ٺاروشاه جو نورو مشڪرو، محبتن جا ڏينهن
ٺاروشاه ويجهو ڳوٺ ڏيٿا جو رهواسي نورو مشڪرو جيڪو پاڻ کي نورو نمازي پڻ سڏائيندو هو، جا وڏڙا صوم صلوات جا پابند ۽ پنهنجي ميمڻ برادريءَ ۾ آخوند جي لقب سان مشهو هئا. جهڙي طرح انهن دين جي علم ۾ پنهنجو نانءُ روشن ڪيو. ان جي ابتڙ نوري سنڌ ۾ مشڪريءَ جي فن کي ڪمال تي پهچائي ڇڏيو. سنڌ ۾ پاڪستان جي قيام کان اڳ نوري نمازي جي فن جو هي عروج هو ته جيسيتائين ڪاڄ ۾ نورو، مشڪري نه وجهندو، تيسيتائين اهو ڪاڄ مڪمل ئي ناهي. ٺاروشاه جي شاهي بازار اڄ به انهن يادين کي ساري ٿي جنهن ۾ ماسٽر چندر، گوبند مالهي ۽ ٻيا ٺاروشاه واسي نوري جون مشڪريون ٻڌندا هئا. نورو، مزاحيا اداڪاري جي ڪمال تي پهتل هو. هو نه صرف گفتي جو پڪو پر عملي مزاح ۾ به ڀڙ هو. جنهن جي هڪ جهلڪ اسان کي سندس بابت استاد غلام قادر سومري جي ڪتاب ’سنگيت آچاريه، ماسٽر چندر‘ مان ملي ٿي سائين لکي ٿو ته ”نوري کي لاڙ جي هڪ زميندار دعوت ڏئي گهرايو ۽ فرمائش ڪئي ته ڪو اهڙو تماشو ڪري ڏيکاري جو اڳي ٻئي ڪنهن نه ڪيو هجي. نورو اڳي ئي سوچي تياري ڪري آيو هو. ٻئي ڏينهن جمع هو. جماعت سان گڏ نماز جو ٽائيم وغيره معلوم ڪري ڇڏيو هئائين. سوير ئي وهنجي سهنجي پيش امام جا ڪپڙا پهري عطر لڳائي، مسجد ۾ پهتو ۽ پاسو وٺي بيهي رهيو. نمازي اچڻ لڳا وضو ڪري صفن ۾ بيهندا ويا. پيش امام جو انتظار هو. نمازي جيئن ٽائيم بچائڻ لاءِ صفون سڌيون ڪرڻ لڳا ته نوري اٽڪل ڪري ڦڙتائيءَ سان پيش امام جي جاءِ والاري ورتي. اصل امام صف ۾ جاءِ وٺي بيهي رهيو. نماز شروع ٿي وئي، جيئن ئي جماعت سجدي ۾ وئي ته نورو اتان کسڪي هليو ويو. نمازي گهڻو ٽائيم ته انتظار ڪندا رهيا ته ڄاڻ ٿو سجدو ختم ٿئي. پر سجدو ڪيئن ختم ٿئي جڏهن پيش امام ئي نه هو. آخر انهن مان هڪ همراهه سجدي مان ئي اک ٽيٽ ڪري ڏٺو ته نئون پيش امام ئي غائب آهي. جنهن کانپوءِ ٻين جماعتن کي اٿاريائين ۽ سڄي جماعت پيرا کڻندي اچي وڏيري جي اوطاق تي پهتي. ڏٺائون ته همراهه اتي ويٺو آهي. وڏيرو، ڳالهه کي سمجهي ويو. يڪدم اٿي بيٺو ۽ هٿ جوڙي معافي وٺندي چيائين ته برادران اسلام! هي نورو مشڪرو آهي. جماعتن جا وات پٽجي ويا ۽ اچي کلڻ ۾ پيا.“ اهڙي طرح نوري مشڪري جا عملي طور ڪيترائي مزاحيا قصا مشهور آهن.
نوٽ: ٺاروشاه واسين جي معلومات لاءِ هتي اهو پڻ لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته هنن جي عهد جو نورو مشڪرو ڀٽ فقير هو. جيڪو به هاڻي اسانجي وچ ۾ ناهي رهيو. اهو به يقينن وڏو فنڪار هو. پر مان جنهن نوري جي مٿي ڳالهه لکي آهي. تنهنجي ذات ميمڻ هئي.