ٽين نومبر، ماسٽر چندر ۽ سوڳوار ٺاروشاه جو آسمان
جيڪڏهن مونکان ڪير پڇي ته ٺاروشاه شهر جو وڏو ماڻهو ڪير هو يا آهي؟ ته منهنجو جواب قاضي غلام علي هوندو، پر جيڪڏهن مونکان اهو سوال ڪيو وڃي ٿه هن شهر جو سڀ کان وڌيڪ اثرانگيز شخصيت ڪهڙي آهي؟ ته مون وٽ ماسٽر چندر جي نالي کان سواءِ ڪوبه آپشن نه آهي. ماسٽر چندر جنهن جي فن جي شهرت عالمي حدن تائين پهچي وئي، ان سان گڏ سندس شهر ٺاروشاه به لوڪ ۾ چندرجي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ورتي. ست ڊسمبر 1907ع ۾ ٺاروشاه جي واپاري ۽ زميندار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ماسٽر چندر بابت چيو وڃي ٿو ته هو ننڍي لاڪون راڳ جي فن جو شوقين هو. هن جي شروعاتي پرفارمنس کي ڏسي سندس مستقبل بابت آساني سان پيشگوئي ڪري سگهجي پئي، جيئن ته ڀڳت ڪنور رام سان هي ڳالهه منسوب آهي ته هڪ ڀيرو هو هن ماسٽر چندر کي ڏسي بي اختيار چئي ويٺو ته ”هي نينگر مستقبل جو وڏو فنڪار آهي.“ اهڙي ريت ٺاروشاه ڄائي هند سنڌ جي عظيم اديب گوبند مالهي پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون‘ ۾ واضع طور لکيو آهي. ”ٺاروشاه ۾ هڪ نئون فنڪار اڀري پيو، اصل نالو ته چانڊو مل اٿس، پر پاڻ کي ماسٽر چندر چورائي ٿو، هن جي ڳائڪي جي انداز مان آساني سان پتو لڳائي سگهجي ٿو ته هي همراهه موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو نالو مڃرائيندو.“ ۽ پوءِ سنڌ هنڌ ۾ ماسٽر چندر جي سڃاڻپ نه رڳو فنڪار پر سٺا موسيقار، شاعر بهترين هدايتڪار، اداڪار، صداڪار، توڻي پيشڪار طور ٿي. ماسٽر چندر پنهنجو پهريون گيت ’سهڻا عرض آهي‘ ريڊيو تي ڳايو ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي هي گيت هر ماڻهو جي چپن تي گونجڻ لڳو. هي گيت نه فقط چندر جي وڏي سڃاڻپ ثابت ٿيو پر، ٺاروشاه جي هن سچي فنڪار جي اڳيان ڪاميابي جا سڀ دروازا پڻ کولي ڇڏيا. جنهن کانپوءِ ماسٽر جا ٻيا ڪلام جهڙوڪ ’رٺا ئي رهن پر هجين حياتي، دل آهي هٿن ۾، ڪبوتر ڪبوتر، سهڻا وڃ نه اٿي.‘ ڪاميابيءَ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. انهن سڀني گيتن کان وڌيڪ جنهن ڪلام ماسٽر چندر کي فن جي ولايت جي درجي تي پهچايو اهو هڪ ننڍڙي نينگري جي زباني اهي ٻول هئا جنهن ۾ چندر پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ڳايو ته ’ايٽ اڃا مان ننڍڙي ننڍڙي آهيان، نيٺ ته وڏڙي ٿيندس.‘ هي اهو گيت هو جنهن لاءِ هندستان جي پهرين وزير اعظم جواهر لال نهرو پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوئن ۾ ڀرپور پسند جو اظهار ڪيو. ماسٽر چندر کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته بالي ووڊ جي شروعاتي ڪامياب فلمن ۾ سندس ڪمپوز ٿيل ڌنون ڳايون ويو.
چندر جي زندگيءَ ۾ اهي ڏينهن قيامت کان گهٽ نه هئا، جڏهن لکين ماڻهو مذهب جي بنياد تي نون ٺهيلن ملڪن، هندستان ۽ پاڪستان ڏانهن هجرت ڪري رهيا هئا. ان سڄي الميي ۾ جڏهن عام ۽ خاص زبردست نموني متاثر ٿي رهيا هئا ته ماسٽر چندر جهڙو فنڪار ڪيئن پيو پوئتي رهي سگهي، هن حالتن جي سنگيني کي محسوس ڪندي فلم ’اباڻا‘ ٺاهي ورتي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار به پاڻ ادا ڪيائين. ان فلم جو ڪلام ’وطن کان اباڻا‘ هاڻي به اسانجي دلين کي گرمائڻ لاءِ ڪافي آهي. اسانجي شهر جي هن سهڻي فنڪار ٺاروشاه کي هميشه لاءِ الوداع چئي ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي پوءِ سندس تخليقن ۾ وطن ءِ ڌرتي کان وڇوڙي جون صدائون اينديون رهيون، کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ٺاروشاه جي سڪ هتي کڻي آئي. پر هن ڀيري اسانجو فنڪار مهمان هو. سيپٽمبر 1955ع ڌاري چندر ٺاروشاه آيو، سائين عبدالله سومري جي اڳواڻي ۾ ٺاروشاه واسين سندس ڀرپور آجيان ڪئي. هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي شام ويلي موسيقي جي وڏي محفل سجائي وئي، هن دفعي ٺاروشاه جي چانڊومل جا پنهنجي محبوب شهر لاءِ هي آخري آلاپ هئا، ‘وطن کان اباڻا’ جهڙا ٻول ٻڌي نه فقط لوڪ روئندو رهيو پر انهيءَ ڏينهن ٺاروشاه جو آسمان به سوڳوار ٿي ويو. هڪ المانڪ شام، جيڪا صبح ٽاڻي پنهنجي انجام تي پهتي ۽ اها رات اڄ به شهر جي پراڻن رهاڪن کان ناهي وسري سگهي۔۔۔۔ ۽ پوءِ چندر روئندو روئندو ٺاروشاه کان موڪلائي هليو ويو. ڪٿي ڏور جتان واپس آڻڻ اسان جي وس ۾ نه هو ۽ هاڻي جيڪڏهن سندس جي پويان آهن ته هن جا اهي خوبصورت آلاپ جيڪي هر گهڙي چندر جي عظمت جو پڪو اهڃاڻ بڻيل آهن. ماسٽر جا 2 پٽ پڻ سٺا فنڪار آهن. مهيش ۽ گوپ جيڪي پڻ پنهنجي بابا طرفان ڏنل فن جي سخا ڪن پيا پر ٺاروشاه لک وس ڪري تڏهن به چندر جهڙو فنڪار هن جي نصيب ۾ نه ايندو. چندر اسان سڀني کان 3 نومبر 1984ع تي کلندي موڪلائي سورڳ وڃي وسائي. هو هاڻي جسماني طرح ته اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي پر سندس لازوال شاعري ۽ امر آواز اسان جي دلين کي گرمائڻ لاءِ هميشه موجود رهندو.