ڪوڙئين ڪن سلام اچي آتڻ ان جي
حضَرت عبدالجليل نقشبندي المعروف ابا جي حضور
سچ پچ تي هي محاورو هن جي زندگيءَ مٿان سو سيڪڙو صحيح ثابت ٿئي ٿو. ”هو آيو هن ڏٺو ۽ فتح ڪري ورتائين.“ سائين قبلا عبدالجليل نقشبندي، پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ٺاروشاه ۾ تشريف فرما ٿيا. هي دؤر ٺاروشاه جي بدحالي جو دؤر هو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو پڙهيل طبقو هن شهر مان لڏپلاڻ ڪري چڪو هو هر طرف اڻڄائي جو ماحول ڇانيل هو. اهڙين حالتن ۾ سندن آمد صوبي پختونخواه جي خوشحال علائقي بٽگرام کان ٿي. پاڻ قوميت جي لحاظ کان پٺاڻن جي هڪ تاريخي قبيلي يوسفزئي سان لاڳاپيل هئا. ٺاروشاه ۾ اچڻ کانپوءِ پاڻ ذڪر فڪر جو هڪ اڻ کٽ سلسلو قائم ڪيائون. جيڪو اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ قائم و دائم آهي. شهر جي جامع مسجد ۾ درس و تدريس جو عمل شروع ٿي ويو. پنهنجي نماڻي طبيعت، گهٽ ڳالهائڻ جي سڀاءَ ڪري شهر واسين جي دلين ۾ پنهنجو اعلي مقام بنائي ورتائون. پاڻ پاڪ پيغمبر ﷺ جي سنت تي هلندي پنهنجي لاءِ واپار کي ترجيح ڏيندي شهر جي شاهي بازار ۾ ٿانون جو هڪ ننڍڙو دڪان کوليائون. جنهن ۾ بعدازان جنرل اسٽور جون ڪجهه شيون به رکيائون. ٺاروشاه جو اهو دڪان ڇا هو؟ هتي ڪهڙيون شيون کپنديون هيون؟ پاڻ کي ان جي تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت نه آهي. بس ايتري خبر آهي ته هن ننڍڙي دڪان ۾ علم، عقل، ڏاهپ، روحانيت وڪامندي هئي پوءِ اهي ماڻهو ڀاڳ وارا هئا جن هتان فيض جون اعلي شيون خريد ڪري ورتيون ۽ اڄ تائين سانڍيندا پيا اچن. سائين عبدالجليل جو طريقو نقشبندي هو. پاڻ ڪشمير جي شهر مظفرآباد جي هڪ درويش حضرت شمس الدين جي دست بعيت هئا. جنهن جو پاڻ ٺاروشاه ۾ هر سال ٻارهو پڻ شروع ڪرايائون جيڪو اڄ به جاري آهي. هن شخص ۾ خدا جي ولين واريون سڀ خوبيون هيون ان ڪري ته پاڻ ڪڏهن به ڪنهن ماڻهو جي عقيدي کي بحث هيٺ آڻڻ نه چاهيندا هئا. سندن ان ننڍڙي دڪان تي ڪيترائي علم و فضل وارا ماڻهو ايندا هئا جن جي اڻسڌي طرح اها خواهش به هوندي هئي ته سائين جن کي مناظري ٽائيپ مسئلن ۾ ڦاسائجي. پر پاڻ دين جا سچا پچا عالم هئا مجال آهي جو انهن هلڪڙن ماڻهن سان خواه مخواه جي بحث ۾ اٽڪن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهڻي ڪوشش سان هرو ڀرو جون ڳالهيون ڪندو هو ته پان قرآن ڪريم جي آيت پڙهي هن کيِ خاموش ڪرائي ڇڏيندا هئا ته ”تنهنجو دين تو تائين منهنجو دين مون تائين.“ اهي ماڻهو يقينن ڀليل هئا. هو ظاهر طور ته اهو ڄاڻيندا هئا ته قبلا عبدالجيل سڄو ڏينهن دڪان هلائي ٿو نماز جي وقت اوڏانهن مصروف آهي سو هن کي دين جي فقهي ڄاڻ نه هوندي پر هو اڻڄاڻ هئا. ڇو جو نه پيا ڄاڻڻ ته جنهن شخص کي هو ظاهري دڪان هلائيندي ڏسن پيا اهو رات جو دير تائين عبادتن ۾ مصروف به رهي ٿو ته ان وقت مان ڪجهه حصو ڪڍي امام اسماعيل بخاري جي حديث جي ڪتب جو فارسي ۾ شرح پڻ لکي پيو. هو نه پيا ڄاڻن ته سائين کي عربي، فارسي تي عبور حاصل آهي. جنهن ۾ هو تصوف تي ٻڌل ڪتاب لکي رهيو آهي ۽ افسوس جو ٺاروشاه واسين يا سائين جي مريدن جو اڀاڳ جو هنن به قبلا عبدالجليل کي فقط هڪ پير ڪري ورتو. هن جون فارسي، عربي جون تصنيفون هڪ پاسي ڪيون ويون. جنهن تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ ٿيندو. سائين پنهنجي حال حيات ۾ الائي ڪهڙن سببن جي ڪري اهي تحريرون نه ڇپرائي سگهيا. اسان کي خبر نه آهي؟ هن وقت سائين جا مريد سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد سان لاڳاپيل ڪاٺياواڙي ميمڻ سندن حلقه خاص ۾ هئا جنهن جو هڪ ڪارڻ هي به هو ته سائين ڪنهن زماني ۾ يعني پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندستان جي علائقي گجرات جي هڪ مدرسي ۾ معلم هئا. جتي سندن جي روحاني شخصيت کان متاثر ٿي ڪيترن ئي هندن اسلام قبول ڪيو هو. سائين عبدالجليل نقشبندي، انهن ماڻهن جي تاريخي پروپئگنڊا جي غلط هجڻ جو جيئرو جاڳندو مثال هو ته اسلام رڳو تلوار جي زور تي نه پکڙيو آهي. منصور حلاج، سرمد، شمس تبريز، سلطان باهو، لطيف، سچل، قلندر ۽ عبدالجليل جو به اسلام جي اشاعت ۾ حصو رهيو آهي. اسلام جي سچي پيغام ڦهلائڻ جو نتيجو هي به هو جو مسلمانن سان گڏ ڪيترائي غير مسلم پڻ سندن جي صحبت ۾ شامل هئا. قرآن پاڪ جا مقدس اوراق جڏهن تعويذن جي شڪل ۾ سائين جن پنهنجي مريدن کي ڏيندا هئا ته سچ پچ اهو اهڙو آبءِزم زم هو جنهن مان هر انسان سيراب ٿي ويندو هو. هي فنا في الله جي اها منزل هئي جتي سڀ مذهب هڪ پاسي ٿي ويندا آهن. انسان پنهنجي رب جي ايترو ته ويجهو ٿي ويندو آهي جو هن کي پوري انسانيت رب جو ئي پرتوو نظر ايندي آهي. حضرت عبدالجيل نقشبندي جون ظاهر ۾ ڪيترائي ڪرامتون آهن. جيڪي سندس جا مريد بهتر نموني بيان ڪري سگهن ٿا. منهنجي نظر ۾ هنن جي هڪ ئي ڪرامت ڪمال جي آهي ته پاڻ ڀلا ماڻهو هئا. اسلام جي مختلف فرقن سان لاڳاپيل ماڻهن کي سندن عقيدي سان ڀلي لک اختلاف سهي پر هن جي شخصيت انهيءَ صاف ڪپڙي جيان هئي، جنهن تي ڪو به داغ نه هو. سائين جن جي خوش خلقي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هيون، مگر هڪ خوبي جنهن کان مان تمام گهڻو متاثر ٿيس اهو سندن جو ٽائيم جو پابند هجڻ هو. ٺاروشاه واسي اڄ به اها ڳالهه نهايت وسوخ سان ڪن ٿا ته ”اسان پنهنجي گهڙين جو ٽائيم سائين جن جي مصلي تي الله اڪبر جي تڪبير سان سهي ڪندا هئاسين.“ مجال آهي جو وقت سيڪنڊ به هيڏي هوڏي ٿئي. سندن جي پاڪ پيغمبر جي مدح ۾ ڪيل شاعري به قهر جي آهي. جيڪا ڳائي ته گهٽ وئي آهي پر ان شاعريءَ ۾ نبي سائين سان عقيدت جا سڀ گل نڇاور ٿيل آهن. قبلا سائين جڏهن ڪنهن خاص موڊ ۾ هوندا هئا ته ڪنهن فقير ڏي اشارو ڪري هن کي پنهنجي شاعري ڳائڻ جو چوندا هئا. ٺاروشاه جي هن بزرگ جو ڪنڌ سدائين نميل رهيو، ائين محسوس ٿيندو هو ته پاڻ رسول الله ﷺ جي درٻار ۾ حاضر هجن تمام گهٽ ڳالهائيندا هئا. رسول پاڪ ﷺ جي سنت مطابق سندن کي ڪنهن به وڏي آواز ۾ ٽهڪ ڏيندي نه ٻڌو، جملن جي استعمال ۾ نهايت خبردار، هر لفظ مان شائستگي پئي جهلڪندي. غير ضروري گفتگو کان اجتناب ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مريد جي چوڻ تي ٻانگ پڻ ڏيندا هئا. ڳلي ۾ اهڙو سوز جو ٺاروشاه واسي ان آواز لاءِ اڄ به سڪن ٿا. سندن جي پنهنجي گهر ۾ لائبرري هئي جنهن ۾ اسلامي موضوعن تي هر قسم جو ڪتب رکيل هو. خاص ڪري صوفيت تي تمام گهڻا ڪتاب هئا. جيڪي اڄ به محفوظ آهن. سندن کي پنهنجي مرشد پاڪ کان ’غوث زمان‘ جو لقب مليل هو. زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا حج جي سعادت حاصل ڪيائون. هڪ دفعو قافلو وٺي عراق زيارتن تي پڻ ويا. سندن جو وصال اسلامي مهيني جي 22 ذوالحج بمطابق 4 ڊسمبر 1999ع ۾ ٿيو. سوڳوارن ۾ هڪ پٽ صوفي عبدالڪريم نقشبندي ۽ هزارين مريد ڇڏي ويا. سندن آخري آرامگاهه ٺاروشاه جنڪشن جي ڀرسان هري پور ۾ آهي. جيڪو علائقو هاڻي جليل آباد جي نالي سان به سڏجي ٿو. عام توڻي خاص ڏينهن ۾ هزارين زائرين سندن مرقد تي اچن ٿا. جڏهن ته هر سال 4 ڊسمبر تي هن بزرگ، جهڙن لاءِ لال لطيف چئي ويو هو ته ”ڪوڙئين ڪن سلام اچي آتڻ ان جي“ تي عرس مبارڪ پڻ ٿئي ٿو.