مختلف موضوع

ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر

سنڌ جي تاريخي شهر ٺارو شاھ جي تاريخ، جاگرافي، اتان جي رھڻي ڪھڻي، شخصيتن ۽ ماڳ مڪانن بابت دستاويزي حيثيت رکندڙ ڪتاب جو ليکڪ ۽ محقق علي رضا قاضي آھي.
ھي ڪتاب خصوصن ٺاروشاه شهر جي مختلف شماريات تي مبني هڪ دستاويزي تحرير آهي. جيڪا بظاهر ته هڪ ننڍي، پر آئينده جي تاريخ نويسن لاءِ هڪ اهم ۽ بنيادي ڄاڻ جو ڪارڻ ٿيندي. علي رضا قاضيءَ جو هي قلمي پورهيو داد لائق آهي. هو خيرون لهڻي جو ٺاروشاه شهر جي هن معلومات کي دستاويزي طرز تي رقم ڪري هتان جي ماڻهن کي تاريخ جو حصو بڻائي رهيو آهي. هي ڪم دراصل اسان جي نوجوانن لاءِ به هڪ مؤثر ترغيب آهي ته هو پنهنجي پنهنجي حال وسائل ۽ محدود ڄاڻ جا بهانا بڻائي لکڻ کان نه لهرائن. مگر شروعات ڪري ڏين. ائين ’ڪڙو منجھه ڪڙي‘ جي مصداق هڪ راءِ جڙي پوندي جا ادب دوستن جي تعاون سان خاص اهميت اختيار ڪري سگھي ٿي.
Title Cover of book ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر

ٺاروشاه، اتهاس جي آئيني ۾

ٺاروشاه، اتهاس جي آئيني ۾

اسان جيڪڏهن فقط موجوده شهر ٺاروشاه جي تاريخ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته انهيءَ ۾ اسان کي ڪڏهن به 100 سيڪڙو ڪاميابي نه ملي سگهندي. سواءِ پيڙهي به پيڙهي منتقل ٿيندڙ احوالن جي. جن جي موجوده جديد دؤر ۾ ڪابه حيثيت نه ٿي بچي. انگريز مورخَ هيوز جي گزيٽر کانپوءِ ڊاڪٽر حامد خانائيءَ پنهنجي ڪتاب ’نوابشاه ضلعو، تاريخي شهر ۽ شخصيتون‘ ۾ ٺاروشاه جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو به گهڻو تڻو ٻڌل ڳالهين تي ئي مشتمل آهي ۽ اها سنڌي قوم جي ڪيڏي بدقسمتي چئجي جو پنهنجي ماضيءَ جي 2 سؤ کان 3 سؤ سالن جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ به ڌُڪن جو استعمال ڪيو پيو وڃي. هن شهر جي قائم ٿيڻ بابت حامد خانائي صاحب لکيو آهي ته ”سن 1792ع ڌاري سيد ٺاروشاه نالي هڪ شخص ڪوٽ بهادر، جيڪو هاڻي به ٺاروشاه جي ڀرسان هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي مان، اتي جي مقامي هندو ديوانن سان جهيڙي کانپوءِ لڏي اچي آباد ڪيو. هاڻي اهو به تاريخ کي ئي طئي ڪرڻو هو ته ٺاروشاه نالي سيد هن ڳوٺ کي آباد ڪيو يا هن وسندي جو پراڻو نالو فتحپور مٽجي ٺاروشاه ٿي ويو. جڏهن ته ڪجهه سيني به سيني ايندڙ روايتن مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته سيد ٺاروشاه نالي بزرگ ڪوٽ بهادر مان هندن سان جهيڙو ڪري هتي نه آيو پر هي سيد اصل ۾ روهڙي جو رهاڪو هو، جيڪو سير سفر يا مرشد جي حڪم تي اچي هن شهر ۾ رهيو. اهي سڀ سيني به سيني ايندڙ روايتون آهن ۽ اسان جي بدنصيبي وري شروع آهي ته اهڙن معاملن ۾ اسان جي تاريخ بنهه خاموش تماشائي جي ڪردار کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. ميرن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ هالاڻي جنگ جو سال 1783ع آهي. جنهن لاءِ اهو پڻ لکيو ويندو آهي ته مير فتح علي خان جو لشڪر فتحياب ٿيڻ کانپوءِ ڪنڊياري کان اڇي مسيت واري رستي تان ٺاروشاه کان ڪراس ٿي 6 ميل پري نوشهري فيروز جي ٻاهران فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. نوشهري مان عام مطلب ته نئون شهر ورتو ويندو آهي. جڏهن ته ڪن ماڻهن جي خيال مطابق نوشهرو 9 ننڍن ڳوٺن تي ٻڌل هڪ علائقو هو جنهن کي فيروز ويراڙَ، جيڪو ڪلهوڙا حڪمران مير نصير فقير جي فوج جو هڪ جرنيل هو، انهن 9 ڳوٺن کي گڏائي هڪ شهر قائم ڪيو. هاڻي پاڻ جيڪڏهن حامد خانائيءَ جي راءِ جو ڇيد ڪنداسين ته آساني سان پتو پئجي ويندو ته ٺاروشاه، هالاڻي جي مشهور جنگ کان 9 سال پوءِ آباد ٿيل وسندي نه آهي. جڏهن ته اڄ به آبادي توڻي ايراضي، ظاهري ڏيک ويک ۾ ٺاروشاه نوشهري فيروز کان وڏو شهر آهي. هن شهر جو عمارتي اسٽرڪچر، نوشهرو فيروز کان گهڻو پراڻو معلوم ٿئي ٿو. جڏهن ته انهيءَ حوالي سان آرڪيالاجي وارن جي مدد به درڪار آهي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه به طئي آهي ته نوشهرو، بادشاهن جي سرپرستي هيٺ اڏيل شهر هو. اڄ به بادشاهن جي ڪري ضلعي هيڊ ڪواٽر جو درجو پاڻ وٽ سانڍي ويٺو آهي پر ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن ٺاروشاه جي ڳالهه ڪجي ته هن شهر ۾ هن وقت تائين تعلقي هيڊ آفيس به قائم نه ٿي سگهي آهي. جنهن باوجود هن شهر جي هيڏي ساري رٿابندي مان اها ڳالهه ثابت آهي ته ٺاروشاه جو قيام 1792ع کان گهڻو اڳ جو آهي. باقي ان کي انگريز سرڪار 1875ع ۾ سٽي سروي تحت ريگيولرائيز ڪيو. ٻيون نمبر ڳالهه ته ساهتيءَ جا اڪثر شهر دڙن تي ٻڌل آهن، جيڪي ڪلهوڙن جي يا انهن جي دؤر کان اڳ مغلن جي حڪومت ۾ آباد ٿيا هوندا، جڏهن ته ٺاروشاه ڪنهن به دڙي تي ٻڌل شهر نه آهي، جنهن مان اهوگمان ڪري سگهجي ٿو ته هي شهر عربن جي فتح کان اڳ به موجود هو. پوءِ انهيءَ جو نالو ڪهڙو هوندو؟ اهو معلوم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ممڪن آهي عربن جي فتح بعد هن شهر جو نالو فتح پور پيو هجي؟ ’چچنامي‘ ۾ به اهڙا اشارا موجود آهن ته عربن پنهنجي مفتوح شهرن کي گهڻو ڪري ’منصوره يا فتح‘ جي نالي سان تبديل ڪيو آهي. جيڪو پوءِ سترهين صدي جي پڇاڙي يا ارڙهين صدي جي شروعات ۾ مَٽجي هڪ سيد بزرگ ٺاروشاه جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. ٽين اهم ڳالهه به هتي مان لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته سال 2004ع ۾ سنڌ ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد ۾ منهنجي ملاقات سنڌي ٻولي جي ماهر ۽ لوڪ ادب تي تمام گهڻو ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان ٿي هئي. جنهن سان منهنجي تعارف دؤران جڏهن اها ڳالهه نڪتي ته مان ٺاروشاه ڀرسان هڪ ڳوٺ جو رهواسي آهيان ته سندس هي ڳالهه منهنجي سامهون انڪشاف جي صورت ظاهر ٿي ته ٺاروشاه جو شهر اصل ۾ هڪ هندو ديوان ’ٺارو مل‘ جي نالي تي آباد ٿيل وسندي هئي. جنهن کي پوءِ هڪ سيد جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. خير اهي سڀ روايتون آهن جن کي بهتر ٿيندو ته سائنسي بنيادن تي پرکيون، ڇاڪاڻ ته سائنس اسان کي اسان جي سوالن جا بهتر نموني سان تسلي بخش جواب ڏئي سگهي ٿي.