نه ڪم نبريو، نه دم نبريو
سال 2010ع آڪٽوبر مهيني جي شروعات ۾ هڪ خيال ذهن جي در تي دستڪ ڏيڻ شروع ڪئي ته ڇو نه ساهتيءَ جي شاندار شهر ٺاروشاه بابت هڪ دستاويز تيار ڪجي. اصل ۾ اهو خيال نامياري عالم ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غلام محمد پهنور جي باني سائين غلام محمد پهنور جي ڪتاب ’اچو ته مٺياڻي گهمون‘ کي ڏسي آيو. پهنور صاحب اهو ڪتاب 1988ع ڌاري لکيو هو، جنهن ۾ مٺياڻي شهر جو پورو پروفائيل لکيو ويو آهي.
شروع وارن ڏيهاڙن ۾ مون به ان خيال جي پاڇي ۾ رهي، ابتدائي طور ٺاروشاه بابت 22 عنوان لکي ڪم شروع ڪيو. ارادو هي هو ته انهن 22 عنوانن کي ڪور ڪري هڪ دستاويز ڪتاب جي شڪل ۾ ڇپرائيندس. جيئن ئي انهيءَ ڪم ۾ هٿ وڌم ته ڪم ويو وسيع کان وسيع ٿيندو! اهڙي نوبت اچي وئي جو ٺاروشاه منهنجي لاءِ هڪ ننڍڙي ڪائنات ٿي وئي، جنهن جو ٻيو ڇيڙو منهنجي هٿ ۾ نه پئي آيو. آخر هي فيصلو ڪيم ته جيڪو به لکيو اٿم اهو همٿ ڪري ڇپرائجي پوءِ جيڪڏهن همٿ سلامت رهي ته ان ڪم کي ٻئي ايڊيشن جي ۾ صورت اڳتي وڌائبو، جي نه وڌائي سگهيس ته ’جهڙو حال، پريان نال‘ جي محاوري جيان خاموش ٿي ويهي رهبو.
ٺاروشاه بابت معلومات گڏ ڪرڻ منهنجي لاءِ انهيءَ ڪري به مشڪل ثابت ٿي رهيو هو جو مان هتان جو ڄائو نه آهيان. منهنجو ڳوٺ دليپوٽا هن شهر کان 9 ڪلوميٽر پري آهي. ان ڪري هر شيءِ بابت معلومات لاءِ مختلف ماڻهن سان ڪچهريون ٿينديون رهيون. هتي اها ڳالهه به واضح ڪندو هلان ته هن ڪتاب جو نالو ’ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر‘ به انهيءَ حوالي سان رکيم، ڇاڪاڻ ته ٺاروشاه منهنجي ڳوٺ دليپوٽا کان 9 ڪلوميٽر پري آهي.
معلومات ڪٺي ڪرڻ لاءِ، ظاهر آهي ته ڪچهرين لاءِ وقت درڪار هو. جنهن لاءِ ڪڏهن منهنجي مصروفيت اڳيان ٿي آئي ته ڪڏهن جنهن شخص سان ملاقات ڪري ان کان ٺاروشاه بابت معلومات وٺڻي هئي، انهيءَ وٽ منهنجي لاءِ ٽائيم نه هو. ان باوجود ٺاروشاه ۽ ڀرپاسي ۾ دوائن جي حوالي کان مشهور ’اشفاق ميڊيڪل اسٽور‘ تي هلي ويس. جتي موجود مشتاق ميمڻ ۽ ان جي والد حاجي عبدالقيوم صاحب سان ٺاروشاه متعلق رهاڻ ڪرڻ جو موقعو مليو. جنهن کانپوءِ پنهنجي دوست صحافي ثناءِ الله چنڙ جي ٽي وي چينل آفيس ۾ ٺاروشاه جي نوجوان صحافي شاهد سومري سان ملاقات ٿي. هن سان ڪتاب بابت ويچار ونڊيم ته هن بنا دير پنهنجي اوطاق تي اچڻ جي دعوت ڏني. ٻئي ڏينهن تي ٺاروشاه جي سومرا محلا ۾ شاهد جي اوطاق ۾ موجود هئس. اتي سندس جا ٻيا ٻه دوست به موجود هئا. هڪ اياز جانوري صاحب ٻيو راشد سومرو صاحب جن کان واري واري سان ٺاروشاه جي حال ۽ ماضيءَ جو احوال وٺي نوٽ ڪندو رهيم. سچي ڳالهه ته هي آهي جو هي دوست ايترو ته تعاون ڪندڙ هئا جو جيڪا ڳالهه هنن کي معلوم نه هئي اها فورن فون ڪري پنهنجن ٻين دوستن کان پڇندي مونکي ٻڌائي رهيا هئا. مطلب ته مون وٽ اهڙو ڪو به سوال نه هو جنهن جو جواب منهنجي سڄڻن وٽ نه هجي. جنهن لاءِ مان اڄ به سندن تمام گهڻو شڪر گذار آهيان. انهيءَ دؤران منهنجي ملاقات ٺاروشاه ۾ سيري ٺاهڻ جي حوالي سان مشهور محترم شمس الدين ميمڻ صاحب سان ٿي، جنهن کان به مون کي تمام گهڻي معلومات ملي.
شاهد سومري ۽ هن جي دوستن کانپوءِ منهنجو رخ ٺاروشاه جي تعليمي کيتر ۾ نئون پير پائيندڙ اسلامي دنيا جي مشهور اڪابر امام غزاليءَ جي نالي سان وجود ۾ ايندڙ غزالي اڪيڊمي ڏانهن هو، جتي اسان جو دوست پروفيسر نعمت الله سومرو ويهندو آهي. سائين سومري صاحب سان چندر جي شهر بابت خيالن جي چڱي خاصي مٽا سٽا ٿي. ان جي وچ ۾ سائين ملوڪ مستوئي صاحب به اچي ويو. جيڪو ته ڄڻ منهنجي لاءِ الله تعالى جي غيبي مدد هو. پوءِ ته سائين سان به ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿيون. ايتري تائين جو سائين سان گڏ ٺاروشاه جون اهي جڳهون به ڏسڻ ويس جن متعلق مونکي اڳي ڪجهه به ڄاڻ نه هئي.
سائين ملوڪ مستوئي جي ئي اوطاق تي ٺاروشاه جي سماجي ورڪر بابو اسلم فوجي سان ملاقات ٿي. جنهن جي شخصيت کي ڏسي هن تي روزانه سوڀ ۾ ’ٺاروشاه جو مسڪين جهان خان کوسو‘ جي سري هيٺ هڪ مضمون لکي ورتم. انهيءَ مضمون جي ڪري ٺاروشاه ۾ مونکي گهڻي پذيرائي حاصل ٿي، جنهن کانپوءِ منهنجي ملاقات سيد رمضان شاه صاحب سان ٿي. شهر جا هي سيد شهر جي باني سيد ٺاروشاه جا پوئينر آهن. سائين سان رات جو ملاقات ٿي. سندس پاران ڪيل ڳالهين جي نوٽنگ به ڪيم پر پاڻ اهو چئي نوٽنگ کان منع ڪئي ته ”مان توهان کي هنن ڳالهين بابت هڪ تفصيلي مضمون لکي ڏيندس.“۔۔۔۔۔۔ ۽ اڄ سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو. ان جي وچ تي مان سائين جن کي بابو اسلم جي معرفت ڪيترائي ڀيرا يادگيري ڏياريم پر شايد سائين رمضان شاه تمام گهڻو مصروف ماڻهو آهي!
اهڙي ريت ٺاروشاه جي هڪ قدآور شخصيت باغي عباس جي نالي سان ٿي گذري آهي. سندس متعلق سائين ملوڪ مستوئيءَ ٻڌايو ته باغي عباس پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ڪارڪنن منجهان هو. هن جو تخلص ’باغي‘ هن جي سڄي شخصيت جو آئينو هو. سائين ملوڪ اهو پڻ ٻڌايو ته باغي عباس جي اردو، سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ انقلابي شاعري آهي. ٺاروشاه جي خانزاده برادريءَ سان واسطو رکندڙ باغي عباس لاءِ سائين ملوڪ چيو ته هن جي حياتيءَ بابت هڪ تفصيلي مضمون مهيا ڪندو پر ’اهي ڏينهن، اهي شينهن‘ ٺاروشاه شهر لاءِ معلومات لاءِ منهنجي اهم ملاقات سيد امتياز حسين شاه صاحب سان ٿي. ماکي جهڙي مٺڙي هن ماڻهو جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سائين وٽ منهنجي ڪتاب جي معاونت لاءِ لکيل ڪجهه ڪاغذ هئا جيڪي منهنجي حوالي ڪيائون. مان سائين سان سيد عارف شاه اول ۽ ٺاروشاه جي محسن سيد نذير شاه متعلق تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪي مضمون منهنجي هن ڪتاب جو حصو آهن. هن ڪتاب جي لکڻ کان ڇپجڻ تائين جن ماڻهن منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو انهن ۾ علي ڪمپيوٽرس جا مالڪ مظفر علي سهتو، مدثر علي سهتو صاحب جو پاڻ کي ٿورائتو سمجهان ٿو
انهن دوستن جي مهربانين کانسواءِ ڪجهه مشڪلاتون به رهيون. جيئن ڪتاب جو مواد هٿ ڪري لکڻ شروع ڪيم ته عزيزم ڀيڻويي عبدالجبار پيرزادي جو انتقال ٿي ويو جنهن سبب ذهني صدمي سبب اٽڪل ٻه مهينا ڪتاب جي ڪم کان پري رهيس. اپريل ۾ بابا سائين مٺياڻي هاءِ اسڪول جي رٽائرڊ هيڊ ماستر دين محمد سهتي جي وفات جو صدمو ٿيو. جيئن ته هي ڪم نج ذهني آهي، ان ڪري ڪافي مهينن تائين ڪم کي بريڪ لڳي وئي. موسم جي شدت به منهنجي هن پورهيي ۾ حائل رهي. جيئن ته معلومات نوٽنگ ڪري ڪمپيوٽر تي ڪمپوز به پاڻ ئي ڪندو هئس. ان ڪري گرميءَ جا هي مهينا ڄڻ موڪل تي رهيس. پوءِ به حال حاضر جيڪي شيون آهن. اهي لکت ۾ توهان جي اڳيان، ان اميد سان آڻي رهيو آهيان ته منهنجون غلطيون درگذر ڪيون وينديون. باقي ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ پبلڪ پراپرٽي هوندو آهي. جنهن تي تنقيد ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي.
ها! هڪ ڳالهه سر تسليم خم آهي ته ٺاروشاه جي ماضي، حال، مستقبل تي ڪم ڪرڻ تمام اڻانگو ۽ اڻ کٽ ڪم آهي. سو دوستو مونکان نه ’ڪم نبري سگهيو نه غم.‘ اهو اعتراف آهي ته ڪافي شين جو ذڪر نه ڪري سگهيس جنهن لاءِ معذرت خواهه آهيان.
’نه ڪم نبريو نه غم نبريو، جيڪو نبريو سو ئي دم هوندو.‘ (استاد بخاري)
علي رضا قاضي
ليڪچرر، سنڌي شعبو
غلام رباني آگرو،
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو