مختلف موضوع

ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر

سنڌ جي تاريخي شهر ٺارو شاھ جي تاريخ، جاگرافي، اتان جي رھڻي ڪھڻي، شخصيتن ۽ ماڳ مڪانن بابت دستاويزي حيثيت رکندڙ ڪتاب جو ليکڪ ۽ محقق علي رضا قاضي آھي.
ھي ڪتاب خصوصن ٺاروشاه شهر جي مختلف شماريات تي مبني هڪ دستاويزي تحرير آهي. جيڪا بظاهر ته هڪ ننڍي، پر آئينده جي تاريخ نويسن لاءِ هڪ اهم ۽ بنيادي ڄاڻ جو ڪارڻ ٿيندي. علي رضا قاضيءَ جو هي قلمي پورهيو داد لائق آهي. هو خيرون لهڻي جو ٺاروشاه شهر جي هن معلومات کي دستاويزي طرز تي رقم ڪري هتان جي ماڻهن کي تاريخ جو حصو بڻائي رهيو آهي. هي ڪم دراصل اسان جي نوجوانن لاءِ به هڪ مؤثر ترغيب آهي ته هو پنهنجي پنهنجي حال وسائل ۽ محدود ڄاڻ جا بهانا بڻائي لکڻ کان نه لهرائن. مگر شروعات ڪري ڏين. ائين ’ڪڙو منجھه ڪڙي‘ جي مصداق هڪ راءِ جڙي پوندي جا ادب دوستن جي تعاون سان خاص اهميت اختيار ڪري سگھي ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 990
  • 215
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر

حق ۽ واسطا

علي ڪمپيوٽرس اينڊ پبلشرس ٺاروشاه، ضلعو نوشهرو فيروز، سنڌ

ڪتاب جو نالو: ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر
ليکڪ: علي رضا قاضي
نظرثاني: پروفيسر محمد هارون سومرو، استاد محمد ملوڪ مستوئي،
استاد عبدالعزيز خانزاده ۽ ڊي ايم شاهد سومرو
ڪمپوزنگ: مدثر سهتو
ٽائيٽل: پروفيسر جاويد مرزا
تعداد: هڪ هزار
سال: مارچ 2012ع

ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
[b]سنڌ سلامت ڪتاب گهر
[/b]books.sindhsalamat.com

ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

ارپنا

پنهنجي بابا استاد قاضي دين محمد سهتو مرحوم جنهن ننڍي لاڪون ادب ۽ تاريخ پڙهڻ ڏانهن شوق ڏياريو ۽ پنهنجي ٽن پٽن قاضي حسنين رضا، قاضي عباس رضا، قاضي سبطين رضا ۽ برادر مظفر سهتي جي ٻارڙن محمد علي ۽ صفيه (بيبو) جي نانءِ جن سان بي انتها پيار آهي.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٺارو شاھ 9 ڪلوميٽر“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخي شهر ٺارو شاھ جي تاريخ، جاگرافي، اتان جي رھڻي ڪھڻي، شخصيتن ۽ ماڳ مڪانن بابت دستاويزي حيثيت رکندڙ ڪتاب جو ليکڪ ۽ محقق علي رضا قاضي آھي.

ھي ڪتاب خصوصن ٺاروشاه شهر جي مختلف شماريات تي مبني هڪ دستاويزي تحرير آهي. جيڪا بظاهر ته هڪ ننڍي، پر آئينده جي تاريخ نويسن لاءِ هڪ اهم ۽ بنيادي ڄاڻ جو ڪارڻ ٿيندي. علي رضا قاضيءَ جو هي قلمي پورهيو داد لائق آهي. هو خيرون لهڻي جو ٺاروشاه شهر جي هن معلومات کي دستاويزي طرز تي رقم ڪري هتان جي ماڻهن کي تاريخ جو حصو بڻائي رهيو آهي. هي ڪم دراصل اسان جي نوجوانن لاءِ به هڪ مؤثر ترغيب آهي ته هو پنهنجي پنهنجي حال وسائل ۽ محدود ڄاڻ جا بهانا بڻائي لکڻ کان نه لهرائن. مگر شروعات ڪري ڏين. ائين ’ڪڙو منجھه ڪڙي‘ جي مصداق هڪ راءِ جڙي پوندي جا ادب دوستن جي تعاون سان خاص اهميت اختيار ڪري سگھي ٿي.

ھي ڪتاب 2012ع ۾ علي ڪمپيوٽرس اينڊ پبلشرس ٺاروشاه پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون علي رضا قاضيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

ساٿ سلامت سنڌ سلامت



[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

هڪ استاد هڪ ساهتڪ

سڄاڻ قومن جا باشعور فرد، ادب دوست انسان پنهنجي ذاتي معيار کي بهتر ڪرڻ کان وڌيڪ قومي سرمائي کي سهيڙڻ، تخليقي خواه تحقيقي ادب کي پروان ڏيڻ چاهيندا آهن. اها ئي انهن املهه انسانن جي مڃتا آهي. اهو ئي انهن جو سنديس آهي ته هو پنهنجي واهڻ، وسين، ڳوٺن، ڳلين سان پيار جي نسبت پنهنجي آس پاس جي تاريخ کي سموهي وٺن ته جيئن آئينده جا نسل پنهنجي تيز رفتاريءَ ۾ ماضيءَ جي حقائقن کان ڪٽجي نه وڃن.
اهڙي ادب دوستن جي سٿ ۾ علي رضا قاضيءَ جو به شمار آهي، جيڪو پنهنجي قلم کي پنهنجي علائقي، خصوصن ٺاروشاه شهر جي مختلف شماريات تي مبني هڪ دستاويزي تحرير رقم ڪري رهيو آهي. جيڪا بظاهر ته هڪ ننڍي، مگر آئينده جي تاريخ نويسن لاءِ هڪ اهم ۽ بنيادي ڄاڻ جو ڪارڻ ٿيندي. علي رضا صاحب هڪ لائق استاد آهي ۽ هڪ استاد ۾ لکڻ پڙهڻ جو ادبي مشغلو ان جي ايمان ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻجي ٿو، پسمنظر ۾ کيس موسيقي، روحاني ۽ ادبي سُتي پنهنجي گهرَ مان پئي آهي، هو هڪ ئي وقت پنهنجي چاچا عمر الدين ’بيدار‘ جي ادبي ادبي تسلسل پنهنجي بابا دين محمد سهتو جي راڳ ويراڳ ۽ چاچا عبداالرحمان فقير جي روحاني سرمائي جو ڄڻ ٽه رخو نمائندو آهي. هن طرح جي قلمي پورهيي سان جتي املهه معلومات ڪٺي ٿيندي، اتي سندس نامياچاري جا رخ به روشن ٿيندا. پنهنجي تاريخ ۽ تمدن، ثقافت ۽ تهذيب تي لکڻ افسانوي ادب کان وڌيڪ آهي. مگر شرط ته موضوع سان نڀاهه جا قدر پنهنجي پسمنظر ۾ تاريخ ساز ڪردارن کي نظرانداز نه ڪن. هر اهي پهلو ۽ لاڙا لکڻ ۾ ضرور اچن، جن جي وجود سان تاريخ جو دامن مضبوطي ماڻي سگهيو هجي. ادب احساسن جي تاريخ آهي. مذڪوره مواد پنهنجي عنوان ۾ جيترو متعلقه موضوعن جا انيڪ رخ اظاهرڻ ۾ ڪامياب ويندو، اوترو وڌيڪ مڃتا ماڻي سگهڻ جي قابل بڻبو. خاص طور ٺاروشاه جي تاريخ ساز شخصيتن جو تفصيل اڃا به تقاضا ڪري ٿو ته شخصيتن جي انيڪ پهلوئن جي اپٽار معنوي حسن کي مدنظر رکي ڪرڻ گهرجي.
قاضي علي رضا جو هي قلمي پورهيو داد لائق آهي. هو خيرون لهڻي جو ٺاروشاه شهر جي هن معلومات کي دستاويزي طرز تي رقم ڪري هتان جي ماڻهن کي تاريخ جو حصو بڻائي رهيو آهي. هي ڪم دراصل اسان جي نوجوانن لاءِ به هڪ مؤثر ترغيب آهي ته هو پنهنجي پنهنجي حال وسائل ۽ محدود ڄاڻ جا بهانا بڻائي لکڻ کان نه لهرائن. مگر شروعات ڪري ڏين. ائين ’ڪڙو منجهه ڪڙي‘ جي مصداق هڪ راءِ جڙي پوندي جا ادب دوستن جي مزيد تعاون سان خاصي اهميت اختيار ڪري سگهي ٿي. شرط آهي ته اسان ۾ ادبي جذبو، همٿ ۽ حوصلي سان پنهنجي اقدار جو حامل پئدا ڪري سگهي. جيڪو انشاءَ الله ٿي پوندو. ابتدائي معلومات جي لحاظ کان، هي ڪتاب اهميت کان خالي نه آهي، شرط آهي ته هن کي طالب علم ٿي پڙهجي نه ڪي عالم ٿي.
دعائن ۽ مبارڪن سان

ڀٽي اصغر ’ڀريائي‘
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺاروشاه

ڪکن پنن کي شاهد بڻايون

ڪکن پنن کي شاهد بڻايون

ياد نه ٿو اچي ته ڪٿي ڪنهن تقريب ۾ ٻڌو هئم يا ڪنهن رسالي ۾ پڙهيو هئم ته جيڪڏهن اسان جو پرائمري استاد جنهن ڳوٺ ۾ پڙهائي ٿو، انهيءَ ڳوٺ جو تاريخي پس منظر انهيءَ جي آبادي ۾ ماڻهن جي ڪرت لکي ته سڄي سنڌ جي حقيقي تاريخ منظر تي اچي وڃي. منهنجي خيال ۾ آڳاٽي دؤر جا پرائمري استاد اديب، عالم فاضل هئا. منجهن تخليقي سگهه به هئي. ليڪن هن دؤر جا استاد پنهنجو فرض صحيح معنى ۾ ادا ڪن ته اسان جي صحتمند معاشري جو قيام عمل ۾ اچي ويندو. موجوده حالتن ۾ پنهنجي معزز استاد صاحبان سان اهائي حجت ڪرڻ ڪافي آهي. حقيقت ۾ چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. جيڪو ماڻهو عملي طرح ڪجهه نه ڪجهه ڪري ٿو سچ ته اهوئي وڏو ڪردار آهي. موجوده دؤر ۾ جڏهن ماڻهن کي مٿي کنهڻ جيتري فرصت به نه ملي ته اهڙي وقت قاضي صاحب ٺاروشاه جي ماضيءَ تان پردا کڻي وڏي دل، جگر، گردي جو ڪم ڪيو آهي.
اسان جي وڏن اديبن عالمن جي نظر ۾ ڀلي هيءَ ڪا معمولي ڳالهه هجي پر مان سمجهان ٿو ته قاضي علي رضا صاحب جيڪو قلمي پورهيو ڪندي ٺاروشاه جي شاندار ماضيءَ کي چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان لاءِ کيس جس هجي. هن ماڻهو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي موضوعن کي ڇيڙي ڄڻ ته ٺاروشاه شهر جي اديبن ۽ عالمن کي ڪوٺ ڏني آهي ته اچو هن تحقيقي ڪم ۾ هڪ ٻئي جو سهارو بڻجي ٺاروشاه جي عظمت کي اجاگر ڪيون ۽ هتان جي درن ديوارن، ڪکن پنن کي شاهد بڻايون ته اسان پنهنجي امر ڪردارن کي ناهي وساريو. علي رضا قاضيءَ جي هن ڪاوش تي ۽ سندس شخصيت جو تصور ڪندي مونکي ڪنهن دانشور جو مقولو ذهن تي ٿو اچي ته ”مونکي ان ڳالهه جي ذري برابر پرواهه ڪانهي ته ڪا منهنجي قوم ٿوري آهي، مان زميني سائنس ۾ مهارت رکندڙ جي انهيءَ ڳالهه ۾ ويساهه رکان ٿو ته ننڍي مان ننڍي جبل مان سون جي کاڻ نڪري سگهي ٿي.“ ان چواڻي قاضي صاحب هڪ مهان اديب عالم جي حوالي سان کڻي هند سنڌ ۾ مڃتا نه ڪرائي آهي پر هن مخلص شخص جو خلوص ۽ سچائي ظاهر ڪري ٿي ته هن ماڻهو ۾ پنهنجي محسنن ۽ عظيم ڪردارن سان وفا ڪرڻ ۽ نڀائڻ واري سون جي کاڻ ضرور آهي. سندس اهو لکڻ پڙهڻ وارو جذبو ۽ تحقيقي سوچ جو انداز ضرور کيس مهانتا ڏياريندو. هيئنر هي جيڪو پنهنجي محسنن جو پاڻ کي قرضي سمجهندو احسان لاهڻ لاءِ تڙپندو مون جهڙي حقير ماڻهو تائين به پهتو آهي، سو اميد ڪجي ٿي ته ايندڙ نسل سندس قرضي ٿيندا ۽ احسانن جا ڳڻ ڳائيندا.
علي رضا جو هي ڪتاب پڙهي ۽ ڏسي سرهائي محسوس ڪيان ٿو. سندس لکڻ جو ڏانءُ وڻندڙ نظر اچي ٿو. موضوعن سان نڀاءَ جو انداز به نهايت ڪاريگري سان ٿيل آهي پر ڪٿي ڪٿي روايتي جملا ۽ عام رواجي شين تي لکڻ سان تحقيقي جي روح کي زخمي ڪيو ويو آهي. مثال طور، ريشم گلي، سبزي مارڪيٽ، گوشت مارڪيٽ جهڙيون شيون سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ موجود آهن. حقيقت ۾ ٺاروشاه جنڪشن تي لکڻ سان ئي پوري ڪتاب جو مواد ٿي سگهي ٿو ۽ ڄاڻ پڻ. بحرالحال نئين ٽهيءَ جي هن اديب ۾ عالمانه خاصيتون نظر اچن ٿيون. منهنجي دعا ۽ اميد آهي ته سدائين علي رضا صاحب ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي عالمن ۽ محققن جي پهرين صف۾ هوندو ۽ سندس علمي هڳاءُ سڄي سنڌ ۽ هند تائين رسندو. آمين

شعيب احمد تيوڻو
ٺاروشاه

نه ڪم نبريو، نه دم نبريو

نه ڪم نبريو، نه دم نبريو

سال 2010ع آڪٽوبر مهيني جي شروعات ۾ هڪ خيال ذهن جي در تي دستڪ ڏيڻ شروع ڪئي ته ڇو نه ساهتيءَ جي شاندار شهر ٺاروشاه بابت هڪ دستاويز تيار ڪجي. اصل ۾ اهو خيال نامياري عالم ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غلام محمد پهنور جي باني سائين غلام محمد پهنور جي ڪتاب ’اچو ته مٺياڻي گهمون‘ کي ڏسي آيو. پهنور صاحب اهو ڪتاب 1988ع ڌاري لکيو هو، جنهن ۾ مٺياڻي شهر جو پورو پروفائيل لکيو ويو آهي.
شروع وارن ڏيهاڙن ۾ مون به ان خيال جي پاڇي ۾ رهي، ابتدائي طور ٺاروشاه بابت 22 عنوان لکي ڪم شروع ڪيو. ارادو هي هو ته انهن 22 عنوانن کي ڪور ڪري هڪ دستاويز ڪتاب جي شڪل ۾ ڇپرائيندس. جيئن ئي انهيءَ ڪم ۾ هٿ وڌم ته ڪم ويو وسيع کان وسيع ٿيندو! اهڙي نوبت اچي وئي جو ٺاروشاه منهنجي لاءِ هڪ ننڍڙي ڪائنات ٿي وئي، جنهن جو ٻيو ڇيڙو منهنجي هٿ ۾ نه پئي آيو. آخر هي فيصلو ڪيم ته جيڪو به لکيو اٿم اهو همٿ ڪري ڇپرائجي پوءِ جيڪڏهن همٿ سلامت رهي ته ان ڪم کي ٻئي ايڊيشن جي ۾ صورت اڳتي وڌائبو، جي نه وڌائي سگهيس ته ’جهڙو حال، پريان نال‘ جي محاوري جيان خاموش ٿي ويهي رهبو.
ٺاروشاه بابت معلومات گڏ ڪرڻ منهنجي لاءِ انهيءَ ڪري به مشڪل ثابت ٿي رهيو هو جو مان هتان جو ڄائو نه آهيان. منهنجو ڳوٺ دليپوٽا هن شهر کان 9 ڪلوميٽر پري آهي. ان ڪري هر شيءِ بابت معلومات لاءِ مختلف ماڻهن سان ڪچهريون ٿينديون رهيون. هتي اها ڳالهه به واضح ڪندو هلان ته هن ڪتاب جو نالو ’ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر‘ به انهيءَ حوالي سان رکيم، ڇاڪاڻ ته ٺاروشاه منهنجي ڳوٺ دليپوٽا کان 9 ڪلوميٽر پري آهي.
معلومات ڪٺي ڪرڻ لاءِ، ظاهر آهي ته ڪچهرين لاءِ وقت درڪار هو. جنهن لاءِ ڪڏهن منهنجي مصروفيت اڳيان ٿي آئي ته ڪڏهن جنهن شخص سان ملاقات ڪري ان کان ٺاروشاه بابت معلومات وٺڻي هئي، انهيءَ وٽ منهنجي لاءِ ٽائيم نه هو. ان باوجود ٺاروشاه ۽ ڀرپاسي ۾ دوائن جي حوالي کان مشهور ’اشفاق ميڊيڪل اسٽور‘ تي هلي ويس. جتي موجود مشتاق ميمڻ ۽ ان جي والد حاجي عبدالقيوم صاحب سان ٺاروشاه متعلق رهاڻ ڪرڻ جو موقعو مليو. جنهن کانپوءِ پنهنجي دوست صحافي ثناءِ الله چنڙ جي ٽي وي چينل آفيس ۾ ٺاروشاه جي نوجوان صحافي شاهد سومري سان ملاقات ٿي. هن سان ڪتاب بابت ويچار ونڊيم ته هن بنا دير پنهنجي اوطاق تي اچڻ جي دعوت ڏني. ٻئي ڏينهن تي ٺاروشاه جي سومرا محلا ۾ شاهد جي اوطاق ۾ موجود هئس. اتي سندس جا ٻيا ٻه دوست به موجود هئا. هڪ اياز جانوري صاحب ٻيو راشد سومرو صاحب جن کان واري واري سان ٺاروشاه جي حال ۽ ماضيءَ جو احوال وٺي نوٽ ڪندو رهيم. سچي ڳالهه ته هي آهي جو هي دوست ايترو ته تعاون ڪندڙ هئا جو جيڪا ڳالهه هنن کي معلوم نه هئي اها فورن فون ڪري پنهنجن ٻين دوستن کان پڇندي مونکي ٻڌائي رهيا هئا. مطلب ته مون وٽ اهڙو ڪو به سوال نه هو جنهن جو جواب منهنجي سڄڻن وٽ نه هجي. جنهن لاءِ مان اڄ به سندن تمام گهڻو شڪر گذار آهيان. انهيءَ دؤران منهنجي ملاقات ٺاروشاه ۾ سيري ٺاهڻ جي حوالي سان مشهور محترم شمس الدين ميمڻ صاحب سان ٿي، جنهن کان به مون کي تمام گهڻي معلومات ملي.
شاهد سومري ۽ هن جي دوستن کانپوءِ منهنجو رخ ٺاروشاه جي تعليمي کيتر ۾ نئون پير پائيندڙ اسلامي دنيا جي مشهور اڪابر امام غزاليءَ جي نالي سان وجود ۾ ايندڙ غزالي اڪيڊمي ڏانهن هو، جتي اسان جو دوست پروفيسر نعمت الله سومرو ويهندو آهي. سائين سومري صاحب سان چندر جي شهر بابت خيالن جي چڱي خاصي مٽا سٽا ٿي. ان جي وچ ۾ سائين ملوڪ مستوئي صاحب به اچي ويو. جيڪو ته ڄڻ منهنجي لاءِ الله تعالى جي غيبي مدد هو. پوءِ ته سائين سان به ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿيون. ايتري تائين جو سائين سان گڏ ٺاروشاه جون اهي جڳهون به ڏسڻ ويس جن متعلق مونکي اڳي ڪجهه به ڄاڻ نه هئي.
سائين ملوڪ مستوئي جي ئي اوطاق تي ٺاروشاه جي سماجي ورڪر بابو اسلم فوجي سان ملاقات ٿي. جنهن جي شخصيت کي ڏسي هن تي روزانه سوڀ ۾ ’ٺاروشاه جو مسڪين جهان خان کوسو‘ جي سري هيٺ هڪ مضمون لکي ورتم. انهيءَ مضمون جي ڪري ٺاروشاه ۾ مونکي گهڻي پذيرائي حاصل ٿي، جنهن کانپوءِ منهنجي ملاقات سيد رمضان شاه صاحب سان ٿي. شهر جا هي سيد شهر جي باني سيد ٺاروشاه جا پوئينر آهن. سائين سان رات جو ملاقات ٿي. سندس پاران ڪيل ڳالهين جي نوٽنگ به ڪيم پر پاڻ اهو چئي نوٽنگ کان منع ڪئي ته ”مان توهان کي هنن ڳالهين بابت هڪ تفصيلي مضمون لکي ڏيندس.“۔۔۔۔۔۔ ۽ اڄ سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو. ان جي وچ تي مان سائين جن کي بابو اسلم جي معرفت ڪيترائي ڀيرا يادگيري ڏياريم پر شايد سائين رمضان شاه تمام گهڻو مصروف ماڻهو آهي!
اهڙي ريت ٺاروشاه جي هڪ قدآور شخصيت باغي عباس جي نالي سان ٿي گذري آهي. سندس متعلق سائين ملوڪ مستوئيءَ ٻڌايو ته باغي عباس پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ڪارڪنن منجهان هو. هن جو تخلص ’باغي‘ هن جي سڄي شخصيت جو آئينو هو. سائين ملوڪ اهو پڻ ٻڌايو ته باغي عباس جي اردو، سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ انقلابي شاعري آهي. ٺاروشاه جي خانزاده برادريءَ سان واسطو رکندڙ باغي عباس لاءِ سائين ملوڪ چيو ته هن جي حياتيءَ بابت هڪ تفصيلي مضمون مهيا ڪندو پر ’اهي ڏينهن، اهي شينهن‘ ٺاروشاه شهر لاءِ معلومات لاءِ منهنجي اهم ملاقات سيد امتياز حسين شاه صاحب سان ٿي. ماکي جهڙي مٺڙي هن ماڻهو جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سائين وٽ منهنجي ڪتاب جي معاونت لاءِ لکيل ڪجهه ڪاغذ هئا جيڪي منهنجي حوالي ڪيائون. مان سائين سان سيد عارف شاه اول ۽ ٺاروشاه جي محسن سيد نذير شاه متعلق تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪي مضمون منهنجي هن ڪتاب جو حصو آهن. هن ڪتاب جي لکڻ کان ڇپجڻ تائين جن ماڻهن منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو انهن ۾ علي ڪمپيوٽرس جا مالڪ مظفر علي سهتو، مدثر علي سهتو صاحب جو پاڻ کي ٿورائتو سمجهان ٿو
انهن دوستن جي مهربانين کانسواءِ ڪجهه مشڪلاتون به رهيون. جيئن ڪتاب جو مواد هٿ ڪري لکڻ شروع ڪيم ته عزيزم ڀيڻويي عبدالجبار پيرزادي جو انتقال ٿي ويو جنهن سبب ذهني صدمي سبب اٽڪل ٻه مهينا ڪتاب جي ڪم کان پري رهيس. اپريل ۾ بابا سائين مٺياڻي هاءِ اسڪول جي رٽائرڊ هيڊ ماستر دين محمد سهتي جي وفات جو صدمو ٿيو. جيئن ته هي ڪم نج ذهني آهي، ان ڪري ڪافي مهينن تائين ڪم کي بريڪ لڳي وئي. موسم جي شدت به منهنجي هن پورهيي ۾ حائل رهي. جيئن ته معلومات نوٽنگ ڪري ڪمپيوٽر تي ڪمپوز به پاڻ ئي ڪندو هئس. ان ڪري گرميءَ جا هي مهينا ڄڻ موڪل تي رهيس. پوءِ به حال حاضر جيڪي شيون آهن. اهي لکت ۾ توهان جي اڳيان، ان اميد سان آڻي رهيو آهيان ته منهنجون غلطيون درگذر ڪيون وينديون. باقي ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ پبلڪ پراپرٽي هوندو آهي. جنهن تي تنقيد ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي.
ها! هڪ ڳالهه سر تسليم خم آهي ته ٺاروشاه جي ماضي، حال، مستقبل تي ڪم ڪرڻ تمام اڻانگو ۽ اڻ کٽ ڪم آهي. سو دوستو مونکان نه ’ڪم نبري سگهيو نه غم.‘ اهو اعتراف آهي ته ڪافي شين جو ذڪر نه ڪري سگهيس جنهن لاءِ معذرت خواهه آهيان.
’نه ڪم نبريو نه غم نبريو، جيڪو نبريو سو ئي دم هوندو.‘ (استاد بخاري)


علي رضا قاضي
ليڪچرر، سنڌي شعبو
غلام رباني آگرو،
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو

ٺاروشاه، اتهاس جي آئيني ۾

ٺاروشاه، اتهاس جي آئيني ۾

اسان جيڪڏهن فقط موجوده شهر ٺاروشاه جي تاريخ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته انهيءَ ۾ اسان کي ڪڏهن به 100 سيڪڙو ڪاميابي نه ملي سگهندي. سواءِ پيڙهي به پيڙهي منتقل ٿيندڙ احوالن جي. جن جي موجوده جديد دؤر ۾ ڪابه حيثيت نه ٿي بچي. انگريز مورخَ هيوز جي گزيٽر کانپوءِ ڊاڪٽر حامد خانائيءَ پنهنجي ڪتاب ’نوابشاه ضلعو، تاريخي شهر ۽ شخصيتون‘ ۾ ٺاروشاه جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو به گهڻو تڻو ٻڌل ڳالهين تي ئي مشتمل آهي ۽ اها سنڌي قوم جي ڪيڏي بدقسمتي چئجي جو پنهنجي ماضيءَ جي 2 سؤ کان 3 سؤ سالن جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ به ڌُڪن جو استعمال ڪيو پيو وڃي. هن شهر جي قائم ٿيڻ بابت حامد خانائي صاحب لکيو آهي ته ”سن 1792ع ڌاري سيد ٺاروشاه نالي هڪ شخص ڪوٽ بهادر، جيڪو هاڻي به ٺاروشاه جي ڀرسان هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي مان، اتي جي مقامي هندو ديوانن سان جهيڙي کانپوءِ لڏي اچي آباد ڪيو. هاڻي اهو به تاريخ کي ئي طئي ڪرڻو هو ته ٺاروشاه نالي سيد هن ڳوٺ کي آباد ڪيو يا هن وسندي جو پراڻو نالو فتحپور مٽجي ٺاروشاه ٿي ويو. جڏهن ته ڪجهه سيني به سيني ايندڙ روايتن مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته سيد ٺاروشاه نالي بزرگ ڪوٽ بهادر مان هندن سان جهيڙو ڪري هتي نه آيو پر هي سيد اصل ۾ روهڙي جو رهاڪو هو، جيڪو سير سفر يا مرشد جي حڪم تي اچي هن شهر ۾ رهيو. اهي سڀ سيني به سيني ايندڙ روايتون آهن ۽ اسان جي بدنصيبي وري شروع آهي ته اهڙن معاملن ۾ اسان جي تاريخ بنهه خاموش تماشائي جي ڪردار کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. ميرن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ هالاڻي جنگ جو سال 1783ع آهي. جنهن لاءِ اهو پڻ لکيو ويندو آهي ته مير فتح علي خان جو لشڪر فتحياب ٿيڻ کانپوءِ ڪنڊياري کان اڇي مسيت واري رستي تان ٺاروشاه کان ڪراس ٿي 6 ميل پري نوشهري فيروز جي ٻاهران فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. نوشهري مان عام مطلب ته نئون شهر ورتو ويندو آهي. جڏهن ته ڪن ماڻهن جي خيال مطابق نوشهرو 9 ننڍن ڳوٺن تي ٻڌل هڪ علائقو هو جنهن کي فيروز ويراڙَ، جيڪو ڪلهوڙا حڪمران مير نصير فقير جي فوج جو هڪ جرنيل هو، انهن 9 ڳوٺن کي گڏائي هڪ شهر قائم ڪيو. هاڻي پاڻ جيڪڏهن حامد خانائيءَ جي راءِ جو ڇيد ڪنداسين ته آساني سان پتو پئجي ويندو ته ٺاروشاه، هالاڻي جي مشهور جنگ کان 9 سال پوءِ آباد ٿيل وسندي نه آهي. جڏهن ته اڄ به آبادي توڻي ايراضي، ظاهري ڏيک ويک ۾ ٺاروشاه نوشهري فيروز کان وڏو شهر آهي. هن شهر جو عمارتي اسٽرڪچر، نوشهرو فيروز کان گهڻو پراڻو معلوم ٿئي ٿو. جڏهن ته انهيءَ حوالي سان آرڪيالاجي وارن جي مدد به درڪار آهي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه به طئي آهي ته نوشهرو، بادشاهن جي سرپرستي هيٺ اڏيل شهر هو. اڄ به بادشاهن جي ڪري ضلعي هيڊ ڪواٽر جو درجو پاڻ وٽ سانڍي ويٺو آهي پر ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن ٺاروشاه جي ڳالهه ڪجي ته هن شهر ۾ هن وقت تائين تعلقي هيڊ آفيس به قائم نه ٿي سگهي آهي. جنهن باوجود هن شهر جي هيڏي ساري رٿابندي مان اها ڳالهه ثابت آهي ته ٺاروشاه جو قيام 1792ع کان گهڻو اڳ جو آهي. باقي ان کي انگريز سرڪار 1875ع ۾ سٽي سروي تحت ريگيولرائيز ڪيو. ٻيون نمبر ڳالهه ته ساهتيءَ جا اڪثر شهر دڙن تي ٻڌل آهن، جيڪي ڪلهوڙن جي يا انهن جي دؤر کان اڳ مغلن جي حڪومت ۾ آباد ٿيا هوندا، جڏهن ته ٺاروشاه ڪنهن به دڙي تي ٻڌل شهر نه آهي، جنهن مان اهوگمان ڪري سگهجي ٿو ته هي شهر عربن جي فتح کان اڳ به موجود هو. پوءِ انهيءَ جو نالو ڪهڙو هوندو؟ اهو معلوم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ممڪن آهي عربن جي فتح بعد هن شهر جو نالو فتح پور پيو هجي؟ ’چچنامي‘ ۾ به اهڙا اشارا موجود آهن ته عربن پنهنجي مفتوح شهرن کي گهڻو ڪري ’منصوره يا فتح‘ جي نالي سان تبديل ڪيو آهي. جيڪو پوءِ سترهين صدي جي پڇاڙي يا ارڙهين صدي جي شروعات ۾ مَٽجي هڪ سيد بزرگ ٺاروشاه جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. ٽين اهم ڳالهه به هتي مان لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته سال 2004ع ۾ سنڌ ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد ۾ منهنجي ملاقات سنڌي ٻولي جي ماهر ۽ لوڪ ادب تي تمام گهڻو ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان ٿي هئي. جنهن سان منهنجي تعارف دؤران جڏهن اها ڳالهه نڪتي ته مان ٺاروشاه ڀرسان هڪ ڳوٺ جو رهواسي آهيان ته سندس هي ڳالهه منهنجي سامهون انڪشاف جي صورت ظاهر ٿي ته ٺاروشاه جو شهر اصل ۾ هڪ هندو ديوان ’ٺارو مل‘ جي نالي تي آباد ٿيل وسندي هئي. جنهن کي پوءِ هڪ سيد جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. خير اهي سڀ روايتون آهن جن کي بهتر ٿيندو ته سائنسي بنيادن تي پرکيون، ڇاڪاڻ ته سائنس اسان کي اسان جي سوالن جا بهتر نموني سان تسلي بخش جواب ڏئي سگهي ٿي.

ٺاروشاه جو ماضي بعيد: ڀرائيءَ جو دڙو

ٺاروشاه جو ماضي بعيد: ڀرائيءَ جو دڙو

پاڻ جيڪڏهن ڀرائيءَ جي دڙي کي ٺاروشاه جو ماضي بعيد ڪوٺيون ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ٺاروشاه کان اوڀر پاسي هڪ ڪلوميٽر ڏور هن وسندي جو آخري نشان دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هن دڙي تي ڀرائيءَ جو نالو ماضي قريب جو معلوم ٿئي ٿو. سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جي شروعاتي دؤر يعني سورهين صدي جي پڇاڙي ۾ سڄي سنڌ جيان هتان جي مقامي ماڻهن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي. ساهتي پرڳڻي ۾ اها مزاحمت جيڪا بعد ۾ گوريلا جنگ ۾ تبديل ٿي وئي، ان جا تاريخ ۾ ٻه مکيه ڪردار ملن ٿا. جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر به هئا. هڪ ڄام ههيو جنهن جي جاگير هڱورجا ۽ ڪوٽڙي محمد ڪبير جي آس پاس هئي، ٻيو دائود پور جو ڄام محمد، جيڪو ساهتيءَ جو سردار هو. ان جو گاديءَ جو هنڌ دائود پور، هن وقت ٺاروشاه کان مڃٺ ويندڙ رستي تي تڳرن جي ڀرسان هڪ دڙي جي شڪل ۾ موجود آهي. مغلن، ڄام هيي کي اغوا ڪرڻ بعد ماري هن جو لاش گم ڪري ڇڏيو ۽ علائقي ۾ اها ڳالهه پروپيگئنڊا جي صورت ڦهلائي ته هو انتهائي ظالم هو. انهيءَ ڪري هن کي ملائڪ ماري لاش آسمان ڏانهن کڻي ويا. جڏهن ته ڄام محمد، مغلن سان هڪ جهڙپ جي نتيجي ۾ مارجي ويو.
ڄام محمد کانپوءِ هن جي ستن ڌئيرن گوريلا جنگ جي ڪمان پنهنجي هٿ ۾ کنئي هئي. انهن مان ستين ڀرائي هئي. ساهتي جي اها عظيم عورت ٺاروشاه کان ٻاهر مغلن جي مٿان ٿيل هڪ راتاهي ۾ قتل ٿي وئي. جنهن کان پوءِ هن جي ساٿين هن جي قبر ان دڙي تي ٺاهي. اهڙي نموني ان دڙي جو نالو ڀرائي جو دڙو پئجي ويو. ٻي اسٿاني روايت موجب مغلن جڏهن ڄام محمد جي گهر تي حملو ڪيو ۽ ان ۾ گهر جا سڀ مرد مارجي وڃن ٿا ته اتي موجود عورتن آسمان ڏانهن منهن ڪري پنهنجي عزت محفوظ رکڻ لاءِ دعا گهري، جيڪا اگهاڻي. انهيءَ جڳهه تي زمين ڦاٽي پئي ڪجهه بيبيون ته ان ۾ هليون ويون جتي هاڻي ستين جو آستان آهي. جڏهن ته ڪن کي قدرت طرفان اڏامڻ لاءِ پر ملي ويا. هو ڀڙڪو کائي اڏامي ويون. انهن مان ٻه عورتون بيبي سونَ ۽ ساران دليپوٽن کان نوشهري ويندڙ رستي تي ڳوٺ حاجي بيگ محمد پهنور جي ڀرسان لٿيون هنن جو مدفن به اتي ئي ٿيو. اڄ به اهو مقام سون ساران جو قبرستان سڏجي ٿو. جڏهن ته ٻي بيبي جنهن جو نالو ڀرائي هو اها ٺاروشاه ڀرسان ان دڙي تي لٿي، جنهن جڳهه تي بعد ۾ هن جي قبر موجود آهي.
اهي ته ڀرائيءَ جي دڙي جي نالي بابت ڪجهه ڏند ڪٿائون آهن. جڏهن ته مان اها ڳالهه يقين سان لکان ٿو ته هي دڙو مغلن جي سنڌ مٿان حاڪميءَ کان گهڻو اڳ جو آهي. هن وقت به جڏهن توهان ڀرائي جي دڙي کي هوائي رستي موهن جي دڙي سان مفاصلي ۾ آڻيندا ته انهن ٻنهي جو مفاصلو فقط 22 ڪلوميٽر ملندو. جڏهن ته پاڻ پنهنجي شينهن درياه بابت ان حقيقت کان آگاهه آهيون ته سنڌو دنيا جي اها واحد ندي آهي جيڪا پنهنجو رستو بدلائيندي رهندي آهي. منهنجي ذاتي خيال مطابق ٺاروشاه جي ڀرسان موجود هي دڙو انهيءَ وقت يعني اڄ کان هزارين سال اڳ موهن جي دڙي جي، جيڪو تڏهن جو شاندار شهر هوندو، نواحي وسندي هئي. نه رڳو ڀرائيءَ جو دڙو پر ان جي ڀرسان اتر طرف هڪ ٻيو دڙو به موجود آهي جنهن مان اها ثابتي ملي ٿي ته موهن جي دڙي جي آس پاس ڪيترائي ٻيا ننڍا وڏا شهر آباد هئا. مان ٻه ڀيرا انهيءَ دڙي تي تحقيق سانگي ويو آهيان. اتان جي مقامي ماڻهن مطابق جڏهن برسات ٿئي ٿي ته دڙي مان ڪيتريون ئي ناياب شيون ظاهر ٿين ٿيون جيڪي بعد ۾ ضائع ٿيو وڃن. انهن شين ۾ چانديءَ ۽ ٽامي جا سڪا ۽ پراڻا ٿانوءَ شامل آهن.
هڪ ڳالهه نهايت اهم ته هاڻي ان دڙي کي قبرستان بنايو ويو آهي. ڀرپاسي ۾ رهندڙ ذاتيون جن ۾ جانوري، ٻٻر، وڳڻ شامل آهن پنهنجن مُردن کي دڙي تي دفنائين ٿا. انهن مان ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته قبرن جي کوٽائيءَ دؤران هنن کي ٻين شين سان گڏ ڪيترائي اهڙا لاش مليا آهن جن مان پتو پوي ٿو ته هو ڪو ڪم ڪندي مري ويا هجن. ڪو ماڻهو ويٺو آهي ته ڪنهن جو لاش بيٺل حالت ۾ ملي ٿو. جنهن ۾ اسان اهو اندازو به آسانيءَ سان لڳائي سگهون ٿا ته اهي سڀ نشانيون موهن جي دڙي ۾ به هيون، جتي ڪم ڪار ۾ رڌل ماڻهن جا لاش مليا آهن. هاڻي اميد آهي ته پاڻ ان نتيجي تي با آساني پهچي وينداسين ته هي دڙو موهن جي دڙي سان گڏ آَباد هو ۽ تباهه به موهن جي دڙي سان ئي گڏ ٿيو آهي. قوي امڪان هي به آهي ته هڪ زبردست زلزلي هن سڄي علائقي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو هوندو. اهڙو خطرناڪ زلزلو جنهن ۾ ماڻهن کي پنهنجي پوزيشن بدلائڻ جي مهلت به نه ملي سگهي هجي.
خير! ڀرائيءَ جي دڙي تي اسان کي تحقيق لاءِ سائنس جي مدد درڪار آهي. مان شاه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ قديم آثارن جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ پروفيسر غلام مصطفى شر سان ٻه ڀيرا ملاقاتون ڪري هن کي ڀرائيءَ جي دڙي تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي دعوت ڏئي چڪو آهيان. مان جڏهن شر صاحب کي ڀرائي جي دڙي بابت ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون ته هن تجسس ۽ حيرت جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجو ڀرپور شوق ظاهر ڪيو ته هو ڀرائيءَ جو دڙو گهمڻ چاهيندو پر انهيءَ کي به 8 مهينا پورا ٿيڻ تي آهن، اڃا تائين شر صاحب ٽائيم نه ڏئي سگهيو آهي. مٿي لکيل مضمون ۾ منهنجو نج مقصد هي آهي ته ٺاروشاه جي ماضي يا جنهن کي پاڻ قديم ٺاروشاه چئون، اهو ڀرائيءَ جو ئي دڙو آهي. جنهن تي اڄ به ٺاروشاه واسين کي ناز هجڻ گهرجي ته هو هڪ زبردست ماضيءَ جا مالڪ آهن.

ٺاروشاه ۾ انگريزن جو دؤر

ٺاروشاه ۾ انگريزن جو دؤر

پاڻ مٿي ٺاروشاه اتهاس جي آئيني ۾ لکي آيا آهيون ته هي شهر اتهاس جي لحاظ کان 2 کان 3 هزارن سالن تي ٻڌل آهي پر جيئن ته ان وقت جو ڪوبه رڪارڊ نه ملي سگهيو آهي، تنهن ڪري سڀ ڳالهيون ڄڻ ڏند ڪٿائن جو حصو ٿي ويون آهن. 1843ع کان سنڌ ۾ شروع ٿيندڙ برٽش راڄ کانپوءِ ٺاروشاه جي تاريخي اهميت کي نظر ۾ رکندي، هن شهر کي باقاعده طور رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو. انگريزن هن شهر جي اهميت کي سمجهندي نه فقط هن کي ريل جي لائين وسيلي پوري ملڪ سان ڳنڍي ڇڏيو پر هڪ عاليشان جنڪشن به قائم ڪيو، انهيءَ کانسواءِ 1944ع ٺاروشاه جي تاريخ ۾ اهو سال يادگار آهي جڏهن ساهتي پرڳڻي مان هن شهر کي اهو اعزاز مليو ته هن ۾ بجلي جو جنريشن پلانٽ قائم ٿيو. اهي ٺاروشاه جا سونا سال هئا، جڏهن مورو. نوشهرو، ڪنڊيارو، ڀريا، درٻيلي ۽ ٻين ڪيترن ئي شهر کي هتان بجلي فراهم ڪئي ويندي هئي.
انگريزن جي ئي دؤر ۾ ٺاروشاه ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ جو وجود عمل ۾ آندو ويو، بعد ۾ شهر کي سٽي سروي قرار ڏنو ويو. ٻي اهم ڳالهه ته انگريزن، نوشهروفيروز سب ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي رهائشگاهه هن شهر ۾ ٺهرائي. ٺاروشاه ۾ ڪجهه وقت لاءِ هڪ ائڊمنسٽريٽر پڻ مقرر ڪيو ويو، جيڪو روينيو وصول ڪندو هو ۽ ان جو عهدو مختيارڪار جي برابر هو. 1861ع ڌاري قائم ڪيل هتان جي ميونسپالٽيءَ لاءِ انگريز مورخ هيوز لکي ٿو ته سن 74_1873ع ۾ ٺاروشاه جي آمدني 2194 روپيه جڏهن ته خرچ 2185 آهي. 1875ع ۾ ٺاروشاه کي سٽي سروي جي حيثيت ڏني وئي. سٽي سروي ۾ گهرن جي رجسٽريشن، نمبرنگ ۽ پلاٽنگ ڪئي ويندي آهي. هي اهو زمانو هو جڏهن ڪراچي کانسواءِ باقي سڄي سنڌ ۾ ٽن شهرن: ميرپور خاص، جيڪب آباد ۽ جيمس آباد جي حيثيت سٽي سروي واري هئي. سٽي سروي ۾ زمين جو فارم 7 ۽ گهر جو فارم 2 هوندو آهي.
برٽش راڄ ۾ ئي هتي 1895ع ۾ اينگلو ورنيڪيولر اسڪول جو وجود وڌو ويو. جيڪو اڳتي هلي 1924ع ۾ هاءِ اسڪول جي درجي تي پهتو. انهيءَ ڏس ۾ خانبهادر ايس ڊي ڪانٽريڪٽر جو نالو اتهاس ۾ ملي ٿو. جنهن صاحب جي ڪوششن سان ٺاروشاه ۾ هاءِ اسڪول قائم ٿيو. هاءِ اسڪول قائم ٿيڻ جي ساڳي سال يعني 1924ع ۾ ئي هن شهر جا ڀاڳ ڀلا جو نياڻين جي تعليم لاءِ مڊل اسڪول شروع ٿيو. اهو انگريزن جو ئي دؤر هو جڏهن 1933ع ۾ هتي شاندار اسپتال جي شروعات ٿي. ان زماني ۾ هن اسپتال جو شمار ساهتي پرڳڻي جي سڀ کان وڏي اسپتال جي ٿيندو هو. 1932ع جو سال ٺاروشاه لاءِ انتهائي سعد هو، جڏهن ريلوي لائين ذريعي هن شهر کي سڄي ملڪ تائين رسائي ملي، ٺاروشاه جو اهو دؤر نارنگين جي واپار جي انتهائي چوٽ جو هو. ريلوي جي پٽڙي وڇائڻ کانپوءِ انگريزن هن شهر جي واپاري حيثيت کي محسوس ڪندي هتي هڪ جنڪشن قائم ڪيو. جنڪشن مان مطلب اها اسٽيشن هوندي آهي، جتان هڪ کان وڌيڪ ريلوي جو لائينون ڪراس ڪن. مطلب ته انگريزن جي دؤر ۾ هن شهر جي شاندار ترقي ٿي، جنهن جي ڀيٽ ڪنهن به دؤر سان نه ٿي ڪري سگهجي. برٽش راڄ ۾ اهي خاص ڳالهيون هيون، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته تڏهن جي حڪمرانن کي هن شهر جي حيثيت جو ڪيترو احساس هو. ان کانسواءِ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڳالهيون آهن، جن کي پاڻ ڪتاب جي ايندڙ بابن ۾ بيان ڪنداسين.

ٺاروشاه جي بيهڪ

ٺاروشاه جي بيهڪ

جيڪڏهن سنڌ جيجل جي نقشي کي انساني شڪل ڏئي بيهاريون ته اسان کي اسان جو محبوب شهر ٺاروشاه بلڪل انهيءَ جڳهه تي نطر ايندو، جتي انسان جي دل هوندي آهي. بلڪل اهڙي ريت جيئن سنڌ دنيا جي نقشي تي دل جيان آهي. اهڙي طرح ٺاروشاه به سنڌ جي دل آهي. جاگرافيائي لحاظ کان ٺاروشاه دنيا جي نقشي تي 26.95 ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68.11 ڊگهائي ڦاڪ تي موجود ملندو. دنيا جي شينهن درياه سنڌوءَ کان 6 ڪلوميٽرن جي دوريءَ تي واقح هن شهر جي اولهه ۾ درياه پنهنجي سڀني موجن سان وهندو نظر اچي ٿو. اوڀر اتر ۾ پاڪستان جو وڏو رستو قومي شاهراهه آهي. قومي شاهراهه يا نيشنل هاءِ وي جو اين 5 حصو هن شهر کان 7 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. شهر جي اتر ۾ 15.8 ڪلوميٽرن تي ڪنڊياري جو عاليشان شهر، ڏکڻ ۾ 12.3 ڪلوميٽر پري ضلعي هيڊ ڪواٽر نوشهروفيرز، اوڀر ۾ ئي 10.5 ڪلوميٽر پري ڀريا جو تاريخي شهر، اولهه ۾ 17.6 ڪلوميٽر جي دؤري تي مٺياڻي جو پراڻو شهر موجود آهي. اولهه ۽ اتر جي ڪنڊ ۾ ڀورٽي ۽ مڃٺ جا شهر نما ڳوٺ موجود آهن. انهن سڀني شهرن جي وچ ۾ ٺاروشاه جي بيهڪ ٻڌائي ٿي ته هي شهر ماضي بعيد جو عظيم شهپارو رهيو آهي. جنهن جو ثبوت هن شهر جي ڀرسان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي موجود ڀرائيءَ جي دڙي جا آثار پڻ آهن. جن مان پتو پوي ٿو ته هن شهر جي تاريخ موهن جي دڙي جيتري پراڻي ٿي سگهي ٿي. مطلب ته وقت جي وهڪري ۾ آباد ۽ برباد ٿيندڙ هي شهر پنهنجي سيني ۾ شاندار ماضي جو داستان سانڍي ويٺو آهي.

شهر جي آبادي

شهر جي آبادي

پاڪستان ۾ ٿيل 1998ع جي آدمشماري مطابق ٺاروشاه جي آبادي 12 هزارن کان ڪجهه سؤ مٿي هئي. يعني انهيءَ وقت به هي شهر ضلعي جي ٽن وڏن شهر مورو، محرابپور ۽ ڪنڊياري کان پوءِ چوٿين نمبر تي هو. آبادي جي حساب سان هي شهر ضلعي هيڊ ڪواٽر نوشهروفيروز کان به وڏو هو. هن وقت ٺاروشاه جي آبادي انٽرنيٽ تي پيل انگن اکرن مطابق 18586 نفسن تي ٻڌل آهي. 51 في سيڪڙو مرد جڏهن ته 49 في صد عورتون هن شهر جي آبادي جو حصو آهن. جڏهن ته ڳوٺن ۾ سهولتن جي اڻاٺ، وسيلن جي کوٽ جي ڪري جهڙي طرح ٺاروشاه جي مٿان گذريل ٻن ڏهاڪن کان آباديءَ جو دٻاءُ وڌيو آهي، ان مان آساني سان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن شهر جي آدمشماري 25 هزارن جي ويجهو هوندي.

شهر جي قومي ۽ صوبائي تڪبندي

شهر جي قومي ۽ صوبائي تڪبندي

پاڪستان جي پارلياماني سياست ۽ چونڊن ۾ هي شهر قومي تڪ 212 ۽ صوبائي حلقي 20 جو حصو آهي. موجوده دؤر ۾ سيد ظفر علي شاه هتان جو ايم اين اي، جڏهن ته عبدالحق ڀرٽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر آهي.

شهر ۾ داخل ٿيندڙ رستا

شهر ۾ داخل ٿيندڙ رستا

ٺاروشاه جي چؤطرف آبادي آهي. هر پاسي ننڍا وڏا ڳوٺ موجود آهن. جن جا ماڻهو روزاني واپار، نوڪرين، پنهنجي ذاتي ڪم ڪار سانگي هن شهر جو رخ ڪن ٿا. هن وقت ست اهڙا شاهي رستا موجود آهن، جن جي ذريعي هر روز هزارين ماڻهو هن شهر جي رونق بڻجن ٿا. ڏکڻ، نوشهري فيروز کان ايندڙ رستو، مچر مولهڻ، ونگاڻي، ڀانن کان ٿيندو، ٺاروشاه ۾ داخل ٿئي ٿو. اوڀر کان ڀريا جو شهر آهي، جتان نڪرندڙ رستو، دالي، ڦلو واهڻ، گڙنگ مقام ۽ ساند واسين کي اها سهولت ميسر ڪري ٿو ته اهي ٺاروشاه ڏانهن آساني سان اچن. اتر ۾ اسپتال روڊ جي نالي سان مشهور رستو آهي. هي رستو اصل ۾ ڪنڊياري تائين ٺهيل آهي. ائين چئجي ته ٺاروشاه واسين لاءِ هي رستو ڪنڊياري وڃڻ جو شارٽ ڪٽ آهي. هن رستي تي ڪوڙو اڄڻ، مشهور ڳوٺ آهي. انهيءَ کانسواءِ اڇي مسيت به هن ئي رستي تي موجود آهي. جنهن جي ڀرسان ڪيترائي ڳوٺ موجود آهن. جن ۾ رهندڙن جا گهڻا ڪم ڪار ٺاروشاه سان ئي واڳيل آهن. ايتري تائين جو آخري اسٽاپ سڏيو ويندڙ ڳوٺ جا ماڻهو به ڪنڊياري جو رخ ڪرڻ بجاءِ ٺاروشاه اچڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هنن جي بقول: ٺاروشاه هنن کي ڪمين ڪارين س‍ؤلو آهي. شهر جي اسپتال رستي سان ئي ٻيو رستو جو نوشهري فيروز کان پوءِ هن شهر ۾ داخل ٿيندڙ مک روڊ آهي. يعني درٻيلو روڊ، هن رستي جو ڇوڙ به ڪنڊياري جو ئي شهر آهي، پر ڪنڊياري ۽ ٺاروشاه جي وچ ۾ واقع درٻيلو، جنهن کي ڊڀرو پڻ چون ٿا جا گهڻا ماڻهو پنهنجي ڪم ڪار سانگي ٺاروشاه اچڻ پسند ڪن ٿا. مطلب ته درٻيلي کان اورتي وارو علائقو جنهن جي آبادي هزارين ماڻهن تي ٻڌل هوندي جو گهڻو تڻو انحصار هن تاريخي شهر ٺاروشاه تي ئي آهي.
شهر جي اتر اوڀر ڪنڊ تي ٻه اسٽاپ آهن. ساڄي پاسي کان مڃٺ ۽ کاٻي طرف کان ڀورٽيءَ جو اسٽاپ آهي. اهي ٻئي رستا به ٺاروشاه جا مين ڀرتو لنگهه آهن. انهن رستن تي سوين ڳوٺ موجود آهن، جن مان پڻ روزاني هزارين ماڻهو هن تاريخي شهر ۾ ضرور اچن ٿا. اولهه طرف دليپوٽا کان ايندڙ رستو آهي، جيڪو مٺياڻي روڊ سان به سڃاتو وڃي ٿو. هن ئي روڊ سان ٺاروشاه ۾ رهندڙن جو تاريخي طرح سان لاڳاپو پڻ آهي. ڇاڪاڻ ته هن رستي سان ئي هن پرڳڻي جي مشهور ريلوي اسٽيشن موجود آهي. يعني ٺاروشاه جنڪشن، جنهن بابت اڳتي هلي اسان تفصيلي احوال پڻ ضرور شامل ڪنداسين

ٺاروشاه جا وارڊ، محلا ۽ ڪالونيون

ٺاروشاه جا وارڊ، محلا ۽ ڪالونيون

18000 کان مٿي آبادي رکندڙ هن شهر کي 8 وارڊن ۾ ورهايو ويو آهي. هن وقت رڳو وارڊ اٺون ايترو ته پکڙجي چڪو آهي، جو چيو پيو وڃي ته شهر جا 7 وارڊ هڪ پاسي ۽ اٺون وارڊ هڪ پاسي. انهن وارڊن جي وچ ۾ ئي مختلف ڪالونيون ۽ محلا آهن، جن ۾ سرفهرست هي آهن. الشهباز ڪالوني، دستگير ڪالوني، ابڙا ڪالوني، واپڊا ڪالوني، ريلوي ڪالوني ميمڻ محلا، کوکر محلا، سومرا محلا، ڪرنالي محلا، خانزاده محلا، سولنگي محلا، منگي محلا ۽ هريپور. ٺاروشاه جي جنڪشن ڀرسان هري پور جو نالو ان علائقي تي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو آهي، جيڪو هري نالي هڪ ساڌو جو هو هريپور جي ڀرپاسي ۾ ٺٽ ڀوڄراج جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ پڻ هو، جيڪو هاڻي ناهي رهيو. هن ٺٽ ۾ هندو عاملن جي مشهور نک ٽهلياڻي آباد هئي.

ٺاروشاه جا ڀر وارا شهر ۽ ڳوٺ

ٺاروشاه جا ڀر وارا شهر ۽ ڳوٺ

ٺاروشاه جي ڀرپاسي ۾ ڪنڊيارو، نوشهروفيروز، ڀريا شهر، ڀريا روڊ، مٺياڻي، مڃٺ، ڀورٽي، دليپوٽا، دالي، درٻيلو، سخي داد واهي، مولهڻ، مچر، سونهري، پير بخش اڄڻ، جمال اڄڻ، لاڙڪ، ڦلوواهڻ، عثمان تنيو، ڏهراج، بالادي ۽ ٻيا لاتعداد ڳوٺ موجود آهن.

ٺاروشاه جون مسجدون

ٺاروشاه جون مسجدون

جامع مسجد (شاهي بازار)، موتي مسجد (نئون تڪ)، نور مسجد (شاهي بازار)، مدينه مسجد (دليپوٽا اسٽاپ)، ميمڻ مسجد (ميمڻ محلا)، مسجد اقصى (ڀورٽي باءِ پاس)، مڪه مسجد (ميمڻ محلا)، مسجد قُبا المعروف ڍڪ واري مسجد، مسجد باب العلم (شيخ محلا)، قاسميه مسجد (دستگير ڪالوني)، هاءِ اسڪول واري مسجد، رحمان مسجد (خانزاده محلا)، الجليل مسجد (هري پور)، سبحان الله مسجد المعروف لوهاٽي مسجد.

ٺاروشاه جا پير فقير

ٺاروشاه جا پير فقير

سائين ڏاڏا عنايت شاه بخاري، سائين قبول شاه بخاري، سائين احمد شاه بخاري، سائين غريب شاه، سائين ابراهيم شاه، سائين اسماعيل شاه، سائين ڪمن فقير، سائين حب علي پير، درگاهه مولوي عبدالجليل، سائين ڪمن شاه (ڪنڊيارو روڊ)، پنج پير درگاه وغيره.

عيد گاهون

عيد گاهون

عيد گاهه جامع مسجد، عيد گاهه ڀورٽي باءِ پاس، عيد گاهه ڍڪ واري مسجد، عيد گاهه نور مسجد، عيد گاهه الجليل مسجد، هري پور، عيد گاهه سبحانه الله مسجد (لوهاٽي مسجد)

ٺاروشاه ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون

ٺاروشاه ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون

ٺاروشاه ساهتي پرڳڻي جي دل آهي. ان ڪري هتي ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ جو لهجو انتهائي معياري ليکيو وڃي ٿو. تعليمي ادارن، آفيسن، بازارن ۾ سنڌي ئي ماڻهن جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو آهي. ان کانسواءِ اردو پن هتان جي مقبول ٻولي آهي. جنهن جي ڳالهائڻ وارن جو تعداد به جهجهو آهي. سنڌي، اردوءَ کان علاوه سرائيڪي، بلوچي، پشتو، مارواڙيءَ جا مختلف لهجا پڻ هتي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. ٺاروشاه واسي انگريزيءَ جي اهميت کان به واقف آهن. جنهن لاءِ شهر ۾ ڪيترائي خانگي تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا آهن، جتي جديد ٻولي انگريزيءَ جي سکيا سميت ٻيا علم به پڙهايا وڃن ٿا.

ٺاروشاه ۾ رهندڙ قبيلا/ ذاتيون

ٺاروشاه ۾ رهندڙ قبيلا/ ذاتيون

اڄڻ، ميمڻ، خانزاده، سومرا، سيد، قريشي، شيخ، سهتا، سيال، بالادي، ٻرڙا، ڏيٿا، ابڙا، کوسا، ڀرٽ، ڀان، ٻٻر، ڪولاچي، هيسباڻي، ملاح، ساند، انصاري، منگي، عمراڻي، مغل، نائچ، ٻاٽ، لاکير، ڪانجو، اوڏ، نارائي. چارڻ، مستوئي، لاڙڪ، اؤلک، مڱڻيجا، خاصخيلي، ڪنڀر، ڪلهوڙا، ڏهراجا، موريا، لنڊ، جوکيا، جانوري، عالماڻي، پهنور، ٽالپر، تنيا، قريشي، چنا، ڪيريا، ٻگهيا، ميتلا، لوهاڻا، مڱڻهار، پيرزاده، ڀٽي، راول، ملڪ، عباسي، راجپوت، لنگيا، سولنگي، راڄپر، وسطڙا، ابڙا، آرائين، لاشاري، ڌوئنرو، بهڻ، کوکر، ڏاهري، وڳڻ، جلباڻي، چانڊيا، نيلگر، بهليم، تيوڻا، بڙدي، ۽ مجيداڻا.
نوٽ: جيڪڏهن ڪنهن برادريءَ جو نالو لکڻ کان رهجي ويو هجي ته معذرت.

ٺاروشاه ۾ بجلي

ٺاروشاه ۾ بجلي

ٺاروشاه ۾ بجلي 1944ع ڌاري آئي. منهنجي نظر ۾ ان بجليءَ سان لاڳاپيل جيڪي ياد گيريون آهن، اهي ڏاڍيون دلچسپ آهن. منهنجي يادگيرين مان مطلب بجليءَ بابت دادا گوبند جون ڳالهيون، جيڪي هن پنهنجي ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ‘ ۾ لکيون آهن. نه ته منهنجي عمر ايتري نه آهي جو ٺاروشاه ۾ بجلي اچڻ جي ڪا سار سنڀالي رکان.
ان کان اڳ جو مان هتي ٺاروشاه جي بجليءَ جي ڪا تاريخ لکان ضروري سمجهان ٿو ته گوبند مالهيءَ جو پنهنجي ڪتاب ۾ بيان ڪيل اهو مزيدار قصو بيان ڪريان، جنهن جي پڙهڻ کانپوءِ ٺاروشاه واسين کي دادا جو ڪتاب ‘ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون’ پڙهڻ جو اتساهه ضرور جاڳندو.
ها ته گوبند لکي ٿو ته ”مان پنهنجي پاڙي واري ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيس، هوءَ ڏاڍي سندر هئي پر هڪ مسئلو هو ته هوءَ ٻئي مذهب جي هئي! ۽ مان هندو. ان سهڻي ڇوڪريءَ سان سري عام عشق ڪرڻ جو مطلب هٿ وٺي مذهبي فساد ڪرائڻ هو، جيڪا ڳالهه مان ڪڏهن به نه پيو چاهيان. پر هن نادان دل کي ڇا ڪجي جيڪا ڪنهن به صورت قابو نه اچي رهي هئي. آخر وڏي دليري ڏيکاريندي اکين سان ئي، انهيءَ من موهڻي صورت ڏانهن محبت جو پيغام موڪليم، جيڪو قبول پيو. هاڻي زبان سان همٿ ڪري شام جي ويل پنهنجي گهر جي پويان ٺهيل چوپائي مال جي واڙي ۾ ملڻ جو وچن ٿيو.
شام ٿي اسان لڪي لڪي اتي پهتا سين، تنهن زماني ۾ ٺاروشاه ۾ بجلي نه آئي هئي، انهيءَ ڪري شام به رات ٿي ويندي هئي. منهنجو من عشق جي آتش ۾ سر پور هو، ڪجهه دير ويهي رهاڻ ڪئي سين ان کانپوءِ خوف جو عالم ۽ موڪلاڻي۔۔۔۔۔ موڪلائڻ مهل اسان ٻنهي کي الائي ڇا ٿيو جو بي اختيار ڳراٺڙي ۾ پئجي وياسين. خبر ناهي ته اسان جو ڀاڪر ڪيسيتائين جاري رهيو پر مونکي پنهنجي جسم ۾ هڪ عجيب ڪيفيت معلوم ٿي، جيڪا لفظن ۾بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي؟ ڪجهه مهينن اندر انهيءَ ڇوڪري سان ته منهنجي عشق جو ڊراپ سين ٿي ويو پر هن سان پاتل ڀاڪر جي ڪيفيت سمجهي نه سگهيم. تان جو ٺاروشاه ۾ بجلي به اچي وئي. هڪ ڏينهن امان گهر ۾ بجليءَ جي تار ٺاهڻ جو چيو، مان به بجليءَ جي ڪم کان اڻواقف سو نه ڪيم هم نه تم سڌو هٿ بجليءَ جي تار ۾ ڪجهه سيڪنڊن اندر جسم ۾ ڪرنٽ ڊوڙي ويو. ڪجهه وقت لاءِ ته جسم ڄڻ سن ٿي ويو. ان وقت پنهنجي ياداشت تي زور ڏنم ته بجليءَ جو هي ڪرنٽ اهو ساڳيو معلوم ٿيو. جيڪو ڪجهه سال اڳ مينهنِ جي واڙي ۾ ان چنچل ڇوڪري سان ڀاڪر ۾ محسوس ٿيو هو.“
اها ته بجليءَ بابت دادا گوبند جي هڪ ياد هئي، جنهن ۾ ادبي چسڪي سان گڏ ٺاروشاه ۾ بجلي اچڻ جي به خبر پئي جي نه ته اسان وٽ لکڻ پڙهڻ جو ايڏو ته ڏڪار آهي جو هيڏين سارين تاريخي شين جي اصليت ڄاڻڻ کان به محروم آهيون. استاد حامد خانائيءَ ساهتيءَ بابت پنهنجي ڪتاب ۾ ٺاروشاه جي بجلي جو ذڪر ڪندي مسٽر گياني نالي هڪ همراهه جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن جي ڀرپور ڪوششن سان هن شهر ۾ بجليءَ جو پهريون جنريشن پلانٽ لڳو. بعد ۾ ان پلانٽ مان پيدا ٿيندڙ واڌو بجليءَ کي ’ساهتي اليڪٽرڪ ڪمپني‘ جو نالو ڏئي ڀر وارن شهرن مورو، ڪنڊيارو، درٻيلو، نوشهروفيروز، ڀريا ۽ ٻين ننڍن ڳوٺن کي به سپلاءِ ڪيو ويو. ٺاروشاه جو اهو عروج هو جڏهن هتي پيدا ٿيندڙ بجلي، موري ۽ ڪنڊياري کي فراهم ٿيندي هئي. فرنيس آئل تي تيار ٿيندڙ هيءَ بجلي تنهن زماني ۾ انهن ماڻهن جي ڪمال جو مظهر هئي. بعد ۾ جڏهن پاڪستان وجود ۾آيو ته به 1955 تائين ٺاروشاه انهن شهرن کي بجلي مهيا ڪندو رهيو. تان جو 55ع ۾ واپڊا اسٽيبلش ٿي. مان انهن ماڻهن کي سلام پيش ڪيان ٿو جن نامسائد حالتن ۾ انساني زندگيءَ جي هيڏي ساري ضرورت کي محسوس ڪندي ٺاروشاه کي روشن ڪيو. ٺاروشاه ۾ هن وقت سيپڪو (واپڊا جي هڪ ڪمپني) جي سب ڊويزنل آفيس آهي. جنهن ۾ عبدالستار ميمڻ ايس ڊي او، جڏهن ته غلام سرور سومرو، محمد هاشم سمون، بشير احمد ڪيريو، علي شير تڳر، لائين سپرنٽيڊننٽ ۽ محمد يونس سومرو ميٽر انسپيڪٽر آهن.

ٺاروشاه جنڪشن، شاندار ماضيءَ جو اجڙيل استعارو

ٺاروشاه جنڪشن، ٺاروشاه شهر جي شاندار ماضيءَ جو اجڙيل استعارو آهي. ٺاروشاه کان هڪ ڪلوميٽر ٻاهر مٺياڻي_ دليپوٽا ويندڙ رستي تي موجود هيءَ ريلوي اسٽيشن هاڻي ويران کنڊر کانسواءِ ڪنهن به شيءِ جو ڏيک نه ٿي ڏئي. جيڪڏهن توهان جو هاڻي انهيءَ جڳهه تان لنگهه ٿئي ته ڪجهه معصوم ٻار توهانکي گهيري ويندا، هي پينو فقيرن جا ٻار آهن. جيڪي نه ٿا ڄاڻن ته جنهن جڳهه تي بيهي ”الله توکي آفيسر ڪندو، ڪجهه پئسا ڏئي وڃ.“ جي صدا هڻي رهيا آهن. اها جاءِ ماضي قريب ۾ هن تاريخي شهر جي ڪيتري مصروف جڳهه رهي آهي. ريلوي جي ٻوليءَ ۾ جنڪشن ان اسٽيشن کي چئبو آهي، جتان هڪ کان وڌيڪ ريل گاڏي جون پٽڙيون ڪراس ڪن. هڪ کان وڌيڪ پٽڙيون ته پنهنجي جي جڳهه تي پر هاڻي هتان ڪا به ريل گاڏي ڪراس نه ٿي ڪري. سنڌ جي نامياري اديب عمرالدين بيدار پنهنجي ڪتاب ’ٺاروشاه جنڪشن‘ ۾ هن اسٽيشن جي عروج جي عاليشان تصوير پيش ڪئي هئي. پر هاڻي ڪوبه بيدار نه رهيو آهي جيڪو، هن جنڪشن جي زوال جي ڪهاڻي بيان ڪري.
جئين ته منهنجو ڳوٺ به ان رستي تي واقع آهي، سو صبح شام انهيءَ جڳهه تان لنگهه اٿم. هر ڀيري حسرت جي نگاهه سان جنڪشن کي ڏسندو هئس. تر جي ڪجهه ماڻهن کان ان جي اجڙڻ جو داستان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته اڪثريت اڻ ڄاڻ ملي! ان جي باوجود هٿ پير هڻي هيٺين ڄاڻ حاصل ڪئي اٿم. جنهن ۾ جيڪڏهن ڪا ڪمي بيشي هجي ته درگذر ڪئي وڃي.
ريلوي جي سرڪاري ڪاغذن ۾ هن سيڪشن جو آغاز آگسٽ 1929ع ٻڌايو ويو آهي. جيڪو ماضي قريب يعني 1991ع جي جولاءِ مهيني ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. انگريز سرڪار طرفان علائقي جي عوام جي سهولت لاءِ ٺهرايل هي ٽريڪ محرابپور کان پڊعيدن 70 ڪلوميٽر، اهڙي ريت پڊعيدن کان ٽنڊو آدم 176 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي وڇايل هو. انهيءَ جي وچ ۾ 26 ريلوي اسٽيشنون 5 جنڪشن، ٽنڊوآدم، سڪرنڊ، پڊعيدن، ٺاروشاه ۽ محرابپور ايندا هئا. جيڪي 1991ع ۾ سرڪار جي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ٿي ويا. انهن جنڪشنن ۾ ٽي جنڪشن ٽنڊوآدم، پڊعيدن ۽ محرابپور ته پنهنجي مين لائين تي هجڻ جي ڪري زندهه رهيا. باقي رهيل ٻه زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺا. جنهن ۾ ٺاروشاه به شامل آهي. جنڪشن بند ٿيڻ خلاف هتان جي شهرين احتجاج پڻ ڪيا پر اهي شايد ايترا مؤثر نه هئا، جن تي سرڪار سڳوري ڌيان ڌري ها. نتيجي ۾ ڪالهه جي شاندار ماضي حال جي کنڊر ۾ مٽجڻ ۾ گهڻي دير نه ڪئي. هتان جي ماڻهن جي آخر ۾ ايتري به خواهش رهي ته جيڪڏهن ريلوي کاتو سمجهي ٿو ته مسافر گاڏين جي هلڻ جي ڪري هو مالي خساري ۾ آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ مال گاڏين لاءِ مارشلنگ يارڊ رهڻ ڏنو وڃي. جنهن مطالبي کي سامهون رکندي، مسافر ٽرين جي بند ٿيڻ بعد به ٽي سال هن جنڪشن تان مال گاڏيون ٺاروشاه جي ڪاروبار لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿيون پر آخر ڪيسيتائين؟ ٺاروشاه جنڪشن کي ماضيءَ جو استعارو جو بڻجڻو هو. اهي مال گاڏيون به 1994 ڌاري پنهنجي وجود وڃائي ويٺيون. پوءِ ٺاروشاه جنڪشن جون اهي بي مثال پٽڙيون اردوءَ جي محاوري ”مال مفت، دل بي رحم“ جي مصداق بڻجي ويون. جنهن جتان آيو. انهيءَ اتان پٽڙيءَ کي اکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. عشق لٽندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو. انهيءَ سڄي واردات ۾ ”ڪتي چورن سان مليل رهي“ ريلوي کاتي کي ته خاموش رهڻو هو سو خاموش رهيو. سواءِ ڪجهه نام نهاد ڪيسن جي جيڪي نالي ۾ داخل دفتر ٿيا. اڳتي هلي انهن جو به آڳو پيڇو نه ٿي سگهيو. پٽڙيءَ ۾ استعمال ٿيل سون جهڙو لوهه، لاهور تائين جي چور بازارن ۾ بي توقير ۽ اڻ ملهيو وڪامندو رهيو. اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ جي ان عظيم انجنئيرن جي ٽيڪنيڪ ۽ صوبي خيبر پختون خواهه جي سخت جان مزدورن جي محنت پاڻي پاڻي ٿي وئي، جن پنهنجون ننڊون قربان ڪندي رات ڏينهن هڪ ڪري، ڪم کي عبادت ڄاڻيندي هي ٽريڪ مڪمل ڪيو هو.
اڄ ان عظيم استعاري ۾ سواءِ تاريخ جي ڪجهه به نه بچيو آهي. اهو ٺاروشاه جنڪشن، جنهن جي ڪنهن بينچ تي ريل جي انتظار ۾ ويٺل عمرالدين بيدار کي ان تي ناول (ٺاروشاه جنڪشن) لکڻ جو خيال آيو هوندو يا اهو جنڪشن جتان 1955ع ۾ ماسٽر چندر، پنهنجي ماتر ڀومي ڏسڻ لاءِ جلوس جي شڪل ۾ آيو هو. اتي هاڻي ”سائين خدا جي واسطي، پنهنجي ٻچن جي واسطي هڪ روپيو ڏئي وڃ“ جي صدائن کانسواءِ ڪجهه به نه رهيو آهي!

ٺاروشاه، جتي هڪ نانگو راڄ ڪري ٿو

ٺاروشاه، جتي هڪ نانگو راڄ ڪري ٿو

ٺاروشاه جي تاريخ بزرگن ۽ درويشن جي تاريخ آهي. هن شهر جا اهي ڀاڳ جو چئني طرفن کان بزرگن جون مزارون هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ائين جهليو بيٺيون آهن، جيئن ڪو عاشق پنهنجي چنچل محبوبا کي ساهه ۾ سانڍي ويٺو هجي. هن شهر جي هڪ خاص ڳالهه جنهن تي هن مهل تائين عام ماڻهوءَ جو شايد ڌيان نه ويو هجي ته هن وسنديءَ ۾ هميشه کان هڪ الف اگهاڙو درويش پنهنجي سڀني جسماني خواهشن جي مٿان غالب ٿي شهر جي اهل دل ماڻهن جي مٿان حاوي رهيو آهي. ڪو زمانو هو جو هتي ڇُٽي فقير نالي هڪ نانگو درويش رهندو هو. جيڪو هڪ ڏينهن اوچتو ئي گم ٿي ويو! هتان جي ماڻهن کي هن جي باري ۾ ڪا به خبر نه پئجي سگهي. انهيءَ کان اڳ به هن شهر واسين کي ڇٽي فقير جي باري ۾ ڪا معلومات نه هئي ته هو ڪٿان آيو هو، ڪير هو؟ بس هتان جي شهرين لاءِ هو ننگ ڌڙنگ، بي باڪ نانگو هو. جيڪو هن شهر ۾ مهمان هو. ڪجهه ڏينهن ترسڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ روانو ٿي ويو. ڇٽي فقير کانپوءِ انهيءَ جي جاءِ مامي گلوءَ عرف گل فقير والاري. مامو گلو، ٺاروشاه ويجهو موٽملن جي ڳوٺ جو رهواسي آهي. سياري جون قاتل راتيون هجن يا اونهاري جون قهاري منجهندون، مامو گلو پيرين اگهاڙي، جسم تي بنا چيڙهه سفر ۾ روان دوان۔۔۔۔۔۔ هن جو مسڪن ڪڏهن دليپوٽا ته ڪڏهن مٺياڻي به پهچيو وڃي. شهر واسين توڻي ڀرپاسي جي ماڻهن وٽ هن جي لاءِ ڪيتريون معجزا نما ڳالهيون آهن. پاڻ انهن تي بيان يا تبصري ڪرڻ کانسواءِ اهو چئي اڳتي وڌون ٿا ته اها عشق جي دنيا آهي ۽ پاڻ عقل جا ماڻهو آهيون. ڪجهه سال اڳ مامو گلو، هڪ خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ۾ پنهنجون ڄنگهون زخمي ڪرائي ويٺو. هاڻي هو پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر رهي ٿو. ٺاروشاه جي پوسٽ آفيس جو انچارج ۽ خليفو شاهنواز سهتو مامي گلو تي عاشق آهي. اڪثر هن جي ڳوٺ وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مامي کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي ٺاروشاه به گهمائڻ اچي ٿو.
مامي گلوءَ جي ايئن زخمي ٿي ويهڻ کانپوءِ ٺاروشاه ۾ ڄڻ نانگي فقير جي ’ويڪنسي‘ خالي ٿي وئي هئي. جيڪا قدرتي طور ڪجهه ڏينهن ۾ ٺاروشاه جي ڀرسان ڏاهرين جي ڳوٺ جي هڪ نينگر گُجي فقير ولد مور ڏاهريءَ ڀري ورتي. هن الف اگهاڙي درويش جو به ٺاروشاه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ مامي گلوءَ جيان رات ڏينهن گشت جاري آهي. چئي سگهجي ٿو ته ٺاروشاه تي هاڻي انهيءَ نانگي يعني گجي فقير جو راڄ آهي.
ٺاروشاه جي انهن ننگ ڌڙنگ نانگن کانسواءِ هري پور جي انهيءَ نيم اگهاڙي خانزادي همراهه جو ذڪر نه ڪرڻ به ٺاروشاه جي تاريخ سان ويساهه گهاتيءَ جي مترادف هوندو. جنهن کي الائي ته ڪهڙي لونءَ لڳي جو پنهنجو سڄو ڪاروبار تياڳي گهر کان ٻاهر هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ ويهي رهيو. هن کي اتي ويٺي 10 سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. هو جنهن کٽ تي سمهندو هو هاڻي اها کٽ به ڇڄي وئي آهي ۽ هو کٽ ۾ اندر داخل ٿي ڏينهن رات ويٺو رهي ٿو. هنجي جسم تي به اهي ساڳيا ڪپڙا آهن. جيڪي انهيءَ جڳهه تي ويهڻ کان اڳ هن کي اوڍيل هئا. انهن جون به چٿريون لهي چڪيون آهن. هو هاڻي نيم اگهاڙو ٿي چڪو آهي. مٺياڻي روڊ تان ايندڙ ماڻهو جڏهن جنڪشن کي ڪراس ڪن ٿا ته ساڄي پاسي اهو همراهه ويٺل نظر ايندو. ڪجهه اهل دل ماڻهو هن جي ڀرسان بيهي فقير سان رهاڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا. ڪن سان هو ڳالهائڻ پسند ڪري ٿو ته ڪن کي ڏسي منهن مٽائي ڇڏي! بس قدرت جا رنگ آهن. انسان بيوس آهي.
باقي هڪ ڳالهه پڪي ته هن شهر جي ڀاڳ ۾ هڪ نانگو ضرور آهي. ڪڏهن ڇُٽي فقير جي صورت ته ڪڏهن مامي گلوءَ جي وجود ۾ ته ڪڏهن گُجي فقير جي روپ ۾ ته ڪڏهن هري پور جي انهيءَ همراهه جي شڪل ۾۔۔۔۔۔۔

ڏِسُ! نؤلکي لَٽجي وئي

ڏِسُ! نؤلکي لَٽجي وئي

’نؤلکي‘ پنهنجي نالي جيان واقعي به نؤلکي هئي. ٺاروشاه جو ساهه ويساهه، ساهتيءَ جي سينڌ، پنهنجي عظمتن جي عروج تي پهتل نؤلکي. جنهن جي اجڙڻ جو داستان به ايترو ئي درد وارو آهي. جيترو هن جي جوڀن جو بيان ولولي وارو هو. نؤلکي، جڏهن محبت ديري ڀرسان ڀوئنرن جي ڳوٺ مان وهي، چنهياڻي ۽ ڊڀري وٽان ڪراس ڪندي ٺاروشاه ڏي رخ رکي پئي ته هن کي مقامي ماڻهو نانگڻ سڏين پيا. ڀلا ڇو نه سڏين؟ هوءَ ڪاريهر نانگ جيان ور وڪڙ کائيندي پئي اچي.
سنڌوءَ جي ڪک مان نڪتل هي ڍورو ايترو ته شاندار هو جو، هن کي ڏسي هڪ ننڍڙي درياه جو گمان ٿيندو هو. هن جي قدامت بابت مان هڪ محتاط اندازو لڳائي، لکي سگهان ٿو ته نؤلکي جو ڍورو سومرن جي شروعاتي دؤر، يعني 1080ع کان سنڌو مان وهي نڪتو هوندو. جيڪو پنهنجي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻيءَ کي ساڻ کڻي سن 1933ع ڌاري جڏهن سکر بئراج ٺهي راس ٿيو ۽ ڪم شروع ڪيائين ته پنهنجي موت پاڻ مري ويو.
ڪلهوڙن جي بادشاه ميان نور محمد شاه جي دؤر ۾ هن شاهي ڍوري کي سرڪار پنهنجي تحويل ۾ ورتو. ڀوئنرن کان ٺاروشاه تائين هن جي ٻنهي پاسن کي کاٽيءَ جي ذريعي وڌيڪ ڪشادو بڻايو ويو. ايتري تائين جو جڏهن نؤلکي ٺاروشاه ڪراس ڪري پئي ته شهر کان ڪوهه پري ڀانن جي ڳوٺ ڀرسان هن مان ٽي ڪڙيا ڪڍيا ويا. جيڪي مراد واهه، فيروز واهه ۽ باغ واهه جي نالي سان مشهور ٿيا.
ڪلهوڙن کان پوءِ 1783ع ۾ ٽالپرن جو دؤر شروع ٿيو. ميرن جو پس منظر به زرعي هو. انهن به نؤلکي جي ترقي لاءِ جوڳا انتظام ورتا. نؤلکي بابت هتي مان هڪ ڳالهه واضع ڪندو هلان ته نؤلکي جو هي ننڍڙو درياه فقط آبڪلاڻي جي مند ۾ وهندو هو. آبڪلاڻي مان مطلب سنڌو درياه جي پاڻي جو چاڙهه آهي. اهو چاڙهه اڪثر اپريل جي مهيني کان شروع ٿي آڪٽوبر جي شروعات تائين پورو ٿي ويندو هو. اسان وٽ آبڪلاڻيءَ مان گهڻو ڪري ٻوڏ جي معني اخذ ڪئي ويندي آهي، جيڪا غلط سمجهي وڃي.
ٽالپرن جي مياڻي جي ميدان ۾ جنگ هارائڻ کانپوءِ سنڌ مٿان انگريزن جي حڪومت شروع ٿي. انگريز جديد ٽيڪنالاجي سان آراسته هئا. هنن سنڌ جي آبپاشيءَ جي نظام جي هيٺين سطح کان جاچ پڙتال شروع ڪئي. انهيءَ لاءِ ڪئنال ڊپارٽمينٽ جو بنياد وڌو ويو. جنهن کي بعد ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جو نالو ڏنو ويو. سنڌ جي ماڻهن وٽ ان کاتي کي عرف عام ۾ انجنئيري کاتو ڪري ڪوٺيو ويندو هو. ٺاروشاه سميت سڄي سنڌ ۾ جتي به توهان کي بنگلا ملندا، اهي گهڻو ڪري پبلڪ ورڪس ڊيپارٽيمنٽ جا هوندا. جن تي بعد ۾ اريگيشن کاتي پنهنجو حق جتائي استعمال هيٺ آندو. ها ته، اسان ڳالهه ڪيون پيا، نؤلکي جي ته نؤلکي پنهنجي نانءَ جيان، هر سال رڳو آبڪلاڻي جي مند ۾ سرڪار کي 9 لک ڪمائي ڏيندي هئي. تڏهن جا نو لک هاڻي جا 99 ارب روپيا سمجهيا وڃن. ان هيڏي ساري ڪمائيءَ کي انگريز حڪومت، ڇو وڃايو؟ اهو هڪ سوال آهي. سکر بئراج جي اهميت پنهنجي جاءِ تي پر هن ڍوري کي به ڪنهن طريقي سان برقرار رکي سگهجي پيو. پوءِ پاڻ کي مها عقلمند سمجهڻ وارن انگريزن کان اها غلطي ڪيئن ٿي؟ انهيءَ جو سادو جواب هي آهي ته نؤلکي جي برقرار رکڻ سان سنڌ جو هي علائقو انتهائي خوشحال ٿي وڃي ها. جيڪو انگريزن نه پئي چاهيو. هنن کي فقط پنهنجا حدف پيارا هئا. نتيجي ۾ ٺاروشاه جو هي شاهي واهه نؤلکي 1933ع کانپوءِ لَٽجڻ شروع ٿيو، جيڪو اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت م لٽجي پيو. نؤلکي تي مان ڪهڙو نوحو لکان، بس هن ئي شهر (ٺاروشاه) جي هڪ ڪوي، پنهنجي سڄڻ امداد سهتي صاحب جو هي نظم نقل ڪريان ٿو
ڏس نؤلکي لٽجي وئي،
ڪيڏو جهٽ آسمان بدليو رنگ،
چانڊوڪي رات ۾ نه رهيو ساڳيو ترنگ،
ڪڻو ڪڻو ڪري ويا ڪنوارا گيت.
لڏو پٽي چندر تنهنجا سنگيت،
ڏس ٺاروشاه مٽجي وئي،
ڏس نؤلکي لٽجي وئي.

ٺاروشاه ۾ رهندڙ هندو ديوان

ٺاروشاه ۾ رهندڙ هندو ديوان

مونکي انهيءَ ڳالهه جي خبر نه آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ هندن لاءِ ’برادري‘ جو لفظ ڇو استعمال ڪيو ويندو آهي!؟ جڏهن ته هر باخبر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته هندو هڪ برادري نه پر هڪ مڪمل ڌرم جو نالو آهي. جنهن جو اتهاس هزارين سالن تي ٻڌل آهي.
رگ ويد، اٿر ويد، يجر ويد، سام ويد کانسواءِ مهاڀارت, رامائڻ ۽ گيتا جي قدامت ئي هزارين سال اڳ جي آهي. انهيءَ ڪري ته هندن جي مقدس صحيفن کي ’انادي ۽ پراڻ‘ ڪوٺيو ويو آهي. جنهن جي معنى آهي. اهي لکتون جن جي قديم هجڻ بابت ڪا به ڄاڻ نه هجي. خير ڪيئن به هجي! واقعي مونکي ڄاڻ نه آهي ته هندن کي برادريءَ جي ننڍي خاني ۾ ڇو فٽ ڪيو ويو آهي. ان ڪري مان به هن باب ۾ هندن کي برداري طور ئي لکيو آهي. جنهن لاءِ انهن سڄڻن کان ايڊوانس معذرت جو طلبگار آهيان. ٺاروشاه ۾ رهندڙ ديوان به هتان جا اوترائي قديم رهواسي آهن جيتري هن شهر جي تاريخ، پاڪستان جي قيام کان پوءِ جهڙي ريت هو سنڌ اندر جيڪا هنن جي ماتر ڀومي هئي مشڪلات ۾ گهيرجي ويا، ان جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي. تاريخ جو اهو ڪيڏو نه وڏو جبر هو جو هڪ ملڪ جي قيام جي پويان لکين ماڻهن کي پنهنجي انهن مٺڙن گهرن کي الوداع چوڻو پيو جتي هو ڄاوا، نپنا ۽ وڏا ٿيا هئا. تاريخ جي انهيءَ گورک ڌنڌي ۾ ڪنهن کي نقصان پهتو، ڪير فائدي ۾ ويو؟ پاڻ ان بحث ۾ پوڻ کانسواءِ فقط اهو چئي اڳتي وڌون ٿا ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو لکين انسانن کي زخم رسائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه هو. جنهن جو ازالو اڄ سوڌو نه ٿي سگهيو آهي. پاڻ هاڻي پنهنجي اصل موضوع تي موٽي اچون ٿا ته ٺاروشاه ۾ هن وقت هندو ديوانن جا اٽڪل 30 کن گهر آهن. سڀ جو سڀ لوهاڻا آهن. جڏهن ته انهن جي ڪٽنبن ۾ جڳواڻي، ڀنڀاڻي، گودواڻي، واڻڄاڻي، چيچلاڻي، لالچنداڻي شامل آهن. جيڪي ظاهري طرح ته سڀ هندو ديوانن جي ليکي ۾ آهن پر حقيقيت ۾ هنن جو پاڻ ۾ ائين رشتو آهي، جيئن اسان مسلمان جي ذاتين جو پاڻ ۾۔۔۔۔ ٺاروشاه ۾ هندن جي عبادت لاءِ ٻه مندر ٺهيل آهن. هڪ سنت گدو رام جي نالي تي قائم مندر جيڪو لوهاٽي پاڙي ۾ آهي. ٻيو راجا وير جو مندر جيڪو شاهي بازار جي آخري ڇيڙي تي گدو مل جي دڪان جي سامهون آهي. هنن مندرن ۾ صبح شام پوڄا جو ٽائيم مقرر آهي پر هتي رهندڙ هندن مان بقول هتان جي نوجوان ديوان راجڪمار جي ته 5 سيڪڙو ماڻهو به عبادت لاءِ مندرن جو رخ نه ٿا رکن. سندن جي مندرن ۾ شيو شنڪر ڀڳوان، شري ڪرشن، شيرانوالي ماتا، ڪالي ماتا، گرو نانڪ شاه، هنومان، شري رام ۽ سندن سَنتن جنهن ۾ هالاڻي، نوشهروفيروز، رهڙڪي صاحب جي گادي نشين شامل آهن جون تصويرون رکيل آهن. جن جي هو پوڄا ڪن ٿا. پوڄا جي جاءِ بابت هتان جا هندو به پاڪستان جي ٻين علائقن جيان پاڻ کي انتهائي غير محفوظ تصور ڪن ٿا. هنن مطابق گذريل 30 سالن ۾ 10 کان وڌيڪ ڀيرا سندن مندر مان چوريون ٿي چڪيون آهن. چورن جو نشانو گهڻو ڪري چندي واري پيتي ئي هوندي آهي. هو اقليت ۾ آهن. انهيءَ سبب گهڻو ڪري چپ ئي رهن ٿا يا وڌ ۾ وڌ شهر جي چڱن مٺن وٽ دانهين ٿين ٿا.
ٺاروشاه جي هندن جي ڪريا ڪرم لاءِ پراڻي وقت کان هتي ٻه مساڻ هئا. جن ۾ واپڊا آفيس جي ڀڪ ۾ معصومن جو مساڻ جتي هندو پنهنجي ٻارڙن کي ساڙڻ بدران دفنائيندا آهن. ٻيو ڀورٽي- مڃٺ باءِ پاس تي وڏو مساڻ جتي هندو پنهنجي مُردن کي ساڙن ٿا. هتان جي ديوانن مطابق شهر جي سوڙهه جي ڪري سندن جا مساڻ به قبضا گيرن کان ناهن بچي سگهيا. سندن جي معصومن جي مساڻ جي اڌ کان وڌيڪ زمين تي ته قبضو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ڀورٽي باءِ باس تي موجود وڏي مساڻ کي ڪجهه سال اڳ محفوظ رکڻ لاءِ چوديواري ڏياري آهي پر پوءِ به هنن جي اها پوتر جڳهه چوري چڪاري کان محفوظ ناهي. جنهن ڳالهه جو هنن کي شدت سان احساس رهي ٿو. ٺاروشاه جي هندن کي انهيءَ ڳالهه جو به چڱي ريت احساس آهي ته هو پنهنجي ڌرم جا ڏيهاڙا اهڙي آزاد نموني نه ٿا ملهائي سگهن، جيئن پاڪستان جي قيام کان اڳ ملهائيندا هئا. خاص ڪري هوليءَ جو ڏڻ جنهن تي هو هڪ ٻئي تي رنگ اڇلائيندا آهن ۾ گهڻو محتاط رهن ٿا. ڇو جو اهو رنگ ڪنهن پڪي مسلمان کي لڳڻ جي صورت جهيڙي جو وڏو امڪان هوندو آهي. ان جي باوجود پنهنجي مخصوص ڏڻن کي سست نموني سان ملهائڻ بابت هنن جو اهو به خيال آهي ته دنيا تبديل ٿي وئي آهي. جهڙي ريت هاڻي مسلمانن وٽ به عيد و برات ۾ اهو چس ناهي رهيو، انهيءَ ڪري سندن جا ڌرمي ڏيهاڙا به اهميت وڃائيندا پيا وڃن.
ڇاڪاڻ ته سنڌ جا هندو سدائين کان نهايت امن پسند ۽ ڪاروبار جي حوالي سان انتهائي معتبر نالو رهيا آهن، جنهن جي ڪري هنن کي واڻيو پڻ سڏيو وڃي ٿو. (لفظ واڻيو اصل ۾ وڻج مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي واپاري) هو جهيڙي جهٽي کان پاسو ڪندڙ آهن. جيڪڏهن هنن جو پاڻ ۾ ڪو اختلاف ٿئي به ٿو ته شهر ۾ موجود سندن جي سماجي تنظيم سنت گدو رام شيوا منڊلي دور ڪرائڻ جي ذميدار آهي.
سيٺ عيدن داس تي شهر جي مکي هجڻ جو بار آهي. هو به پنهنجي وس آهر پنهنجي برادريءَ جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڻيندو رهي ٿو. هن سان گڏ مدد ۾ سندر داس، گدو نارائڻ داس، سريش ڪمار شامل حال هوندا آهن. عيدن داس ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوشهروفيروز جو ميمبر به رهي چڪو آهي. ٺاروشاه ۾ پاڪستان کان اڳ ته هندو سڄي شهر تي ڇانيل هئا پر هاڻي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ هنن جو گهڻو تعداد شهر جي وارڊ نمبر 3 هندو محلا ۾رهي ٿو. هتان جي ديوانن جو گهڻو انحصار واپار تي آهي. سڄي شهر ۾ هنن جا ريزڪي دوڪان مشهور آهن جتي گهر جو سيدو مناسب اگهه ۽ معيار مطابق ملي ٿو. ڳالهه کي کٽائڻ ته پاڪستان جي قيام کان 64 سالن کانپوءِ به ٺاروشاه جا هندو ديوان هن شهر جي سونهن آهن. کين هن شهر کان ڪجهه شڪايتن جي باوجود تمام گهڻو پيار آهي. هنن جي بقول ته ڪجهه مذهبي انتها پسند ڌرين کانسواءِ شهر جي ماڻهن جي اڪثريت سندن سان پيار ڪري ٿي. هو به انهيءَ ڳالهه جو قدر ڪن ٿا.

ٺاروشاه ۾ چوڪيداري نظام

ٺاروشاه ۾ چوڪيداري نظام

ٺاروشاه ۾ گذريل 8 سالن کان قائم چوڪيداري نظام نهايت مؤثر آهي. سالن کان هن شهر ۾ موجود پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي حفاظت جو هي نظام شهرين ۽ واپارين کي سک جي ننڊ سمهاري ٿو. هتان جا ماڻهو شهر جي فرض شناس چوڪيدارن جي ڪري آرام جي ننڊ ڪن ٿا. هونءَ ته ٺاروشاه ۾ چوڪيداري جو نظام تڏهن کان ئي قائم ٿيو هوندو جڏهن کان هي شهر وجود ۾ آيو هوندو، پر جڏهن اسان موجود چوڪيداري سسٽم جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اهو سال 2003ع کان ٺهيو. هن نظام ٺاهڻ جو روح روان، شهر جي مشهور سماجي شخصيت بابو اسلم فوجي هو. جنهن رات ڏينهن هڪ ڪري واپارين ۽ شهرين سان گڏجاڻيون ڪري انهن کي آماده ڪيو ته هو پنهنجي جيب مان ڪجهه رقم خرچ ڪري پنهنجو تحفظ يقيني بنائن. هن وقت شهر ۾ 12 چوڪيدار رات جو پنهنجي ننڊ ڦٽائي، شهرين لاءِ امن جي اميد بڻيل آهن. ٺاروشاه جي هن چوڪيداري سسٽم ۾ ڀورٽي ناڪو، ڪار اسٽينڊ، ريشم بازار، ميمڻ محلا، خانزاده محلا، نيشنل بينڪ ۽ هاءِ اسڪول جا علائقا شامل آهن، جيڪي رات جي وقت هنن چوڪيدارن جي مڪمل نظرداري جي هيٺ رهن ٿا.
چوڪيدارن کي پگهارن جي سلسلي ۾ گهڻو پريشان ٿيڻو نه ٿو پوي، ڇاڪاڻ ته شهرين ۽ دڪاندارن باقاعده طور هڪ چوڪيداري فنڊ قائم ڪيو آهي. جنهن ۾ هو هر مهيني ۾ پنهنجي وس آهر رقم جمع ڪرائن ٿا. جنهن جو به هن مهل تائين گهڻو تڻو نظام بابو اسلم فوجي ئي هلائي ٿو.

ٺاروشاه ۾ گيٽون

ٺاروشاه ۾ گيٽون

ٺاروشاه جي خانزاده ۽ ميمڻ محلن ۾ 1992ع کان گيٽون به لڳل آهن. انهن محلن ۾ گيٽن لڳائڻ جي تاريخ ڪجهه هن ريت آهي ته سال 1992ع ۾ مڪه مسجد جي ڀرسان مختيار خانزادي جي گهر ۾ ڌاڙو لڳو هو. ان واردات ۾ اختيار خانزادي جي نياڻي، ظالم ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿي وئي. جنهن کانپوءِ شهرين هڪ اتحاد قائم ڪري فيصلو ڪيو ته مستقبل ۾ ڏوهارين جي اهڙين قهري ڪاررواين کان بچڻ لاءِ هو پنهنجي محلي ۾ گيٽون هڻائيندا. هن وقت ميمڻ- خانزاده محلن ۾ 7 گيٽون لڳل آهن. جيڪي گهڻو ڪري رات جي وقت به کليل رهن ٿيون ڇاڪاڻ ته هاڻي نسبتن امن جي صورتحال آهي.

ٺاروشاه جون رانديون

ٺاروشاه جون رانديون

ماضي قريب ۾ ٺاروشاه، علمي، ادبي، سماجي ۽ سرگرمين سان گڏ راندين جو به مرڪز سمجهيو ويندو هو. هن شهر ۾ ڪرڪيٽ ته پنهنجي عروج تي هئي پر شوٽنگ بال، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس جون به ٽورنامينٽون منعقد ٿينديون هيون. اڄ جي ٺاروشاه ۾ جيتوڻيڪ اهي رانديون ته مختلف صورتن ۾ کيڏيون وڃن ٿيون پر بقول پراڻن توڻي نون رانديگرن جي انهن ۾ ساڳيو چاهه ناهي رهيو. اسان هتي هن شهر جي راندين جو الڳ، الڳ نموني ذڪر ڪري رهيا آهيون. جيئن ايندڙ وقت ۾ ٺاروشاه جي تاريخ پڙهندڙن کي آساني ٿئي. راندين جي تذڪري ۾ هنن جو ماضي ۽ حال شامل آهي.

ڪرڪيٽ:
ٺاروشاه ۾ هن وقت ٻه ڪرڪيٽ ڪلب ڊسٽرڪٽ گونمينٽ نوشهري فيروز وٽ رجسٽرڊ آهن. پهريون اليون اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ٻيو سچل سرمست ڪرڪيٽ ڪلب. ٺاروشاه ۾ هونءَ ته پاڪستان کان اڳ به ڪرڪيٽ جي راند وڏي شوق سان کيڏي ويندي هئي. پر 1965ع کانپوءِ هن گيم کي تمام گهڻو فروغ حاصل ٿيو. هتان بهترين قسم جا رانديگر اڀريا جن سنڌ سطح تائين ٺاروشاه جي نمائندگي ڪئي. انهن سٺن رانديگرن ۾ صوفي عبدالڪريم، قاضي عبدالڪبير، قاضي عبدالرشيد، اختيار خانزاده، فوجدار خانزاده، ٽڪا خان خانزاده، صديق جمال عرف سائين گڊو، ارشد سهتو، نثار منگي، ذوالفقار سهتو شامل آهن. جڏهن ته حال ۾ ذوالفقار بڙدي، عامر منگي، ذوهيب عرف سني منگي، ڪاشف خانزاده، ڪامران قريشي ۽ عمران قريشي سٺن رانديگرن ۾ شامل ٿين ٿا. ٺاروشاه ۾ جيئن ته مٿي لکي آيو آهيان ته ٻه ڪلب رجسٽرڊ آهن. هي اهي ڪلب آهن. جيڪي ليڌر جي بال تي کيڏن ۽ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽس ۾ پڻ حصو وٺن ٿا. ٺاروشاه جي هنن ٻنهي ٽيمن محرابپور، دوڙ، دادو، دولتپور ۾ ٿيندڙ ڪافي مقابلا پڻ کٽيا آهن. اليون اسٽار هڪ ڀيرو پنجاب ۾ به کيڏڻ لاءِ وڃي چڪي آهي. ليڌر بال جي مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي ٽيمن کانسواءِ هن شهر ۾ سستي ڪرڪيٽ يعني ٽيپ ٽينس بال تي به عام جام راند ٿئي ٿي. جن ۾ پڻ مختلف ڪلب شامل آهن جيئن: احسان ڪرڪيٽ ڪلب، عنايت شاه، ابراهيم شاه، المهراڻ، هري پور، ڏهراج، ساند سومرا. ٺاروشاه ۾ ڪرڪيٽ جا ٻه ميدان آهن. هڪ هاءِ اسڪول جو ميدان ٻيو هري پور جو جنڪشن جي ڀرسان گرائونڊ، هن شهر جي رجسٽرڊ ڪرڪيٽ ڪلبن کي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ طرفان في ڪلب کي 20 هزار ساليانو فنڊ ڏنو ويندو آهي. جيڪو منهنجي خيال ۾ هن مهانگائي جي دؤر ۾ ڀڳڙن جي مٺ برابر ٿيندو. باقي خرچ ٽيم ۾ شامل رانديگر شوق جي ڪا به بها ناهي هوندي جو مقولو اڳيان رکي ڪندا آهن. هتان جي ڪرڪيٽ ميدانن جو حال به مخدوش آهي. جنهن تي پڻ ڪو به توجهه نه ٿو ڏنو وڃي. ٺاروشاه جا رانديگر توڻي ڪرڪيٽ جا شوقين ان جي وچ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪري چڪا آهن ته هنن جا ڪلب پاڪستان ڪرڪيٽ ڪلب وٽ رجسٽرڊ ٿين پر نتيجو مايوسي کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهيو آهي. بلاشڪ ڪرڪيٽ، ٺاروشاه جي سڀ کان وڌيڪ کيڏي ويندڙ گيم آهي پر ان جو حشر جو ههڙي ريت آهي ته ٻين راندين جو ڇا هوندو؟ اهڙا ڪافي جملا، جيڪي پنهنجي اڳيان سواليه نشان ڇڏي وڃن ٿا.

شوٽنگ والي بال:
ڪو دؤر هو جو ٺاروشاه، شوٽنگ والي بال جو ڄڻ گهر هوندو هو. جتي هن شهر ڀلا رانديگر پيدا ڪيا. اتي هن شهر ۾ شوٽنگ والي بال جي راند جي سمجهڻ جا شوقين به هئا. جيڪي هن راند جي صرف ڏسڻ جي شوق ۾ پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃڻ ۾ دير نه ڪندا هئا. ٺاروشاه ۾ ملڪي سطح تي رانديون پڻ ٿينديون هيون. جنهن ۾ سڄي ملڪ جا بهترين رانديگر پنهنجي راند جو مظاهرو ڪندا هئا. شهر جي هاءِ اسڪول گرائونڊ تي هن راند جي ٻن رجسٽرڊ ڪلبن مهراڻ ۽ عنايت شاه جي چڱن پليئرن بشير ڏهراج ۽ ارشاد خانزاده جو راڄ هوندو هو. انهن ٻنهي رانديگرن کي وري جيڪڏهن سرور کوکر جهڙو نيٽي ملي وڃي ته ڌماڌم مست قلندر ڪرائيندي دير ئي نه ڪندا هئا. ٺاروشاه جي اها بدقسمتي جو هاڻي هتي شوٽنگ والي بال پنهنجو دم خم ختم ڪرائي چڪي آهي. ڪجهه ڏينهن کان شهر جي ڪجهه پراڻن رانديگرن هڪ ڀيرو ٻيهر راند شروع ڪرائي آهي. ڏسجي ته اها ڪيسيتائين ٿي هلي؟

بيڊ منٽن:
ٺاروشاه ۾ ڪرڪيٽ ۽ شوٽنگ والي بال کانپوءِ بيڊ منٽن جي راند گهڻي مقبول آهي. اها ٻي ڳالهه ته هي راند عام ماڻهن کان هٽي ڪجهه خاص ماڻهن تائين محدود آهي. شهر جي ٽائون ڪاميٽيءَ جي گرائونڊ تي هن راند جي تاريخ 50 سال پراڻي آهي. ڪجهه سال اڳ هن راند جو به عروج ٿيو، جڏهن هتان جي رانديگرن پنهنجي شوق جي پورائو لاءِ ملڪ جي مختلف شهر مان بيڊ منٽن جو ٽيمون گهرائي مختلف چيمپئنشپ ڪرايون. هن وقت توڻي ماضيءَ ۾ اختيار خانزاده، نثار ڀرٽ، احمد نواز ڀرٽ، اختيار سومرو، ڊاڪٽر ممتاز سومرو، مٺل بڙدي، خالد راجا، ظهور خانزاده، بشارت علي سومرو ۽ سيد شفقت شاه، ٺاروشاه ۾ بيڊ منٽن جا بهترين رانديگر آهن.

فٽبال:
ٺاروشاه ۾ فوٽبال جي راند کي ڪا خاص پذيرائي حاصل نه ٿي. هاءِ اسڪول جي ميدان تي شام جي ٽائيم ڪجهه رانديگر اچي کيڏندا هئا، جن ۾ محمد الياس خانزاده، عبدالغني خانزاده، بابو اسلم فوجي، امين راول، مظهر خانزاده شامل آهن. هاڻي هن شهر ۾ فوٽبال جي راند بلڪل نه ٿي کيڏي وڃي.

ڪٻڊي يا ڪوڏي ڪوڏي:
ڪٻڊي يا ڪوڏي ڪوڏي جي راند سنڌ جي قديم راندين منجهه شمار آهي. هن راند ۾ تمام گهڻي ڦڙتي ۽ طاقت جي ضرورت هوندي آهي. ان سان گڏ شايد برداشت جي به جيئن جيئن ملڪ مان برداشت ختم ٿيندي وئي. هن راند جو به زوال اچي ويو. ٺاروشاه به سنڌ کي پنهنجي وس آهر ڪوڏي ڪوڏي جا بهترين رانديگر ڏنا جن ۾ قربان ڏهراج، سليمان ڏهراج، غلام قادر منگي، غني سيال، دوست محمد سيال، محمد ايوب خانزاده، انور خانزاده، خورشيد راجپوت، جاني راجپوت، فتح محمد خانزاده شامل آهن.

ملهه:
ملهه سنڌ جي قومي راند آهي. ٺاروشاه ۾ به ملهه جو شوق اعلى پائي جي درجي جو موجود آهي، پر شايد ڏسڻ جي حد تائين ڇاڪاڻ ته موجوده دؤر ۾ ٺاروشاه جو ڪوبه اهڙو ملهه نه آهي، جنهنجو نالو سنڌ سطح تائين هجي. ان جي باوجود ڀنڀو خان چانڊيو، مجنون چانڊيو، صوف مهيسر جا نالا هتان جي ملهن ۾ اچن ٿا.

ٽيبل ٽينس:
ٽائون ڪاميٽي جي ميدان جي ڀرسان ٺهيل وڏي هال ۾ ئي ٽيبل ٽينس کيڏي ويندي هئي. فقط ڪجهه رانديگر هن گيم ۾ حصو وٺندا هئا. مطلب ته هن راند کي ٺاروشاه جي مقبول راند نه ٿو چئي سگهجي. انهيءَ جي باوجود غلام حسين منگي، اڪبر سومرو، محمد شريف ڏهراج ٽيبل ٽينس جا ناليارا پليئر هئا. موجود دؤر ۾ ٽائون ڪاميٽي جي انتظاميه جي مهربانين سان ”نه هو بانس، نه بجي بانسري“ وارو ڪم اختيار ڪندي. اها ٽيبل ئي ڀڃي ڀور ڪئي وئي. جنهن جي مٿان راند کيڏي هڪ شوق جي تڪميل ٿيندي هئي.

ٺاروشاه جا تفريحي ماڳ، ماضي ۽ حال

ٺاروشاه جا تفريحي ماڳ، ماضي ۽ حال

”آج رات نورمحل سئنيما مين نديم اور شبنم ڪي فلم زندگي۔۔۔۔“ هنن لفظن تي مشتمل آواز ٺاروشاه وارن کي ماضيءَ جون ڪجهه ياديون تازيون ڪرڻ ۾ ضرور مدد ڪندو. شام ڌاري ڪباب ٺاهي کپائندڙ ۽ ڏينهن جو اڪثر ڪري فلمن جا پڙها ڏيندڙ ناصر پنجابي هاڻي اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو ۽ نه ئي وري اهو تفريحي ماڳ نور محل سئنيما جنهن ۾ ماضيءَ جون شاندار فلمون لڳنديون هيون ۽ پري پري کان ماڻهو ڪهي اچي اهي شو ڏسندا هئا. 1950ع جي ڏهاڪي ڌاري ٺاروشاه ۾ ڀرين جي سيدن ڀريا شهر جي اسٽاپ تي سئنيما ٺهرائي جنهن کي بعد ۾ سنڌ جي نالياري سياستدان سيد مراد علي شاه پنهنجي والد صاحب سيد نور محمد شاه جي نالي تي نور محل جو نالو ڏنو. هي عاليشان قسم جي سئنيما پاڪستان فلم انڊسٽري تي زوال اچڻ کانپوءِ به ڪيترائي سال جاري رهي پر وقت جو مقابلو ڪير ڪري؟ آخرڪار ڪجهه سال ٿيندا جو ٺاروشاه جي هن سٺن تفريحي ماڳ کي بند ڪيو ويو آهي. ٺاروشاه جي نور محل سئنيما جو ذڪر ڪندي سيد مراد علي شاه جي ان ڪوشش جو ذڪر نه ڪرڻ سراسر ناانصافي تي ٻڌل هوندو ته جڏهن سڄي ملڪ ۾ سئنيما هال بزنس، رهائشي بلڊنگس ۾ تبديل ٿي ويا، اتي شاه صاحب هن جڳهه کي اڄ تائين فقط ان آسري تي سانڍيندو پيو اچي ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جنهن ۾ ماڻهن جي تفريح جو لاڙو سئنيمائن ڏانهن ٿيندو. نور محل جي اهڙي ريت سانڍڻ مان اسان کي سيد مراد علي شاه جي فن جو قدردان هجڻ جو پتو پڻ پوي ٿو.

ٽاڪيز
نورمحل سئنيما کان ڪجهه اڳ ٺاروشاه ۾ مٺياڻي- دليپوٽا روڊ تي جنڪشن کان ٿورو اورتي شهر سان لڳو لڳ ٽاڪيز وجود ۾ آئي هئي. هن جو مالڪ علائقي جو معتبر شخص غلام نبي ڏهراج هو. هن سئنيما پنهنجو عروج ڏٺو. هي اهو دؤر هو جڏهن هندستان جي سئنيمائن تي به پاڪستاني فلمون هلنديون هيون. ٺاروشاه ۾ وري ”ٽاڪيز نالو ئي ڪافي آهي“ جي مثل هئي. جتي نه صرف پاڪستاني پر ڪيتريون ئي هٽ سنڌي فلمون پڻ شوقينن کي ڏسڻ لاءِ مليون. ٽاڪيز سئنيما جي دؤر کي جيڪڏهن پاڻ ٺاروشاه واسين جي تفريح جو سونهري دؤر چئون ته به گهٽ نه ٿيندو. شام ٿي ناهي، ٽاڪيز جي اڳيان ماڻهن جو ميلو متو ناهي. هڪ پاسي ٽاڪيز جا جلوا ته ٻئي طرف ماڻهن جو جنڪشن تي گڏ ٿيڻ. پڪ نه ٿو ڀانيان پر محسوس ڪري سگهان ٿو ته انهيءَ دؤر جي ئي ڪري ٺاروشاه جو هن سڄي علائقي ۾ وڏو نالو هو. اهو پڻ ته فلمن جي شروعاتي دؤر ۾ سئينمائن تي گونگيون فلمون يعنى بنا آواز جي هلنديون هيون. بعد ۾ آواز سان گڏ فلمون اچڻ شروع ٿيون جن کي ٽاڪيز سڏيو ويو.

جنڪشن
ٺاروشاه سان جنڪشن جو ميلاپ ائين هو جئين مُنڊيءَ ۾ ٽڪ. ٺاروشاه، جنڪشن کان سواءِ ڪالهه به اڌورو هو اڄ به اڌورو آهي. هي اهو زمانو هو جڏهن شهر واسين لاءِ جنڪشن ٽرانسپورٽ جو اعلي ترين ذريعو هجڻ سان گڏ تفريح جو ڀلو ماڳ پڻ هو. صبح ٿيو ناهي، ٺاروشاه واسين جٿن جي صورت ۾ جنڪشن ڏانهن ڪاهه ڪئي ناهي. پري کان ڪوڪو ڪندڙ ريل، ويجهي کان نظاري ۾ انهيءَ گاڏيءَ ۾ سوار حسين چهرا جن کي ڏسي ڪنهن شاعر جي بقول ته ”سارا ٿڪ لهي ويا“ جو لقاءُ ٿي ويندو هو. بِهن وارن، گجرون کپائيندڙن جا هوڪا. بس گيدي ۾ چار آنا سي هجن باقي کائڻ لاءِ به ايترو ملي ويندو جو وڃي ٿيا ست خير. هاڻي به جنڪشن تي ست ئي خير آهن. بس وقت وقت جو ڪمال آهي.

هاءِ اسڪول جو گرائونڊ
هاءِ اسڪول جو ڪشادو گرائونڊ به ٺاروشاه جي رهندڙن لاءِ تفريح جي وڏي وٿ هئي. ميدان جي چوڌاري ٽالهين جا ڊگها وڻ، ڪجهه اورتي گلاب ۽ موتيي جا ٻوٽا، ٻوٽن ۾ ٽڙيل گل، گلن مان ايندڙ سڳند، بس پوءِ ڪيا بات جو سماءُ هوندو هو. هر روز صبح جو سوير شهر جا اڪثر رهواسي ان سڳند جي سڳي ۾ ڇڪجي هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي پهچي ويندا هئا. مونکي ٺاروشاه جو هي خوشبودار منظر لکندي حڪيم لقمان جو هي مقولو ياد اچي ٿو ”زندهه انسان ڳئون جو گوشت کائڻ کانپوءِ مري ڇو نه ٿو؟ ۽ مئل ماڻهو نم جي پاڻي سان غسل ڪرائڻ کانپوءِ زنده ڇو نه ٿو ٿئي؟“ مان به هتي هي سوال ٺاروشاه واسين جي اڳيان ضرور رکڻ چاهيندس ته ٺاروشاه جي هن عظيم ورثي کي وڃائڻ کانپوءِ شهر واسي ساهه ڪيئن ٿا کڻن؟ ڇا هنن جي ساهن ۽ احساسن مان بدبوءِ ۽ خوشبوءِ جي تميز ختم ٿي چڪي آهي؟ هن مضمون جي ڊيگهه کي ڏسندي مان ٺاروشاه جي حال بابت ڪجهه به نه ٿو لکڻ چاهيان سواءِ ان جي ته هاءِ اسڪول جي گيٽ کان اندر تائين فقط بدبوءِ جو راڄ آهي.

هاءِ اسڪول جو ڊراما هال
ٺاروشاه هاءِ اسڪول جي ڊراما هال کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هتي گوبند مالهيءَ جا ابتدائي لکيل ڊراما پيش ڪيا ويا. ماسٽر چندر هتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هي ڊراما هال شهرين ۽ خاص ڪري تعليم سان لاڳاپيل ماڻهن جو مرڪز هو. جيڪو هاڻي هڪ اجڙيل داستان کان سواءِ ڪا به حيثيت نه ٿو رکي. ڪجهه سال اڳ هن هاءِ اسڪول جي گرائونڊ ۽ ڊراما هال جي سٺي شهرت کي ڏسندي اٺن ڏينهن جي اسڪائوٽ ڪئمپ پڻ هنئي وئي هئي. جنهن کا بعد اهڙي ڪا به سرگرمي ڏسڻ لاءِ نه ملي آهي. البت هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي ڪرڪيٽ جون ٽورنامينٽون منعقد ٿينديون رهنديون آهن. جنهن ۾ شهر جا نوجوان رانديگر پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري راند جي اها سرگرمي بحال رکيو اچن. جن کي لک شابسون هجن.

ٺاروشاه ۾ مارشل لا

ٺاروشاه ۾ مارشل لا

سڄي ملڪ، خاص ڪري سنڌ لاءِ انتهائي ڪڙي امتحان جو دؤر هو. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سنڌ جون سموريون محروميون ماڻهن جا سينا ڦاڙي ٻاهر نڪري اينديون. ’پاڪستان جو مطلب ڇا؟ ڦاهيون ڦٽڪا مارشلا‘ جو نعرو هر سنڌ واسي جي زبان تي هو. هتان جي ئي ٻهڳڻي شاعر منظور سولنگيءَ جو ڪلام ”مَنهنِ، ڇپرن، لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون، فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون.“ پنهنجي سڀني تواناين سان عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو هو. ان سڄي لقاءَ ۾ ساهتيءَ جو هي سهڻو شهر به لاتعلق نه هو. هتان جي سياسي ڪارڪنن کان وٺي عام ماڻهو تائين هر ماڻهو روڊن تي نڪتل هو. هي اهو دؤر هو جڏهن سنڌ ۾ مارشلا جي خلاف هلچل ننڍي کنڊ ۾ گذريل صدي جي وڏي مان وڏي تحريڪ جو رخ اختيار ڪري ورتو هو. جنهن جي پويان مکيه ڪارڻ سنڌي ماڻهن جي آزاديءَ واري جبلت ۽ اهو احساس محروميءَ جو جذبو هو، جيڪو هنن جي محبوب اڳواڻ شهيد ذوالفقار ڀٽي جي عدالتي قتل جي صورت ۾ ظاهر ٿيو هو. سڄي سنڌ وانگي ٺاروشاه جي ماڻهن ۾ به ڪروڌ جي اهڙي ته خطرناڪ لهر پيدا ٿي وئي، جنهن کي ڏسي اهو آساني سان اندازو ڪري سگهجي پيو ته ٺاروشاه ڄڻ باهه جي شعلن جي ور چڙهي ويو آهي. ٺاروشاه ۾ هڪ پاسي ته عباس باغيءَ جي شاعري ماڻهن ۾ نئون روح ڦوڪي رهي هئي ته ٻئي طرف شهيد ڀٽي جا هيرا ورڪر (شهيد ڀٽي پنهنجي پارٽي جي ڪجهه خاص ڪارڪنن کي هيرو جي نالي تي سڏيندو هو) پنهنجي ڀرپور عوامي طاقت سان گهٽين ۾ پکڙيل هئا. خانصاحب الهڏني موريي کان دليپوٽا جي ميان مولابخش پيرزادي تائين هر ڪارڪن بم ۽ گولو هو. هونءَ ته سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ 1983ع ۾ پنهنجا پر پکيڙيا پر ٺاروشاه ۾ هي هلچل 1979ع ۾ ئي شروع ٿي وئي، جڏهن شهيد راڻي ۽ تڏهن جي آنسه بينظير ڀٽو ٺاروشاه ۾ نور محل سئنيما ڀرسان هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪري واپس وڃي رهي هئي ته رسول آباد وٽ محترمه کي گرفتار ڪيو ويو. اها ڳالهه جڏهن ٺاروشاه واسين کي خبر پئي ته شهر جي هر گهٽي مزاحمت جو هڪ اهڙو استعارو ٿي وئي. جنهن ۾ مرڻ ۽ مارڻ کانسواءِ ڪا به ڳالهه قبول ناهي هوندي. مطلب ته ٺاروشاه کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر مان ايم آر ڊي جو سِلو ڦٽي نڪتو، جيڪو بعد ۾ وڏو وڻ ٿيو. پوءِ انهيءَ وڻ جي پاڙ ڪنهن ڪٽي، ٽاريون ڪنهن ڇانگهيون، ٿڙ تي وار ڪنهن ڪيو؟ اهو فيصلو تاريخ ڪري ڇڏيو آهي. ايم آر ڊي (موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي) حقيقت ۾ ماڻهن جي انهيءَ فرسٽريشن جو نتيجو هئي، جيڪو هو سالن کان سيني ۾ سانڍي ويٺا هئا. ٺاروشاه ۾ اهو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن هتي روزانه جلوس نه نڪرن. هڪ پاسي عوام جي مزاحمت پنهنجي عروج تي هئي ته ٻئي پاسي رياست پنهنجي ڀرپور طاقت سان ان کي بدمست هاٿيءَ جيان پيرن ۾ لتاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ظهور ٻٻر کي ڪوڙن جي سزا آئي، خانصاحب الهڏنو موريو، عباس باغي، قربان ڏهراج، عبدالقيوم ڏهراج، امجد پٺاڻ، رمضان مڪراني، عبدالله منگي، ارباب وڳڻ، ملوڪ جانوري، فيض محمد پهنور. الاهي بخش پيرزاده، علي گوهر پهنور، زنوار ولي محمد پهنور، نبن خان مستوئي، الهه بچايو مستوئي، محرم جانوري، محمد عمر چنا ۽ محمد خان مسرور پنائي سميت سون جي انگ ۾ گرفتاريون ٿيون. مطلب ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ٺاروشاه واسين جو ڪردار آزاديءَ جي انهن سپاهين وانگي هيو، جيڪي جنگ جي پهرين محاذ تي دشمن سان مهاڏو اٽڪائيندا آهن.

گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ٺاروشاه

گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ٺاروشاه

سن 1872ع ڌاري اينگلو ورنيڪيولر اسڪول جي حيثيت سان وجود ۾ آيو. 1921ع ۾ اداري جي ترقي ۽ ڪامرانيءَ کي ڏسندي هن کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. ساڳئي وقت هن اداري کي گورنمينٽ لوڪل بورڊ نوابشاه جي ڪنٽرول هيٺ پڻ ڏنو ويو. 1921ع کان 1947ع تائين هي اسڪول علائقي جو ڪامياب ترين تعليمي ادارو هو. پري پري کان شاگرد هتي تعليم پرائڻ ايندا هئا. 1947ع ڌاري هن اسڪول کي ان وقت وڏو ڌچڪو لڳو جڏهن پاڪستان ۽ هندستان ٻن آزاد ملڪن جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا. هندستان جو ورهاڱو ڇاڪاڻ ته نج مذهبي بنيادن تي ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو پڙهيل طبقو يعنى سنڌي هندو هتان لڏپلاڻ ڪري ويو. ان وقت مسلمانن جي تعليم جو هي حال هو جو هيڏي ساري اداري ۾ فقط 15 کن شاگرد ۽ ڪجهه استاد هئا. هندن جي لڏڻ کانپو۽ اسڪول کي هلائڻ محال ٿي ويو. ايتري قدر جو نوابشاه لوڪل بورڊ پڻ اسڪول مان پنهنجا هٿ ڪڍي ڇڏيا. اهڙي حالت ۾ ٺاروشاه واسين لاءِ تعليم جو حصول آسمان تان تارا لاهڻ جي برابر هو. جس هجي ان استاد قاضي غلام علي قريشي صاحب کي جنهن پنهنجي لازوال محنت سان هن تعليمي اداري کي ٻيهر بحال ڪرايو. سائين قاضي صاحب هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر پڻ رهيو. پنهنجي قائم ٿيڻ کان هن وقت تائين هي اسڪول هيٺين جڳهن تي مشتمل آهي. هيڊ ماستر جي آفيس، ڪلارڪن جي آفيس، فرسٽ اسسٽنٽ آفيس، 23 ڪلاس روم، سائنس هال، لائبرري، ڊرائينگ هال، ووڊ ورڪ شاپ، ايگروٽيڪنيڪل ورڪشاپ، ٽيچرس روم، سائنس اسٽور روم، لائبرري روم، ڊراما هال، 2 اسٽور روم ۽ مسجد. ٺاروشاه هاءِ اسڪول ۾ نهايت ناليارا تعليمدان هيڊ ماستر رهيا جن ۾ لوڪو مل، اتم رام ٽهلياڻي، غلام علي قاضي، احمد خان هيسباڻي، غلام رسول سومرو، غلام قادر سومرو، شير محمد شيخ، عبدالغفور چنا، نياز احمد لغاري، عزيز الله پهنور، حاجي دودا خان عالماڻي، جان محمد ميمڻ، محمد اسماعيل سولنگي، محمد بخش چانڊيو، محمد عثمان چنڙ ۽ صدر الدين ڏهراج شامل آهن. جڏهن ته هاڻي هن تاريخي اسڪول جو هيڊ ماستر عبدالستار اڄڻ آهي، باقي اسٽاف ۾ هيٺيان سينئر ۽ جونئير استاد شامل آهن. صدر الدين ڏهراج، محمد عباس چنڙ، روشن علي تيوڻو، عبدالعزيز سولنگي، محرم علي عالماڻي، انور الدين موريو، محمد حسين ڏهراج، محمد ٻڍل تيوڻو، عبدالهادي چنا، امير بخش ميمڻ، محمد يوسف سولنگي، گلاب الدين اڄڻ، الطاف حسين شاه، گلبهار ٻاٽ، خادم حسين تيوڻو، ارباب خان ابڙو، محمد لائق سهتو، حافظ محمد قاسم عباسي، غلام قادر سومرو، ذوالفقار علي بڙدي، عطا الرحمان خانزاده، خالد حسين سومرو، عبد الغفور اڄڻ، عبد الهادي ميمڻ، نصرالله سولنگي، امتياز حسين ميمڻ، محمد يونس چنا، الطاف حسين ميمڻ، محمد دائود اڄڻ، عبدالقيوم ميمڻ، منور عالم وڳڻ، نثار احمد سومرو، عبد الطيف اڄڻ، منظور احمد ميمڻ، محمد اسلم ڏهراج، طارق علي ميمڻ، ضمير علي شاه، آفتاب علي کوسو، سرفراز احمد خانزاده، عاشق علي چنا، جميل احمد چنا، ابو عاصم سولنگي، منور الدين ڪلهوڙو، زينت الله رند، گل حسن اڄڻ ۽ بشير احمد چارڻ شامل آهن.

ٺاروشاه جو بيمثال پرائمري اسڪول

ٺاروشاه جو بيمثال پرائمري اسڪول

ٺاروشاه جي هري پور ۾ موجود گورنمينٽ پرائمري اسڪول کي جيڪڏهن ساهتي پرڳڻي جي ڀلن تعليمي ادارن سان ڀيٽا ڏجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. تعليم جي خوشبوئن ۽ رنگن سان ڀرپور هن اسڪول جي ترقي جو ضامن شهر جو ئي نوجوان هيڊ ماستر سهراب خانزاده آهي. پنهنجي طبيعت اندر تعليم سان دوستي جي ڪري ئي هن نوجوان تعليمدان جهڙي ريت پنهنجي هن اسڪول کي ترقي وٺرائي سو اسان جي اڳيان هڪ اهڙو مثال آهي، جنهن جو ڪوبه ثاني نه آهي. سال 1973ع ڌاري برانچ اسڪول جي شڪل وجود ۾ آيل هي پرائمري تعليمي ادارو هن وقت مين جي حيثيت ماڻي چڪو آهي. منهجي محترم سهراب خانزادي سان ملاقات گذريل سال (2010) ۾ ان وقت ٿي، جڏهن اسان هن جي اسڪول ۾ ٺاروشاه جي عظيم فرزند دادا گوبند مالهيءَ جي ورسي سلسلي ۾ پروگرام ڪرڻ لاءِ چونڊيو. سائين ملوڪ مستوئي سان گڏ پهريون ڀيرو مان شام ڌاري سائين سان ملڻ هن جي اسڪول ۾ ويس. منهنجي حيراني جي حد نه رهي جڏهن مان ڪجهه وقت لاءِ پاڻ کي ههڙي شاندار اداري وچ ۾ بيٺل ڏٺو جنهن جي هر ديوار تي علم چٽيل هو. اسڪول جي وچ ۾ هڪ بهترين پارڪ جنهن ۾ ڪجهه دير لاءِ ويهي ماڻهو پاڻ کي جنت ۾ ويٺل محسوس ڪري. خير! مان اسڪول کي ڏسي پاڻ سان گڏ انيڪ حيرتون کڻي گهر پهتس. اهو احساس پڻ ٿيو ته جيڪڏهن انسان ڪم ڪرڻ تي اچي ته خانگي يا سرڪاري ادارن جو فرق ختم ٿي وڃي ٿو. ان کانپوءِ سائين سهراب سان هڪ ملاقات ٿي جنهن ۾ سائين کان اسڪول جي باري ۾ ڪجهه معلومات ورتم جيڪا ڪجهه هن ريت آهي. هي اسڪول پنهنجي مين حالت ۾ 1982ع ڌاري قائم ٿيو. ان وقت اسڪول جو هيڊ ماستر حاجي نور محمد خانزاده هو. جڏهن ته اسڪول ۾ فقط ٻه ڪمرا هئا. ممتاز علي خانزاده، 1990ع ۾ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن جي ڪوششن سان اسڪول کي وڌيڪ ٻه ڪمرا مليا. 1997ع ۾ سهراب خانزاده جي هيڊ ماستر ٿيڻ کانپوءِ اسڪول جي قسمت ۾ نمايان تبديلي آئي. جڏهن هن اسڪول جي ڀرواري زمين حاصل ڪرڻ لاءِ زميندار صاحبزاده جاويد شفيع شيخ صاحب سان ڳالهايو. شيخ صاحب جي وڏائي جو هن سهراب خانزاده جي جذبي کي ڏسي گهربل زمين اسڪول کي عطيو ڪري ڇڏي. جنهن کانپوءِ به صاحبزاده جاويد صاحب اسڪول کي اليڪٽرڪ واٽر پڻ ڏنو. ان سان گڏ اسڪول ۾ هڪ ننڍڙو پارڪ پڻ ٺهرايو ويو. جيڪو هن عمارت جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي جنت جو ڏيک ڏئي ٿو. ٺاروشاه جي هن منفرد ۽ بي مثال تعليمي اداري جي چوطرف هن وقت به صاحبزاده جاويد شفيع ۽ انهيءَ جي ڀاءُ صاحبزاده پرويز شفيع جي زمين آهي. جيڪي اصل ۾ ٺاروشاه جا رهواسي ته نه آهن، پر هن اسڪول جي ترقيءَ لاءِ هر وقت ڪوشان رهن ٿا. هن سال اسڪول ۾ داخل شاگردن جو انگ 265 آهي. شهر جا ناميارا استاد، شهزاد احمد، محمد سرفراز، محمد آصف هن اسڪول ۾ پڙهائين ٿا. مٿي ذڪر ڪيل استاد بهترين معلم سان گڏ سٺا خطاط پڻ آهن. جنهن جي ڪري هنن جو اسڪول فن مصوري جو هڪ ننڍڙو ٽڪرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر وري به ڪريڊٽ ان نوجوان استاد سهراب خانزاده ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي تعليمي اداري لاءِ انتها درجي جو مخلص آهي. هن جي خلوص جو قدر ڪندي، ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ سال 2002، 2005، 2006ع جو بهترين استاد جو اعزاز به سائين سهراب خانزاده کي ڏنو. هو ضلعي ۾ هيومن رائيٽس ڪيمشن طرفان به بهترين استاد جو ايوارڊ ماڻي چڪو آهي. بس هن شخص کي جس هجي، سهراب جهڙا ماڻهو اسان جي سماج جي اوندهه ۾ ڏئي مثل آهن.

الغزالي لائبرري

الغزالي لائبرري

’الغزالي لائبرري‘ اسلامي دنيا جي وڏي اڪابر ابو حامد محمد بن محمد الغزاليءَ جي نالي تي ٺاروشاه ويجهو ڳوٺ ساند ۾ 1983ع ڌاري وجود ۾ آئي. هن لائبرري جي قيام جي پويان پروفيسر نعمت الله سومري صاحب جو رت ست شامل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ آئون ذاتي طور سائين نعمت الله جي دعوت تي لائبرري جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو. ’زيارت ۽ شرف‘ جا لفظ ان لاءِ استعمال ڪري رهيو آهيان جو منهنجي ويجهو ڪتابن کان وڌيڪ انسان جو ڪو پير و مرشد نه آهي. سچي ڳالهه ته هي به آهي جو لائبرري ۾ داخل ٿيڻ شرط منهنجي دماغ ۾ انهيءَ جو جيڪو تصور هو سو ڏينهن ۾ تارن جيان گم ٿي ويو. منهنجو خيال هو ته لائبرري ۾ چند سؤ ڪتاب هوندا، پر وڃ! هتي ته 25×30 فوٽن جو هڪ ڪشادو ڪمرو چئني پاسن کان ڪتابن سان سٿيل هو. لائبرري ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ منهنجو دوست نعمت الله سومرو مونکي مختلف ڪتابن بابت ٻڌائي رهيو هو. جڏهن ته منهنجو وات انهيءَ ڳوٺاڻي جيان پٽيل هو، جيڪو پهريون ڀيرو شهر ۾ ايندو آهي. ها! منهنجي سامهون هي راز به ان ڏينهن عيان ٿيو ته ڳوٺ ساند جا سومرا ايتري گهڻي تعداد ۾ ڊاڪٽر، انجنئير ۽ ٻين اهم سرڪاري توڻي غير سرڪاري عهدن تي ڪئين فائز آهن؟ ظاهر ڳالهه آهي ته جن ماڻهن کي ڪتابن سان عشق جي حد تائين لڳاءُ هوندو اهي هن دنيا ۾ به ڪامياب آهن ته آخرت ۾ به انهن جي ئي سرسي ٿيندي. بيشڪ ساند واسين وٽ ويڙهه لاءِ ڪي به رائفلون، بندوقون، راڪيٽ لانچر نه آهن پر ڪتابن جي صورت ۾ اهڙا زبردست هٿيار جن جي زور تي هنن سڄي دنيا ۾ پنهنجو تعارف ’پڙهيلن جو ڳوٺ‘ طور ڪرائي ورتو آهي. مان سائين نعمت الله سومري صاحب سان لائبرري جي ڪتابن جو درشن ڪندو رهيس. پاڻ مونکي رسول بخش تميمي ۽ ولي رازي جا ڪتاب محمد رسول الله ﷺ ۽ هادي ِعالم ڏيکاريائون، جيڪي ادب جا ان ڪري شاهڪار مڃيا وڃن ٿا جو ٻئي ڪتاب غير منقوطه يعني جنهن ڪتاب ۾ ڪو به نقطو نه هجي آهن. انهن ٻنهي شاندار ڪتابن کان پوءِ جيڪي پاڻ پيغمبر جي سوانح شريف تي آهن. سائين سومري صاحب مونکي اسلامڪ پيڊيا اردو جا 24 جلد ڏيکاريا جيڪو ڪم به اسلامي دنيا ۾ انتهائي اهميت جو حامل آهي. لائبرري ۾ قرآن پاڪ جو 10 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمن جا نسخا موجود هئا. انهيءَ کانسواءِ مخدوم نوح جو فارسي ۾ قرآن جو ترجمو، جيڪو شاه ولي الله جي ترجمي کان 200 سان اڳ جو آهي، موجود مليو. جڏهن ته اها دعوا ڪئي ويندي آهي ته شاه ولي الله جو ترجمو ننڍي کنڊ ۾ قرآن شريف جو پهريون ترجمو آهي. ڳوٺ ساند ۾ موجود ڪتابن جي هن شهر ۾ مونکي شيخ اياز، نجم عباسيءَ، استاد بخاريءَ ۽ عطامحمد ڀنڀري سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ناليارن اديبن جا سڀ ڇپيل ڪتاب نظر آيا. نعمت الله جي پڻ اها دعوا هئي ته انهن اديبن جا سڀ ڪتاب هن جي لائبرري ۾ موجود آهن. منهنجي هڪ محتاط اندازي موجب الغزالي ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ڪتاب آهن. جنهن جي بعد ۾ پروفيسر نعمت الله پڻ تصديق ڪئي. لائبرري ۾ موجودگي دوران منهنجي حيرتن جي انتها ٿيندي رهي ته ڪهڙي ريت سائين سومري صاحب هن لائبرري کي هيتري ترقي وٺرائي آهي؟ جڏهن اهو سوال منهنجي ذهن جي ڪينواس تان ڦري زبان تي آيو ته نعمت الله جو جواب هو ته استاد محمد ڇٽل ڏاهريءَ پاران ڀرپور همٿ افزائي جي ڪري هن کي ڪتابن سان سنگت رکڻ جو شوق جاڳيو. منهنجي پاران اهو سوال پڇڻ ته هن وٽ لائبرري هلائڻ يا وڌائڻ جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ جنهن تي سائين اعتماد واري لهجي ۾ چيو ته هن پنهنجي پگهار مان هر مهيني ڪجهه پئسا لائبرري جي واڌاري لاءِ رکيا آهن. پگهار جي ڳالهه تان آيو ته سائين نعمت الله سومرو صاحب، ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز ۾ انگريزي ادب جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي. بنيادي طور سائين اليڪٽرڪل انجنئير آهي پر علم جي چاهه ۾ ٽيچنگ کي پنهنجي شعبي طور چونڊيو. جڏهن ته هن عظيم ڪم ۾ سندس ڳوٺ وارا خاص ڪري سائين پروفيسر هارون سومرو، سندس پٽ انجنئير نصرالله سومرو، ڊاڪٽر ممتاز سومرو ساڻس ٻانهه ٻيلي آهن. نعمت الله صاحب، پنهنجي ڳوٺ واسي سيف الله ساند جيڪو هاڻي آسٽريليا ۾ مقيم آهي جي هڪ ڳالهه ٻڌائي مرڪي پوي ٿو، جڏهن سالن کانپوءِ سيف الله، آسٽريليا کان واپس ڳوٺ آيو ته هن لائبرري جي وزٽ کانپوءِ 10 هزارن جو چيڪ سائين کي لائبرري جي امداد طور ڏنو پر سائين نعمت الله خودداريءَ جو مظاهرو ڪندي اهو چئي چيڪ واپس ڪيو ته هو پنهنجي حال آهر هن لائبرري کي هلائي رهيو آهي. بهتر رهندو ته پئسن جي بجاءِ ڪتابن جي صورت لائبرري جي مدد ڪئي وڃي. خير ڪيئن به آهي پر اها حقيقت سج جيان ظاهر آهي ته هن لائبرري جي عظمت جو انڪار ڪنهن به ريت ممڪن نه آهي. بس خدا تعالى خوش رکي پروفيسر نعمت الله سومري صاحب کي جنهن جي ڀرپور ڪوششن سان 1983ع ۾ علم جي کيتي ۾ پوکيل هڪ ننڍو ٻوٽو وڏي بڙ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي ۽ پوءِ سوين علم جا پياسا هن جي ڇانوءَ ۾ ويهي پنهنجي اڃ اجهائي رهيا آهن.

سيد نورمحمد شاه ڊگري ڪاليج ٺاروشاه

سيد نورمحمد شاه ڊگري ڪاليج ٺاروشاه

ٺاروشاه واسين کي تعليم جي ڪيتري ضرورت هئي؟ انهيءَ جو اندازو تاريخ جي ڪجهه ورقن مان لڳائي سگهجي ٿو. 1946ع جو سال هو، جڏهن ٺاروشاه جي شهرين جنهن ۾ هندو پنچائت جو مکيه ڪردار هو، هڪ ڀرپور ڪوشش ڪئي ته شهر ۾ هڪ ڪامياب هاءِ اسڪول کانپوءِ شهر واسين جي سهولت لاءِ ڪاليج جوڙايو وڃي جيڪو. شهرين لاءِ جديد تعليم جي تقاضائن کي پورو ڪري. پر اها ٺاروشاه واسين جي بدقسمتي جو هندستان جو ٻن حصن ۾ ورهاڱو ٿي ويو ۽ جيڪي ڪاليج ٺهرائڻ ۾ پيش پيش هئا، اهي مُرڳو ٺاروشاه کي ڇڏي هڪ نئين ڌرتيءَ ڏانهن روانا ٿيا. جتي به انهن ترقيءَ جا قلعا قائم ڪيا پر ٺاروشاه جي بدنصيبي جو هو پنهنجي سڌريل طبقي کان محروم ٿي ويو. نتيجي طور 1946ع ۾ قائم ٿيندڙ ڪاليج، اڌ گابري حيثيت سان 1997ع ۾ عمل ۾ آيو. ٺاروشاه ۾ ڪاليج جي صورت ٿيندڙ ترقيءَ کي پورا 51 سال بريڪ لڳي وئي. جيڪڏهن پاڻ ٺاروشاه جي ڪاليج کي هڪ مثال بڻائي، شهر جي ترقيءَ جي ڳالهه ڪريون ته اسان کي سڄي سنڌ جيان ٺاروشاه به پورا 50 سال پوئتي نظر ايندو. جنهن مان پاڻ اهو ڇيد به ڪري سگهون ٿا ’بٽواري‘ سنڌ کي اڌ صدي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. موجوده دؤر ۾ هلندڙ ڪاليج، جئين ته بيان ڪري آيو آهيان ته سال 1997ع ڌاري قائم ٿيو. مٿي ’اڌ گابري‘ جو اصطلاح انهيءَ ڪري استعمال ڪيو اٿم جو، 97ع کان اڄ تائين 11 سال پورا ٿيڻ تي آهن، پر ڪاليج، شهر جي اتهاسي بلڊنگ (هاءِ اسڪول) ۾ شام جي ٽائيم هلي ٿو. 51 سالن جو ته ڪهڙو حساب ڪجي، گذريل 11 سالن کان ڪاليج پنهنجي بلڊنگ ۾ منتقل نه ٿي سگهيو آهي. جنهن جو ڪيترو نقصان هن تاريخي شهر جا ماڻهو کڻي رهيا آهن، شايد هنن کي احساس نه آهي. ان ڪري ڪاليج جي بلڊنگ لاءِ ڪابه عوامي ۽ عملي چرپر نظر نه ٿي اچي. توڻي جو ڪاليج جي بلڊنگ شهر جي ڀريا واري رستي تي موجود آهي. هن عمارت جو 80 سيڪڙو ڪم به مڪمل ٿي چڪو آهي، پر پوءِ اهي الائي ڪهڙيون مجبوريون آهن جو گذريل 5 سالن کان بلڊنگ جو تعميراتي ڪم هڪ انچ به نه ٿي سگهيو آهي. ٺاروشاه هاءِ اسڪول بلڊنگ ۾ شام جي وقت هلندڙ ڪاليج لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر لکجي ٿو ته اهو سال 1997ع ۾ شروع ٿيو. هن جو نالو علائقي جي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت سيد نور محمد شاه جي نالي پويان رکيو ويو. جيڪو نالو اڳتي هلي ڪجهه تضادن جي ور پڻ چڙهيو هو. تاريخ پهرين آگسٽ 1997ع کان ڪاليج ۾ داخلا شروع ٿي. ابتدائي طور 463 شاگردن ۽ شاگردياڻين داخلا وٺي، اهو ثبوت ڏنو ته هن شهر کي ڪاليج جي ڪيتري ضرورت آهي. ڪاليج جو پهريون پرنسپال ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ هو، جنهن کان پوءِ پروفيسر غلام رسول سومرو، پروفيسر محمد بچل سهتو، پروفيسر ارشاد علي عباسي، پڻ هن ڪاليج جا پرنسپال رهيا آهن. هن وقت پروفيسر شفيق الرحمان ميمڻ سيد نور محمد شاه ڊگري ڪاليج ٺاروشاه جو پرنسپال آهي. ميمڻ صاحب کانسواءِ هيٺيون ٽيچنگ اسٽاف مقرر آهي.
پروفيسر اصغر ڀٽي ڀريائي
پروفيسر نعمت الله سومرو
پروفيسر نظام الدين تنيو
پروفيسر حاجن لاڙڪ
پروفيسر ذوالفقار علي گوپانگ
پروفيسر خادم حسين ڏاهري
پروفيسر غلام شبير سهتو
پروفيسر ضمير احمد مهيسر
پروفيسر پرويز احمد ڪنبوه
پروفيسر اوشاق علي ابڙو
منهنجي دعا آهي ته هن تاريخي شهر جو ڪاليج جيڪو اڳي ئي 51 سال پوئتي ڌڪجي ويو آهي، جلد کان جلد پنهنجي اصل بلڊنگ ۾ منتقل ٿئي.

گرلس ڪاليج جي بلڊنگ

گرلس ڪاليج جي بلڊنگ

تاريخ جي رڪارڊ لاءِ اهو پڻ لکجي ٿو ته ٺاروشاه جي مٺياڻي روڊ تي، جنڪشن سان لڳو لڳ، شهر جي نياڻين جي سهولت لاءِ گرلس ڪاليج جي بلڊنگ جي تيزي سان تعمير ٿي رهي آهي. هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته گرلس ڪاليج جي هي بلڊنگ ٺهي راس ٿي، پنهنجون اڪيڊمڪ سرگرميون شروع ڪري ٿو يا هن جو حشر به بوائز ڪاليج جي بلڊنگ جهڙو ٿئي ٿو؟

ٺاروشاه جا خانگي تعليمي ادارا

ٺاروشاه جا خانگي تعليمي ادارا

هن شهر ۾ جديد علمن جي سکيا لاءِ ڪيترائي خانگي تعليمي ادارا موجود آهن. جن ۾ مستقبل جي معمارن کي پڙهايو وڃي ٿو. ڪجهه تعليمي ادارن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
غزالي گرامر اسڪول (مئٽرڪ تائين، انٽر جا ڪوچنگ ڪلاس پڻ ٿين ٿا)
وارث گل اسڪول (مئٽرڪ تائين)
الجيل ڪي جي نرسري (اٺين ڪلاس تائين)
عبدالله سومرو اسڪول (مئٽرڪ تائين)
اهلبيت پبلڪ اسڪول (مئٽرڪ تائين)
سچل ايڪڊمي اسڪول (اٺين تائين)
اسلامڪ پبلڪ اسڪول (اٺين تائين)
لياقت اسلامڪ اسڪول (اٺين تائين)
پارس پبلڪ اسڪول (اٺين تائين)
شيوا ڪوچنگ سينٽر (مئٽرڪ تائين)

ڪمپيوٽر سينٽر

ڪمپيوٽر سينٽر

ماڊرن ڪمرشل ڪمپيوٽر سينٽر، قطرالندا ڪمپيوٽر سينٽر، علي ڪمپيوٽر سينٽر، شايان ڪمپيوٽر سينٽر

ٺاروشاه جي اسپتال

ٺاروشاه جي اسپتال

ٺاروشاه جي اسپتال کي، جيڪا هن وقت سرڪاري ڪاغذن ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي نالي سان قائم آهي. تنهن کي جيڪڏهن پاڻ ساهتي پرڳڻي جو قديم ترين صحت مرڪز چئون ته به گهٽ نه ٿيندو. اسپتال جي موجوده رڪارڊ ۾ هن جو وجود 1933ع جو آهي، مطلب اڄ کان ٺيڪ 78 سال اڳ به ٺاروشاه علائقي جو اهو سڌريل شهر هو جتي صحت جون سهولتون با آساني ملي سگهنديون هيون. اسپتال جي رڪارڊ ۾ ڊاڪٽر مگهن مل جو نالو ملي ٿو، جنهن صاحب جي ڪوششن سان هن اسپتال جو نه صرف بنياد پيو پر ڊاڪٽر مگهن مل ڏينهن رات هڪ ڪري هن اسپتال جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اتهاس جي ڪجهه ورقن ۾ ٺاروشاه جي هن ڊاڪٽر جي باري م ڪجهه ورق هن ريت به لکيل ملن ٿا ته: بمبئي، پونا، مدراس ۽ دهليءَ کان به ڪيترائي انگريز عملدار ڪهي اچي هن ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندا هئا. مگهن مل، ان زماني ۾ تمام گهٽ سهولتن هوندي، ٺاروشاه جي اسپتال ۾ آپريشن به ڪندو هو. جنهن جي ڪري به هن جي شهرت پري پري تائين پکڙيل هئي. ڊاڪٽر مگهن مل جي نالي اها ڳالهه مشهور هئي ته ڊاڪٽر جنهن کي به علاج کان جواب ڏئي انهيءَ جو علاج لنڊن ۾ به نه ٿي سگهندو! خير ڊاڪٽر مگهن جو اسپتال جي صورت لڳل اهو ٻوٽو ان وقت گهڻي قدر مرجهائجي ويو، جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٻن حصن ۾ ٿيو. سنڌ جو پڙهيل طبقو (سنڌي هندو) اڻ ڄاتل منزل ڏانهن روانا ٿيو. پويان سنڌي مسلمانن ۾ ايلوپيٿڪ علاج کان اهو چئي ڌڪار هئي ته هو انگريز ڪافرن جون دوائون نه کائيندا. سنڌي مسلمان گهڻو ڪري يوناني طب ڏانهن رجوع ڪندا هئا. نتيجي ۾ ٺاروشاه جي اُن شاندار اسپتال پنهنجو ڪمال وڃائي زوال ڏانهن قدم وڌايا. جنهن جو عڪس اڄ به اسانکي نظر ايندو. ٺاروشاه جي موجوده اسپتال جي بلڊنگ 70 جي ڏهاڪي ۾ ٺهي آهي. انکان اڳ ڊاڪٽر مگهن مل جي بهترين اسپتال، ڀريا رستي تي موجود شاندار عمارت، جنهن کي هاڻي سچل اسپتال سڏين ٿا ۾ هئي. اسپتال جي موجوده بلڊنگ اڇي مسيت واري روڊ تي آهي، پر هاڻي اهو روڊ اسپتال روڊ جي نالي سان سڏجي ٿو. رورل هيلٿ سينٽر ٺاروشاه ۾ هن وقت 6 کان وڌيڪ ڊاڪٽر، ڊسپينسر، وارڊ بواءِ، ڊريسر ۽ ٻيو عملو آهي، جيڪو پنهنجي وس پڄان مريضن جو علاج ڪن ٿا. رڪارڊ لاءِ ڊاڪٽرن جا نالا هيٺ لکون ٿا.
ڊاڪٽر ڪيپٽن نظير احمد سومرو ايم ايس
ڊاڪٽر خير الدين مغل ڊي ايم ايس
ڊاڪٽر محمد اسرائيل شاه ايم او
ڊاڪٽر سلمان خانزاده ايم او
ڊاڪٽر غلام رسول سولنگي ايم او
ڊاڪٽر سڪندر علي سومرو ايم او
ڊاڪٽر شاهنواز نارائي ايم او
ڊاڪٽر شميم سلطان چوهاڻ ليڊي ميڊيڪل آفيسر
ڊاڪٽر نسيم نارائي ليڊي ميديڪل آفيسر
ڊاڪٽر فرح ناز ميمڻ ليڊي ميديڪل آفيسر

ٺاروشاه جي پوسٽ آفيس

ٺاروشاه جي پوسٽ آفيس

انساني سماج ۾ ڪميونيڪيشن جي تيز رفتار ترقي کانپوءِ پاڻ ۾ رابطي لاءِ استمال ٿيندڙ خطن جو سرشتو انتهائي سست ٿي چڪو آهي. ڪو وقت هو جڏهن خط کي ’اڌ ملاقات‘ سڏيو ويندو هو ۽ خط لکڻ هڪ باقاعدا فن جي شڪل ۾ اسان جي سماج ۾ دستياب هو. ٻيو ته ڇا پر خط لکڻ جو طريقو باقاعدا طور نصاب ۾ پڙهايو ويندو هو. خط لکڻ جي اهميت ايستائين هئي جو جيڪو ماڻهو هڪ سادو خط لکي ويندو هو انکي پڙهيلن جي طبقي ۾ شامل ڪيو ويندو هو. جيسيتائين اسان وٽ خطن جي اهميت رهي ته پوسٽ آفيسن جو مان به مٿاهون رهيو. جڏهن خط ئي نه رهيا يا انهن جي افاديت گهٽجي وئي ته پوسٽ آفيسن جو ڪم به ڍرو پئجي ويو. سنڌ ۾ هڪ اهڙو دؤر به ٿي گذريو آهي جو جنهن شهر ۾ پوسٽ آفيس نه هوندي هئي انکي مهذب شهر نه سمجهيو ويندو هو. هتي پوسٽ جو نظام ته مغلن جي دؤر کان چالو هو پر انگريزن جي اچڻ کانپوءِ هن نظام کي باقاعدا هڪ کاتي جي حيثيت ڏئي ترقي وٺرائي وئي. ٺاروشاه جي پهرين پوسٽ آفيس جي باري ۾ تصديق شده تاريخ نه ملي سگهي آهي ته هي ڪهڙي سن ۾ هن شهر ۾ قائم ٿي. اندازو ڪري سگهجي ٿو ته انگريزن جي دؤر کان هن شهر جي اسٽريٽجڪ حيثيت کي ذهن ۾ رکندي پوسٽ آفيس جو قيام عمل ۾ آندو ويو هوندو. شهر جي پهرين پوسٽ آفيس، مسٽر لطف الله ڪانجوءَ جو جتي گهر آهي اتي هئي. جتان پوءِ اُڀرئي ديوان جي جاءِ ۾ تبديل ڪئي وئي. هي پوسٽ آفيس ڪجهه وقت لاءِ کوکر محلا ۾ به هلائي وئي. جتان ٻيهر اڀرئي ديوان جي جڳهه ۾ اسٽيشن روڊ تي منتقل ڪئي وئي. جتان پوءِ تر جي مشهور زميندار عبدالحق ڀُرٽَ جي جاءِ جنهن کي ديرو به سڏيو ويندو آهي ۽ ان جاءِ ۾ ڪنهن زماني ۾ تپيدار ويهندا هئا ۾ آندي وئي. هي جڳهه شهر جي گوشت مارڪيٽ جي ڀرسان آهي. پوسٽ آفيس اڄ سوڌو ان جاءِ ۾ قائم آهي. هتان جي پوسٽ جو انچارج شاهنواز سهتو صاحب آهي. جيڪو ڪيتري وقت کان هن پوسٽ کي هلائي پيو. ٺاروشاه پوسٽ آفيس ۾ هتان جي تجريبيڪار انچارج آفيسر رئيس شاهنواز سهتي کان علاوه شهر جو رهواسي عبدالمجيد ميمڻ به ڪم ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ميمڻ صاحب رٽائرڊ ٿي چڪو آهي، پر ان جي باوجود پوسٽ وارا هن جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو حاصل ڪن ٿا. ٺاروشاه پوسٽ آفيس کي علائقي ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي. جنهن کانپوءِ هن پوسٽ جون مختلف برانچون به قائم ڪيون ويون آهن. جئين دلي پوٽا، فضل محمد موٽمل، سخي داد واهي، موريا، مڃٺ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ هن پوسٽ جون برانچون به سٺي ريت ڪم ڪري رهيون آهن. اسان مٿي لکي آيا آهيون ته پوسٽ ۾ هاڻي خطن جو ڪم سست ٿي چڪو آهي، انهيءَ ڪري. سرڪار پاران عوام جي ڀلائي لاءِ جاري ڪيل مختلف اسڪيمون جهڙوڪ: شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ لاءِ عوام کي پوسٽ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو چيو ويو آهي. جتي ماڻهو به پاڻ کي سولو محسوس ڪن ٿا.

ٺاروشاه جون بينڪون

ٺاروشاه جون بينڪون

ڪنهن به شهر ۾ بينڪن جو تعداد ان شهر جي اقتصادي ترقيِءَ جي رفتار جو تعين ڪندو آهي يا سادي نموني ائين لکون ته جيڪڏهن اسان ڪنهن به شهر جي معاشي خوشحالي کي ماپڻ چاهيون ٿا ته اسان کي انهيءَ شهر ۾ موجود بينڪن کي ڏسڻو پوندو. ٺاروشاه جي واپار ۽ اقتصادي ترقيءَ جو اندازو به هن شهر ۾ موجود بينڪن مان ڪري سگهجي ٿو. هن وقت ٺاروشاه ۾ ٽن قومي بينڪن جون برانچون ڪم ڪري رهيون آهن. جن مان ٻن جو تعلق خانگي شعبي سان جڏهن ته هڪ سرڪاري بينڪ آهي. اسان هيٺ انهن بينڪن جا نالا، ٺاروشاه ۾ انهن جي قائم ٿيڻ جي تاريخ ۽ انهن بابت ڪجهه معلومات لکي رهيا آهيون.

نيشنل بينڪ آف پاڪستان
هن بينڪ جي برانچ 1976ع ڌاري کولي وئي. ٺاروشاه ۾ قائم نيشنل بينڪ آف پاڪستان برانچ جو شمار، ضلعي نوشهري فيرز جي ٽين اپت واري شاخ ۾ ٿئي ٿو. مورو ۽ محرابپور کان پو۽ ٺاروشاه برانچ ڪمائتي ڳڻڻ ۾ ايندي آهي. 1976ع کان وجود ۾ آيل نيشنل بينڪ جي هي شاخ ڪجهه اڻڄاتل سببن جي ڪري 25 آگسٽ 2001 ۾ بند ڪئي وئي. جنهن جي ڪري هتان جي رهواسين ۾ سخت بيچيني پکڙجي وئي. نتيجي طور شهرين طرفان، هڙتالن، مظاهرن، جلسن جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويو. ايتري تائين جو شهر جي هڪ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن علي گوهر اڄڻ پاڻ مٿان گاسليٽ هاري ساڙڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي. هڪ طرف شهرين جو احتجاج وڌي رهيو هو ته ٻئي پاسي، نيشنل بينڪ انتظاميه جو اهو چوڻ ته هنن پئسن جي خساري جي ڪري بينڪ جي شاخ بند ناهي ڪئي، شهرين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيو هو. پوءِ پڪ سان سبب امن وامان جو هوندو، پر شهري ڄاڻن پيا ته اهڙو به ڪو مسئلو نه هو! ته پوءِ ڪهڙو سبب هو جو ٺاروشاه واسين کان نيشنل بينڪ جي برانچ کسي وئي هئي؟ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو. آخر شهرين جي زبردست احتجاج رنگ لاتو، هڪ ڀيرو ٻيهر سال 2006ع ۾ ٺاروشاه کي نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي برانچ واپس ملي. هن بينڪ جي پهرين عمارت شهر جي اندر ڀورٽي ۽ مڃٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي واقع هئي. جيڪا هاڻي نوشهروفيروز ڏانهن ويندڙ رستي تي هڪ شاندار بلڊنگ ۾ منتقل ڪري ٻيهر چالو ڪئي وئي آهي. موجوده وقت ۾ بينڪ جو مئنيجر شهمير خان پهنور آهي، جيڪو نيشنل بينڪ جي حوالي سان هڪ معتبر نالو سڏجي ٿو. پهنور صاحب ڏينهن رات محنت ڪري بينڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪوشان آهي.

حبيب بينڪ لميٽيڊ
نواز شريف جي دؤر (92_1990ع) ۾ خانگايل، هن بينڪ جي برانچ 9 سيپٽمبر 1974ع ۾ ٺاروشاه ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. حبيب بينڪ لميٽيڊ ٺاروشاه برانچ جو شمار به ضلعي نوشهري فيروز جي ڪامياب بينڪن منجهه ٿئي ٿو. ٺاروشاه ۾ حبيب بينڪ ليمٽيڊ بخاري امام بارگاهه جي سامهون ۽ شاهي بازار ڏانهن ويندڙ رستي تي آهي. محمد ارشاد هن بينڪ جو پهريون مئنيجر هو. جنهن کانپوءِ شهر جو هڪ رهواسي سيد غلام عباس شاه 1976ع ۾ حبيب بينڪ ٺاروشاه جو مئنجر مقرر ٿيو. شاه صاحب ڏينهن رات هڪ ڪري بينڪ جي ڪاميابي لاءِ پاڻ پتوڻيو. نتيجي طور اڄ به حبيب بينڪ، ٺاروشاه جي ماڻهن ۾ قابل اعتماد نالو آهي. ڪجهه وقت اڳ جڏهن نيشنل بينڪ جي برانچ کي ٺاروشاه مان ختم ڪيو ويو هو ته اهي ڳالهيون هيون ته حبيب بينڪ جي هن برانچ کي به ٻئي ڪنهن هنڌ منتقل ڪيو ويندو. پر ائين نه ٿي سگهيو. اڄ به حبيب بينڪ لميٽيڊ ٺاروشاه واسين لاءِ سهولت جو باعث آهي.

يونائٽيڊ بينڪ لمٽيڊ
حبيب بينڪ جيان نواز شريف جي دؤر ۾ خانگايل يونائٽيڊ بينڪ کي ٺاروشاه جي سڀ کان پراڻي بينڪ هجن جو اعزاز حاصل آهي. 1968ع ۾ ٺاروشاه ۾ قائم ٿيل يونائٽيڊ بينڪ لميٽيڊ جي ٺاروشاه برانچ جو هن وقت مئنجر دوست محمد عرف فراز سهتو صاحب آهي. ڀورٽي روڊ تي موجود هن بينڪ کي ڪجهه وقت اڳ ڌاڙو پڻ لڳو هو. جنهن جي ڪري وقتي طور يونائٽيد بينڪ لميٽيڊ انتظاميه ضرور پريشان ٿي هوندي، ان باوجود ٺاروشاه ۾ موجود بينڪ جي هن شاخ کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شهر جي باقي ٻين بينڪن جيان يونائٽيڊ بينڪ لميٽيڊ به ڪامياب بينڪن منجهه شمار ٿئي ٿي. هلندڙ سال هي بينڪ ريجن ۾ ٻئين نمبر تي آئي.

ٺاروشاه جي سبزي منڊي

ٺاروشاه جي سبزي منڊي

ٺاروشاه جي سبزي منڊي شهر جي نئين تڪ واري علائقي، شهر جي وڏي جامع مسجد جي بلڪل سامهون آهي. ٺاروشاه جي سبزي منڊيءَ بابت مان جيڪڏهن هي لفظ لکان ته ڪو وقت هو جو هيءَ منڊي، سنڌ جي ڪجهه وڏين منڊين منجهه شمار ٿيندي هئي ته ان ۾ ڪو وڌاءَ نه ٿيندو. سال جي هر صبح تي ٺاروشاه جي سبزي منڊي جتي، سوين ماڻهن جي روزي روٽي جو ذريعي هئي، اتي هن منڊيءَ جو هڪ منظر ميلي جو پڻ هو. منڊيءَ ۾ ٺاروشاه جي جڳ مشهور ميوي نارنگين جا وڏا وڏا ڍير، ٽماٽن جي پيتن جا لاٽ، کيرا، گدرا، انب، هنڌاڻا، زيتون، ڪيلا؛ ڀاڄين ۾ پٽاٽي، بصر کان وٺي هر موسمي ڀاڄي هن منڊيءَ ۾ وڪري لاءِ موجود هوندي هئي. اڄ کان 20 سال اڳ به هن منڊي جون رونقون تمام اوج تي هيون. هر روز هن منڊي ۾ لکين روپين جو ڪاروبار ٿيندو هو. ٺاروشاه جي هن ساڳي جاءِ تي منڊيءَ اڄ به موجود آهي پر هن ۾ پهرين واري رونق يا چهل پهل ناهي رهي. ڪاروبار ته ٿئي ٿو پر انجي اڌ جيترو به نه جيترو 2 ڏهاڪا اڳ ٿيندو هو. منڊيءَ جي انهيءَ منديءَ جا سبب ته الائي ڪهڙا آهن؟ مان نه ٿو ڄاڻان پر ايتري ڄاڻ ضرور اٿم ته هن تاريخي شهر کي جهڙي طرح انتظامي لحاظ کان پوئتي ڌڪيو ويو آهي، يقينن اهو ڪارڻ به اهم هوندو. منڊيءَ جي پنهنجي عروج ڏانهن ٻيهر بحالي ممڪن آهي. جنهن لاءِ هتان جي واپارين کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻو پوندو. مان انهن جي ڪوشش ۾ سندن لاءِ دعا ئي ڪري سگهان ٿو، جئين هن شهر جي رونقن کي ٻيهر چار چنڊ لڳن.

ٺاروشاه جو سبزي مارڪيٽ

ٺاروشاه جو سبزي مارڪيٽ

شهر جو سبزي مارڪيٽ، پنهنجي ڀائر مارڪيٽن گوشت ۽ مڇيءَ جي ڀر ۾ آهي. شاهي بازار جي بلڪل مهڙ ۾ جتان شهر واسي صبح جو سوير اٿي ڀاڄي خريد ڪن ٿا. صبح جي ٽائيم هن مارڪيٽ جي رونق وڌي وڃي ٿي. منجهند جو 12 وڳي تائين. شهرين ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان آيل ماڻهن پاران هن مارڪيٽ مان سبزيءَ جي خريداري ڪئي وڃي ٿي. شهر جي هن سبزي مارڪيٽ جي خوبي هي آهي جو هتان سبزي نهايت مناسب قيمت ۾ ملي وڃي ٿي. ان سان گڏ تازي پڻ، جنهن لاءِ شهر واسين يا هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي آهي ته هن کي مناسب اگهه ۾ تازي سبزي ملي. ٺاروشاه ۾ قديم زماني کان سبزي جو هي مارڪيٽ قائم آهي. جيڪو شهر جي وڌندڙ آباديءَ کي شايد منهن نه ٿو ڏئي سگهي. انهيءَ لاءِ مڃٺ ۽ ڀورٽي ويندڙ رستو پڻ هاڻي مارڪيٽ جو ڏيک ڏئي ٿو. مڃٺ_ ڀورٽي ويندڙ رستي لاءِ هتان جا شهري اهو ٻڌائن ٿا ته ڪو زمانو هو جو هتان ٻه بسون هڪ ئي وقت ڪراس ڪري سگهنديون هيون پر هاڻي اتي سوڙهه جو ماحول آهي. پاڻ ائين لکون ته بهتر ٿيندو ته بخاري امام بارگاهه کان وٺي ڀورٽي ناڪي تائين هڪ اڻ اعلانيل مارڪيٽ آهي. جنهن ۾ پرچون جا دڪان به موجود آهن ته سبزي ۽ فروٽ جا سوين ريڙها پڻ. هن روڊ لاءِ هتان جا ماڻهو اهو پڻ ٻڌائن ٿا ته رستي جي ٻنهي پاسي نمن جا وڻ هئا. جيڪي هاڻي نه رهيا آهن. بس هڪڙو قديم نم جو وڻ اشفاق ميڊيڪل اسٽور جي مٿان ڇانورو ڪيو بيٺو آهي. سو به شايد اسٽور مالڪ مشتاق ميمڻ جي ذاتي توجهه جي ڪري نه ته هي وڻ به ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هجي ها.
خير ڪيئن به هجي ٺاروشاه جي هن سبزي مارڪيٽ جي پنهنجي تاريخ آهي. هن وقت هن مارڪيٽ ۾ عمر قريشي، خالد قريشي، يونس راجپوت، علي حسن قريشي، شمس الدين سولنگي، رب نواز سولنگيءَ جا سبزيءَ جا شاهي دڪان آهن. جن سان هن مارڪيٽ جون رونقون آباد آهن.

ٺاروشاه جو گوشت مارڪيٽ

ٺاروشاه جو گوشت مارڪيٽ

ٺاروشاه جو گوشت مارڪيٽ شهر جي نئين تڪ واري علائقي ۾ آهي. هي مارڪيٽ اٽڪل سؤ سالن کان شهر جي ماڻهن جي گوشت جي ضرورت ٻين لفظن ۾ جسم جي لحميات جي پوراءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري پيو. ڪو زمانو هو جو ٺاروشاه جو گوشت، صفائي، سٿرائي ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. ڪنڊيارو، نوشهروفيروز سميت ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن جا رهاڪو، ٺاروشاه جي گوشت مارڪيٽ مان گوشت جي خريداري ڪندا هئا. وقت مٽجڻ ۾ دير ئي نه ٿي، ڪجهه ماڻهن جي بي ايماني ۽ ناجائز منافعي خوريءَ جي ڪري ٺاروشاه جي هن ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسيو. ٺاروشاه جو اهو گوشت مارڪيٽ اڄ به آباد آهي، پر هن ۾ اها پهرين رونق نه آهي. ان هوندي به اڄ هن مارڪيٽ ۾ روزانه هزارين روپين جو واپار ٿئي ٿو. جنهن جي ذريعي ڪيترن ئي گهرن جون چلهيون ٻرن ٿيون. اسان جڏهن ٺاروشاه جي تاريخ لکون ٿا ۽ ان ۾ شهر جي گوشت مارڪيٽ جو ذڪر ڪريون ٿا ته اهو تذڪرو تيسيتائين اڻپورو آهي جيسيتائين ان ۾ آدم، جاڙي ۽ الهورائي ميمڻ جو ذڪر نه ٿو اچي. هي همراهه پنهنجي وقت جا ايماندار ڪاسائي هئا. جن جي ساک هر شهري اڄ به کڻي ٿو. هن دؤر ۾ محمد صديق، سليم عبدالغفور، محمد ايوب قريشي، ڇوٽو قريشي، محمد علي ۽ اقبال جي ڪري هن مارڪيٽ ۾ رونقون آهن. جن جي دم سان ٺاروشاه جا شهري ٻاڪري، ماهيي ۽ ڳائي تيوڻ جو سواد وٺن ٿا. ٺاروشاه ۾ به هندستان ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن جيان هفتي جا 5 ڏينهن گوشت جو وڪرو ٿئي ٿو. ٻه ڏينهن اڱارو ۽ اربع ناغي جا هوندا آهن. ٺاروشاه جي هن گوشت مارڪيٽ جي ڀرسان ئي مڇي مارڪيٽ پڻ آهي. جتي صبح صادق کان عرس ملاح، اميد علي ۽ دادن اسان کي مڇي کپائڻ جا هوڪا ڏيندي نظر ايندا. هي سڀ اهي پورهيت ۽ واپاري آهن جن لاءِ چيو ويو آهي ته پورهيت الله تعالي جو دوست هوندو آهي.

ٺاروشاه جي ڇلا بازار ۽ سونارڪو هنر

ٺاروشاه جي ڇلا بازار ۽ سونارڪو هنر

ٺاروشاه جي هڪ بازار جيڪا هاڻي ماضيءَ جو حصو بڻجي وئي آهي. ان جي پراڻي وقت ۾ شهرت ڇَلا بازار جي نالي جي هئي. واڌوءَ جي هوٽل کان شفيع سوناري جي دوڪان تائين ڪشاده دل ماڻهن جي ڪشادي بازار جا آثار اڄ به موجود آهن. هن بازار تي ڇَلا نالو اسان کي اها شاهدي ڏئي ٿو ته ماضيءَ ۾ هن بازار اندر چيچن جا ڇلا ٺهندا رهيا آهن. ظاهر آهي ته ڇلن ٺاهڻ جو هنر سونارن وٽ ئي هوندو آهي. انڪري هن بازار جو نالو ئي ڇلا بازار پئجي ويو. ٺاروشاه جي صرافن جي هن بازار ۾ سون ۽ چاندي جو وڏو مارڪيٽ هو. پونا. ممبئي، دهلي ۽ مدراس تائين هن بازار جي سونارن جا ٺهيل ڳهه وڪري لاءِ ويندا هئا. هن بازار جو سَنو مل سونارو جيڪو پنهنجي فن ۾ ڪمال جو ڪاريگر هو، ان جي شهرت ڏيساور جي ملڪن تائين پهتل هئي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ جئين شهر جو اڌ ٿي ويو تئين هي بازار به پنهنجو رنگ ڍنگ وڃائي ويٺي. ان جي باوجود حاجي سليمان کوکر، حاجي غلام کوکر، حاجي ادريس کوکر، غلام حسين کوکر، محمد عثمان، محمد شفيع راجپوت ۽ ڪوڙل خان جيڪي پنهنجي دؤر جا وڏا سونارا هئا، هن بازار جي سونهن برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ رهيا پر هنن جي لاڏاڻي کان پوءِ انهيءَ بازار جون رونقون مانند پئجي ويون. ياد رهي ته ڇلا بازار جو ظاهري تعارف سونارڪي گهٽيءَ جو هو. جي نه ته هن بازار ۾ انساني زندگيءَ کي گهربل هر قسم جو وکر دستياب هوندو هو. اڄ ٺاروشاه ۾ ڇلا بازار ته نه آهي پر انهيءَ جي ٿورو اورتي ڪجهه گليون ڇڏي ريشم بازار جو وجود پئجي ويو آهي، جنهن لاءِ پاڻ ان بازار جو به الڳ ذڪر ڪيو آهي.

ٺاروشاه جي شاهي بازار

ٺاروشاه جي شاهي بازار

ٺاروشاه جي شاهي بازار جي تاريخ به ٺاروشاه شهر جيتري پراڻي آهي. 1792ع ڌاري نئين شهر جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ هن بازار جو قيام به عمل ۾ آيو. اصل ۾ هي بازار نه صرف ٺاروشاه پر آس پاس جي علائقي ۾ تجارت جو وڏو مرڪز هئي. هن بازار سان گڏ شهر جي هڪ ٻي بازار ڇلا بازار به هئي پر وقت جي دزَ ۾ هوءَ ڪٿي دٻجي وئي. جڏهن ته شهر جي هن بازار پنهنجي وجود جي جنگ مضبوطي سان وڙهي. جنهن جو مثال اڄ به اهي دڪان آهن جن جي ذريعي هر روز هن بازار ۾ لکين روپين جو واپار ٿئي ٿو. ٺاروشاه جي شاهي بازار کي عالمي سطح تي ان وقت پذيرائي حاصل ٿي، جڏهن تڏهن جي موسيقيءَ جي دنيا ۾ پنهنجو اعلى مقام رکندڙ ميوزڪ ڪمپني هز ماسٽر وائيس، چندر جا گيت رڪارڊ ڪرڻ لاءِ هن بازار ۾ پنهنجو مرڪز کوليو. هن ئي بازار ۾موجود ميوزڪ سينٽر ۾ سنڌي موسيقيِءَ جي عظيم فنڪار ماسٽر چندر جا اٽڪل 400 کان وڌيڪ ڪلام رڪارڊ ڪيا ويا. ٺاروشاه جي هر رهواسي وٽ هن بازار بابت ڪجهه نه ڪجهه سارون ضرورو آهن. هن ئي بازار ۾ ٺاروشاه جي صوفي بزرگ عبدالجليل جو دوڪان هوندو هو جنهن جو پاڻ الڳ ذڪر به ڪيو آهي. هن ئي بازار ۾ هڪ نيڪ انسان سائين حاجي عبدالرحيم ابڙو جو درزڪو دوڪان به هو. جتي هو ڪپڙا سبڻ کان پوءِ شام جو ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪندو هو. تاريخ جي رڪارڊ لاءِ هن وقت بازار ۾ جن واپارين جا دوڪان آهن انهن جا نالا لکي رهيو آهيون. اميد ته هنن جو ڪاروبار اڃا ترقي ڪندو رهندو ۽ بازار به سدائين پنهنجي جوڀن ۾ رهندي. راشد خانزاده، علي زاهد خانزاده، محمد صديق خانزاده، حاجي مقصود احمد خانزاده، صوفي عبدالڪريم، مختيار احمد خانزاده، احسان خانزاده، عاطف، محمد اسلم راول، عبدالمجيد پنساري، سراج پان وارو، عمر دراز، حاجي احمد سهتو، منظور احمد منگي، عبدالستار ابڙو، محمد شريف ڏهراج، حاجي اقبال لوهه وارو، محمد عيسى سومرو، ڪارو ديوان، اياز ابڙو، قربان ڀرٽ، شوڪت اقبال، حاجي وحيد خانزاده، حاجي سومرو، جميل احمد ڀرٽ، مختيار سومرو، برڪت سهتو، غلام مصطفى راول، غلام مصطفى سهتو، غلام مصطفى بڙدي، سڪندر علي سهتو، عيدن ديوان، زاهد قريشي، عرفان ڪلهوڙو، فجر الدين ڇولي وارو، عبدالغفار خانزاده، اڪبر نارائي، نعيم ڀٽي، شاڪر خانزاده، حاجي الاهي بخش بالادي، ڀڳوان داس، مير خان بالادي، منور بالادي، عرفان احمد سهتو، علي اصغر نارائي، طفيل احمد سهتو، غلام حسين کوکر، سڌير ديوان، وقار احمد سهتو، بابر راول، عرس سولنگي، جمن پيرزاده، مشتاق منگي، محمد حنيف راجپوت، خالد سهتو، سليمان ملڪ، اسماعيل کوسو، شفيق خانزاده، بهزاد مرزا، منصب اڄڻ، حيات فوٽو گرافر، محمد سهتو، گلاب ٺاڪر، ارشاد خانزاده، سليمان سومرو، حاجي اختر خانزاده ۽ وزير احمد اڄڻ.

شاهي بازار کانسواءِ شهر ۾ موجود ڪجهه ٻين دوڪاندارن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

غلام شبير ڏاهري، بسم الله آئرن اسٽور مالڪ قربان علي اڄڻ، محرم خان اڄڻ، برڪت علي اڄڻ، الطاف اڄڻ، غلام شبير خانزاده، طارق احمد خانزاده، محمد ايوب ڪلهوڙو، شهزاد مستري، احسان مستري، شهاب الدين عمراڻي، حافظ عبدالمنان ٻٻر، نانڪ ديوان، اقبال مشين وارو، سندر داس، منير احمد ڀرٽ، وسيم سيال، حاجي هارون پان وارو، لونگ سومرو، عبدالحميد موريو، اشفاق ميڊيڪل اسٽور، علي ميڊيڪل اسٽور، نياز احمد ڪورائي، منظور احمد سومرو، نياز احمد ڪورائي، عبدالغفور ڀٽي، شڪيل احمد خانزاده، سيٺ محمود خانزاده، ڏيپ چند، سيٺ غلام نبي بالادي، رفيق احمد سيال، منور بالادي، شاڪر احمد خانزاده، فراز اقبال خانزاده، خالد احمد مهيسر، وسيم مهيسر، عبدالصمد مهيسر، رئيس خانزاده، استاد طالب مستوئي مستري، سليم سهتو، فهيم سيال موبائيل شاپ، حزب الله سومرو ڪمپيوٽر شاپ، نذير سومرو مستري، منور لال ديوان، روپو مل ديوان، روي ڪمار ديوان، وسيم اڪرم موبائيل شاپ، استاد منور سيال مستري، غلام مصطفى سهتو، راجا سهتو موبائيل شاپ، اڪبر فوٽو گرافر.

ٺاروشاه جي ريشم گلي

ٺاروشاه جي ريشم گلي

ٺاروشاه شهر جي مٺياڻي - دليپوٽا روڊ تي قائم عورتن جي خريداري جو مرڪز جيڪو، سڄي علائقي ۾ ريشم گليءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جو وجود سال 1986ع ڌاري انهيءَ وقت پيو جڏهن ان گهٽيءَ ۾ واقع هڪ سيد گهراڻي جي ڇوڪري ايم بي بي ايس ڪري ميڊيڪل پريڪٽس شروع ڪئي. انهيءَ ڇوڪريءَ جو نالو ڊاڪٽر نسيم شاه آهي. جنهن جو شمار هن وقت به ضلعي نوشهري فيروز جي مشهور گائناڪالاجسٽ ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر نسيم شاه جي ميڊيڪل پريڪٽس ۽ هٿ شفا جي ڪري علائقي جون عورتون وڏي انگ ۾ هن وٽ اچڻ شروع ٿيون. بس ائين سمجهو ته ڊاڪٽر صاحبه وٽ مريض عورتن، انهن سان گڏ تيماردارن جو ڄڻ ميلو لڳل هوندو هو. پوءِ ظاهر آهي ته جتي انسان هوندا اتي ضرورتون به جنم وٺنديون آهن. انهن ضرورتن آڌار هن گهٽيءَ ۾ پهريون دڪان کليو ۽ پوءِ ٻيو، اڄ هن گلي ۾ اٽڪل 40 دڪان آهن. جن ۾ ضرورت جي هر شيءِ آساني سان ملي وڃي ٿي، پر گهڻو تڻو سامان عورتن جو ئي آهي، ۽ خريداري ڪرڻ به عورتون ئي اچن ٿيون. هونءَ ته ٺاروشاه پنهنجي ڪاروبار جي حوالي سان ملڪان ملڪ مشهور آهي، پر عورتن جي خريداري لاءِ شهر جو هي مرڪز، هن کي ضلعي جي ٻين شهرن کان نرالو بڻائي ٿو. پنهنجي پاران ڪيل هڪ سروي ۾ اهو پڻ پتو پيو ته روزانه جي بنياد تي في دڪان جي ڪمائي 15 کان 25 هزارن جي وچ ۾ آهي. عيد يا ڪنهن خاص موقعي تي اها ٻيڻي ٽيڻي ٿيو وڃي. مطلب ته ريشم گلي ۾ هر روز لکين روپين جو ڪاروبار ٿئي ٿو. ساڳي وقت علائقي جي عورتن کي به هن مرڪز مان تمام گهڻو فائدو رسي ٿو. جيئن ته مٿي بيان ڪيو آهي ته هن وقت ريشم گليءَ ۾ اٽڪل 40 دڪان آهن، جن مان ڪجهه دڪاندارن جا نالا لکجن ٿا.
عتيق حيدر سومرو، شفيق حيدر سومرو، يونس خانزاده، فهيم خانزاده، عقيل خانزاده، فاروق خانزاده، حسن چوهاڻ، شوڪت، نعيم خانزاده، ڪرم داس، سنتوش ڪمار ۽ جيسارام.

الڪريم ڪاٽن جيننگ فيڪٽري اينڊ آئل مل

الڪريم ڪاٽن جيننگ فيڪٽري اينڊ آئل مل

ٺاروشاه جي مٺياڻي روڊ تي، جنڪشن ڀرسان موجود الڪريم ڪاٽن اينڊ جيننگ فيڪٽري ٺاروشاه واسين جي صنعتي ترقي جو استعارو آهي. ڀورٽيءَ جي زميندار گهراڻي سان تعلق رکندڙ حاجي امام علي ڀرٽ جي هي فيڪٽري جتي علائقي واسين کي روزگار جا مناسب موقعا فراهم ڪري ٿي، اتي آس پاس جي آبادگارن لاءِ به سهولت جو ڪارڻ آهي، جو هو پنهنجي ڪپهه جو فصل مناسب ريٽ تي هن فيڪٽري کي ڏئي آمدني حاصل ڪن ٿا. الڪريم ڪاٽن فيڪٽري جي شهر کان ٻاهر تعمير مان هڪ مطلب اهو به هو ته جنڪشن ويجهي هجڻ جي ڪري، ٽرانسپورٽيشن ۾ سهولت ٿيندي، پر اها سهولت گهڻا سال جاري نه رهي سگهي، ڇاڪاڻ ته نواز شريف جي پهرين دؤر ۾ جنڪشن ان وقت ويران ٿي ويو، جڏهن هتان ڪراس ٿيندڙ ريل گاڏين کي اهو چئي بند ڪيو ويو ته ”خساري ۾ هلي رهيون آهن.“ ٺاروشاه جنڪشن تان ڪراس ڪندڙ ٽرينون خساري ۾ هيون يا فائدي ۾ پاڻ ان جو تفصيلي ذڪر ‘ٺاروشاه جنڪشن’ ۾ ڪيو آهي. پر هتي فقط اهو لکڻ تي اڪتفا ڪيان ٿو ته، ٺاروشاه جنڪشن بند ٿيڻ سان ريلوي جوخسارو ختم ٿيو يا نه پر هن شهر جو خسارو وڌي ويو ۽ پوءِ ظاهر آهي، ريل جي اهڙي نموني بيهڻ سان پوري علائقي جيان الڪريم ڪاٽن فيڪٽري تي به ضرور اثر پيو. ڪاٽن اينڊ جيننگ فيڪٽري جو نالو الڪريم 1986ع ڌاري پيو، جڏهن مٺياڻي جي شيخ برادرس شاه محمد ۽ نظام الدين کان هي فيڪٽري حاجي امام علي ڀرٽ صاحب خريد ڪئي. ان کان پهرين يعني مٺياڻي جي شيخ برادارن کان اڳي هي فيڪٽري سيد انور علي شاه (ڀرين وارو) جي ملڪيت هئي، جنهن 1985ع ۾ هي فيڪٽري وڪرو ڪئي. موجوده الڪريم ڪاٽن اينڊ جيننگ فيڪٽري بابت معلوم ٿيو آهي ته هيءَ فيڪٽري 1974ع ۾ سيد انور علي شاه ئي قائم ڪئي هئي، زمين تر جي زميندار حاڪم خان سيال کان حاصل ڪئي هيائين. جيتوڻيڪ هن مهل تائين هن صنعتي يونٽ جا 3 مالڪ ٿي چڪا آهن، پر هڪ ڳالهه زبردست ته ڪڏهن به هيءَ فيڪٽري بند ناهي ٿي.

ٺاروشاه جو هوٽلون

ٺاروشاه جو هوٽلون

”هلو ته ڪيسنَ جي هوٽل تان چانهن چڪي پي اچون.“ اهي لفظ ٺاروشاه جي ڀر وارن ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زبانن تي عام هوندا هئا. ڪيسنَ جي هوٽل پاڪستان جي وجود کان اڳ ٺاروشاه جو ٻيو نالو هوندي هئي. وري ڪو دؤر آيو جو سچل ميمڻ جي هوٽل پنهنجي بهترين چانهه جي ڪري نامياچاري ٿي. اهڙي طرح شاهي بازار ۾ ڌڻي بخش ڪيرييءَ جي هوٽل، شمشير جي هوٽل، ڀرين جي اسٽاپ تي فيض محمد جي هوٽل، زردار خانزادي جي هوٽل به چانهه جي بهترين ذائقي جي ڪري پنهنجي دؤرن ۾ مشهوري ماڻي چڪيون آهن. ماضي قريب ۾ آسيءَ جي هوٽل جو نالو به سٺي چانهه ملڻ جي هوٽلن ۾ شامل ٿيندو هو. آسيءَ جي انتقال کانپوءِ اها هوٽل سندسن پٽ ٽولو هلائي ٿو پر آسي جون سڪون ڪٿي ٿيون لهن.

ٺاروشاه ۾ کدڙن جي مڙهي

ٺاروشاه ۾ کدڙن جي مڙهي

ماضي قريب جي ٺاروشاه ۾ کدڙن فقيرن جي هڪ مڙهي هوندي هئي. هونءَ به سڄي سنڌ يا کڻي ائين چئجي ته ننڍي کنڊ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اهو دستور سالن کان جاري آهي ته انهن جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ خواجه سرائن يا ٻين لفظن ۾ ٽين جنس جي انسانن جو ٽڪاڻو به هوندو آهي. خواجه سرا يا کدڙا فقير جيڪي ظاهري طور ته معاشري جي ڌڪار کي منهن ڏيندا آهن پر هنن جو اهو جذبو مثالي آهي جو شهر ۾ ڪنهن جي به خوشي ٿئي سڀ کان پهريائين انهيءَ مسرت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اهي فقير ئي پهچن ٿا. ٺاروشاه ۾ به کدڙن جي هڪ مڙهي هوندي هئي. هن شهر ۾ ڪيترن سالن تائين انهن فقيرن جو ديرو رهيو. بعد ۾ جڏهن هنن جو گرو چندا جي گذاري وڃڻ کانپوءِ فقير هتان هليا ويا. جن مان ڪن ڀرواري شهر مٺياڻي جو رخ رکيو ته ڪن مورو وڃي وسايو. پوءِ به هنن شهر کي ناهي وساريو اڄ به ٺاروشاه ۾ ڪنهن امير ڪبير کي پٽ جو اولاد ٿئي ته کدڙا اچي پهچن ٿا.

ٺاروشاه جون سياسي پارٽيون ۽ تنظيمون

ملڪ ۾ ڀلي سياست جهيڙن، چالاڪين جو نالو هجي پر گهٽ ۾ گهٽ ٺاروشاه ۾ ائين هرگز نه آهي. ڇاڪاڻ ته قيام پاڪستان کان وٺي هي شهر ڪڏهن به مذهبي، لساني، سياسي متڀيد جو شڪار ناهي رهيو. فقط 1988ع ۾ سنڌ اندر پکڙيل لساني فسادن جو سيڪ ٺاروشاه کي به آيو پر هتان جي اڪابرن حالتن جي حدت کي محسوس ڪندي انهن جهيڙن تي به هڪ دم ڪنٽرول ڪري ورتو. ساهتيءَ جي هن موچاري شهر ۾ ٻين انيڪ خوبين سان گڏ هن شهر جي چڱائي هي به آهي ته هتان جو ماڻهو چاهي مذهبي، سياسي، لساني طور ڪهڙي به جماعت سان لاڳاپيل هجي پر سامهون واري ماڻهو جو احترام ڪرڻ واجب سمجهي ٿو. ٺاروشاه ۾ هن وقت ڪيتريون ئي پارٽيون سرگرم عمل آهن. جن جي ڪارڪنن جو پنهنجي پارٽي ۽ تنظيم سان ڪميٽيڊ هجڻ سان گڏ اهو پڻ منشور آهي ته هن شهر جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙبو. جيئن ته پاڻ ٺاروشاه تي هڪ تاريخي دستاويز لکي رهيا آهيون، انهيءَ ڪري اتهاس جي رڪارڊ لاءِ انهن سڀني پارٽين/ تنظيمن، انهن جي اڳواڻن/ ڪارڪنن جا نالا لکڻ ضروري سمجهون ٿا.
پاڪستان پيپلز پارٽي عبدالغني موريو، قاضي عبدالرشيد اڄڻ. امجد جانوري، اعتبار خانزاده، ظهور ٻٻر
جيئي سنڌ قومي محاذ عاشق بالادي، شاهد سومرو، اياز جانوري، ممتاز ڪلهوڙو
سنڌ ترقي پسند پارٽي خير محمد ڪولاچي، شبير اڄڻ، سيف سهتو
سنڌ يونائيٽيد پارٽي رضا بهڻ، بادل ڏهراج
جيئي سنڌ تحريڪ قابل ڪلهوڙو، منير ڪلهوڙو، بلاول ڏهراج
پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) نياز ڪولاچي، شير محمد اڄڻ، ممتاز وڳڻ
متحده قومي مومينٽ ساجد خانزاده، عامر خانزاده، ڪاشان خانزاده، محمد صديق خانزاده, اظهر ميمڻ
سني تحريڪ بهادر راجپوت، مظهر چارڻ، اقبال قريشي
جميعت علماءِ اسلام فهيم ڏهراج، حافظ شير محمد ٻاٽ
اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان سيد امتياز حسين شاه، مختيار سومرو، الطاف حسين شاه، الطاف احمد ميمڻ
پاڪستان مسلم ليگ (ن) علي گوهر اڄڻ، راڻا اڪبر راجپوت، محمود مغل.
نيشنل پيپلز پارٽي غلام حيدر بڙدي، غلام رسول پيرزاده، افتخار چارڻ، پنهل بڙدي

نوٽ: مڃجي ٿو ته مٿي بيان ڪيل پارٽين ۾ ٻيا به گهڻا ئي سرگرم ڪارڪن هوندا. جن جا نالا اسان کي معلوم نه ٿي سگهيا. جنهن لاءِ ايڊوانس ۾ انهن کان معذرت خواهه آهيان.

ٺاروشاه جي صحافت

ٺاروشاه جي صحافت

ٺاروشاه جي حيثيت ساهتيءَ جي نڪ جي آهي. جنهن جي ڪري هتي نه فقط ساهت خوب ترقي ڪئي، پر انهيءَ جي هڪ شاخ صحافت پڻ پنهنجو پاڻ مڃرايو. قاضي عبدالرحمان کان وٺي منظور سولنگيءَ جهڙا سدا ملوڪ صحافي سنڌ کي ارپڻ جو اعزاز ٺاروشاه کي ئي رهيو آهي. قاضي عبدالرحمان ’الوحيد‘ جو پهريون ايڊيٽر هو، جنهن جو ذڪر پاڻ هڪ الڳ باب ۾ ڪنداسين. انهن کانسواءِ عمرالدين بيدار، غلام قادر سومري جو به جدا نموني تذڪرو شامل هوندو. هن باب ۾ اسان پنهنجن انهن صحافي دوستن جي نالن کي شامل ڪنداسين جيڪي هن وقت تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ صحافت سان لاڳاپيل آهن.
منظور سولنگي: سولنگي صاحب جو اصل ڳوٺ ته ٺاروشاه کان 6 ڪلوميٽر پري ڪوڙي جا ڀاڻ آهي، پر هن صاحب جو گهڻو ننڍپڻ ٺاروشاه ۾ گذريو، جتي سندن والد صاحب استاد حڪيم محمد ابراهيم ’مائل‘ سولنگي، ڳوٺ کان لڏي اچي ويٺا هئا. ان کانپوءِ منظور جا گهروارا ٺاروشاه مان لڏي 9 ڪلوميٽر پري هڪ ٻئي ننڍڙي ڳوٺ ٺٽ هوتچند ۾ آباد ٿيا ۽ اڄ تائين اتي رهن پيا. منظور سولنگيءَ کي صحافت ۾ ان وقت تمام گهڻي شهرت ملي جڏهن هن روزانه ڪاوش جي شروعاتي ڏيهاڙن ۾ پنهنجو مشهور سلسلو ’سچ وڏو ڏوهاري آهي‘ لکيو. هي اهو دلچسپ سلسلو هو، جنهن منظور سان گڏ ڪاوش کي به شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. جهر جهنگ ۾ ڪاوش پهچڻ لڳي ۽ پڙهندڙ انهيءَ سلسلي ’سچ وڏو ڏوهاري‘ کي سڀ کان پهرين پڙهڻ چاهيندا هئا. ڪاوش ۾ 4 سال جي صحافتي ڪيريئر کان پوءِ منظور سولنگي سنڌ جي ڪيترين ئي نالي وارين اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سولنگي، صحافتي حلقن ۾ بي باڪ صحافي جو تعارف رکي ٿو. سچ پچ ته صحافت جي حوالي کان منظور، شينهن جي دل رکندڙ انسان آهي. منظور صاحب هن وقت سنڌ ٽي ويءَ سان سلهاڙيل آهي. جتي به هو پنهنجي لاجواب اسٽورين سان ’سنڌ سدائين زنده باد، سچ سدئين زنده باد‘ جو استعارو آهي.

محمد خان سولنگي: محمد خان عرف نالي مٺو سولنگي، پنهنجي سياسي ڪيريئر جيان صحافت ۾ به عاليشان نالي جو ڌڻي آهي. روزانه ڪاوش الک، خلق، بختاور، عبرت ۽ ٻين لاتعداد اخبارن ۾ ايڊيٽر جي عهدي تي رهڻ وارو محمد خان سولنگي، منظور سولنگيءَ جو وڏو ڀاءُ آهي، ان حيثيت سان بقول منظور جي ته محمد خان هن جو صحافتي استاد پڻ آهي. هن وقت سولنگي صاحب ڪراچي ۾ ڪيترين ئي اردو توڻي سنڌي اخبارن لاءِ لکي پيو. محمد خان قلم جو ڌڻي ۽ بهترين صحافي آهي.
الطاف ڏهراج: شهر ٻاهران ڏهراجن جي ڳوٺ مان حيدر آباد شهر ڏانهن رک رکڻ وقت الطاف جي ذهن ۾ اها ڳالهه نه هئي ته هڪ ڏينهن هو اخباري دنيا جي ڊيسڪ واري شعبي جو بهترين ايڊيٽر ٿيندو. سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ الطافَ پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين صحافت کي بڻائي ورتو. هو هن وقت حيدرآباد جي ڪامياب صحافين منجهه شمار ٿئي ٿو.
منظور سولنگيءَ ۽ محمد خان سولنگيءَ کانسواءِ مهراڻ ٽي ويءَ تي ڪراچي کان رپورٽنگ ڪندڙ آصف عمر سهتي جو تعلق به ٺاروشاه ڀرسان ڳوٺ دليپوٽا سان آهي. دليپوٽا جو هڪ ٻيو صحافي قيوم ٻاٽ به ڪي ٽي اين ۾ شفت انچارج جون خدمتون سرانجام ڏئي پيو. انهن کانسواءِ منظور سولنگيءَ جو ڀائٽيو ڪوثر نور پڻ حيدر آباد ۾ سب ايڊيٽر آهي، ڪوثر جو سوُٽ يعني محمد خان جو پٽ ارشد سولنگي پڻ ڪراچي ۾ صحافت ڪري ٿو. ٺاروشاه شهر جو نذير چارڻ هن وقت اسلام آباد ۾ مهراڻ ٽي ويءَ جو بيورو رپورٽر آهي. هن شهر جو ئي اشرف سولنگي، سنڌ ٽي ويءَ لاءِ ڪراچي کان رپورٽنگ ڪري ٿو. منير نارائيءَ جو لاڳاپو پڻ هن ئي شهر سان آهي. منير، هن ٽائيم عبرت لاءِ حيدرآباد ۾ اسٽاف رپورٽنگ ڪري ٿو. مشهور اردو چينل اڪسپريس نيوز لاءِ ٺاروشاه جو ئي هڪ نوجوان شاهزيب خانزاده ميزباني جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. شاهزيب کانسواءِ علي رضا منگي ۽ آفتاب ڏهراج پڻ ميڊيا جي دنيا سان لاڳاپيل آهن. سنڌ ۽ ملڪي سطح کانپوءِ جيڪڏهن پاڻ ٺاروشاه ليول تي صحافت جي اڀياس ڪريون ته به ڪجهه بهترين نالا ملندا. جن شهر جي سطح تي پنهنجو پاڻ مڃرايو. جيئن استاد ملوڪ جانوري، توڻي جو پاڻ هن وقت هن فاني جهان ۾ نه رهيا آهن. پر صحافت جي دنيا ۾ هن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. استاد ملوڪ کي جيڪڏهن پاڻ ٺاروشاه جي صحافت جو باني چئون ته به گهٽ نه ٿيندو. هو غريب هوندي به عظيم هو ۽ رهندو. موجوده وقت ۾ ڪيترائي سينئر ۽ نوجوان ٺاروشاه ۾ صحافت ڪن پيا ۽ پنهنجي وس آهر حالتن سان مقابلو ڪري رهيا آهن. مان سمجهان ٿو ته ٻهراڙيءَ جي شهرن ۾ صحافت ڪرڻ ڪنهن وڏي جوکم کان گهٽ نه آهي. هيٺ انهن جاکوڙي دوستن ۽ جن ادارن سان هو لاڳاپيلو آهن انهن جا نالا ڏئي رهيو آهيان، ان اميد سان ته هو هن ڪتاب جي معرفت ٺاروشاه جي صحافت ۾ امر ٿي ويندا.

ظهير سومرو روزانه ڪاوش
ثناءَ الله چنڙ روزانه ڪوشش، سنڌ ٽي وي
ساگر شاهد سومرو ڪي ٽي اين نيوز
غلام مرتضي سومرو روزانه تعمير سنڌ
علي اصغر ڏاهري روزانه خبرون، ايڪسپريس، چينل 5
ملوڪ عباسي روزانه سوڀ
الاهي بخش چانڊيو روزانه عوامي آواز
وسيم الحسن چنڙ روزانه نجات
تنوير قريشي روزانه جرئت
فقير ارشاد سولنگي روزانه عبرت
غلام شبير اڄڻ روزانه شام، آواز ٽي وي
فقير آفتاب سولنگي روزانه سنڌو
عبدالغفار خانزاده روزانه جنگ
اقبال شاه روزانه پاڪ
محمد پريل کوسو روزانه مهراڻ
غلام حسين ٻٻر روزانه مقدمو
اسد شاه فري لانسر
حبيب الله پيرزاده فري لانسر

ٺاروشاه ۾ سوئي گيس

ٺاروشاه ۾ سوئي گيس

”اسان پنهنجو اهو واعدو وفا ڪيو، جيڪو ٺاروشاه جي عوام سان مڪاني چونڊن کان اڳ اهو چئي ڪيو هو ته هو علي خان عالماڻيءَ کي ووٽ ڏين.“ اهي لفظ سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار غلام مرتضى جتوئيءَ جا هئا، جنهن 18 ڊسمبر 2004ع تي ٽائون ڪاميٽي هال جي اڳيان ٺاروشاه ۾ سوئي گيس جي افتتاح جي موقعي تي هڪ عوامي ميڙ ۾ ڳالهايا. ٺاروشاه واسين جو اهو تمام پراڻو مطالبو هو ته شهر کي سوئي گيس فراهم ڪيو وڃي. جنهن جي اڳيان حڪومت جي ڪافي ٽيڪنيڪل رنڊڪن سان گڏ ڪجهه سياسي مشڪلاتون پڻ هيون، جنهن جي ڪري هيڏو سارو تاريخي شهر سالن کان سوئي گيس جهڙي زبردست سهولت کان محروم رهندو پئي آيو. آخر ٺاروشاه جي قسمت ۾ اهو سڀاڳو ڏينهن اچي ويو، جڏهن شهرين جي گهرن ۾ ڪاٺين، ڪوئلن ۽ ڇيڻن جي بجاءِ قدرت جي عظيم نعمت سوئي گيس ٻري. سوئي گيس جي ان وقت جي جنرل مئنجر آفتاب ميمڻ مطابق ٺاروشاه تائين گيس پائيپ لائين وڇائڻ ۾ 8 ڪروڙ 2 لک 26 هزار روپيا خرچ آيا. هڪ اطلاع مطابق اهي پئسا ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ۽ صوبائي سرڪار گڏيل طور ادا ڪيا. نتيجي ۾ 6 مهينن اندر ٺاروشاه ۾ سوئي گيس پهچائڻ جي هي رٿا مڪمل ٿي. جيتوڻيڪ هن شهر جا رهواسي پنهنجي اتهاسي حق موجب سمجهن ٿا ته کين سوئي گيس ملڻ ۾ ڏاڍي دير ٿي وئي پر ان سان گڏ هنن کي اها خوشي به آهي ته دير سان ئي سهي پر هنن کي سوئي گيس جهڙي نعمت عطا ٿي. ٺاروشاه ۾ سوئي گيس جي آڻڻ جي ڪوششن بابت مان گهڻي پٽاڙ ۾ پوڻ کانسواءِ هڪ جملو چئي پنهنجي مضمون کي ختم ڪيان ٿو. جن دوستن کي منهنجو هي جملو هضم نه ٿئي انهن کي عرض ته پنهنجي دل جي تشفي لاءِ هن کي استعاري يا تشبيهه طور وٺن. جملو هي آهي ته: ”جيڪڏهن ٺاروشاه ۾ سيد نذير شاه نه هجي هان ته هن اڄ به هتان جا ماڻهو گهرن ۾ ڪاٺيون ٻارن ها.“

ٺاروشاه جو ملڪ جي 20 وڏن شهرن کان هوائي مفاصلو

ٺاروشاه جو ملڪ جي 20 وڏن شهرن کان هوائي مفاصلو

ساهتيءَ جو هي سدا ملوڪ شهر هيٺين ترتيب سان ملڪ جي 20 وڏن شهر کان هوائي مفاصلي تي آهي.

1. ڪراچي 255 ڪلوميٽر
2. لاهور 791 ڪلوميٽر
3. فيصل آباد 692 ڪلوميٽر
4. راولپنڊي 879 ڪلوميٽر
5. ملتان 488 ڪلوميٽر
6. حيدر آباد 178 ڪلوميٽر
7. گجرانوالا 824 ڪلوميٽر
8. پشاور 852 ڪلوميٽر
9. ڪوئٽا 378 ڪلوميٽر
10. اسلام آباد 893 ڪلوميٽر
11. بهاول پور 443 ڪلوميٽر
12. سرگوڌا 721 ڪلوميٽر
13. سيال ڪوٽ 873 ڪلوميٽر
14. سکر 112 ڪلوميٽر
15. لاڙڪاڻو 42 ڪلوميٽر
16. شيخو پورا 777 ڪلوميٽر
17. جهنگ 630 ڪلوميٽر
18. گجرات 849 ڪلوميٽر
19. مردان 889 ڪلوميٽر
20. قصور 770 ڪلوميٽر

ٺاروشاه جو دنيا جي 10 وڏن شهرن کان هوائي مفاصلو

ٺاروشاه جو دنيا جي 10 وڏن شهرن کان هوائي مفاصلو

1. برلن 5323 ڪلوميٽر
2. لنڊن 6212 ڪلوميٽر
3. لاس اينجلس 13211 ڪلوميٽر
4. ماسڪو 4005 ڪلوميٽر
5. نيو يارڪ 11605 ڪلوميٽر
6. پيرس 6081 ڪلوميٽر
7. پيڪنگ 4608 ڪلوميٽر
8. ريو ڊي جينريو 13111 ڪلوميٽر
9. سڊني 10997 ڪلوميٽر
10. ٽوڪيو 6680 ڪلوميٽر

ٺاروشاه ۾ رابطي جا تيز وسيلا

ٺاروشاه ۾ رابطي جا تيز وسيلا

ٺاروشاه هن دؤر ۾ رابطي جي حوالي سان سڄي دنيا سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن لميٽيڊ ۽ ملڪ ۾ هلندڙ مختلف موبائيل نيٽ ورڪس جن ۾ موبلنڪ، وارد، يوفون، زونگ، ٽيلينار، جي وسيلي ڳنڍيل آهي. ان کانسواءِ هن شهر ۾ گذريل 40 سالن کان ٽيليفون جي سهولت پڻ موجود آهي. ٺاروشاه ۾ فون جي انهن تيز ترين وسيلن کان سواءِ ڪنهن زماني ۾ ٽيليگراف جي سهولت به هئي. جيڪا هاڻي ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪي آهي. مواصلات جي ذريعن ۾ پوسٽ جو ڪردار به نهايت اهم آهي. جنهن تي پاڻ الڳ سان هڪ مضمون شامل ڪنداسين. هتي فقط موبائل جهڙن تيز وسيلن جو ذڪر ڪريون ٿا. جيڪي سال 2005ع کانپوءِ تيزي سان هتان جي ماڻهن جي رابطن جو حصو بڻجي ويا آهن. موبائيل رابطن جي جهان ۾ اهڙو ته انقلاب برپا ڪيو آهي، جو جيڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ موبائيل جي ڪنهن به هڪ نيٽ ورڪ جو سلسلو رڪجي ٿو ته ماڻهن کان دانهون نڪري وڃن ٿيون. هن ڳالهه ڪرڻ جو اهو مقصد آهي ته سيليولر فون هتان جي ماڻهن جي زندگيءَ جو اڻٽٽ حصو بڻجي چڪي آهي. موبائيل فون کانسواءِ ٺاروشاه جا ماڻهو، سائيبر جي دنيا ۾ انٽرنيٽ جو استعمال پڻ ڪافي سالن کان ڪن پيا. سال 2010ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ هتي پي ٽي سي ايل، پنهنجي انٽرنيٽ جو فاسٽ ذريعو ڊجيٽل سبسڪرائبر لين (ڊي ايس ايل) به متعارف ڪرايو، جنهن جا جيتوڻيڪ هن وقت ڪنيڪشن اوتري تعداد ۾ نه آهن، جيترا هجڻ گهرجن؛ ان جي باوجود ڊي ايس ايل جي استعمال ۾ تمام گهڻي تيزي اچي رهي آهي. حالتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ ڪجهه وقت اندر ڊي ايس ايل هر گهر جي ضرورت هوندي. ڊي ايس ايل کان اڳ هتان جا ماڻهو انٽرنيٽ جو استعمال پي ٽي سي ايل جي وائرليس فون تي ڪندا هئا، جيڪو ڊي ايس ايل جي اچڻ کانپوءِ تقريبن ختم ٿي چڪو آهي. دنيا جي ترقي کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اهو دؤر به پري ناهي جڏهن ٻي دنيا سان گڏ ٺاروشاه ۾ جاري انهن ڪميونيڪيشن جي ذريعن جو به انت ايندو. رابطي جا اڃا به ٻيا تيز وسيلا رائج ٿيندا.

ٺاروشاه جا فنڪار

ٺاروشاه جا فنڪار

قيام پاڪستان کان اڳ ٻين شعبن سان گڏ لطيف فنن ۾ به هندن جو راڄ هو. گوبند مالهيءَ جا لکيل ڊراما، اسٽيج ناٽڪ جي صورت کيڏيا ويندا هئا، هي اهو دؤر هو جڏهن ٺاروشاه ڀرپاسي توڻي پري پري کان فن جا شوقين ڪهي اهي منڊليون ڏسڻ ايندا هئا. هاءِ اسڪول گرائونڊ تي هزارين ماڻهن جو ميڙ هوندو هو، جتي ماسٽر چندر به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو. ٺاروشاه ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪنور ڀڳت رام پڻ آيو. ملڪ جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ کانپوءِ زندگيءَ جي ٻين شعبن سان گڏ فن جي دنيا به اجڙي وئي. ٺاروشاه جا عظيم فنڪار هڪ اهڙي ملڪ طرف راهي ٿيا، جتان جي زندگيءَ بابت هو بنهه اڻ واقف هئا. اهو ڄڻ ٺاروشاه جو هڪ نئون جنم هو. زندگي آهستي ئي صحيح پر پنهنجي رنگ ڍنگ تي واپس اچڻ لڳي. ان حياتيءَ ۾ ساڳيو سواد ته نه هو پر پوءِ به ڪجه نه ڪجهه ته هو. هونءَ به ماسٽر چندر ۽ گوبند جو خال ڀلا ڪيئن ڀرجي سگهي ها!؟ جيڪو اڄ تائين خالي آهي. 70ع جي ڏهاڪي ۾ ٺاروشاه جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان انور حسين وسطڙي جو من موهيندڙ آواز اڀريو. هي نوجوان پنهنجي ڳوٺائي ماسٽر چندر جو نقل ڪندو هو. هڪ عظيم ڪلاڪار جي ڪاپي، جنهن ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب به ويو. آخر انور، ڪلا جي فن دنيا ۾ پنهنجو هو نرالو مقام بڻائي ورتو. اڄ 3 ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ به انور حسين جو آواز سنڌ جي سنجيده موسيقي ۾ هڪ اهم جڳهه جي والار ڪيون بيٺو آهي. انور حسين وسطڙي جي پويان جنهن فنڪار موسيقي ملڪ ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائي اهو هن شهر جو نوجوان ساجد علي ساجد هو ”ڪارو وڳو، سونو سڳو“ جي زبردست شهرت ملڻ کانپوءِ ساجد جي فن ۾ ماٺار اچي وئي، پر هن پنهنجي پهرين آڊيو البم ذريعي ڪاميابي جو جيڪو جهنڊو کڙو ڪيو، اهو اڄ به قائم دائم آهي. ٺاروشاه جي انهن ٻن فنڪارن کانسواءِ موسيقيءَ جي دنيا ۾ سنڌ سطح تي ذاڪر ٻٻر، مومن گل، حبيب الله سيال، قائم دين سولنگي، ذاڪر سيال، مختيار ڀان ۽ اقبال سولنگي سٺا نالا آهن، جيڪي پنهنجي آوازن جي ترنم سان ٺاروشاه زنده باد جو مصداق بڻيل آهن. موسيقيءَ جو علم ۽ اداڪاري اهي شعبا رهيا آهن، جن ۾ هن شهر جا رهواسي سدائين پاڻ مڃائيندا آيا آهن. هن وقت ٺاروشاه جي هيسباڻي فيملي ادڪاري جي ميدان ۾ مڙني اردوءَ ۽ سنڌي چينلن تي ڇانيل آهن. ماريه بلوچ، صنم بلوچ، سبرين هيسباڻيءَ جا نالا ڊرامن ۾ ڪاميابي جي ضمانت آهن. ماريه بلوچ جي وڏي نياڻي ماهين، آواز ٽي ويءَ جي انٽرٽينمينٽ جي شعبي جي انچارج آهي. ماهين کي سنڌ جي بهترين شاعره هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي. ساڳي خاندان جا ٻه نوجوان ياسر ۽ فرحان بلوچ سٺي ماڊل سان گڏ هاڻي اداڪار، ميزبان ۽ ڊارئڪٽر به آهن. هيسباڻي فيملي کانپوءِ جنهن ٺاروشاه واسي اداڪاريءَ جي شعبي ۾ ملڪي ليول تي پنهنجي نالو روشن ڪيو ۽ الڳ شناخت ڪرائي، اهو شهر جي ڀرسان ڳوٺ فقير عثمان تنيو جو رهواسي اسد قريشي آهي. فلم پرو چانڊيو ۽ شهيد جي رڪارڊ ڪاميابي بعد اسد جو رخ ٽي ويءَ ڏانهن ٿيو، جتي صدورو ڌاڙيل هن جي سڃاڻپ بڻجي وئي. جيڪا اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت برقرار آهي. اسد قريشي جو ڪردار سدائين ان اڙٻنگ نوجوان جو رهيو آهي، جيڪو مرڻ ته قبولي ٿو، پر سماج جي ظالم ڪردارن جي اڳيان جهڪڻ نه ٿو چاهي. مطلب ته اسد اهو فنڪار آهي، جنهن تي ٺاروشاه واسي بي انتها فخر ڪن ٿا. اسد قريشيءَ جي انسپائريشن جي ڪري ٺاروشاه جا ڪجهه ٻيا اداڪار به سنڌي ٽيلي فلم ۾ ڪم ڪن ٿا، جن ۾ ظهور ٻٻر، ملوڪ اڄڻ، ذاڪر ٻٻر جا نالا قابل ذڪر آهن.

هڪ نعت خوان

هڪ نعت خوان

حافظ عبدالستار سولنگيءَ نالي نوجوان، نعت رسول مقبول ﷺ پڙهڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن نوجوان جو هن مهل تائين هڪ البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. انهيءَ کانسواءِ ڪيترن ئي سنڌي چينلن تي هن نعت چيا آهن. ڪاشف سومرو پڻ شهر جو بهترين نعت خوان آهي.

ٺاروشاه جا ڀٽ فقير

ٺاروشاه جا ڀٽ فقير

ٺاروشاه جي هڪ وڏي مزاحيه فنڪار نوري مشڪري جي نالي تي، هن ئي شهر جو هڪ ٻيو فنڪار نورو ڀٽ به هو. گهڻا ماڻهو ٻنهي کي ساڳيو سمجهن ٿا، جڏهن ته ائين نه آهي. نوري ڀٽ جو خاندان جنڪشن ڀرسان آباد آهي. هي ٺاروشاه جا قديم رهواسي آهن. نورو اڪثر ڪري جڏهن نور محل سئنيما جو عروج هو ته فلم جي شروعات کان اڳ پردي تي بيهي ناچ ڪندو هو. هن ماڻهوءَ ۾ ڪمال جو مزاح هو. چرچن تي اچي ته ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏي! هن جي ڀوڳن ۾ هڪ خاص ڳالهه هيءَ هوندي هئي جو گهڻو ڪري ڪچا گفتا استعمال نه ڪندو هو. ٺاروشاه م ڀٽن فقيرن جي اها روايت هئي ته جنهن گهر ۾ خوشي ٿيندي هئي، اتي هي ڀٽ فقير ٽولي ٺاهي ايندا هئا ۽ پوءِ جيڪو به گهر ڌڻي هنن کي الله جي نالي خيرات ڏيندو هو وٺي لک دعائون ڏئي روانا ٿيندا هئا. نورو هاڻي هن جهان ۾ ناهي رهيو. هن جي پوئينرن ۾ هڪ پٽ ڪالوءَ جي نالي تي آهي پر نوري جي گفتن جي سڪ نه ٿو لاهي.

ٺاروشاه جا مڱڻهار فقير

سنڌ جي تاريخ انهيءَ ڳالهه جي گواهه آهي ته ڌرتيءَ تي موجود هي خطو هزارين سالن کان شاد آباد رهيو آهيو. هتان جا ماڻهو پنهنجا سڀ غم هڪ پاسي ڪري جڏهن خوشيون ملهائن ٿا ته انهن جون اهي رسمون ڏسڻ وٽان هونديون آهن. سنڌ جي خوشين جو ڪلچر وري مڱڻهارن کانسواءِ اڌورو آهي. اهو ڪهڙو وڏو ڳوٺ هوندو، جنهن ۾ ٻه ٽي ڀونگا مڱڻهار فقيرن جا نه هجن. مڱڻهار سنڌ جا اهي سدا آباد فنڪار آهن، جيڪي ماڻهن جي خوشين کي پنهنجي سازن سان ٻيڻو ڪن ٿا ۽ پوءِ لوڪ به هنن کي گنج ڏيو ڇڏي. شادمانن جي ڏيهاڙن ۾ مڱڻهارن کي ايترو گنج مليو وڃي جو هو پنهنجي روزي روٽي ۾ مشڪلات محسوس نه ٿا ڪن. سڄي سنڌ جيان ٺاروشاه جا مڱڻهار به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جيڪي ٺاروشاه واسين جي خوشين کي پنهنجي سينن ۾ سانڍي اهڙا ته سر ڇيڙن ٿا، جن سان محفلن کي چارچنڊ لڳيو وڃن. ٺاروشاه جي تاريخ جيان، هن شهر جي مڱڻهارن جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي. فقير احسان هجي يا بصر مڱڻهار جو والد غلام حسين هجي يا رمضان فقير، دلاور فقير يا فدا ڍولڪ وارو. سڀ پنهنجي فن ۾ يڪتا آهن. جيڪي هر پل ٺاروشاه واسين جي خوشين ۾ شريڪ ٿين ٿا. هونءُ به جنهن ڪاڄ ۾ مـڱڻهار فقير نه هجن سو ڀلا ڪهڙو ڪاڄ هوندو. مطلب ته هن شهر ٺاروشاه جو اهو ڀاڳ ته هن ۾ اسان جي خوشين جا ساٿي پنهنجي آل اولاد سان رهن ٿا. شل ڌڻي تعالى هنن جي خوشين ۾ واڌارو ڪري، ڇاڪاڻ ته هو ٻين جي خوشين جا شراڪتدار آهن. سندن کي به هر پل مسرت ملندي رهي.

ٺاروشاه جا حڪيم ۽ پنساري

ٺاروشاه جا حڪيم ۽ پنساري

جڙي ٻوٽين کان ڪم وٺي انسانن جي صحت کي برقرار رکڻ ماڻهوءَ جي پراڻي ڪرت رهي آهي. هونءُ ته هاڻي جديد دؤر آهي. هر ماڻهو ايلوپيٿڪ علاج ذريعي پنهنجي اهنجن جو درمل ڳولي ٿو، پر پراڻي دؤر ۾ سنڌ ۾ مقامي طريقي مطابق جڙي ٻوٽين سان علاج ڪيو ويندو هو. جنهن کي ڪجهه صدين کان يوناني علاج جو طريقو چيو وڃي ٿو. جڏهن ته دوا جو هي طريقو سنڌ ۾ يونان کان به پراڻو آهي. اسان جڏهن سنڌ جي تاريخ جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان مان سڌو مطلب ٺاروشاه جي تاريخ به هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٺاروشاه سنڌ جي دل آهي. ها ته! ٺاروشاه ۾ به صدين کان پنهنجي نالي سان مشهور يوناني علاج جو طريقو رائج رهيو آهي. مونکي هن شهر جي ماضي بعيد جي ته ڄاڻ نه آهي ته ان دؤرن ۾ هن شهر جا مشهور حڪيم ۽ پنساري ڪهڙا هئا. پر جڏهن ماضي قريب کي هٿ ڪرڻ جي ڪوششن ڪيم ته مونکي حڪيم عبدالمجيد ڀٽي، عبدالرزاق، محمد اسحاق، عبدالجبار سولنگي، قربان ۽ محمود جا نالا نمايان مليا. جن جي نالن جي ساک اڄ به هر شهر واسي کڻي ٿو. ٺاروشاه جي انهن حڪيمن جي مشهوري سڄي سنڌ ۽ هند ۾ هئي. اڄ به انهن جا پوئينر پنهنجي وڏڙن جي ڪم کي سنڀاليو اچن. حڪيمن سان گڏ پنساري جو ڪردار ائين هوندو آهي. جئين اڄ جي دؤر ۾ فارماسوٽيڪل ڪمپني، يا سوليءَ سنڌيءَ ۾ جنهن کي پاڻ دواساز ڪمپني چئون. ٺاروشاه جو اهو ڀاڳ پڻ ته هتي سٺو پنساري رهيا آهن، جن ۾ مولو مل، حاجي محمد ادريس، نجب الدين، حاجي شريف شامل آهن. هن وقت ٺاروشاه ۾ جڏهن اسان جي ذهن ۾ پنساري جو تصور اچي ٿو ته مزمل، محمود ۽ ممتاز ڀٽيءَ جا نالا زبان تي اچيو وڃن، جيڪي علائقي جا بهترين پنساري آهن.

ٺاروشاه جا لوهر

ٺاروشاه جا لوهر

لوهه مان اوزار ٺاهي، پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ، انساني تاريخ جي پراڻي ڪرت رهي آهي. خاص ڪري جڏهن اسان انسان جي زرعي ترقي جو ذڪر ڪريون ٿا ته انهيءَ ۾ لوهارن جو تمام گهڻو عمل دخل نظر اچي ٿو. ان هنر ۾ ٺاروشاه جا لوهر به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. محمد خان لوهر جي ڳالهه هجي يا قائم لوهر جو قصو هي سڀ ڪاريگر پنهنجي فن ۾ يڪتا هئا. استاد وريل ۽ وارث جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ هنن کي اڄ به ٺاروشاه واسي هڪ بهترين استادن جي حيثيت ۾ سڃاڻين ٿا. انهن نالن کانسواءِ سڪندر، روشن ۽ منظور جي ڪاريگريءَ کي به هتان جا رهواسي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. قصو ڪوتاهه ته لوهارڪي ڪم ۾ به هتان جا ڪاريگر پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

ٺاروشاه ۾ ڌوٻڪو ڌنڌو

ٺاروشاه ۾ ڌوٻڪو ڌنڌو

ٺاروشاه ۾ ڌوٻڪي ڌنڌي جي تاريخ آڳاهين آهي يا ائين لکجي ته سنڌ جا ڌوٻي پنهنجي صفائي ۽ نفاست جا اهي نمونا آهن. جن تي وقت جا بادشاه به فدا ٿيو پون. سسئي- پنهون جو عشقيه داستان، انهيءَ ڳالهه جو شاهد آهي ته ڪيئن نه پنهنجي زماني جو هڪ شهزادو هڪ ڌوٻياڻيءَ جي عشق ۾ گرفتار ٿي بادشاهت کي ٺڪرائي ڇڏيو! ٺاروشاه ۾ جڏهن اسان ڌوٻڪي ڪم جو ذڪر ڪريون ٿا ته اسان جي ذهنن ۾ حاجي خان کٽي، اسماعيل، قاسم، الاهي بخش حجم، سلطان جا نالا اچيو وڃن. هي ماضيءَ جا سٺا ڌوٻي هئا. جن کي ٺاروشاه واسي عزت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا.

ٺاروشاه ۾ درزڪو هنر

ٺاروشاه ۾ درزڪو هنر

ڪپڙا انسان جي زينت هوندا آهن. بنا ڪپڙن جي انسان جي سڃاڻپ هڪ وحشيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي. سڄي سنڌ سميت ٺاروشاه ۾ ڪپڙي سبڻ جا مها ڪاريگر ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي وقت ۾ ڪپڙن پائڻ جا نوان فيشن متعارف پڻ ڪرايا. هونءَ به سنڌي ٻوليءَ جي هڪ چوڻي آهي ته ”درزي جي غلطي فيشن بڻجي وڃي ٿي.“ ٺاروشاه ۾ ڪو دؤر هو جو فقير عالم جيلاني، محمد يوسف ميمڻ، محمد هارون ميمڻ، حاجي غلام سرور عرف ڪوڙل خان ميمڻ، استاد عليم ميمڻ، وريل ميمڻ، سليمان موريو، رمضان راڄپر، احمد سومرو، موسى ميمڻ، انور قريشي، منظور شاه، شمشاد قريشي ۽ عبدالجبار ميمڻ جي سبيل ڪپڙن جي هاڪ هوندي هئي. پري پري کان ماڻهو هنن ڪاريگرن جي هٿ جا سبيل ڪپڙا پائڻ لاءِ سلائي ڪرائيندا هئا. وقت گذريو مٿي ڄاڻايل ڪاريگرن مان ڪن اجل جي راهه ورتي، ته ڪي پيريءَ جي ڪري ڌنڌو ڇڏي ويا. انهن جي جاءِ نون درزين والاري، جيڪي به پنهنجي هنر ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهن. نون ڪاريگرن ۾ جيڪي هن وقت درزڪي جي هنر سان لاڳاپيل آهن. انهن ۾ استاد جوهر لال جيڪو پريميءَ جي نالي سان مشهور آهي. ان کانسواءِ غلام سرور سيال، علي نواز لانگاهه، بخشل سولنگي، طارق سهتو، لال بخش چانڊيو، اطهر ميمڻ ۽ رجب شينو هن شهر جا مشهور درزي آهن. انهن ناليارن ڪاريگرن کانسواءِ به سوين هنرمند درزڪو ڪم ڪري پنهنجو پيٽ گذران ڪن ٿا. ٺاروشاه ۾ درزڪيءَ کانسواءِ مشين تي ڪڙهائي جو ڪم به سٺو انداز ۾ ٿئي ٿو. رشيد ڀان، غلام حيدر ڀان، غلام سرور سولنگي، جميل خانزاده، شاڪر خانزاده ۽ گل حسن ٻاٽ ڪڙهائي جي ڪم ۾ سٺن ڪاريگرن منجهه شمار آهن. ٺاروشاه شهر ۾ درزين جي ڪم جي ايتري ته ترقي آهي جو شاهي بازار کان ٻاهر ايندڙ ٻه گهٽيون درزين جي گهٽين جي نالي سان سڏجن ٿيون. ٺاروشاه جي بهترين درزي استاد پريميءَ مطابق ڪو وقت هوندو هو جو هتان جا درزي هٿ جي مشين تي سلائي ڪندا هئا، جنهن کي هٿ تختي چيو ويندو هو پوءِ پيرن جي مشين جو رواج پيو، جنهن تي ئي ننڍڙو موٽر لڳائي ڪاريگرن پنهنجي ڪم ۾ آساني پيدا ڪئي. هاڻي وڏي مشين تي ڪم ڪرڻ جو زمانو آهي. ان مشين کي جوڪيءَ جي نالي سان سڏن ٿا. درزڪي جي ايتري تڪڙي ترقي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٺاروشاه ۾ به مستقبل ۾ اهڙيون مشينون اچي وينديون جو درزين کي جسماني محنت کانسواءِ فقط پنهنجي ذهن جو استعمال ئي ڪرڻو پوندو. اسان جڏهن وري ڪپڙن جي فيشن ڳالهه ڪريون ٿا ته اهو هر زماني جو پنهنجو آهي. ڪڏهن ويڪرا ڪپڙا سبائڻ فيشن هو ته هاڻي سوڙها لٽا ڄڻ وقت جي تقاضا بڻجي وئي آهي. ڪو زمانو هو جو هتان جا سٺا درزي 20 والن جي سلوار سبندا هئا. پوءِ وري اها ڪانچ 2 ميٽرن تي پهتي هاڻي وري وڏين سلوارن جو فيشن عام آهي. مطلب ته ٺاروشاه جي درزين جي اها به ڀلي ڳالهه ته فيشن مطابق پنهنجو هنر به تبديل ڪندا رهن ٿا. جنهن سان ئي انسان زماني کي منهن ڏئي سگهي ٿو.

ٺاروشاه جا حجام

ٺاروشاه جا حجام

ٺاروشاه ۾ حجامڪي ڪم جي تاريخ به تمام پراڻي آهي. ڪو زمانو هوندو هو جو هن شهر جا حجم نه فقط ماڻهن جي وارن جي سنوارت ڪندا هئا پر عوام جي ڪاڄن جا سونهان پڻ هوندا هئا. ايتري تائين جو راڄ ڀاڳ ۾ سڏ ڏيڻ به حجمن جي ڊيوٽين منجهه هوندو هو. جيڪو هاڻي گهڻي قدر ختم ٿي چڪو آهي. باقي هنن جي وارن جي سنوارت جو ڪم ۽ ڀت ٻوڙ ۾ طعام جي تياري جو سلسلو اڄ به هلي پيو. پراڻن وقتن ۾ سنڌ جي ٻين حصن جيان ٺاروشاه جا حجم به فقط ماڻهن جي ٺوڙهه ڪرڻ ۽ ڏاڙهي جي سنوارت ڪرڻ تائين محدود هئا. 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ هتان جي حجمن وٽ به انگريزن جيان وارن ڪٽڻ جو هنر آيو جنهن کي شروع ۾ ته انگريزي ڪٽ بعد ۾ زماني جي فيشن مطابق مختلف نالا ملندا رهيا. جيڪي اڄ تائين رائج آهن. ٺاروشاه ۾ هن وقت هڪ اندازي مطابق حجمن جا 100 کان وڌيڪ دڪان آهن. جيڪي پورهيو ڪري پنهنجي حق حلال جي روزي ڪمائن ٿا. شهر جي ڪجهه مشهور حجمن جا نالا هي آهن: استاد غلام قادر منگي عرف گُلي، استاد توڪل منگي، حاجي خدا بخش سيال، مولا بخش سيال، بشير احمد منگي، انور سيال، شفيع محمد سيال، غلام عباس منگي، الاهي بخش منگي، گلبهار سيال، جلال الدين سيال، شمن سيال، محمد بخشل منگي، عبدالله منگي، نظام الدين عرف بگو منگي، شير محمد سيال، رستم منگي، محمد صالح اڄڻ، اسلم راجپوت، منير احمد منگي، اشفاق منگي، مشتاق راجپوت، ممتاز منگي نواب سيال، اڪرم چوهاڻ راجپوت ۽ احمد سيال. ٺاروشاه ۾ وارن ٺاهڻ جا تقريبن سڀ ڪاريگر استاد گلي کي پنهنجو استاد ۽ هڪ بهترين ڪاريگر طور تسليم ڪن ٿا. استاد گلي جيڪو هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهي پر هن جو هنر اڄ به سلامت آهي. هن جي وارن ٺاهڻ ۾ هڪ خاص ڳالهه هي آهي ته هن ڪڏهن به بليڊ يا ريزر جو استعمال ناهي ڪيو. هن هميشه پاڻ وٽ وار ٺهرائڻ لاءِ ايندڙن جي سنوارت اُستري يا پاڪي سان ڪئي آهي. ساڳي ڳالهه استاد توڪل سان به منسوب ڪئي وڃي ٿي. استاد گُلي لاءِ اها ڳالهه به مشهور آهي ته هن جي وارن ڪٽڻ جو انداز سڀني کان نرالو آهي. هو ٽائيم ته تمام گهڻو وٺي ٿو پر هن جو هٿ نهايت صاف آهي. هن جي ڪاريگري جو ڪمال هي آهي جو هن پاران ڪيل سنوارت ٻيا ڪاريگر آساني سان سڃاڻي وڃن ٿا. ٺاروشاه ۾ گهڻو ڪري منگي ۽ سيال برادرين جا ماڻهو هن هنر سان سلهاڙيل آهن. انهن ٻنهي برادرين وچ ۾ وري اڻ اعلانيل هڪ سرحدي ليڪ پڻ آهي. جنهن ڳالهه تي شايد هنن به ڪڏهن غور نه ڪيو هجي ته ٺاروشاه جي ٻاهرين پاسن يعني روڊن ۽ اسٽاپن تي سيالن جا دڪان جڏهن ته شهر جي اندر منگين جو هولڊ آهي. هن وقت ٺاروشاه ۾ وارن ٺاهڻ جون مختلف ڪٽون رائج آهن. جن ۾ سلوپ، برگر، اسپائيڪ، سيزر ۽ بقول منهنجي دوست جلال سيال جي ته سنڌي سليمي ڪٽ شامل آهي. ان کانسواءِ نوجوان بالي ووڊ جون فلمون ڏسي به پنهنجي وارن جو اسٽائيل سيٽ ڪرائن ٿا. جهڙي ريت تيري نام يا گجني اسٽائيل آهن.

ٺاروشاه جا ٽانگي وارا

ٺاروشاه جا ٽانگي وارا

اڄ ٺاروشاه چنگچي رڪشائن جي گهيري ۾ آهي. هر روڊ، گهٽي ۾ چنگچيون ئي چنگچيون ملنديون. ظاهر ۾ ته هي ڪيترن ئي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهي پر سچ ڳالهه هي به آهي ته انهن جي گهڻائيءَ جي ڪري شهر جا رستا سوڙها ٿي ويا آهن. آوازن جي شور جي ڪري ماڻهو ذهني مرضن ۾ مبتلا نظر اچن ٿا. انهن کي ڪير به روڪڻ وارو نه آهي ته شهر جي ڪنهن به رستي تي پنهنجي رڪشا پارڪ ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن لاءِ آزار جو سبب بڻجن. خير اهو قصو ته ٺاروشاه جي حال جو آهي. جڏهن هن شهر جي ماضيءَ ۾ جهاتي پائينداسين ته هن شهر ۾ اسان کي اندروني شهر ۽ ڀروارن ڳوٺن لاءِ ٽانگي جي شاهي سواري ملندي. شهر جا پراڻا رهاڪو اڄ به ساماڻي ماڇي، قادر بخش چارڻ، حفيظ راجپوت، عبدالشڪور، شفيع حجام، غلام حجم، ماهي اڄڻ، در محمد اڄڻ، رستم ماڇي، قبول ماڇي، عبدالله ماڇي، آبلي ماڇي ۽ جوسب ماڇي جي بگين کي ياد ڪن ٿا. انهيءَ کانسواءِ دلمير خانزاده، سردار خانزاده، اميد خانزاده، عبدالطيف خانزاده ڀلن گهوڙن جا شوقين هئا. ٺاروشاه توڻي ضلعي نوابشاه ۾ ٿيندڙ ميڙاڪن ۾ هنن جا گهوڙا ڊوڙندا هئا. ٺاروشاه ۾ نه فقط خانگي طور ٽانگن کي سينگاري هلائڻ جو شوق عروج تي هو پر سرڪاري سطح تي به ان جي همٿ افزائي ڪئي ويندي هئي. جنهن لاءِ هي ڳالهه لکجي ٿي ته ٺاروشاه ۾ هر سال ايس پي صاحب ايندو هو جيڪو وڌيڪ خوبصورت ٽانگي کي نقد انعام ڏيندو هو.

ٺاروشاه جا ٻيڙين جا ٻاڌا

ٺاروشاه جا ٻيڙين جا ٻاڌا

انسان سائنس جي کيتر ۾ ڦيٿو ٺاهي ترقي جي شروعات ڪئي، مطلب ڦيٿو سائنس جي وڏي مان وڏي ايجاد ڳڻڻ ۾ اچي ٿو. اهڙي طرح پنهنجي جسم ۽ ذهن جي سڪون لاءِ تماڪ وڏي مان وڏي ايجاد سمجهي وڃي ٿي. تماڪ واپرائڻ جي انساني تاريخ انتهائي قديم آهي. ٺاروشاه ۾ پراڻن زمانن کان تماڪ واپرايو ويندو هو. هتي سگريٽ جو رواج ته 1843ع کانپوءِ پيو، جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ سنڌ ۾ پپر جي پن مان ٻيڙي ٺاهي ڇڪڻ جو رواج عام هو. ٺاروشاه ۾ به پراڻي وقت کان ٻيڙين جا ٻاڌا هئا. جن جون ٺهيل ٻيڙيون سڄي هندستان ۾ شوق سان پيتيون وينديون هيون. هنن ٻيڙن کي پن واري ٻيڙي بعد ۾ انڊيا جي ٻيڙي جي نالي سان سڏيو ويو. اسحاق سولنگي، آبو سولنگي، عمردراز خانزاده، اسماعيل ميمڻ، غلام رسول ميمڻ، خادم شاه ۽ ايوب ڏهراج سميت هن هنر سان لاڳاپيل سوين ڪاريگر پنهنجي هٿ جي صفائيءَ سان اهڙيون ته زبردست ٻيڙيون ٺاهيندا هئا، جيڪي اڄ جي سگريٽن جي سٺن برانڊن کان به بهتر هيون. ٻيڙين جي ان مختصر تاريخ ۽ انهن جي تعريف بيان ڪرڻ مان منهنجو مقصد هرگز اهو نه آهي ته ڪو نوجوان اٿي ۽ ٻيڙي ڇڪڻ شروع ڪن، ڀلي تماڪ انساني زندگيءَ جي وڏي مان وڏي ايجاد ڇو نه هجي پر هر زماني ۾ صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار رهيو آهي.

ٺاروشاه جا ڪجهه پورهيت

ٺاروشاه جا ڪجهه پورهيت

ٺاروشاه جا ماڻهو صدين کان پنهنجي جبلتن ۾ پورهيي سان پيار ڪندڙ رهيا آهن. جنهن ڪري هن شهر جو ماضي سدائين شاندار رهيو آهي. ٺاروشاه ۾ جڏهن عام ماڻهوءَ ۾ ايتري معاشي سگهه نه هئي ته هو پنهنجي گهر کي پڪو ٺهرائي سگهي ۽ اڏاوت ۾ لوهه جو استعمال ڪري سگهي ته ان دؤر ۾ جڳهن جون ڇتيون ڍڪڻ لاءِ ڇپريون ٺاهيون وينديون هيون. جيڪو ڪم اڄ به ڪيو پيو وڃي پر ان جو هاڻي مارڪيٽ ۾ ايترو قدر نه رهيو آهي. ٺاروشاه شهر ۾ ڇپريون ٺاهيندڙ بهترين ڪاريگرن ۾ مور ۽ نماڻي ڪلهوڙي جا نالا نمايان آهن. جن جي ڇپريون ٺاهڻ جي فن کي اڄ به ماڻهو ساراهن ٿا. ان کانسواءِ ٺاروشاه کٽن جي واڻ جا ڪاريگر به ٿي گذريا آهن جن جي نيڪي سڄي سنڌ ۾ هئي. اڄ به استاد ابراهيم لنڊ، ستار لنڊ، غلام مصطفى لنڊ جا نالا واڻ ٺاهڻ جي هنر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن کان علاوه ٺاروشاه ڀرسان ويٺل بالادي بلوچن ۾ به ڪيترائي ماڻهو واڻ ٺاهڻ جي هنر ۾ ڀرپور مهارت رکن ٿا. واڻ ٺاهڻ سان گڏ کٽن واڻڻ جا سٺا ڪاريگر هن شهر جي رونق آهن. تاڃي پيٽي کان عام کٽ جي واڻڻ ۾ هتان جي نورل سولنگي، خدابخش ڀان، روشن چانڊيو، بچل ڀان، جهنڊو ڀان، ٽوهه چانڊيي کي پنهنجي هنر تي ناز آهي.

سنڌي ٽوپي مان اسان جو

سنڌي ٽوپي مان اسان جو

سنڌي ٽوپي سنڌ جي ثقافت ۾ سدائين عزت ۽ آبرو جو نشان رهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٽوپي ٺاهڻ جا مها ڪارگر سنڌ جي اتر واري حصي يعني شڪارپور، جيڪب آباد طرف ملندا پر ٺاروشاه واسي به ٽوپي ٺاهڻ جي هنر ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهن. استاد وارث ڪلهوڙو، سرور چانڊيو، رياض ڪلهوڙو، الهڏنو چانڊيو، واجد سولنگي، جاڙو سولنگي، عزيزالله سيال ۽ گل حسن لنگيو جا نالا ٽوپي ٺاهڻ جي هنر ۾ نام هي ڪافي هئي جو درجو رکن ٿا. ٺاروشاه جو هڪ اهڙو هنر جنهن تي سڄي سنڌ بجا فخر ڪري سگهي ٿي.

ٺاروشاه ۾ ڊکاڻڪو ڪم

ٺاروشاه ۾ ڊکاڻڪو ڪم

ٺاروشاه ۾ ڊکاڻڪو ڪم صدين کان جاري آهي. ڪنهن زماني ۾ هتان جي ڪاريگرن جي هاڪ سڄي هندستان تائين پکڙيل هئي. سنڌوءَ جي ڀرسان هجڻ جي ڪري هتي جڏهن تجارت پنهنجي عروج تي هئي ته هن شهر ۾ انساني زندگيءَ جي ٻين ضرررتن سان گڏ ٻيڙيون پڻ ٺهنديون هيون. ان کانسواءِ ڪاٺ مان ٻئي به لاتعداد شيون، جيڪي ايڏي ته مهارت ۽ محنت سان تيار ٿينديون هيون جو ڏسڻ وارا دنگ رهجي ويندا هئا. ٺاروشاه جي ماضي قريب ۾ نبي بخش سومرو، جيڪو ٺاروشاه جي نامياري عالم سائين غلام قادر سومري جو والد صاحب هو. سٺن ڪاريگرن منجهه شمار ٿيندو هو. ان کانسواءِ محمد قاسم سومرو، محمد بخش سومرو، بصرالدين سومرو، غلام محمد سهتو، گل محمد سهتو، گل ابڙو اسلام الدين قريشي ۽ قاسم ابڙو به سٺا هنرمند هئا. هن وقت به شهر ۾ تمام گهڻا ڊکڻ پنهنجي قابليت سان ڪم جاري رکيو اچن، جيڪي ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته ٺاروشاه اڄ به ڊکاڻڪي ڪم ۾ سنڌ جي ٻين شهرن کان گهٽ نه آهي.

ٺاروشاه جو عطر

ٺاروشاه جو عطر

هونءَ ته ٺاروشاه جو سڄو ماضي ئي خوشبوئن سان مهڪيل آهي. پر پاڻ جڏهن حال جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ٺاروشاه جو مهڪندڙ عطر ضرور ياد اچي ٿو. شاهي بازار جي مهڙ ۾ پنهنجي شاهي دڪان تي ويٺل حاجي الاهي بخش بالادي وٽ الائي ته ڪهڙو فارمولو آهي جو سندس جي ٺهيل عطر جي خوشبوءِ ڪپڙن جي ڌوپڻ جي باوجود ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. هن عطر ۾ هڪ خاص ڳالهه جيڪا هن کي ٻين عطرن کان منفرد بنائي ٿي سا هي آهي ته هن عطر جي لڳائڻ سان ڪپڙن تي داغ بلڪل نه ٿا ٿين. عشق جي يادگار ’تاج محل‘ جي نالي سان مارڪيٽ ۾ پيل هن عطر جي ٻي خوبي هي آهي ته هن جي بوءِ ٻين سڀني خوشبوئن کا نرالي آهي. بس اسان لاءِ ته هن عطر جو نرالو پڻ ۽ خصوصيت هي آهي ته هن جي ٺاهڻ جو فارمولو فقط ئي فقط ٺاروشاه ۾ ئي آهي.

ٺاروشاه ۾ پيٿالاجي ليبارٽريز

ٺاروشاه ۾ پيٿالاجي ليبارٽريز

سڄي دنيا جي طب ۾ علاج لاءِ ليبارٽريز سائنس کان مدد ورتي وڃي ٿي. مرض جي تشخيص کانسواءِ علاج جي ڪنهن به طريقي ۾ دوائون ڏيڻ ائين آهي جئين گهگهه اونداهي ۾ ڪنهن شيءِ جو نشانو چٽڻ. بدقسمتي سان اسان جو معاشرو جيڪو اڄ سوڌو پنهنجو رخ ترقي ڏانهن به نه ڪري سگهيو آهي. سو مرض ۽ علاج جي ان چڪر ۾ پيسجي پيو. مان پنهنجي ڪتاب جي هڪ باب ۾ ٺاروشاه جي اسپتال جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ 1935ع ڌاري جي ترقي بيان ڪئي اٿم. جيئن ته ان کانپوءِ ملڪ ترت ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. انهيءَ ورهاست جو منهنجي ويجهو تت هي آهي ته ٺاروشاه 50 سال پوئتي ڌڪجي ويو! هن وقت ٺاروشاه ۾ پيٿالاجي جي حوالي سان 4 ليبارٽريز ڪم ڪري رهيو آهن. جن جا هيٺ ترتيب وار نالا ڏئي رهيو آهيان.
1. سنڌ پيٿالاجي ليبارٽري: هي ليبارٽري نوجوان ٽيڪنيشن مظهر اڄڻ هلائي ٿو. مٺياڻي روڊ تي موجود هن ليبارٽري ۾ ايل ايف ٽي، سي پي، يوريا، ڪرٽينائين، ڪولسٽرول، شوگر، مليريا پيراسائيٽ، وڊال (مدي جو بخار) ٽي بي، يورڪ ايسڊ، آر اي فيڪٽر، حمل جي ٽيسٽ، يورين ڊي آر، پيشاب جو مختلف ٽيسٽون، بلڊ گروپنگ، ڪراس ميچنگ پڻ ڪئي وڃي ٿي. مظهر اڄڻ جي هي ليبارٽري 2003ع کان هن شهر ۾ قائم آهي ۽ ڪاميابي سان هلي پئي.
2. واجد پيٿالاجي ليبارٽري: هي ليبارٽري، ٺاروشاه جي اسپتال روڊ تي موجود آهي. عبدالرحيم ڀرٽ، هي ليب هلائي ٿو. هن ليبارٽري ۾ به لڳ ڀڳ ساڳيون ٽيسٽون ڪيون وڃن ٿيون جيڪي مٿي بيان ڪيو ويون آهن.
3. الهاشمي ليبارٽري: هي ليبارٽري، شهر جي پراڻي ليبارٽري آهي. سن 1997ع کان شهر ۾ جاري ٿيل هي ليبارٽري پٺاڻ ڀرٽ نالي هڪ ٽيڪنيشن هلائي پيو. ٺاروشاه جي هن ليبارٽري ۾ به ساڳين ٽيسٽن ڪرائڻ جي سهولت موجود آهي. جيڪي مٿي بيان ڪيل سنڌ پيٿالاجي ۾ ڄاڻايون ويون آهن.
ان کان علاوه نوشهروفيروز ڏانهن ويندڙ رستي تي ليڊي ڊاڪٽر نسيم شاه جو نئون ميڊيڪل سينٽر جڙي راس ٿيو آهي. جتي به ٽيسٽن جي سهولت موجود آهي.

ملڪان ملڪ مشهور ٺاروشاه جي ميندي

ملڪان ملڪ مشهور ٺاروشاه جي ميندي

ڪو زمانو هو، جڏهن ٺاروشاه جون نارنگيون ڏيهه پرڏيهه ۾ مشهور هيون. پري پري تائين هن شهر جي نارنگين جو نه صرف ذڪر هلندو هيو پر شوق سان کايون پڻ وينديون هيون. زمانو بدليو شهر جي چوطرف موجود نارنگين جا باغ آبادي ۾ بدلجي ويا ۽ ٺاروشاه جون نارنگيون ”اهي وڻ ئي ويا ته وٿاڻ به ويا.“ جي مصداق ٿي ويون. نارنگين جي هيڏي ساري واپار کي آباد ڪرڻ ۾ به انساني هٿ هو ته برباد به ماڻهن جي ئي هٿان ٿي ويون. ان هوندي، انسانن جي ان تباهيءَ ۽ تعميري ڪارروائيءَ ۾ قدرت پنهنجو ڪم ڪندي رهي ٿي. ڪالهه جتي هن شهر جون نارنگيون مشهور هيو اتي اڄ هن شهر جي ڀاڳ جا هٿ مينديءَ سان رڱيل آهن. ڪير يقين ڪندو ته آباديءَ جي لحاظ کان ملڪ جو هي ننڍڙو شهر مينديءَ جي ڪل پيداوار ۾ 60 سيڪڙو حصو رکي ٿو. شهر جي آس پاس ۾ هزارين ايڪڙن تي مينديءَ جا سدا ساوا سرسبز کيت موجود آهن. جيڪي نه صرف هتان جي ماڻهن جي محنت جي عظمت کي ظاهر ڪن ٿا پر ساڳي وقت اهو پڻ ٻڌائين ٿا ته ٺاروشاه واسي صدين کان وٺي محنت جي روزي ڪمائڻ جا ڪوڏيا آهن. هڪ طرف ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل، اها شاهدي ڏين ٿا ته سنڌي ماڻهو ڪنهن به صورت زراعت ۾ ڪنهن کان پوئتي نه آهن ته ٻئي پاسي رڳو ٺاروشاه جي حدن ۾ هڪ محتاط اندازي مطابق 50 کان وڌيڪ ميندي پيهڻ جا ڪارخانا ۽ ڀرپاسي 150 ڪارخانا، اها ڳالهه دنيا کي سمجهائن ٿا ته سنڌ جا ماڻهو زراعت کي صنعت ۾ به تبديل ڪرڻ جو هنر به رکن ٿا. ٺاروشاه جي ميندي نه فقط سنڌ، پاڪستان جي منڊين ۾ وڪرو ٿي اتان جي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿي پر شارجه، ابوظهبي، دبئي، سعودي عرب يورپ جي ڪيترن ملڪن سميت آمريڪا جي منڊين تائين به رسائي حاصل ڪري چڪي آهي. پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن ايران، ڀارت، افغانستان ۽ وچ ايشيا جو رياستن ۾ سنڌ جي مينديءَ جي تمام گهڻي طلب آهي. ۽ جڏهن مان سنڌ جي مينديءَ جو اصطلاح استعمال ڪريان ٿو ته ان مان منهنجو واضع مطلب ٺاروشاه جي ئي ميندي آهي. هڪ اندازي مطابق ٺاروشاه ۾ روزانه جي بنيادن تي هڪ ڪروڙ روپين جي مينديءَ جو واپار ٿئي ٿو. جنهن جي ڪري توهان کي ٺاروشاه ۾ انفرادي طور تمام گهڻي خوشحالي نظر ايندي. جيڪڏهن پاڻ چئون ته ٺاروشاه هڪ امير شهر آهي ته ان جي امارت پويان ميندي ۽ فقط ميندي نظر ايندي. هڪ اهڙو به وقت هو جڏهن مينديءَ جي حوالي کان ميهڙ سنڌ ۾ وڏو نالو هو پر هاڻي ٺاروشاه ميهڙ کان مينديءَ جي پيداوار ۽ صنعت ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. هتان جي هن هيڏي ساري ڪاروبار ۾ هزارين ماڻهن جي روزي آهي. مينديءَ جي پوکائي کان لڻائي، ٽرانسپوٽيشن، ڪارخانن تي ڪم ڪندڙ مزدورن، مسترين جي خوشحالي جي پويان ميندي ئي ڪارفرما نظر ايندي. اسان هتي پنهنجي تاريخي رڪارڊ لاءِ مينديءَ جي ڪجهه وڏن سيٺين جا نالا لکون ٿا. ان اميد سان گڏ ته هنن جو شاندار ڪاروبار اڃا به ترقي ڪندو رهندو.
سيٺ عبدالغني موريو، خان صاحب الهڏنو موريو، سيٺ نواب خان سولنگي، سيٺ عبدالمالڪ ساند، سيٺ شبير احمد خانزاده، سيٺ نور محمد موريو، سيٺ محمد شاڪر، سيٺ نعيم احمد قريشي، سيٺ محمد ابراهيم سيال، سيٺ حاجي رسول بخش ڪولاچي، سيٺ حاجي سونو خان ابڙو، سيٺ ممتاز علي ميمڻ، سيٺ غلام محمد ابڙو، سيٺ ظفر علي عالماڻي، سيٺ محمد يامين ٻٻر، ڊاڪٽر نظير احمد ڀرٽ، سيٺ امير بخش سيال، سيٺ دادلو سهتو، سيٺ پير بخش عالماڻي، سيٺ حاجي اقبال خانزاده، سيٺ حاجي بخشل خان سهتو، سيٺ آبدار خان خانزاده، سيٺ عبدالقيوم خانزاده، سيٺ حاجي الهه رکيو بلادي، سيٺ حاجي خان محمد سيال، سيٺ شير احمد خانزاده، سيٺ محمد نواز موريو، سيٺ حاجي شير محمد کوکر، سيٺ صابر علي عمراڻي، سيٺ خير محمد سومرو، سيٺ محمد ايوب موريو ۽ سيٺ محمد موريل مستوئي

ٺاروشاه جو سيرو (حلوو)

ٺاروشاه جو سيرو (حلوو)

جيڪڏهن ڪير توهان کان پڇي ته ٺاروشاه جي اها ڪهڙي شيءِ آهي. جيڪا دنيا ۾ صرف هن شهر ۾ئي ٺهي ٿي؟ توهان جو جواب ڪهڙو هوندو؟ ٿورو سوچيو.........’ٺاروشاه جو مائو‘............. جي ها ٺاروشاه جو ڀڳل مائو به مشهور آهي، پر جيڪو رتبو سيري کي حاصل آهي، ان جي ڀيٽ ڀُڳَلَ مائي سان نه ٿي ڪري سگهجي. ٺاروشاه جو سيرو، جنهن کي حلوو به چيو وڃي ٿو. ان لاءِ هي دعوا ڪري سگهجي ٿي ته هي چيز شهر جي اها سوغات آهي، جيڪا فقط ئي فقط ٺاروشاه ۾ ٺهي ٿي ۽ سوکڙين جي صورت سڄي ملڪ ۾ پهچي ٿي.
عمران ميمڻ، شاه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي ڪاليج سائيڊ جو پوسٽ گريجوئيٽ آهي. هو گذريل 10 سالن کان هر صبح جو شهر جي شاهي بازار جي مهڙ ۾ سيرو کپائي ٿو. هن جي بقول سيري ٺاهڻ ۽ کپائڻ سندس خاندان جي ميراث آهي. توڻي جو هو تمام گهڻو پڙهيل لکيل نوجوان آهي، پر سيري کپائڻ ۾ هن کي ڪڏهن به گهٽ هجڻ جو احساس نه ٿيو! ساڳي طرح عمران جو والد شمس الدين ميمڻ، دليپوٽا ويندڙ رستي تي ريشم گليءَ جي مين گيٽ تي سيرو وڪڻي ٿو.
ٺاروشاه ۾ انهن ٻنهي پيءُ پٽ کانسواءِ علي بخش ميمڻ. عبدالرشيد ميمڻ ۽ استاد قاسم ميمڻ به سيرو کپائن ٿا. جيڪو هنن وٽ هنر کانسواءِ روزي جي ذريعو به آهي. قاسم ميمڻ ته تعليم کاتي ۾ استاد به آهي. هر صبح جو 8 وڳي تائين سيرو کپائڻ بعد پنهنجي ڊيوٽي پڻ سرانجام ڏئي ٿو.
جئين ته مٿي لکي آيو آهيان ته سيري جي هيءَ سوغات صرف ٺاروشاه ۾ ئي ٺهي ٿي. جڏهن ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سيرو سوجي مان تيار ڪيو ويندو آهي. ٺاروشاه سنڌ جو اهو واحد شهر آهي، جتي ڪڻڪ جي اٽي مان حلوو تيار ٿئي ٿو. هن سوغات جي ترڪيبء اجزاءِ ۾ ڪڻڪ جو اٽو، گهه، پاڻي اچن ٿا. جن کي ڀڃي سيرو ٺاهيو وڃي ٿو. عام رواجي طرح اٽي مان سيرو ٺاهڻ، ڪمال ۽ هنر جي ڳالهه آهي، پر اهو سڀ ڪمال ٺاروشاه جي هنن ڪاريگرن جو آهي. جيڪي پنهنجي هنر ۽ اندازي تي کائڻ جي هئڙي مزيدار شيءِ ٺاهڻ ٿا. هن سيري جي خاص ڳالهه هي به آهي ته چاهي موسم ڪهڙي به هجي هن کي ڪنهن به ٿانوءَ ۾ محفوظ ڪري رکيو وڃي ته خراب نه ٿيندو.
سيري کي ٺاهي وڪڻندڙن کان جڏهن هن شيءِ جي تاريخ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته پتو پيو ته ٺاروشاه جي هيءَ نرالي شيءِ هڪ محتاط اندازي مطابق 90 سالن وڌيڪ عرصي کان ٺاهي پئي وڃي. هن وقت ميمڻ برادريءَ سان لاڳپيل ماڻهو سيري ٺاهڻ ۽ کپائڻ جي ڪاروبار تي ڇانيل آهن. انهيءَ کان اڳ ساڳيو ڌنڌو شهر جا سومرا ڪندا هئا. سومرن کي اهو هنر ديوانن کان مليو هو.
پاڪستان ٺهڻ کان پهرين جتي ٺاروشاه جون نارنگيون، مائو، ميندي مشهور هيون، اتي هن سيري جو به وڏو نالو هو. جيڪو اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت قائم آهي. سڄي دنيا ۾ جتي به ٺاروشاه واسي آباد آهن، اتي هن سيري کي ياد ڪيو وڃي ٿو. جتي به ممڪن آهي، اتي اتي تحفن جي صورت پهچايو وڃي ٿو.
هن سيري جي هڪ ٻي به خاص اهم آهي ته هن جي وڪري جو خاص وقت مقرر آهي. يعني فجر جي نماز کانپوءِ صبح جو ڪاروبار شروع ٿيڻ تائين. ائين لکجي ته هي سيرو ٺاروشاه وارن جو ناشتو آهي ته به گهٽ نه ٿيندو.
سيرو کپائيندڙ نوجوان عمران ميمڻ مطابق جئين ته هن شهر جي سوغات کپائڻ لاءِ خاص وقت مقرر آهي. اهڙي نموني سال ۾ ڪجهه ڏينهن اهڙا به آهن جن ۾ هنن جو ڪاروبار چوٽ چڙهيل هوندو آهي. جئين عاشورن جا ڏيهاڙا ۽ روزن واري عيد جنهن ۾ هنن کي ايترا ته آرڊر ملندا آهن جو هو پوري پئجي نه سهگندا آهن. خير ڪئين به هجي ٺاروشاه جو سيرو، هن شهر جي اهڙي سوغات آهي، جنهن تي هن شهر جا رهواسي فخر ڪن ته به گهٽ نه ٿيندو.

ٺاروشاه جا پيڙا ۽ ڀانن جو ڀڳل مائو

ٺاروشاه جا پيڙا ۽ ڀانن جو ڀڳل مائو

”ٺاروشاه جا پيڙا وٺو، ٺاروشاه جا پيڙا“ هي هوڪا اسان کي ان وقت ٻڌڻ ۾ايندا هئا، جڏهن اسان ريل گاڏي ۾ سفر ڪندا هئاسين. ڇا ته مزيدار هئا اهي پيڙا!؟ بس ريل جي ٿڪل مسافرن جي وات جو سواد بهتر ڪرڻ لاءِ ٺاروشاه جي پيڙن کانسواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه هئي. ٺاروشاه جي پيڙن ۾ آخر اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه هئي جنهن جي ڪري هو ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويا؟ انهيءَ سوال جو جواب مرحوم محمد اسماعيل سومرو وڌيڪ بهتر نموني ڏئي سگهي ها پر هو اڄ اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي. ريل گاڏين ۾ اڄ به ”ٺاروشاه جا پيڙا“ جا هوڪا گونجن ٿا پر اهي فقط هوڪي تائين محدود آهن. ٺاروشاه جا پيڙا جن جو نالو ٻڌي وات پاڻي پاڻي ٿي وڃي ٿو هن شهر جي اها سوغات هئي، جنهن تي اڄ به شهر واسي پنهنجي منفرد حيثيت جا داعي آهن.
ٺاروشاه جي ڀانن جو ڀڳل مائو به سڄي ملڪ ۾ اهڙي ريت مشهور آهي، جئين هتان جي ميندي پنهنجو اعلي مقام رکي ٿي يا ڪنهن زماني ۾ نارنگيون مشهور هيون۔۔۔ پري پري کان ماڻهو هتي ڪهي اچي آرڊر تي مائو تيار ڪرائن ٿا، جيڪو پوءِ تحفن جي صورت م ٻاهرين ملڪ به موڪليو وڃي ٿو.
ڀانن جا ٻه ڳوٺ ٺاروشاه شهر کان هڪ ميل جي فاصلي تي آهن. شهر جي تيزي سان وڌندڙ آبادي جي ڪري هاڻي اهي ٻئي ڳوٺ به ٺاروشاه جي ڪالونين جو ڏيک ڏين ٿا. اهو وقت به شايد پري نه آهي، جڏهن ڀانن جا هي ٻئي ڳوٺ ٺاروشاه جو مرڪز ٿي ويندا. ڀانن جي انهن ڳوٺن مان هي ڀُڳَل مائو تيار ڪري شهر ۾ وڪري لاءِ آندو وڃي ٿو. محمد موسى ڀان هن مائي ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر آهي.
هن مائي جي تيار ڪرڻ جي هڪ خاصيت هي به آهي ته کير کي ڦٽائي پوءِ ان مان ٺاروشاه جي هيءَ انمول شيءِ تيار ڪئي وڃي ٿي. هن مائي جون ڪيتريون خصوصيتون آهن، پر سڀ کان اهم هيءَ ته هن مائي جي ٽيسٽ ۽ رنگ جهڙو ٻيو ڪو به مائو توهان کي سڄي سنڌ ۾ کائڻ لاءِ نه ملندو. ٻيو ته هن مائي جي ٺاهڻ ۾ اهڙو ڪو فارمولا ڪتب آندو وڃي ٿو جو ڀلي هن مائي کي هڪ مهينو رکيو وڃي پر هرگز خراب نه ٿيندو.
ٺاروشاه ۾ ڀانن جي نالي سان مشهور هي مائو، ساهتي جي دل سمهجيو ويندڙ شهر جي هڪ اهڙي نرالي شيءِ آهي، جنهن تي شهر واسي بجا فخر ڪن ٿا.

ٺاروشاه جي لائي

ٺاروشاه جي لائي

ٺاروشاه جي سيري کانپوءِ کائڻ جي شين ۾ هتان جي لائي تمام گهڻي مشهور آهي. خانزاده برادريءَ سان لاڳاپيل محمد سلطان، هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ هتي اچي لائي ٺاهڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو. جيڪو جلد ڪاميابي جون منزلون طئي ڪندو، سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويو.
محمد سلطان خانزادو اڄ به زنده آهي، جيڪو پنهنجي پوٽن جي مدد سان هي ڪاروبار هلائي ٿو. جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ دادو، سيوهڻ، ڀان سيد آباد، سڪرنڊ تائين پکڙيل آهي. لائي ٺاهڻ جي هن ڪاروبار ۾ خانزاده برادريءَ جي هن خاندان جي هڪ اهم ڳالهه ته هن سڄي ڌنڌي ۾ مزدور به هي پاڻ ته سيٺ به پاڻ ته ايجنٽ جو ڪردار به پاڻ نڀائن ٿا.
هن شهر جي لائي جي هڪ ٻي اهم خوبي هي آهي ته گهڻو ڪري سچي گيهه سان تيار ڪئي وڃي ٿي. جيڪا مختلف ورائٽن ۾ ٺهي ٿي، جئين، چڻن جي لائي، کوپري جي لائي، ڀڳڙن جي لائي، چانورن جي لائي، ڏونگهيءَ جي لائي، ترن جي لائي، بيهي مڱن جي لائي وغيره. لائي سان گڏ هن شهر جو ڳڙ ۾ ٺهيل چاٽو به مشهور آهي.
ساجد خانزاده، محمد سلطان جو پوٽو آهي. هن جي بقول ته لائي جي هنن وٽ سيزن جنهن ۾ هو روزانه 6 کان 8 هزارن جو ڪاروبار ڪن ٿا سا صرف سياري جا 5 مهينا هلي ٿي. سال جي ٻين مهينن ۾ هو مختلف قسم جون مزدوريون ڪري پيٽ گذران ڪن ٿا.
ٺاروشاه جي خانزادن سان گڏ لائي ٺاهڻ ۾ ٻن ڀائرن محمد سليمان ۽ عبدالطيف سومري جو ذڪر نه ڪجي ته ٺاروشاه جي لائي جي تاريخ اڌوري رهجي ويندي. شهر جي سومرا برادرز جي ٺهيل لائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائي رسائي رکي ٿي. پوري پرڳڻي ۾ هن لائي جي شهرت ٺاروشاه جي لائي جي آهي مطلب ته هن جي ٽيسٽ ۽ رنگ ٻين شهر ۾ ٺهندڙ لاين کان بلڪل مختلف آهي. بس اسان جو انهن پورهيتن کي سلام جن جي محنت سان ٺاروشاه جو نالو سٺي سنڌ ۾ مشهور آهي.

ٺاروشاه جي ملائي، سموسا ۽ برياني

ٺاروشاه جي ملائي، سموسا ۽ برياني

ٺاروشاه جي نور محل سئنيما ته پنهنجو رنگ وڃئي ويٺي آهي. جنهن لاءِ دعا ئي ڪري سگهجي ٿي ته هنُ جوڀن موٽي اچي پر ان جڳهه تي مظهر چارڻ ۽ ظفر چارڻ نالي ٻه همراهه رنگ رچايون ويٺا آهن. هنن همراهن جي اونهاري جي شامن ۾ ملائي ڀرپاسي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ ناماچاري ڪرائي آهي. پري پري کان ماڻهو هنن جي هٿ جي ٺهيل ملائي جو سواد وٺڻ اچن ٿا. ان کان سواءِ سندن جا ٺهيل سموسا ۽ برياني به ذائقي جي لحاظ کان منفرد آهن.

ٺاروشاه جا ڀڳڙا

ٺاروشاه جا ڀڳڙا

ٺاروشاه جي پاڪستان کان پهرين تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هتي اسان کي ڪيتريون ئي نراليون شيون نظر اينديون، جن ۾ ڀڳڙا به آهن. ٺاروشاه جي هنن ڀڳڙن جي اها خاصيت هئي جو هي فقط ٺاروشاه ۾ ئي ٺهندا هئا.
ڇڻڪو مل ۽ چانڊومل، هنن ڀڳڙن کي هڪ خاص نموني سان ٺاهڻ جا چڱا ڪاريگر هئا. جيڪي ڀڳڙن کي سڄي رات ڀِڄائي، پيلو رنگ ڏئي. صبح جو سويل تئي ۾ پيل واريءَ ۾ ٽچڪائيندا هئا. هي اهڙو فارمولو هو جو هر ماڻهو ڄاڻي ته سگهي پيو پر جڏهن ڀڳڙن ٺاهڻ جو وقت ايندو هو ته انهيءَ ۾ ڪانه ڪا کوٽ ٿي پوندي هئي ۽ پوءِ ڀڳڙن ۾ اهو سواد نه رهندو هو، جيڪو ڇڻڪوءَ ۽ چانڊوءَ جي ٺاهيل ڀڳڙن ۾ هو.
ٺاروشاه جي هنن سوادي ڀڳڙن لاءِ اهو پڻ عام آهي ته هتان جا ٺهيل ڀڳڙا، سنڌ کانسواءِ هندستان جي مختلف شهرن ۾ سوکڙي ٿي ويندا هئا. جيتوڻيڪ ٺاروشاه ۾ هاڻي اهي ڀڳڙا ته نه ٿا ٺهن پر پراڻا ماڻهو اڄ به انهن ڀڳڙن کي ياد ڪن ٿا.

ٺاروشاه جا اڳٺ، سڳيون، دوهريون

ٺاروشاه جا اڳٺ، سڳيون، دوهريون

ٺاروشاه ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن هتان جي اڳٺن، سڳين ۽ دوهرين ملڪان ملڪ پنهنجي نالو مشهور ڪرايو. پري پري کان ماڻهو هنن شين جي خريداريءَ لاءِ ٺاروشاه جو رخ ڪندا هئا. سيٺ الهندو خان ميمڻ، هنن شين ٺاهڻ جو مها ڪاريگر هو. هن جي وفات کانپوءِ اڳٺ، دوهريون ۽ سڳيون ٺاهڻ جو ڪم مڙئي ڪجهه گهٽ ٿي ويو. سيٺ جي فرزند حبيب الله ميمڻ پنهنجي والد صاحب جو هي هنر ڪجهه وقت تائين ته جاري رکيو پر اها ڪرت گهڻي وقت تائين نه هلي سگهي. هاڻي ٺاروشاه ۾ اڳٺ، دوهريون. سڳيون ته نه ٿيون ٺهن پر انهن شين جا شوقين اڄ به ٺاروشاه جي ان هنر کي ياد ڪن ٿا.

ٺاروشاه جون شخصيتون

---

ٺاروشاه جو ’جيئندو قبلو‘ سيد عارف شاه

”هو ٺاروشاه ۽ ڀرپاسي جي مسلمانن جو جيئندو قبلو ۽ هندو-مسلم لاءِ هر دلعزيز شخصيت هو. جيڪڏهن ٺاروشاه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ هندو_مسلم ڀائچارو آهي ته انهيءَ ۾ وڏو ڪردار سيد عارف شاه جو ئي آهي.“ هيءُ جملا هند-سنڌ جي برک ليکڪ دادا گوبند مالهيءَ جا آهن. جنهن پاڪستان جي قيام کان اڳ ۽ انهيءَ کانپوءِ ٺاروشاه جي تمام گهڻي اثرانگيز شخصيت سيد عارف شاه لاءِ لکيا.
سيد عارف شاه جي شخصيت بابت اسان وٽ ڪو مفصل مواد نه آهي. فقط گوبند جون سندن متعلق لکيل ڪجهه ڳالهيون ۽ انهن ماڻهن جون ياداشتون جن ٺاروشاه جي هن سيد کي انسانيت جي خدمت ڪندي ڏٺو.
دنيا جا مڙئي تاريخ نويس ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڀلي تاريخ ورقن تي نه به اتاري وڃي پر ڪجهه ماڻهو پنهنجي سڀاءَ جي ڪري تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن. عارف شاه جو نالو به انهن ماڻهن منجهه شامل آهي. جنهن بنا ذات، قوميت، مذهب جي انسان کي انسان سمجهي، ان جي خدمت ڪئي. جيڪو ايترو ته اعلى گڻ آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ ٿيندو.
هي منهنجي ذاتي راءِ آهي، ڀلي پوءِ مونسان ان ڳالهه ۾ ڪير اختلاف به ڪري سگهي ٿو ته سيد عارف شاه جهڙا ماڻهو، حقيقي طور آسمانن جا فرشتا هوندا آهن. جيڪي ماڻهن کي ماڻهپو سيکارڻ لاءِ زمين تي لاٿا وڃن ٿا. هو محبتن جو اهو سنگ ميل هوندا آهن، جن کي ڏسڻ سان چڱائي جا سڀ رنگ پوپٽن جيان اڏامي توهان جي سامهون پکڙجي وڃن ٿا. حياتيءَ جي سفر جا اهڙا خوبصورت ماڻهو جن جي هڪ نهار توهان جي زندگيءَ جي ٿر کي گل و گلزار ڪري ڇڏيندي آهي. هوءُ جن جو سڀاءُ جون جي نٽهڻ اس ۾ ڪنهن بڙ جي ڇانءَ کان گهٽ ناهي هوندي. هي انسان ڪائنات ۾ محبتن جا اهي امين هوندا آهن، جن جي ڪري اسان انسانيت تي اعتبار ڪري سگهون ٿا.
ها! اسان اعتبار ڪري سگهون ٿا..... يقينن اسان جا پوئنر به اتهاس جي اکرن ۾ انهيءَ ويساهه ۾ مبتلا ملندا ته عارف شاه، ٺاروشاه جو اهو ماڻهو هو، جنهن جا ڪي به دشمن ناهن هوندا. هو پاڪستان جي قيام کان اڳ توڻي پوءِ هر مذهب هر قوميت هر ذات هر قبيلي هر برادريءَ جي ماڻهن جي وچ ۾ اها مضبوط پل هئي، جنهن تي گوبند، چندر، عبدالله، نورو، ليلو، هيمو، علي اڪبر شاه ۽ ڀرپاسي جا نه ڄاڻ ڪيترا مسلمان توڻي هندو پنهنجي وجود کان وڌيڪ اعتبار ڪندا هئا.
مان ٺاروشاه جي سيدن جي اڳيان ادب جا هٿ ٻڌي، سيد عارف شاه لاءِ هي استعارو ڪتب آڻيندس ته جنهن جاءِ تي بخاري امام بارگاهه، مسجد باب العلم ۽ الحسيني لائبرري قائم آهن، اتي نؤلکيءَ جي هڪ مضبوط پل هوندي هئي. ٺاروشاه جي ڀاڳ نؤلکيءَ جي اها پل، جنهن تي بيهي سڄي شهر جو نظارو ڪري سگهجي پيو، شهر جي هر ڪنڊ ڏسي سگهجي پئي ته ”سيد عارف شاه نؤلکيءَ جي ان پل جيان هو، جنهن جي شخصيت کي ڏسي اسان ٺاروشاه ۽ آس پاس جي ماڻهن جي طبيعت جو اندازو ڪري سگهون ٿا.“
سيد عارف شاه جي قدآور شخصيت لاءَ مون وٽ ڪي به لفظ نه آهن. نه ڪي مان شاعر آهيان جو هن ’ويساهه جوڳي‘ شخصيت لاءِ ڪي تشبيهون ڪتب آڻيان. بس ايترو ضرور لکندس ته سيد عارف شاه فقط مسلمانن نه پر ٺاروشاه جي هر ماڻهو جو ’جيئندو قبلو‘ هو. جيڪو پنهنجي ڪردار ذريعي سدائين زنده رهندو

مولوي فيض الڪريم

مولوي فيض الڪريم

ٺاروشاه جي ڀرسان ساندن جي ڳوٺ جو رهواسي مولوي فيض الڪريم پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو عالم فاضل ٿي گذريو آهي. هن ماڻهوءَ جي زندگي حق ۽ سچ تي هلڻ جي ڪري سدائين تضادن جو شڪار رهي!
مولوي صاحب جا وڏا اصل ۾ خيرپور رياست جي پير ڳوٺ ڀرسان ويٺل هئا، جتان لڏي اچي ساندن ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. سائين حامد خانائيءَ جي تحقيق مطابق فيض الڪريم ذات جو اعواڻ هو، پر ساندن ۾ رهڻ جي ڪري ساند سڏجڻ ۾ آيو. مولوي فيض الڪريم شروعاتي تعليم پنهنجي والد مولوي عيسى وٽ ساندن ۾ حاصل ڪئي. جتان پوءِ وڌيڪ تعليم جي حصول لاءِ ميهڙ جي ويجهو ڳوٺ فيض محمد آگري ڏانهن رک رکيائين. هتي سندن استاد مولوي ميان محمد آگرو هو. جنهن کان پاڻ ديني تعليم سان گڏ تاريخ جو علم پڻ پرايائين.
مولوي فيض الڪريم، جو حافظو قهر جو هو. جديد دنيا ۾ انهيءَ شخص جي ياداشت کي فوٽوگرافڪ ميمري سڏيو ويندو آهي. جيڪو ڪنهن به شيءِ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ کانپوءِ ان کي پنهنجي حافظي ۾ محفوظ ڪري ڇڏي. بيشڪ ٺاروشاه جي هن عظيم فرزند جي ياداشت به ان سطح جي هئي.
مولوي صاحب جي ٻين استادن ۾ نوشهري فيروز جو مولوي محدث قاضي محمد عالم پڻ شامل هو، پر هن جي علم کي ادب جو چس تڏهن حاصل ٿيو جڏهن پاڻ ٽکڙ جي مذهبي گهٽ ادبي ادارن ۾ ڪجهه وقت لاءِ پڙهيو. جنهن کان پوءِ اسان جي ٺاروشاه جو هي عالم سڳورو دهلي روانو ٿيو. جتي منطق جو علم حاصل ڪيائين. جنهن کانپوءِ هو واپس پنهنجي جنم ڀومي ٺاروشاه پهتو. جتي پنهنجي والد مولوي محمد عيسى جي مدرسي ۾ پنهنجي علم جو نور پکيڙڻ شروع ڪيائين.
مولوي صاحب جي شهرت ان وقت سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي، جڏهن سن 1919ع ۾ پهرين عالمي جنگ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ پوري مسلم دنيا ۾ ترڪيءَ جي خلافت جو مسئلو کڙو ٿيو. هن سڄي مامري کان سنڌ به بچي نه سگهي. ننڍي کنڊ جي عالمن انگريزن خلاف تحريڪ جي شروعات ڪري ڏني. هر مڪتبه فڪر طرفان خلافت جي حق ۽ انگريز سرڪار جي مخالفت ۾ فتوائون جاري ٿيڻ لڳيون. انهيءَ تحريڪ کي زور تڏهن حاصل ٿيو جڏهن مولانا محمد علي ۽ مولانا شوڪت علي جيڪي ٻئي ڀائر هئا، عملي طور ميدان ۾ ڪڏي پيا. سنڌ ۾ تاج محمد امروٽيءَ ۽ پير رشد الله جهنڊي واري هن تحريڪ جي روح روان طور پاڻ کي ميدان ۾ آندو. سنڌ ۾ خلافت تحريڪ پنهنجي عروج تي پهچي وئي.
هڪ پاسي خلافت جي تحريڪ جو زور هو ته ٻئي پاسي انگريزن ان هلچل کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ امن سڀا قائم ڪري ورتي. جنهن ۾ هنن جي ڪوشش هئي ته مسلمانن ۾ اهڙن عالمن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، جيڪي پهرين کان ترڪيءَ جي خلافت جا مخالف رهيا هجن. مولوي فيض الڪريم، جيڪو پهرين ئي ترڪيءَ جي خلافت کي نام نهاد سمجهندو هو سو انگريزن لاءِ بهترين هٿيار ثابت ٿيو. نوشهري فيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جيڪو پڻ مسلمان هو، تنهن مولوي صاحب کي تڏهن جي ڪمشنر لارينس سان ملايو.
لارينس، مولوي صاحب کي 4 سو ايڪڙ زمين جي آڇ سان گڏ هن جي پٽ کي ايڪسائيز کاتي ۾ نوڪري ڏيڻ جو واعدو ڪيو. انگريز عملدار سان انهيءَ ملاقات کانپوءِ ٺاروشاه جي هن عالم دين ’تحقيق خلافت‘ نالي سان خلافت جي رد ۾ هڪ ننڍڙو رسالو لکيو. رسالي جو ڇپجڻ ڇا هو؟ هر پاسي کان مولوي فيض الڪريم تي تنقيد جا نشتر وسڻ لڳا. هن جي علم ۽ فضل وارن دليلن جي جواب ڏيڻ جي بدران سندس ذاتي زندگيءَ کي نشانو بڻايو ويو. پنهنجي خلاف اهڙي قسم جي غليظ پروپيگئنڊا ڏسي، اسان جو هي مولوي ڏاڍو پريشان ٿي ويو. حالتون ان نهج تي پهچي ويون جو مولوي فيض الڪريم کي روپوشيءَ جا ڏيهاڙا گذارڻا پئجي ويا.
ٺاروشاه جو هي مولوي سن 1920ع کان 1923ع تائين پنهنجي جان بچائڻ لاءِ مسلسل غائب رهيو. جنهن لاءِ بعد ۾ معلوم ٿيو ته مولوي صاحب پنجاب جي شهر امرتسر م ٻارڙن کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏيندا هئا. ان جي وچ ۾ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۾ به ايندا هئا. ‘اهي ڏينهن اهي شينهن’ جي خالق علي محمد شاه راشدي به ساڻن ملاقات جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. جنهن ۾ پير صاحب، مولوي فيض الڪريم کي تاريخ جو وڏو ماڻهو ۽ ڄاڻو سڏيو آهي. علي محمد شاه راشدي جي بقول ته تحقيق جي ميدان ۾ هن مولوي فيض الڪريم کان وڌيڪ ڪو به ماڻهو نه ڏٺو.
ٺاروشاه جي هن عظيم ذهن جي پڇاڙي نهايت ڪسمپرسي ۾ گذري. پاڻ مالي حالتن جي لحاظ کان تمام گهڻو پريشان رهيا. ان جو سببب هي به هو ته پاڻ ڪڏهن به انهن مولوين منجهه شامل نه ٿيا. جيڪي پنهنجي ننڍڙي مفاد لاءِ دين ۽ دنيا کي وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن. اسان جي ٺاروشاه جو هي عظيم فرزند سن 1953ع ڌاري وڏي ڄمار ماڻي، خالق حقيقي سان وڃي مليو. سندس وصال وقت هن جون ڪيتريون ئي قلمي تصنيفون محفوظ هيون. جن کي شاهڪار قرار ڏئي سگهجي ٿو پر سنڀال نه هجڻ جي ڪري وقت جي اڏوهي هٿان کاڄي ويون.

ديوان لوڪو مل

ديوان لوڪو مل

شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جو معتقد، ديوان لوڪو مل سنڌ جي حقيقي مذهب صوفيت جو پيروڪار هو. هن جي ويجهو هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪوبه فرق نه هو. ٺاروشاه جو اهو زمانو پنهنجي اوج تي پهتل هو، جڏهن ديوان صاحب هن شهر جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو.
علم ۽ ادب جو عاشق هي شخص پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏو شاعر به هو. هن جي هيڊ ماستريءَ جي دؤران سن 1937ع ۾ هن جي ذاتي ڪوششن سان ٺاروشاه هاءِ اسڪول جو پهريون مخزن ’نؤلکي‘ جي نالي تي جاري ٿيو. هن مخزن جو ايڊيٽر ايسر داس راءِ سنگهاڻي صاحب هوندو هو.
نؤلکي مخزن ٺاروشاه هاءِ اسڪول کي ديوان لوڪومل جو تحفو هو. جنهن سان هن شهر واسين جي علمي ۽ ادبي ذوق جو پتو پوندو هو.

’ٺاروشاه جو ولي‘ قاضي غلام علي

’ٺاروشاه جو ولي‘ قاضي غلام علي

ٺاروشاه جي تاريخ لکجي ۽ ان ۾ قاضي غلام عليءَ جو ذڪر نه ڪجي ته مون ناچيز جي خيال مطابق هن شهر جي تاريخ اڌوري رهجي ويندي. قاضي صاحب جو جنم سن 1902ع ۾ ڪنڊياري جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ خيري ديري ۾ مشهور آخوند خاندان ۾ ٿيو. هو ذات جو ڏاهري هو بعد ۾ قريشي سڏجڻ ۾ آيو. علم ۽ عمل جو نمونو هي شخص پنهنجي اندر جيڪي صلاحيتون رکندو هو ان کان انڪار ڪنهن به ريت ممڪن نه آهي.
قاضي غلام علي صاحب پنهنجي ڳوٺ مان انڪري لڏي اچي، هميشه ٺاروشاه وسايو. ڇو جو سندس اباڻا ڪک درياه بادشاه جي لهرن جي نظر ٿي چڪا هئا، پر هن شهر ۾ پهچڻ کانپوءِ هن جو مقابلو هڪ اهڙي ٻوڏ سان ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن سان گڏ تعليم به لڙهي پئي وئي. اهي حالتون نهايت بدترين هيون هر طرف تباهي ۽ بربادي جو عالم هو. ورهاڱي جو درد اهڙو ته شديد هو، جنهن کي اڄ 64 سال گذرڻ جي باوجود سنڌ وساري نه سگهي آهي. سڄي سنڌ جي تعليم وانگي ٺاروشاه جي علم تي به هندو ديوان ڇائنيل هئا. هنن پاران ايئن اوچتو ڀونءِ ڇڏڻ سان ڪيترائي سماجي مسئلا جنم وٺي رهيا هئا. ٻيا شعبه ته پنهنجي جڳهه تي پر وڏو خال تعليم جي ميدان ۾ پيدا ٿي رهيو هو.
سلام آهي هن شخص قاضي غلام عليءَ کي جنهن ٺاروشاه ۾ تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي ماهر ملاح جيان نه صرف ٻڏڻ کان بچايو پر پنهنجي بي مثال صلاحيتن جي آڌار پار پڻ پهچايو. سال 1947ع کان 1958ع تائين پورا 11 سال هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جي حيثيت سان جيئن هن شخص ٺاروشاه ۾ علم جي چراغ کي اجهامڻ نه ڏنو سو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي.
ملان گهراڻي جي هن شخص لاءِ چيو ويندو هو ته جڏهن فل سوٽ ۾ شهر جي گهٽين مان گذرندو هو ته ماڻهن سان گڏ شهر جا وڻ به انهيءَ شخص جا سلامي ٿيندا هئا. خوبصورت، بهترين سيرت، ٻاجهاري شخصيت جي مالڪ غلام علي قاضيءَ بابت استاد حامد خانائيءَ پنهنجي ڪتاب ’نوابشاه ضلعو، تاريخي شهر ۽ شخصيتون‘ ۾ لکي ٿو ته ”هندن جي وڃڻ کانپوءِ ٺاروشاه هاءِ اسڪول جي حالت نهايت خراب ٿي وئي هئي. فقط هڪ ماڻهو هو جنهن جي ڪلهن تي سڄو بار اچي پيو، جنهن کي هن خوش اسلوبي سان نڀايو.“
قاضي صاحب جي ڪوششن بابت ايترو به ٻڌايو ويو آهي ته هن ذاتي جهدوجهد سان پنهنجي اسڪولي دؤر جي ساٿين موسوي برادران عطا حسين موسوي ۽ عبدالحسين موسوي کي گذارش ڪري هاءِ اسڪول کي ٻيهر نوابشاه لوڪل بورڊ ۾ شامل ڪرايو. انهيءَ کان اڳ هندن جي وڃڻ کانپوءِ هاءِ اسڪول جي سرڪاري حيثيت ختم ڪئي وئي هئي. جنهن لاءِ تڏهن جي انسٽرڪشن ڊپارٽمنٽ جي ڊائريڪٽر (تڏهن تعليم کاتي کي انسٽرڪشن ڊيپارٽمنٽ چيو ويندو هو) علامه عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب پڻ قاضي صاحب سان ڀرپور سهڪار ڪيو.
تاريخ جي درستگيءَ لاءِ اها ڳالهه لکڻ پڻ ضروري آهي ته تڏهن جي نوابشاه لوڪل بورڊ جي چيئرمين غلام رسول خان جتوئي هو، جنهن ٺاروشاه هاءِ اسڪول کي لوڪل بورڊ ۾ شامل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو.
مطلب ته قاضي غلام علي، هڪ ماڻهو جو نه پر هڪ اداري جو نالو هو. جيڪو اڄ به ٺاروشاه جي هاءِ اسڪول جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي. قاضي صاحب اسان کان 1966ع ڌاري موڪلايو، هن جو مرقد شهر جي مقامي قبرستان ۾ آهي. جتي ڪو ميلو ته نه ٿو لڳي پر منهنجي راءِ مطابق قاضي صاحب ’ٺاروشاه جو ولي آهي.‘
حامد خانائي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ اهو به ذڪر ڪيو آهي ته هو قاضي صاحب جي آخري آرام گاهه تي فاتحه پڙهڻ ويو هو. جتي سندس قبر جي حالت انتهائي خسته ٿي چڪي هئي. جنهن لاءِ مان هتي هي لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته قاضي صاحب جي ڏوهٽي غلام مصطفى سهتي صاحب پنهنجي نانا جي قبر کي پڪو ڪرايو آهي. هن کي مون اڪثر شهر جي انهيءَ مقام ۾ ويندي ڏٺو آهي، جتي سندس نانا قاضي غلام علي صاحب آرامي آهي.

قاضي عبدالرحمان اڄڻ

قاضي عبدالرحمان اڄڻ

سنڌ جو وڏو دماغ سمجهيو ويندڙ پير علي محمد شاه راشدي پنهنجي ڪتاب ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ ۾ قاضي عبدالرحمان جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي ته ”الوحيد جو نوجوان ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان تمام گهڻو هوشيار ۽ ذهين آهي. مان ذاتي طور هن جي قابليت کان متاثر آهيان.“ علي محمد شاه راشدي پاران قاضي صاحب جي تعريف کانپوءِ مان جڏهن پنهنجي ڳوٺ واسيءَ ان عظيم صحافيءَ جي باري ۾ مفصل معلومات حاصل ڪرڻ چاهي ته مونکي استاد حامد خانائيءَ جي ڪتاب ۾ قاضي عبدالرحمان تي هڪ تفصيلي مضمون مليو. جنهن مان ڪجهه اقتباس اوهان سان به ورهائڻ چاهيان ٿو.
”قاضي عبدالرحمان ٺاروشاه جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ اڇي مسيت ۾ محمد صديق اڄڻ جي گهر ۾ سن 1898ع ۾ جنم ورتو. پاڻ اڃا ننڍڙو هو ته سندن والد وفات ڪري ويو. سندس والد محمد صديق اڄڻ سيد الهندي شاه درٻيلي واري جو اتاليق هو. انگريزن پاران محمد صديق، سموري ساهتيءَ جو قاضي مقرر ٿيل هو. انهيءَ ڪري سندس خاندان قاضي سڏجڻ ۾ آيو. علمي لحاظ کان به سندن گهراڻو، استاد جي حثيت سان مشهور هو. قاضي صاحب جي تربيت ۽ سنڀال سندس وڏي ڀاءُ ميان عبدالڪبير ڪئي. ابتدائي تعليم درٻيلي، نوشهري فيروز ۽ ڀرين ۾ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسته السلام ڪراچي مان 1914ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري جهونا ڳڙهه جي مشهور درسگاهه بهاول دين ڪاليج مان بي اي جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين. سنڌ مدرسي جي شاگردي واري دؤر ۾ مدرسي مان نڪرندڙ مخزن جي ادارت سنڀاليائين.“
تاريخي انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته قاضي صاحب جي صحافت جي شروعات ان وقت ٿئي ٿي جڏهن پاڻ اڃا 14 سالن جا مس هئا. ايتري ننڍي عمر ۾ ٺاروشاه جو هي بيدار دماغ شخص ايترو ته اهل ٿي ويو جو ٺيڪ 10 سالن کانپوءِ 24 ورهين جي عمر ۾ کيس ’الوحيد‘ جو پهريون ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هي اها الوحيد اخبار هئي، جنهن لاءِ مولانا محمد علي جوهر جو چوڻ هو ته ”الوحيد معني آَزادي، آزادي معني الوحيد“ ۽ پاڻ اها ڳالهه ڀلي ڀَتِ ڄاڻون ٿا ته الوحيد جي اها سڄي ترقي، هڪ شخص قاضي عبدالرحمان جي ڪري هئي.
سال 1920ع کان قاضي صاحب جي ادارت هيٺ جاري ٿيندڙ هيءَ اخبار سامراج سرڪار جي مٿن تي بم بڻجي وسي رهي هئي. قاضي صاحب جو سڄو ڌيان ’الوحيد‘ ڏانهن هو، آخر انگريز گورنمينٽ مجبور ٿي قاضي صاحب کي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آڇ ڪئي، جيڪا هن اهو چئي ٺڪرائي ته ”سنڌ جي فرزندن کي اهڙيون آڇون سچ ۽ حق لکڻ کان نه ٿيون روڪي سگهن!“
پڇاڙيءَ ۾ انگريز سرڪار ٻيو وسيلو نه سمجهندي 1921ع ڌاري هڪ مضمون لکڻ جي ڏوهه ۾ قاضي صاحب کي هڪ سال پورهيي جي سزا ڏني. 1922ع ۾ جيل مان نڪرڻ کانپوءِ نوجوان عبدالرحمان، سنڌ صوبائي ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري، 1924ع ۾ صدر بڻيو. آخر ۾ ڪانگريس سان اختلاف ڪندي، ان کان جدا ٿيو. ساڳي سال پنهنجي جدا اخبار ’مسلم ايڊوڪيٽ‘ جاري ڪيائين انهيءَ نموني قاضي صاحب جي جهدوجهد جاري رهي.
1945ع ۾ قاضي صاحب ٻيهر ’الوحيد‘ جو ايڊيٽر ٿيو، هڪ ڀيرو ٻيهر الوحيد جو جوڀن موٽي آيو. جلد ئي پاڪستان به قائم ٿيو. سنڌ جي گورنر سر غلام حسين هدايت الله کيس سنڌ سرڪار ۾ انفارميشن جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. جتي به ٻه رسالا هڪ سنڌي ۽ ٻيو انگريزي ۾ جاري ڪندو رهيو.
قاضي عبدالرحمان، ٺاروشاه جو هڪ لائق فرزند نهايت هوشيار، محنتي، پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري جي لحاظ کان مشهور 24 جون 1958ع تي اسان کان موڪلائي هڪ اهڙي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو جتان ڪير به نه موٽيو آهي. بيشڪ قاضي صاحب عظيم هو ۽ سدائين عظيم رهندو. ٺاروشاه انهيءَ جي شخصيت کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو.

استاد عبدالله سومرو

استاد عبدالله سومرو

ٺاروشاه ۾ جيڪڏهن پاڻ، فن خطاطي ۽ مصوري لاءِ ڪنهن شخص جي چونڊ ڪيون ته اسان جي ذهنن ۾ بي اختيار سائين عبدالله سومري جو نالو اچي ويندو. پاڻ ٺاروشاه هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر هو.
هن ماڻهو جون ڪهڙيون خوبيون بيان ڪجن. ڇاڪاڻ ته هي سراپا سماجي خدمتگار هو. ڀلا ايئن به ڪير ڪندو جو پنهنجي راتين جون ننڊون ڦٽائي ڊرائينگ ڪري وري اهي شاهپارا پنهنجي ڪلهن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد پڄائي، انهن کي ڪامورن وٽ وڪرو ڪري، حاصل ٿيل موڙي غريب شاگردن کي پڙهائي لاءِ مدد طور ڏئي.
اهو سڀ ڪمال اسان جي سهڻي شهر جي هن سهڻي شخص سائين عبدالله سومري جو ئي هو. ڪو زمانو هو جو اسان جي ٺاروشاه جي هن فنڪار جا فني شاهڪار ضلعي ڪائونسل نوابشاه سميت ٻين ڪيترن ئي آفيسن ۾ رکيل هوندا هئا.
عبدالله سومري جو هڪ پاسو ته فنڪار وارو هو جڏهن ته ٻئي پاسي هن جي دين اسلام سان محبت ڪنهن به دليل جي محتاج نه هئي. شهر جي جامع مسجد جي تعمير ۾ سائين جي ڪردار کان هر ماڻهو واقفيت رکي ٿو. هڪ روايت موجب سائين سومري صاحب هڪ بهترين چادر پينٽ ڪري، ڀٽ ڌڻي جي ميلي تي، تڏهن جي وزير اعلي عبدالستار پيرزادي کي 7 هزارن ۾ وڪرو ڪري ڏني. ان مان حاصل رقم مسجد جي تعمير ۾ لڳائي ڇڏيائين.
عبدالله سومرو، ٺاروشاه جو اهو عاشق هو جنهن قاضي غلام علي جي صلاح سان پنهنجي موڀي پٽ غلام رسول سومري کي روينيو کاتي جي هڪ اعلى عهدي تان استعفى ڏياري ٺاروشاه هاءِ اسڪول ۾ استاد جي نوڪري ڪرڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته ورهاڱي کانپوءِ شهر جي تعليم جي حالت بدتر ٿي وئي هئي ۽ سلام انهيءَ عظيم پٽ کي جنهن شهر ۾ تعليم جي حالتن کي اڳيان رکندي هاءِ اسڪول ۾ استاد جي نوڪري اختيار ڪئي. سائين غلام رسول سومري صاحب ٺاروشاه مان هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽائرمنٽ حاصل ڪئي. جيڪڏهن هو روينيو جي نوڪري نه ڇڏي ها ته ضرورو ڪمشنر جي پوسٽ تان پنهنجي نوڪري جي پڄاڻي ڪري ها. سائين عبدالله سومري پنهنجي ٻئي پٽ سائين غلام سرور سومري کي به هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ جو چيو. جنهن سائين جون خدمتون به وسارڻ جوڳيون نه آهن
عبدالله سومرو، هڪ مصور سان گڏ اديب به هو. ’قيمتي قول‘ نالي هڪ اخلاقي ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو سن 1952ع ۾ ’محمد يوسف اينڊ برادرز‘ حيدرآباد وارن ٻن حصن ۾ شائع ڪرايو. عبدالله سومرو، اسان کان 6 فيبروري 1956ع ۾ هميشه لاءِ موڪلائي، پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو. سندس مرقد ٺاروشاه جي ڪَمن فقير جي مقام ۾ آهي.

فقير قاضي عبدالرحمان سهتو

فقير قاضي عبدالرحمان سهتو

فقير قاضي عبدالرحمان سهتي جو شمار ساهتي جي انهن بزرگن منجهه ٿئي ٿو. جن ظاهر طور ته ڪنهن به مدرسي مان تعليم نه پرائي مطلب هو. هو ظاهري طور امي هئا پر هنن جو اندر لدني علم سان مالامال هو. سال جو يقين نه آهي ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪنهن به مڪتب ۾ داخل نه ٿيا پر هڪ اندازي مطابق سندن جي پيدائش 1899ع ڌاري دليپوٽا جي ڳوٺ ۾ فقير آچر سهتي جي گهر ٿي. ڇاڪاڻ ته فقير آچر سهتو انتهائي الله لوڪ هو جنهن ڪري ننڍي عمر ۾ ئي گهر هلائڻ جو بار سندن جي ڪلهن تي اچي ويو. پاڻ نه فقط اهو وزن همٿ سان کنيو پر پنهنجي ٻن ڀائرن عمرالدين بيدار ۽ دين محمد کي اعلى تعليم پڻ ڏياري. قاضي صاحب جئين ته هڪ واپاري هو. جنهن ڪري هن جو گهڻو وقت سفر ۾ گذرندو هو، سفر دؤران هن جي ذهني اؤسر تمام تيزي سان ٿي. خدا جي قدرت جو ڪنهن سبب سندس کي واپار ۾ انتهائي نقصان پيو، حالت ڏيوالي تائين پهچي وئي. اوڀر جي سماج ۾ ’ڏيوالو‘ هڪ قسم جو اصطلاح آهي. جنهن مان مطلب هي هوندو آهي ته جيڪڏهن ڪو امير ڪبير واپار يا ٻئي ڪنهن سبب پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويهي ٿو هو قرض لاهڻ کان لاچار آهي ته پنهنجي بيٺڪ تي ڏينهن جو ڏيئو ٻاريندو پوءِ ايندڙ قرض خواهه سمجهي ويندو ته همراهه وٽ ڪجهه به ناهي بچيو ڇو جو هو ڏيوالو ڪڍي ويٺو آهي.
واپار ۾ ڏيوالو نڪرڻ کانپوءِ فقير قاضي عبدالرحمان سهتي پريشاني جي حالت ۾ ڪنڊيارو ڀرسان لوڙهي واري فقير وٽ پهتا. جتي سندن تي فقير وارو رنگ چڙهيو. بس پوءِ ته هڪ اللهﷻ ۽ ان جي رسول ﷺ جو ورد هو. فقير صاحب جو صبح شام ذڪر ۾ گذرڻ لڳو. سندن ذهني يڪسوئي جي حالت هي هئي جو باوجود پاڻ هڪ ڏينهن به مڪتب ۾ نه ويا پر فارسي، عربي ۽ سنسڪرت جا سوين قول سندن کي ياد هئا. هوءَ رومي، فردوسي ۽ غزالي جو ته حافظ هو. ڪلام پاڪ جي تفسير ۾ ڪلاڪن تائين ڳالهائڻ سندن جو ئي ڪمال هو. قاضي صاحب شاه لطيف جي شاعري جو عاشق هو. اڪثر صبح جو سوير استاد منظور علي خان جي آواز ۾ لطيف سرڪار جو سر راڻو شوق سان ٻڏندو هو
ويٺي نت نهاريان راڻا تنهنجي راهه،
موٽائي ماڳن ۾ آڻيندوءِ الله.
هن لاءِ مان لکندس ته سنڌ جي تاريخ جو جينيس ماڻهو هو. جيڪو هڪ ئي وقت ورڪر، سپاهي ۽ دانشور هو. سنڌ جو اهو جينيس ماڻهو مئي 2002ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. الله تعالى کيس بهشت ۾ جڳهه عطا فرمائي سندس مرقد ڳوٺ دليپوٽا ۾ آهي. جتي هاڻي سندن جي نالي پويان درگاهه قائم آهي جتي سوين فقراءَ علم جو فيضان حاصل ڪن ٿا. درگاهه جو گادي نشين فقير صاحب جو وڏو پٽ ميان علي اصغر آهي. سائين جي ٻئي اولاد ۾ فقير قاضي اقبال احمد ۽ قاضي امداد آهن.

دادا گوبند مالهي

دادا گوبند مالهي

ٺاروشاه ۾ 5 آگسٽ 1921ع ڌاري جنم وٺندڙ گوبند مالهي جديد سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي. هن سئو کان مٿي، ڪهاڻيون، ٻه سئو کان مٿي مضمون، پنجٽيهه ناٽڪ ۽ اٺاويهه ناول لکيا کيس هند توڻي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻا ناول لکڻ ڪري ’ناول سمراٽ‘ ناول جو شهزادو سڏيو ويو. گوبند مالهيءَ کي ٻارنهن تيرهن سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي لکڻ جوشوق جاڳيو، اهو زمانو 35-1934ع وارو هو. هن جي شروعاتي لکڻي ناتن ڌرم پرچارڪ ۽ ماهوار سنڌي رسالي ’شڪارپور‘ ۾ مشهور جرمن شاعر گوئٽي جي ڪنهن نظم جو ترجمو ڇپيو. مالهي 42-1941ع ۾ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وجهي چڪو هو. جڏهن ته سياسي حوالي سان ڪانگريس جو اثر قبول ڪيائين. هن انهيءَ عرصي ۾ ئي شاگرد سياست جي پيڙهه جو پٿر به رکيو، جنهن دؤران هن جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان تعلق پيدا ٿيو، جنهن کان هن مارڪسزم ۽ ڪميونزم جو سائنسي طريقي سان اڀياس سکيو ۽ گڏوگڏ ٻنهي ڄڻن ڪامريڊ محمد امين کوسي سان واسطو وڌايو.
دادا گوبند 1942ع ۾ ٽي مهينا جيل ۾ به رهيو، جيل مان نڪرڻ بعد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو. 1944ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچيءَ جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. ساڳي ئي سال هن ايل ايل بي جو امتحان به پاس ڪيو. نامياري اديب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته ”1942ع جي جنگ آزادي وقت مون ٻن ترقي پسند شخصن جو نالو ٻڌو هو. هڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ٻيو دادا گوبند مالهي.“ ان بيان مان مالهيءَ جي حيثيت جو اندازو ڪري سگهجو ٿو. 1942ع جي تحريڪ دؤران سنڌ ۾ هڪ نئين تنظيم ٺاهڻ ڏانهن راغب ٿيو.
سنڌي سرڪل کان سنڌي ادبي سنگت تائين جو سفر ان دؤر ۾ ٿيو. گوبند مالهيءَ کي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سڪريٽري هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. گوبند مالهيءَ صحافت به ڪئي ۽ اسٽيج ناٽڪن، توڻي فلم جي هدايت ڪاري ۽ اداڪاري ۾ به حصو ورتو. مالهيءَ جا پنج ناول، پکيئڙا، ولر کان وڇڙي، ڏيهي پرڏيهي، پيار جي شڪست ۽ پيار جي پياس تمام مشهور رهيا آهن. مالهي، 1947ع ۾ ٺاروشاه کان جدا ٿي هندستان ڏانهن اڻ ڏٺي منزل ڏانهن روانو ٿيو. هو جنهن جو ساهه ٺاروشاه هئي، انهيءَ کان وڇڙڻ وقت هن جي حالت ڪهڙي هوندي سا بيان کان ٻاهر آ۔۔۔۔۔ پر ٺاروشاه واسين کان اهو ڏينهن به نه وسريو هوندو جڏهن 30 نومبر 1989ع تي اسانجو داد گوبند مالهي، ٺارو شاه ۾ آيو هو. ٺاروشاه جو هي سپوت 10 فيبروري 2001ع ۾ اسان سڀني کان موڪلائي ڪٿي ڏور سنڌ جي آسمان ۾ گم ٿي ويو پر سندس ادبي خدمتون اڄ به زنده آهن ۽ اهو ڪتاب ‘ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون’ پڻ ان ڳالهه جو شاهد آهي ته گوبند کي ٺاروشاه سان ڪيڏي محبت هئي.

گوبند! ٺاروشاه اڄ به توکي ساري ٿي.

گوبند! ٺاروشاه اڄ به توکي ساري ٿي.

پيارا گوبند! سدا سرڳ ۾ سرهو رهين. توکي اسان کان وڇڙئي 11 ورهيه پڄاڻي تي پهچڻ وارا آهن. اهو ڪالهه جو ئي ته الميو آهي جو 10 فيبروري 2001ع جي اڀاڳي ڏينهن تي تون اسان موڪلائي هڪ اهڙي ديس جو راهي ٿئين جتان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه واپس نه آيو آهي. تنهنجي ان وڇوڙي تي جتي سڄي سنڌ رنجيده هئي اتي ٺاروشاه جي به ڪيترن ئي گهرن مان سڏڪن ۽ آهن جا آواز اٿيا هئا. روئڻ وارا تنهنجا اهي دوست هئا، جن سان تو شهر جي شاهي بازار ۾ ويهي نوري مشڪري سان ڀوڳ ڪيا هئا. سڏڪا انهن به ڀريا هئا جن تنهنجي ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون‘ پڙهي پنهنجي سيني ۾ فخر جي لهر اٿندي محسوس ڪئي هئي ته توکي پنهنجو محبوب شهر ٺاروشاه اڃا به وسريو ناهي. ڀلا توکان تنهنجو ٺاروشاه ڪئين پيو وسري سگهي؟ جتي تو پنهنجي جيون جو پهريون عشق ڪيو هو. ها! اها ڇوڪري جيڪا تنهنجي پاڙي ۾ رهندي هئي. جنهن لاءِ تو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته هن سان پهرين ڳراٺڙي پائيندي تو پنهنجي جسم ۾ بجلي جو ڪرنٽ ڊوڙندي محسوس ڪيو هو. اهو 1944ع جو سال هو جڏهن ساهتي پرڳڻي ۾ ٺاروشاه واحد شهر هو جتي مسٽر گياني جي ڪوششن سان پاور پلانٽ قائم ٿيو هو. ٺاروشاه علائقي جو اڪيلو شهر هو جتان جي بجلي مورو، قاضي احمد، ڪنڊيارو، نوشهروفيروز جا رهاڪو استعمال ڪندا هئا. توکي يقين سان بجلي جو ڪرنٽ لڳو هوندو ان ڪري ته تو ان ڇوڪريءَ جي ڀاڪر کي بجلي سان ڀيٽا ڏني هئي. تنهنجون اهي ڀيٽائون ڪيڏيون نه قهر جون هيون. تو پنهنجي عشق جي عروج واري زماني ۾ سنڌي سرڪل کان سنڌي ادبي سنگت تائين جو سفر ڪيو. تنهنجي ڪوششن سان سنڌي اديبن جي پهرين تنظيم ٺهي. توکي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سيڪريٽري هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي
سهڻا گوبند! تو صحافت به ڪئي ۽ اسٽيج ناٽڪن، توڻي فلم جي هدايت ڪاري ۽ اداڪاري ۾ به حصو ورتو. تنهنجا پنج ناول، پکيئڙا، ولر کان وڇڙي، ڏيهي پرڏيهي، پيار جي شڪست ۽ پيار جي پياس تمام مشهور رهيا. جي ها! تنهنجي لاءِ ئي مشهور هو ته تون سنڌي ناول جو سمراٽ آهين پر گوبند ڪيئن ۽ ڇا به هجي پر تنهنجي ٺاروشاه ۾ سڃاڻپ انهيءَ نوجوان گوبند جي هئي، جيڪو علم ۽ فن جو عاشق آهي. ها! برابر ٺاروشاه جو نوجوان نسل توکي نه ٿو سڃاڻي پر اهل دل جي دلين جي تختين تي تنهنجا محبت جا ورق اهڙا ته اڪريل آهن جو هنن کان تنهنجي ياد هڪ لحظو به پري ناهي ٿي. ٺاروشاه جو بابو اسلم فوجي هجي يا سائين ملوڪ مستوئي، مدثر سهتو هجي يا الاهي بخش چانڊيو تنهنجي ساروڻين ۾ ٿڌا ساهه ڀرين ٿا. توکي ته ڊاڪٽر منور سهتو به نه وساري سگهيو آهي. جنهن پنهنجي ڪتابن جي شيلف ۾ تنهنجو ترجمو ٿيل ڪتاب ’ماءُ‘ ڪنهن مقدس صحيفي وانگي سانڍي رکيو آهي.
دادا! تون سائين اصغر ڀٽي جي يادن ۾ به آهين ته پروفيسر خادم ڏاهري، غلام شبير سهتو، مظفر سهتو ۽ برڪت اڄڻ به توکي سارين ٿا. ان ڪري ته هنن سڄي ٺاروشاه واسين جي طرفان توکي عشق جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تنهنجي مرتئي جي رات يعني 9 فيبروري جي شام لڙي سنڌ جي تاريخي ماڳ ٺاروشاه جنڪشن تي ڏيئا ٻارڻ جو پروگرام رٿيو آهي. ها! تنهنجي وڇڙئي کانپوءِ ٺاروشاه ۾ تنهجي ياد ۾ اهو وڏو پروگرام هوندو. جيڪو به سالن تائين ياد رکيو ويندو نه صرف ياد پر انهن دوستن جو اهو عزم به ته هو هر سال تنهنجي ياد ۾ اهڙي قسم جي تقريب ڪرائيندا رهندا.
گوبند! اسان کي يقين آهي ته جهڙي ريت تو ٺاروشاه سان بي پناهه محبت ڪئي آهي. ته تنهنجو روح به ٺاروشاه ۾ ئي هوندو. 9 فيبروري جي شام ٺاروشاه جنڪشن جي ڪنهن بينچ تي ويهي تون اسان کي ڏيئا ٻاريندي ڏسندي. اي ڪاش! اسان وٽ اهڙي ڪا ٽيڪنالاجي هجي جو تنهنجي منهن تي پکڙيل اها مرڪ ڏسي سگهون. جيڪا لازوال هوندي.


فقط ئي فقط تنهنجا
ٺاروشاه واسي

ٺاروشاه جو نورو مشڪرو، محبتن جا ڏينهن

ٺاروشاه جو نورو مشڪرو، محبتن جا ڏينهن

ٺاروشاه ويجهو ڳوٺ ڏيٿا جو رهواسي نورو مشڪرو جيڪو پاڻ کي نورو نمازي پڻ سڏائيندو هو، جا وڏڙا صوم صلوات جا پابند ۽ پنهنجي ميمڻ برادريءَ ۾ آخوند جي لقب سان مشهو هئا. جهڙي طرح انهن دين جي علم ۾ پنهنجو نانءُ روشن ڪيو. ان جي ابتڙ نوري سنڌ ۾ مشڪريءَ جي فن کي ڪمال تي پهچائي ڇڏيو. سنڌ ۾ پاڪستان جي قيام کان اڳ نوري نمازي جي فن جو هي عروج هو ته جيسيتائين ڪاڄ ۾ نورو، مشڪري نه وجهندو، تيسيتائين اهو ڪاڄ مڪمل ئي ناهي. ٺاروشاه جي شاهي بازار اڄ به انهن يادين کي ساري ٿي جنهن ۾ ماسٽر چندر، گوبند مالهي ۽ ٻيا ٺاروشاه واسي نوري جون مشڪريون ٻڌندا هئا. نورو، مزاحيا اداڪاري جي ڪمال تي پهتل هو. هو نه صرف گفتي جو پڪو پر عملي مزاح ۾ به ڀڙ هو. جنهن جي هڪ جهلڪ اسان کي سندس بابت استاد غلام قادر سومري جي ڪتاب ’سنگيت آچاريه، ماسٽر چندر‘ مان ملي ٿي سائين لکي ٿو ته ”نوري کي لاڙ جي هڪ زميندار دعوت ڏئي گهرايو ۽ فرمائش ڪئي ته ڪو اهڙو تماشو ڪري ڏيکاري جو اڳي ٻئي ڪنهن نه ڪيو هجي. نورو اڳي ئي سوچي تياري ڪري آيو هو. ٻئي ڏينهن جمع هو. جماعت سان گڏ نماز جو ٽائيم وغيره معلوم ڪري ڇڏيو هئائين. سوير ئي وهنجي سهنجي پيش امام جا ڪپڙا پهري عطر لڳائي، مسجد ۾ پهتو ۽ پاسو وٺي بيهي رهيو. نمازي اچڻ لڳا وضو ڪري صفن ۾ بيهندا ويا. پيش امام جو انتظار هو. نمازي جيئن ٽائيم بچائڻ لاءِ صفون سڌيون ڪرڻ لڳا ته نوري اٽڪل ڪري ڦڙتائيءَ سان پيش امام جي جاءِ والاري ورتي. اصل امام صف ۾ جاءِ وٺي بيهي رهيو. نماز شروع ٿي وئي، جيئن ئي جماعت سجدي ۾ وئي ته نورو اتان کسڪي هليو ويو. نمازي گهڻو ٽائيم ته انتظار ڪندا رهيا ته ڄاڻ ٿو سجدو ختم ٿئي. پر سجدو ڪيئن ختم ٿئي جڏهن پيش امام ئي نه هو. آخر انهن مان هڪ همراهه سجدي مان ئي اک ٽيٽ ڪري ڏٺو ته نئون پيش امام ئي غائب آهي. جنهن کانپوءِ ٻين جماعتن کي اٿاريائين ۽ سڄي جماعت پيرا کڻندي اچي وڏيري جي اوطاق تي پهتي. ڏٺائون ته همراهه اتي ويٺو آهي. وڏيرو، ڳالهه کي سمجهي ويو. يڪدم اٿي بيٺو ۽ هٿ جوڙي معافي وٺندي چيائين ته برادران اسلام! هي نورو مشڪرو آهي. جماعتن جا وات پٽجي ويا ۽ اچي کلڻ ۾ پيا.“ اهڙي طرح نوري مشڪري جا عملي طور ڪيترائي مزاحيا قصا مشهور آهن.

نوٽ: ٺاروشاه واسين جي معلومات لاءِ هتي اهو پڻ لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته هنن جي عهد جو نورو مشڪرو ڀٽ فقير هو. جيڪو به هاڻي اسانجي وچ ۾ ناهي رهيو. اهو به يقينن وڏو فنڪار هو. پر مان جنهن نوري جي مٿي ڳالهه لکي آهي. تنهنجي ذات ميمڻ هئي.

ڪرشن کٽواڻي

ڪرشن کٽواڻي

سنڌي ادب جو وڏو نانءُ ڪرشن کٽواڻي ٺاروشاه ڄائو هو. ڪرشن، 18 فيبروري 1927ع تي ساهتيءَ جي هن مرڪزي شهر ۾ ڄائو. هوءُ ڪهاڻي، ناول ۽ ناٽڪ جو بهترين ليکڪ هو. هن جا ڪيترائي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ شائع ٿيل آهن. جن ۾ ’مٺڙي تو نه سڃاتو (ڪهاڻيون) ٽٽل تارون (ڪهاڻيون) وئرٿ زندگي (ناول) منهنجي مٺڙي سنڌ (ناول) آشيانو (ڊرامو)‘ وغيره. شامل آهن.

رام نارائڻداس ٻيلاڻي

رام نارائڻداس ٻيلاڻي

اسانجي شهر ٺاروشاه جو ڀاڳ ڀلو جو رام نارائڻداس ٻيلاڻي هت ڄائو. هي شخص قهر جو ناٽڪ نويس هو. سندس جي ڪيترن ئي ناٽڪن هندستان ۾ ايوارڊ ماڻيا. رام نارائڻداس ٻيلاڻيءَ جي مشهور ناٽڪن ۾ ’روپ بسنت، سسئي پنهون، دودو چنيسر، ليلا چنيسر.’ شامل آهن. جڏهن ته شاعري ۾ ‘ڪجهه لڙڪ، ڪجهه مرڪ‘ هن جي بهترين تخليق آهي.

ٽين نومبر، ماسٽر چندر ۽ سوڳوار ٺاروشاه جو آسمان

ٽين نومبر، ماسٽر چندر ۽ سوڳوار ٺاروشاه جو آسمان

جيڪڏهن مونکان ڪير پڇي ته ٺاروشاه شهر جو وڏو ماڻهو ڪير هو يا آهي؟ ته منهنجو جواب قاضي غلام علي هوندو، پر جيڪڏهن مونکان اهو سوال ڪيو وڃي ٿه هن شهر جو سڀ کان وڌيڪ اثرانگيز شخصيت ڪهڙي آهي؟ ته مون وٽ ماسٽر چندر جي نالي کان سواءِ ڪوبه آپشن نه آهي. ماسٽر چندر جنهن جي فن جي شهرت عالمي حدن تائين پهچي وئي، ان سان گڏ سندس شهر ٺاروشاه به لوڪ ۾ چندرجي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ورتي. ست ڊسمبر 1907ع ۾ ٺاروشاه جي واپاري ۽ زميندار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ماسٽر چندر بابت چيو وڃي ٿو ته هو ننڍي لاڪون راڳ جي فن جو شوقين هو. هن جي شروعاتي پرفارمنس کي ڏسي سندس مستقبل بابت آساني سان پيشگوئي ڪري سگهجي پئي، جيئن ته ڀڳت ڪنور رام سان هي ڳالهه منسوب آهي ته هڪ ڀيرو هو هن ماسٽر چندر کي ڏسي بي اختيار چئي ويٺو ته ”هي نينگر مستقبل جو وڏو فنڪار آهي.“ اهڙي ريت ٺاروشاه ڄائي هند سنڌ جي عظيم اديب گوبند مالهي پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون‘ ۾ واضع طور لکيو آهي. ”ٺاروشاه ۾ هڪ نئون فنڪار اڀري پيو، اصل نالو ته چانڊو مل اٿس، پر پاڻ کي ماسٽر چندر چورائي ٿو، هن جي ڳائڪي جي انداز مان آساني سان پتو لڳائي سگهجي ٿو ته هي همراهه موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو نالو مڃرائيندو.“ ۽ پوءِ سنڌ هنڌ ۾ ماسٽر چندر جي سڃاڻپ نه رڳو فنڪار پر سٺا موسيقار، شاعر بهترين هدايتڪار، اداڪار، صداڪار، توڻي پيشڪار طور ٿي. ماسٽر چندر پنهنجو پهريون گيت ’سهڻا عرض آهي‘ ريڊيو تي ڳايو ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي هي گيت هر ماڻهو جي چپن تي گونجڻ لڳو. هي گيت نه فقط چندر جي وڏي سڃاڻپ ثابت ٿيو پر، ٺاروشاه جي هن سچي فنڪار جي اڳيان ڪاميابي جا سڀ دروازا پڻ کولي ڇڏيا. جنهن کانپوءِ ماسٽر جا ٻيا ڪلام جهڙوڪ ’رٺا ئي رهن پر هجين حياتي، دل آهي هٿن ۾، ڪبوتر ڪبوتر، سهڻا وڃ نه اٿي.‘ ڪاميابيءَ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. انهن سڀني گيتن کان وڌيڪ جنهن ڪلام ماسٽر چندر کي فن جي ولايت جي درجي تي پهچايو اهو هڪ ننڍڙي نينگري جي زباني اهي ٻول هئا جنهن ۾ چندر پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ڳايو ته ’ايٽ اڃا مان ننڍڙي ننڍڙي آهيان، نيٺ ته وڏڙي ٿيندس.‘ هي اهو گيت هو جنهن لاءِ هندستان جي پهرين وزير اعظم جواهر لال نهرو پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوئن ۾ ڀرپور پسند جو اظهار ڪيو. ماسٽر چندر کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته بالي ووڊ جي شروعاتي ڪامياب فلمن ۾ سندس ڪمپوز ٿيل ڌنون ڳايون ويو.
چندر جي زندگيءَ ۾ اهي ڏينهن قيامت کان گهٽ نه هئا، جڏهن لکين ماڻهو مذهب جي بنياد تي نون ٺهيلن ملڪن، هندستان ۽ پاڪستان ڏانهن هجرت ڪري رهيا هئا. ان سڄي الميي ۾ جڏهن عام ۽ خاص زبردست نموني متاثر ٿي رهيا هئا ته ماسٽر چندر جهڙو فنڪار ڪيئن پيو پوئتي رهي سگهي، هن حالتن جي سنگيني کي محسوس ڪندي فلم ’اباڻا‘ ٺاهي ورتي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار به پاڻ ادا ڪيائين. ان فلم جو ڪلام ’وطن کان اباڻا‘ هاڻي به اسانجي دلين کي گرمائڻ لاءِ ڪافي آهي. اسانجي شهر جي هن سهڻي فنڪار ٺاروشاه کي هميشه لاءِ الوداع چئي ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي پوءِ سندس تخليقن ۾ وطن ءِ ڌرتي کان وڇوڙي جون صدائون اينديون رهيون، کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ٺاروشاه جي سڪ هتي کڻي آئي. پر هن ڀيري اسانجو فنڪار مهمان هو. سيپٽمبر 1955ع ڌاري چندر ٺاروشاه آيو، سائين عبدالله سومري جي اڳواڻي ۾ ٺاروشاه واسين سندس ڀرپور آجيان ڪئي. هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي شام ويلي موسيقي جي وڏي محفل سجائي وئي، هن دفعي ٺاروشاه جي چانڊومل جا پنهنجي محبوب شهر لاءِ هي آخري آلاپ هئا، ‘وطن کان اباڻا’ جهڙا ٻول ٻڌي نه فقط لوڪ روئندو رهيو پر انهيءَ ڏينهن ٺاروشاه جو آسمان به سوڳوار ٿي ويو. هڪ المانڪ شام، جيڪا صبح ٽاڻي پنهنجي انجام تي پهتي ۽ اها رات اڄ به شهر جي پراڻن رهاڪن کان ناهي وسري سگهي۔۔۔۔ ۽ پوءِ چندر روئندو روئندو ٺاروشاه کان موڪلائي هليو ويو. ڪٿي ڏور جتان واپس آڻڻ اسان جي وس ۾ نه هو ۽ هاڻي جيڪڏهن سندس جي پويان آهن ته هن جا اهي خوبصورت آلاپ جيڪي هر گهڙي چندر جي عظمت جو پڪو اهڃاڻ بڻيل آهن. ماسٽر جا 2 پٽ پڻ سٺا فنڪار آهن. مهيش ۽ گوپ جيڪي پڻ پنهنجي بابا طرفان ڏنل فن جي سخا ڪن پيا پر ٺاروشاه لک وس ڪري تڏهن به چندر جهڙو فنڪار هن جي نصيب ۾ نه ايندو. چندر اسان سڀني کان 3 نومبر 1984ع تي کلندي موڪلائي سورڳ وڃي وسائي. هو هاڻي جسماني طرح ته اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي پر سندس لازوال شاعري ۽ امر آواز اسان جي دلين کي گرمائڻ لاءِ هميشه موجود رهندو.

ٺاروشاه ۾ ماسٽر چندر جو استقبال

ٺاروشاه ۾ ماسٽر چندر جو استقبال

سڄي دنيا ۾ ٺاروشاه جو گهڻو تعارف ماسٽر چندر ئي رهيو آهي. اها تاريخ جي وڏي بدنصيبي جو ٺاروشاه جو اهو عظيم تعارف هن شهر جي سڃاڻپ پنهنجي فن جي عروج واري وقت ۾ هتان بي گهر ٿي ويو. اهو ساڳيو چندر جيڪو پاڻ ٺاروشاه هو. سو اتهاس جي ظالم فيصلي جي اڳيان ڪنڌ جهڪايو ٺاروشاه ۾ مهمان ٿي اچي ٿو. پنهنجي گهر ۾ ئي مهمان۔۔ واهه ڙي وقت تنهنجا فيصلا۔۔۔۔!؟ ماسٽر چندر سال 1955ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ پنهنجي شهر ۾ پرديسن جيان آيو. اهي منظر ڪيڏا هنيانءُ ڏاريندڙ هوندا. قلم انهن لفظن جي لکڻ کان عاجز۔۔۔ انهيءَ هوندي ساڳي سال هالاڻي جو اديب محمد رمضان سهتو، خوشقسمتي سان ٺاروشاه ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان مقرر ٿي آيو هو. جنهن پنهنجي قلم کي تاريخ جي نوڪ تي جهلي اهو سڄو منظر قلمبند ڪيو. جيڪو پوءِ ڪافي سالن کانپوءِ سنڌيءَ جي رسالي ’مهراڻ مئگزين‘ ۾ ڇپيو. اسان هتي ٺاروشاه وارن جي معلومات لاءَ ان لکڻي جي ڪجهه حصن کي شامل ڪيو آهي. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
”انهيءَ ڏينهن ٺاروشاه ۾ اها ڳالهه واءَ جيان گهلي رهي هئي ته اڄ ماسٽر چندر اچي رهيو آهي. سندس اچڻ جو پروگرام فيڊر گاڏي وسيلي هو. جيڪا محرابپور کان پدعيدن وڃي رهي هئي. منجهند جو اٽڪل 12 وڳي ريل گاڏي ٺاروشاه جنڪشن تي پهتي. گاڏي مان هڪ ڀوري رنگ جو اڌڙوٽ شخص نمودار ٿيو. جيئن ته گاڏي ايتري ڊگهي نه هئي تنهنڪري مهمان جي سڃاڻپ جلد ۽ آساني سان ٿي وئي. سندس پويان سازندا ثابتي خاطر ڪافي هئا ۽ هڪ نينگر جنهن جي عمر 13 سال هوندي سو به گڏ هو. ٺاروشاه جي هڪ معزز شخصيت استاد عبدالله سومري وڌي ماسٽر چندر جو استقبال ڪيو. ماسٽر پينٽ ۽ شرٽ ۾ هو. اسٽيشن گيٽ تي پيار ۽ سڪ وچان شهرين جو هڪ وڏي انگ موجود هو. گاڏي مان لهي ٽانگي ۾ سوار ٿيڻ تائين کيس اٽڪل اڌ ڪلاڪ جو ٽائيم لڳي ويو. استاد عبدالله ساڻس گڏ ٽانگي ۾ سوار ٿيو ۽ سندس پويان ڪيترائي ٽانگا جلوس جي شڪل ۾ هلڻ شروع ٿي ويا.“ استاد محمد رمضان سهتو، جيڪو اڄ به هالاڻي جي ڀرسان ڳوٺ مرزاپور ۾ رهي ٿو، تنهن لکيو آهي ته ”کيس ٽانگن جي جلوس ۾ شهر آندو ويو. جيئن ته کيس ٺاروشاه ۾ صرف 24 ڪلاڪ ترسڻو هو. (ٺاروشاه جي ڪجهه پراڻن رهاڪن مطابق ماسٽر 3 ڏينهن هتي ترسيو هو) تنهنڪري استاد عبدالله سومري طرفان کيس شهر گهمڻ جي دعوت ڏني وئي. ليڪن مهمان جي پهرين خواهش اها هئي ته هن کي سندس گهر گهمايو وڃي. سندس انهيءَ اسرار تي ٽانگي کي هن جي گهرواريءَ گهٽيءَ ۾ بيهاريو ويو. ماسٽر چندر، گهر ۾ داخل ٿي پنهنجي هر هڪ ڪمري جو معائنو ڪرڻ لڳو. مون ڏٺو پئي ته سندس اکين مان نير جاري هئا. هر ڪمري گهمڻ بعد نلڪي تي آيو ۽ نلڪو هلائي ٻه ٽي ڍڪ پاڻيءَ جا پيتائين. استاد عبدالله کي التجا ڪيائين ته جيسيتائين آئون هتي آهيان، مونکي پنهنجي نلڪي جو پاڻي پياريو وڃي. هن مثالن سان سندس وطن جي حب جي پروڙ پئي ٿي.“
استاد محمد رمضان سهتو اڳتي لکي ٿو ته ”ان کانپوءِ کيس ٺاروشاه شهر جي گهٽي گهٽي گهمائي وئي. آخر ۾ مارڪيٽ واري جامع مسجد، جيڪا ان وقت تعمير هيٺ هئي ۾ آندو ويو. مسجد گهمڻ لاءِ ماسٽر چندر سان گڏ اسان به مسجد ۾ داخل ٿياسين. استاد عبدالله، مسجد جي اڏاوت لاءِ ورتل ڪوششن بابت چندر کي تفصيل سان ٻڌائي رهيو هو. ماستر چندر سندس ڪوشش جي مسڪرائيندي واکاڻ ڪري رهيو هو. ان کانپوءِ چندر کي آرام ڪرڻ لاءِ ٽڪاڻي تي هلڻ لاءِ چيو ويو. هجوم سان گڏ کيس ٽڪاڻي تي پڄائي ماڻهو گهر هليا ويا.“ محمد رمضان سهتو اڳتي راوي آهي. ”جيئن ته ايندڙ رات جو هاءِ اسڪول گرائونڊ تي راڳ رنگ جي محفل جو انتظام ڪيل هو، تنهنڪري سڀڪو انهن گهڙين جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳو. آخر انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. رات آئي شوقين هاءِ اسڪول گرائونڊ تي پهچڻ شروع ٿي ويا. حاضرين جو هڪ اٿاهه سمنڊ نظر پئي آيو، جيڪي پري پري جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن مان ڪهي آيا هئا. ماسٽر چندر جي هڪ جهلڪ ڏسڻ ۽ کيس ٻڌڻ لاءِ آتا هئا. سامهون هڪ وڏي اسٽيج تيار ڪئي وئي هئي. جنهن تي ماسٽر پنهنجي سازندن سان گڏ ويٺو هو. محفل جي شروع ڪرڻ لاءِ ميزبان، عوام کي ضابطي جون اپيلون ڪري رهيا هو. محفل جو آغاز ٿيو. جڏهن محفل اوج تي پهتي ته شوقين پنهنجي پنهنجي خيال مطابق فرمائشون ڪرڻ لڳا، جن مان ڪجهه پوريون ٿيون. ماسٽر چندر پنهنجي فن ۽ ثقافت جو ثبوت ڏيندي حاضرين کي يڪجا راضي ڪرڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪيو ته هاڻي آئون سڀني جي اڳيان سنڌ جي هڪ نئين سوکڙي ڪلام جي صورت ۾ پيش ڪندس جيڪا آئون هندستان کان ٺاهي کڻي آيو آهيان. رڪارڊ به نه ڪرايو اٿم. اميد ته اوهان سڀني کي پسند ايندو. انهيءَ تي هجوم جو ڌيان ڇڪجي ويو گوڙ پڻ گهٽيو. سڀڪو هڪ ڪنو ٿي ڪلام ٻڌڻ لڳو. ماسٽر چندر جي ’ايٽ اڃا مان ننڍڙي آهيان. وڏي به نيٺ ته ٿيندس‘ جي ڪلام حاضرين جي واهه واهه سان دليون کٽي ورتيون. انهيءَ ڪلام پوري ٿيڻ کانپوءِ عبدالله سومري طرفان سندس هٿ جو ٺاهيل رومال پيش ڪيو ويو. انهيءَ بعد محفل جي پڄاڻي ٿي.“

ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

ڊاڪٽر غلام قادر سومرو

ٺاروشاه جو رهواسي هي شخص پنهنجي اندر سنڌي ٻوليءَ لاءِ جهڙي ريت محبت رکندو هو ۽ جهڙي طرح ٻوليءَ جي معاملي ۾ ڳنڀير هو، ان جو اندازو سندس جو مختلف رسالن ۾ ڇپيو ويندڙ سلسلو ’اسان کي اسان جي اخبارن کان بچايو‘ جهڙي ريت ڊاڪٽر صاحب لغت جي ماهر جي حيثيت ۾ انهن خبرن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ ۽ گرامر تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو هو، اڄ به جڏهن پنهنجي زبان بابت سنجيده رويو رکندڙ ماڻهو اخبار پڙهي ٿو ته هن کي بي اختيار، سومرو صاحب ياد اچي وڃي ٿو. غلام قادر ولد نبي بخش سومرو 15 جنوري 1933ع تي ڳوٺ ڏيٿا تعلقي ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو. بعد ۾ خاندان سميت لڏي اچي ٺاروشاه ويٺو. سومري صاحب کي ننڍپڻ کان علم و ادب سان خصوصي چاهه هو. روزانه ’نواءِ سنڌ‘ ۾ ادب نواز جي عنوان سان سنڌي زبان جي موجده تڪڙي تبديليءَ تي ڳنڀير نموني ڪالم لکندو رهيو. غلام قادر سومري جو سنڌي ادب ۾ مشهور ڪم ناول ’رٽن آف شي‘ جو ’سائنڻ‘ نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. هن سنڌي ٻوليءَ کي ٻٽن لفظن جي لغت سان گڏ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڻ ڏنيون. سومري صاحب ’سنڌي ادب ۾ طنز و مزاح‘ جي عنوان هيٺ پي ايڇ ڊي به ڪئي. هن جو سڀ کان مشهور سلسلو اسان کي اسان جي اخبارن کان بچايو جي نالي سان ماهوار ’اديون‘ ۾ مستقل ڇپندو رهيو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو هاڻي اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي پر سنڌي زبان سان هن جي ڪمٽمينٽ اسان سڀني لاءِ ايندر وقت ۾ وڏي اتساهه جو ڪارڻ رهندي ۽ صدين تائين ٺاروشاه پنهنجي هن مهان پٽ جي علمي قابليت تي فخر ڪندو رهندو.

فقير احمد خان هيسباڻي

فقير احمد خان هيسباڻي

فقير احمد خان هيسباڻي، سن 27 جولاءِ 1928ع تي ڳوٺ مولوي نورالله هيسباڻي تعلقي ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو. فقير احمد خان هيسباڻي، عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو. انگريزي تعليم جو به شوق ٿيس. جنهن لاءِ نوابشاه جي مشهور تعليمي درسگاهه لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. جتان 1944ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ جو امتحان، اعلي نمبرن سان پاس ڪيائين. جنهن کانپوءِ ايم اي سنڌي ۽ بي ٽي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. احمد خان هيسباڻي، ڪيتري وقت تائين ٺاروشاه هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر به رهيو. هيسباڻي صاحب کي ادب سان وڏو چاهه هوندو هو. هن جي شاعري به پڙهڻ وٽان آهي.

’ٺاروشاه جو شير‘ علي شير ڪيريو

’ٺاروشاه جو شير‘ علي شير ڪيريو

علي شير ڪيريي صاحب کي مان ڪيترن ئي سالن کان سڃاڻان ٿو. هو زندگيءَ ۽ عاشقيءَ جي معاملن ۾ انتهائي سنجيده شخص آهي. جيتوڻيڪ هو شاعري ته ڪونه ڪري پر، هن جي فيس بوڪ پروفائيل تي ’زميني‘ جو تخلص لکيل آهي. اهو شايد ان ڪري جو هو ڌرتيءَ جي تمام ويجهو آهي. ڌرتي، قوم، ملڪ سان هن جي عشق جي ماپ تور نه ٿي ڪري سگهجي.
علي شير صاحب جي جنم جو سال 1960ع، جڏهن ته ڄم جي تاريخ ٻه اپريل آهي. سندن والد جو نالو محمد هاشم ڪيريو هو. بقول هن جي ته سندس مٿان پنهنجي شهيد ڏاڏي علي شير جو نالو رکيو ويو.
علي شير صاحب جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندن ماما اسد الله ڪيريي صاحب جو تمام گهڻو حصو آهي. جيتوڻيڪ هن جي جنم جو هنڌ ۽ پرائمري جي تعليم ڀريا روڊ جي آهي، جنهن کانپوءَ پنهنجي ماما اسد الله صاحب سان گڏ ٺاروشاه هليا آيا.
علي شير صاحب مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺاروشاه مان امتيازي نمبرن سان پاس ڪئي، ان بعد گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ سندن داخلا ٿي. جتان 1980ع ۾ ايسوسيئٽ انجئرنگ (اليڪٽريڪل) ۾ ڊپلوما ڪيائين.
سال 1983ع علي شير صاحب جي زندگيءَ جو ڀاڳ وارو سال هو. جڏهن هن کي ٽيليفون اينڊ ٽيليگراف ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ملي. جنهن بعد پورا 18 مهينا هن کي هري پور هزارا جي ٽيڪنيڪل اسٽاف ڪاليج ۾ تربيت لاءِ موڪليو ويو. تربيت پوري ڪرڻ کانپوءِ سندن پهرين پوسٽنگ ڪراچيءَ ۾ ٿي. جنهن بعد حيدرآباد، سکر، بدين، نوابشاه ۽ نوشهروفيروز ۾ پڻ پي ٽي سي ايل ۾ اعلى عهدن تي رهيا. پاڻ 2014ع ۾ والينٽئيرلي سيپريشن اسڪيم تحت وقت کان اڳ نوشهري فيروز مان ڊويزنل انجنئير جي حيثيت سان رٽائر ٿيا.
علي شير ڪيريي صاحب جي ذاتي زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته هن جي شادي پنج اپريل 1989ع ۾ زينت بانوءَ سان ٿي. سندن جي اولاد ۾ نياڻي رابيل سنڌو، پٽَ سرمد سنڌي، منصور علي، سارنگ عرف مسرور علي آهن.
علي شير صاحب جي دلچسپين ۾ ادبي ڪتاب پڙهڻ، سنڌ جا ماڳ مڪان گهمي انهن تي تحقيق ڪرڻ شامل آهي. علي شير صاحب تمام گهڻو زنده دل انسان آهي. ٺاروشاه جي تاريخ ۾ قومي ڏڻ ملهائڻ جون تقريبون هجن يا چندر، گوبند جي ورسيءَ جا ڏهاڙا علي شير صاحب سدائين اڳڀرو نظر ايندو. هن جي زندگيءَ بابت هڪ پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر هتي گنجائش پيش نظر فقط اهو لکي مضمون کي پورو ڪجي ٿو ته: علي شير صاحب، ٺاروشاه سميت سڄي سنڌ جو شير آهي.

’ٺاروشاه جو سچو فرزند‘ ڊي ايم شاهد سومرو

’ٺاروشاه جو سچو فرزند‘ ڊي ايم شاهد سومرو

شهر جي پورهيت رحمت الله سومري جي گهر ۾ ست نومبر اوڻيهه سؤ ايڪاسي تي جنم وٺندڙ دين محمد لاءِ ڪير به اها اڳڪٿي نه پيو ڪري سگهي ته ٺاروشاه جو هي ننڍڙو نينگر وڏو ٿي سنڌ جي صحافت ۾ ڪاميابين جا اهڙا جهنڊا کوڙيندو جو هند سنڌ ۾ سندس نالو روشن ٿيندو. ماسٽر چندر تي بلاڪ بسٽر اسٽوري پيش ڪرڻ کانپوءِ جهڙي ريت ساهتيِءَ جي سهڻي شاعر محمد خان ’مسرور‘ پنائيءَ کي هن بين القوامي سطح تي پروجيڪٽ ڪيو، سچ ته اهو قابل تحسين آهي.
دين محمد، آرٽس پروڊڪشن جي دنيا ۾ ڊي ايم شاهد سومري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هو، پنهنجي ٻاروتڻ بابت ٻڌائيندي ڪجهه وقت لاءِ ملال ٿي وڃي ٿو ته هن جي بقول ته ”ٻاروتڻ جا ڏينهن تمام گهڻا ڏکيا هئا، پر ساڳي وقت گهڻو ڪجهه سيکاري به ويا. بابا سان گڏ ڪاٺ جي آري تي ڪم ڪرڻ سان گڏ انبن ۽ ليمن جون پيتيون ٺاهيندو هئس. سچ ته ٽين دنيا جا ماڻهو، پنهنجي زندگيءَ جو خوبصورت دؤر ننڍپڻ ڏسن ئي ڪونه۔۔۔ هو ٻاروتڻ ۾ ئي وڏا ٿي ويندا آهن۔۔۔“ شاهد، ڳالهه ڪندي ڪجهه وقت خاموش ٿي ويو. قومي تحريڪ ۾ سرگرمين بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ”ٻالڪپڻ کان قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو آهيان. ڌرتيءَ ۽ ديس لاءِ جان به حاضر آهي.“
صحافت ۾ داخل ٿين کان اڳ شاهد، ڪراچيءَ ۾ هڪ ذرعي دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو. اتي هن کي خيال آيو ته صحافت کي زندگيءَ جي پروفيشن طور اختيار ڪري. هن جي شروعات مهراڻ ٽي ويءَ کان ٿي. ڪي ٽي اين نيوز وارن، هن جي قابليت کي ڏسي جلد ئي چينل ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ڪئي.
ڊي ايم شاهد سومري، رڳو ويجهڙائيءَ ۾ ٺاروشاه سان لاڳاپيل ڪيترن ئي مسئلن تي شاندار رپورٽنگ ڪئي آهي. هن جي ڊاڪيومينٽريز ۾ ٺاروشاه جنڪشن، ٺاروشاه جي ميندي، ڀرائيءَ جو دڙو، ماسٽر چندر ۽ مسرور پنائيءَ زبردست نموني شهرت حاصل ڪئي. شاهد کي اڃا به گهڻو، اڳتي وڌڻو آهي. اسان جو نيڪ تمنائون ساڻس آهن.

ڪوڙئين ڪن سلام اچي آتڻ ان جي

ڪوڙئين ڪن سلام اچي آتڻ ان جي
حضَرت عبدالجليل نقشبندي المعروف ابا جي حضور

سچ پچ تي هي محاورو هن جي زندگيءَ مٿان سو سيڪڙو صحيح ثابت ٿئي ٿو. ”هو آيو هن ڏٺو ۽ فتح ڪري ورتائين.“ سائين قبلا عبدالجليل نقشبندي، پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ٺاروشاه ۾ تشريف فرما ٿيا. هي دؤر ٺاروشاه جي بدحالي جو دؤر هو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو پڙهيل طبقو هن شهر مان لڏپلاڻ ڪري چڪو هو هر طرف اڻڄائي جو ماحول ڇانيل هو. اهڙين حالتن ۾ سندن آمد صوبي پختونخواه جي خوشحال علائقي بٽگرام کان ٿي. پاڻ قوميت جي لحاظ کان پٺاڻن جي هڪ تاريخي قبيلي يوسفزئي سان لاڳاپيل هئا. ٺاروشاه ۾ اچڻ کانپوءِ پاڻ ذڪر فڪر جو هڪ اڻ کٽ سلسلو قائم ڪيائون. جيڪو اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ قائم و دائم آهي. شهر جي جامع مسجد ۾ درس و تدريس جو عمل شروع ٿي ويو. پنهنجي نماڻي طبيعت، گهٽ ڳالهائڻ جي سڀاءَ ڪري شهر واسين جي دلين ۾ پنهنجو اعلي مقام بنائي ورتائون. پاڻ پاڪ پيغمبر ﷺ جي سنت تي هلندي پنهنجي لاءِ واپار کي ترجيح ڏيندي شهر جي شاهي بازار ۾ ٿانون جو هڪ ننڍڙو دڪان کوليائون. جنهن ۾ بعدازان جنرل اسٽور جون ڪجهه شيون به رکيائون. ٺاروشاه جو اهو دڪان ڇا هو؟ هتي ڪهڙيون شيون کپنديون هيون؟ پاڻ کي ان جي تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت نه آهي. بس ايتري خبر آهي ته هن ننڍڙي دڪان ۾ علم، عقل، ڏاهپ، روحانيت وڪامندي هئي پوءِ اهي ماڻهو ڀاڳ وارا هئا جن هتان فيض جون اعلي شيون خريد ڪري ورتيون ۽ اڄ تائين سانڍيندا پيا اچن. سائين عبدالجليل جو طريقو نقشبندي هو. پاڻ ڪشمير جي شهر مظفرآباد جي هڪ درويش حضرت شمس الدين جي دست بعيت هئا. جنهن جو پاڻ ٺاروشاه ۾ هر سال ٻارهو پڻ شروع ڪرايائون جيڪو اڄ به جاري آهي. هن شخص ۾ خدا جي ولين واريون سڀ خوبيون هيون ان ڪري ته پاڻ ڪڏهن به ڪنهن ماڻهو جي عقيدي کي بحث هيٺ آڻڻ نه چاهيندا هئا. سندن ان ننڍڙي دڪان تي ڪيترائي علم و فضل وارا ماڻهو ايندا هئا جن جي اڻسڌي طرح اها خواهش به هوندي هئي ته سائين جن کي مناظري ٽائيپ مسئلن ۾ ڦاسائجي. پر پاڻ دين جا سچا پچا عالم هئا مجال آهي جو انهن هلڪڙن ماڻهن سان خواه مخواه جي بحث ۾ اٽڪن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهڻي ڪوشش سان هرو ڀرو جون ڳالهيون ڪندو هو ته پان قرآن ڪريم جي آيت پڙهي هن کيِ خاموش ڪرائي ڇڏيندا هئا ته ”تنهنجو دين تو تائين منهنجو دين مون تائين.“ اهي ماڻهو يقينن ڀليل هئا. هو ظاهر طور ته اهو ڄاڻيندا هئا ته قبلا عبدالجيل سڄو ڏينهن دڪان هلائي ٿو نماز جي وقت اوڏانهن مصروف آهي سو هن کي دين جي فقهي ڄاڻ نه هوندي پر هو اڻڄاڻ هئا. ڇو جو نه پيا ڄاڻڻ ته جنهن شخص کي هو ظاهري دڪان هلائيندي ڏسن پيا اهو رات جو دير تائين عبادتن ۾ مصروف به رهي ٿو ته ان وقت مان ڪجهه حصو ڪڍي امام اسماعيل بخاري جي حديث جي ڪتب جو فارسي ۾ شرح پڻ لکي پيو. هو نه پيا ڄاڻن ته سائين کي عربي، فارسي تي عبور حاصل آهي. جنهن ۾ هو تصوف تي ٻڌل ڪتاب لکي رهيو آهي ۽ افسوس جو ٺاروشاه واسين يا سائين جي مريدن جو اڀاڳ جو هنن به قبلا عبدالجليل کي فقط هڪ پير ڪري ورتو. هن جون فارسي، عربي جون تصنيفون هڪ پاسي ڪيون ويون. جنهن تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ ٿيندو. سائين پنهنجي حال حيات ۾ الائي ڪهڙن سببن جي ڪري اهي تحريرون نه ڇپرائي سگهيا. اسان کي خبر نه آهي؟ هن وقت سائين جا مريد سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد سان لاڳاپيل ڪاٺياواڙي ميمڻ سندن حلقه خاص ۾ هئا جنهن جو هڪ ڪارڻ هي به هو ته سائين ڪنهن زماني ۾ يعني پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندستان جي علائقي گجرات جي هڪ مدرسي ۾ معلم هئا. جتي سندن جي روحاني شخصيت کان متاثر ٿي ڪيترن ئي هندن اسلام قبول ڪيو هو. سائين عبدالجليل نقشبندي، انهن ماڻهن جي تاريخي پروپئگنڊا جي غلط هجڻ جو جيئرو جاڳندو مثال هو ته اسلام رڳو تلوار جي زور تي نه پکڙيو آهي. منصور حلاج، سرمد، شمس تبريز، سلطان باهو، لطيف، سچل، قلندر ۽ عبدالجليل جو به اسلام جي اشاعت ۾ حصو رهيو آهي. اسلام جي سچي پيغام ڦهلائڻ جو نتيجو هي به هو جو مسلمانن سان گڏ ڪيترائي غير مسلم پڻ سندن جي صحبت ۾ شامل هئا. قرآن پاڪ جا مقدس اوراق جڏهن تعويذن جي شڪل ۾ سائين جن پنهنجي مريدن کي ڏيندا هئا ته سچ پچ اهو اهڙو آبءِزم زم هو جنهن مان هر انسان سيراب ٿي ويندو هو. هي فنا في الله جي اها منزل هئي جتي سڀ مذهب هڪ پاسي ٿي ويندا آهن. انسان پنهنجي رب جي ايترو ته ويجهو ٿي ويندو آهي جو هن کي پوري انسانيت رب جو ئي پرتوو نظر ايندي آهي. حضرت عبدالجيل نقشبندي جون ظاهر ۾ ڪيترائي ڪرامتون آهن. جيڪي سندس جا مريد بهتر نموني بيان ڪري سگهن ٿا. منهنجي نظر ۾ هنن جي هڪ ئي ڪرامت ڪمال جي آهي ته پاڻ ڀلا ماڻهو هئا. اسلام جي مختلف فرقن سان لاڳاپيل ماڻهن کي سندن عقيدي سان ڀلي لک اختلاف سهي پر هن جي شخصيت انهيءَ صاف ڪپڙي جيان هئي، جنهن تي ڪو به داغ نه هو. سائين جن جي خوش خلقي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هيون، مگر هڪ خوبي جنهن کان مان تمام گهڻو متاثر ٿيس اهو سندن جو ٽائيم جو پابند هجڻ هو. ٺاروشاه واسي اڄ به اها ڳالهه نهايت وسوخ سان ڪن ٿا ته ”اسان پنهنجي گهڙين جو ٽائيم سائين جن جي مصلي تي الله اڪبر جي تڪبير سان سهي ڪندا هئاسين.“ مجال آهي جو وقت سيڪنڊ به هيڏي هوڏي ٿئي. سندن جي پاڪ پيغمبر جي مدح ۾ ڪيل شاعري به قهر جي آهي. جيڪا ڳائي ته گهٽ وئي آهي پر ان شاعريءَ ۾ نبي سائين سان عقيدت جا سڀ گل نڇاور ٿيل آهن. قبلا سائين جڏهن ڪنهن خاص موڊ ۾ هوندا هئا ته ڪنهن فقير ڏي اشارو ڪري هن کي پنهنجي شاعري ڳائڻ جو چوندا هئا. ٺاروشاه جي هن بزرگ جو ڪنڌ سدائين نميل رهيو، ائين محسوس ٿيندو هو ته پاڻ رسول الله ﷺ جي درٻار ۾ حاضر هجن تمام گهٽ ڳالهائيندا هئا. رسول پاڪ ﷺ جي سنت مطابق سندن کي ڪنهن به وڏي آواز ۾ ٽهڪ ڏيندي نه ٻڌو، جملن جي استعمال ۾ نهايت خبردار، هر لفظ مان شائستگي پئي جهلڪندي. غير ضروري گفتگو کان اجتناب ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مريد جي چوڻ تي ٻانگ پڻ ڏيندا هئا. ڳلي ۾ اهڙو سوز جو ٺاروشاه واسي ان آواز لاءِ اڄ به سڪن ٿا. سندن جي پنهنجي گهر ۾ لائبرري هئي جنهن ۾ اسلامي موضوعن تي هر قسم جو ڪتب رکيل هو. خاص ڪري صوفيت تي تمام گهڻا ڪتاب هئا. جيڪي اڄ به محفوظ آهن. سندن کي پنهنجي مرشد پاڪ کان ’غوث زمان‘ جو لقب مليل هو. زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا حج جي سعادت حاصل ڪيائون. هڪ دفعو قافلو وٺي عراق زيارتن تي پڻ ويا. سندن جو وصال اسلامي مهيني جي 22 ذوالحج بمطابق 4 ڊسمبر 1999ع ۾ ٿيو. سوڳوارن ۾ هڪ پٽ صوفي عبدالڪريم نقشبندي ۽ هزارين مريد ڇڏي ويا. سندن آخري آرامگاهه ٺاروشاه جنڪشن جي ڀرسان هري پور ۾ آهي. جيڪو علائقو هاڻي جليل آباد جي نالي سان به سڏجي ٿو. عام توڻي خاص ڏينهن ۾ هزارين زائرين سندن مرقد تي اچن ٿا. جڏهن ته هر سال 4 ڊسمبر تي هن بزرگ، جهڙن لاءِ لال لطيف چئي ويو هو ته ”ڪوڙئين ڪن سلام اچي آتڻ ان جي“ تي عرس مبارڪ پڻ ٿئي ٿو.

’ٺاروشاه جنڪشن‘ جو خالق عمر الدين ’بيدار‘

’ٺاروشاه جنڪشن‘ جو خالق عمر الدين ’بيدار‘

اهو 11 مئي 1904ع جو ڏينهن هو، صبح جا 7 وڳا هئا. جڏهن ٺاروشاه ڀرسان ڳوٺ دليپوٽا ۾ ناول ’ٺاروشاه جنڪشن‘ جي خالق عمرالدين بيدار جو لاش پهچايو ويو. بيدار، 1932ع ڌاري ٺاروشاه ڀرسان ڳوٺ دليپوٽا ۾ علائقي جي مشهور سوشلسٽ، فقير آچر سهتي جي گهر ۾ ڄائو. مان هڪ ڀيري سندس کان پڇيو هو ته هن صحافت جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟ جنهن تي هن ڀارت جي آنجهاني وزيراعظم اندرا گانڌيءَ جي آتم ڪٿا مان هڪ ڳالهه بيان ڪئي. جنهن مطابق اندرا جو چوڻ هو ته هوءَ سياست ۾ ان وقت آئي، جڏهن هوءَ ننڍي هئي ۽ هڪ ڀيرو پوليس هنن جي در تي آئي. هن کان هن جي والد جواهر لال نهرو جي پڇا ڪيائون. ظاهر آهي ته مقصد گرفتاري هو. اندرا، هوشياري جو مظاهرو ڪندي پوليس کي اهو چئي ٽاريو ته هن جو والد گهر ۾ موجود نه آهي. بيدار صاحب به چوندو هو ته هن جي صحافت جي شروعات سندس پاران پڙهيل انهيءَ اخبار کان آهي، جڏهن هو ٽئين ڪلاس ۾ هو. مان هتي بيدار جي صحافت کان وڌيڪ هن جي ادبي خدمتن تي لکڻ جي ڪوشش ڪندس. منهنجي تصور ۾ اڄ به اهو بيدار آهي، جيڪو 10 مئي 1964ع پنهنجي وڏي ڀاءُ قاضي عبدالرحمان فقير کان ڪاوڙجي، ڳوٺ ۾ هلندڙ پنهنجو هٽ بند ڪري، شام لڙي ڳوٺ کان پيرين پنڌ 9 ڪلوميٽر طئي ڪري، سج لهڻ کانپوءِ ٺاروشاه جنڪشن جي ڪنهن بينچ تي سوين ماڻهن جي وچ ۾ اڪيلو ويٺو هو. خبر ناهي ته هن جي سوچن ۾ ڇا هو؟ هن مٿان ڪهڙي ڪيفيت طاري هئي؟ پر الاءِ ڇو هڪ ڳالهه جو يقين اٿم ته هن جي تصورن جي محور ۾ ’ٺاروشاه جنڪشن‘ ضرور هوندو. ان ڪري هن ترت حيدرآباد پهچي اهو تاريخي ناول لکي ورتو. جنهن کان پوءِ سندس جو ٻيو ناول ’مهرو‘ پڻ ادبي کيتر ۾ آيو پر جيڪو مرتبو ٺاروشاه جنڪشن ناول کي حاصل ٿيو، سو سندس ڪنهن به ادبي تخليق کي نه ملي سگهيو. عمرالدين بيدار، هڪ بهترين اديب ۽ صحافي هو. هو روزانه هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ کانسواءِ جاڳو، برسات، عوامي آواز جهڙن پنهنجي دؤر جي مشهور اخبارن ۾ پڻ اهم عهدن تي رهيو.
ٺاروشاه جنڪشن ناول کانسواءِ بيدار جي صحافتي حوالي سان سڃاڻپ ماهوار ’اديون‘ رسالو رهيو. هي رسالو سنڌي صحافت ۾ عورتن جو پهريون مڪمل رسالو هو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اديون پنهنجي دؤر جي ڪامياب ترين رسالن منجهه هڪ شمار ڪيو ويندو هو. انهيءَ جي سڄي ڪاميابيءَ جو سهرو بيدار جي مٿي تي هو. اديون کانپوءِ بيدار، ڪراچي مان ‘انڊس ڊائجسٽ، لقاءُ، اخبار تعليم’ رسالا به جاري ڪيا پر انهن جو مارڪيٽ نهايت محدود رهيو. جنهن لاءِ بيدار صاحب چوندو هو ته هي رسالا مان پنهنجي خرچ سان ائين جاري ڪيان ٿو، جيئن راند جي ڪا ٽيم پنهنجي هوم گرائونڊ تي کيڏندي هجي. خير! بيدار لاءِ سڀ گرائونڊ هوم ئي هئا. هو ادب ۽ صحافت جو سٺو رانديگر هو. تمام بهترين اديب، شاعر، ٻولي جو پارکو، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي۔۔۔ ۽ اهو عجب اتفاق جو دليپوٽا جي آچر فقير جي هن سلڇڻي پٽ پنهنجو اهو سڄو مقام هڪ ئي رات ۾ ٺاهيو! جي ها! 10 مئي جي شام تي هو پنهنجي وڏي ڀاءِ سان ڪاوڙجي گهران نڪتو هو 11 مئي جي صبح تي هن جو لاش سندس جي اباڻي ڳوٺ ۾ پهچايو ويو. جيتوڻيڪ لوڪ لاءِ اها رات 40 سالن جي هئي، پر شايد بيدار لاءِ نه۔۔۔۔ بيدار صاحب جو آخري آرام گاهه دليپوٽا جي موريل شاه قبرستان ۾ آهي. جتي به بيدار جي ذهن ۾ يقينن ’ٺاروشاه جنڪشن‘ جهڙي تخليق سرجندي هوندي.

ٺاروشاه جي تاريخ جو GREATMAN پروفيسر محمد هارون سومرو

ٺاروشاه جي تاريخ جو GREATMAN پروفيسر محمد هارون سومرو

پروفيسر محمد هارون سومري صاحب کي تقرير ڪندي مون پهريون ڀيرو غزالي گرامر اسڪول ٺاروشاه ۾ ٻڌو. جيتوڻيڪ سائين سان پهرئين به ڪجهه ملاقاتون هيون پر هي پهريون موقعو هو جو مان سائين جي علمي جوهرن کان سڌي طرح آگاهي حاصل ڪري رهيو هئس. هونءَ ته سائين جي سڄي تقرير علم جو وڏو خزانو هو پر جيڪي لفظ اڄ به منهنجي ذهن ۾ محفوظ آهن اهي انگريزي جي مشهور شاعر ملٽن جو هي قول هو ‘Only a mastermind can praise me, only a mastermind can blame me’ ترجمو: فقط هڪ اعلى ذهن ئي منهنجي تعريف ڪري، فقط هڪ اعلى ذهن ئي مون تي الزام هڻي. سائين سومري صاحب پاران ملٽن جو هي قول ورجائڻ ايترو ته زبردست هو، جيڪو منهنجي زندگيءَ ۾ روشني کڻي آيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سائين سان واٽ ويندي ٻيهر ملاقات ٿي. سائين مون ڏانهن توجهه ڪري هي قول ٻڌايو جنهن جو مفهوم ڪجهه هن ريت هو ته ”دنيا ۾ وڏا ماڻهو اهي ناهن جن وٽ ڌن دولت هجي پر حقيقي وڏا ماڻهو اهي آهن، جيڪي علم سان مالا مال هجن.“ هاڻي جڏهن مان سائين جا اهي چيل جملا لکي رهيو آهيان ته هڪ سوچ منهنجي ذهن جي درن تي دستڪ ڏئي رهي آهي ته اسان کي ڪجهه ماڻهن جون ڪجهه ڳالهيون ياد ڇو رهجي وينديون آهن؟ حالانڪه روزمرهه جي زندگيءَ ۾ اسان جي ملاقات سوين ماڻهن سان ٿئي ٿي. هزارين جملا اسان جي سماعتن سان ٽڪرائجن ٿا پر سچي ڳالهه هي آهي ته جملن جو اثر به ان وقت ٿئي ٿو جڏهن سامهون باعمل ماڻهو هجي. بيشڪ محمد هارون سومري جو شمار انهن باعمل ماڻهن منجهه آهي، جن جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پيرسني نه آئي آهي.
ٺاروشاه ڀرسان ڳوٺ قادر بخش ساند ۾ محترم عبدالله سومري جي گهر ۾ سال 22 مارچ 1936ع ڌاري جنم وٺندڙ محمد هارون سومرو ٺاروشاه ڇا پر سنڌ جي تاريخ ۾ معتبر نالو آهي. سال 1958ع ۾ بي ايس سي ڪندڙ نوجوان هارون 1963ع ۾ بي ٽي (Bachlor of Teaching) پاس ڪئي. ٺيڪ ٽن سالن کانپوءِ 1966ع ۾ سومري صاحب انگريزي ادب ۾ امتيازي نمبرن سان ايم اي ڪئي. انگريزي ادب سان چاهت کانپوءِ هارون صاحب کي قانون پڙهڻ جو شوق جاڳيو جنهن لاءِ پاڻ 1970ع ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائون. ايل ايل بي ۾ سائين جي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن هئي. ان کان اڳ سائين 1957ع ۾ سائنس ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ داخل ٿيو. سال 1968ع ۾ سائين، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان سال 1996ع ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائرمنٽ حاصل ڪيائين. رٽائرمنٽ کانپوءِ 1997ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن نوشهروفيروز ۾ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ پروگرام جو ڊائرڪٽر ٿيا. جتان 2006ع ۾ ڪانٽريٽ پورو ٿيڻ کانپوءِ هاڻي ٺاروشاه ۾ ‘غزالي گرامر اسڪول’ جو نگران اعلى آهي. پروفيسر محمد هارون سومرو صاحب پنهنجي طبيعت ۾ انهتائي معتبر ماڻهو آهي. هن جي علم و فراست ان وقت نکري نروار ٿئي ٿئي جڏهن هو فلاسافي جي باريڪ نقطن تي ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. مان هن جي تعريف ۾ ڪهڙا جملا لکان. بس هن جي هڪ خاص ڳالهه جيڪا مون کي تمام گهڻو متاثر ڪندي آهي ته هو زندگيءَ ۽ عاشقيءَ جي جنگ ۾ پوڙهو ناهي ٿيو. توڻي جو هن جي حياتيءَ جا قدم زندگيءَ جي 76 هين ڏاڪي تي پير رکڻ وارا آهن، پر توهان کي اسان جي ٺاروشاه جو هي مرد ڪنهن به پاسي کان پوڙهو نظر نه ايندو. بس جيسيتائين اسان وٽ علم و عقل جون ڳالهيون ٿينديون رهنديون تيسيتائين محمد هارون سومري پاران بيان ڪيل علمي نقطا اسان جي ذهنن ۾ پڙاڏن جيان گونجندا رهندا. مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته سائين سومر صاحب هڪ ڀيرو تقرير ۾ ملٽن جو هي قول ورجايو هو ته منهنجي تعريف به اهو ڪري جيڪو ماسٽر مائينڊ هجي. سو هتي مان سائين جي تعريف ڪئي آهي. معذرت سان سومري صاحب اڳيان هي عرض به ته سائين مان ماسٽر مائينڊ ناهيان، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي واکاڻ نه ڪرڻ تاريخ جي ديوار ۾ کاٽ هڻڻ جي برابر هوندو آهي. مان ٺاروشاه جي هن مختصر تاريخ ۾ کاٽ هڻڻ نه ٿو چاهيان. بيشڪ سائين توهان ٺاروشاه جي تاريخ جا GREATMAN آهيو.

هڪ بهترين استاد، سائين ڪوڙل خان سومرو

هڪ بهترين استاد، سائين ڪوڙل خان سومرو

هوءُ استاد هو. هڪ سچو پچو استاد، اهو استاد جنهن تي تعليم کي به فخر هوندو آهي. سائين ڪوڙل خان سومرو. ڳوٺ قادر بخش ساند جو هي سپوت ٺاروشاه وارن لاءِ ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. ٺاروشاه جي هن عظيم استاد جو جنم انهيءَ ساڳي ڏهاڙي يعني 22 مارچ 1936ع ڌاري ڳوٺ قادر بخش ساند ۾ محترم محمد قاسم سومري جي گهر ٿيو. جنهن ڏينهن سائين عبدالله سومري جي گهر محمد هارون سومرو ڄائو. سائين ڪوڙل خان سومرو پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پرائمري استاد جي حثيت سان تعليم کاتي ۾ داخل ٿيو. ڪوڙل خان سومرو، پنهنجي دؤر جو اهو بهترين استاد هو جڏهن ساندن جي اسڪول کي وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن پاران ٻه ڀيرا ’بيسٽ اسڪول ان دي ڊويزن‘ جو اعزاز ڏنو ويو. اهو سائين جو ئي هن اسڪول ۾ سونهري دؤر هو جڏهن هن اسڪول جا گهڻي مان گهڻا شاگرد اسڪالرشپ حاصل ڪندا هئا. ٺاروشاه جي علائقي جو هي بهترين استاد اسان کان 10 آگسٽ سال 2002ع ۾ هميشه لاءِ موڪلائي ويو. رب ڪريم سندس کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. آمين۔۔۔ هن وقت سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر ممتاز علي سومرو، ٺاروشاه ۾ الٽراسائونڊ اسپيشلسٽ آهي. جڏهن ته ٻيا ٻه پٽ پرائمري استاد آهن.

حاجي فيض محمد سهتو

حاجي فيض محمد سهتو

منهن تي هميشه مرڪ، هر ڪنهن لاءِ کوڙ دعائون، نوراني چهري واري هن پيرمڙس لاءِ مان جيڪڏهن ‘ملائڪ‘ جو استعارو استعمال ڪيان ته ان ۾ ڪو وڌاءِ نه ٿيندو. ساهتي پرڳڻي جي رائل فيملي سان تعلق رکندڙ حاجي فيض محمد سهتو، عمر جي ان حصي ۾ پهچي ويو آهي. جتان جڏهن ماڻهو پوئتي نظر ڊوڙائي ٿو ته تاريخ ان جي اڳيان ان آئيني جيان ٿي وڃي ٿي جتي ڪجهه شيون چٽيون ته ڪجهه شيون ڌنڌليون نظر اينديون آهن. فيض محمد جي عمر 80 سال آهي. پنهنجي دؤر جي فائنل پاس هن شخص جي ياداشت اڄ به ايڏي ته قهر جي آهي جو جڏهن توهان هن سان تاريخ تي ڪچهري ڪرڻ لاءِ ويهو ته انگريز دؤر کان پاڪستان جي ٺهڻ ۽ ان کانپوءِ جا سڀ واقعا ۽ سانحا توهانجي اڳيان ڊاڪيومينٽري فلم جيان هلڻ شروع ٿي ويندا. حاجي فيض محمد سهتي لاءِ مان مٿي لکي آيو آهيان ته هو ساهتي جي رائل فيملي سان تعلق رکي ٿو. ها! هوءُ ڄام ابوبڪر سهتي جي نسل مان آهي. جيڪو ساهتي جي تاريخي ڪردارن ڄام ههيو ۽ ڄام محمد جو ويجهو عزيز هو. اڄ به انگريزن جي ٺهيل روينيو رڪارڊ ۾ توهان کي ڪيٽي ابوبڪر ون ۽ ٽو جي نالي سان ديهون ملنديون. جيڪي ڪل زمينون دليپوٽا جي سهتن جون هيون. بعد ۾ تاريخ جي جبر چئجي يا فطرت جي ڪارستاني جو اهي زمينون جن جا مالڪ حاجي فيض محمد سهتي جا وڏا هئا ٻين خاندانن ۾ منتقل ٿي ويون. حاجي فيض محمد سهتو جون ڪيتريون ئي خوبيون آهن جن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهي ٿو پر منهنجي ويجهو هن جي هڪ ئي خوبي لک لهي ته هو پنهنجي طبيعت ۾ انتهائي مخلص آهي. جيڪو اندر سو ٻاهر، منافقت هن کان ڪوهين ڏور، زندگيءَ جي معاملن ۾ انتهائي سنجيده رويو رکندڙ. سڄي عمر عبادتون ڪندڙ هي شخص هاڻي عمر جي تقاضا جي ڪري بيهي نماز پڙهڻ کان عاجز آهي. انهيءَ جي باوجود هن کان ڪڏهن تهجد جي نماز به نه گسي آهي. شال رب تعالى هن جون عبادتون پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي، آمين۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حاجي صاحب جي طبيعت ۾ حقيقي صوفي جا سڀ رنگ موجود آهن. پاڻ طريقت جي لحاظ کان لاڙڪاڻو جي درگاهه مشوري شريف جا مريد آهن. سبز تاج سندن جي مٿي جو سينگار ۽ نرڙ تي موجود نماز جو نشان ان نور جو جلوو آهي جيڪو رب تعالى حضرت آدم ۾ ڦوڪيو هو. حاجي فيض محمد سهتي صاحب کي اولاد ۾ 4 پٽ 4 نياڻيون آهن. ٻه پٽ قمر الدين سهتو ۽ منورالدين سهتو طب جي شعبي سان لاڳاپيل آهن، هڪ شاهنواز سهتو بينڪ مان رٽائرمنٽ ورتي، جڏهن ته عبدالحميد سهتو استاد آهي.

چيئرمين عبدالرحمان خانزاده

چيئرمين عبدالرحمان خانزاده

چيئرمين عبدالرحمان خانزاده جو شمار ٺاروشاه جي انهن ماڻهن منجهان ٿئي ٿو جن هن شهر کي ٺاهڻ لاءِ پنهنجو سڀ توانايون خرچ ڪيون. عبدالرحمان خانزاده هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ٺاروشاه ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو هن جون ان عهدي تي ايتريون ته زبردست خدمتون رهيون جو سندس نالو ئي ’چيئرمين‘ پئجي ويو. ٺاروشاه جي شاهي بازار ۾ ٺهيل بلاڪ جيڪي آهن ته سيمنٽ جا پر هنن کي ڇهندي لوهه جو احساس ٿئي ٿو سو ٺاروشاه جي هن جفاڪش مڙس جي ياد آهن ته هو ٺاروشاه سان ڪيڏو نه سچو هو. چيئرمين عبدالرحمان خانزاده صاحب جي دؤر ۾ جيڪو به ترقياتي ڪم ٿيو سو اڄ به ورهيه گذرڻ جي باوجود معيار ۾ تمام مٿاهون آهي. سچ پچ ته چئرمين صاحب ٺاروشاه جو اهو فرزند هو جنهن تي هن شهر کي سدائين ناز رهندو. چيئرمين صاحب پنهنجي پويان پنج اهل فرزند ڇڏيا آهن. جيڪي به وس پڄان عوامي خدمتن ۾ ناماچاري ڪرائي رهيا آهن. هن جي فرزندن جا نالا: محمد يونس خانزاده، فوجدار خان خانزاده، محمد يوسف خانزاده، ولي محمد خانزاده ۽ عبدالغني خانزاده.

سيد نذير حسين شاه

سيد نذير حسين شاه

اسان سمجهندا آهيون ته جهڙي ريت اسان سوچيندا آهيون، فيصلا ڪندا آهيون ٻئي ماڻهو به ائين ئي سوچيندا هوندا! پر ايئن بلڪل ناهي هوندو هر ماڻهو جي سوچ سمجهه جو پنهنجو انداز هوندو آهي. ’مها ڀارت‘ ۾ شري ڪرشن کان هن جي چيلي معلوم ڪيو ته ”ڇا جيئن پاڻ شين جي باري ۾ سوچيون ٿا برهما به ائين ئي سوچيندو هوندو؟“ شري ڪرشن پنهنجي چيلي جي اڳيان ڪنڌ سان نهڪار ڪري چيو ”نه بلڪل نه برهما ائين ناهي سوچيندو جيئن عام انسان شين جي باري ۾ غور و فڪر ڪندا آهن.“ هندومت کانسواءِ اسان کي دنيا جي ٻين مذهبن ۾ به اهو آفاقي فلسفو ملي ٿو ته خدا جي جي اڳيان پوري ڪائنات جو وجود آهي. جڏهن ته انسان جي نظر ۽ سوچ ڦري گهري پنهنجي پيرن ۾ ئي ساهه پٽي ٿي. اهو ساڳيو فلسفو جيڪڏهن اسان دنيا جي وڏن ماڻهن تي فٽ ڪيون ته به ٺيڪ رهندو. دنيا ۾ وڏو ماڻهو اهو ناهي جنهن وٽ ڌن دولت هجي پر وڏو ماڻهو اهو آهي جنهن جي سوچ جو ڪينواس وسيع کان وسيع تر هجي. اسان جي شهر ٺاروشاه جو سيد نذير حسين شاه به دنيا جي انهن وڏن ماڻهن مان هڪ هو جنهن جي اڳيان پوري انسانيت هڪ ئي جلوي جو مظهر هئي. ٺاروشاه جي گهٽين ۾ گهمندڙ ان ماڻهو جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جيڪو هتان جي هر ماڻهو تي عاشق هو. هن جي عشق جي اها حد هئي جو پنهنجي ڀرپور توانائين سان سڄي عمر سرگردان رهيو ته ڪهڙي ريت ٺاروشاه واسين جي زندگيءَ ۾ خوشي جا گلاب پوکجن. هتان جي بجلي جو مسئلو هجي يا فون جي ڏکيائي، گيس جي حاصلات لاءِ جاکوڙ هجي يا ڀڳل روڊ رستن جي تعمير جو اشو، سيد نذير شاه ڪڏهن به خاموش نه رهيو. هن جي جستجو جا جتي ڪيترائي مثال موجود آهن اتي هي ڳالهه اڄ به هن جا چاهيندڙ بيان ڪن ٿا ته هڪ ڀيرو ٺاروشاه جي هڪ روڊ جي موري (پل) ڀڄي پئي، شاه صاحب کي جڏهن ان جي خبر پئي ته صبح جو سويل اتي اچي بيهي رهيو. هر ايندڙ ويندڙ کان پئسا گهرڻ لڳو ايتري تائين جو ڪجهه ماڻهن جي واتان هن هي جملا به ٻڌا ته شاه صاحب هاڻي پنڻ تي لهي پيو آهي. سيد نذير شاه انهن جملن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجو ڪم جاري رکيو. تان جو ايترا پئسا ٿي ويا جو ان وقت انهيءَ ڀڳل موري جي مرمت ڪرايائين. اجايو الزام هڻندڙ هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسندا رهيا. ان سڄي مرحلي ۾ سيد نذير شاه کي ڪا به پرواهه نه رهي! ڇو پرواهه نه رهي؟ مان مٿي لکيو آهي ته وڏا ماڻهو ائين ناهن سوچيندا جيئن اسان سوچيندا آهيون. ٺاروشاه شهر ۾ اڄ جڏهن سوئي گيس ٻري ٿي ته ان ۾ مکيه ڪردار سيد صاحب جو آهي. هن شهر ۾ سوئي گيس جي حاصلات لاءِ جڏهن تحريڪ شروع ٿي ته سيد نذير شاه جي ننڊ ڦٽي وئي. آخر جڏهن سوئي سدرن گيس ڪمپني پنهنجي هڪ سروي ۾ انگن اکرن جي ڪاريگري سان ثابت ڪيو ته هن شهر ۾ گهربل ڪينڪشن نه ملي سگهندا ڇاڪاڻ ته گهرن جو انگ ٿورو آهي ته اسان جي شهر جي هن ولي رات ڏانهن هڪ ڪري سڄي شهر جي سائنسي بنيادن تي سروي ڪئي ۽ پوءِ جڏهن اهي ڪاغذ سوئي گيس انتظاميه جي اعلى عملدارن تائين پهچايا ويا ته هنن جي حيرتن جي انتها نه رهي ته سوئي گيس لاءِ درخواست ڏيندڙ انهن گهرن جو انگ سندن جي نام نهاد سروي کان ٻيڻو ٽيڻو آهي، جيڪا هنن ڪجهه وقت اڳ ڪرائي هئي. اهو سڀ هن شخص جو ئي ڪمال هو جنهن پنهنجي ڀرپور توانائي سان شهر جي ڀلي لاءِ پنهنجي جان وقف ڪري ڇڏي هئي. سيد نذير شاه جي هن شهر سان لازوال محبت جا ڪهڙا داستان بيان ڪجن. بس دل چوي ٿي هن لاءِ سنڌي ٻولي جي پهرين شعر جو هي سٽون هن جي نانءِ ڪيان جيڪي سنڌي جي ڪنهن نامعلوم شاعر بادشاه يحيى برمڪي جي درٻار ۾ چيون هيون. ”اڪره ڪڪره ڪنڪره۔۔“ مفهوم: ”جڏهن اسان وٽ نيڪين جو ذڪر هلندو آهي ته تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي.“ سو اڄ به جڏهن ٺاروشاه ۾ نيڪين جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته هر ماڻهو جي زبان تي سيد نذير شاه جو ئي نالو هوندو آهي. پاڻ 2 فيبروري 2007ع تي اسان کان هميشه موڪلائي ويو. سندن جي آخري آرامگاهه بخاري ۾ آهي.

شعيب تيوڻو، ٺاروشاه جو سقراط

شعيب تيوڻو، ٺاروشاه جو سقراط

مان هن کي گهڻو ڪونه سڃاڻان. بس ڪافي ماڻهن جي واتان هن جي تعريف سا ٻڌي آهي. هو ٺاروشاه جي نوجوانن ۾ گهڻو مقبول آهي. بس مان هن لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيان؟ سچ ته هي آهي جو هو ناسور ۾ ورتل سماج جي ڦٽن تي اهڙو پهو آهي، جنهن کي پسي مريض کي ڪجهه وقت سڪون ملي وڃي ٿو. منهنجو سائين شعيب تيوڻو۔۔۔ مان هن جي شخصيت جي سحر ۾ گرفتار آهيان. هن کي جڏهن پهريون ڀيرو ڏٺو هئم ته نه ڄاڻ ڇو مونکي قديم يونان جو پيغمبر سقراط ياد اچي ويو. باريش، وڏيون گول اکيون، ڳالهائڻ ۾ کرو پنهنجي مضبوط دليلن سان نوجوان جي دلين ۾ جاءِ ٺاهيندڙ. بس هو ٺاروشاه ۾ سقراط جو پرتوو ئي ته آهي. سردي جي انتها واري رات جنوري جي پهرين تاريخ سال 1959ع تي ڳوٺ ٻانهي تيوڻي ۾ جنم وٺندڙ شعيب تيوڻو پنهنجي طبيعت ۾ ٿڌو ۽ ماٺار وارو شخص آهي پر جيئن جنوري پنهنجي ڪم کي سختي سان انجام تي پهچائي ٿي، اها موسم واري خوبي شعيب ۾ به آهي ته هو جنهن ڪم ۾ هٿ وجهي ٿو ان کي انجام تائين پهچائڻ کانسواءِ پوئتي نه ٿو هٽي. نسيم کرل جي ڪهاڻي ’پهرين مراد‘ کان متاثر هن شخص مطابق پهرين مراد هن جي زندگيءَ مان ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهي آهي. ها! هن جي پهرين مراد هي آهي ته ٺاروشاه جي نوجوانن کي بنا ڪنهن مت ڀيد جي علمن جي رستن جو راهي بنائجي. پوءِ هوءُ پنهنجي ڪوشش ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهي ان جو فيصلو ٺاروشاه واسي پاڻ بهتر نموني ڪري سگهن ٿا. شعيب تيوڻي جو پسنديده شاعر عبدالحڪيم ارشد آهي. جيتوڻيڪ هن به پنهنجي زندگيءَ ۾ شاعري ڪئي پر اها ٻين جي هٿن تائين پهچڻ کان اڳ سندس ئي هٿن ۾ ٽڪرن جي نظر ٿي وئي. هو جسماني طور شگر ۽ بلڊ پريشر جو مريض آهي. جڏهن ته سندس منهن تي پکڙيل مرڪ اسان کي هن جي روحاني مسرت متعلق آگاهه ڪري ٿي. ٺاروشاه جي هن معتبر ماڻهو سان منهنجون ڪجهه ڪچهريون ٿيون آهن. هڪ ڀيرو هج ڪري سندس کان پڇيم ته ‘زندگيءَ ۾ ڪنهن شيءِ جي کوٽ محسوس ڪيو ٿا؟ ٿڌي ساهه ڀرڻ سان گڏ هن جي نرڙ تي ريکائڻ جو هڪ سلسلو جاري ٿي ويو. ڪجهه ساعتن جي خاموشي کان پوءِ ڏڪندڙ لهجي ۾ چيائين: ”ها! زندگيءَ ۾ کوٽ آهي، الائي ڇو محسوس ٿيندو آهي ته زندگيءَ جو حق ٺيڪ طرح ادا نه ڪري سگهيو آهيان.“ پتو ناهي تيوڻي صاحب پنهنجي حياتيءَ جا ڪهڙا حق ادا نه ڪيا آهن؟ پر مان جنهن شعيب کي سڃاڻان، انهيءَ جا سوين شاگرد هن وقت زندگيءَ جي اهم شعبن ۾ زميدار عهدن تي فائز آهن. سائين پروفيسر هارون سومرو صاحب، شعيب کي ’پير صاحب‘ سڏيندو آهي. بيشڪ هو ٺاروشاه واسين جو پير آهي. هڪ ڳالهه جو مونکي به يقين ته مستقبل ۾ ان ماڻهو جو احترام پوڄا جي حد تائين ڪيو ويندو. انهيءَ سڄي لقاء ۾ هڪ اهم ڳالهه ته شعيب کي ان ڳالهه جي ذري به پرواهه نه آهي ته ڪير هن کي ڪئين ٿو چئي. هو فقير منش سادو ماڻهو، پيرين اگهاڙي ٺاروشاه جي گهٽين ۾ ائين گهمڻ وارو آهي جيئن سقراط ننگن پيرن سان ايٿنس جي گهٽين جا گشت لڳائيندو هو. سقراط جي پويان به نوجوانن جا ولر هوندا هئا. شعيب جي سنگت به نوجوانن سان آهي. ها! اها ڳالهه يقين سان لکان ٿو ته شعيب ٺاروشاه جو سقراط آهي.

سيد امتياز حسين شاه

سيد امتياز حسين شاه

سيد سيد امتياز حسين شاه، پنهنجي نالي جيان اهو امتياز آهي جيڪو نيڪي ۽ بدي جي وچ تي هر اهل دل ماڻهن کي نظر ايندو آهي. سندس جي خاندان جي ٻن شخصيتن تي مون هن ڪتاب ۾ اڳي ئي پروفائيل لکيا آهن. عظيم سيد عارف شاه ۽ سيد نذير شاه، ان جي تناظر ۾ سوچيم ته هاڻي سيد امتياز تي ڪجهه به نه لکان پر هن پاران ٺاروشاه ۾ ڪيل سماجي خدمتن کي ڏسي مان قلم کڻڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان. سيد صاحب طرفان حال ۾ قائم ڪيل الشفاءِ خيراتي اسپتال، هڪ اهڙو ڪارنامو آهي جنهن تي بجا طور اسان هن انسان دوست ماڻهو تي فخر ڪري سگهون ٿا. سيد امتياز شاه، سيپٽمبر جي 09 تاريخ سال 1957ع تي ٺاروشاه جي هڪ معزز گهراڻي ۾ سيد علي حيدر شاه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جيئن ته سندس خاندان جو ماضي ٺاروشاه ۽ سنڌ جي عظيم روايتن سان ڀرپور هو نتيجي ۾ پاڻ به پنهنجي وڏن جي نقش قدم تي هلندي انهيءَ راهه جا مسافر ٿيا. هن وقت پاڻ نوشهروفيروز ۾ سوشل وئلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهن. سچ ته هي آهي جو سندن جي نوڪري به سندن جي مزاج مطابق آهي. شال رب پاڪ سندن جي حوصلن ۾ عوامي خدمتن جي جذبي ۾ اڃا اضافو فرمائي. کوڙ ساريون نيڪ تمنائون سندن سان گڏ آهن.

امداد سهتو، ٺاروشاھ جو هڪ شاعر

امداد سهتو، ٺاروشاھ جو هڪ شاعر

ڪنهن انگريز شاعر چيو هو ته اپريل جو مهينو قيامت جو مهينو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته ان مهيني ۾ گل ٽڙندا آهن. خبر ناهي شاعر جو اپريل لاءِ لکيل اهو جملو ڪهڙي مفهوم تحت هو؟ پر پاڻ هتي اپريل کي پنهنجي شهر جي سهڻي شاعر امداد سهتي جي حوالي سان سڃاڻون ٿا. پهرين اپريل تي گل ٽڙڻ جي مند ۾ شهر جي بهترين استاد عبدالرحمان سهتي جي گهر جنم وٺندڙ، امداد لاءِ ڪير به اها پيشنگوئي نه پيو ڪري سگهي ته هو مستقبل جو بهترين شاعر ٿيندو پر وقت پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو آهي. ايم بي بي ايس پاس ڪري پاڪ فوج ۾ ڪپتان طور ڀرتي ٿيندڙ امداد سهتو، هڪ سٺي ڊاڪٽر ۽ سپاهي سان گڏ دل کي ڇهندڙ سٽن جو ڪوي به ٿي ويو. هن جي شاعري ۾ ماضيءَ جي جهلڪ سان گڏ حال جو نوحو ۽ مستقبل جو قياس به شامل آهي. جنهن کي جهڙي طرح لفظن ۾ امداد پروئي ٿو سو فقط هڪ شاعر جو ئي ڪمال ٿي سگهي ٿو. اها لفظن جي راند آهي يا امداد جي فن جو معراج جو هن جي هر سٽ ۾ اهي سڀ جذبا اڀري اچن ٿا جيڪي ماڻهو جي من ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت موجود هوندا آهن.
سنبري سامهون شڪليون ٿو ٺاهين چيو آرسيءَ ساڳو تون ناهين.
هُئين اڳ ۾ ته مثلِ شمع، هاڻي تکي اس جئن ويٺو باهين.
ڪَڙو تاج جوڙي طبيعت ۾ پوءِ، پاڻ ئي مِٺاس جهوپا پيو ڊاهين.
چنڊ بيٺوآ اچي تريءَ تي تنهنجي، ۽ نظرن کي مٿي کنيو ٽڪائين.
ڀري ڀنڊار ايٽم ‘امداد’، نوان نوان سياره وڃيو وسائين.
انهيءَ تخيل جي پراز سان گڏ امداد ۾ اها صلاحيت به موجود آهي ته هو پنهنجي اندر جي ڳالهه اهڙي ته خوبصورت نموني چئي وڃي ٿو جو پڙهندڙ ڪجهه لمحن لاءِ مسحور ٿيو وڃي.
هابيل قابيل کان قتل آ جاري،
رشتن مٿان ورهين جي واري.
پير اسان جا گهير ۾ رڃ جي،
سستي عزت ۽ نفس ڀاري.
پٿر جو دؤر اڃان پٿر دليون،
هاريون رنگن تي پيا مس ڪاري.
سائنس جو اٺ، فتني جي مهار،
اوٺيءَ لڪي مرضي ۾ عياري.
ٻن گزن تي گهر، سو به ناهي پڪو،
‘امداد’ ڪو نه ٿيو ڪنهنجو واري.
امداد جي شاعري ۾ جتي اسان کي امنگ ۽ حوصلي جا نوان جذبا نظر اچن ٿا، اتي ڪيتريون ئي ڪڙيون حقيقتون پڻ ملن ٿيون. جن سان اسان پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ مقابلو ته ڪريون ٿا پر انهن کي پنهنجي گفتگو جو موضوع نه ٿا بنائڻ چاهيون. اهو اسان جي شهر ٺاروشاه جي ڪويءَ جو ڪمال جو ڳالهين ڳالهين ۾ اهڙو نقطو اٿاريو وڃي جو ذهن ڪجهه گهڙين لاءِ سوچ جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳي ٿو. خير! امداد جو جڳ لاءِ تعارف هڪ سپاهي جو هجي يا ڊاڪٽر جو، هو اسان لاءِ هڪ شاعر آهي. ‘شاعر’ جنهن جي دنيا جي وسيع ترين ٻولي عربي ۾ هڪ معني پوئيندڙ به آهي. ها! هو لفظن جو پوئيندڙ آهي. هن لاءِ ڪهڙا لفظن لکجن مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ايترو سو ضرور ڄاڻان ٿو ته شاعر جي حيثيت سان هو اهو نجومي آهي. جيڪو اسان کي مستقبل جي خطرن سان گڏ نين راهن جو به پتو ٻڌائي ٿو. شال اسان جو هي ڪوي وڏي ڄمار ماڻي سچ ته اسان کي ۽ ٺاروشاه کي پنهنجي هن شاعر تي تمام گهڻو فخر آهي

بابو اسلم فوجي خانزاده

بابو اسلم فوجي خانزاده

بابو اسلم فوجي خانزاده، جنوري جي پهرين تاريخ سال 1962ع ٺاروشاه ۾ خانزاده برادريءَ جي معتبر فيملي ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو دلمير خان هو. ٺاروشاه جو هيرو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ هڪ عظيم نالو عباس باغي هن جو چاچو هو. جنهن جي اثر هيٺ هن جي ذهني تربيت ٿي. ايتري ڪامياب تربيت جو فوج ۾ 18 سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ به هن عوام جي خدمت کان ڪڏهن منهن نه موڙيو. هنن وقت به بابو اسلم فوجي خانزاده جو ٺاروشاه جي سماجي خدمت جي تاريخ ۾ هڪ معتبر مقام آهي. اها ٻي ڳالهه ته هن پاران ڪيل سماجي خدمتون تڪرارن جي ور چڙهنديون رهيون آهن. جنهن ۾ هن جي مٿان اهو الزام لڳندو رهيو آهي ته هو فقط پنهنجي پاڙي تائين محدود سماجي ورڪر آهي. خير! ڪيئن به هجي هو ٺاروشاه جي تاريخ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم خوب نباهي رهيو آهي. جنهن جو مثال هن پاران شهر جي هر سرگرمي ۾ ڀرپور حصو وٺڻ آهي. الله سائين شال هن کي وڏي حياتي ڏئي. اسان جون دعائون سدائين هن سان سندس نيڪ ڪمن ۾ گڏ آهن.

انجنئير لاريب سرفراز خانزاده

انجنئير لاريب سرفراز خانزاده

ٺاروشاه جي خانزاده ڪالوني وارڊ نمبر 1 جو رهواسي نوجوان انجنئير لاريب سرفراز خانزاده کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن اڄوڪي گليمر جي دؤر ۾ پيپلز اسٽيل ملز ڪراچي ۾ پنهنجي اسسٽنٽ مئنجر جهڙي شاندار نوڪري ڇڏي، اين اي ڊي انجنئيرنگ يونيورسٽي ڪراچي ۾ بطور ليڪچرار، پيغمبري واري شعبي کي شوق سان جوائن ڪيو. نوجوان لاريب سرفراز خانزاده پنهنجي فيلڊ ۾ مهارت جي ڪري هڪ سال اندر ئي جرمني ءَ جي هڪ بهترين يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي (مٽيريل سائنسس) لاءِ ڪوليفاءِ ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه ٺاروشاه وارن لاءِ انتهائي فخر جو سبب آهي. لاريب سرفراز جي عمر هن وقت 25 سال آهي. ايتري گهٽ عمر ۾ پي ايڇ ڊي ِ ڪوليفاءِ ڪندڙ سنڌ جي دل ٺاروشاه جو هي نوجوان اڳتي هلي پاڪستان جو قومي سرمايو ثابت ٿيندو. ميٽريل سائنس دنيا جي اها زبردست فيلڊ آهي. جنهن سان اسان جي روز مرهه جي زندگيءَ جو لاڳاپو رهي ٿو. هڪ معمولي ڌاتو کان ايٽم بم تائين پکڙيل هن فيلڊ ۾ دنيا جا نامور سائنسدان ٿي گذريا آهن. پاڪستان ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان به ان فيلڊ سان لاڳاپيل آهي.جنهن جو ڪارنامو پاڪستان کي اسلامي دنيا جي پهرئين ائٽمي طاقت بنائڻ آهي.

ٺاروشاه جا آفيسر، پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنئير، قانوندان، بينڪر

عبدالڪبير اڄڻ (سيڪريٽري ٽو سنڌ گورنمينٽ) پروفيسر ظهورالدين ميمڻ (قائد عوام يونيورسٽي، نوابشاه) محمد هاشم مغل ( ڊائرڪٽر، پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ايويليشن ڊيپارٽمنٽ)مشتاق احمد وڳڻ (ڊپٽي ڪمشنر انڪم ٽيڪس) پروفيسر شمس الدين جلباڻي (سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو)پروفيسر عبيد الله سومرو (پرنسپال، اليمينٽري ڪاليج فار مين مٺياڻي) پروفيسر محمد بخشل چارڻ، پروفيسر شفيق الرحمان ميمڻ، پروفيسر روشن علي جلباڻي، پروفيسر عنبرين ناز ڪانجو، آپا آمنت ميمڻ (اي ڊي او، تعليم نوشهرو فيرز)، هيڊ مسٽريس عذرا ڪانجو، ليڪچرار غلام شبير سهتو، ليڪچرار شميم خانزاده، ليڪچرر ندا قدير خانزاده، ليڪچرار نصرت شهزاد خانزاده، سيد مهدي شاه (سبجيڪٽ اسپيشلسٽ)، عبدالڪريم سيال(سبجيڪٽ اسپيشلسٽ)، محمد وهاب ميمڻ(سبجيڪٽ اسپيشلسٽ) جسٽس علي احمد وڳڻ، جسٽس مولا بخش سولنگي، جسٽس رسول بخش سولنگي، جسٽس عبداللطيف قريشي، جسٽس علي نواز چنا، جسٽس شمس الدين هيسباڻي، ايڊوڪيٽ شمس الدين ڏهراج، ايڊوڪيٽ غلام مرتضى سومرو، ايڊوڪيٽ عبدالجبار راجپوت، ايڊوڪيٽ شاهنواز سهتو، ايڊوڪيٽ رانا رفاقت راجپوت، ايڊوڪيٽ عبدالحنان ٻٻر، ايڊوڪيٽ غلام مرتضى اڄڻ، ايڊوڪيٽ شير محمد سومرو، ايڊوڪيٽ غلام سرور ڌوئنرو.

[b]ڊاڪٽر[/b]
ڊاڪٽر پرويز احمد (پي ايڇ ڊي آمريڪا)، پروفيسر ڊاڪٽر اي ڊي ميمڻ (الهندو عرف منظور)، پروفيسر ڊاڪٽر زيب فاطمه بهليم، ڊاڪٽر ڪيپٽن نظير احمد سومرو، ڊاڪٽر سلمان احمد خانزاده، ڊاڪٽر، آخوند الهڏنو ميمڻ، ڊاڪٽر منيرالدين ميمڻ، ڊاڪٽر تميزالدين ميمڻ، ڊاڪٽر محمد اسرائيل شاه، ڊاڪٽر برڪت علي ميمڻ، ڊاڪٽر سڪندر علي چنا، ڊاڪٽر ممتاز سومرو، ڊاڪٽر ڪيپٽن امداد سهتو، ڊاڪٽر حبيب الله سومرو، ڊاڪٽر محمد آصف راجپوت، ڊاڪٽر اشتياق احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ساجن داس لوهاڻو، ڊاڪٽر شاهنواز نارائي، ڊاڪٽر سڪندر علي سومرو، ڊاڪٽر رحمت الله سومرو، ڊاڪٽر محسن فيض چانڊيو، ڊاڪٽر خليل احمد ميمڻ، ڊاڪٽر سعادت احمد بهليم، ڊاڪٽر محمد عاقل بهليم، ڊاڪٽر شڪيل احمد خانزاده، ڊاڪٽر شفيق احمد پٺاڻ، ڊاڪٽر ڪمال ناصر خانزاده، ڊاڪٽر علي محمد بالادي، ڊاڪٽر برڪت علي سومرو، ڊاڪٽرغلام مصطفى خانزاده، ڊاڪٽر عبدالستار خانزاده، ڊاڪٽر ڪيپٽن شاهنواز سومرو، ڊاڪٽر محمد حبيب خانزاده، ڊاڪٽر راشد احمد خانزاده، ڊاڪٽر اڪرام قريشي، ڊاڪٽر عبدالجبار خانزاده، ڊاڪٽر فرخ بلال خانزاده، ڊاڪٽر خليل جيلاني خانزاده، ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ، ڊاڪٽر نويد مصطفى ڪانجو، ڊاڪٽر محمد طارق سومرو، ڊاڪٽر عزيزالله جانوري، ڊاڪٽر الله بخش تنيو، ڊاڪٽر منور الدين سهتو، ڊاڪٽر محمد ياسين سومرو (وٽنري) ڊاڪٽر اصغر اڄڻ ( وٽنري)، ڊاڪٽر نسيم شاه، ڊاڪٽر نسيم نارائي، ڊاڪٽر جميلا شاه، ڊاڪٽر نسيم خانزاده، ڊاڪٽر مختيار ظفر اڄڻ، ڊاڪٽر صائمه سومرو، ڊاڪٽر حضوران انصاري، ڊاڪٽر زينت فاطمه بهليم، ڊاڪٽر فرح ناز ڪانجو، ڊاڪٽر عاصمه چانڊيو، ڊاڪٽر نورجهان مصطفى سهتو، ڊاڪٽر صوفيه شهاب، ڊاڪٽر شفيق ناصر، ڊاڪٽر جبران راجپوت، ڊاڪٽر رحمت الله سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغني سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالحفيظ سومرو، ڊاڪٽر نورالدين سومرو، ڊاڪٽر شمس الدين سومرو، ڊاڪٽر شاهد سومرو، ڪيپٽن ڊاڪٽر مسعود احمد سومرو، ڊاڪٽر نويد سومرو، ڊاڪٽر شبير سومرو، ڊاڪٽر واجد انصاري، ڊاڪٽر روشن سيال، ڊاڪٽر رياض احمد سهتو، ڊاڪٽر عمران جلباڻي، ڊاڪٽر سعيد احمد ڀرٽ، ڊاڪٽر وزير سولنگي، ڊاڪٽر امجد ڀرٽ، ڊاڪٽر غلام رسول سولنگي، ڊاڪٽر فرح ناز ميمڻ، ڊاڪٽر ماهنور ساند.

[b]انجنئير[/b]
انجنئير اعجاز احمد ڏيٿو (ايس ڊي او سيپڪو نوشهروفيروز) انجنئير فيض محمد چانديو، انجنئير علي شير ڪيريو، انجنئير غلام نبي مغل، انجنئير اعجاز احمد ڏيٿو، انجنئير سڪندر علي سومرو، انجنئير اسراراحمد ميمڻ، انجنئير امتياز احمد ميمڻ، انجنئير عبدالستار ميمڻ، انجنئير محمد انور چارڻ، انجنئير مختيار احمد سومرو، انجنئير اشفاق احمد سومرو، انجنئير الطاف حسين سومرو، انجنئير سراج الدين ميمڻ، انجنئير نعيم الحسين ڏهراج، انجنئير ذوالفقار علي سومرو، انجنئير علي اصغر سومرو، انجنئير نظير احمد ميمڻ، انجنئير عبدالطيف سهتو، انجنئير زيد فيض چانڊيو، انجنئير زاهد بشير خانزاده، انجنئير ريحان فرحت خانزاده، انجنئير جنيد رفيق خانزاده، انجنئير توقير احمد خانزاده، انجنئير جمال اقبال خانزاده، انجنئير رياض احمد خانزاده، انجنئير سليم احمد پٺاڻ، انجنئير مستحسن خان خانزاده، انجنئير ارسلان خان خانزاده، انجنئير طفيل احمد خانزاده، انجنئير جمال احمد خانزاده، انجنئير ارسلان خان خانزاده، انجنئير لاريب سرفراز خانزاده، انجنئير سهيل راجا ميمڻ، انجنئير عمران علي ميمڻ، انجنئير زاهد علي خانزاده، انجنئير شاهزيب خانزاده، انجنئير، مظهر حسين ڪولاچي، انجنئير محمد عامر عرف محمد علي ميمڻ، انجنئير پرويز علي ڀان، انجنئير سهيل احمد چنا، انجنئير محمد مراد ڀان، انجنئير احسان الله ٻگهيو، انجنئير دلبر اڄڻ، انجنئير ظفر علي سومرو، انجنئير جميل احمد کوکر، انجنئير، ياسين يونس خانزاده، انجنئير اقبال خورشيد خانزاده، انجنئير علي رحمان خانزاده، انجنئير فيضان ولي خانزاده، انجنئير جبران ولي خانزاده، انجنئير علي جنيد خانزاده، انجنئير آفاق انور خانزاده، انجنئير غلام شبير کوکر، انجنئير سيد، عارف علي شاه (ٻيون)، انجنئير سيد احتشام علي شاه، انجنئير طفيل احمد خانزاده، انجنئير نصرالله سومرو، انجنئير امام علي سومرو، انجنئير خالد احمد سومرو، انجنئير طارق احمد سومرو، انجنئير سيد رضوان علي شاه، انجنئير، عبدالرشيد سومرو، انجنئير علي شير سومرو، انجنئير ظفر اقبال سومرو، انجنئير عبيدالله سومرو، انجنئير عبدالرحمان سومرو، انجنئير عبدالقادر سومرو، انجنئير خالد احمد سومرو، انجنئير رفيق احمد سومرو، انجنئير مشتاق احمد سومرو، انجنئير مجيب الرحمان سومرو، انجنئير رضا محمد سومرو، انجنئير نعمت الله سومرو، انجنئير راحيل احمد سومرو، انجنئير منظور احمد سومرو، انجنئير ارشد علي سومرو، انجنئير محمد طيب سومرو، انجنئير غلام مرتضى سومرو، انجنئير نواز علي پيرزاده، انجنئير حاڪم علي سهتو، انجنئير سيد محبوب علي شاه، انجنئير راهب خان تيوڻو، انجنئير سليم تيوڻو، انجنئير منصور تيوڻو، انجنئير محمد اسلم تيوڻو.

[b]بينڪر[/b]
بينڪر محمد جمن ابڙو، بينڪر غلام محمد سهتو، بينڪرمحمد پريل کوکر، بينڪر محمد عمر سومرو، بينڪر دوست محمد عرف فراز سهتو، بينڪر احمد خان سولنگي، بينڪر محمد صديق سولنگي، الهه رکيو ’هيرو‘ پيرزاده، بينڪر عرفان احمد چوهاڻ، بينڪر واجد علي ٻٻر، بينڪر علي اصغر منگي، بينڪر اشفاق احمد بڙدي، بينڪر زاهد علي سومرو، محمد عارف تيوڻو، راشد سومرو، فهيم الحسن ڏهراج، رياض احمد موريو

[b]پوليس آفيسر
[/b]احمد خان نائچ ( ڊي ايس پي)، سڪندر علي وڳڻ (ڊي ايس پي) عبدالسميع سومرو (اي ٽي او)، پوليس انسپيڪٽر رئيس احمد خانزاده، پوليس انسپيڪٽر سيد عبدالطيف شاه، پوليس انسپيڪٽر انور الدين سولنگي، پوليس انسپيڪٽر نذير احمد ڏاهري، پوليس انسپيڪٽر آندل خان سومرو، انسپيڪٽر نثار احمد مغل.

[b]ائير هوسٽس
[/b]نسرين خانزاده

[b]سوشل ويلفئير آفيسر
[/b]سيد امتياز حسين، ارباب علي اڄڻ، سليم احمد سيال، سليم رضا خانزاده.

مظفر علي سهتو (بزنس ڊيولپمينٽ آفيسر، سي ايم پي پروجيڪٽ 2)
حاڪم علي جلباڻي (انچارج آفيسر ڪمپيوٽر سيڪشن سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو)

نوٽ: تمام گهڻا نالا رهجي ويا هوندا. جنهن لاءِ انهن دوستن کان معذرت ڪجي ٿي

ٺاروشاه بابت ڪجهه شاعري

---

واهه واهه شهر ٺاروشاه…

احسان ڪيو آهي پاڪ الله، واهه واهه شهر ٺاروشاه

نارنگيون، نمون، انب ۽ ڪيلا سايون ڀاڄين توريون ڪريلا،
ڪِيس ٿيو ويا ڪٽجي ٻيلا، ڪڍيا لٽيرن تن جا لاهه.
واهه واهه شهر ٺاروشاه
ريلوي اسٽيشن وئي ڪٽجي، تختا تاڙيون ويون پٽڙيون پٽجي
نوءَلکي به وئي لٽجي، جنهن جي هئا ڪپ تي ساوا گاهه
واهه واهه شهر ٺاروشاه
ڏڌ ۽ ڌونئرو، ماکيون مکڻ، ڌوٻي درزي لوهر ڊکڻ،
اولهه اوڀر، اتر ڏکڻ، مڇي آڻي رکن ملاح.
واهه واهه شهر ٺاروشاه
گيهه مٺايون سنڌي سچا، هٽ هوٽل پڪا ڪچا،
گهمن گهٽين ۾ ٻار ۽ ٻچا، سڏي اوطاق ۾ ڪن صلاح.
واهه واهه شهر ٺاروشاه
ڪئي قومون سنڌي ڀائر، سگهڙ اديب ثناگر شاعر،
گهڙا جوڙا، ڇڪين سا.ر، ڪاهن هر ۽ ڳاهن ڳاهه.
واهه واهه شهر ٺاروشاه
ڪٻڊي ڪوڏي، ملهه مدام، راڳي ميراثي صوفي عام،
گوبند مالهي چندر رام، ڪيون ادب ۾ ڪاهون ڪاهه.
واهه واهه شهر ٺاروشاه
طالبن هتان تعليم پرائي، سنڌي بلوچ، ڏهراج سرائي،
ڀر ۾ تن جي دڙو ڀرائي، ڪين پٽيو جنهن کي درياه.
واهه واهه شهر ٺاروشاه
مسجدون ’محمد حسن‘ منارا، اوشاقن جا اڏيل اوتارا،
نيلن ۾ هن نوري نظارا، ڌُٻي ٿي پئي هر درگاهه.
واهه واهه شهر ٺاروشاه
نه جيجل ڌرتي ڪنهن کي جهلي پئي، کوڙ خدا جي خلق پلي پئي،
هن امڙ جي هر جاءِ هلي پئي، ‘هڪڙا’ هند سنڌ ۾ ساراهه.
واهه واهه شهر ٺاروشاه

[b]ٺاروشاه واسي سنڌ جي مشهور سگهڙ محمد حسن هڪڙي صاحب، دوست شاهد سومري جي معرفت ڪتاب لاءِ شاعري موڪلي.)
[/b]

آهي جو ڪو داد ڪري! : محمد ملوڪ مستوئي

ٺاروشاه ٿو فرياد ڪري، آهي جو ڪو داد ڪري!
نؤلکي تي هئس اڏيل، باغ هئا مونکي چوڌاري ڦريل،
بجلي پاڻي هو مونکي پنهنجو، محتاج نه هئس مان ڪنهنجو،
اهي سک ساري پئي دلڙي جهري, آهي جو ڪو داد ڪري.

ويڪرا رستا محفلون متل، نمن جي هئس ڇانو ۾ پليل،
ماڻهو هئا سي ماکيون مصريون، ٻوليندي هئي بلبل ڪوئل.
جنڪشن جو هو جوش جلالي، سنڌو جي به سدائين اٿل،
ٿي نوري جي قبر ياد ڪري، آهي جو ڪو داد ڪري.

هئا عارب شاه جهڙا انسان هتي، امر محبت جو آستان هتي،
محمد فقير ۽ مور هتي، هئا نانگن جا نشان هتي.
غلام قادر ۽ امام علي، ماسٽر چندر ۽ گوبند مالهي،
ويا ملڪان ملڪ مشهور ڪري، آهي جو ڪو داد ڪري.

قاضي جو احسان مونتي ، علم وڌائي ڪيائين عام هتي،
ڏکن ۾ رهي ڪري ويو سکيو سڀني کي.
دنيا ۾ هتان جو ڪامورو اڄ ناز ڪري،
دل عبدالله کي ياد ڪري پئي آهون ڀري، آهي جو ڪو داد ڪري.

ٿيون سوڙهيون گهٽيون، ڀڳل ناليون، ٻڏل محلا پاڻي جا تلاءَ،
نه رهي گرڊ نه رهيو جنڪشن نه رهي محبت نه محبتن جا ميلا.
قبضي خورن جو آزار مونسان، ٻيو آهن موالين جا ميلا،
ٿيو نوجوان نابوت نشي ۽ جوا جي ڪري آهي جو ڪو داد ڪري.

نوجوان ٿا نيٽ تي مونکي ياد ڪن، عرض انهن کي مون لاءِ ڪجهه ڪم به ڪن
کنيون پنو پين ’ملوڪ مستوئيءَ‘ پارا شعر لکن،
ڊاڪٽر امداد ۽ رضا قاضي ٿا منهنجا ڳوڙها اگهن.
ڦٽ مون ۾ اٿو تازا ڀل مون ۾ گيس ٻري، آهي جو ڪو داد ڪري.

[b](مارچ 07، 2011 جي شام، علي ڪمپيوٽرس سينٽر تي سائين ملوڪ مستوئي صاحب شاعري ٻڌائي جيڪا لکي ورتم)
[/b]

ٺاروشاه (نظم)

سچن عاشقن جو شهر آه ٺاروشاه
خدا جو قسم موسمن ۾ بهار آه ٺاروشاه
هتي رهن ٿيون مختلف ذاتيون
رنگن جو نکار آه ٺاروشاه
نظر اچن هر طرف حسين چهرا
سڪون قرارن جو شهر آه ٺاروشاه

[b](24 سيپٽمبر 2010 تي ۾مظفر علي سهتي صاحب جو موڪليل ميسيج) [/b]

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/3GZvDUT.jpg[/img]