ٺاروشاه ۾ ماسٽر چندر جو استقبال
سڄي دنيا ۾ ٺاروشاه جو گهڻو تعارف ماسٽر چندر ئي رهيو آهي. اها تاريخ جي وڏي بدنصيبي جو ٺاروشاه جو اهو عظيم تعارف هن شهر جي سڃاڻپ پنهنجي فن جي عروج واري وقت ۾ هتان بي گهر ٿي ويو. اهو ساڳيو چندر جيڪو پاڻ ٺاروشاه هو. سو اتهاس جي ظالم فيصلي جي اڳيان ڪنڌ جهڪايو ٺاروشاه ۾ مهمان ٿي اچي ٿو. پنهنجي گهر ۾ ئي مهمان۔۔ واهه ڙي وقت تنهنجا فيصلا۔۔۔۔!؟ ماسٽر چندر سال 1955ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ پنهنجي شهر ۾ پرديسن جيان آيو. اهي منظر ڪيڏا هنيانءُ ڏاريندڙ هوندا. قلم انهن لفظن جي لکڻ کان عاجز۔۔۔ انهيءَ هوندي ساڳي سال هالاڻي جو اديب محمد رمضان سهتو، خوشقسمتي سان ٺاروشاه ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان مقرر ٿي آيو هو. جنهن پنهنجي قلم کي تاريخ جي نوڪ تي جهلي اهو سڄو منظر قلمبند ڪيو. جيڪو پوءِ ڪافي سالن کانپوءِ سنڌيءَ جي رسالي ’مهراڻ مئگزين‘ ۾ ڇپيو. اسان هتي ٺاروشاه وارن جي معلومات لاءَ ان لکڻي جي ڪجهه حصن کي شامل ڪيو آهي. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
”انهيءَ ڏينهن ٺاروشاه ۾ اها ڳالهه واءَ جيان گهلي رهي هئي ته اڄ ماسٽر چندر اچي رهيو آهي. سندس اچڻ جو پروگرام فيڊر گاڏي وسيلي هو. جيڪا محرابپور کان پدعيدن وڃي رهي هئي. منجهند جو اٽڪل 12 وڳي ريل گاڏي ٺاروشاه جنڪشن تي پهتي. گاڏي مان هڪ ڀوري رنگ جو اڌڙوٽ شخص نمودار ٿيو. جيئن ته گاڏي ايتري ڊگهي نه هئي تنهنڪري مهمان جي سڃاڻپ جلد ۽ آساني سان ٿي وئي. سندس پويان سازندا ثابتي خاطر ڪافي هئا ۽ هڪ نينگر جنهن جي عمر 13 سال هوندي سو به گڏ هو. ٺاروشاه جي هڪ معزز شخصيت استاد عبدالله سومري وڌي ماسٽر چندر جو استقبال ڪيو. ماسٽر پينٽ ۽ شرٽ ۾ هو. اسٽيشن گيٽ تي پيار ۽ سڪ وچان شهرين جو هڪ وڏي انگ موجود هو. گاڏي مان لهي ٽانگي ۾ سوار ٿيڻ تائين کيس اٽڪل اڌ ڪلاڪ جو ٽائيم لڳي ويو. استاد عبدالله ساڻس گڏ ٽانگي ۾ سوار ٿيو ۽ سندس پويان ڪيترائي ٽانگا جلوس جي شڪل ۾ هلڻ شروع ٿي ويا.“ استاد محمد رمضان سهتو، جيڪو اڄ به هالاڻي جي ڀرسان ڳوٺ مرزاپور ۾ رهي ٿو، تنهن لکيو آهي ته ”کيس ٽانگن جي جلوس ۾ شهر آندو ويو. جيئن ته کيس ٺاروشاه ۾ صرف 24 ڪلاڪ ترسڻو هو. (ٺاروشاه جي ڪجهه پراڻن رهاڪن مطابق ماسٽر 3 ڏينهن هتي ترسيو هو) تنهنڪري استاد عبدالله سومري طرفان کيس شهر گهمڻ جي دعوت ڏني وئي. ليڪن مهمان جي پهرين خواهش اها هئي ته هن کي سندس گهر گهمايو وڃي. سندس انهيءَ اسرار تي ٽانگي کي هن جي گهرواريءَ گهٽيءَ ۾ بيهاريو ويو. ماسٽر چندر، گهر ۾ داخل ٿي پنهنجي هر هڪ ڪمري جو معائنو ڪرڻ لڳو. مون ڏٺو پئي ته سندس اکين مان نير جاري هئا. هر ڪمري گهمڻ بعد نلڪي تي آيو ۽ نلڪو هلائي ٻه ٽي ڍڪ پاڻيءَ جا پيتائين. استاد عبدالله کي التجا ڪيائين ته جيسيتائين آئون هتي آهيان، مونکي پنهنجي نلڪي جو پاڻي پياريو وڃي. هن مثالن سان سندس وطن جي حب جي پروڙ پئي ٿي.“
استاد محمد رمضان سهتو اڳتي لکي ٿو ته ”ان کانپوءِ کيس ٺاروشاه شهر جي گهٽي گهٽي گهمائي وئي. آخر ۾ مارڪيٽ واري جامع مسجد، جيڪا ان وقت تعمير هيٺ هئي ۾ آندو ويو. مسجد گهمڻ لاءِ ماسٽر چندر سان گڏ اسان به مسجد ۾ داخل ٿياسين. استاد عبدالله، مسجد جي اڏاوت لاءِ ورتل ڪوششن بابت چندر کي تفصيل سان ٻڌائي رهيو هو. ماستر چندر سندس ڪوشش جي مسڪرائيندي واکاڻ ڪري رهيو هو. ان کانپوءِ چندر کي آرام ڪرڻ لاءِ ٽڪاڻي تي هلڻ لاءِ چيو ويو. هجوم سان گڏ کيس ٽڪاڻي تي پڄائي ماڻهو گهر هليا ويا.“ محمد رمضان سهتو اڳتي راوي آهي. ”جيئن ته ايندڙ رات جو هاءِ اسڪول گرائونڊ تي راڳ رنگ جي محفل جو انتظام ڪيل هو، تنهنڪري سڀڪو انهن گهڙين جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳو. آخر انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. رات آئي شوقين هاءِ اسڪول گرائونڊ تي پهچڻ شروع ٿي ويا. حاضرين جو هڪ اٿاهه سمنڊ نظر پئي آيو، جيڪي پري پري جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن مان ڪهي آيا هئا. ماسٽر چندر جي هڪ جهلڪ ڏسڻ ۽ کيس ٻڌڻ لاءِ آتا هئا. سامهون هڪ وڏي اسٽيج تيار ڪئي وئي هئي. جنهن تي ماسٽر پنهنجي سازندن سان گڏ ويٺو هو. محفل جي شروع ڪرڻ لاءِ ميزبان، عوام کي ضابطي جون اپيلون ڪري رهيا هو. محفل جو آغاز ٿيو. جڏهن محفل اوج تي پهتي ته شوقين پنهنجي پنهنجي خيال مطابق فرمائشون ڪرڻ لڳا، جن مان ڪجهه پوريون ٿيون. ماسٽر چندر پنهنجي فن ۽ ثقافت جو ثبوت ڏيندي حاضرين کي يڪجا راضي ڪرڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪيو ته هاڻي آئون سڀني جي اڳيان سنڌ جي هڪ نئين سوکڙي ڪلام جي صورت ۾ پيش ڪندس جيڪا آئون هندستان کان ٺاهي کڻي آيو آهيان. رڪارڊ به نه ڪرايو اٿم. اميد ته اوهان سڀني کي پسند ايندو. انهيءَ تي هجوم جو ڌيان ڇڪجي ويو گوڙ پڻ گهٽيو. سڀڪو هڪ ڪنو ٿي ڪلام ٻڌڻ لڳو. ماسٽر چندر جي ’ايٽ اڃا مان ننڍڙي آهيان. وڏي به نيٺ ته ٿيندس‘ جي ڪلام حاضرين جي واهه واهه سان دليون کٽي ورتيون. انهيءَ ڪلام پوري ٿيڻ کانپوءِ عبدالله سومري طرفان سندس هٿ جو ٺاهيل رومال پيش ڪيو ويو. انهيءَ بعد محفل جي پڄاڻي ٿي.“