ٺاروشاه ۾ مارشل لا
سڄي ملڪ، خاص ڪري سنڌ لاءِ انتهائي ڪڙي امتحان جو دؤر هو. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سنڌ جون سموريون محروميون ماڻهن جا سينا ڦاڙي ٻاهر نڪري اينديون. ’پاڪستان جو مطلب ڇا؟ ڦاهيون ڦٽڪا مارشلا‘ جو نعرو هر سنڌ واسي جي زبان تي هو. هتان جي ئي ٻهڳڻي شاعر منظور سولنگيءَ جو ڪلام ”مَنهنِ، ڇپرن، لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون، فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون.“ پنهنجي سڀني تواناين سان عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو هو. ان سڄي لقاءَ ۾ ساهتيءَ جو هي سهڻو شهر به لاتعلق نه هو. هتان جي سياسي ڪارڪنن کان وٺي عام ماڻهو تائين هر ماڻهو روڊن تي نڪتل هو. هي اهو دؤر هو جڏهن سنڌ ۾ مارشلا جي خلاف هلچل ننڍي کنڊ ۾ گذريل صدي جي وڏي مان وڏي تحريڪ جو رخ اختيار ڪري ورتو هو. جنهن جي پويان مکيه ڪارڻ سنڌي ماڻهن جي آزاديءَ واري جبلت ۽ اهو احساس محروميءَ جو جذبو هو، جيڪو هنن جي محبوب اڳواڻ شهيد ذوالفقار ڀٽي جي عدالتي قتل جي صورت ۾ ظاهر ٿيو هو. سڄي سنڌ وانگي ٺاروشاه جي ماڻهن ۾ به ڪروڌ جي اهڙي ته خطرناڪ لهر پيدا ٿي وئي، جنهن کي ڏسي اهو آساني سان اندازو ڪري سگهجي پيو ته ٺاروشاه ڄڻ باهه جي شعلن جي ور چڙهي ويو آهي. ٺاروشاه ۾ هڪ پاسي ته عباس باغيءَ جي شاعري ماڻهن ۾ نئون روح ڦوڪي رهي هئي ته ٻئي طرف شهيد ڀٽي جا هيرا ورڪر (شهيد ڀٽي پنهنجي پارٽي جي ڪجهه خاص ڪارڪنن کي هيرو جي نالي تي سڏيندو هو) پنهنجي ڀرپور عوامي طاقت سان گهٽين ۾ پکڙيل هئا. خانصاحب الهڏني موريي کان دليپوٽا جي ميان مولابخش پيرزادي تائين هر ڪارڪن بم ۽ گولو هو. هونءَ ته سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ 1983ع ۾ پنهنجا پر پکيڙيا پر ٺاروشاه ۾ هي هلچل 1979ع ۾ ئي شروع ٿي وئي، جڏهن شهيد راڻي ۽ تڏهن جي آنسه بينظير ڀٽو ٺاروشاه ۾ نور محل سئنيما ڀرسان هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪري واپس وڃي رهي هئي ته رسول آباد وٽ محترمه کي گرفتار ڪيو ويو. اها ڳالهه جڏهن ٺاروشاه واسين کي خبر پئي ته شهر جي هر گهٽي مزاحمت جو هڪ اهڙو استعارو ٿي وئي. جنهن ۾ مرڻ ۽ مارڻ کانسواءِ ڪا به ڳالهه قبول ناهي هوندي. مطلب ته ٺاروشاه کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر مان ايم آر ڊي جو سِلو ڦٽي نڪتو، جيڪو بعد ۾ وڏو وڻ ٿيو. پوءِ انهيءَ وڻ جي پاڙ ڪنهن ڪٽي، ٽاريون ڪنهن ڇانگهيون، ٿڙ تي وار ڪنهن ڪيو؟ اهو فيصلو تاريخ ڪري ڇڏيو آهي. ايم آر ڊي (موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي) حقيقت ۾ ماڻهن جي انهيءَ فرسٽريشن جو نتيجو هئي، جيڪو هو سالن کان سيني ۾ سانڍي ويٺا هئا. ٺاروشاه ۾ اهو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن هتي روزانه جلوس نه نڪرن. هڪ پاسي عوام جي مزاحمت پنهنجي عروج تي هئي ته ٻئي پاسي رياست پنهنجي ڀرپور طاقت سان ان کي بدمست هاٿيءَ جيان پيرن ۾ لتاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ظهور ٻٻر کي ڪوڙن جي سزا آئي، خانصاحب الهڏنو موريو، عباس باغي، قربان ڏهراج، عبدالقيوم ڏهراج، امجد پٺاڻ، رمضان مڪراني، عبدالله منگي، ارباب وڳڻ، ملوڪ جانوري، فيض محمد پهنور. الاهي بخش پيرزاده، علي گوهر پهنور، زنوار ولي محمد پهنور، نبن خان مستوئي، الهه بچايو مستوئي، محرم جانوري، محمد عمر چنا ۽ محمد خان مسرور پنائي سميت سون جي انگ ۾ گرفتاريون ٿيون. مطلب ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ٺاروشاه واسين جو ڪردار آزاديءَ جي انهن سپاهين وانگي هيو، جيڪي جنگ جي پهرين محاذ تي دشمن سان مهاڏو اٽڪائيندا آهن.