ٺاروشاه جو ماضي بعيد: ڀرائيءَ جو دڙو
پاڻ جيڪڏهن ڀرائيءَ جي دڙي کي ٺاروشاه جو ماضي بعيد ڪوٺيون ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ٺاروشاه کان اوڀر پاسي هڪ ڪلوميٽر ڏور هن وسندي جو آخري نشان دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هن دڙي تي ڀرائيءَ جو نالو ماضي قريب جو معلوم ٿئي ٿو. سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جي شروعاتي دؤر يعني سورهين صدي جي پڇاڙي ۾ سڄي سنڌ جيان هتان جي مقامي ماڻهن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي. ساهتي پرڳڻي ۾ اها مزاحمت جيڪا بعد ۾ گوريلا جنگ ۾ تبديل ٿي وئي، ان جا تاريخ ۾ ٻه مکيه ڪردار ملن ٿا. جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر به هئا. هڪ ڄام ههيو جنهن جي جاگير هڱورجا ۽ ڪوٽڙي محمد ڪبير جي آس پاس هئي، ٻيو دائود پور جو ڄام محمد، جيڪو ساهتيءَ جو سردار هو. ان جو گاديءَ جو هنڌ دائود پور، هن وقت ٺاروشاه کان مڃٺ ويندڙ رستي تي تڳرن جي ڀرسان هڪ دڙي جي شڪل ۾ موجود آهي. مغلن، ڄام هيي کي اغوا ڪرڻ بعد ماري هن جو لاش گم ڪري ڇڏيو ۽ علائقي ۾ اها ڳالهه پروپيگئنڊا جي صورت ڦهلائي ته هو انتهائي ظالم هو. انهيءَ ڪري هن کي ملائڪ ماري لاش آسمان ڏانهن کڻي ويا. جڏهن ته ڄام محمد، مغلن سان هڪ جهڙپ جي نتيجي ۾ مارجي ويو.
ڄام محمد کانپوءِ هن جي ستن ڌئيرن گوريلا جنگ جي ڪمان پنهنجي هٿ ۾ کنئي هئي. انهن مان ستين ڀرائي هئي. ساهتي جي اها عظيم عورت ٺاروشاه کان ٻاهر مغلن جي مٿان ٿيل هڪ راتاهي ۾ قتل ٿي وئي. جنهن کان پوءِ هن جي ساٿين هن جي قبر ان دڙي تي ٺاهي. اهڙي نموني ان دڙي جو نالو ڀرائي جو دڙو پئجي ويو. ٻي اسٿاني روايت موجب مغلن جڏهن ڄام محمد جي گهر تي حملو ڪيو ۽ ان ۾ گهر جا سڀ مرد مارجي وڃن ٿا ته اتي موجود عورتن آسمان ڏانهن منهن ڪري پنهنجي عزت محفوظ رکڻ لاءِ دعا گهري، جيڪا اگهاڻي. انهيءَ جڳهه تي زمين ڦاٽي پئي ڪجهه بيبيون ته ان ۾ هليون ويون جتي هاڻي ستين جو آستان آهي. جڏهن ته ڪن کي قدرت طرفان اڏامڻ لاءِ پر ملي ويا. هو ڀڙڪو کائي اڏامي ويون. انهن مان ٻه عورتون بيبي سونَ ۽ ساران دليپوٽن کان نوشهري ويندڙ رستي تي ڳوٺ حاجي بيگ محمد پهنور جي ڀرسان لٿيون هنن جو مدفن به اتي ئي ٿيو. اڄ به اهو مقام سون ساران جو قبرستان سڏجي ٿو. جڏهن ته ٻي بيبي جنهن جو نالو ڀرائي هو اها ٺاروشاه ڀرسان ان دڙي تي لٿي، جنهن جڳهه تي بعد ۾ هن جي قبر موجود آهي.
اهي ته ڀرائيءَ جي دڙي جي نالي بابت ڪجهه ڏند ڪٿائون آهن. جڏهن ته مان اها ڳالهه يقين سان لکان ٿو ته هي دڙو مغلن جي سنڌ مٿان حاڪميءَ کان گهڻو اڳ جو آهي. هن وقت به جڏهن توهان ڀرائي جي دڙي کي هوائي رستي موهن جي دڙي سان مفاصلي ۾ آڻيندا ته انهن ٻنهي جو مفاصلو فقط 22 ڪلوميٽر ملندو. جڏهن ته پاڻ پنهنجي شينهن درياه بابت ان حقيقت کان آگاهه آهيون ته سنڌو دنيا جي اها واحد ندي آهي جيڪا پنهنجو رستو بدلائيندي رهندي آهي. منهنجي ذاتي خيال مطابق ٺاروشاه جي ڀرسان موجود هي دڙو انهيءَ وقت يعني اڄ کان هزارين سال اڳ موهن جي دڙي جي، جيڪو تڏهن جو شاندار شهر هوندو، نواحي وسندي هئي. نه رڳو ڀرائيءَ جو دڙو پر ان جي ڀرسان اتر طرف هڪ ٻيو دڙو به موجود آهي جنهن مان اها ثابتي ملي ٿي ته موهن جي دڙي جي آس پاس ڪيترائي ٻيا ننڍا وڏا شهر آباد هئا. مان ٻه ڀيرا انهيءَ دڙي تي تحقيق سانگي ويو آهيان. اتان جي مقامي ماڻهن مطابق جڏهن برسات ٿئي ٿي ته دڙي مان ڪيتريون ئي ناياب شيون ظاهر ٿين ٿيون جيڪي بعد ۾ ضائع ٿيو وڃن. انهن شين ۾ چانديءَ ۽ ٽامي جا سڪا ۽ پراڻا ٿانوءَ شامل آهن.
هڪ ڳالهه نهايت اهم ته هاڻي ان دڙي کي قبرستان بنايو ويو آهي. ڀرپاسي ۾ رهندڙ ذاتيون جن ۾ جانوري، ٻٻر، وڳڻ شامل آهن پنهنجن مُردن کي دڙي تي دفنائين ٿا. انهن مان ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته قبرن جي کوٽائيءَ دؤران هنن کي ٻين شين سان گڏ ڪيترائي اهڙا لاش مليا آهن جن مان پتو پوي ٿو ته هو ڪو ڪم ڪندي مري ويا هجن. ڪو ماڻهو ويٺو آهي ته ڪنهن جو لاش بيٺل حالت ۾ ملي ٿو. جنهن ۾ اسان اهو اندازو به آسانيءَ سان لڳائي سگهون ٿا ته اهي سڀ نشانيون موهن جي دڙي ۾ به هيون، جتي ڪم ڪار ۾ رڌل ماڻهن جا لاش مليا آهن. هاڻي اميد آهي ته پاڻ ان نتيجي تي با آساني پهچي وينداسين ته هي دڙو موهن جي دڙي سان گڏ آَباد هو ۽ تباهه به موهن جي دڙي سان ئي گڏ ٿيو آهي. قوي امڪان هي به آهي ته هڪ زبردست زلزلي هن سڄي علائقي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو هوندو. اهڙو خطرناڪ زلزلو جنهن ۾ ماڻهن کي پنهنجي پوزيشن بدلائڻ جي مهلت به نه ملي سگهي هجي.
خير! ڀرائيءَ جي دڙي تي اسان کي تحقيق لاءِ سائنس جي مدد درڪار آهي. مان شاه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ قديم آثارن جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ پروفيسر غلام مصطفى شر سان ٻه ڀيرا ملاقاتون ڪري هن کي ڀرائيءَ جي دڙي تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي دعوت ڏئي چڪو آهيان. مان جڏهن شر صاحب کي ڀرائي جي دڙي بابت ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون ته هن تجسس ۽ حيرت جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجو ڀرپور شوق ظاهر ڪيو ته هو ڀرائيءَ جو دڙو گهمڻ چاهيندو پر انهيءَ کي به 8 مهينا پورا ٿيڻ تي آهن، اڃا تائين شر صاحب ٽائيم نه ڏئي سگهيو آهي. مٿي لکيل مضمون ۾ منهنجو نج مقصد هي آهي ته ٺاروشاه جي ماضي يا جنهن کي پاڻ قديم ٺاروشاه چئون، اهو ڀرائيءَ جو ئي دڙو آهي. جنهن تي اڄ به ٺاروشاه واسين کي ناز هجڻ گهرجي ته هو هڪ زبردست ماضيءَ جا مالڪ آهن.