ٺاروشاه جا تفريحي ماڳ، ماضي ۽ حال
”آج رات نورمحل سئنيما مين نديم اور شبنم ڪي فلم زندگي۔۔۔۔“ هنن لفظن تي مشتمل آواز ٺاروشاه وارن کي ماضيءَ جون ڪجهه ياديون تازيون ڪرڻ ۾ ضرور مدد ڪندو. شام ڌاري ڪباب ٺاهي کپائندڙ ۽ ڏينهن جو اڪثر ڪري فلمن جا پڙها ڏيندڙ ناصر پنجابي هاڻي اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو ۽ نه ئي وري اهو تفريحي ماڳ نور محل سئنيما جنهن ۾ ماضيءَ جون شاندار فلمون لڳنديون هيون ۽ پري پري کان ماڻهو ڪهي اچي اهي شو ڏسندا هئا. 1950ع جي ڏهاڪي ڌاري ٺاروشاه ۾ ڀرين جي سيدن ڀريا شهر جي اسٽاپ تي سئنيما ٺهرائي جنهن کي بعد ۾ سنڌ جي نالياري سياستدان سيد مراد علي شاه پنهنجي والد صاحب سيد نور محمد شاه جي نالي تي نور محل جو نالو ڏنو. هي عاليشان قسم جي سئنيما پاڪستان فلم انڊسٽري تي زوال اچڻ کانپوءِ به ڪيترائي سال جاري رهي پر وقت جو مقابلو ڪير ڪري؟ آخرڪار ڪجهه سال ٿيندا جو ٺاروشاه جي هن سٺن تفريحي ماڳ کي بند ڪيو ويو آهي. ٺاروشاه جي نور محل سئنيما جو ذڪر ڪندي سيد مراد علي شاه جي ان ڪوشش جو ذڪر نه ڪرڻ سراسر ناانصافي تي ٻڌل هوندو ته جڏهن سڄي ملڪ ۾ سئنيما هال بزنس، رهائشي بلڊنگس ۾ تبديل ٿي ويا، اتي شاه صاحب هن جڳهه کي اڄ تائين فقط ان آسري تي سانڍيندو پيو اچي ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جنهن ۾ ماڻهن جي تفريح جو لاڙو سئنيمائن ڏانهن ٿيندو. نور محل جي اهڙي ريت سانڍڻ مان اسان کي سيد مراد علي شاه جي فن جو قدردان هجڻ جو پتو پڻ پوي ٿو.
ٽاڪيز
نورمحل سئنيما کان ڪجهه اڳ ٺاروشاه ۾ مٺياڻي- دليپوٽا روڊ تي جنڪشن کان ٿورو اورتي شهر سان لڳو لڳ ٽاڪيز وجود ۾ آئي هئي. هن جو مالڪ علائقي جو معتبر شخص غلام نبي ڏهراج هو. هن سئنيما پنهنجو عروج ڏٺو. هي اهو دؤر هو جڏهن هندستان جي سئنيمائن تي به پاڪستاني فلمون هلنديون هيون. ٺاروشاه ۾ وري ”ٽاڪيز نالو ئي ڪافي آهي“ جي مثل هئي. جتي نه صرف پاڪستاني پر ڪيتريون ئي هٽ سنڌي فلمون پڻ شوقينن کي ڏسڻ لاءِ مليون. ٽاڪيز سئنيما جي دؤر کي جيڪڏهن پاڻ ٺاروشاه واسين جي تفريح جو سونهري دؤر چئون ته به گهٽ نه ٿيندو. شام ٿي ناهي، ٽاڪيز جي اڳيان ماڻهن جو ميلو متو ناهي. هڪ پاسي ٽاڪيز جا جلوا ته ٻئي طرف ماڻهن جو جنڪشن تي گڏ ٿيڻ. پڪ نه ٿو ڀانيان پر محسوس ڪري سگهان ٿو ته انهيءَ دؤر جي ئي ڪري ٺاروشاه جو هن سڄي علائقي ۾ وڏو نالو هو. اهو پڻ ته فلمن جي شروعاتي دؤر ۾ سئينمائن تي گونگيون فلمون يعنى بنا آواز جي هلنديون هيون. بعد ۾ آواز سان گڏ فلمون اچڻ شروع ٿيون جن کي ٽاڪيز سڏيو ويو.
جنڪشن
ٺاروشاه سان جنڪشن جو ميلاپ ائين هو جئين مُنڊيءَ ۾ ٽڪ. ٺاروشاه، جنڪشن کان سواءِ ڪالهه به اڌورو هو اڄ به اڌورو آهي. هي اهو زمانو هو جڏهن شهر واسين لاءِ جنڪشن ٽرانسپورٽ جو اعلي ترين ذريعو هجڻ سان گڏ تفريح جو ڀلو ماڳ پڻ هو. صبح ٿيو ناهي، ٺاروشاه واسين جٿن جي صورت ۾ جنڪشن ڏانهن ڪاهه ڪئي ناهي. پري کان ڪوڪو ڪندڙ ريل، ويجهي کان نظاري ۾ انهيءَ گاڏيءَ ۾ سوار حسين چهرا جن کي ڏسي ڪنهن شاعر جي بقول ته ”سارا ٿڪ لهي ويا“ جو لقاءُ ٿي ويندو هو. بِهن وارن، گجرون کپائيندڙن جا هوڪا. بس گيدي ۾ چار آنا سي هجن باقي کائڻ لاءِ به ايترو ملي ويندو جو وڃي ٿيا ست خير. هاڻي به جنڪشن تي ست ئي خير آهن. بس وقت وقت جو ڪمال آهي.
هاءِ اسڪول جو گرائونڊ
هاءِ اسڪول جو ڪشادو گرائونڊ به ٺاروشاه جي رهندڙن لاءِ تفريح جي وڏي وٿ هئي. ميدان جي چوڌاري ٽالهين جا ڊگها وڻ، ڪجهه اورتي گلاب ۽ موتيي جا ٻوٽا، ٻوٽن ۾ ٽڙيل گل، گلن مان ايندڙ سڳند، بس پوءِ ڪيا بات جو سماءُ هوندو هو. هر روز صبح جو سوير شهر جا اڪثر رهواسي ان سڳند جي سڳي ۾ ڇڪجي هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي پهچي ويندا هئا. مونکي ٺاروشاه جو هي خوشبودار منظر لکندي حڪيم لقمان جو هي مقولو ياد اچي ٿو ”زندهه انسان ڳئون جو گوشت کائڻ کانپوءِ مري ڇو نه ٿو؟ ۽ مئل ماڻهو نم جي پاڻي سان غسل ڪرائڻ کانپوءِ زنده ڇو نه ٿو ٿئي؟“ مان به هتي هي سوال ٺاروشاه واسين جي اڳيان ضرور رکڻ چاهيندس ته ٺاروشاه جي هن عظيم ورثي کي وڃائڻ کانپوءِ شهر واسي ساهه ڪيئن ٿا کڻن؟ ڇا هنن جي ساهن ۽ احساسن مان بدبوءِ ۽ خوشبوءِ جي تميز ختم ٿي چڪي آهي؟ هن مضمون جي ڊيگهه کي ڏسندي مان ٺاروشاه جي حال بابت ڪجهه به نه ٿو لکڻ چاهيان سواءِ ان جي ته هاءِ اسڪول جي گيٽ کان اندر تائين فقط بدبوءِ جو راڄ آهي.
هاءِ اسڪول جو ڊراما هال
ٺاروشاه هاءِ اسڪول جي ڊراما هال کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هتي گوبند مالهيءَ جا ابتدائي لکيل ڊراما پيش ڪيا ويا. ماسٽر چندر هتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هي ڊراما هال شهرين ۽ خاص ڪري تعليم سان لاڳاپيل ماڻهن جو مرڪز هو. جيڪو هاڻي هڪ اجڙيل داستان کان سواءِ ڪا به حيثيت نه ٿو رکي. ڪجهه سال اڳ هن هاءِ اسڪول جي گرائونڊ ۽ ڊراما هال جي سٺي شهرت کي ڏسندي اٺن ڏينهن جي اسڪائوٽ ڪئمپ پڻ هنئي وئي هئي. جنهن کا بعد اهڙي ڪا به سرگرمي ڏسڻ لاءِ نه ملي آهي. البت هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي ڪرڪيٽ جون ٽورنامينٽون منعقد ٿينديون رهنديون آهن. جنهن ۾ شهر جا نوجوان رانديگر پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري راند جي اها سرگرمي بحال رکيو اچن. جن کي لک شابسون هجن.