مختلف موضوع

ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر

سنڌ جي تاريخي شهر ٺارو شاھ جي تاريخ، جاگرافي، اتان جي رھڻي ڪھڻي، شخصيتن ۽ ماڳ مڪانن بابت دستاويزي حيثيت رکندڙ ڪتاب جو ليکڪ ۽ محقق علي رضا قاضي آھي.
ھي ڪتاب خصوصن ٺاروشاه شهر جي مختلف شماريات تي مبني هڪ دستاويزي تحرير آهي. جيڪا بظاهر ته هڪ ننڍي، پر آئينده جي تاريخ نويسن لاءِ هڪ اهم ۽ بنيادي ڄاڻ جو ڪارڻ ٿيندي. علي رضا قاضيءَ جو هي قلمي پورهيو داد لائق آهي. هو خيرون لهڻي جو ٺاروشاه شهر جي هن معلومات کي دستاويزي طرز تي رقم ڪري هتان جي ماڻهن کي تاريخ جو حصو بڻائي رهيو آهي. هي ڪم دراصل اسان جي نوجوانن لاءِ به هڪ مؤثر ترغيب آهي ته هو پنهنجي پنهنجي حال وسائل ۽ محدود ڄاڻ جا بهانا بڻائي لکڻ کان نه لهرائن. مگر شروعات ڪري ڏين. ائين ’ڪڙو منجھه ڪڙي‘ جي مصداق هڪ راءِ جڙي پوندي جا ادب دوستن جي تعاون سان خاص اهميت اختيار ڪري سگھي ٿي.
Title Cover of book ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر

الغزالي لائبرري

الغزالي لائبرري

’الغزالي لائبرري‘ اسلامي دنيا جي وڏي اڪابر ابو حامد محمد بن محمد الغزاليءَ جي نالي تي ٺاروشاه ويجهو ڳوٺ ساند ۾ 1983ع ڌاري وجود ۾ آئي. هن لائبرري جي قيام جي پويان پروفيسر نعمت الله سومري صاحب جو رت ست شامل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ آئون ذاتي طور سائين نعمت الله جي دعوت تي لائبرري جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو. ’زيارت ۽ شرف‘ جا لفظ ان لاءِ استعمال ڪري رهيو آهيان جو منهنجي ويجهو ڪتابن کان وڌيڪ انسان جو ڪو پير و مرشد نه آهي. سچي ڳالهه ته هي به آهي جو لائبرري ۾ داخل ٿيڻ شرط منهنجي دماغ ۾ انهيءَ جو جيڪو تصور هو سو ڏينهن ۾ تارن جيان گم ٿي ويو. منهنجو خيال هو ته لائبرري ۾ چند سؤ ڪتاب هوندا، پر وڃ! هتي ته 25×30 فوٽن جو هڪ ڪشادو ڪمرو چئني پاسن کان ڪتابن سان سٿيل هو. لائبرري ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ منهنجو دوست نعمت الله سومرو مونکي مختلف ڪتابن بابت ٻڌائي رهيو هو. جڏهن ته منهنجو وات انهيءَ ڳوٺاڻي جيان پٽيل هو، جيڪو پهريون ڀيرو شهر ۾ ايندو آهي. ها! منهنجي سامهون هي راز به ان ڏينهن عيان ٿيو ته ڳوٺ ساند جا سومرا ايتري گهڻي تعداد ۾ ڊاڪٽر، انجنئير ۽ ٻين اهم سرڪاري توڻي غير سرڪاري عهدن تي ڪئين فائز آهن؟ ظاهر ڳالهه آهي ته جن ماڻهن کي ڪتابن سان عشق جي حد تائين لڳاءُ هوندو اهي هن دنيا ۾ به ڪامياب آهن ته آخرت ۾ به انهن جي ئي سرسي ٿيندي. بيشڪ ساند واسين وٽ ويڙهه لاءِ ڪي به رائفلون، بندوقون، راڪيٽ لانچر نه آهن پر ڪتابن جي صورت ۾ اهڙا زبردست هٿيار جن جي زور تي هنن سڄي دنيا ۾ پنهنجو تعارف ’پڙهيلن جو ڳوٺ‘ طور ڪرائي ورتو آهي. مان سائين نعمت الله سومري صاحب سان لائبرري جي ڪتابن جو درشن ڪندو رهيس. پاڻ مونکي رسول بخش تميمي ۽ ولي رازي جا ڪتاب محمد رسول الله ﷺ ۽ هادي ِعالم ڏيکاريائون، جيڪي ادب جا ان ڪري شاهڪار مڃيا وڃن ٿا جو ٻئي ڪتاب غير منقوطه يعني جنهن ڪتاب ۾ ڪو به نقطو نه هجي آهن. انهن ٻنهي شاندار ڪتابن کان پوءِ جيڪي پاڻ پيغمبر جي سوانح شريف تي آهن. سائين سومري صاحب مونکي اسلامڪ پيڊيا اردو جا 24 جلد ڏيکاريا جيڪو ڪم به اسلامي دنيا ۾ انتهائي اهميت جو حامل آهي. لائبرري ۾ قرآن پاڪ جو 10 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمن جا نسخا موجود هئا. انهيءَ کانسواءِ مخدوم نوح جو فارسي ۾ قرآن جو ترجمو، جيڪو شاه ولي الله جي ترجمي کان 200 سان اڳ جو آهي، موجود مليو. جڏهن ته اها دعوا ڪئي ويندي آهي ته شاه ولي الله جو ترجمو ننڍي کنڊ ۾ قرآن شريف جو پهريون ترجمو آهي. ڳوٺ ساند ۾ موجود ڪتابن جي هن شهر ۾ مونکي شيخ اياز، نجم عباسيءَ، استاد بخاريءَ ۽ عطامحمد ڀنڀري سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ناليارن اديبن جا سڀ ڇپيل ڪتاب نظر آيا. نعمت الله جي پڻ اها دعوا هئي ته انهن اديبن جا سڀ ڪتاب هن جي لائبرري ۾ موجود آهن. منهنجي هڪ محتاط اندازي موجب الغزالي ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ڪتاب آهن. جنهن جي بعد ۾ پروفيسر نعمت الله پڻ تصديق ڪئي. لائبرري ۾ موجودگي دوران منهنجي حيرتن جي انتها ٿيندي رهي ته ڪهڙي ريت سائين سومري صاحب هن لائبرري کي هيتري ترقي وٺرائي آهي؟ جڏهن اهو سوال منهنجي ذهن جي ڪينواس تان ڦري زبان تي آيو ته نعمت الله جو جواب هو ته استاد محمد ڇٽل ڏاهريءَ پاران ڀرپور همٿ افزائي جي ڪري هن کي ڪتابن سان سنگت رکڻ جو شوق جاڳيو. منهنجي پاران اهو سوال پڇڻ ته هن وٽ لائبرري هلائڻ يا وڌائڻ جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ جنهن تي سائين اعتماد واري لهجي ۾ چيو ته هن پنهنجي پگهار مان هر مهيني ڪجهه پئسا لائبرري جي واڌاري لاءِ رکيا آهن. پگهار جي ڳالهه تان آيو ته سائين نعمت الله سومرو صاحب، ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز ۾ انگريزي ادب جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي. بنيادي طور سائين اليڪٽرڪل انجنئير آهي پر علم جي چاهه ۾ ٽيچنگ کي پنهنجي شعبي طور چونڊيو. جڏهن ته هن عظيم ڪم ۾ سندس ڳوٺ وارا خاص ڪري سائين پروفيسر هارون سومرو، سندس پٽ انجنئير نصرالله سومرو، ڊاڪٽر ممتاز سومرو ساڻس ٻانهه ٻيلي آهن. نعمت الله صاحب، پنهنجي ڳوٺ واسي سيف الله ساند جيڪو هاڻي آسٽريليا ۾ مقيم آهي جي هڪ ڳالهه ٻڌائي مرڪي پوي ٿو، جڏهن سالن کانپوءِ سيف الله، آسٽريليا کان واپس ڳوٺ آيو ته هن لائبرري جي وزٽ کانپوءِ 10 هزارن جو چيڪ سائين کي لائبرري جي امداد طور ڏنو پر سائين نعمت الله خودداريءَ جو مظاهرو ڪندي اهو چئي چيڪ واپس ڪيو ته هو پنهنجي حال آهر هن لائبرري کي هلائي رهيو آهي. بهتر رهندو ته پئسن جي بجاءِ ڪتابن جي صورت لائبرري جي مدد ڪئي وڃي. خير ڪيئن به آهي پر اها حقيقت سج جيان ظاهر آهي ته هن لائبرري جي عظمت جو انڪار ڪنهن به ريت ممڪن نه آهي. بس خدا تعالى خوش رکي پروفيسر نعمت الله سومري صاحب کي جنهن جي ڀرپور ڪوششن سان 1983ع ۾ علم جي کيتي ۾ پوکيل هڪ ننڍو ٻوٽو وڏي بڙ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي ۽ پوءِ سوين علم جا پياسا هن جي ڇانوءَ ۾ ويهي پنهنجي اڃ اجهائي رهيا آهن.