ڪکن پنن کي شاهد بڻايون
ياد نه ٿو اچي ته ڪٿي ڪنهن تقريب ۾ ٻڌو هئم يا ڪنهن رسالي ۾ پڙهيو هئم ته جيڪڏهن اسان جو پرائمري استاد جنهن ڳوٺ ۾ پڙهائي ٿو، انهيءَ ڳوٺ جو تاريخي پس منظر انهيءَ جي آبادي ۾ ماڻهن جي ڪرت لکي ته سڄي سنڌ جي حقيقي تاريخ منظر تي اچي وڃي. منهنجي خيال ۾ آڳاٽي دؤر جا پرائمري استاد اديب، عالم فاضل هئا. منجهن تخليقي سگهه به هئي. ليڪن هن دؤر جا استاد پنهنجو فرض صحيح معنى ۾ ادا ڪن ته اسان جي صحتمند معاشري جو قيام عمل ۾ اچي ويندو. موجوده حالتن ۾ پنهنجي معزز استاد صاحبان سان اهائي حجت ڪرڻ ڪافي آهي. حقيقت ۾ چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. جيڪو ماڻهو عملي طرح ڪجهه نه ڪجهه ڪري ٿو سچ ته اهوئي وڏو ڪردار آهي. موجوده دؤر ۾ جڏهن ماڻهن کي مٿي کنهڻ جيتري فرصت به نه ملي ته اهڙي وقت قاضي صاحب ٺاروشاه جي ماضيءَ تان پردا کڻي وڏي دل، جگر، گردي جو ڪم ڪيو آهي.
اسان جي وڏن اديبن عالمن جي نظر ۾ ڀلي هيءَ ڪا معمولي ڳالهه هجي پر مان سمجهان ٿو ته قاضي علي رضا صاحب جيڪو قلمي پورهيو ڪندي ٺاروشاه جي شاندار ماضيءَ کي چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان لاءِ کيس جس هجي. هن ماڻهو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي موضوعن کي ڇيڙي ڄڻ ته ٺاروشاه شهر جي اديبن ۽ عالمن کي ڪوٺ ڏني آهي ته اچو هن تحقيقي ڪم ۾ هڪ ٻئي جو سهارو بڻجي ٺاروشاه جي عظمت کي اجاگر ڪيون ۽ هتان جي درن ديوارن، ڪکن پنن کي شاهد بڻايون ته اسان پنهنجي امر ڪردارن کي ناهي وساريو. علي رضا قاضيءَ جي هن ڪاوش تي ۽ سندس شخصيت جو تصور ڪندي مونکي ڪنهن دانشور جو مقولو ذهن تي ٿو اچي ته ”مونکي ان ڳالهه جي ذري برابر پرواهه ڪانهي ته ڪا منهنجي قوم ٿوري آهي، مان زميني سائنس ۾ مهارت رکندڙ جي انهيءَ ڳالهه ۾ ويساهه رکان ٿو ته ننڍي مان ننڍي جبل مان سون جي کاڻ نڪري سگهي ٿي.“ ان چواڻي قاضي صاحب هڪ مهان اديب عالم جي حوالي سان کڻي هند سنڌ ۾ مڃتا نه ڪرائي آهي پر هن مخلص شخص جو خلوص ۽ سچائي ظاهر ڪري ٿي ته هن ماڻهو ۾ پنهنجي محسنن ۽ عظيم ڪردارن سان وفا ڪرڻ ۽ نڀائڻ واري سون جي کاڻ ضرور آهي. سندس اهو لکڻ پڙهڻ وارو جذبو ۽ تحقيقي سوچ جو انداز ضرور کيس مهانتا ڏياريندو. هيئنر هي جيڪو پنهنجي محسنن جو پاڻ کي قرضي سمجهندو احسان لاهڻ لاءِ تڙپندو مون جهڙي حقير ماڻهو تائين به پهتو آهي، سو اميد ڪجي ٿي ته ايندڙ نسل سندس قرضي ٿيندا ۽ احسانن جا ڳڻ ڳائيندا.
علي رضا جو هي ڪتاب پڙهي ۽ ڏسي سرهائي محسوس ڪيان ٿو. سندس لکڻ جو ڏانءُ وڻندڙ نظر اچي ٿو. موضوعن سان نڀاءَ جو انداز به نهايت ڪاريگري سان ٿيل آهي پر ڪٿي ڪٿي روايتي جملا ۽ عام رواجي شين تي لکڻ سان تحقيقي جي روح کي زخمي ڪيو ويو آهي. مثال طور، ريشم گلي، سبزي مارڪيٽ، گوشت مارڪيٽ جهڙيون شيون سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ موجود آهن. حقيقت ۾ ٺاروشاه جنڪشن تي لکڻ سان ئي پوري ڪتاب جو مواد ٿي سگهي ٿو ۽ ڄاڻ پڻ. بحرالحال نئين ٽهيءَ جي هن اديب ۾ عالمانه خاصيتون نظر اچن ٿيون. منهنجي دعا ۽ اميد آهي ته سدائين علي رضا صاحب ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي عالمن ۽ محققن جي پهرين صف۾ هوندو ۽ سندس علمي هڳاءُ سڄي سنڌ ۽ هند تائين رسندو. آمين
شعيب احمد تيوڻو
ٺاروشاه