استاد عبدالله سومرو
ٺاروشاه ۾ جيڪڏهن پاڻ، فن خطاطي ۽ مصوري لاءِ ڪنهن شخص جي چونڊ ڪيون ته اسان جي ذهنن ۾ بي اختيار سائين عبدالله سومري جو نالو اچي ويندو. پاڻ ٺاروشاه هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر هو.
هن ماڻهو جون ڪهڙيون خوبيون بيان ڪجن. ڇاڪاڻ ته هي سراپا سماجي خدمتگار هو. ڀلا ايئن به ڪير ڪندو جو پنهنجي راتين جون ننڊون ڦٽائي ڊرائينگ ڪري وري اهي شاهپارا پنهنجي ڪلهن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد پڄائي، انهن کي ڪامورن وٽ وڪرو ڪري، حاصل ٿيل موڙي غريب شاگردن کي پڙهائي لاءِ مدد طور ڏئي.
اهو سڀ ڪمال اسان جي سهڻي شهر جي هن سهڻي شخص سائين عبدالله سومري جو ئي هو. ڪو زمانو هو جو اسان جي ٺاروشاه جي هن فنڪار جا فني شاهڪار ضلعي ڪائونسل نوابشاه سميت ٻين ڪيترن ئي آفيسن ۾ رکيل هوندا هئا.
عبدالله سومري جو هڪ پاسو ته فنڪار وارو هو جڏهن ته ٻئي پاسي هن جي دين اسلام سان محبت ڪنهن به دليل جي محتاج نه هئي. شهر جي جامع مسجد جي تعمير ۾ سائين جي ڪردار کان هر ماڻهو واقفيت رکي ٿو. هڪ روايت موجب سائين سومري صاحب هڪ بهترين چادر پينٽ ڪري، ڀٽ ڌڻي جي ميلي تي، تڏهن جي وزير اعلي عبدالستار پيرزادي کي 7 هزارن ۾ وڪرو ڪري ڏني. ان مان حاصل رقم مسجد جي تعمير ۾ لڳائي ڇڏيائين.
عبدالله سومرو، ٺاروشاه جو اهو عاشق هو جنهن قاضي غلام علي جي صلاح سان پنهنجي موڀي پٽ غلام رسول سومري کي روينيو کاتي جي هڪ اعلى عهدي تان استعفى ڏياري ٺاروشاه هاءِ اسڪول ۾ استاد جي نوڪري ڪرڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته ورهاڱي کانپوءِ شهر جي تعليم جي حالت بدتر ٿي وئي هئي ۽ سلام انهيءَ عظيم پٽ کي جنهن شهر ۾ تعليم جي حالتن کي اڳيان رکندي هاءِ اسڪول ۾ استاد جي نوڪري اختيار ڪئي. سائين غلام رسول سومري صاحب ٺاروشاه مان هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽائرمنٽ حاصل ڪئي. جيڪڏهن هو روينيو جي نوڪري نه ڇڏي ها ته ضرورو ڪمشنر جي پوسٽ تان پنهنجي نوڪري جي پڄاڻي ڪري ها. سائين عبدالله سومري پنهنجي ٻئي پٽ سائين غلام سرور سومري کي به هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ جو چيو. جنهن سائين جون خدمتون به وسارڻ جوڳيون نه آهن
عبدالله سومرو، هڪ مصور سان گڏ اديب به هو. ’قيمتي قول‘ نالي هڪ اخلاقي ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو سن 1952ع ۾ ’محمد يوسف اينڊ برادرز‘ حيدرآباد وارن ٻن حصن ۾ شائع ڪرايو. عبدالله سومرو، اسان کان 6 فيبروري 1956ع ۾ هميشه لاءِ موڪلائي، پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو. سندس مرقد ٺاروشاه جي ڪَمن فقير جي مقام ۾ آهي.