مولوي فيض الڪريم
ٺاروشاه جي ڀرسان ساندن جي ڳوٺ جو رهواسي مولوي فيض الڪريم پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو عالم فاضل ٿي گذريو آهي. هن ماڻهوءَ جي زندگي حق ۽ سچ تي هلڻ جي ڪري سدائين تضادن جو شڪار رهي!
مولوي صاحب جا وڏا اصل ۾ خيرپور رياست جي پير ڳوٺ ڀرسان ويٺل هئا، جتان لڏي اچي ساندن ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. سائين حامد خانائيءَ جي تحقيق مطابق فيض الڪريم ذات جو اعواڻ هو، پر ساندن ۾ رهڻ جي ڪري ساند سڏجڻ ۾ آيو. مولوي فيض الڪريم شروعاتي تعليم پنهنجي والد مولوي عيسى وٽ ساندن ۾ حاصل ڪئي. جتان پوءِ وڌيڪ تعليم جي حصول لاءِ ميهڙ جي ويجهو ڳوٺ فيض محمد آگري ڏانهن رک رکيائين. هتي سندن استاد مولوي ميان محمد آگرو هو. جنهن کان پاڻ ديني تعليم سان گڏ تاريخ جو علم پڻ پرايائين.
مولوي فيض الڪريم، جو حافظو قهر جو هو. جديد دنيا ۾ انهيءَ شخص جي ياداشت کي فوٽوگرافڪ ميمري سڏيو ويندو آهي. جيڪو ڪنهن به شيءِ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ کانپوءِ ان کي پنهنجي حافظي ۾ محفوظ ڪري ڇڏي. بيشڪ ٺاروشاه جي هن عظيم فرزند جي ياداشت به ان سطح جي هئي.
مولوي صاحب جي ٻين استادن ۾ نوشهري فيروز جو مولوي محدث قاضي محمد عالم پڻ شامل هو، پر هن جي علم کي ادب جو چس تڏهن حاصل ٿيو جڏهن پاڻ ٽکڙ جي مذهبي گهٽ ادبي ادارن ۾ ڪجهه وقت لاءِ پڙهيو. جنهن کان پوءِ اسان جي ٺاروشاه جو هي عالم سڳورو دهلي روانو ٿيو. جتي منطق جو علم حاصل ڪيائين. جنهن کانپوءِ هو واپس پنهنجي جنم ڀومي ٺاروشاه پهتو. جتي پنهنجي والد مولوي محمد عيسى جي مدرسي ۾ پنهنجي علم جو نور پکيڙڻ شروع ڪيائين.
مولوي صاحب جي شهرت ان وقت سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي، جڏهن سن 1919ع ۾ پهرين عالمي جنگ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ پوري مسلم دنيا ۾ ترڪيءَ جي خلافت جو مسئلو کڙو ٿيو. هن سڄي مامري کان سنڌ به بچي نه سگهي. ننڍي کنڊ جي عالمن انگريزن خلاف تحريڪ جي شروعات ڪري ڏني. هر مڪتبه فڪر طرفان خلافت جي حق ۽ انگريز سرڪار جي مخالفت ۾ فتوائون جاري ٿيڻ لڳيون. انهيءَ تحريڪ کي زور تڏهن حاصل ٿيو جڏهن مولانا محمد علي ۽ مولانا شوڪت علي جيڪي ٻئي ڀائر هئا، عملي طور ميدان ۾ ڪڏي پيا. سنڌ ۾ تاج محمد امروٽيءَ ۽ پير رشد الله جهنڊي واري هن تحريڪ جي روح روان طور پاڻ کي ميدان ۾ آندو. سنڌ ۾ خلافت تحريڪ پنهنجي عروج تي پهچي وئي.
هڪ پاسي خلافت جي تحريڪ جو زور هو ته ٻئي پاسي انگريزن ان هلچل کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ امن سڀا قائم ڪري ورتي. جنهن ۾ هنن جي ڪوشش هئي ته مسلمانن ۾ اهڙن عالمن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، جيڪي پهرين کان ترڪيءَ جي خلافت جا مخالف رهيا هجن. مولوي فيض الڪريم، جيڪو پهرين ئي ترڪيءَ جي خلافت کي نام نهاد سمجهندو هو سو انگريزن لاءِ بهترين هٿيار ثابت ٿيو. نوشهري فيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جيڪو پڻ مسلمان هو، تنهن مولوي صاحب کي تڏهن جي ڪمشنر لارينس سان ملايو.
لارينس، مولوي صاحب کي 4 سو ايڪڙ زمين جي آڇ سان گڏ هن جي پٽ کي ايڪسائيز کاتي ۾ نوڪري ڏيڻ جو واعدو ڪيو. انگريز عملدار سان انهيءَ ملاقات کانپوءِ ٺاروشاه جي هن عالم دين ’تحقيق خلافت‘ نالي سان خلافت جي رد ۾ هڪ ننڍڙو رسالو لکيو. رسالي جو ڇپجڻ ڇا هو؟ هر پاسي کان مولوي فيض الڪريم تي تنقيد جا نشتر وسڻ لڳا. هن جي علم ۽ فضل وارن دليلن جي جواب ڏيڻ جي بدران سندس ذاتي زندگيءَ کي نشانو بڻايو ويو. پنهنجي خلاف اهڙي قسم جي غليظ پروپيگئنڊا ڏسي، اسان جو هي مولوي ڏاڍو پريشان ٿي ويو. حالتون ان نهج تي پهچي ويون جو مولوي فيض الڪريم کي روپوشيءَ جا ڏيهاڙا گذارڻا پئجي ويا.
ٺاروشاه جو هي مولوي سن 1920ع کان 1923ع تائين پنهنجي جان بچائڻ لاءِ مسلسل غائب رهيو. جنهن لاءِ بعد ۾ معلوم ٿيو ته مولوي صاحب پنجاب جي شهر امرتسر م ٻارڙن کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏيندا هئا. ان جي وچ ۾ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۾ به ايندا هئا. ‘اهي ڏينهن اهي شينهن’ جي خالق علي محمد شاه راشدي به ساڻن ملاقات جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. جنهن ۾ پير صاحب، مولوي فيض الڪريم کي تاريخ جو وڏو ماڻهو ۽ ڄاڻو سڏيو آهي. علي محمد شاه راشدي جي بقول ته تحقيق جي ميدان ۾ هن مولوي فيض الڪريم کان وڌيڪ ڪو به ماڻهو نه ڏٺو.
ٺاروشاه جي هن عظيم ذهن جي پڇاڙي نهايت ڪسمپرسي ۾ گذري. پاڻ مالي حالتن جي لحاظ کان تمام گهڻو پريشان رهيا. ان جو سببب هي به هو ته پاڻ ڪڏهن به انهن مولوين منجهه شامل نه ٿيا. جيڪي پنهنجي ننڍڙي مفاد لاءِ دين ۽ دنيا کي وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن. اسان جي ٺاروشاه جو هي عظيم فرزند سن 1953ع ڌاري وڏي ڄمار ماڻي، خالق حقيقي سان وڃي مليو. سندس وصال وقت هن جون ڪيتريون ئي قلمي تصنيفون محفوظ هيون. جن کي شاهڪار قرار ڏئي سگهجي ٿو پر سنڀال نه هجڻ جي ڪري وقت جي اڏوهي هٿان کاڄي ويون.