ ۾ جتي نه پوليس آھي، نه ئي ڪو گارڊ / چوڪيدار آھي. اھڙيءَ حالت ۾ جن جو بيابان به پــَــڙدو ۽ پــَــنـــاهه آهي. جتي پيدا ٿيل سادا ۽ بي سواد ميوا (گولاڙا) ۽ کونرن جا وڻ (گگريون) سندن اَبن ڏاڏن جو کاڄ، ڍَڪُ ۽ ملڪيت آهن. هــِــنــن کي پــَــٽ ريشم جي ڪپڙن جي به ضرورت ناهي. هــُــو سادڙا ماڻهون ولين جي پــَــنــن جا لباس ٺاهي جهنگن ۾ پيا گــُــذران ڪن. تڏهن ئي کين جهانگي (جهنگ وارو) سڏجي ٿو. مون کي (مارئيءَ کي) به پنھنجن وَڏڙن ڏاج ۾ ويراني ۽ محرومي ڏني آهي جنھن تي مان ڏاڍي خوش آهيان. مون کي محل ماڙيون ۽ لذيذ کاڌا نه ٿا گـهــُــرجــن.
**
الا! ائين مَ هوءِ، جيئن آئون مـَــران بــَـــنـد ۾
جـُـسـو زنجيرن ۾، راتو ڏينھان روءِ
پھرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پـُـڄـَــنـِـم ڏينھنڙا

سمجهاڻي: اي الله پاڪ! ائين نه ڪجانءِ جو مان قيد ۾ ئي مري وڃان. منھنجو جسم زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندي به ڏينھن رات ماروئڙن لاءِ روئي ۽ رَڙي ٿو. مون کي سندن ڏاڍي اُڪــَـــنــڊَ ۽ اُڪـــِــيـــر آهي. سو پنھنجو خاص ڪرم ڪري تيستائين نه مارجانءِ جيستائين پنھنجي ملڪ ملير نه پھچان. پوءِ ڀلي تنھنجي مرضي آهي جيئن وڻئي تيئن ڪجانءِ. ساهه ڪڍي ڇڏجانءِ پر هڪ ڀيرو مارن سان ملڻ جي مــُــھـــلـــت ضرور ڏِجانءِ.
آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا! تن پنهوارن پچار؟
جـَــڙ جنين جي جان ۾، لڳي ريءَ لوهار
مـيـخـُــون محبت سـَــنـديون، هينئڙي منجهه هزار
پـَــکــا ۽ پـنـهـوار، ڏٺي مـُــون ڏينهن ٿيا

سمجهاڻي: عــُـمــر مارئيءَ کي چئي ٿو ته پنھنجن ماروئڙن / مائٽن کي وِساري ڇڏ! هــِـــتـــي جيڪي مزا ۽ عيش اٿئي اهڙا تنھنجن مسڪينن مائٽن وٽ ڪٿي هوندا؟ مارئي وراڻيس ٿي ته ســُــومـــرا! آءٌ پنھنجن پنھوارن جي ياد ۽ ذڪر ڪيئن ٿي ڇڏي سگهان؟ تو کي ڪھڙي خبر ته انهن جي پيار جون پاڙون منھنجي اندر ۾ ڪيئن کــُــتـــل آهن؟ هنن محبت جي ميخن لاءِ ڪنھن لوهار جي ضرورت نه هوندي آهي. ڪا هڪڙي هــُــجـــي ته ڪڍي ڇڏيان. هــِــتــي ته هزار آهن. ڪھڙي پـَـٽــي ڪھڙي پٽينديس؟ مون کي پنھنجن ٻڪرين چاريندڙ، پنھوارن ۽ جهوپڙين کي ڏِٺي ڪيترا ئي ڏينھن گذري ويا آهن. ســِـــڪ ۾ هــِــنـيـــانءُ ٿو ڦاٽي. تنھنجي محلن ماڙين ۾ دَم ٿو گـهــُــٽـــجــــي، سو ڇڏ ته مان ملير وڃان.
**
ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مـَـٽــائــن سون تي
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪـُـريت
پـَـکـن جي پريت، ماڙين مـُـور نه مـَــٽـيـان

سمجهاڻي: اي عــُــمـــر بادشاهه! تو کي اسان جي قدرن (Values) جي ڪــَــل ئي ناهي. اسان جي اُصولن ۽ ريتن رسمن جي تو کي خبر ئي ناهي. اسان ڪڏهن به مال دولت، سونن زيورن ۽ لالچ ۾ اچي رشتا تبديل ناهيون ڪندا. سو مان به تنھنجي ڪوٽ ۾ اچي اهڙي ڪا به ڪــُــڌي حرڪت نه ڪنديس، جنھن سان اسان سڀ لڄي ٿي پئون. جيڪا ڪکانون گهرن جي ســُــٺـــي ريت / اُصول، پيار ۽ محبت آهي اُن کي محلات ڏِسي ڪڏهن به تبديل نه ڪنديس.
**
سونھن وِڃايم سومرا! ميرو منھن ٿيوم
وڃڻ اُت پيوم، جت حاجت ناهي هلڻ جي

سمجهاڻي: مارئي عمر کي چئي ٿي ته؛ تون مون کي اغوا ڪري آيو آهين جنھن سبب مان ائين محسُوس ڪريان ٿي ته؛ مون پنھنجي سونھن، عزت ۽ مانُ ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ تو مون کي اغوا ڪيو آهي ۽ تون ئي ڏوهي آهين پر تنھن هوندي به ماڻهون اِهو سمجهندا ته مان تو سان راضي هـُـيــَــم. تنھنجي اِن ڪـُــڌي عمل منھنجو ڪارو مـُــنـھــن ڪري ڇڏيو آهي. اسان غيرت وارا ماڻهون آهيون ۽ اسان جي سماج ۾ غيرت ۽ عزت وارا ئي رهندا آهن. اهڙي راڄ ۾ مان جڏهن وينديس ته مون کي ڪو به عزت جي نگاهه سان نه ڏِسندو. هـِــتــي حـُـســن مان مـُــراد ظاهري سـُــونـھــن ناهي. اندر جو اخلاق، عزت، غيرت ۽ سـُــٺــو ڪردار آهي، جيڪو خوبصورتيءَ جو اُهڃاڻ آهي. عمر مارئيءَ کي اغوا ڪري داغدار ڪري ڇڏيو جنھن ڪري هوءَ پنھنجين هڪ جيڏين ۾ تيستائين ڪنڌ کڻڻ جھڙي نه رهي جيستائين پنھنجي بيگناهي ثابت نه ڪيائين.
**
آئون ڪيئن سوڙين سـُــمـهــان؟ مون ور گهاري سـُــڃ
وَر اَباڻن سين اُڃ، کوءِ شربت تنھنجو سومرا

سمجهاڻي: مارئي پنھنجن مارن جي سـِـڪ خاص ڪري مڱيندي/مڙس جي محبت لاءِ هر شئي کي ٺــُــڪــرائـــي ٿي. سرديءَ جي موسم آهي، جنھن ۾ اهڙو سيءُ به پوندو آهي جو ســَــوَڙ ۾ سمهڻ جي باوجود اڪيلي کي ڏاڍو سيءُ ٿيندو آهي. سيءَ / سرديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ خاص ڪري زال ۽ مڙس گڏ سمهندا آهن. اهڙيءَ مـُــنــد ۾ مارئيءَ کي عمر جي ڪوٽ ۾ سوَڙ ڏني وڃي ٿي ته؛ هوءَ اُن کي اِهو چئي ڦــِــٽــي ڪري ٿي ته منھنجو مڱيندو / مڙس بنا سوَڙ جي سرديءَ ۾ تڙپي ٿو ۽ مان هتي سوڙين ۾ سمهان! اِهو ناممڪن آهي. وري جڏهن کيس شربت پيڻ لاءِ ڏنو ٿو وڃي ته هوءَ اهو ياد ڪري شربت پري ڪري ٿي ته؛ ٿر ۾ ته پاڻي به مشڪل سان ملندو آهي؛ منھنجا مائٽ اُڃ ۾ پيا گذارو ڪندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ اي سومرا بادشاهه! مون کي تنھنجو شربت نه کپي. ھوءَ پنھنجي سُک ۽ ضرورت جي ڪا به پرواھ نه ٿي ڪري، کيس هر وقت مارن جي ياد ستائي ٿي. اڄ جي زماني موجب ڄڻ ھوءَ بُک ھڙتال تي آھي.
ڪارا ڪرايـُـن ۾، سـُـون اسان کان ســُــــــوءِ
ور جيڏين سـِـين جـُــوء، فاقو فرحت ڀانئيان

سمجهاڻي: اسين مارو ماڻهون آهيون. گهڻيءَ لالچ ۽ لوڀ ۾ نه پوندا آهيون. ڪــَــرايــُــن ۾/ ٻانھن ۾ ڪارن ڌاڳن جا ڳانا ٻــَــڌنــدا آهيون. سونُ اسان لاءِ صدمون آهي/ ماتم آهي. سرتين سان گڏ بــُــک ڏُک ۽ لنگهڻ به اسان لاءِ ســُــڪـــُـــون هوندو آهي. ان بــُــک ڏُک تي اسان پاڻ ۾ گڏ ته آهيون. اسان کي اھڙي ترقي ۽ خوشي نه کپي جو لالچ ۾ اچي هڪ ٻئي سان وِڙهي پئون. اِن کان بھتر آهي ته پنھنجي پريت برقرار رکڻ وارا ڪم ڪريون. اھڙو سون ئي گھوريو جيڪو ڪن ڇِني.
**
جا عـُـمـر تو مــُـلِ عيد، سا اسان ســـوء ورتــِــي سومرا
ويــئــــي ويــچــــــارن وِســـــري، خــوشـــي ۽ خــريــد
ســِـــڪـــڻ ڪــيـــا شــھـــيــد، مــارُو جـي مـلـيـر جا

سمجهاڻي: اي عــُــمـــر! تو وٽ جيڪا عيد ۽ خوشي آهي سا اسان وٽ غم ۽ ماتم آهي. تو مون کي قيد ڪري مارن سان جيڪو ظلم ڪيو آهي، اُن کـانـئــُـــن عيد جون خوشيون به کسي ڇڏيون آهن. خريداري به وِساري ڇڏي آهي. هــُــو مون کي ايترو ڀانئن ٿا جو منھنجيءَ ســِــڪ ۽ محبت ۾ ڄڻ شھيد ٿي چــُــڪـــا آهن / مري چــُــڪــا آهن. مظلومن کي تنھنجي ڏاڍ ماري وِڌو آهي. جنھن جي نياڻيءَ کي اغوا ڪيو وڃي، اُھو ڪھڙيون عيدون ڪندو؟
**

ٿــَـر ٿــَـر اَندر ٿاڪ، عـُـمر! مارُوئڙن جا
لاٿائــُـون لطيف چئي، مٿان لــــوئــِـيءَ لاک
عـُـمـر! ڪـَـريـــو آکَ، پھريو ٿي پـَـنَ چـَـران

سمجهاڻي: اي عــُـمــر بادشاهه! مان نڌڻڪي نه آهيان. منھنجي وارثن جا ٿر جي هر هنڌ تي وَٿاڻ آهن. هــُــنـن منھنجيءَ جــُــدائـــيءَ ۾ لوئيءَ / چادر مٿان لاک جو رَنگ لاهي ڇڏيو آهي. مٿن ڏُک جي لھر ڇانيل آهي. تو سان جيڪڏهن پــُــڄـــي نه ٿا سگهن، وڙھي نه ٿا سگھن ته هــُــو تو سان نفرت ۽ پنھنجي رَنج جو اظھار ته ڪري سگهن ٿا. اي عــُـــمـــر! تون هٿ ڪڍ ته وڃي پنھنجن جانورن کي گاهه کارايان.
**
ســھـســِــيــن ســيــبــا ڪـنـجــري، لـــوئــــِــي لـــِــيــڙ ٿيام
ابـــاڻن جــــــــي آســري، ڪـــَــتــــي ڪــــانَ ڪـــيــــــــام
جا ڍَٽ ڍَڪيام، تـنـھـن جو پـــرور پـــــن رَهـــــــــائـــيـــيــن!

سمجهاڻي: اسين غريب ماڻهون آهيون. لٽا ڪپڙا به سادا ۽ پــُــراڻــا آهن. جي ڦاٽي پــَـــوَنــدا آهن ته اُنهن کي ٽوپا ڏيئي پيا ڳنڍيندا آهيون. منھنجي چولي ۾ به سوين ٽوپا ڏِنل آهن. چادر به ڦاٽل / ليڙون ليڙون آهي. مون پنھنجن اباڻن سان ملڻ جي اُميد، آس ۽ آسري تي اُن جي اُڻيل نئين پوتي / چادر نه پاتي آهي. اي پروَردگار! جيڪا چادر مون کي منھنجي علائقي ڍَٽ / ٿر وارن ڍَڪائي آهي، اُن جي عزت ۽ لڄ برقرار رکجانءِ، ڇا ڪاڻ ته ان چادر پھرائڻ جو مقصد رڳو مٿو ڍڪڻ ۽ سُونھن وڌائڻ نه آھي، پر پنھنجي عزت ۽ سماجي قدرن کي برقرار رکڻ به آھي.
جـھه سين لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهنڙي؟

سمجهاڻي: اي عــُــمــر بادشاهه! حڪمران ته عوام جي جان ۽ مال، چادر ۽ چوديواريءَ جي حفاظت ڪندا آهن. اسان کي به تو مان اِها اُميد ۽ آسرو هو پر افسوس آهي ته توئي مارئيءَ کي اغوا ڪيو آهي. اهڙا حڪمران منصف ۽ ڀرجهلا نه پر اُهي ڦورُو، لــُــٽــيـــرا، ڌاڙيل ۽ چور آهن، دوکي باز آھن. جنھن جي آسري تي اسان هــُــيـــاســيــن/ جن جي مٿان اسان جي حفاظت ۽ انصاف جي ذميواري هــُــئــــي اُنھن ئي اسان کي ڦُريو ۽ لُٽيو آھي. هاڻي ٻــُــڌاءِ ته هي مسڪين ۽ لاچار منھنجيءَ اغوا جي ڪٿي فرياد ڪن؟ ڪھڙيءَ عدالت کان انصاف وٺن؟ جيڪو پوليس وارو اسان جي حفاظت لاءِ مُقرر ٿيل آھي، اُھو ئي ڦوروءَ جو ساٿ ڏئي، جيڪو آفيسر اسان جي خدمت لاءِ رکيل آھي، اُھو ئي رشوت کان سواءِ ڪم نه ڪري ۽ جج انصاف نه ڏئي ته پوءِ ڪاڏي وڃجي؟ ڪھڙو رستو اختيار ڪجي؟ اها صورت حال ڏسي باشعُور ماڻھو سُجاڳيءَ ۽ تبديليءَ جي تحريڪ شروع ڪندا آھن. ســُــڄـــاڻ اڄوڪن حڪمرانن، ادارن ۽ ڪامورن جا ڪــَـــلــُـــور ڏِسي اڪثر ڪري محفلن ۽ جلسن جلوسن ۾ هيءُ بيت پڙهندا آهن ۽ پنھنجيءَ بيوسيءَ جو اظھار ڪندا آهن.
**
جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن جون
ڏنيون لــَـــسَ لطيف چئي، هــِــنــيــَــڙي کي هــَــمــِــيــر
وڃي منجهه ملير، ســَــڀِ ڇوڙينديس ســُــومــرا!

سمجهاڻي: ٿر ۾ ڳنڍير نالي سان هڪڙو اهڙو گاهه ٿيندو آهي، جنھن ۾ تمام گهڻيون ڳنڍيون ٿينديون آهن. اهي ڳنڍيون محبت جي ماپ ۽ اندازي لاءِ به جــُــمــلـــي ۾ ڪتب اينديون آهن. مارئي چئي ٿي ڳنڍير جي ڳنڍين وانگر منھنجي دل ماروئڙن سان آهي. اي همير! (عمر سومرا!) اھي ڳنڍيون ڪي ٿوريون نه پر تمام گھڻيون آھن. انھن جي ڀيٽ ۾ تنھنجا هي زنجير ته مون لاءِ ڪجهه به ناهن. انهن کي کولڻ ته مون لاءِ مسئلو ئي ناهي. باقي ماروئڙن جون ڳنڍيون هتي نه ٿي کولي سگهان. اي سومرا بادشاهه! سانگيئڙن جي صحبت جون ڳنڍيون وڃي ملير ۾ کولينديس.
ڏوري ڏوري ڏٺم، سندو ٿوهرن ٿر
ڏندڻ نه ڏين ڏندن کي، مـَـھــٽـيـو نه لاهن مـَــرُ
جا پرين سندي پر، سا کليو ڪن کرن سين

سمجهاڻي: ٿر ڏِسڻ جي ڏاڍي سـِــڪ هــُــئـــي. نيٺ وڃي پھتم. ٿر ۾ ٿوهرن جا ٻــُــوٽــا گهڻا ٿين جنھن ڪري ان کي ٿوهرن جو ديس به سڏجي. ماڻهون ويچارا سادڙا آهن. وٽن پاڻيءَ جي ڏاڍي اَڻاٺ آهي. سو هار سينگار ۽ جسم جي مھٽ سھٽ گهٽ ڪندا آهن. ڏندڻ به گهٽ ڏين ٿا، جنھن ڪري سندن ڏَند به ميرا هوندا آهن. اِنهن سڀني اُوڻاين هوندي به ھُو دل جا صاف آهن. ڏاڍا پيارا ماڻھو آھن. هـُــو دُشمن سان به ائين هلن جيئن پنھنجن پيارن سان پيش اچن ٿا. مطلب ته سندن قرب سڀني لاءِ آھي. ان قرب جي کين ڪھڙي موٽ ملي ٿي، اھو ھڪ الڳ سُوال آھي. ٿر ۾ ھن وقت ڪوئلي لڀڻ سبب صُورت حال مُختلف آھي، پر ھتان جا ماڻھو غريب ھُوندي به چوريءَ چَڪاريءَ ۽ ٻين ڏوھن کان پري ھُوندا ھُئا. ان علائقي جو Crime rate (ڏوھن جو ريشو) تمام گھٽ ھو / آھي. مٽي مائٽيءَ ۽ ڄاڻ سُڃاڻ جي شناس سڀني کان وڌيڪ آھي. وٽن قرب سرس ھو / آھي. اھو ئي سبب آھي ته ھُو دشمن سان به قرب ونڊڻ جي ڪوشش ڪندا ھُئا، سندن جھڳڙا جلدي نبري ويندا ھُئا. قتلن ۽ خونن جي نوبت نه ايندي ھُئي.
**
واجهــــائـــي وطــُــــن کــي، ســــاري ڏيـــان سـاهه
بـُـــــت مـُــــنھـنجــــو بـَـــنــد ۾، قـيد مَ ڪريجاهه
پـَـــــرڏيــھـيـاڻــــــي پـــريــن ري، ڌار مَ ڌريــــجــاهه
ٿـــــڌي وَســـائـيـج ٿــَـــرن جي، مـِـٽي مـُـئــيَ مـٿاهه
جي پويون ٿئي پـَـساهه، ته نـِـجاهه مڙهه ملير ڏي

سمجهاڻي: مارئي عمر کي چئي ٿي ته پنھنجي ديس کي ياد ڪري جيڪڏهن مري وڃان ته مون کي هتي دَفن نه ڪجانءِ؛ جسم کي قيد نه ڪجانءِ! مان هـِــتــي پرديسڻ آهيان. پرين منھنجو پنھنجي ديس آهي. اُن کان ڌار نه ڪجانءِ. الڳ نه پــُــورجـــانءِ! جڏهن مران ته مون کي پنھنجي ٿر جي ٿڌڙيءَ واريءَ ۾ دَفن ڪجانءِ! ڀلائي ڪري جڏهن آخري ساهه هــُــجـــي ته منھنجو مڙهه / ميت ملير ڏانھن موڪلجانءِ!
**

سـُــر ڪاموڏ

ســُــر ڪاموڏ ۾ نــُــوريءَ ۽ ڄام تماچيءَ سمين جي عشق جو داستان بيان ڪيو ويو آهي. نــُــوري هڪ مــُــھــــاڻـــي ۽ ڄام تماچي سمن جي دور جو سخي ۽ ڀــَــلـــو حاڪم هو. نــُـــوريءَ سان سندس عشق ٿي وڃي ٿو. نــُــوريءَ جو نياز ۽ نــِــوِڙت کيس موهي وِجهي ٿي، جنھن ڪري سڀني راڻين تي کيس مٿڀرائپ / فوقيت حاصل آهي. هـُــو نـُــوريءَ جي ڪري سمورن مھاڻن تي وڏا وَڙَ ڪري ٿو. هڪ عام ڳوٺاڻيءَ ڇوڪريءَ سان ڄام تماچيءَ جي شادي ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو.
ڪاريون، ڪوجهيون، ڪـُـوَڙيـون، مـُــور نه موچاريون
وٺي ويٺيون واٽ تي، کـِـکــيءَ جـُــون کاريـُــون
اُنين جون آريـُـون، سمي ريءَ ڪير سـھــي؟

سمجهاڻي: هــِــن بيت ۾ نــُــوريءَ جي مائٽياڻين / مــُــھـــاڻــيــن جي شڪل صورت بيان ڪئي وئي آهي ته مــُــھـــاڻــيــون عام طور تي رَنگ جون ڪاريون، شڪل جون بد صورت ۽ بي افعاليون ٿينديون آهن. هو هڪ ته شڪل صــُــورت جون اَڻ وَڻندڙ ٿين ٻيو وري مڇيءَ سان ڀريل ٽوڪريون رستن تي رکي وِڪرو ڪن. مڇيءَ جي ڌَپ به سندن شخصيت تي اُگرا اثر وِجهي ٿي، جنھن ڪري کانئن هر ڪو پيو پري ڀڄي. سمين ڄام جو نــُــوريءَ سان پيار جو پيچ وِڌو آهي ته سڀني مھاڻن جا مزا ٿي پيا آهن. اَڻوڻندڻين جا چاڳ ۽ ماڻا سمون سردار خوشيءَ سان پيو برداشت ڪري. هڪ نــُــوريءَ جي ڪري سڀني مھاڻين جي لئي وَڌي وئي آهي.
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ
انين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو

سمجهاڻي: مھاڻن جو واهپو ئي پاڻيءَ سان ٿئي. هــُــو رهن به پاڻيءَ ۾ ته کائڻ ۽ پائڻ جون شئيون به پاڻيءَ مان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. گند پاڻيءَ جي هڪ ٻــُـــوٽــــي جي پاڙُن کي چوَندا آهن. هــُــو پاڻيءَ ۾ لھي اُهي پاڙُون پــَــٽـــي پنھنجيءَ گوڏ ۾ ذخيرو ڪري ٻاهر آڻيندا آهن. وري پوشاڪ/ لباس به ڪو ڪپڙي جو نه پر پــَــٻــُـــڻ جي وَڏن پــَــنــن مان ٺاهي پھريندا هئا/آهن. اهڙن غريبن وٽ / سندن غريب خاني / اوطاق تي وقت جو حڪمران راضي ٿي اچي ته هــُــنــن لاءِ عيد کان به وڌيڪ خوشي آهي. اڄ به جيڪڏهن ڪو حاڪم يا وڏو ماڻهو غريبن وٽ اچي سندن مسئلا حل ڪري ٿو ته: ان جي ساراهه ڪئي وڃي ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڪرشنا ڪماريءَ کي سينيٽر ۽ هڪ شيدڻ تنزيلا کي اسيمبلي ميمبر بڻايو ته واهه واهه ٿي وئي. جيڪڏهن بلاول ڀُٽو ڪنهن عام ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو ته ڄام تماچي سڏبو.
**
سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيون
ڄامَ هٿَ ۾ ڄار، ڄــُــلي ڄـُــٻـيـريـن وچَ ۾.

سمجهاڻي: هڪ دفعي ڇا ٿيو جو ڄام تماچي پنھنجي بادشاهي حيثيت وِساري ڄار هٿ ۾ کڻي مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ شروع ٿي ويو. جڏهن سندس پـَــٽ راڻين ۽ خاندان وارين راڻين کي خبر پئي ته هار سينگار ڪري اچي وٽس پھتيون. ناز نخرا ڪري کيس وِندرائڻ ۽ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ته ھُو پنھنجيءَ حيثيت (بادشاھي) مطابق اُٿي ۽ ويھي پر پوءِ به همراهه نه مــُــڙيـــو؛ پنھنجي عُھدي جي ڪا به پرواھ ڪانه ڪيائين ۽ ڄــُــٻــيــر (جـهــُــٻــيـــر) ذات جي مھاڻين (جيڪا غالبن نــُــوريءَ جي ذات به هــُــئـــي.) سان کيڏندو؛ مڇي ماريندو ۽ دِل وِندرائيندو رهيو.
**
ٿيا تماچيءَ ڄامَ سين، مهاڻا محروم
ننڍيءَ وڏيءَ گــَــنـدريءَ مٿي، ماڙِيءَ ڌُومَ
جي ڪينجهر، جي رُوم، سي سڀ انعامي ٿيا

سمجهاڻي: نــُــوريءَ جي شاديءَ کان پوءِ تماچيءَ ڄام سان مھاڻن جي عليڪ سـَـلــيــڪ وڌي وئي. پاڻ ۾ هڪ ٿي ويا. ننڍي وڏي مھاڻي تماچيءَ جي محل ۾ بنا رَنڊ روڪ ۽ ڌڙلي سان اچ وڃ شروع ڪري ڏني. مھاڻا ڪينجهر ڍنڍ ۾ هــُــجــــن يا روم ۾ مطلب ته جتي به هــُــجــن اُنهن سڀني کي انعام سان نوازيو ويو. انهن لاءِ خاص Package شروع ڪيو ويو. سندن ٽيڪس معاف ڪئي وئي.
**
مئي هٿ ۾ مڪڙي؛ ڄام هٿ ۾ ڄار
سڄو ڏينهن شڪار، ڪنجهر ۾ ڪالهه هو

سمجهاڻي: جڏهن تماچيءَ جي نــُــوريءَ سان لـــَــنـئــون لڳي ته همراهه کان سڀ ڪجهه وِسري ويو. نــُــوريءَ جي هٿ ۾ مڪڙي هـُـجــي ته ڄام جي هٿ ۾ وري ڄار هــُـجـــي. سڄو ڏينھن ڪينجهر ڍنڍ تي مڇيءَ جو شڪار ڪندي پئي گذاريائون، جنھن سبب سڀني مھاڻن جي تقدير ئي بدلجي وئي. کين خصوصي توجھه ملڻ لڳو. جڏهن حڪمران ڪنھن مسئلي تي مڪمل ڌيان ڏيندا آهن ته اُهو حل ٿيڻ سان گڏ بھتر به ٿي ويندو آهي. ڄام تماچيءَ جي ڌيان سبب مھاڻن جا وارا نيارا ٿي ويا. وٽن خوش حالي اچي وئي.
**

سـُــر گـهـــاتـُــو

گهاتوءَ جي معنيٰ آهي مڇي ماريندڙ. هــِـن ســُــر ۾ ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ مورڙي ميربحر ۽ سندس ڀائرن جو ذڪر آهي. مورڙي پنھنجيءَ ڏاهپ ۽ بھادُريءَ وسيلي هڪ خوفناڪ مانگر مڇ کي ماريو هو، جنھن ڪري سندس وڏو ناموس ٿي ويو هو. تنھن زماني ۾ ڪراچي هڪڙو ڳوٺڙو ۽ سندس نالو ڪلاچي هو. ڪلاچيءَ وٽان ســمــُــــنـڊ ۾ هڪ ڪــُــن هو جنھن ۾ مانگر مڇ رَهندو هو. اھو مانگر مڇ ايترو وڏو ھو، جو انسانن کي به ڳھي ويندو ھو. مورڙي جا ڀائر به ڳڙڪائي ويو ھو. مورڙي مانگر مڇ کي مارڻ لاءِ لوھ جو ھڪ پِڃرو جوڙايو ھو ۽ اُن ۾ رَسا ٻَڌرايا ھُئائين. ھو اُن پِڃري ۾ پاڻ ويھي رھيو ھو. جيئن ئي واڳونءَ واري پاڻيءَ ۾ پِڃرو اُڇليائون ته مڇ پِڃري ۾ وات وِڌو ته کيس لوھا ڪِل چُڀي ويا. مورڙي رَسا لوڏيا ۽ ٻين رَسا ڇِڪيا ته مڇ به گھلجي آيو ۽ اُن کي ماري وِڌائون.
ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، گهــِـــڙي سو نـِــئـــي
خبر ڪونه ڏئي، ته رَڇ ڪـُــڄــاڙي رَنڊيا

سمجهاڻي: لطيف سائين فرمائي ٿو ته، ڪلاچيءَ جي ڪــُــن ۾ اهڙي ته مصيبت اچي ويٺي آهي، جيڪا سمنڊ ۾ شڪار ڪندڙ توڙي ايندڙ وِيندڙ کي تباهه ڪري ٿي ڇڏي. اِها مصيبت آهي مانگر مڇ. هــِــن ڪــُــن وَٽان جيڪو گــُــذري ٿو يا مڇيءَ مارڻ لاءِ ڄار وِڇائي ٿو ته خبر ئي نه ٿي پئي ته ڄار ڇا ۾ اَٽڪيو آهي جو مڇي نه ٿي ڦاسي.
**
ڪالهه ڪلاچيءَ ويا، ڇتيون کڻي ڇـُــڳــيــر
ڀائرن ڀيرو نه ڪيو، اَدن ڪئي اوير
اهڙي خاصي کــــيــر، ڪــُـــن وَرائي جهلي

سمجهاڻي: مورڙي جي ڀيڻ چئي ٿي مانگر مڇ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪالهه مــُــنـھــنـجـــا ڀائر وڏا پــَــٽــڪـــا ٻــَــڌي / تيار ٿي ڀالا ۽ ٻيا هٿيار کڻي نڪتا هــُــئـــا پر کين ڏاڍي دير ٿي وئي آهي جو اڃان گهر واپس نه وَريا آهن. لڳي ٿو ته، اهڙي چڱي موچاري ۽ بھادر ٽولي کي پاڻيءَ جي ڪــُــن ڪٿي روڪي ته نه ڇڏيو! ھُو واڳونءَ جي وَر ته نه چڙهي ويا! تنهن ڪري سندن خبر چار ته لهو!
**
ماڪَ ڀـــِـــڄـــائـيـُـن مولهيا؛ مٿان رات پــَـــئــِـــي
اؤليون اُجهڻ لڳيون، ويا وَنجهه وَهــــِـــي
ڪلاچيان ڪـَـھـِـي، ڪڏهين ڪونه آئيو.

سمجهاڻي: سمنڊ جي گـهــِــم ۽ ماڪ (شبنم) مھاڻن / ڀائرن جون پــَــڳــُـــون به پسائي ڇڏيون آهن. هوڏانھن رات پنھنجي اُونداهي پکيڙي ڇڏي آهي. ٻيڙين کي هلائڻ وارا ڳـــَـــن ۽ وَنـجــهــه وَهڪري ۾ لــُــڙهــن پيا. اِهو تباهيءَ وارو منظر ڏِسي خيال اچي ٿو ته همراهه بچيا نه هــُــونــدا ڇاڪاڻ ته هــِـــن قھري ڪــُــن ۾ ڦاسڻ کان پوءِ ڪو به واپس ناهي وَريو.

**
ائين جا لڏو لوڏَ، اِيءَ پر گهاتوئڙن جي
ڪــُــن ڪلاچيءَ ڪوڏ، ســُـــک نه ســُــتـــا ڪڏهين

سمجهاڻي: اوهان جنھن لاڏ ڪوڏ، ناز ۽ خوشيءَ سان پيا گـهــُـــمـــو ڦـــِـــرو اِهو انداز ۽ طريقو ته مڇي ماريندڙ خوش حال مھاڻن وارو آهي. ڪلاچيءَ جي ڪــُــن مان کين گهڻو شڪار (مال) ملي ٿو. اِن شوق ۾ کين ننڊ ئي نه ٿي اچي پر جڏھن کان مانگر مڇ ان ۾ گھر ڪيو آھي ته ڪلاچيءَ جي ڪــُــن سندن متيون مــُـنـجـهــائـــي ڇڏيون آهن. کانئن سڀ خوشيون وِسري ويون آھن. اِن بــُــريءَ بلا کي مارڻ لاءِ سندن ســُــک ۽ آرام ڦــِــٽــي ويو آهي.
**

تــَـــريـــون پــَــسان نه تار ۾، جهـُـــڳـــا جاءِ نه ڪن
مــــادَر مــلاحــــن، مــــاڳ نـــه ڍويـــــــــا مــَــڪـــڙا

سمجهاڻي: ڪلاچيءَ جي ڪــُــن ۾ ٿاڪ ٺاهيندڙ مانگر مڇ جي تباهيءَ کان پوءِ مھاڻن ڊَپ کان سمنڊ ۾ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. تنھن ڪري سمنڊ به ويران ٿي پيو آهي. درياهه (سمنڊ) ۾ هاڻي نه ئي ترها آهن نه ئي ننڍا وڏا ٻيڙا آهن. اي اَمڙ! جيڪي مھاڻا مڇيءَ جون ٻيڙيون ڀري ايندا هــُــئـــا هاڻي ته اُنهن جو روزگار ئي بند ٿي ويو آهي. اَڳي ته جلد ئي کين گهڻو شڪار هٿ اچي ويندو هو پر هاڻي ته گهڻو عرصو گذري ويو اَٿن پر اڃان تائين ناهن موٽيا. خالي ھٿين موٽڻ نه چاھيندا ھُوندا. اھڙي حالت ڏسي، مورڙي پنھنجي عقل کي استعمال ڪري پِڃرو ٺھرائي مانگر مڇ کي ماري ڇڏيو. چوَن ٿا ته مورڙو معذُور به ھو، جسماني طور ڪمزور به ھو، پر عقل ۾ سڀني کان وڌيڪ ھو. مانگر مڇ کي مارڻ جي ته ڪيترن ئي ڪوشش ڪئي ھُئي. بھادرن پنھنجي طاقت آزمائي ھُئي، پر ڪامياب نه ٿيا ھُئا. مورڙي جي ذھانت سوڀ ماڻي.
اسان کي ان ڪردار مان ذھانت کي ڪَتب آڻڻ جو سبق ملي ٿو. ذھني صلاحيت کي صحيح استعمال ڪري سماج ۾ تبديلي آڻي سگھجي ٿي. ان سلسلي ۾ پاڻ مورڙي کي رھبر مڃي گھڻو ڪُجھه ڪري سگھون ٿا. ذھني صلاحيت ۽ ذھانت جا ڪيترا ئي مثال موجُود آھن. ھن ڪرپشن، رشوت، ٺڳيءَ، سفارش ۽ مٽي مائٽيءَ واري دور ۾ به ڪيترا ئي غريب ۽ بي پھچ نوجوان پنھنجيءَ ذھانت وسيلي مقابلي جا وڏا امتحان پاس ڪري وڏا عُھدا ۽ مڃتائون ماڻي چُڪا آھن يا ماڻن پيا؛ سو اسان کي به ھمٿ ھارڻ نه گھُرجي.
**

سـُــر سورٺ

هــِــن ســُــر ۾ سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو واقعو بيان ٿيل آهي. سورٺ کي حاصل ڪرڻ لاءِ راجا انيراءِ ٻيجل (هڪ ساز وَڄائيندڙ) هٿان جهونا ڳڙهه جي حاڪم راءِ ڏياچ جو ســِـــرُ وَڍايو. هيءُ سـِــرُ ڪنھن جنگ يا جهيڙي ۾ نه وڍيو ويو بلڪه ٻيجل ســُــرنــدو ساز وَڄائي جڏهن راءِ ڏياچ کي موهي وِڌو ته هــُــن ٻـــِــيـــجـــل کي حــُــڪــُــم ڪيو ته جيڪو گـهــُــرڻــو اَٿئي سو گـهــُــر! موٽ ۾ ٻيجل کانئنس سندس سـِــر گـهــُــريـــو جو هــُــن وَڍي ڏئي ڇڏيس. ساز (سنگيت) تي سِر ڏيڻ / قربان ڪرڻ جو ھيءُ ھڪ انوکو واقعو آھي، جنھن مان سنڌ جي ماڻھن جي راڳ ۽ آرٽ سان عشق جو اندازو ٿئي ٿو. فن ۽ فنڪار سان گڏ ساز تي ســِــر ڏيڻ جي ساراهه بــه هــِــن ســُــر ۾ شامل آهي.
جـــاجـُـڪ جهونا ڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو
تنهين ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويھــي وَڄايو
شھر سڄو ئي ســُــــرَ سين، تـندن تپايو
دايون درمانديون ٿيون، ٻائين ٻاڏايو
چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مـڱــڻــو.

سمجهاڻي: ٻيجل هڪ مـڱــڻـھــار هو. کيس ســُــرنــدي وَڄائڻ تي وڏي مھارت ۽ ڏات عطا ٿيل هــُــئـــي. سو جڏهن جهونا ڳڙهه ۾ آيو ته ڪينرو (ساز ســُــرنــدي جو نالو) وڏيءَ ڪاريگريءَ سان وَڄائڻ لڳو. ســُــرنــدي جي تارُن جي لئي ۽ مـــِـٺــــڙي آواز سڄي شھر ۾ مشهوري ماڻي ڇڏي. ٻانــِـھــيـــُــون به حيران ٿيون ته راڻيون به ســُــرُور ۾ اچي ويون. چارڻ (ساز وَڄائيندڙ مـڱـڻـھــار) ســُــرنــدي جي ســُــرن وسيلي اِهو پـئــي چــَـــوِرايـــو ۽ ثابت ڪيو ته حقيقت ۾ هيءُ شڪاري آهي. راءِ ڏياچ جو شڪار ڪرڻ آيو آهي، جنھن ۾ هــُــو ڪامياب به ٿيو. مطلب ته فنڪار پنھنجي فن جو غلط ۽ ناجائز فائدو حاصل ڪيو.
**
سـَـــوَ سـِــــرَن پائي، جي تند برابر توريان
اُٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهين ٻيجل ٻـُــرائي
سـَــکــڻـو هڏ آهي؛ سـِــر ۾ سـَـڃـڻ ناهه ڪي

سمجهاڻي: راءِ ڏياچ وٽ راڳ ۽ ساز جي تمام گهڻي حيثيت هــُـــئــــي. هــُــو چئي ٿو ته جيڪڏهن هڪ پاسي سئو ســِــر ۽ ٻئي پاسي ساز جي هڪ تــَـــنــد هــُــجـــي ۽ ٻنهي کي منھنجي انصاف جي تارازيءَ ۾ تورجي ته برابر نه ٿا ٿي سگهن. تارازيءَ جو اُهو پـــَـــلــــڙو وَزني ٿي ويندو، جنھن ۾ ٻيجل تند وَڄائيندو. مــُــون وٽ ته رُڳو هڪڙو جسم هــڏو ۽ چــَـــمُ آهي، تنھن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ، قرباني ڏيڻ ته ڪا معنيٰ ئي نه ٿي رکي.
**
سرديءَ سالــِم نه رَهان، گرميءَ ٿيان گَداز
اَمن ڏيج اَمانَ تون، سائـِـل هڻي ساز
رَبابــــِــــيءَ کي راز، خالص ڏيج خليل جو.

سمجهاڻي: منھنجي طبيعت عجيب ٿي پئي آهي. نه سيءُ ٿو وَڻي نه ئي گرمي برداشت ٿي سگهي ٿي. بي قراري آهي. اِن بي قراريءَ جي خاتمي، اَمن ۽ ســُــڪــُـــون ڏيڻ لاءِ اي ســُـــوالـــي! (ساز وَڄائيندڙ ٻيجل!) ڪا ســُــرُور واري ڌُن وَڄاءِ. ربابيءَ (رباب ساز وَڄائيندڙ) سان سنگت رکي ڪي راز ۽ ڳــُــجــهــه جون ڳالهيون ڪجن. ڪچھريون ڪري دِل جو بار هلڪو ڪجي.
**
جــي مــيـــراثـــي مــڱــڻــا، آئون پـــڻ مــَــنـجهـــان تـن
ڪـِـي ڪــَـــھُه منهنجي ڪن، اِرث مـَـنجهاران اُن جي

سمجهاڻي: لطيف سرڪار هــِــن بيت وسيلي طبقاتي نظام جي نفي ڪئي آهي. اسان وٽ ذات پات، اميريءَ غريبيءَ ۽ طاقت جي بــُــنــيـــاد تي جيڪا ننڍ وَڏائي آهي، اُن کي چــَــمـــاٽ هنئي اَٿائين؛ ان کي رد ڪيو اٿائين. انسانيت کي اعليٰ ڪرڻ جو سبق ڏنو اٿائين. پاڻ هڪ اعليٰ طبقي جو ”سيد“ هوندي به پنھنجي ســُــڃــــاڻــپ هــِــن رِيت ڪرائي ٿو ته جن مڱڻھارن، غريبن، پــــِـــنــنــدڙن کي اوهان گهٽ سمجهو ٿا مان به اُنهن مان آهيان. مــُــون کي به اُوچي ذات نه ڀانيو. منھنجي ڪـَــن تائين به انهن جي ورثي واريون ڳالهيون پھچايو. انهن جا حال احوال ڪريو ۽ انهن جي فني ورثي مان مون کي ڪجهه ٻــُــڌايـــو ته مان ٺـــَـــران.
**
ڪــَــنــجهـَـــي ڪــِـــيـــرت ڪـــِــيـــنـــرو، واڄو وِلاتي
هــَـــنـئـــِـيـن تــَـــنـد حـُــضـــُـــــور ۾، تنھن پارس پيراتي
ڏِســـنـدَي ئـــِــي ڏيــــــــــاچ کــــــــي، ظـــاهـــر ٿــيـو ذاتــي
ڪــَـــڍِي تــنـھـــن ڪــاتــي، وِڌو ڪـَـــرٽ ڪــَـــپـــــار ۾

سمجهاڻي: اسان جيئن اُچي شئي حاصل ڪرڻ چاھيندا آھيون ۽ دُڪان دار کي چوَندا آھيون ته چائنا وارو مال نه پر Made in Japan وغيرہ ڏيو، تيئن آڳاٽي زماني ۾ ٻاھران جي ٺاھيل شئي جي اھميت وڌيڪ ھُوندي ھُئي. لطيف به ان جي نشاندھي ڪئي آھي. هيءَ جيڪا ڪينري جي رُون رُون / وَڄت آهي سا ٻــُــڌائـــي ٿي ته ساز ولائتي يعني ٻاهران ٺھي آيو آهي. ديس ۾ ته ان کي ٺاهڻ وارا ســُــٺـــا ڪاريگر ئي ناهن. مٿان وري وَڄائيندڙ به وڏو ڪاريگر ۽ ماهر آهي، جنھن تند تي ڏاڍو پــُــخــتـــو ۽ پيرائتو ڌَڪ هنيو آهي. وڄتن ۾ سندس حيثيت پارس جھڙي آهي جنھن کي ڇــُــھـــي تنھن کي سون بڻائي ڇڏي. راءِ ڏياچ ڏِسندي ئي کيس ســُــڃـــاڻـــي ورتو ته هيءُ ته ڪو هيرو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻيجل جڏهن ســِــرُ گـهــُــريــُـــسِ ته دير ئي نه ڪيائين. هڪ دم ڪاتي / خنجر ڪڍي پنھنجي ســِــســـِـــي لاهي سندس حوالي ڪيائين.
**

سـُــر ڪيڏارو

ڪيڏاري جي معنيٰ آهي جنگ جو ميدان. هــِــن ســُــر ۾ ڪربلا واريءَ جنگ جو ذڪر آهي، جنھن ۾ حضرت امام حـُـســيـن رضه کي ساٿين سميت شھيد ڪيو ويو هو. ڪربلا جي شھيدن جو غم ۽ سندن بھادري ۽ قـــُـــربـــانــــي هــِـــن ســُــر جو مــُــک موضوع آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي بھادرن جو به علامتي انداز سان ذڪر ڪيو ويو آھي.
ڏٺو مـُـحـَــرم ماهه، سـَـنـڪـو شهزادن ٿيو
ڄاڻي هڪ الله، پاڻ وَڻنديون جو ڪري.

سمجهاڻي: حضرت امام حـُـســيـن رضه جي شھادت جو واقعو اسلامي سال جي پھرئين مھيني ۾ ٿيو هو. جيئن ئي محرم مھيني جو چنڊ ڏِسبو آهي ته شھيدن جي ياد شروع ٿي ويندي آهي. دِل ۾ جهوري ٿيڻ لڳندي آهي. سوچيندا آهيون ته الله پاڪ اهڙو دِل ڏاريندڙ واقعو ڇو ڪرايو؟ اسان جي سمجهه ڪم نه ڪندي آهي. سوچي سوچي ماٺ ٿي ويندا آهيون ته اهو سڀ ڪــُــجــهــه هــُــو ئي ٿو ڄاڻي. هــُــن جي ئي اِن ۾ مرضي شامل آهي نه ته لشڪر کي ڪا طاقت هــُــئـــي جو امام حــُـــســـيـن رضه جو وار ونگو ڪري سگهي.
**
گهــوڙن ۽ گهـــوٽــن، جـيـئـڻ ٿــورا ڏيـنـھــــنـڙا
ڪڏهن مـَــنجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رِڻ جا.

سمجهاڻي: لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته گهوڙن ۽ گهوٽن (بھادُرن) جي زندگي ننڍي هوندي آهي. اَڳي جنگيون گهوڙن وسيلي ۽ دُو بَدُو ٿينديون هـُــيــُـــون. جيڪو پھلوان هوندو هو سو کـَــٽـــي ويندو هو. بھادر گهوڙي تي ســُــوار ٿي جنگ جي ميدان ۾ ڪــُــڏِي ڪاهي پوندا هــُــئـــا. سندن گهوڙن کي به شابس آهي جو تير، تلوارون ۽ گــُــرز سھي به تيستائين پنھنجي بھادر مالڪ جو ساٿ ناهن ڇڏيندا جيستائين مري نه وڃن. بھادر به تيستائين وِڙهندا رهندا آهن جيستائين سندن سـِــســـيءَ ۾ ساهه هوندو آهي / رَت جي آخري ڦــُــڙي تائين وِڙهندا رهندا آهن. بچي ويندا آهن ته قيد ٿي ويندا آهن ۽ سوڀارا ٿيندا آهن ته وري ٻي جنگ جوٽڻ لاءِ روانا ٿيندا آهن. مطلب ته کين هڪ هنڌ ويھڻ ناهي ايندو.
**
سختي شهادت جي، نسورو ئي نـــاز
رند پـَــرُوڙن راز، قضئي ڪربلا جو

سمجهاڻي: شھادت جو واقعو، تڪليفون ۽ اِمامن سان ڏاڍايون ڇو ڪيون ويون؟ مارڻ وارا به مــُــســلــمـــان ۽ مرڻ وارا (شھيد ٿيڻ وارا) به مسلمان هــُــئـــا. هــُــو شھادت جي درجي ماڻڻ ۽ سختين سھڻ تي خوش ته ٿيا پر ايڏن عظيم انسانن سان ايڏو وڏو قھر ڇو ٿيو؟ کانئن ڪھڙو امتحان ورتو ويو؟ اِن ڳــُـجـهــه کي اسان نه ٿا سمجهي سگهون. ڪربلا جي قضيي کي ڪي ڪامل بــُــزرگ، عارف ۽ پھتل انسان ئي سمجهي سگهن ٿا.
**
بهادر گڏيا بهادرين، کــَــــڙڳ کـِـلوِل ڪن
وِجهن ڌڙ ڌَڙن تي، هاڪارين هـَـڻــن
ڪـِـرن، ڪنڌ نچن، رڻ گجيو راڙو ٿيو

سمجهاڻي: جنگ جي ميدان جو منظر چـــِــٽــيـــنـدي لطيف سائين فرمائي ٿو ته بھادر ٻين بھادرن سان مليا آهن؛ سامهون ٿيا آهن. سندن تــَــراريــُـــون چمڪن پيون. ويڙهه ۾ دُشمنن جون سـِـسـيءَ مٿان سـِـسـِـيـُــون پيا ڪيرائن. هـُــو لــِــڪــي وار نه ٿا ڪن بـلـڪــه هـَــڪــلــُــون ڏئي ٺڪاءُ ڪري تلوار ھڻن ٿا. جڏهن ڪنڌ ڪــِــرن ٿا ته اُهي تــُــرت ئي ختم ٿيڻ بدران ٽــُـپــن ۽ ڪــُــڏن ٿا. ڦٽڪن ٿا. ميدان ۾ رڙيون، دانھون، هڪلون، گــوڙ ۽ گــَــجــگـــوڙ آهي.
**
جنت سندين جـُـوءِ، فائق هـَليا فردوس ڏي
فاني ٿيا في الله ۾، هـُوء سين ٿيا هوءِ
رب ڏيکارئين رُوءِ، اُنين جي احسان سين

سمجهاڻي: شھيدن جي عظمت بيان ڪندي فرمايو ويو آهي ته هــُــو حق ۽ سچ جي راهه ۾ قــُـربـــان ٿي عظيم ٿي ويا آهن. کين بھشت ملي ويو آهي. هــُــو اعليٰ ۽ عظيم انسان شھادت وسيلي وڃي جنت الفردوس پھتا آهن. واحد جي واٽ ۾ فنا ٿي وڃي ساڻس گڏيا آهن. اي مالڪ! پنھنجن اِنهن پيارن ٻانــَــهــَــن جي صدقي / مــُــحــابــي سندن زيارت ڪراءِ!
**
ڪربلا ۾ ڪوڪ، سامهون شھزادن جي
عالم جا ملوڪ، رُڪ روهي جهليا

سمجهاڻي: سوير کان ئي ڪربلا جي ميدان ۾ شھزادن جا آواز ٻــُــڌڻ ۾ اچن ٿا. سڄيءَ دُنيا جي اميرن / سردارن / شھزادن کي ڏاڍو سوڙهو ڪيو ويو آهي. کين شھيد ڪيو ويو آهي.
**

سـُــر سارنگ

سارنگ جي معنيٰ آهي برسات. هـِــن ســُــر ۾ مــِــيــنـھــن وَسڻ، اُن جي ڪري خوشحالي اچڻ ۽ پيار پريت وَڌڻ کي خاص موضوع بڻايو ويو آهي. مينھن جي وَسڻ سبب موسم خوشگوار ٿي ويندي آهي ۽ مـُــلــڪ ۾ خوش حالي اچي ويندي آهي.
مـُـحـب مـُـنـھــنجا سـُـپرين! آڻئي الله
تو کي ساريو ساهه، اُڪنڊيو آهون ڪري

سمجهاڻي: ميگهه ملهار ۾ جيڪڏهن پرين پاسي سان نه هــُــجـــي ته طبيعت خراب نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ اِهو ئي سبب آهي جو هـِــن بيت ۾ محبوب جي اچڻ ۽ ملڻ لاءِ الله سائينءَ کان دُعا گـهــُــري وئي آهي جنھن کي سـِــڪ ۾ ساريندي دِل درد ڀريون دانھون ڪري ٿي.
**
آگم ايء نه انگ، جھڙو پـَــسڻ پرينءَ جو
سيڻن بنا سيّد چئي، رُوح نه رَچن رنگ
سھسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جـُــوءِ ۾

سمجهاڻي: جيڪو يار جي ديدار ۾ مزو آهي اُهو جـهـــُـــڙ ۽ جـهـُــڙالـــيءَ موسم ۾ ڪٿي آهي. محبوبن کان سواءِ دل کي قرار ئي نه ٿو اچي. اسان جي لاءِ اُن وقت سوين جهڙاليون ۽ مــِــيـنـھــوڳــيءَ جون مــُـــنــدُون ٿينديون / مــِــيــنـھــن وَسندا جڏهن جانب / محبُوب ايندو اسان وٽ.
**
وَسڻ اکڙين جيئن، هـُــوند سکئين مينهن
ته هوند راتو ڏينهن، بـُــونــدون بس نه ڪرين

سمجهاڻي: برسات / مــِــيــنـھــن اهڙي پاڻيءَ کي چئجي ٿو جيڪو زمين کان مٿي آسمان تي موجود ڪڪرن مان ڦــُــڙن جيءَ صــُــورت ۾ زمين تي ڪــِـــري ٿو. ڪــَــڪــر ٻاڦ آهن يا ٻيو ڪــُـجــهــه پر لڳندو ائين آهي ته آسمان تي موجود درياهه هيٺان ڪا ڇاڻي رَکي وئي آهي، جنھن مان ڪڏهن ڦــُــڙ ڦــُــڙ ته ڪڏهن وَڏڦـــُـــڙو / ڳــَــڙو ۽ تيز مــِــيــنـھــن وَسندو آهي. ان جيءَ ڀيٽ ۾ انسان جا ڳوڙها اکين مان هوريان هوريان پيا نڪرندا آهن. لطيف سرڪار مينھن کي تنبيھه ڪندي فرمائي ٿو ته جيڪڏهن ڪنھن عاشق جي اکڙين وانگر تون وَسڻ ســِــکــِـيـن / عشق جي چوٽ لڳئي ته مجال آهي جو تنھنجي وَسڻ ۾ ڪا وِٿي اچي؛ جيڪر هــَــل هــَـــلان هــُــجــئــــي؛ ٻوڙ ٻوڙان هــُــجــئـــي. چنڊ وانگر ڪڏهن ٿورو ٿو اُڀرين / وَسين ته ڪڏهن ڳـــَــچ جنھن ڪري تنھنجو وَسڻ عاشقن جي روئڻ جھڙو مــُــور نه ڀانئيان. تنھنجي وَسڻ ۽ اکين جي وَسڻ ۾ ڏينھن رات جو فرق آھي. تون عشق کان محروم آھين ۽ اکيون عشق ۾ ڀريل آھن.
**
آگـــمــيــــــو آهــي، لڳـهه پس لطـيـف چئي
وُٺـو مـيـنـهـن وڏڦــُــڙو، ڪــــڍو ڌڻ ڪاهي
ڇـَـن ڇڏي پـَـٽ پـَـئـو، سـَــمــر سـَــنـبـاهي
وِهــــــــو مَ لاهــــــــــي، آســـــــــرو الله مـان

سمجهاڻي: ماضيءَ ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ جو سڄو دارو مدار برسات تي هوندو هو. هاڻي به ڪــُــجــهــه علائقن خاص ڪري ٿر ۽ ڪوهستان جي خوشحالي مـــِــيـنـھــن ۾ سمايل آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻي گهٽ هــُـجــڻ سبب پڻ برسات بــَــھـــاري آڻي ٿي. جڏهن مينھن نه وَسندو آهي ته ماڻهون پيا رب پاڪ کي ٻاڏائيندا آهن ته ڪو ڪڪر ڪرم جو وَساءِ؛ مــِــھـــر سندو مينھن وَساءِ. سو سندن عرض ٻُڌائين. موسم جـهـُــڙالـــي ٿي ۽ پوءِ زَبردست مــِــيــنـھــن وَسيو. هاڻي پنھنجو مال متاع ڪاهي، سامان ســَـــڙو کڻي جهوپڙا / گهر ڇڏي ميدان ۾ ڪاهي پئو ڇاڪاڻ ته مــِـيـنـھــن وَسڻ سان ساوا گاهه ڦــُــٽـــا آهن. تنھن ڪري ڏُڪار يا اَڻھوند جي صورت ۾ پنھنجي مالڪ مان آس ۽ اُميد ختم نه ڪريو!
**
آگم ڪيا الله، لڳھه پس لطيف چئي
پَلُر جي پالــُــوٽ سين، پَـٽن جهليا پاهه
واحد وڏا ئي ڪيا، مٿي گَسن گاهه
سانگين وريا ساهه، اُٺــُــن آب اگونڌرو.

سمجهاڻي: مولا مھربان مــِــھــر جا مــِــينـھــن وَسايا آهن. مينھن جي پاڻيءَ سان ميدان، روڊ رستا ڀرجي ويا آهن، جنھن جي نتيجي ۾ ٻاجھاري سائينءَ ٻــَــنــيــُـــن کان ســِـــواءِ رستن تي به وڏا وڏا گاهه پيدا ڪيا آهن / ساوَڪ ڪئي آهي، جنھن ڪري مالوَند ماڻهن ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو آهي. خوشيءَ جي لھر پکڙجي وئي آهي ڇا ڪاڻ ته هيل اهڙو مينھن وَسيو آهي، جنھن سندن سڀ ڏُک لاهي ڇڏيا آهن.
**
جاني آيو جــُـــوءِ ۾، ٿيو قلب قرار
وَهـِـلو وِچان ويو، ڪري غم گذار
نظارو نروار، پي پسايو پانهنجو

سمجهاڻي: جڏهن ڏُڪار ختم ٿي ويو ته پنھنجا علائقا ڇڏي ويندڙ به واپس اچي ويا. انهن ۾ منھنجو جاني جگر به هو، جنھن جي اچڻ سان رُوح کي راحت اچي وئي. مون وٽ جيڪي ڏُک ســُــور ۽ گوندر وغيرهه هئا سي به سڀ ڀــَــڄــي ويا. جڏهن معاشي خوشحالي اچي ٿي ته زندگيءَ جا رَنگ ڍَنگ ئي مــَــٽــجـــي وڃن ٿا. ان ماحول ۾ ڪنھن عاشق کي پنھنجي محبوب ڏاڍو چـــِـــٽـــو پـــــِـــٽــــو ديدار ڪرايو آهي؛ جنھن سبب سندس سَرھاين ۾ تمام وڏو واڌارو اچي ويو آھي. ھڪ پاسي خوشحالي ۽ ٻئي پاسي محبُوب ملي ته باقي ڇا گھُرجي؟
**
ڪانڌ تنهنجي پاند ريءَ، سنجهي سيءَ مـَـران
ڪــــامــــل ڪـَـپــــــــاهـَـن ۾، پـيـئي ٺار ٺـران
تـارِيءَ تـو تـَـران، جيئن وَرُ وِهـــاڻــِــيءَ وارِئين

سمجهاڻي: اي منھنجا محبوب! (مــُــڙس!) تون مون کي ڇڏي هليو ويو آهين. هــِـــن وقت سرديءَ جي موسم آهي. خبر اٿئي ته ان مــُــنــد ۾ مون کي تنھنجو وَڌ ۾ وَڌ ساٿ کپندو آهي. سيءَ اهڙا ٿا پــَــوَن جو ســَـــوَڙ ۾ هوندي به ڏَڪڻي نه ٿي ڇڏي. اڃان ته ســَـــنــجــهــــو / سوير آهي رات ڪيئن گذرندي؟ مون کي تنھنجو ئي آسرو آهي. اُميد آھي ته باک ڦــُــٽــيءَ تائين پھچي ويندين. ھڪ عورت تڪليفن جي باوجُود، ٻئي پاسي ڏِسڻ بدران پنھنجي ساٿيءَ جو ئي انتظار ڪري ٿي. سندس اوسيئڙي ۽ وفا داريءَ کي جَسُ آھي.
**
اَڄ پڻ اُترَ پارَ ڏي، ڪـَـڪـَـر ڪارا ڪـَـيس
وِڄـُـون وَسڻ آئيون، ڪـَـري لال لـِـبـَـيس
پرين جي پرديس، مـُـون کي مـِـينھـَـن ميڙيا

سمجهاڻي: شاھ صاحب ھِن بيت ۾ برسات جي منظر نگاري ڪندي فرمائي ٿو ته؛ ڪڪرن جا به ڪئين قسم ٿين ٿا. ڪي رُڳو ڏيکاءَ وارا هوندا آهن پر وَسندا ناهن. وارن جھڙا ڪارا بادل گهڻي ڀاڱي تيز وَسندا آهن. مــِــيــنـھـــن وَسڻ کان اڳ يا اُن جي دوران کــِـــنـوِڻ / بجليءَ جا به چمڪاٽ هــُــونــدا آهن. ڪاري جـهـُــڙ ۾ کــِــنــوِڻ جا تــَــجـــلا ڳاڙهاڻ پيدا ڪري جـهـَــٽ گـهـَــڙيءَ لاءِ ڪڪرن تي اولڙو وِجهي ڳاڙهو ويس پھرائي ڇڏيندا آهن. ان مــُـــنــد ۽ مينھن جي مھرباني آهي، جنھن سبب منھنجا پرديسي پرين واپس ڏيھه آيا آهن / خوشحاليءَ ڪري پنھنجي اَباڻي ديس آيا آهن.
**
اڄ پڻ اُتـَــر پار ڏي، تاڙي ڪـــئي تـنوار
هارين هر سنباهيا، سـَــرها ٿيا سـَـنگهار
اڄ پڻ منھنجي يار، وَسڻ جا ويس ڪيا.

سمجھاڻي: ھيءَ اُن دور جي ڳالھه آھي، جڏھن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ٺھيل نه ھُئا ۽ ھاڻوڪو نھري نظام سنڌ جي اڪيچار علائقن تائين ڦھليل نه ھو. سائنسي اِيجادن کان اڳي ماڻھون پکين پکڻن جي لاتين، تارن جي نکرڻ منجھان وقت ۽ مندن جا پيا اندازا لڳائيندا ھُئا. زراعت ۽ ٻيا ڪم ڪاريون به موسمن آهر ڪندا ھُئا. عبداللطيف انھيءَ عمل جي اُپٽار ڪندي فرمايو آھي ته اڄ جيئن ئي تاڙي اُترين علائقن ۾ ٻولڻ شروع ڪيو آھي، تيئن ئي ھاري ناري سَرھا ٿي پيا آھن ۽ سمجهن ٿا ته مينهن وسندو تنهن ڪري پوکيءَ جي تياري ڪجي. نتيجي ۾ هو ھر کڻي نڪري پيا آھن، ته جيئن ڌرتي کيڙي سگھن ۽ پوکيءَ لائق بڻائي سگھن. مقصد اھو آھي ته تاڙي جي تنوارڻ منجھان ئي معلُوم ٿي ويو آھي ته اسان جي قُربائتي ڪڪر وسڻ جو ويس پاتو آھي.
**
حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن
وِڄـُــــون وَسـَـــڻ آيــون، ٽھه ٽھه مينھن ٽـِــمن
جـــن مـــھـانگو لھي ميڙيو، سي ٿا هٿ هـَـڻن
پـنـجـن مـان پـنـدرهـن ٿــيا، اِئـن ٿا وَرق ورن
ڏُڪـــاريــا ڏيـھه مـــان، شــل موذي سڀ مـرن
وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن
ســـــــــــــــــيـد چئي سڀن، آهِه تنھنجو آسرو

سمجهاڻي: شاهه صاحب مال گڏ ڪري، ذخيرو ڪري بحران پيدا ڪندڙ کي سخت ناپسند ڪيو آهي. ذخيري ڪندڙ کي ڏُڪار ۽ بدحاليءَ جو ڪارڻ ڪوٺيندي پـــِــٽــيـــو اَٿائين ته اهڙن ماڻهن کان منھنجو مـُــلــڪ پاڪ هـُـجــي. هـُــو موذي مرض جيان آهن. سي شل مري وڃن ته جيئن منھنجي ماروئڙن لاءِ مھانگائي پيدا نه ٿئي. واپار ڀل ڪريو پر اُن جو نفعو مناسب رکو. ائين نه ٿئي ته پنجن مان پندرهن ڪريو. پنجين رُپئين واري شئي پندرهين رُپئين ڏيو. جيئن اڄ ڪلھه ٿئي پيو. باشعُور ماڻھو ان خلاف آواز به اُٿارن پيا، جلسا جلُوس به ڪڍن پيا. لطيف به پنھنجي دور جي طريقي موجب احتجاج ڪيو، آواز اُٿاريو ۽ کين بد دعائون ڏنائين. اهڙن عوام دُشمنن جي ڪـُـڌائــپ ۽ بيماني ختم ڪرڻ لاءِ لطيف جي دُعا اَگهائي آهي مالڪ سائينءَ. ڪڪرن کي حڪم ڪيو اَٿائين ته وَسڻ جا ويس ڪري وَسي پئو! کنوڻيون کــِــجــڻ لڳيون آهن ۽ تيز برسات وَسي پئي آهي. نتيجي ۾ اُڃ ختم ٿي وئي؛ ساوَڪ ٿي پئي؛ گاهه گلزاريون ٿي ويون؛ فصل ڦــُــٽـــا آهن؛ انسان توڙي جانور به مچي متارا ٿي پيا آهن. خوشحاليءَ اَچڻ کان پوءِ جن اَناج گــُــدامن ۾ گڏ ڪري رکيو هو ته جڏهن اَناج جو بحران ايندو ته پوءِ مھانگو وِڪڻنداسين اُنهن جو به ڪارو مــُــنـھــن ٿي ويو آهي. اي مالڪ سائين! هـِــنــن مسڪين ماروئڙن کي تو کان سواءِ ٻئي ڪنھن جو به سھارو ناهي. تنھنجا لک لائق جو هــِــنــن کي تو مانگر مڇن ۽ ظالمن کان بچايو آهي. ماضيءَ ۾ به ذخيري اندوز مافيا ڏاڍي مضبُوط ھُوندي ھُئي. ويچارو عام ماڻھو ان سان پُڄي نه سگھندو ھو. ماحولياتي تبديلي (برسات) ئي مافيائن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائيندي ھُئي. فطري تبديليءَ / برسات کان پوءِ خوشحاليءَ جو ڦل پاڻھي ڪونه ملندو ھو / آھي. ان لاءِ به محنت ۽ ھمت کپي ٿي. لطيف سائينءَ ان جي عڪاسي ھن بيت ۾ ڪئي آھي:
ڏکي توءِ ڏڪار، توڻي وَسن مينھڙا
صاحب ھٿ سُڪار، تو وس آھن ھٿڙا.

جستائين ھٿن ۽ ذھنن کي صحيح ڪَتب نه آڻبو، تيستائين آيل سُڪار/ خوشحاليءَ جي موقعي مان به فائدو حاصل نه ڪري سگھبو.
**
سائينم سدائين، ڪرين مٿي ســـنڌ سـُــڪار
دوست مٺا تون دلدار! عالَــمَ سڀ آباد ڪرين

سمجهاڻي: هـِــن بيت جون هي سـِــٽــون هڪ ڊِگهي بيت جون آخري ٻه سٽون آهن جيڪي عـــالــَــمــي پڌرنامون آهن. رُڳو سنڌ نه پر سڄيءَ دُنيا جي خوشحاليءَ جي دُعا آهن. هــِــن بيت جون ڪـُــل يارهن سٽون آهن. باقي نوَن ســِـــٽــُــن ۾ جـهـُــڙ ۽ برسات جي هند، سنڌ، افعانستان، ترڪيءَ ۽ اولھه اوڀر تي ٿيل سفر ۽ وَسڪاري جو بيان آهي. آخري ٻن سٽن ۾ اِها دُعا آهي ته اي منھنجا مولا سائين! سنڌ کي هميشه خوشحال، شاد آباد ۽ ســُــــکـــيــو رَک! پر اِن سان گڏ سڄيءَ دُنيا کي به پنھنجو گنج ڏي. امن امان ۽ خوشيون نصيب ڪر ته جيئن هر ڪو پنھنجي پنھنجي ڌرتيءَ تي خوش هجي ۽ ڪنھن تي ڪاهه نه ڪري سگهي. خصوصي طور تي سنڌ ڏانھن بُريءَ نظر سان نه نھاري. آمين!
**

سـُـر آسـا

آسا آس، اُمنگ ۽ اُميد وارن جذبن جي اظھار واري راڳـڻــي آهي، جنھن ۾ ڌڻيءَ جي وڏائي ۽ واکاڻ پڻ بيان ٿيل آهي. انسان کي هـَــٺ، وَڏائيءَ ۽ غــُــرُور کان پري رهڻ جو سبق ڏنل آهي. اِن کان سواءِ محبوب جي اکين ۽ ســُــونـھــن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي.
لوچان ٿي لاحد ۾، هادي لھان نه حد
سـُــپـريان جي سـُـونھن جو، نه ڪو قد نه مد
هـِـت سـِـڪـڻ بي عدد، هـُـت پرين پرواهه ناهه ڪو

سمجهاڻي: رهبر، هدايت ڏيندڙ، مــُــرشــد جون حدون تمام ڊِگهيون آهن. مان ڳولهيندي ڳولهيندي اُتي به ويو آهيان، جتي ڪنھن حد جو نانءُ نشان ئي ناهي. اهڙيءَ ريت منھنجي محبوب جي خوبصورتيءَ جو به ڪو ڇيھه ئي ڪونهي. سُونھن ۽ عظمت جي نه ويڪر جي خبر آهي نه ئي ڊيگهه جي. مطلب ته ڪو ڪاٿو ئي نه ٿو لڳائي سگهجي. افسوس اِهو آهي ته مان ته سندس اُڪنڊ ۽ اُڪير ۾ مري پيو آهيان پر هــُــن کي منھنجي ڪا ڳڻتي ئي ناهي؛ پرواهه ئي ناهيس.
**
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز
سڀ وڃائي ساز، تھان پوءِ تڪبير چـئــُـــه!

سمجهاڻي: ماڻهون جيڪو به ڪم ڪري سو انتھائي سچائيءَ، اِيمانداريءَ ۽ مــُــڪــمـــل ڌيان سان ڪري. ان سان گڏ هـَــٺ ۽ غرور کان به پاسو ڪري. ائين نه ٿئي جو چڱو ڪم ته ڪري پر وَتي پنھنجيءَ تعريف ۽ فخر جا راڳ آلاپيندو ته مون جھڙو پاڪ، پــَــوِتــر ۽ عظيم ماڻهون ٿي ئي نه ٿو سگهي. باقي سڀ گُنھگار ۽ مون کان گهٽ آهن. مغرور ماڻهن جي نماز ۽ روزو به قبول نه ٿو ٿئي. تنھن ڪري پنھنجي انا ڇڏي پاڻ مان سموريون بــُــرايــُـــون ۽ بــَــديــُـــون ڪڍي پوءِ نماز پڙهه ته اُن جو مزو ئي ٻيو آهي.
**
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سـُـجــُـــود
وڃائي وجـُـود، تـھــان پوءِ تڪبير چـئـُــه!

سمجهاڻي: هـِــن بيت ۾ به مان ۽ اَنا کي تڙي ڪڍڻ جو سبق ڏنو ويو آهي. جيستائين تون رُڳو پاڻ لاءِ سوچيندين ۽ چــَــوَنــديــن مان ئي سڀ ڪجهه آهيان. ٻيو ڪــُــل ڪــُـــوڙ آهي، تيستائين تنھنجو سجدو ٿيندو ئي نه. اهو رُڳو زمين کي ٽــَــڪـــر مارڻ جي برابر ٿيندو جنھن سان زخمي ته ٿي سگهجي ٿو پر ثواب نه ٿو ماڻي سگهجي. تنھن ڪري پاڻ کي فنا ڪر/ خودي ختم ڪري ۽ پوءِ الله اڪبر چئه ته ســُــڪــُــــون ملئي.
**
منھن ته موسيٰ جھڙو، سيرت شيطاني
بازي بيراني، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏيين؟

سمجهاڻي: لڳ ڀڳ هر انسان کي قدرت واري هڪ جھڙو پيدا ڪيو آهي. هر ڪنھن کي هٿ، پير، اکيون، ڪن ۽ ٻيا عضوا عطا ڪيا اٿائين. هــُــن پنھنجا پيغمبر به ان شڪل ۾ ئي پيدا ڪيا. انهن انسانن مان ڪن کي ته پنھنجي نبيءَ حضرت موسيٰ عليه السلام جھڙو خوبصورت ٺاهيائين. اهڙن ماڻهن کي ڏِسڻ سان ائين لڳندو ته هي ته ڪي فرشتا آهن پر جڏهن سندن عملن ۽ هلت چلت کي ڏِسبو ته شيطان کان به اَڳڀرا نظر ايندا. اھڙن ماڻھن لاءِ چوِڻيون به آھن ته مُنھن ته موسيٰ (پيغمبر سڳوري) جھڙو، اندر ۾ ابليس (شيطان) يا
اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاھر ٻولي ھنجهھ جي
اھڙو ٺلھو ٿانءُ، ڀڃي ڇو نه ڀورا ڪجي؟
لطيف سرڪار اهڙيءَ بدچاليءَ کان روڪيندي خبردار ٿو ڪري ته اي منافق انسان! پنھنجي اِها بڇڙي چال يا راند کيڏڻ بند ڇو نه ٿو ڪرين؟ ٻھروپي ۽ منافقت ختم ڪري صحيح انسان بڻجي وڃ.
**
اکين کي آئون، جان ڪين جهُلون پائيان
لوڪ لتاڙي ننڊ ۾، ساڄن سوٺائون
مون کي ماريائون، پاڻ پرچي آئيون

سمجهاڻي: خوابن جي دُنيا به عجيب آهي. جاڳ ۾ ماڻهون جيڪڏهن اکيون ٻــُــوٽـــي ته ڪجهه نه ٿو ڏِسي سگهي پر جڏهن ننڊ اچي ٿي وڃيس ته ٻــُــوٽــيــل اَکيون به کيس الائي ڇا ڇا ٿيون پــَــســائــن. جيڪو سندس من ۾ آهي، تنھن سان پيون ٿيون ڪچھريون ڪـَـرائــِــنــِــس. انهن اکين کي ڪيترو به روڪجي ٿو؛ ڍَڪ ڏجي ٿو ته به سڄي جڳ جھان کي لتاڙيندي؛ پري ڌِڪيندي وڃي محبوب جي محفل ۾ پھچن ٿيون. توڙي جو محبوب جي اِنڪارن ۽ اَدائن سبب مان به ٿورو کانئنس پــاســِـــيـــرو ٿي ويو آهيان ۽ سوچيو هيم ته جيستائين هو مون کي نه پرچائيندو مان به ساڻس نه ملندس / نه ڳالهائيندس پر منھنجي ته هڪ به نه هلي. اکين مون سان اهڙي جــُــٺ ڪئي جو مون کي ليکڻ بنا، مُنھنجي پرواھ بنا / رضا نامي کان سواءِ وڃي محبوب سان ٺاهه ڪري آيون؛ مون کي ماري مڃايائون؛ ماري مجبور ڪري ڇڏيائون.
**
اکيون سي ئي ڌار، جن سان پسين پرينءَ کي
ٻئي ڏانهن ڪـِيـمَ نـِــھــار، گهَڻو ريسارا سپرين

سمجهاڻي: جيئن عاشق چاهيندو آهي ته سندس محبوب رُڳو هــُــن سان ئي پيار ڪري؛ ٻين کي Lift نه ڪرائي ڇو ته هيءُ معشوق به منفرد آهي. هــُــو چاهي ٿو ته سندس عاشق به رُڳو ساڻس عشق ڪري. ان حالت ۾ عاشق کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته پنھنجين اَکين کي سمجهاءِ ته رُڳو هڪ محبوب کي ڏِسنديون رهن. ھيڏي ھوڏي نه ڏسن. جيڪڏهن ائين نه ٿيون ڪن ته انهن جي جاءِ تي ٻيون اَکيون لڳراءِ ڇو ته تو کي شايد خبر ناهي ته رِيس ۽ لالچ ماڻهونءَ کي تمام وڏو هاڃو رَسائيندي آهي.
**
تان جي ٿين سامهان، پـُــٺــِــيــرا سـُـــونـھــن
سنئون ورائي سـُــپــريــن، مـُــنـھــن جي مان ڏي ڪــَــن
رَڳــُــون سڀ رَچن، تـَــن ۾ تازائي ٿئي

سمجهاڻي: محبوب جي ســُــونـھــن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. هــُــن جي پــَــرپــُــٺ تعريف ٻــُــڌي آهي. سندس صحيح ديدار به نصيب ناهي ٿيو. واٽ وِيندي کيس پــُــٺــِــيـــرو ڏِٺو اَٿم. جيڪڏهن مــُــنـھــنـڙو ڏيکاري؛ سامهون ديدار ڪرائي ۽ ملي ته منھنجون لکين عيدون ٿي وڃن. ڪمزور ۽ ڏُٻـريـُــن رَڳــُــن ۾ ڄڻ خــُــون جون بوتلون پئجي وڃن؛ جسم تازو توانو ۽ ڦـــُـــڙت ٿي وڃي. ان کان وڌيڪ مــُــون کي ڇا کپي؟
**
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾
اُڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائين

سمجهاڻي: مون کي منھنجي محبوب ڏاڍو بيوس ڪري ڇڏيو آهي. هــُــن مـُـنـھــنـجـــا هٿ پير ٻــَــڌي اُونهي پاڻيءَ ۾ اُڇلي ڇڏيو آهي، جتي نه تري سگهان ٿو نه ئي ٻاهر نڪري سگهان ٿو. اوهان ٻاهر بيٺل منھنجيءَ لاچاريءَ تي مون سان همدردي ڪرڻ بدران چئو ٿا ته خيال ڪجانءِ! متان پنھنجي تن تي پاتل ڪپڙي جو پـلـئــُــه به پـُــســايــو اَٿي! اڳيان باهه پويان پاڻي آهي. لطيف جي هـِــن شعر ۾ ٻار (پاڻي) عشق آهي، جنھن ۾ هـُــو سڄو ٻــُــڏي ويو آهي. ٻاهر بيٺل کيس چوَن پيا ته بابا! عشق کان پري ڀـَـــڄ! ڏاڍو اوکو اٿئي! تون اِن جو تاب سھي نه سگهندين! پر هاڻي واپس وري نه ٿو سگهجي. سو ڀلائي ڪري اوهان مون تي احسان ڪريو ۽ اَجايا مھڻا نه ڏيو! لطيف پنھنجي وچن سان سچائي ۽ راز کي راز رکڻ جي ڳالھه ڪئي آھي. جڏھن مخلص ماڻھو ڪنھن سان وچن ڪندو آھي ته پوءِ اُن کي پاڙڻ لاءِ پنھنجي زبان به بند رکندو آھي ته سختيون به سھندو آھي.
**
نــــــمــاز ۽ روزو، اِي پــڻ چــــڱو ڪم
او ڪو ٻيو فھم، ته پـَــسجي پرين کي

سمجهاڻي: اسلام ۾ ٻانــَــھـَـــن تي ٻن قسمن جا حق آهن. هڪ الله پاڪ جا ٻيا ٻانھن جا ٻانھن تي. صوفي ٻانھن جي حقن کي وڌيڪ اوليت ڏيندا آهن. هيءُ بيت اِن جو وڏو مثال آهي. نماز پڙهڻ، روزو رکڻ ڏاڍو ڀلو ڪم آهي پر اُهو اڃان ٻيو طريقو، اُصول ۽ عمل آهي، جنھن سان توهان پنھنجي حقيقي محبوب کي ماڻي سگهو. کيس راضي ڪري سگهو. اُهو طريقو آهي انسانن جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ وارو رستو.
**
اِن پر نه اِيمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين
دَغا تـُـنـھـنجـيءَ دل ۾، شـِــرڪ ۽ شـيـطــان
مـُــنھن ۾ مـُــــسـلـمـان، انــدر آزر آهـــئـيـن

سمجهاڻي: رُڳو ڪلمي پڙهڻ وارو سڏرائڻ سان ڪو ماڻهون مسلمان ٿورئي ٿي ويندو آهي. مڪمل اِيمان جون گهرجون ٻيون به آهن. تنھنجيءَ دل ۾ کوٽ، ٺڙڪ ٺڳي، ھيرا ڦيري آھي. اندر ۾ شـِــرڪ (الله تعاليٰ سان ٻئي کي شريڪ ڪرڻ) ۽ شيطان ويٺو آهي. سو تون رُڳو ظاھري مسلمان آهين. باقي اندر ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جي پيءُ آزر وانگر منافق آهين.
**

سـُــر رِپ

رِپ جي معنيٰ آهي ڇـــِــپ، آفت، مــُــصــيــبــت. محبوب جي جــُــدائــي، تڪليفون ۽ غم به عاشق لاءِ ڪنھن ڇــــِـــپ کان گهٽ نه آهن. جڏهن ڇـــِـــپ ڪــِــرنــدِي آهي ته يا ته چيڀاٽجي مري وڃبو آهي يا وري پيو ڦـــَــٿــڪــبـــو آهي پر اُن مان جان نه ڇڏائي سگهبي آهي. رِپ هڪ راڳـڻــي به آهي جنھن لاءِ شاهه جي ڪلام جي ڄاڻو موسيقار اُستاد محمد حــَــســن ٻــُــڌايــو هو ته ملڪاءِ ترنم نــُــور جـھــان جي آواز ۾ ڳايل ڪلام ”ڏاچي واليا! موڙ مھار وي“ ســُــر رِپ ۾ ڳايل آهي. ھِن سُر ۾ درد ۽ فراق جي ڇپن ۾ ڦاٿل انسان جي پِيڙائن جو ذڪر آھي.
ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون
پر سين مون نه ڪيون، گوشي پرين نه گڏيا

سمجهاڻي: هر عاشق جي خواهش هوندي آهي ته سندس معشوق ساڻس ڪچھريون ڪري. جڏهن سندن ملاقات ٿيندي آهي ته کين ڪچھرين ڪرڻ جو موقعو / ماحول نه ملندو آهي ته پوءِ عاشق جي اندر ۾ ننڍيون ننڍيون ڳالهيون / احوال گـــَــڏجـــي تمام گهڻا ۽ وڌي وَڻن جيڏا ڊِگها ٿي ويندا آهن. اُهي احوال ٻين سان به نه ڪري سگهبا آهن. ٻيا ٻــُــڌنــدا ته الائي ڇا سوچيندا بلڪه ڪم ئي ڦــِــٽــائـــي ڇڏيندا. هوڏانھن محبوب سان به نويڪلائيءَ ۾ ملاقات نه ٿي ٿئي. نتيجي ۾ اندر ۾ طوفان مچي ويندو آهي جنھن سان ماڻهون وڌيڪ بيمار ٿي پــَــوَنــدو آهي. تنھن ڪري غم خوار جي ڳولھا جاري رھندي آھي.
**
ڪـَـڪر منجهه ڪـَـپـــار، جهـُــڙ نيڻنئون نه لهي
اڄ منهنجي چــِــت ۾، اُٺا پرين اَپار
آءُ سڄڻ، لــَـــھه سار، وِرهَه ويڙهي آهيان

سمجهاڻي: منھنجي من ۾ سڄڻ جي وِڇوڙي سبب بادل ڀرجي آيا آهن؛ اَکين ۾ ڪڪر وَسڻ جا ويس ڪيون بيٺا آهن. منھنجي اندر ۾ / سوچن ۾ ته اي پرين! حقيقت اِها آهي ته ڏاڍا مينهن وَسيا آهن. تمام گهڻو رنو آهيان. لوڪ جي لڄ کان اَکين ۾ روڪيون بيٺو آهيان. اي سائين! تنھنجيءَ ســِــڪ ســُــڪ ڪري ڇڏيو آهي. ڀلائي ڪري منھنجي پـُـڇــا ڳــاڇــا ته ڪر؛ سار سنڀال ته لـــَــھُــه! ته جيئرو به آهيان يا مري ويس؟
**
نيڻ نــِــھــائـيـنءَ جــان، سـُــتـــي لوڪ ڍَڪيان
اُجهاميو ٻـَــران، تو کي ساريو سپرين

سمجهاڻي: نــِـھــائــيــن کــُـــوري يا آويءَ کي به چوَندا آهن، جنھن ۾ باهه ڏئي اُن کي ڍَڪي ڇڏيندا آهن. دُونھين نڪرڻ لاءِ ڪو ننڍڙو سوراخ ڇڏيندا اَٿس. پئي دُکندي / ٻــَــرنــدي آهي. عاشق به نھائينءَ وانگر آهي، جيڪو جيڪڏهن رات جو سڄي عوام جي آرام ڪرڻ کان پوءِ ســُــمـهــي پئي ٿو يا سندس اَک لڳي وڃي ٿي ته به کيس آرام ۽ ســُــڪــُــون ناهي. محبوب جي ياد کيس ستائيندي رهي ٿي. عشق جي آگ سندس اَندر ۾ پئي ٿي اُجهامي ۽ ٻــَــري.
**
چـــيـتـارِيــان چــُــڻــڪــَــن، وِساريان نه وسري
ويروتار ڏکن، سڄڻ ڀڳي هڏ جيئن

سمجهاڻي: محبوب منھنجي من ۾ اهڙو آباد ٿيل آهي، جو جنھن وقت خيال ڪريان / ياد ڪريان ته هو دل ۾ ئي ملي ٿو. هــُــو وِسارڻ جي باوجود مون کان نه ٿو وِسري. هــُــن جو وُجــُــود مون کي ائين دائمي درد ڏئي ويو آهي جيئن جسم جو ڪو هڏو ڀــَــڄـــي پئي ۽ اُن جو ســُــور نه ويھڻ ڏِئي نه ســُــمـهــڻ ڏئي ۽ نه کائڻ ڏئي نه ئي پيئڻ ڏئي. ھر وقت لُڇ پُڇ آھي.
**
سـَـٻــَــر ســـيءُ پــيـــو، نـــه مــُـــــون ســَـــوَڙ نــــه گــَــبـــرو
نه مــُــــون ڪانڌ نه قــُـــوت ڪـــِــي، جوڀـن وَهـــِــي ويو
تنين حال ڪــِــھـــو؟ نــِــڌر جــَــنــِــيــن نـِـجـهـــرا.

سمجهاڻي: لطيف سرڪار هــِــن بيت ۾ هڪ غير شادي شُدہ ناريءَ جي محرومي سندس واتان چـَــوِرائــي ٿو ته هــِــن ڀيري ته وڌيڪ پارو پيو آهي. سردي ڪــَــڙڪــي آهي. مــُــون وَٽ ته نه رِلهي آهي نه ســَــوَڙ آهي نه ئي مــُــڙس آهي، جنھن سان ڀـاڪـُـر پائي ســُــمــهــــي سيءُ ختم ڪريان. محروميءَ جي انتھا اِها آهي ته هاڻي جــُــوانـــي به نه رهي آهي، جيڪا سيءُ برداشت ڪندي هــُــئـــي. تن جو ڪھڙو ٿا حال پــُــڇــو؟ جن جا گهر ئي لاوارث هــُــجـــن؛ ڪو به ڌڻي سائين نه هــُــجـــيــنِ.
**
چـَــتـُــرُ رَهــَـي نـه چــِـتُ، ويــڻـيــن واڳــيـو نـه رهـي
رَئــِـــيءَ لــَـــٽــجــَــي نــِــت، هينئڙو واٽ وِرکَ جيئن

سمجهاڻي: محبوب جي ماڻن ۽ وِڇوڙي مون کي چريو ڪري ڇڏيو آهي. منھنجي عقل ۽ هــِــيــنـئــڙي تي رَستي تي بيٺل وَڻ جيان دَز ۽ مــِــٽــي وَسندي رهي ٿي. سو هاڻي ان ۾ ڪنھن به ڳالهه، ويڻ، طعني ۽ ميھڻي جي ســَــھــڻ جي ســَگهه نه رهي آهي. تنھن ڪري مھرباني ڪري مون سان ڀوڳ چرچا ۽ مذاقون ڇڏي ڏيو.
**

سـُــر کاهوڙي

کاهوڙي هڪ قسم جا جاکوڙي، بھادر ۽ محنتي ماڻھو هوندا آهن، جيڪي جبل جهاڳيندا؛ تن کي تسيا ڏيندا ۽ ڏُونگر ڏوريندا رهندا آهن. جوڳين کي به کاهوڙي چيو ويندو آهي. شاهه لطيف جو هيءُ ســُـــر سندس اُن سفر تي ٻـــَـــڌل آهي، جيڪو هــُــن جوڳين ۽ سنياسين سان گڏجي ڪيو هو. کاهوڙي ۽ رامڪلي هڪ ئي مضمون تي آڌاريل ســُــر آهن. هي ٻئي ســُــر شاهه صاحب جو سفرنامون آهن.
کاهوڙين خفيءَ سين، سـُــوجـهــي لــَــــڌو سـُــبــحـــان
عــاشـق اهــڙي اَکـــريـــــن، لنگــهـــــيـــا لامـــــڪـــــان
هــُــوءِ ۾ گــَــڏجـي هــُـــوءِ ٿــيــا، بــابــو جــي بـــريـــــان
سـڀـــوئـــي سـُــبـــحـــــــان، آيـــــو نـظـــــر اُنـــن جـــي

سمجهاڻي: منزل وڏيءَ جاکوڙ کان پوءِ ملندي آهي. اُن لاءِ ظاهري توڙي باطني (ڳــُــجــهــه ۾) محنت ۽ رياضت جاري رکبي آهي. کاهوڙي ظاهر ۾ آهن ئي رِڻن جا راهي پر هــُــنــن پنھنجو اندر اُجاري وڃي اصل ڌڻيءَ کي ڳولهي لـــَــــڌو. هــُــو پنھنجي مُسلسل ڳــُــجــهـــي وِرد ۽ رياضت وسيلي لامڪان کان به اڳتي ٽــُــپــــي ويا. جيئن ڪباب جو اَلڳ ٿيل گوشت ۽ مصالحو پچي هڪ ٿي ويندو آهي، تيئن هي به حق سان گڏجي حق ٿي ويا. جيڏانھن ڏِسن تيڏانھن هر جاءِ ۽ هر پاسي ســُــبــحـــان ئي ســُــبــحــــان (الله پاڪ) ڏِسڻ ۾ آيو.
**
جي ڪو ڏُٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو
ڇـَـپـر ڪين ڏئي، سـُـوکڙيون سـُــتـن کي

سمجهاڻي: جهنگن ۽ جبلن مان ڏُٿ (مختلف ٻــُــوٽــن جو اَناج) گـــَــڏ ڪرڻ ڪو ســَــوَلـــو ڪم ناهي. جيڪڏهن ڪنھن کي وَهم گــُــمـــان آهي ته ڏُٿ گڏ ڪري ڏِسي ته خبر پئيس ته گهڻين ويھين سئو آهي. جبلن جهاڳڻ ۽ ڪــَــشــالــن ڪــَــٽــڻ جي تڪليفن ۽ ڏُکن جي کيس پروڙ پئجي ويندي. باقي ســَــکـــڻــيــُـــون ڳالهيون ۽ حوال هر ڪو ئي ڪري سگهي ٿو. اهڙين ڊاڙيـُـن ۽ ٻــَــٽـــاڪــُــن هڻندڙن کي ٻــُــڌائـــي ڇڏيان ته هي پھاڙ ايڏا ڀلا ناهن يا اسان جا مائٽ ۽ محبوب ناهن جو تحفا ڏيندا. اُهي به وري اُنهن کي جيڪي ســُــتــا پيا هــُــجـــن ۽ ڪــَــک ڀــَــڃـــي ٻـــِــيـڻــو نه ڪن. مطلب ته ڪوشش، محنت ۽ جاکوڙ کان سواءِ ڪُجهھ به حاصل ڪونه ٿو ڪري سگھجي. ڪو به رحم کائي اسان کي خيرات ته ڏئي سگھي ٿو پر منزل تائين پھچائي نه ٿو سگھي. خيرات سان وقتي ماني ٽِڪي ته ملي ويندي پر ماڳ نه ملي سگھندو.
**
مـُــون ســــــي ڏٺــــا مــــاءِ! جـنين ڏٺو پرين کي
رَهِي اچجي راتڙي، تن جـُـنـگـن سـَــنـدي جاءِ
تـنـيـن جـــي ســاڃـــــاءِ، تــُــرهــو ٿـئـي تـار ۾

سمجهاڻي: شاهه صاحب جوڳين، سنياسين ۽ سامين جي صحبت مان تمام گهڻو متاثر ٿيو. سندس هيءُ بيت اِن حقيقت جو وڏو مثال آهي. پاڻ فرمائي ٿو مون اهڙا انسان ڏِٺا آهن جيڪي منھنجي پرينءَ جو مون کان پھريان ديدار ڪري چــُــڪـــا آهن. دِل ٿي چئي ته اهڙن پھتل پيارن ماڻهن وَٽ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي رات ته رهي اچجي؛ اُنهن جو مھمان ٿي اچجي. سندن ڄاڻ ســُــڃـــاڻ، ياري دُنيا جي هــِــن وڏي سمنڊ جي اُڪرڻ/پار پوڻ جو ڪم ڏئي ٿي/وڏو سھارو بڻجي سگھي ٿي.
**
ڏُٿ نه کــُــٽــو ڏوٿئين، جيڪي ڏُٿ ڪـَـرئين
اُهـڃاڻيـُـون عالــَـمَ جـُـون، اوريــان ئـي آڻين
تھان پوءِ ڏَسـين، پــِــريــان سـَـــندِي ڳالهڙي


سمجهاڻي: جن جو ڌنڌو ئي ڏُٿ گـــَـــڏ ڪرڻ آهي، محنت مزدوري ۽ پورھيو ڪرڻ آھي، اُهي پنھنجي پيشي سان ڏاڍيءَ سچائيءَ سان چــُــھــٽــيــــا پيا آهن. اِهو ئي سبب آهي ته هــُــو ڪڏهن به کــُـٽــا ناهن. وَٽن الله تعاليٰ جو گــَـــنــج لڳو پيو آهي. هــُــو ان سان گڏ سڀني جھانن / دُنيائن کان به واقف آهن. کوھ جا ڏيڏر ناھن، مُلڪي توڙي غير مُلڪي حالتن کان به واقف آھن. جڏھن ساڻن ملبو ته پھريان دُنيا جھان جو احوال ڏيندا ته ڇا ٿو وَهي واپــُـــري؟ پوءِ وري حقيقي محبوب بابت معلومات ڏيندا؛ صحيح گـــَــــسُ ٻــُــڌائـــيـــنــدا. مطلب ته شعور کي رڳو رسمي تعليم سان سلھاڙي نه ٿو سگھجي. باشعور قوم ئي ترقي ڪندي آھي.
کرکڻا لاهي، سـُــک مَ سـُــتــا ڪڏهن
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو

سمجهاڻي: جاکوڙي ۽ همٿ وارا ڪڏهن به آرام پسند نه ٿيندا آهن. هـُــو مسلسل ڪوشش ۽ پتوڙ جاري رکندا آهن. شاهه صاحب جي هـِــن بيت ۾ به اهڙن کاهوڙين ۽ پنھنجي مقصد سان سچن اِنسانن جو مثال ڏنو ويو آهي ته هـُــو پنھنجن پيرن مان جـُــوتــا / بوٽ / چپلون لاهيندا ئي ناهن ڇا ڪاڻ ته کين اڳتي کان اڳتي سفر ڪرڻو هوندو آهي. جڏهن جوتا ئي نه لاهيندا ته پوءِ سمهندا ڪيئن؟ کين هر وقت تيار رهڻو پوندو آهي. جُوتن نه لاھڻ مان مُراد ھر وقت ڪنھن حاصلات ڪارڻ يا ڪنھن مُصيبت کي ٽارڻ لاءِ رٿا بنديءَ سان تيار رھڻ آھي. جن به فردن ۽ قومن کي مرتبو، مانُ يا منزل ملي آهي، اُنهن جو احوال پڙهنداسين يا ٻـُــڌنــداسين ته، اِهو معلوم ٿيندو ته، اُنهن هيءُ ماڳ لاڳيتيءَ جاکوڙ وسيلي، بـُــک ڏُک ڪاٽي، وڏيون قربانيون ڏئي، تڪليفون سھي ۽ مڪمل Focused رهي پوءِ حاصل ڪيو آهي.
**
سـُــڪــا سـَـــنـڊَ ڪـَـــڇــُــن ۾، کــَــرڪــڻـا پيرين
ٽــِــمـــنــدي نــيــڻـيـن، آن ڪـَـي کــاهــوڙِي گــڏيـا

سمجهاڻي: لطيف سرڪار ھن بيت ۾ کاھوڙين جي وصف ٻُڌائي آھي. ھُو فرمائي ٿو ته کاهوڙي ڪنھن به هڪ ماڳ تي گهر ٺاهي نه ويھندا آهن. هي سـَــيــلانــي فقير ڪڏهن جهنگ ۾ ته ڪڏهن جبلن ۾ ته وري ڪڏهن ڪنھن وَسنديءَ ۾ پيا ووڙيندا آهن. ڪو وِڇــُــڙيـــل جوڳي يا ساڻن محبت ڪندڙ جڏهن سندن ڳولها ڪن ٿا ۽ ڪنھن کان پــُــڇـــن ٿا ته، جواب ۾ اُهي کانئن پــُــڇـــن ٿا ته، پنھنجن پيارن ساٿين جا مــُــنـھــانــڊا ڪي هــُــلــيـــا ته ٻــُـــڌايـــو! تڏهن وَراڻن ٿا ته هــُــو جسم ۾ ڏُٻرا آهن. ڪُـلـهــن ۾ پاڻيءَ جون خالي پـَـخــالـون، سانداريون ۽ گودڙيون، پيرن ۾ انتھائي سادا جــُــوتــا هــُــونــدن، جن کي نوڙيون ٻــَـــڌي پيرن ۾ ســُــڪ (Fit) ڪيو هوندائون ته جيئن لھي نه وڃن. پريشان به ڏاڍا هوندا. ٿي سگهي ٿو ته سندن اَکين مان آب / ڳوڙها وَهندا هــُـجــن. اوهان سان جيڪڏهن اهڙي آرين پارين کاهوڙي گـــَـــڏيـــا هــُـجــن ته ڀلائي ڪري ٻــُــڌايـــو ته ڪيڏانھن ويا؟
**
تون هڏ ڪــُــڄــاڙيــا، سنجهي سعيو نه ڪرين
سـَـوارا ســَــــــنــڊَ کـــڻـــــي، کـــاهــــــــوڙِي ويـــــا
آڻــيــــنـديــن ڪـِـيـــا، ڏُٿ ڏُوراڻـــي ڏيــھَه جــو؟

سمجهاڻي: جوڳين جو سفر صبح جو سوير شروع ٿيندو آهي. ســُــســت ۽ نــِــڪــمـــا دير تائين ســُــتـــا پيا هوندا آهن. هــُــو جيڪڏهن اهڙن غافلن جو انتظار ڪن ته پاڻ به صحيح ماڳ تي نه پھچي سگهن؛ حاصلات کان محروم ٿي وڃن. اهڙن اَٻوجهن لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو ته تون کاهوڙين سان گڏ نڪرڻ لاءِ سنجهي ۾ ئي ڇو نه ٿو تياري ڪرين؟ هــُــو ته پنھنجون سانداريون کڻي باک ڦــُــٽــيءَ جو ئي پنڌ پوَندا آهن. تڏهن وڃي کين ڏُٿ ملندو آهي؛ ڪجهه پلئه پوَندو آهي. نڀاڳا! اهڙن افعالن سان تون ڪٿان ٿو ولايتي، اُچو ڏُٿ آڻي سگهين؛ اصل منزل ماڻي سگهين.
ھن زماني ۾ به ڪو شاگرد اسڪُول يا يونيورسٽيءَ ۾ دير سان ويندو ته اھو صحيح تعليم حاصل نه ڪري سگھندو. جيڪڏھن اوھان ڪاڏي وڃڻ لاءِ جھاز ۾ ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي آھي ۽ وقت تي ايئرپورٽ نه ٿا پھچو ته جھاز اوھان جو انتظار نه ڪندو. نتيجي ۾ اوھان جا پئسا به ضايع ٿي ويندا ته ماڳ تي رَسڻ کان به محروم ٿي ويندءُ!
**
پيئي جن پرک، گنجي ڏونگر گام جي
وارَي سڀ ورق، لوچي لاهــُــوتـــي ٿـيـا

سمجهاڻي: هــِــن بيت ۾ حيدرآباد ڀر سان موجود گنجي ٽــَــڪـــر جي منزل، مرتبو ۽ مـَــقــام ٻــُــڌايــو ويو آهي. شاهه لطيف جوڳين سان گڏجي گنجي ٽڪر واري رستي سان هنگلاج تيرٿ لاءِ ويو هو. اِن ٽــَــڪــر تي به جوڳين جو آستان هو. تنھن لاءِ پاڻ فرمائي ٿو ته جن کي اِن آستان جي صحيح ســُــڌ / پروڙ پئجي وئي ته اُنهن کي وڌيڪ سـِــکــڻ، پــَــنـــا پڙهڻ جي ضرورت ئي ناهي، ڇا ڪاڻ ته اُتان جي تعليم ڏاڍي ڪارائتي ھُئي. ان ۾ انسانيت جو درس سمايل ھو. ھتي پھچڻ کان پوءِ ٻئي پاسي وڃڻ جي ھرو ڀرو ضرورت ئي ناھي. کين ھتي ئي لاھوتي ھُجڻ جو درجو ملي سگھي ٿو. تنھن ھُوندي به جوڳي لاھُوت جو سفر ضروري سمجھن ٿا. هــُــو ڪشالا ڪڍي؛ لوڙي؛ جاکوڙي وڃي لاهوتي ٿيندا؛ ماڳ رَسندا ھُئا. جيڪي جوڳي لاهوت جي زيارت ڪري ايندا آهن تن کي لاهوتي سڏبو آهي. مختلف منزلون طئه ڪندا وڃي لاهوت (بلوچستان) پھچندا آهن.
٭٭

سـُــر بـَــروو سنڌي

بــَـــروو هڪ هندستاني راڳـڻــي آهي جنھن کي شاهه صاحب سنڌي ويس پارائي بروو سنڌي نالو ڏنو. اِن ۾ مجازي عشق سان گڏ حقيقي عشق جو به ذڪر آهي.
ڪي اوڏا ئي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سـُــپــرين
ڪي سـَــنـڀــرجــن نه ڪڏهين، ڪي وِســرن نـه مــُـــور
جيئن مينهن ڪـُــنڍيءَ پـُــور، تيئن دوست وَراڪا دل سين

سمجهاڻي: هــِــن بيت ۾ انساني شخصيت ۽ مزاج جي اثرن جو بيان ٿيل آهي، جنھن موجب ڪي ته اهڙا مکڻ ماڻهون هوندا آهن جيڪي دِل تي نقش ٿي ويندا آهن ۽ ڪي وري اهڙا ٺــِــڪـــر هوندا آهن، جيڪي ڏِٺي نه وڻندا آهن. لطيف سرڪار چوي ٿو ته جن سان نه لڳندي آهي اُهي فاصلاتي طور کڻي ڪيترا به ويجها ڇو نه هــُـجــن پر پوءِ به پري محسوس ٿيندا آهن. وَڻندڙ ماڻهون وري ڪيترا به پري رهندا هــُـجــن، پر قريب ليکبا آهن. ڪي ته اهڙا آهن جيڪي ڪڏهن به ياد ناهن ايندا ۽ ڪي وري اھڙا ھُوندا آھن، جيڪي وِسرندا ئي ناهن. پرين پيارا ته ائين دِل ۾ اَٽڪيل آهن؛ ويٺل آهن جيئن سنڌ جي ڪــُــنـڍي مينھن جا ســِـــڱ وَريل هوندا آهن. جيڪڏهن ٻه ڪــُــنـــڍيــُــون مينھون پاڻ ۾ وڙهيون ۽ سندن ســِــڱ هڪ ٻئي سان ڦاسي پيا ته کين ڇڏائڻ ناممڪن هوندو آهي. يا ته ڪنھن هڪ مينھن جو ســِــڱ ڀــَـــڄـــي يا وري وَڍجي ته پوءِ ئي هڪ ٻئي کان پري ڪري سگهبيون آهن. پيارا ماڻھو به ائين ئي ويجھا ھُوندا آھن. محبوب سان ويجهڙائيءَ جو اهڙو ســُــھــڻـــو مثال شايد ئي ڪو ٻيو هــُــجـــي. شاهه صاحب ڪــُــنـڍيءَ مينھن جي ســِــڱ واري اِها تشبيھه ٻاهران آڻڻ بدران سنڌ مان ئي کنئي آهي جنھن مان شاهه لطيف جي سنڌ سان عشق جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو.
**
لڳيءَ جو لطيف چئي، نه ڪو قال نه قــِــيــل
لـکـئـي لامـُــون کوڙيون، نيڻن وَهي نير
هينئڙا ٿيءُ سـُــڌير، ڪالهه قريبن لڏيو

سمجهاڻي: دِل لڳيءَ جون ڪھڙيون ٿا خبرون پــُــڇـــو؟ دل وڃي اوچتي اَڙي. منھنجي وَس ۾ ته ڪجهه ڪو نه هو. شايد تقدير ۾ ائين لکيل هو. مان ته رُڳو روئي سگهان ٿو. مُنھنجي وَس ۾ ٻيو ڪُجھه ڪونھي. لــُــڙڪ لـــَـــڙن پيا لارُون ڪري. اي مُنھنجي دِل ســُــجـــاڳ ٿيءُ؛ روئڻ مان ڇا وَرَندءِ؟ پرين ته ڪالهه ئي هــِـــتـــان هليا ويا اَٿي.
**
صـُــورت گهـڻـو سـُـھـڻــا، ٽـاڻـا سندن ٽــُــوهه
ريلو ڏئي روح، جو کائي سو کامي مري

سمجهاڻي: ســُــونـھــن جا پنھنجا پيمانا آهن. ڪي شيون ظاهري ڏاڍيون ســُــھــڻــيــُـــون هونديون آهن پر جڏهن اُنهن کي چــَــکــبـــو آهي؛ اُنهن جي ويجهو وڃبو آهي ته پنھنجيءَ شڪل ۽ صــُــورت جي بــلــڪــُـــل اُبــَــتــَـــڙ هونديون آهن. جيئن ٽـــُـــوهه جو ڦــَـــل (ميوو) ڏِسڻ ۾ ته گدري وانگر ســُــھــڻــو هوندو آهي پر اُن جو ذائقو زهر جھڙو هوندو آهي. ساڳيءَ ريت ظاهري ڪوجهيون ۽ بد صورت شيون تمام گهڻيون ڪارائتيون به ٿي سگهن ٿيون. انهن جي ســُــونـھــن سندن تاثير، ڪم يا استعمال هوندو آهي. انسانن ۾ به ڪيترا ئي ڪوجها دُنيا جا عظيم ماڻهون بڻيا آهن جن مان ڪاري رَنگ جو نيلسن منڊيلا به هڪ آهي. آمريڪي صدر اوباما به ڪارو ھو، حضرت بلال رضه به ڪارو ھو، پر سندن جاکوڙ ۽ ڪردار کين منفرد بڻائي ڇڏيو. سُھڻي صُورت يقينن وڻندي آھي پر جنھن خوبصُورت انسان ۾ سُٺي سيرت ۽ ڪردار ناھن، اُھو به ٽُوھ وانگر آھي. لطيف سرڪار اھڙن نخريلن ۽ لالچي محبوبن لاءِ چئي ٿو ته هــُــو شـڪـل ۾ ته ڏاڍا خوبصورت آهن پر سندن لـــَــڇــَـــڻ، عمل ۽ عادتون ٽوهه جھڙيون ڪوڙيون هونديون آهن. اهي اهڙيون خطرناڪ آهن جو عاشق کي پاڻ ڏانھن ڇــــِـــڪــــي وٺن ٿيون ۽ جڏهن هــُــو اِهي چـَــکـــي ٿو ته کائڻ سان ئي اُن جي زهر سان سڙي مري وڃي ٿو.
**
ڪـِـٿان ســِــکئين سپرين! ڪاسائـِـڪــِـي ڪار؟
تــِــکــِي ڪاتي هٿ ڪري، مــُــنــِــيءَ سين مَ مار
چوري چاڪ نــھــار، سـُــورن سانگهيڙا ڪيا.

سمجهاڻي: اي منھنجا پيارا پرين! تون ته گلڙن جھڙو آهين. ڪاسائين وارو ڪــُــھــڻ جو ڪم ڪٿان سـِــکــيــو اَٿئي؟ مــُــڏيءَ ڪاتيءَ سان ٿو ڪپين. ڏاڍي تڪليف ٿي اچي. جيڪڏهن نه ٿو مــُــڙيــن ته گهٽ ۾ گهٽ تکيءَ ڪاتيءَ سان دِل چـــِــيـــر! جڏھن منھنجا زخم اُٿلائي پــُــٿــلائــي ڏِسندين ته ڏُکن ڏار وِجهي ڇڏيا آهن. سيني ۾ سوراخ ٿي ويا آهن. سو ڏاهو ٿيءُ؛ ڏِنگايون ڇڏي ڏي. پنھنجي ناز نخري واريون اَدائون قــُــرب ۾ تبديل ڪر!
**

سـُــر رام ڪلي

رام ڪلي هڪ راڳـڻـي آهي. هــِــن ســُــر ۾ شاهه صاحب جوڳين جي واکاڻ ڪئي آهي. شاهه صاحب جوڳين ۽ سامين سان گڏجي جيڪو ٽي سال سفر ڪيو، اُن دوران سندس پريت ساڻن وَڌي وئي. اُن جو اظھار هــِــن ســُــر ۾ شامل آهي. جوڳين جا مختلف قسم آهن. شاهه صاحب جن نالن سان کين ياد ڪيو آهي، اُنهن ۾ ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي تحقيق مــُــطـــابـــق هي شامل آهن: جوڳي، لاهوتي، ويراڳي، ڪاپڙي، بيراڳي، بــابــُــو، بيکاري، نانگا، سامي، آديسي، سنياسي، ڪن ڪٽ، ڪنوٽيا، ڪن چير، عاشق، فقير، لانگوٽيا، پوربي، گونگا، ٻوڙا، ريگڙيارا (ڀڀوتيا)، گودڙيا، قوت، ڪڙايا، اَوَسر آجا، مھيسي، راول، صابري، جبروتي، هرڪيس وغيرهه.
مـَــن مـُــرادون پـُــنيون، ٻارهين ڏينهن ٻيئي
جوڳي اِن جاٽا کي، ٿي سـِـڪـيـا سڀيئي
سمانا سي ئي، جي گــُــر گــڏجـــي آئــيــا

سمجهاڻي: شاهه صاحب پاڻ هڪ تمام وڏو سگهڙ به هو. هــُــن هونءَ ته شاعريءَ جي صنفن بيت ۽ وائيءَ تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر هــِــن ســُــر ۾ لوڪ ادب جي صنف ”راتين، ڏينھن، هفتن، مھينن ۽ سالن“ مان ڏينھن تي به بيت چيا اٿائين، جن جو مثال هيءُ بيت آهي. چئي ٿو ته نيٺ وڃي ٻارهين ڏينھن منھنجيءَ دِل جون سڀ مرادون / تمنائون پوريون ٿيون. اهي مرادون ڪھڙيون آهن؟ انهن بابت چئي ٿو ته؛ اُهو گروءَ / مــُــرشــد جو ديدار / زيارت آهي، جنھن لاءِ سمورا جوڳي ســِــڪ ۽ اُڪــِــيـــر ۾ هــُــئـــا. جيڪي گـــُــروءَ سان ملي آيا اُنهن جو مانُ ۽ شانُ وڌي ويو.
**
مـُــنـھـــــن مـحــــــراب پـريـــنءَ جــو، جـامـع سڀ جھان
ڦــَــرهـــِــي تـان فــُـــــرقـــان جــِــي، ڪاٽيائــُــون قــُـــرآن
اُڏامـــــــــــي اُت ويــــــــــــــو، عـــــقـــــــــل ۽ عــــــرفـــــــان
ســڀــوئــي سـُــبــحــــان، ڪـــــاڏي وڃـي نـِــيـَــتــيـــان؟

سمجهاڻي: هيءُ سڄو جھان جامع مسجد آهي ۽ محبوب جو مــُــنـھــن محراب آهي. (محراب مسجد جي اُها جاءِ آهي جتي پيش اِمام بيھي اِمامت ڪندو / خــُـطــبـــو ڏيندو آهي.) مسجد جي عمارت جي هڪ ســُــڃــاڻــپ محراب به آهي. ٻيءَ ڪنھن به عمارت ۾ محراب ناهي ٿيندو. جڏهن محبوب جو مــُــنـھــن محراب ۽ دُنيا وڏي مسيت هــُــجـــي تڏهن سڀ هدايتون، قرآن، عقل ۽ عــِــلــم ائين وِسري ٿو وڃي، جيئن ڪنھن پــَــٽــيءَ تي مــيـــٽ هڻڻ ۽ سليٽ تان اَکر ڊاهڻ سان صفائي ٿي وڃي ٿي. هر پاسي رب ئي رب آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪھڙي پاسي مــُــنـھــن ڪري نماز جي نيت ڪريان؟
**
پِنن جو پـَـٽ کڻي، سو جي ســُــڃاڻن
ته بـَـر ۾ بـــِـيـک لـَـهن، پـَـهـَـرَ نه پــِــنن ڪاپڙي

سمجهاڻي: عام طور تي جوڳين کي ڪاري رَنگ جو آني جي اَڌ جھڙو وڏو پيالو / ڪــِــســتــو / ڪشڪول هــُــونــدو آهي، جنھن کي پــَــٽُ به چوندا آهن. اُن جي تمام گهڻي اهميت ۽ عزت آهي. اڪثر جوڳي اُن جو ڀرم نه رکندا آهن. اُن کي پـــِــنــڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، جيڪو صحيح ناهي. هــُــو جيڪڏهن ڪشڪول جو صحيح قدر سمجهن ته کين بيابان ۾ به گنج ملي وڃي. وسنءَ/وَسنديءَ ۾ کين در در تي پـــِــنــڻـــو نه پوندو. اصل ڳالهه توڪل ۽ عقيدي جي آهي.
نامـُــرادِي نـجهــرو، عـَــدَم اوتــارُونِ
رضا راڄ سـَــنـدُونِ، مـُــور نه مـڱـن ڪـِــي ٻيو

سمجهاڻي: شاهه صاحب هــِــن بيت ۾ سچن جوڳين جي خود داري بيان ڪندي فرمائي ٿو ته هــُــو ڪا به طمع / لالچ ناهن رکندا بـلـڪــِــه نااُميدي سندن محل جھڙي جهوپڙي آهي. ڪجهه به نه سندن اوتارو / اَجهو آهي. هــُــو رضا ۽ قسمت تي اهڙو ناز ڪن ٿا جو اُها سندن راڄ ڀاڳ بڻجي پئي ٿي. تنھن هــُــونــدي به هــُــو ايڏا صابر آهن، جو مجال آھي جو ڪنھن کان ڪجهه ٻيو گـهــُــرن/ پـــِــنــن.
**
اڄ نــــه اوطـــــــاقــُـــن ۾، طـــــالــب تـَــــنـوارِيـن
آديـســي اُٿــــي ويـــا، مـَــڙهـــيون مـُــون مارِين
جي جيءَ کي جيارِين، سي لاهـُـوتي لـَــڏي ويا

سمجهاڻي: جوڳين، سنياسين ۽ سڄڻن سان محبت جو اظھار هـِـن بيت وسيلي به ڪيو ويندو آهي. جڏهن ڪو پرين پيارو لاڏاڻو ڪري ويندو آهي ته هــِــن بيت ذريعي کيس ياد ڪيو ويندو آهي. لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته جن مھمانن سبب اوطاقون آباد هيون، اڄ اُهي ناهن نه ئي سندن ڪچھريون، سڏ واڪا ۽ کلڻ خوشيون آهن. هـُــو ناهن ته خالي اوطاقون، مڙهيون، اوتارا کائڻ ٿا اچن. سـُــڃ پئي واڪا ڪري؛ افسوس آهي. جيڪي رُوح رِهاڻيون ڪري جيءُ جياري ڇڏيندا هـُــئــا؛ ڏُک وِساري ڇڏيندا هــُــئـــا افسوس آهي جو اُهي هليا ويا آهن. وڃي ڪٿي ٻئي هنڌ آڏاڻا اَڏيا اَٿن.
**
ســـــــــــدائـــــيــن ســـــــفـــــــر ۾، رَمـَـــن مـــــٿــي راهه
پـُـــــرن پـُــــــورب پــــنـڌ ڏي، مـــنـجـهه مــوالي مــــــاهه
جن جي الک سان آگاهه، هلو تـَـڪيا پـَـسـُـون تن جا

سمجهاڻي: جوڳين جو ڪم ئي سفر ڪرڻ آهي. اِهو ئي سبب آهي ته هــُــو سدائين سفر ۾ ھُوندا آهن. هـُــو پنھنجو پاڪ پنڌ جاري رکيون پيا اچن. هـُــو پــُـــورب پار ڏي تـِـيــرٿ لاءِ مستن جيان مـُــلــڪ جهاڳيندا پيا وڃن. جيڪي پنھنجي حقيقي مالڪ / مــُــرشـــد کي صحيح سـُــڃــاڻــن ٿا، پنھنجي حقيقي مقصد سان سچا آھن، هلو ته اسان به سندن آستان ڏِسي اَچون. کانئن ڪُجھه پِرائي اچون.
٭٭

سـُــر ڪــــاپــائــتـــي

هــِــن ســُــر ۾ ســُــٽ ڪــَــتــڻ وارين عورتن، ڪپڙي ٺاهڻ / اُڻــڻ وارين جو بيان آهي. وونئڻن جو فصل سنڌ ۾ آڳاٽي زماني کان ئي ٿيندو آهي. اِن فصل مان ڦــُــٽــيــن/ڪپھه چـُــونــڊڻ جو ڪم اڄ به عورتون ڪنديون آهن. جڏهن ته پــُــراڻــي زماني ۾ عورتون اِنهن ڦــُــٽــيـُــن / ڪپھه مان ڌاڳو وَٽي ڪپڙو تيار ڪنديون هيون. ڪپڙي ٺاهڻ / اُڻڻ جي اِن هٿ واريءَ مشين کي اَئٽ / آڏاڻو چوَندا هــُــئـــا. هاڻي ته اِهو سڄو ڪم هٿن بدران ڪارخانن ۾ لڳل مشينون ڪن ٿيون جن ۾ مرد توڙي عورتون ڪم ڪن ٿيون.
جان ڪتين تان ڪت، هي هڏ وهاڻي
ڪاپائـتي سڀ ڪا، ڪتي سيباڻي
ڄاتو جن ڄاڻي، تن هٿان پــھـــي نه ڇڏي

سمجهاڻي: هــِــن بيت ۾ محنتيءَ / پورهيت جي عظمت ۽ وقت جو قدر بيان ڪندي نصيحت ڪئي وئي آهي. تون پنھنجي پاران مڪمل ڪوشش ڪر. جيستائين ڪري سگهين / ڪــَــتــي / اُڻــي سگهين، تيستائين ڪم ڪندي رَهُه. باقي جيڪڏهن همٿ جواب ڏئي وڃئي ته ٻي ڳالهه آهي ڇا ڪاڻ ته هيءَ ويل ختم ٿيڻ واري آهي، جيڪا وَڃڻ کان پوءِ واپس نه ايندي. توهان جي عزت، مانَ ۽ مـُـلــهــه جو پيمانو ڪـَــتــڻ / ڪم ڪرڻ (معياري ۽ مقداري) آهي. جن اِن ڳالهه کي سمجهو سي ڪڏهن به ڪم کي نه ڇڏينديون / هٿ مان ڪپھه جو پــَـــھــــو پري نه ڪنديون. لاڳيتو ڪم ڪنديون رھنديون.
**
توڻي تون ڪاتار، جــِــم هيڪلي ڀيرئين
ڏٺي ڪا ڏُئار، صراف انهين سٽ ۾

سمجهاڻي: هــِــن بيت ۾ شاهه صاحب ٻــَــڌيءَ ۽ اِتحاد جو دَرس ڏِنو آهي. ٻه ته ٻارهن ٿيندا آهن. ٻــَــڌيءَ ۾ وڏي طاقت آهي. ســُــھــڻــو لطيف فرمائي ٿو ته؛ اي ڪـَــتــڻ واري/ اُڻت ڪرڻ واري/ جدوجھد ڪرڻ واري اسان مڃيوسين ته تون وڏي ماهر آهين. تنھن هوندي به اڪيلي ڪم نه ڪر؛ جاکوڙ نه ڪر! تحريڪ گهڻن ماڻهن سان ئي ڪامياب ٿيندي آهي پر شرط اِهو آهي ته اُنهن ۾ سچائي ۽ اتحاد هــُــجـــي. اڪيلي سر ڪــَــتــڻ سان / ڪم ڪرڻ سان خاميون به رهجي وينديون آهن، جيڪي صراف (ماھر) پڪڙي وِجهندا آهن، جنھن سبب تو کي ناڪامي نصيب ٿيندي. تنھنجو پورهيو ئي پاڻيءَ ۾ هليو ويندو. تنھن ڪري رهبر به هــُــجـــي ته ساٿي به ساڻ هــُـجــڻ گـهــُــرجـــن.
**
هي هڏ وهاڻي، جان ڪتين تان ڪت
ڪو پنهنجي عيد کي، ڀيري ڪج ڀرت
متان روئين رت، صباح وچ سرتين

سمجهاڻي: هيءُ وقت؛ هيءَ گـهــَــڙي وِهامڻ / گــُــذرڻ کان پوءِ واپس ناهي اچڻي. تنھنجو جوڀن، تنھنجي جواني تو کي مليل موقعو وري نه ملندو. تنھن ڪري پنھنجي مـُـسـتــقــبــل سنوارڻ، خوشين حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪم زور شور سان جاري رک! اعليٰ معيار آڻي، ڀرت ڀري گــُــل ڦـــُـــل ٺاهي ڪم جي ســُــونـھــن وَڌاءِ، جنھن سان تنھنجيءَ اهميت ۾ اضافو ٿئي. جيڪڏهن ائين نه ڪـَـيــُــئــِــه ته پنھنجين هڪ جيڏين ۾ ڏاڍي لڄي ٿيندينءَ بلڪه خون جا ڳوڙها ڳاڙيندينءَ ۽ پوءِ جو پڇتائڻ ڪھڙي ڪم جو؟ پھريون مــُــلــهــه کــَــٿـــُـــورِي هوندو آهي تنھن ڪري پوئينءَ کان پھرين مھل ڀلي آهي.
**
ڪـَــتـــــڻ جي ڪــانـــه ڪــريـــن، سـُــتـي ســاهـِـيــن هـَـڏ
صـُـــبــاح ايــــنــدئـِـي اوچـِـتـــو، عــِـــيــــدَ اُگــهـــــــاڙنِ گــَــڏ
جـِـت سرتيون ڪندئي سـَـڏ، اُت سـِـڪـندينءَ سـِـينگار کي

سمجهاڻي: جيڪي ڪم جا ٽوٽي اِنسان (مرد توڙي عورتون) هــُــونــدا آهن سي پيا ننڊُون ڪندا آهن. ڪم نه ڪرڻ جا پيا بهانا ڳوليندا آهن. اُنهن کي ڪجهه ڪرڻ جي پرواهه ئي ناهي هوندي. اهڙن ماڻهن کي لطيف سرڪار خبردار ڪندي فرمائي ٿو ته، جڏهن ســُــڀــــاڻـــي عيد ايندي؛ خوشيءَ يا حساب ڪتاب جو ڏينھن ايندو جنھن ۾ هر قسم جا ماڻهون خاص ڪري ٻيا گــُــنـھــڪـــار يا نڪما به هوندا ته اُتي جڏهن تنھنجو وارو ايندو ۽ ڪارڪردگي پيش ڪرڻ لاءِ تو کي سڏ ڪيو ويندو ته، اُتي ته ڏاڍي شرمندگي ٿيندءِ؛ لڄي ٿيندينءَ؛ تنھنجا ظاھري سينگار سڀ ڊَهي ويندا بلڪه داغ لڳي ويندءِ! تُنھنجي اڳ ٺاھيل ساک به خراب ٿي پوَندي؛ خاص ڪري ســُــھــڻـــي ڪردار، شڪل ۽ عمل وارن جي وِچ ۾ تون وائُکي ٿي پوَندينءَ، سينگار لاءِ پئي ســِــڪــنـديــنءَ / سـِـڪــنـدين.
**
نه سي وونڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پـَـسيو بازاريون، هينئڙو مـُــون لــُــوڻ ٿئي.

سمجهاڻي: شاهه لطيف پنھنجي هـِــن بيت ۾ سنڌ جي بد حاليءَ جو منظر چــِــٽـيــو آهي. اڪثر سياستدان سنڌ جي بد تر معاشي توڙي سماجي صورتحال تي هيءُ بيت پڙهي پنھنجن خيالن کي سگهارو بڻائيندا آهن. لطيف سائين فرمائي ٿو ته؛ وَسيلن سان مالا مال ۽ خوشحال سنڌ جي هـِــن وقت حالت اِها ٿي وئي آهي جو فصل ٿين ڪو نه ٿا. جيڪڏهن ٿيا به آهن ته سوڪھڙي سبب اُنهن ۾ ڦــَــر ڪونهي. وونئڻن جي ٻــُــوٽــن ۾ ڦــُــٽــيــون ۽ گــوگــيــڙا ناهن، جنھن ڪري ڦــُــٽـيــن چونڊڻ، ڪپھه ڪتڻ ۽ ڪپڙي اُڻڻ واريون مايون به ڏِسڻ ۾ نه ٿيون اچن. جڏهن ماڻهون ڪنگال ٿي ويا آهن ته بازارُن ۾ به رَش ناهي؛ ڪو خريدار نه ٿو لــَــڀـــي. اِها سڄي صورتحال ڏِسي منھنجو جيءُ ايئن جـهـُــرِي پيو آهي، جيئن لــُــوڻ تي ڪو پاڻي وِجهي ۽ اُهو اهڙو ڳــَــرِي وڃي جو سندس وجود ئي ختم ٿي وڃي.

محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن
تن جو صرافن، اَڻ توريو ئي اگهايو

سمجهاڻي: هــِــن بيت ۾ انسان جي سچيءَ نيت کي مرڪز بڻايو ويو آهي. اسان ماڻهون گهڻي ڀاڱي جيڪو ڪم ڪندا آهيون سو بيدِليو هوندو آهي. خاص ڪري ٻئي جو ڪم يا ملازمت وارو ڪم جيڪو اصل ۾ پنھنجو هوندو آهي. اُن جي پگهار تي اسان پنھنجو ۽ پنھنجن ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون. سو به ائين ڪندا آهيون ڄڻ ڪنھن تي ٿورو ٿا ڪريون. راشي ماڻھو پئسن کان سواءِ ڪم ڪونه ڪندا آھن. سرڪاري پگھار پنھنجي پيءُ جي ملڪيت سمجھندا آھن. اھو نه مڃيندا آھن ته اھا پگھار به عوام پاران ئي اوڳاڙين جي شڪل ۾ عطا ڪيل اٿن. عام ماڻھوءَ کان رشوتي پئسا وٺي ڪم ڪرڻ کي اُجرت يا پگھار سمجھندا آھن. پگھار پنهنجي پُونجي ۽ رشوت خرچي يا ڏھاڙي سمجھندا آھن. ساڳيو رَوَيو عبادتن سان به رکندا آهيون. روزو رکي ۽ نماز پڙهي ڄڻ ٻين سان گڏ الله سائينءَ تي به احسان ڪندا آهيون. اِهو عمل قبوليت وارو ناهي. ٿي سگهي ٿو ڪم ٽــُــپـــي وڃي پر ٺيڪ ناهي. تنھن ڪري جيڪو به ڪم ڪريون سو دِل سان ڪريون. دِل وارو پورهيو گهڻي ڀاڱي قبول پوَندو آهي ڇا ڪاڻ ته اُن ۾ محبت سان گڏ محنت پاڻ ئي شامل ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪڏهن ناڪامي ملي به وڃي ته به اوهان جو ضمير مطمئن هوندو ته اسان ته ڪا ڪمي ناهي ڇڏي. لطيف اهڙن ماڻهن لاءِ چئي ٿو ته، محبت رکي من ۾ جيڪڏهن ڪنھن کان معياري ڪم نه به ٿي سگهيو تڏهن به اُن جو سچو جذبو ڏِسي بنا ماپ تور ۽ حساب ڪتاب جي قبول ڪيو ويندو.
٭٭

سـُــر پـُــورب

پــُــورب اوڀر هندستان جي اُتر پرديش رياست جي ڪان پور کان وٺي بـــِـــھـــار تائينءَ واري علائقي کي سڏن ٿا، جتي هندن جا تــِــيـــرٿ (زيارتون) آهن. ”پــُــوربـــي“ هڪ راڳ به آهي. لطيف سرڪار هــِــن ســُـــر ۾ مجازي عشق جي موضوع سان گڏ جوڳين، سـَـنـيــاسـيـن ۽ سندن پــُــورب واري پنڌ / سفر جو به ذڪر ڪيو آهي. ڪانءَ / ڪانگ جو ذڪر هڪ پيغام پھچائيندڙ پکيءَ جي حيثيت سان ڪيو اَٿائين. سنڌي لوڪ ادب ۾ پڻ هڪ صنف آهي ”ڪانگل جا بيت“، جنھن ۾ ڪانءَ کي موضوع بڻايو ويندو آهي. شاهه لطيف جا ســُــر پــُــورب ۾ شامل بيت به لوڪ ادب جي صنف ”ڪانگل جي بيتن“ ۾ ڳـڻـي سگهجن ٿا.

ڪانگل نيئي ڪانگ، منهنجي ڏي محبوب کي
لالڻ لايئي ڏينهنڙا، ڪنهن سـِــٽــاڻــي سانگ
آوان ريءَ اَڙانگ، ويٺي ورهه وسائيان

سمجهاڻي: سنڌي لوڪ ڏاهپ ۾ ڪانءَ کي مھمانن / محبوبن جي اَچڻ جي خبر آڻيندڙ پکي سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن گهر جي ڀـــِــت، وَڻن ٽڻن وغيرهه تي ڪانءُ لـــــَــــنــويــن / ٻــولــَـــي ته سمجهبو آهي ته اَڄ مھمان ايندا. اُهي مھمان پــَــڪ سان دِل گـهــُــريــا مــِــٽ مــائــٽ يا محبوب ئي ٿي سگهن ٿا، جن جي اَچڻ سان دل بـَـھــار بــَــھــــار ٿي پوندي آهي. عام طور تي سنڌي ماڻهون مھمان جي اَچڻ تي خوش ٿيندو آهي. هيءُ سماج پاڻ وڏو مھمان نواز آهي. عاشق جڏهن ڪانءَ کي ڏِسي ٿو ته چويس ٿو محبوبن جي اَچڻ جي خوشخبري ٻــُــڌاءِ! جڏهن ڪانءَ جي انداز مان سمجهي ٿو ته نه ايندا، تڏهن ڪانءَ کي چئي ٿو ته ڀلائي ڪري تون منھنجي پرينءَ ڏي هيءُ نياپو کـڻــي وڃ ته گهڻا ڏينھن گــُــذري ويا آهن؛ اڃان نه آيو آهين. ٻــُــڌاءِ ته ڇا جي ڪري؟ اسان کان ڪا خطا ٿي وئي آهي ڇا؟ ۽ اِهو به چئجانس ته اوهان کان سواءِ زندگي ڏاڍي ڏُکي آهي؛ اَڙانگي آهي. تنھنجي نــِـيـنـھــن نــِــھـــوڙي ڇڏيو آهي. بس تنھنجي يادن جي ســـَـــھـــاري پئي زندگي گذري.
**
مٿي راهه روان ٿيا، پــُـــورب پــُــــوريـــائـون
هي گـهـر گهوريائون، آڳــانـڍيــائون اڳــيـان

سمجهاڻي: جوڳي پــُــورب جي زيارتن لاءِ روانا ٿي ويا آهن. هــُــنــن هيءُ گهر ڇڏي ڏنو. وڃي ٻئي هنڌ / اَڳيان پــَــکـــڙا اَڏيا اَٿائون. جوڳي ملڪيت ٺاهن ئي ڪو نه. سدائين سفر ۾ رهن. هڪ هنڌان پـَـکــا پـَـٽــي وڃي ٻئي هنڌ اَڏيندا آهن. جتي به ويھندا آهن اُن زمين جي مالڪيءَ جي دعوا ناهن ڪندا. ڪجهه ڏينھن ٿورائتو رهي اڳتي وڌندا آهن. ايڪيھين صديءَ جي سنڌ ۾ به جوڳي قبيلن جو حشر ساڳيو آهي. گهڻائي بي پھچن، بي زمينن جي آهي. سندن اِن خــُــوبـــيءَ جو مافيائون ڏاڍو فائدو وٺنديون آهن. وڏن شھرن خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ کين قبضي جي پلاٽن تي ويھاريو ويندو آهي. جڏهن قبضو پـَــڪــو ٿي ويندو آهي ته کين لـــَــڏايـــو ويندو آهي. ڪڏهن ته سندن جـهـُـــڳــيــن کي باهه به ڏني ويندي آهي. آڪٽوبر 2015ع جي آخري هفتي ۾ ڪراچيءَ جي گــُــلســتــانِ جــوهـــر واري علائقي ۾ اهڙو واقعو ٿيو، جنھن ۾ ٻئي نقصان سان گڏ سندن پنج ماڻهون پڻ سڙي مري ويا.
ڪڍي ڪانگا! تو ڏيان هينئون ساڻ هٿن
وڃي کاءُ ولايت ۾، اڳيان عجيبن
پرين مانَ چون، هينئن قربان ڪير ٿئي؟

سمجهاڻي: اي ڪانءَ! تو کي مان پنھنجي دِل ڪڍي / ڪــَــپـــي ڏيان ٿو پر شرط اِهو آهي ته هـِــتــي يا ٻئي هنڌ کائڻ بدران منھنجي محبوب جي اَڳيان وڃي کائجانءِ. هــُــو هرُو ڀرُو پٿر دل ناهي. ضرُور تو کان پــُــڇــنـدو ته هيءَ ڪنھن جي دِل آهي؟ هھڙي عظيم قرباني ڪنھن ڪئي آهي؟ تون ٻــُــڌائـجــانـس ته تنھنجي عاشق جي آهي. مون کي پــَـــڪ آهي ته، پوءِ کيس منھنجو احساس ٿيندو! جيڪڏهن کيس احساس نه به ٿيو ته مون لاءِ سندس اِهو پــُــڇــــڻ ته هيءَ ڪنھن جي دل آهي؟ ئي وڏو اعزاز هوندو. اِن سان به مان ٺــَـــري پوندس.
**
وَهلو وَر وَريا پرين، آءُ ڪانگا لـَـنئــُـن لات
ويا جي قلات، سي اُڏامي آڻ پرين

سمجهاڻي: اي ڪانگلڙا! جلدي موٽ ۽ اِها خوشخبري اَچي ٻــُــڌاءِ ته محبوب واپس اچن ٿا. منھنجا محبوب مون سان ڪاوڙجي قلات (بلوچستان) هليا ويا آهن. اُٿي وڃ اُنهن کي ميڙ منٿ ڪر ته رُسامون ڇڏن؛ پرچي پوَن. اُڏر جلدي ڪر! مون کان وڌيڪ جــُـــدائـــي برداشت نه ٿي ٿئي. اُڏامي اَک ڇــــِــنـڀ ۾ مون وٽ وٺي اَچــــِـــيــنِ.
٭٭

ســُــــر ڪــــارايــــل

ڪارايل مور يا هــَــنــج کي چوَندا آهن. اِهي پکي جھڙا ڏِسڻ ۾ ســُــھــڻــا هوندا آهن تھڙا وري ڳــُــڻــن ۽ عادتن ۾ به ڀلا هوندا آهن. هــِــن ســُـــر ۾ مور جي خاصيتن ۽ ٻــَــگـهــن ۽ ڪـَــنــگــن جي اُوڻائين کي بيان ڪيو ويو آهي. نانگن ۽ ٻين جانوَرن جو به ذڪر آھي. بــُـرن ۽ ڀــَــلــن ماڻهن جي ڀيٽ به اِنهن پکين سان ڪري سگهجي ٿي. اهڙا ڪيترا ئي مثال شاهه جي ڪلام ۾ موجود آهن. لطيف سرڪار جي هــِــن ســُــر ۾ پکين ۽ جانوَرن سان محبت ۽ تحفظ جو وڏو پيغام سمايل آهي. دُنيا ۾ جانورن ۽ پکين جي نسل ڪشيءَ خلاف ۽ کين بچائڻ لاءِ قانون گهڻو پوءِ جــُــڙيــا آهن. جهنگلي جيوت (Wildlife) ۽ ماحوليات کاتي وارا هــِــن ســُــر جي بيتن ذريعي ماڻهن ۾ ســُــجـــاڳـــي آڻي سگهن ٿا.

ڪنور پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀـــِـــري آڪاس
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس
تنھن عشق کي شاباس، جنھن محبتي ميڙيا

سمجهاڻي: محبت جا پيچ ڪٿي ٿا پوَن، عشق جا ڪـَــڙا ڪيئن ۽ ڪٿي ٿا ملن؟ اِنهن جا ڪجهه مثال هــِــن بيت ۾ ڏنل آهن. ڪنول جو گل پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ٿيندو آهي، جڏهن ته اِن ٻـُـوٽـــي جون پاڙون پاڻيءَ اندر هونديون آهن. اڪثر ڪري گدلي پاڻيءَ ۾ اھو ٻــُــوٽــو ٿيندو آهي. پاڻي گدلو، گــُــل سـُــھــڻــو، گــُــل سان محبت ڪرڻ وارو هڪ ڪاري رنگ جو اُڏامندڙ جيتامڙو ڀونر آهي. جيڪو زمين کان مٿي آسمان ۾ پيو اُڏرَندو آهي. ٻنهي کي پيدا ڪندڙ پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. رازق سندن من جون مرادون پوريون ڪيون آهن. ساڳي وقت سندن عشق کي به جـَــسُ آهي جنھن ٻنهي پيار ڪرڻ وارن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آهي.
هـــِــن بيت مان عشق ۽ رُوحانيت سان گڏ سائنس جو عـِـلـم به معلوم ٿئي ٿو. جديد سائنسي علمن ٻوٽن، وَڻن ٽڻن ۽ جيتن جڻين کي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم ڪوٺيو آهي، ڇا ڪاڻ ته ٻـُــوٽــن جي واڌ وِيجهه / ڦــُـٽــڻ ڦاٽڻ ۾ جيتن جڻين جو به مــُــک ڪردار آهي. وَڻن ٽڻن ۽ گلن ٻوٽن ۾ پڻ نر ۽ ماديءَ جو تصور آهي ۽ جيتن جي ٻوٽن تي ويھڻ سان نر ۽ مادي جـُــزا ٻوٽن ڏانھن منتقل ٿيندا آهن، جنھن کان پوءِ ئي وڻ ۽ ٻوٽا ڦــَــر جهليندا آهن نه ته ٻــُــور ڇـڻــي يا کــَــسَ ٿي ويندو آهي. هيءُ بيت لطيف سائينءَ جي علمي سگهه جو ڏاڍو ڀلو مثال آهي.
**
سنهان ڀانءِ مَ سـَــپ، وياءَ واسينگن جا
جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان نه چري

سمجهاڻي: ھن بيت ۾ جسماني وڏ ننڍائيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ھر شئي جي اھميت آھي. ڪنھن تمام ننڍي ۽ ڪمزور جان واريءَ جيوت کي به گھٽ نه سمجھو. اھڙيءَ ريت ڪو ڪيڏو به کڻي طاقتور ھُجي، پر ان جي آڏو پاڻ کي ھيڻو نه سمجھو. ان سلسلي ۾ لطيف جي ھن بيت مان سبق حاصل ڪريو! ھُو فرمائي ٿو ته؛ نانگ جا ٻچا به ٿيندا آهن. اُنهن کي غير اهم نه سمجهه! هاٿيءَ جيڏي وڏي جانور کي به جيڪڏهن اُهي ننڍا جيتامڙا نانگ (سپ) ڏَنگ هڻن ته اُن کي به ڪيري وِجهن. مجال آهي جو هــُــو چــُــرِي پــُــرِي سگهي.
**
اَڇو پاڻي لـــُــڙ ٿيو، ڪالوريو ڪَنـگن
ايندي لڄ مَرن، تنھين سَر مٿي هـَــنـجــڙا

سمجهاڻي: ڍَنڍ يا تلاءَ جي پکين مان ڪــَــنـگ ننڍي پاڻيءَ مان شڪار ڪندا آهن. پنھنجيءَ عادت موجب پير هڻي يا چـُـھـنـبـُــون ٻوڙي اَڇي صاف سـُــٿــري پاڻيءَ کي ميرو / گيرو ڪري ڇڏيندا آهن، جڏهن ته اِنهن جي ڀيٽ ۾ هنج پکي وڏي پاڻيءَ مان شڪار حاصل ڪندا آهن جنھن جي تـــَــري ۾ سندن پير به نه پھچندا آهن. نتيجي ۾ پاڻي توڙي پاڻ صاف ۽ شفاف رهندا آهن. ڪنگن واري ميري، گيري ۽ گـــَــدلـــي پاڻيءَ ڏانھن اَچڻ کي هنج پنھنجي بي عزتي سمجهندا آهن. مطلب ته ھو اصُول پرست آھن. پکين جي خاصيتن ۽ خامين کي ڏسي به بھتري آڻي سگھجي ٿي.
آءُ اُڏامي هنجڙا! ســَــــر ۾ ســارِيــنــئـــي
مـتـان مـاريـنـئــي، پـاڙهيري پـھـه ڪري

سمجهاڻي: ڍَنڍ ۽ تلاءَ جي پکين ۾ هنج جو شڪار ڏاڍي شوق سان ڪيو ويندو آهي. اِهو پکي جھڙو ســُــونـھــن ۽ خصلتن ۾ سـَـــرس آهي، تھڙو وري کائڻ ۾ به مزيدار آهي. هڪڙا ته فطرت سان محبت جي ڪري هنج کي ڏِسڻ لاءِ آتا هوندا آهن ۽ کيس ياد ڪندا رهندا آهن، ٻيا وري اُن کي مارڻ لاءِ اچي ميدان ۾ لھندا آهن. اي پيارا هنجڙا! تو کي هـِـتــي ڏاڍو ياد ڪيو وڃي ٿو. مون کي ڊَپ آهي ته، تو کي ڪو شڪاري متان ماري وِجهي، ڇا ڪاڻ ته اِنهن جو ڌَنڌو ئي اِهو آهي.
ھن وقت ته پکين جي بيجا شڪار تي پابنديون آھن ۽ انھن جي واڌ وِيجھه يا نسل ڪاريءَ لاءِ سنڌ سان گڏ سڄي سنسار ۾ اُپاءَ ورتا پيا وڃن، پر لطيف سائينءَ جي دور ۾ جيئن ته ٻيلا جھجھا ھُوندا ھُئا ۽ جھنگلي جيوَتن جي نسلن جي کُٽڻ جو ڪو خاص کُٽڪو نه ھُوندو ھو، تڏھن به لطيف سائينءَ کي پکين جي غير ضروري شڪار تي ڳڻتي رھي. نتيجي ۾ لطيف سائينءَ پنھنجي دور ۾ پکين يا جھنگلي جيوَتن جي تحفظ جي ڳالھه ڪئي/ تحريڪ ھلائي.
**
سو پکي، سو پـــِــڃــــرو، سو سـَـر، سو ئـِـي هَنجهه
پــيــئــي جــــان پـَـرُوڙيو، مـُـون پنھنجو مـَـنجهه
ڏِيل جنھين جو ڏَنجهه، سو مارِي ٿو مـَـنجهه ڦـِـري

سمجهاڻي: شاهه لطيف هــِــن بيت ۾ انساني نفسيات ۽ ڊَپ کي واضح ڪيو آهي ته؛ پکي، پـــِــڃـــرو، چشمون (تلاءُ) ۽ هنج ساڳي ڳالهه آهن. پکي پڃري کان ڊِڄندو آهي. هنج تلاءَ سان محبت ته ڪندو آهي پر اُن جي پاسي ۾ شڪاري به لڪل هوندو آهي. تنھن ڪري ڊِڄندو آهي پر اِهي سڀ هڪ ٻئي سان جــُــڙيـــل / ڳنڍيل به آهن. جڏهن اندر ۾ غور ڪيم ته خبر پئي ته سڄو خوف ته اندر ۾ ئي ويٺل آهي. جنھن جو جسم کي خطرو آهي سو ته مون ۾ ئي موجود آهي. تنھن ڪري سڀ خوف خطرا ختم ڪري پنھنجي جاکوڙ جاري رکجي. موت کان ڪيترو به ڊڄبو ۽ ڀـَـڄــبــو ته به هڪ نه هڪ ڏينھن ضرور ايندو. جيڪو ڪـَــرڻــو اَٿئي سو جيئري ئي ڪر!
**
وڃــيــن نـــه پـيــھـــي، پـــِــٿــُــن لــئــه پـاتـارَ ۾
ڪنڌيءَ ۾ ڪيـھــي، هاجَ تنهنجي هنجهڙا

سمجهاڻي: جڏهن ڪو هنج پنھنجن ڳــُــڻــن يا اصل خوبين کان پري ٿي ٿو وڃي ته اُن کي سمجهايو وڃي ٿو ته اي هنج! تون ته سمنڊ جي اُونهي پاڻيءَ مان موتي ڪڍي ايندو آهين. سو هاڻي ڇو نه ٿو ائين ڪرين؟ پنھنجو ڪردار ڇو وِساري ڇڏيو اَٿئي جو ڪــِــنـــاري تي ننڍي، ميري، گيري ۽ گدلي پاڻيءَ ۾ پيو ڏِسڻ ۾ اچين؟ هــِــتـــي تنھنجو ڪھڙو ڪم آهي؟ وڃ وڃي پنھنجو اصل ڪم ڪر! سُھڻن اصُولن تي زندگي گُذار!
**
پھرِين ڪاري نانگ جـــِــي، ڪو ڇــِــرڪــيــل ڇيڙ ڪـَــرَي
هــِــي هـَــڻـــي ڏَنــگ ڏَســـائــيــو، تــه ويـجـهـــو تـــــان نـَـه وَري
جـيـڪــي ٽــَــپِ مــَــري، جــيــڪـــي سـِــڪـــي صحت کي

سمجهاڻي: ڪارو نانگ دهشت جي علامت هوندو آهي. وير به رکندو آهي پر اُهو تڏهن جڏهن هــُــن کي ڪو تڪليف ڏئي نه ته هرو ڀرو ڪنھن کي ستائيندو ناهي. سو ڪو کــُــٽـــيءَ کنيو اَڳرائي ڪري ساڻس کينس ڪندو يا کـــَــشــَـــٽ ڪندو ته پوءِ ڪارو نانگ به مــُــڙڻ وارو ناهي. اهڙو هنڌائتو ڏَنگ هڻندس جو ٿوري ۾ جان ڪو نه ڇــُــٽــنـدس يا ته ٺپ مري ويندو يا وري سندس صحت کري ويندي جو نه جيئرن ۾ هوندو نه ئي مــُــئـــلــن ۾.
**

سـُــر پـــِـــرڀــــاتــــي

صبح جي سوير کي پرڀات چئبو آهي. پرڀاتي اُها راڳـڻـي آهي جيڪا پرهه ڦــُــٽـــيءَ جو ڳائي ويندي آهي. هــِــن ســُــر ۾ شاهه لطيف پنھنجي دور کان اَڳ وارن سمن سردارن جي واکاڻ ڪئي آهي، جن ۾ لس ٻيلي جو هاڪارو حاڪم سپڙ ڄام به اچي وڃي ٿو. شاهه لطيف پنھنجي وقت جي حاڪمن جي ڪا به تعريف نه ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪري ها ته کيس ڪيترا ئي فائدا پوَن هان پر هــُــن ذاتي مفادن وٺڻ بدران حق ۽ سچ کي اوليت ڏني آهي. عوام جي راءِ ۽ خدمت کي اوليت ڏني اَٿائين. سمان ڄام پنھنجي عوام جا محبوب اڳواڻ هــُــئـــا. تنھن ڪري لطيف جا هيرا آهن. اِن حد تائين جو سپڙ ڄام کي پارس سان ڀيٽ ڏِني اَٿائين.
تون سپڙ، آئون سيڪڙُو، تون ڏاتار، آئون ڏوهه
تون پارس، آئون لوهه، ســَــڃــــيــن ته سون ٿيان
سپڙ ڄام ايترو عظيم هوندو تڏهن ته لطيف جھڙي گوهر شناس کيس پارس ڪوٺيو آهي. پارس اھڙي پٿر يا ڌاتوءَ کي چوَن ٿا، جيڪو لوھ تي گَسائبو ته سُون ٿي ويندو. اسان وڏڙن واتان ٻــُـــڌو آهي ته پنھنجي دور جي لس ٻيلي جي حاڪم ڄام سپڙ جي دَر تان سوالي خالي نه موٽندو هو. اِن کان سواءِ هــِــن ســُــر ۾ مڱڻھارن جو به ذڪر شامل آهي.
تون سـَــپڙ آءٌ سيڪڙُو، تون صاحِب آئون سڳ
پـُـڇـــِــي تنهنجو پَڳ، ڪـُــلهي پاتم ڪـِـينرو

سمجهاڻي: تون سپڙ ڄام سردار آهين. مان ته تو کان گـهـُــرنـدڙ مڱڻھار آهيان. تون مالڪ؛ مان تنھنجي در جو ڪــُـــتـــو آهيان. تنھنجو ناماچار ٻــُـــڌي؛ تنھنجو پنڌ پـُــڇـــائــــي؛ ڪــُــلــهــــي تي ڪينرو ساز کڻي اچي تو وٽ دانُ وٺڻ لاءِ پھتو آهيان. مون کي اُميد آهي ته تون منھنجي جهولي ڀري ڇڏيندين.
**
سيرانديءَ ساز ڪيو، سـُـمــهــيــن ســاري رات
جــــاجــڪــــاڻــــي ذات، اي هـــــــوءِ اڳــهــيـن؟
**
سـُــتــو ڪيئن ننڊون ڪرين؟ رو وهاڻي روءِ
سـُــــڀـان ساز سـَــندوءِ، پيو هـُـوندو پـَــٽ ۾

سمجهاڻي: شاھ لطيف ھنن بيتن ۾ وقت جي اھميت سمجھائي آھي. ميراثين ۽ مڱڻھارن جو ڪم ئي ڳائڻ وَڄائڻ هوندو آهي. سندن روزگار جو وَسيلو به اِهو ئي آهي پر انهن مان جيڪڏهن ڪو همراهه ســُــســــت ۽ ڪاهل ٿي ٿو وڃي ته پيو رُڳو ٿو ننڊون ڪري. اهڙي چنڊي کي شاهه صاحب هدايت ٿو ڪري ته؛ تنھنجيءَ ســُــســـتــيءَ سبب وقت گذرندو پيو وڃي. وقت جي وِهامڻ تي خوش ٿيڻ بدران ماتم ڪر؛ روءُ! جيڪڏهن وقت جو احساس نه ڪندين ته تنھنجو ساز ته هـِــتــي ئي هوندو پر تون نه هوندين. سو هاڻي تنھنجي مرضي جيڪا چــُـــونــڊ ڪرين؟
**
جنين سـُــک ناهي ڪو، چارڻ سي چئجن
رُڃن راهه پـُــڇــن، مٿي ڪـُــلـهـن ڪينرا

سمجهاڻي: سچا چارڻ يا مڱڻھار اُهي آهن، جيڪي هڪ هنڌ کــُــپ کوڙي نه ويھن. سير سفر ڪندا رهن. پنھنجي ڪم سان جـُــنـبــيــا رهن. ڏُکيي کان ڏُکيا Tasks کڻن. سدائين خطرن سان کيڏندا رهن. هــُــو هر وقت مقابلي ۽ مـُــشــَـــقــَـــت لاءِ تيار رهن. ڪــُــلـهــن تي ســُــرنــدا رکي، راڳ آلاپڻ لاءِ هر وقت تيار رهن. مقصد ۽ منزل حاصل ڪرڻ ڪاڻ جدوجھد جاري رکيو اچن.
**
سـَـــپــَـــڙ ساهُه پـَـساهِه، جاجڪ جـِـمَ وِســـارئــيــن
رَيھـَـي رُپــي سـَـنديـُـون، تـَـندون تـُـنـبـــِـيءَ کي پاءِ
لــنـگــهــــا! تـُـون لــِـيـــلاءِ، اڳـــيــــان وَڃـِـي اُنَ جي

سمجهاڻي: موسيقيءَ ۽ فن سان محبت ڪندڙن ۽ سخين جي وصف ۽ فنڪارن کي صلاح لطيف سائين ھن ريت بيان ڪري ٿو ته اي مڱڻا! تون متان سپڙ جھڙي سخيءَ کي وِسارين. تون گـهـُــرنـدو رهندين، هــُــو تو کي ڏيندو رهندو. ڪڏهن به پنھنجي مــُــنـھــن تي ڪو گـهـُــنـج نه آڻيندو ۽ نه ئي ڪو ڏوراپو ڏيندو. سو اهڙي سخيءَ لاءِ ته تون پنھنجي ساز کي وَڌيڪ سينگاري ســُــرنــدي ۾ چانديءَ جون تارون وِجهي وڃي آڏو وَڄائينس. ايلاز منٿون ڪرينس ته هــُــو تو کي اَڏي ڇڏيندو. مالا مال ڪري ڇڏيندو.
**
مـَـڱ تـَـنھين کان مــَـــڱــڻــا! جو ڏِهـاڙِي ڏِئــَـي
ڪـُـوڙا دَر دُنيا جا، جاجڪ منڱئين جي
سـُـــڀــان تــوهـِـين کي، موٽـِـي ڏيندا مـُـنھن ۾

سمجهاڻي: اي پنندڙ! تون اُن کان پن جيڪو حساب ئي نه ڪري بنا گـهــُـــرڻ جي تو کي روزانو ٿو ڏئي. باقي دُنيا جا سڀ در ڪـُــوڙا اَٿئي. هڪ ئي در سچو اٿئي. سو آهي ڌَڻيءَ جو دَر. باقي ٻين کان گـهـُــرنـديــن ته اُهي اهڙا اَٿئي جو ٻئي ڏينھن تي تو لاءِ اهڙو ڍِيڪ ڇڏيندا؛ مھڻو ڏيندا؛ ڏِنل ڏاڻ يا دان جي بدلي ۾ تو کان اهڙو ڪــُــڌو ڪم وٺندا جو مري ويندين. تنھن کان بھتر آهي ته اُنهن کان ڪـُـجـهــه به نه گـهــُــر!
**

ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي
آريون اَٻوجهن جون، سـپــَـــڙ ڄام سـَـهي
جو راءِ وٽ رات رهي، تنهن جــُـکـــي تان نه ٿئي

سمجهاڻي: اسان وٽ ذات پات ۽ اميريءَ غريبيءَ جو به وڏو فرق آھي. اسان جو طبقاتي نظام آھي، ان کي ننديندي / مُذمت ڪندي شاھ اسان کي سمجھائي ٿو ته؛ ذهانت ڪنھن جي به ملڪيت نه آهي. اِن لاءِ ڪنھن وڏيءَ ذات يا وڏي طبقي مان هـُــجـــڻ ضروري ناهي. ڪو انتھائي غريب يا سماج ۾ گهٽ حيثيت يا ذات واري هـُــئــڻ جو عذاب ڀوڳيندڙ به وڏو عـُــھــدو ماڻي سگهي ٿو؛ سائنسدان، انجنيئر، ڊاڪٽر، عالم فاضل، بـُــزرگ ۽ وزيرِاعظم به ٿي سگهي ٿو (اھڙا ڪئين مثال موجُود آھن) پر شرط اِهو آهي ته هـُــو محنت ۽ اَٽل اِرادو رکي. پنھنجي مقصد کي سامهون رکي سفر جاري رکي. دُنيا ۾ اهڙن انسانن جا هزارين مثال آهن. شروع ۾ اهڙن عظيم ماڻهن کي چريو چيو ويندو آهي. اِن قسم جي زماني جي نظر ۾ جـُــنــُــونـــي ۽ موڳن ماڻهن جا اَنگل ۽ لاڏ ڪوڏ يقينن ڪو نه ڪو برداشت ڪرڻ وارو به هوندو آهي يا سندن مددگار ۽ رھبر بڻبو آھي. هــِــتـــي بيت ۾ سپڙ ڄام (حاڪم) کي ماڻا سھڻ وارو سڏيو ويو آهي، جنھن جي علامتي معنيٰ ڌڻي سڳورو به ورتي وڃي ٿي. مطلب ته مالڪ اهڙن اٻوجهن کي تمام وڏو مانُ ۽ مرتبو عطا ڪندو آهي. جيڪو به راجا (رب) جي حضور ۾ راتيون جاڳي، جفاڪشي ۽ جاکوڙ ڪري ٿو، تنھن کي هـُــو نوازي ٿو. ڪنھن جو به پورهيو ضايع نه ٿو ٿئي.
**

ـُــر ڏَهـر

ڏَهر اهڙي رستي کي چوَندا آهن، جيڪو ٻن ڀــــِـــٽـــُـــن يا پھاڙن جي وِچ وارو ميدان يا رستو هــُــجــــي. لطيف سائين ڀــــِــٽــُــن ۽ جبلن ۾ به گـهــُــمــنـدو رهيو. هـِــن ســُــر ۾ به اِن سفر دوران ٿيل مــُــشــاهــدي کي پنھنجي ڪلام ۾ آندو اَٿائين. اِن کان سـواءِ مخدوم نوح سرور جا مــُــريــد به ڏهر جا بيت پڙهندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته لطيف سائين اُنهن کان متاثر ٿي ڏهر جا بيت چيا هــُــجـــن. هــِــن ســُــر ۾ ڪجهه جانورن، پکين جيئن مڇ، مڇيءَ، ڪــُــونــج، گهوڙيءَ، هڪ راجا جسودن آڳڙي، ڌاڙيل لاکــي ڦــُــلاڻــيءَ ۽ مختلف ذاتين جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.

ڍڪج ڍڪڻهار، ڏئي پاند پناهه جو
ستر ڪج ستار، جو عيبن ڀري آهيان
**
سـَـتــُـر ڪـر ستار! آءٌ اُگهاڙي آهيان
ڍَڪئين ڍَڪڻــَـهار، ڏيئي پاند پناهه جو

سمجهاڻي: شاهه لطيف جي هيءَ دُعا اڪثر ماڻهون نماز دوران به گـهــُــرنــدا آهن. کين ڪا مصيبت سامهون ايندي آهي يا تڪليف پھچندي اَٿن ته هڪ دم هيءُ بيت پڙهندا آهن. اي مالڪ سائين! اسان وٽ ته ڪجهه ڪو نه اَٿئي. اسان جا عيب نه کول. اسان جو اَندر اِڳڙيون لڳو پيو اٿئي. اسان کي اُگهاڙو نه ڪر؛ ٻاجهه ڪر؛ سڀني عيبن، ڏوهن ۽ ڪوتاهين تي پردو رک؛ پناهه ڏي! تنھنجي هڪ صفت ڍَڪڻھار / ڍَڪيندڙ به آهي. اسان ته آهيون ئي خطا جا پــُــتـــلا! سو پنھنجو ڪرم ڪر سائين!
**

ســـــــچُ ڪه سـُـڪـــو ڍور، ڪــــنـڌيءَ اَڪ ڦـــُـــــلاريــا
جــُـــنـگــن ڇڏيو زور، سـَــرُ سـُــڪـو ســُــونـگـــي گــيـا؟

سمجهاڻي: پاڻي زندگي آهي. جتي درياهه وَهي ٿو اُتي آبادي به ٿئي ٿي. جڏهن درياهه جو پاڻي سـُـڪــي ٿو وڃي يا درياهه رُخ تبديل ٿو ڪري وڃي ته اُن کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي؟ لطيف سائين اِن بابت چئي ٿو ته؛ اِها حقيقت آهي ته؛ ڍور يا ڍورو (مھراڻ) سـُـڪــي ويو آهي. نتيجي ۾ اُن جي ڪنڌيءَ / ڪناري ۽ پيٽ ۾ وَڻ، ٻـُـوٽــا ڦــُــٽـــي نڪتا آهن جن ۾ اَڪَ جو وَڻ به گــُــل جهليون بيٺو آهي. جڏهن درياهه سـُـڪـــي ويو آهي ته وَڻج واپار وارا به هـِـن علائقي ۾ نه ٿا اچن. جڏهن آمدني ناهي ته ٽيڪس ڇا جي؟ ٽيڪس اوڳاڙيندڙن جو هـِـتــي ڪھڙو ڪم؟
اسان وٽ به ڪٿي جڏھن ڏڪار يا قحط ايندو آھي يا تباھي ايندي آھي ته سرڪار ٽيڪس معاف ڪندي آھي. جيئن 2010ع دوران آيل ٻوڏ ۾ به ٻوڏ سٽيل ضلعن ۾ ڍل، آبيانا ۽ اوڳاڙيون معاف ڪيون ويون ھُيون. سو جڏھن بد حاليءَ ۾ ٽيڪس وڌائي يا وِڌي وڃي ٿي ته عوام دانھون ڪري ٿو.
**
ڪر ڪي ڳالهڙيون، ڪنڊا ڍور ڌڻين جون
ڪئن سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏينهن گذارئين

سمجهاڻي: درياهه ۾ جڏهن پاڻي تمام گهڻو هوندو هو؛ اُن جو سمورو وهڪرو جڏهن هـِــتـــان وَهندو هو، تڏهن هــِــن علائقي ۾ خوشحالي هـُــئـــي. سنڌو جڏهن هـِــن علائقي مان وَهڪرو مــَــٽـــائـــي ويـو تـه، اُن جي پيٽ ۾ ڪنڊيءَ جا وڻ، اَڪ، ٻــُــوڙا ۽ ٻيا ٻــُــوٽـــا ڦــُــٽــي پيا. ڪنڊي جي وَڻ کان مھراڻ جي اوج جي خبر پـُـڇــي ٿي وڃي ته اي ڪنڊا وَڻ! مون کي ڍوري (مھراڻ) جي مالڪن جون ڪي ڪھاڻيون ٻــُـــڌاءِ ته هـُــو پنھنجا ڏينھن ۽ راتيون ڪيئن گــُــذاريــنـدا هـُــئـــا؟ ڪنڊيءَ جي وَڻ جي عـُــمـــر وڏي ٿيندي آهي، جنھن ڪري هـُــن درياهه جو اوج به ڏِٺو هوندو ته ماروئڙن جون مـُــرڪــُـــون به پـَــســيــُـــون هـُــونـدائـيـن. ھن بيت ۾ ھڪ تاريخ به سموھيل آھي ته درياھ جي سُڪڻ جو افسوس به شامل آھي. ھن وقت به سنڌو درياھ جي ساڳي صُورت حال آھي. نتيجي ۾ سنڌ سُڪي ٿي پئي.
**
جان تو هـُـئـڙو سـُــورُ، ڪنڊا ڍور ڌڻين جو
مٿي لامن ٻــُـــور، موريءَ مڃر نه ڪرئين

سمجهاڻي: درياهه جي سـُـڪــڻ جو رُڳو اِنسانن کي ئي نه پر وَڻن ٽڻن ۽ حيوانن کي به ڏُک ۽ نقصان ٿيندو آهي. ڪــَـــنــڊيءَ جو وَڻ به اِنهن مان هڪ آهي. لطيف سرڪار ڪنڊي کي چئي ٿو ته جيڪڏهن تو کي واقعي / سچ ۾ درياهه جي وارثن جي وِڇوڙي جو ڏُک آهي ته پوءِ احتجاج ڇو نه ٿو ڪرين؟ احتجاج ڪھڙيءَ ريت ڪجي؟ وَڻ سـُــوال ڪيو. ائين ڪر جو پنھنجين ٽارين ۾ ٻــُــور ڪرڻ بند ڪري ڇڏ! جڏهن ٻــُــور نه ڪندين ته تنھنجو ٻج نه ٺھندو ۽ ٻج نه ٺھيو ته پوءِ ٻيو ڪنڊو ڪيئن پيدا ٿيندو؟
**
ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي؟
جسودن جيڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو.

سمجهاڻي: ڪنڊي کي درياهه جي تار وَهڻ جي ياد ڏياريندي شاعر فرمائي ٿو ته، اي ڪنڊي جا وَڻ! اُهي ڏينھن به ياد ڪر جڏهن مھراڻ ڀريو وَهندو هو ته تنھنجي ڏِک ئي ٻي هوندي هئي. ڏاڍو سائو، قد جو ڊِگهو ۽ ڪيڏو نه خوش هـُـئـيـن. جڏهن کان درياهه سـُـڪــي ويو آهي ته ماڻهن به منھن موڙي ڇڏيو آهي. ٻـُـڌاءِ ته ويجهڙائيءَ ۾ جسودن جھڙي راجا جو تو وٽان ڪو گذر ٿيو آهي؟ ماضيءَ ۾ ته هـُــو هـِــتــان جو مشھور پانڌيئڙو هو. پيو ايندو ويندو هو پر هاڻي مـُــنـھــن مــَــٽـــي ويو آهي.
ڪــُـــنـڍي ڪـَـليــُـن وِچ ۾، جڏهن هــَـنـيــائون
موت نه ماريائون، ڏور ڏيئي ويا ڏُک جي

سمجهاڻي: مڇيءَ کي ڦاسائڻ لاءِ جيڪا لوهه جي تکي ڪــُــنـڍي ٺاهي ويندي آهي اُن ۾ کاڌو وِجهي درياهه ۾ اُڇلبي آهي ته، مڇي کاڌي ۾ وات وِجهندي آهي ۽ شڪاري ســَـــٽ ڏيندو آهي. مڇيءَ لاءِ اِهو تمام گهڻو تڪليف وارو عمل هوندو آهي. شاھ لطيف به چوي ٿو ته؛ محبوبن به مون سان ائين ڪيو آهي. هــُــنــن جي محبت واريءَ ڪــُــنـڍيءَ ۾ ڦاسڻ کان پوءِ رِشتو ٽوڙي به نه ٿو سگهجي نه ئي ڦــَــٿــڪـــي سگهجي ٿو. تنھن کان ته هڪ ڌَڪ سان ماري ڇڏن هان ته ڀلو هو! هيءُ وِڇوڙي وارو اهڙو ڏُک آهي جيڪو ڪــُــنـڍيءَ وانگر آهي ۽ ڪــُــنــڍيءَ جي ڏور وري محبوبن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي پيا ٿا ڏور کي ســَـــٽــُــون ڏين.
**
جان جـَـرُ هـُــئـــڙو ســِـــيــرَ، تان تـُــون مــَــــڇ! نــه موٽــــئـــيــن
آڏا اَڏي ڪـــِــيــــرَ، گهـَــٽ بـه جهـَــــلــــِـــيــئــه گهــاتـُــوئــــيـن

سمجهاڻي: اي مانگر مڇ! تون به پاڻي نه هــُــجــــڻ ڪري ڏاڍو متاثر ٿيو آهين. جڏهن مھراڻ ۾ پاڻي هو ته ڪير به تو کي پڪڙي نه سگهندو هو؛ ڀـَـڄــي ويندين هــُــئــيــن ته موٽڻ جي نه ڪندين هــُــئــيــن. پاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ تون به ڏاڍو سوگهو ٿي پيو آهين. مھاڻن تنھنجا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. هــُــنــن وڏا ڪــِــلا / ڪــِــلَ / ڪــِــيــر کوڙي تو کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي مستيون ڪر ته خبر پـَـوَئــي؟ تو اسان سان جيڪي ظلم ڪيا هــُــئــا هاڻي هر هڪ ڏاڍ جو تو کان حساب وٺنداسين.
وَڳر ڪئو وتن، پـــِــرت نه ڇـــِـــنـن پاڻ ۾
پـَـسو پـَــکيئڙن، مـــاڙهــئــان ميٺ گهڻو

سمجهاڻي: پکي اڪثر ڪري وَلر جي صورت ۾ اُڏامندا آهن؛ گڏ داڻو چـُــڳــنـدا آهن. سندن محبت ۽ اتحاد مثالي آهي. هــُــو جڏهن هڪ ٻئي کان وِڇڙندا آهن ته ڏاڍيون رڙيون ڪندا آهن. اي انسانو! اوهان کانئن سبق سـِــکـــو! پاڻ ۾ پيار ۽ پريت اوهان کان وڌيڪ اَٿن. تنھن ڪري هڪ ٻئي سان ڦــَــڏا فساد ڇڏي محبتون وَنڊيو!
**
جاڳو جاڙيجا، سمان سـُـک مَ سـُـمهو
پـَـسيو آن پاريچا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري

سمجهاڻي: هيءُ بيت ماڻهن کي ســُــجــــاڳ ڪرڻ لاءِ پڙهيو ويندو آهي. جڏهن ڪو ڏاڍ ٿيندو آهي ته اديب، شاعر، سياستدان ۽ سماج ســُــڌارڪ هيءُ شعر پڙهي پنھنجيءَ تحريڪ کي زور وَٺرائيندا آهن. ماڻهن کي جاڳائيندا آهن. بيت ۾ هڪ ڌاڙيل لاکــي ڦــُــلاڻــيءَ جي چورين ۽ ڦــُــريـُــن کان بچڻ لاءِ جاڙيجن ۽ سمن کي سڏ ڪري چيو ويو آهي ته اُٿو؛ ننڊ ڇڏيو؛ اتحاد ڪريو! جاڳو نه ته ڦــُــرجـــي لــُــٽــجـــي ۽ مري ويندءُ! اسان هن وقت وِکريا پيا آهيون. ذاتين، قبيلن ۽ سياسي جهيڙن به تباهي آڻي ڇڏي آهي. اسان جي نااتفاقيءَ جو ٻيا فائدو وٺي، اسان کي ڦُري لُٽي رھيا آھن. تنھن ڪري لطيف سرڪار جي ھن بيت کي نعرو (Slogan) ٺاھي متحد ٿيون. محفلن ۽ جلسن ۾ جوش جاڳائڻ لاءِ لفظ جاڙيجا، سمان ۽ لاکو علامت طور سمجهيا ۽ ڪتب ايندا آهن.
**

سـُــر بـلاول

بلاول به هڪ راڳـڻـي آهي، جنھن ۾ ڌڻيءَ تعاليٰ جي ساراهه سان گڏ نبي ڪريم ﷺ، سخي حاڪم جادم جکري ۽ ڄام اَبڙي جي واکاڻ ٿيل آهي. اِن سان گڏ شاهه جو مزاحيا ڪلام، پنھنجي فقير وَڳــَـــنـڌ سان چرچن وارو ڪلام به ھن سُر ۾ شامل آهي. هـِــن کان اڳ ٻئي ڪنھن به سنڌي شاعر جو مزاحيه ڪلام نه مليو آهي. دَهليءَ جي حـُـڪــمــران علاءُ الدين خلجيءَ جي سنڌ تي حملي جو به بيان شامل آهي.
هـِــن ســُــر جي خاص ڳالهه اِها آهي ته لطيف سائين جادم جکري جي ڪردار مان ايڏو راضي، سـَـــرهــو ۽ متاثر آهي جو نبي ڪريم ﷺ کي به اِن نالي سان ياد ڪري ٿو. مثال لاءِ هيٺ ڏنل بيت ڏِسو!
جــکــــــري جــِــھـــو جــوان، ڏســان ڪــونـــه ڏيـــھــه ۾
مـُــھــڙ مـڙنـي مـُـرسـلـيـن، ســَــــرس ســــنـدس شــــان
فڪان قاب قوسين او ادنيٰ، اي مـُــيسر ٿـيـُـس مڪان
اي آگــي جــو احــســان، جـنـھـن هادي مـيـڙيـُــم هھڙو.

سمجهاڻي: جکرو ڇا ته عظيم انسان هو. سڄيءَ دُنيا ۾ مون کي اهڙو ماڻهون ٻيو نه ٿو سـُـجـهــي. سڀني پيغمبرن جو هو سردار ۽ سندس شان سمورن کان مٿي آهي. هـِــتـــي جکرو حضرت محمد ﷺ کي سڏيو ويو آهي جنھن کي الله پاڪ معراج ڪرايو. اِهو اعزاز ٻئي ڪنھن به نبيءَ کي حاصل نه ٿيو. اِن حوالي سان ڏِنل آيت جو ترجمون آهي ”حضرت محمد ﷺ ٻن ڪمانن جيترو ويجهو آيو بلڪه اُن کان به نزديڪ.“ اِهي الله پاڪ جا اَسان تي وڏا وَڙ آهن، جنھن حضرت محمد ﷺ جھڙو رهبر ۽ پيغمبر عطا ڪيو.
**
هٿان جادم جکري، وِٿي وچ مَ پوءِ
پـي پـي سو پـُـر ٿيو، جو حاتم پاسي هوءِ
ڪيف ڌاران ڪوءِ، جيئي ڪو مَ جـَــھــان ۾

سمجهاڻي: جادم جکرو عربستان جي سخي ڏاتار حاتم طائيءَ کان به اَڳرو آهي. اوهان اڃان وات مان مــَـس لفظ ڪڍندا / گـهـُــرنــدا ته هـُــو توهان کي تــُـــرت ئي ڏئي ڇڏيندو. جيڪو سندس ويجهو آهي، سو سندس سخاوت جا ڍُڪ ڀري ڀري ڍاپي پيو آهي. دُعا آهي ته شال اهڙو نشو سڄي جھان وارن تي چڙهي ۽ هــُــو جکري جهڙيءَ سخاوت کان سواءِ دُنيا ۾ رهي نه سگهن. لطيف پنھنجي ڪلام وسيلي سنڌ جي سڀني ڪردارن کي ظاھر ڪيو آھي. ھن ٻُڌايو آھي ته جادم جکري کان وڌيڪ دُنيا ۾ ڪو سخي ڪونھي. ھو انھن ڪردارن تي ناز ڪري ٿو.
**
هٿان جادم جکري، وٿي پوءِ مَ وِچَ
اچو آيا نچ، سمين وائي وات ۾

سمجهاڻي: جادم جکري وَٽ ڪا به دير ڪونهي. رُڳــو تــُـــنـھــنـجـــي ســُــســـتـــي آهي. تون گـهـُــريــن ته ملئي نه! سمين سردار جادم جا ته دَر کــُــلــيـــا پيا آهن. پيو ٿو هوڪا ڏئي ته اچو اچو! ڀلي ڪري آيا؛ سدا آيا!
**
اِيــــنـدي لــَــٿـــِــي اُڃ، پـــيــــــر پـــيــريـــنـدَي ٺــريـا
مــَنــجهه ويئرِيءَ ســُـڃ، ڪـــَــــرَ لــَــڌِي رِڻ اُڪارِين

سمجهاڻي: پرينءَ پياري ۽ سڄڻ سائينءَ سان ملندي دِل، من ۽ اَکيون ٺري پونديون آهن. جڏهن وٽن وڃبو ته سڀ دُک درد دُور ٿي ويندا آهن. پياس به ختم ٿي ويندي آهي. اهڙا دلبر کـڻــي ڪيڏو به ڏُور هـُــجـــن ۽ وَٽن وڃڻ لاءِ پير پـــِــٿــــُـــــون ٿي پون؛ پيرن ۾ لــِـڦـــُـــــون پئجي وڃن پر جڏهن وٽن پھچندا آهن ته پيرن جا ٿــَـــڪ نه رُڳو لھي پوندا آهن پر کين سـُــڪــُــون به ملندو آهي. ڦَٽ به ڇُٽي پوَندا آھن. اهڙن پانڌيئڙن جي برپٽ ۽ بيابان ۾ کــُــوهـــي / پاڻيءَ جو دُٻو ئي سنڀال لھندو آهي. هـُــو پاڻي به پاڻ سان ناهن کڻندا. جڏهن کين اُڃ لڳندي آهي ته کــُــوهــيءَ جي ڳولها ڪندا آهن، جيڪا سندن پياس پـُــوري ڪري منجهن اڳتي وَڌڻ جي همٿ پيدا ڪندي آهي. سو اُن کــُــوهـــيءَ جي به پارَتَ ٿيل آهي ته جيئن ان ۾ پاڻي موجُود رھي ۽ ٻيا پڻ پيئندا رھن.
جـَــــکـــرو جــَـــــس کـَـــرو، ٻــيا مــڙيئي مـَـل
سمي جي سھاڳ جي، ڪنھين نه پوي ڪل
مـــــٽي اُن مــــرســــل، اصـــل هـُــئـي ايــتري

سمجهاڻي: هـِــن بيت ۾ سخي جادم جکري جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي آهي. هـُــو وڏي جــَــسَ، شاباس لائق هو. ٻيا ته مـِــڙئــي نالي جا بھادُر هـُــئـــا. جکري سمين جي شان شوڪت جي ڪنھن کي خبر ئي ناهي. الله پاڪ اُن کي اهڙيءَ مــِـٽــيءَ مان جوڙيو هو جيڪا هـُــئــي مــَــسَ ايتري جنھن مان رُڳو هيءُ ٺھي سگهيو. اُن مان ٻئي کي ٺاهڻ جي گــُــنـجـــائــش ئي ڪا نه هــُــئـــي. (هــِــن بيت کي حضور اَڪرم ﷺ جي واکــاڻ لاءِ به ڪــَــتــَــب آڻبو آهي. عالمن جو خيال آهي ته شاهه صاحب حضرت محمد ﷺ کي جکري جي نالي سان شعر ۾ آندو آهي. شعر جي آخري سـِــٽ ۾ مــُــرســـل لفظ استعمال ڪري شاهه صاحب ڄڻ پاڻ ئي وضاحت ڪري ڇڏي آهي.)
**