مختلف موضوع

ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر

سنڌ جي تاريخي شهر ٺارو شاھ جي تاريخ، جاگرافي، اتان جي رھڻي ڪھڻي، شخصيتن ۽ ماڳ مڪانن بابت دستاويزي حيثيت رکندڙ ڪتاب جو ليکڪ ۽ محقق علي رضا قاضي آھي.
ھي ڪتاب خصوصن ٺاروشاه شهر جي مختلف شماريات تي مبني هڪ دستاويزي تحرير آهي. جيڪا بظاهر ته هڪ ننڍي، پر آئينده جي تاريخ نويسن لاءِ هڪ اهم ۽ بنيادي ڄاڻ جو ڪارڻ ٿيندي. علي رضا قاضيءَ جو هي قلمي پورهيو داد لائق آهي. هو خيرون لهڻي جو ٺاروشاه شهر جي هن معلومات کي دستاويزي طرز تي رقم ڪري هتان جي ماڻهن کي تاريخ جو حصو بڻائي رهيو آهي. هي ڪم دراصل اسان جي نوجوانن لاءِ به هڪ مؤثر ترغيب آهي ته هو پنهنجي پنهنجي حال وسائل ۽ محدود ڄاڻ جا بهانا بڻائي لکڻ کان نه لهرائن. مگر شروعات ڪري ڏين. ائين ’ڪڙو منجھه ڪڙي‘ جي مصداق هڪ راءِ جڙي پوندي جا ادب دوستن جي تعاون سان خاص اهميت اختيار ڪري سگھي ٿي.
Title Cover of book ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر

ٺاروشاه جنڪشن، شاندار ماضيءَ جو اجڙيل استعارو

ٺاروشاه جنڪشن، ٺاروشاه شهر جي شاندار ماضيءَ جو اجڙيل استعارو آهي. ٺاروشاه کان هڪ ڪلوميٽر ٻاهر مٺياڻي_ دليپوٽا ويندڙ رستي تي موجود هيءَ ريلوي اسٽيشن هاڻي ويران کنڊر کانسواءِ ڪنهن به شيءِ جو ڏيک نه ٿي ڏئي. جيڪڏهن توهان جو هاڻي انهيءَ جڳهه تان لنگهه ٿئي ته ڪجهه معصوم ٻار توهانکي گهيري ويندا، هي پينو فقيرن جا ٻار آهن. جيڪي نه ٿا ڄاڻن ته جنهن جڳهه تي بيهي ”الله توکي آفيسر ڪندو، ڪجهه پئسا ڏئي وڃ.“ جي صدا هڻي رهيا آهن. اها جاءِ ماضي قريب ۾ هن تاريخي شهر جي ڪيتري مصروف جڳهه رهي آهي. ريلوي جي ٻوليءَ ۾ جنڪشن ان اسٽيشن کي چئبو آهي، جتان هڪ کان وڌيڪ ريل گاڏي جون پٽڙيون ڪراس ڪن. هڪ کان وڌيڪ پٽڙيون ته پنهنجي جي جڳهه تي پر هاڻي هتان ڪا به ريل گاڏي ڪراس نه ٿي ڪري. سنڌ جي نامياري اديب عمرالدين بيدار پنهنجي ڪتاب ’ٺاروشاه جنڪشن‘ ۾ هن اسٽيشن جي عروج جي عاليشان تصوير پيش ڪئي هئي. پر هاڻي ڪوبه بيدار نه رهيو آهي جيڪو، هن جنڪشن جي زوال جي ڪهاڻي بيان ڪري.
جئين ته منهنجو ڳوٺ به ان رستي تي واقع آهي، سو صبح شام انهيءَ جڳهه تان لنگهه اٿم. هر ڀيري حسرت جي نگاهه سان جنڪشن کي ڏسندو هئس. تر جي ڪجهه ماڻهن کان ان جي اجڙڻ جو داستان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته اڪثريت اڻ ڄاڻ ملي! ان جي باوجود هٿ پير هڻي هيٺين ڄاڻ حاصل ڪئي اٿم. جنهن ۾ جيڪڏهن ڪا ڪمي بيشي هجي ته درگذر ڪئي وڃي.
ريلوي جي سرڪاري ڪاغذن ۾ هن سيڪشن جو آغاز آگسٽ 1929ع ٻڌايو ويو آهي. جيڪو ماضي قريب يعني 1991ع جي جولاءِ مهيني ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. انگريز سرڪار طرفان علائقي جي عوام جي سهولت لاءِ ٺهرايل هي ٽريڪ محرابپور کان پڊعيدن 70 ڪلوميٽر، اهڙي ريت پڊعيدن کان ٽنڊو آدم 176 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي وڇايل هو. انهيءَ جي وچ ۾ 26 ريلوي اسٽيشنون 5 جنڪشن، ٽنڊوآدم، سڪرنڊ، پڊعيدن، ٺاروشاه ۽ محرابپور ايندا هئا. جيڪي 1991ع ۾ سرڪار جي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ٿي ويا. انهن جنڪشنن ۾ ٽي جنڪشن ٽنڊوآدم، پڊعيدن ۽ محرابپور ته پنهنجي مين لائين تي هجڻ جي ڪري زندهه رهيا. باقي رهيل ٻه زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺا. جنهن ۾ ٺاروشاه به شامل آهي. جنڪشن بند ٿيڻ خلاف هتان جي شهرين احتجاج پڻ ڪيا پر اهي شايد ايترا مؤثر نه هئا، جن تي سرڪار سڳوري ڌيان ڌري ها. نتيجي ۾ ڪالهه جي شاندار ماضي حال جي کنڊر ۾ مٽجڻ ۾ گهڻي دير نه ڪئي. هتان جي ماڻهن جي آخر ۾ ايتري به خواهش رهي ته جيڪڏهن ريلوي کاتو سمجهي ٿو ته مسافر گاڏين جي هلڻ جي ڪري هو مالي خساري ۾ آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ مال گاڏين لاءِ مارشلنگ يارڊ رهڻ ڏنو وڃي. جنهن مطالبي کي سامهون رکندي، مسافر ٽرين جي بند ٿيڻ بعد به ٽي سال هن جنڪشن تان مال گاڏيون ٺاروشاه جي ڪاروبار لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿيون پر آخر ڪيسيتائين؟ ٺاروشاه جنڪشن کي ماضيءَ جو استعارو جو بڻجڻو هو. اهي مال گاڏيون به 1994 ڌاري پنهنجي وجود وڃائي ويٺيون. پوءِ ٺاروشاه جنڪشن جون اهي بي مثال پٽڙيون اردوءَ جي محاوري ”مال مفت، دل بي رحم“ جي مصداق بڻجي ويون. جنهن جتان آيو. انهيءَ اتان پٽڙيءَ کي اکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. عشق لٽندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو. انهيءَ سڄي واردات ۾ ”ڪتي چورن سان مليل رهي“ ريلوي کاتي کي ته خاموش رهڻو هو سو خاموش رهيو. سواءِ ڪجهه نام نهاد ڪيسن جي جيڪي نالي ۾ داخل دفتر ٿيا. اڳتي هلي انهن جو به آڳو پيڇو نه ٿي سگهيو. پٽڙيءَ ۾ استعمال ٿيل سون جهڙو لوهه، لاهور تائين جي چور بازارن ۾ بي توقير ۽ اڻ ملهيو وڪامندو رهيو. اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ جي ان عظيم انجنئيرن جي ٽيڪنيڪ ۽ صوبي خيبر پختون خواهه جي سخت جان مزدورن جي محنت پاڻي پاڻي ٿي وئي، جن پنهنجون ننڊون قربان ڪندي رات ڏينهن هڪ ڪري، ڪم کي عبادت ڄاڻيندي هي ٽريڪ مڪمل ڪيو هو.
اڄ ان عظيم استعاري ۾ سواءِ تاريخ جي ڪجهه به نه بچيو آهي. اهو ٺاروشاه جنڪشن، جنهن جي ڪنهن بينچ تي ريل جي انتظار ۾ ويٺل عمرالدين بيدار کي ان تي ناول (ٺاروشاه جنڪشن) لکڻ جو خيال آيو هوندو يا اهو جنڪشن جتان 1955ع ۾ ماسٽر چندر، پنهنجي ماتر ڀومي ڏسڻ لاءِ جلوس جي شڪل ۾ آيو هو. اتي هاڻي ”سائين خدا جي واسطي، پنهنجي ٻچن جي واسطي هڪ روپيو ڏئي وڃ“ جي صدائن کانسواءِ ڪجهه به نه رهيو آهي!