ٺاروشاه جي ڇلا بازار ۽ سونارڪو هنر
ٺاروشاه جي هڪ بازار جيڪا هاڻي ماضيءَ جو حصو بڻجي وئي آهي. ان جي پراڻي وقت ۾ شهرت ڇَلا بازار جي نالي جي هئي. واڌوءَ جي هوٽل کان شفيع سوناري جي دوڪان تائين ڪشاده دل ماڻهن جي ڪشادي بازار جا آثار اڄ به موجود آهن. هن بازار تي ڇَلا نالو اسان کي اها شاهدي ڏئي ٿو ته ماضيءَ ۾ هن بازار اندر چيچن جا ڇلا ٺهندا رهيا آهن. ظاهر آهي ته ڇلن ٺاهڻ جو هنر سونارن وٽ ئي هوندو آهي. انڪري هن بازار جو نالو ئي ڇلا بازار پئجي ويو. ٺاروشاه جي صرافن جي هن بازار ۾ سون ۽ چاندي جو وڏو مارڪيٽ هو. پونا. ممبئي، دهلي ۽ مدراس تائين هن بازار جي سونارن جا ٺهيل ڳهه وڪري لاءِ ويندا هئا. هن بازار جو سَنو مل سونارو جيڪو پنهنجي فن ۾ ڪمال جو ڪاريگر هو، ان جي شهرت ڏيساور جي ملڪن تائين پهتل هئي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ جئين شهر جو اڌ ٿي ويو تئين هي بازار به پنهنجو رنگ ڍنگ وڃائي ويٺي. ان جي باوجود حاجي سليمان کوکر، حاجي غلام کوکر، حاجي ادريس کوکر، غلام حسين کوکر، محمد عثمان، محمد شفيع راجپوت ۽ ڪوڙل خان جيڪي پنهنجي دؤر جا وڏا سونارا هئا، هن بازار جي سونهن برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ رهيا پر هنن جي لاڏاڻي کان پوءِ انهيءَ بازار جون رونقون مانند پئجي ويون. ياد رهي ته ڇلا بازار جو ظاهري تعارف سونارڪي گهٽيءَ جو هو. جي نه ته هن بازار ۾ انساني زندگيءَ کي گهربل هر قسم جو وکر دستياب هوندو هو. اڄ ٺاروشاه ۾ ڇلا بازار ته نه آهي پر انهيءَ جي ٿورو اورتي ڪجهه گليون ڇڏي ريشم بازار جو وجود پئجي ويو آهي، جنهن لاءِ پاڻ ان بازار جو به الڳ ذڪر ڪيو آهي.