ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر, ليکڪ : علي رضا قاضي

ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر
ليکڪ : علي رضا قاضي
ڪيٽيگري : مختلف موضوع
ڇپيندڙ : علي پبلشرس ۽ ڪمپيوٽرس ٺاروشاه
شايع ٿيڻ جو سال : 2012
شامل ڪيو ويو : 2020-07-06
ڏِٺو ويو : 2511 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 340 ڀيرا
سنڌ جي تاريخي شهر ٺارو شاھ جي تاريخ، جاگرافي، اتان جي رھڻي ڪھڻي، شخصيتن ۽ ماڳ مڪانن بابت دستاويزي حيثيت رکندڙ ڪتاب جو ليکڪ ۽ محقق علي رضا قاضي آھي.
ھي ڪتاب خصوصن ٺاروشاه شهر جي مختلف شماريات تي مبني هڪ دستاويزي تحرير آهي. جيڪا بظاهر ته هڪ ننڍي، پر آئينده جي تاريخ نويسن لاءِ هڪ اهم ۽ بنيادي ڄاڻ جو ڪارڻ ٿيندي. علي رضا قاضيءَ جو هي قلمي پورهيو داد لائق آهي. هو خيرون لهڻي جو ٺاروشاه شهر جي هن معلومات کي دستاويزي طرز تي رقم ڪري هتان جي ماڻهن کي تاريخ جو حصو بڻائي رهيو آهي. هي ڪم دراصل اسان جي نوجوانن لاءِ به هڪ مؤثر ترغيب آهي ته هو پنهنجي پنهنجي حال وسائل ۽ محدود ڄاڻ جا بهانا بڻائي لکڻ کان نه لهرائن. مگر شروعات ڪري ڏين. ائين ’ڪڙو منجھه ڪڙي‘ جي مصداق هڪ راءِ جڙي پوندي جا ادب دوستن جي تعاون سان خاص اهميت اختيار ڪري سگھي ٿي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري مختلف موضوع مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ