ٺاروشاه، جتي هڪ نانگو راڄ ڪري ٿو
ٺاروشاه جي تاريخ بزرگن ۽ درويشن جي تاريخ آهي. هن شهر جا اهي ڀاڳ جو چئني طرفن کان بزرگن جون مزارون هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ائين جهليو بيٺيون آهن، جيئن ڪو عاشق پنهنجي چنچل محبوبا کي ساهه ۾ سانڍي ويٺو هجي. هن شهر جي هڪ خاص ڳالهه جنهن تي هن مهل تائين عام ماڻهوءَ جو شايد ڌيان نه ويو هجي ته هن وسنديءَ ۾ هميشه کان هڪ الف اگهاڙو درويش پنهنجي سڀني جسماني خواهشن جي مٿان غالب ٿي شهر جي اهل دل ماڻهن جي مٿان حاوي رهيو آهي. ڪو زمانو هو جو هتي ڇُٽي فقير نالي هڪ نانگو درويش رهندو هو. جيڪو هڪ ڏينهن اوچتو ئي گم ٿي ويو! هتان جي ماڻهن کي هن جي باري ۾ ڪا به خبر نه پئجي سگهي. انهيءَ کان اڳ به هن شهر واسين کي ڇٽي فقير جي باري ۾ ڪا معلومات نه هئي ته هو ڪٿان آيو هو، ڪير هو؟ بس هتان جي شهرين لاءِ هو ننگ ڌڙنگ، بي باڪ نانگو هو. جيڪو هن شهر ۾ مهمان هو. ڪجهه ڏينهن ترسڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ روانو ٿي ويو. ڇٽي فقير کانپوءِ انهيءَ جي جاءِ مامي گلوءَ عرف گل فقير والاري. مامو گلو، ٺاروشاه ويجهو موٽملن جي ڳوٺ جو رهواسي آهي. سياري جون قاتل راتيون هجن يا اونهاري جون قهاري منجهندون، مامو گلو پيرين اگهاڙي، جسم تي بنا چيڙهه سفر ۾ روان دوان۔۔۔۔۔۔ هن جو مسڪن ڪڏهن دليپوٽا ته ڪڏهن مٺياڻي به پهچيو وڃي. شهر واسين توڻي ڀرپاسي جي ماڻهن وٽ هن جي لاءِ ڪيتريون معجزا نما ڳالهيون آهن. پاڻ انهن تي بيان يا تبصري ڪرڻ کانسواءِ اهو چئي اڳتي وڌون ٿا ته اها عشق جي دنيا آهي ۽ پاڻ عقل جا ماڻهو آهيون. ڪجهه سال اڳ مامو گلو، هڪ خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ۾ پنهنجون ڄنگهون زخمي ڪرائي ويٺو. هاڻي هو پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر رهي ٿو. ٺاروشاه جي پوسٽ آفيس جو انچارج ۽ خليفو شاهنواز سهتو مامي گلو تي عاشق آهي. اڪثر هن جي ڳوٺ وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مامي کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي ٺاروشاه به گهمائڻ اچي ٿو.
مامي گلوءَ جي ايئن زخمي ٿي ويهڻ کانپوءِ ٺاروشاه ۾ ڄڻ نانگي فقير جي ’ويڪنسي‘ خالي ٿي وئي هئي. جيڪا قدرتي طور ڪجهه ڏينهن ۾ ٺاروشاه جي ڀرسان ڏاهرين جي ڳوٺ جي هڪ نينگر گُجي فقير ولد مور ڏاهريءَ ڀري ورتي. هن الف اگهاڙي درويش جو به ٺاروشاه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ مامي گلوءَ جيان رات ڏينهن گشت جاري آهي. چئي سگهجي ٿو ته ٺاروشاه تي هاڻي انهيءَ نانگي يعني گجي فقير جو راڄ آهي.
ٺاروشاه جي انهن ننگ ڌڙنگ نانگن کانسواءِ هري پور جي انهيءَ نيم اگهاڙي خانزادي همراهه جو ذڪر نه ڪرڻ به ٺاروشاه جي تاريخ سان ويساهه گهاتيءَ جي مترادف هوندو. جنهن کي الائي ته ڪهڙي لونءَ لڳي جو پنهنجو سڄو ڪاروبار تياڳي گهر کان ٻاهر هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ ويهي رهيو. هن کي اتي ويٺي 10 سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. هو جنهن کٽ تي سمهندو هو هاڻي اها کٽ به ڇڄي وئي آهي ۽ هو کٽ ۾ اندر داخل ٿي ڏينهن رات ويٺو رهي ٿو. هنجي جسم تي به اهي ساڳيا ڪپڙا آهن. جيڪي انهيءَ جڳهه تي ويهڻ کان اڳ هن کي اوڍيل هئا. انهن جون به چٿريون لهي چڪيون آهن. هو هاڻي نيم اگهاڙو ٿي چڪو آهي. مٺياڻي روڊ تان ايندڙ ماڻهو جڏهن جنڪشن کي ڪراس ڪن ٿا ته ساڄي پاسي اهو همراهه ويٺل نظر ايندو. ڪجهه اهل دل ماڻهو هن جي ڀرسان بيهي فقير سان رهاڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا. ڪن سان هو ڳالهائڻ پسند ڪري ٿو ته ڪن کي ڏسي منهن مٽائي ڇڏي! بس قدرت جا رنگ آهن. انسان بيوس آهي.
باقي هڪ ڳالهه پڪي ته هن شهر جي ڀاڳ ۾ هڪ نانگو ضرور آهي. ڪڏهن ڇُٽي فقير جي صورت ته ڪڏهن مامي گلوءَ جي وجود ۾ ته ڪڏهن گُجي فقير جي روپ ۾ ته ڪڏهن هري پور جي انهيءَ همراهه جي شڪل ۾۔۔۔۔۔۔