تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
  • 4.5/5.0
  • 1902
  • 350
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book روح الا عظم

حق ۽ واسطا

ڪتاب جو نالو : روح الا اعظم
(سوانح ۽ گفتار فقير فولادي علي قدس سره العزيز)
نگران: فقير شمس الحق عطا فولادي
سهيڙيندڙ: فقير عطا فولادي
معاون: فقير شاهه مردان ( سجاده نشين), فقير احمد جام
سهڪار: فقير مُنور علي چانڊيو, فقير عبدالستار چانڊيو
ڇاپو: ٻيون، مئي 2020 ع (واڌاري سان) اي ايڊيشن
ڪمپوزنگ اينڊ لي آئوٽ: حافظ گداحسين چانڊيو
پهريون ڇاپو ڇاپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

ROOH - AL- AZAM
By: Faqeer Folad Ali Quds Sarha-ul –Aziz
Compiled by: Faqeer Atta Foladi
Compsode by: Fakeer Gada Hussain chandio
Roshni Composers and Printer, Hyder Chowk, Hyderabad
Printed by: Fine Communication, Hyderabad, Sindh
Published by: Roshni Publication, Kandiaro

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد، ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد + حيدرآباد لا هائوس، سامهون حبيب بئنڪ اسٽيشن روڊ. حيدرآباد،ڪاٺيا واڙا سٽور، اردو بازاز، ڪراچي، حسين عامر نيوز ايجنسي مين بس اسٽاپ ، سجاول + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو، رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو+ رهبر بڪ اڪيڊمي+ رابعه سينٽر لاڙڪاڻو، مدني بڪ ڊيپو لاڙڪاڻو+ نيشنل بوڪ ڊيپو بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نوراني بوڪ ڊيپو، بندر، روڊ لاڙڪاڻو، اشرف بو ڪ اسٽال، مسجد روڊ نوبشاهه + راٺوڙ ڪتاب گهر، سڪرنڊ، سڪندري بوڪ ڊيپو کپرو، حافظ ڪتب خانو، کپرو، مهراڻ بڪ ڊيپو کپرو.
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ، العزيز ڪتاب گهر عمر ڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر عمر ڪوٽ، سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ دادو+ جنيد بوڪ ڊيپو، دادو مراد بڪ اسٽال، سيهوڻ، تهذيب نيوز ايجنسي خيرپور ميرس+ نيشنل بڪ اسٽال پنج گلو چوڪ خيرپور ميرس، لغاري بڪ ڊيپو، ٺري ميرواهه + مڪتبه عزيز کهڙا+ سچل ڪتاب گهر، درازا..

انتساب

فقير امين محمد جي نالي ،
جنهن پنهنجي ساري عمر هادي شهنشاهه
جي خدمت ۾ گزاري
۽
ٻين سڀني صادق اليقين طالبان جي نالي ڪريون ٿا.
فقير شاهه مردان
سجاده نشين درگاهه
۽
فقير شمس الحق ۽ فقير احمد جام ،

جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه سپرين سين،
تڏهان ڪر تر جيترو پل نه وسريام
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري
(شاهه)

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”روح الا اعظم (سوانح ۽ گفتار فقير فولادي علي قدس سره العزيز)“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. جڏھن تہ ٻيو (سڌاريل ۽ وڌايل) ڇاپو أي بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پيش ڪري رھيا آھيون. ٿورائتا آهيون حافظ گداحسين چانڊيو جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نذرانئه عقيدت

ميڏا مرشد منور هي اصل انوار دي وانگون
جنهن دا جلوه رهيا روشن نسنگ نروار دي وانگون

مين هان دلدار در سولي، ويسان هرگز نه مين خالي
منگان مين دان متوالي، ڦران ڦريدار دي وانگون

فقير فولاد فرزانه علي گوهر موج مستانه
تمهين هو مرد مرادنه، مهند مهندار دي وانگون

تيڏي سرتاج ڇٽ سونهين، تيڏي اقدام اڳوهين
ميڏا ضامن ڀلا تون هين لائق لڄدار دي وانڳون

تيڏا هي شان شاهانه ڀرودا مان ديوانه
ڪرو ڪا مهر محبانه شهه ابرار دي وانگون

عطا تي ڪر عنايت ڪا ڪرو ساقي سخاوت ڪا
حامي هرد حمايت ڪا ڪرم ڪلتاري دي وانگون

فقير عطا فولادي

ٻه اکر

هيءَ حقيقت ۽ عالم آشڪار ڳالهه آهي ته حضرت فقير فولاد علي سائينءَ جهڙي علم ادب خواه تصوف جي تواريخ ۾ شخصيت ڪا ورلي لڀندي، ڇاڪاڻ ته پاڻ علم عربيءَ ۾ علم فارسيءِ جا مستند ۽ بينظير عالم هئا،
سندس شخصيت گهڻ رخي هئي.حق گوئي خواه بي باڪي ته سندن خاص خوبي هئي. اهڙي جيد عالم جڏهن وري طريقت جي رنگ ۾ رڱجي، حقيقت جي حال ۽ معرفت جو مقام ماڻيو، ته اُتان جا ماڻڪ ميڙي بحر عميق ۾ غواصي ڪري بحر جي موجن ۾ لهرن ۽ اٿل ۽ ڇولين سان جڳ واسي ڇڏيائين.

لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا،
سڻي سونُ لنڪا جو، سُکُ نه سامونڊين
پره پڳه جوڙيا، کاري کيڙئن،
وڏي ڀاڳ ڀِڙن جي ڪهيا ڪارو نڀار ڏي

سندن علمي بحر مان سيراب ٿيڻ لاءِ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مرحوم جناب علي احمد بروهي صاحب، روهڙي جا رضوي سادات ۽ مرحوم عطا محمد حامي صاحب جن هلي اچي ساڻن صحبتون ڪري پرائي ويندا هئا. سندن گفتار تي مبني هي ڪتاب عرصي دراز کان قلمي صورت ۾ موجود رهيو، مگر شايد ڪن ناگزير اسبابن سبب ڇپجي پڌرو ٿي نه سگهيو.
هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ تي ڌڻيءِ جي درگاهه ۾ آسائتو آهيان ته سندس مدد ۽ عنايت سان ڪتاب ڇپجي قارئين ڪرام جي دست حنا ثابت ٿيندو. آمين.
مون اُڀي تڙ جهل، پرين پڳه ڇوڙيا،
ڪا مُهين ۾ ال، نات سڄڻ سٻا جها گهڻو.


فقير شمس الحق فولادي

مهاڳ

حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب روح الا عظم سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نهايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم به قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
هن ڪتاب ۾ فقير صاحب مطلوب اڳيان صدق دل سان سر جهڪائڻ اسم اعظم جي ذڪر کي عروۃ الوثقيٰ ڄاڻي مضبوطيءَ سان پڪڙڻ. اسم ڪمائڻ دم قدم جو خيال رکڻ جنهن طور ۽ طريقي سان سمجهايو آهي، شايد اهڙي سمجهاڻي اڳ ڪنهن به تصوف جي ڪتابن ۾ آيل يا ڏنل نه آهي.
بار بار مثال ڏيئي اها ڳالهه سمجهائي ويئي آهي، سچل سرڪار جي چوڻيءَ مطابق ته ”تون ته آيو آن هتي ڪهڙي ڪم ميان، ڇو ٿو وطن وسارين پانهنجو”.
۽ اڪثر ڪري هن ڪتاب ۾ اهڙا مثال، تشبيهون ۽ استعارا شامل آهن. جو هر هڪ سادي طبع وارو اٻوجهه به تصوف جي آفاقي رستن کي سٺيءَ طرح سمجهي سگهي ٿو.

اي مرد درميدان بيا گرسه رو د رفتن پده
يعني، مرد ٿي ميدان ۾ اچ سروڃي ته پرواه نه ڪر ۽ وڃڻ ڏي
هن ڪتاب ۾ هادي شهنشاهه حضرت فولاد علي فقير جسم جي
هستي ۽ هئڻ کي وڃائي واٽ وٺڻ لاءِ هر گهڙي للڪاريندي نظر ٿو اچي. جيئن حضرت فقير غلام حيدر گودڙبه جن فرمايو آهي ته.

هي وڃي تان هو ٿئي، تڏهن ڳالهه ساري پئي پڌر،
“ڪوڙيون ڪتابن جون پڙهين اٿئي، زهد تقويٰ سڀ ضرر”.


يعني جسم سان جنبي جنگ جوڙ، اهو نفس نامراد ۽ نحس اڪبر اٿيئي. ان جي مخالفت مان ۽ ذڪر اسم اعظم وسيلي معنوي معراج کي پهچڻ ممڪن آهي.
نفس جون نگاهون هميشه عيش عشرتن ۽ سٺي طعام قيام لاءِ کتل هونديون آهن. انهن کان پاڻ کي پري رکڻ لاءِ مثال ڪردار هٿ ڪري، فقير صاحب سوليءَ سنڌيءَ ۾ سمجهايو آهي. ڌنار جي پور لئي جي پاڙ ۾ واڙ ٺاهڻ ۽ لئي جي پور ۾ گدڙ جو لڪيل هئڻ ۽ روزانو گهٽا مارڻ، سندن ٻاهر ڪاڏي به پير جو نيشان نه هجڻ، اهو سڀ ڪجهه اندران نفس جي وهمن ۽ خيالات کي نظر ۾ رکڻ ۽ نفس کي لڪل وجود ۾ دشمن موجود هئڻ جا نصيحت ڀريا نڪتا ٻڌايل آهن. جن تي عمل ڪرڻ سان آدمي پنهنجي حياتيءَ جي پونجي، يعني دمن وارو خزانو خيالات جي گدڙن کان محفوظ بنائي ٿو سگهي. جيئن پاڻ فرمائن ٿا ته.

“ نفس اعظم بت بود اندر وجود ، جمله عالم ميکنداور اسجود”
وجود ۾ نفس وڏو بت موجود آهي، سڄي دنيا جا ماڻهو ان اڳيان ساجد ٿيا بيٺا آهن. قرآن پاڪ به ان نفس کي نفس اماره سڏيو آهي ۽ حڪم ڪيو اٿس ته:

وَمَنْ يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِ فَأُولَئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
يعني، جنهن پنهنجي نفس کي سڌن ۽ حرص کان بچايو پوءِ آهي ڪامياب آهن.
دم جي ذڪر ڪمائڻ لاءِ قرآن ڪريم ۾ پڻ حڪم صادر آهي ته:
وَاذٗکُر رّبَّک فِی نَفٗسِکَ تَضرُّعَا وَ خِیفَۃٗ وَ خِیفَۃَ وَدُونَ الٗجھر مِنَ القَولِ بِالغُد وِّ الا صالِ
يعني، ڪيو ذڪر خدا پنهنجي جو پنهنجي ساهه ۾ عجز ۽ عاجزيءَ سان، مگر مخفي طرح ۽ متان غافلن مان ٿيو.
ان آيت جو سهارو وٺي فقير صاحب بار بار تاڪيد ڪيو آهي ته دم کي سنڀال. دَمُ غافل نه رهه الله تبارڪ وتعاليٰ جي عارفن ته ايترو تاڪيد به ڪيو آهي ته جو دَمُ خدا جي ياد کان سواٰءِ ٿو کڄي ته ڄڻ اُهو دَمُ ڪفر ۾ ٿو هلي. يعني جو دَمُ غافل سو دَمُ ڪافر. اڃا به وڌيڪ “ ته دَمُ دي سرت سنڀال رکين”. اهو دم هئي اسرار الاهي دا. هڪ دم نال الله دي هو وڻ بهتر ڪنون بادشاهي.
هن ڪتاب ۾ فقير صاحب هادي شهنشاهه دنيا جا لذات مذا ترڪ ڪرڻ لاءِ ته تاڪيد ڪيو آهي، مگر آخرت يعني عُقبيٰ تان به هٿ کڻڻ جا مشورا ڏنا اٿس. پاڻ فرمائين ٿا ته، دنيا جا طالب کدڙا آهن، عُقبيٰ جا طالب ماديون (عورتون) آهن. مگر الله جا طالب مرد آهن. ان ڳالهه جي تائيد ۾ مولانا روميءَ صاحب به فرمايو آهي ته:

“ حوران به رخ نمايند، بی توچه کار آيند”.
يعني بهشت به هڪ عاشق کي لالچ ڏني وئي آهي ته جيئن ڪي سڌڙيا بهشت جي حورن ۽ ميوات جي لذتن ڏانهن لڙي پون ۽ کائونس اوجهل هجن، پر مردن ته انهن بهشتي دلاسن کي به ٺهڪرائي چيو آهي ته توکان سواءِ حورون ۽ قصورون ڪهڙي ڪم جون آهن، اسان کي اُتي جڳهه عنايت فرماءِ جتي تون سامهون هجين. جتي تون نه هجين ته اسان اهڙِي بهشت کي به باهه ڏينداسون.
آدميءَ لاءِ دنيا جا مال متاع اولاد ۽ زالون دشمن قرار ڏنا ويا آهن، ڇو ته الله جي ياد کان آهي غافل ڪرڻ جا اسباب آهن. قرآن ڪريم ۾ آهي ته.

انّ منْ ازْ وَاجِکم وَاٗولا دیکُمٗ عَدُوَّالّکُمٗ فَاحٗزرُوھُمٗ
ترجمون: يعني، آهي دشمن اٿوَ اُنهن کان ڊڄو.
اهڙيءَ طرح عيش عشرتون ڪشف وڪرامات، بهشت ۽ باغ، نهرون، سڀ رغبت ڏيارڻ جون شيون آهن. فقير صاحب هن ڪتاب ۾ انهن لالچن ۾ نه ڦاسڻ جا وچن ورجايا آهن.
اصل عبديت جي پوش کي ڦاڙي، روحانيت واري قطري کي واپس عروج ڪرائي، وحدت جي واديءَ ۾ غرق ڪري، خود عين درياه ٿي پوڻ جا ڏس ڏنا آهن،

هجي ڪو مرد مجاهد پروانو ۽ رند رندانو،
جيڪو جان جو ڏئي نذرانو ۽ وڃي هٿ ڪري
موج جو مئخانو. آسماني عروج حاصل ڪري،
وڃي ٺاهي عرش آشيانو. پوءِ اتي وڄائيندو
انا الحق جو نعرو ۽ اهو ئي رهندو ٽنهي جهانن ۾ سوڀارو.

مطلب تي هي ڪتاب الفقر لا يُحتاج الا الله خدا کان سواءِ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪڍڻ جو درس ٿو ڏئي، ڇو ته جيئن ته هن ڪتاب ۾ هڪ دفعو هاٿيءَ جي هندستان ڏسڻ بعد هو ڪٿي به اڙيو نه رهندو، جيئن هاٿيءَ جو اصل وطن هندستان آهي، پوءِ ڀلي ان کي عراق ۾ رکو، مگر جنهن وقت وطن ياد پيس ته جبلن درياهن مان اڙيو نه رهندو، وڃي پنهنجي وطن هندستان نڪرندو، ائين هي آدميءَ جو روح به اصل مقام الاروح مان عرش عظيم تان آيل آهي. هتي سندن، جسم جي رشتن ۽ لذات مذات جا ڏاوڻ وجهي، هن کي هتي بند رکيو ويو آهي. جڏهن آهي ڏاوڻ ڇنائين ته سڌو وڃي پنهنجي اصلوڪي ملڪ عرش عظيم تي پهچندو. پوءِ پيو ايندو ويندو. جيڪڏهن هت رهڻ جو خيال پيس ته هت رهندو ۽ وطن ياد پيس ته امالڪ اڏريو وڃي عرش تي نڪرندو.
ٻين سڀني ڪتابن ۾ ٻنهي جهانن جو ڳالهيون ڏٺيون ۽ پڙهيون اٿئون، مگر ٽئين جهان جي ڳالهه ڪنهن به ڪتاب ۾، ڪنهن به عالم يا اڪابر نه ڪئي آهي، جيڪا هڪ نئين ۽ عجيب حقيقت هن ڪتاب جي نظر مان ڪڍڻ سان معلوم ٿيندي، جيڪا عارفن عاشقن کانسواءِ ڪنهن جي سمجهه ۽ ادراڪ ۾ به نه آهي. حضرت سچل سرمست هڪ بيت استعاري وانگر استعمال ڪيو آهي. جنهن ۾ پاڻ فرمائن ٿا ته:

حدين وڃي هر ڪو، لاحد وڃن پير،
سچو سي فقير، جيڪي حد لاحد لنگهي ويا.

هن ڪتاب ۾ بيحد ملڪ جو بيان نهايت عمدي ۽ واضح لفظن ۾ ڪيل آهي، جيڪا هڪ حيرت انگيز حقيقت آهي، اڳين ڪتابن ۾ معراج فقط حضرت سرور ڪائنات لاءِ مخصوص حقيقت سمجهي ويندي هئي، مگر فقير ته مثال ڏيئي واضح ڪيو آهي ته هارون رشيد دجلا تي پنهنجي لاءِ پل جوڙائي هئي، سابه اڄ تائين موجود آهي. باقي حضرت رسول صلي الله ﷺجن جيڪو معراج جو رستو جوڙايو، هو اهو ڪو بند ٿي ويو ڇا؟
سوال آهي مسافر جي محنت ۽ اورچائيءَ جو ته هلندڙ طالب ڪيتري قدر اورچ آهي ۽ جانباز ۽ جانفشاني سان ٿو پنڌ ڪري، جيترو تکو هلندو اوترو پنڌ جلد نبرندس، نه ته ويٺن تان واري وري ويندي آهي. ڪيترائي عاشق عارف معراج جا صاحب ٿيا آهن ۽ ٿيندا پيا اچن.
هن ڪتاب ۾ اهڙا راز سمايل آهن. جيڪي سڀ اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل آهن‏. هن ڪتاب جي اچڻ سان سنڌي ادب ته بجاءِ خود پر علِم معرفت کي سمجهڻ لاءِ به ڪليدي ڪردار ثابت ٿيندو.
الله اورانهون ڇڏي، پنڌ پراهئون پيا،
بنا نالي سپرين، سي اڃا ڪي ٻيا،
واڪيندا ويا، صادق ٻڌيون سندرا،

خادم درگاهه

فقير عطا فولادي
ڳوٺ مينگهوفقير شر
تعلقه ميرواه ضلع خيرپور ميرس
سنڌ
5 مئي 2009ع

باب پهريون: روح الا عظم

---

سوانح حيات ۽ سندن خاندان

فقير صاحب جا وڏا اصل بلوچستان جي شوري علاقي جا رهاڪو هئا، مگر مير سهراب خان کين تقريبا 1175 هجري ۾ گهرائي، رياست خير پور جي تعلقه مير واهه جي موجوده ڳوٺ مينگهو فقير شر واري جڳهه تي آباد ڪرايو. ان وقت ميان عبدالنبي ڪلهوڙي، جوڌپور جي راجا کان مدد وٺي مير بجار خان کي شڪست ڏني هئي، مگر پوءِ خوشامد طور عمر ڪوٽ وارو قلعو کيس ڏيئي ڇڏيائين، جنهن ۾ راجا پنهنجي ڪجهه لشڪر سميت ترسي پيو ۽ رياست خير پور جو والي مير سهراب خان جو ڀاءٌ مير غلام محمد شڪار ڪندي عمرڪوٽ وڃي نڪتو. اوچتو مير غلام محمد جي ماڻهن ۽ راجا جي ماڻهن وچ ۾ مهاڏو ٿي پيو، جنهن بعد مير غلام محمد پنهنجي مختصر ماڻهن سميت مارجي ويو.
اها خبر جڏهن ميرسهراب خان کي پيئي، تڏهن پاڻ ٻين ميرن کان مدد وٺي جوڌپور تي ڪاهي ويو ۽ راجا کي شڪست ڏنائين. ان بعد راجا پنهنجا ٺَڪُرَ موڪلي وقت بوقت ميرن جي رياست مان پيو ڦرلٽ ڪرائيندو هو، ان ڪري مير سهراب خان بلوچ قبيلا آڻائي سنڌ ۾آباد ڪيا، ته جيئن ٺَڪرَن جي حملن وقت سندن قوت کي ڌڪ رسائي سگهن.انهن بلوچن مان فقير صاحب جو ڏاڏو دوست علي فقير پنهنجن پنهنجن ڀائرن هر هڪ قائم خان، صالح خان، سهراب خان، دوستڻ خان ۽ واسو خان کي ساڻُ ڪري مير سهراب خان وث پهتا. انهن سڀني جا اولاد ساڳين ماڳن تي اڄ به موجود آهي، جن کي شَرَ ٿو سڏجي. انهن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي قبيلا جهڙوڪ مري، بگٽي، رند، جتوئي، بڙدي، بليدي، جمالي، لاشاري، جلالاڻي، شنباڻي، بوزدار، لُنڊ، جلباڻي، جسڪاڻي، جانوري، چانگ، دشتي، مجيداڻا، مشوري، چانڊيا، گوپانگ، ٽالپر ۽ لغاري وغيره موجود آهن.
فقير صاحب جا وڏا اصل شاهه وسائي رحه جن جا مريد هئا، جيڪو ميان گاجي گنج بخش جي اولاد مان هو. جيڪو گنداواه (سيوي ڍاڍر) جي نالي سان ٿو سڏجي. سندن طريقو ميانوالي سڏبو هو. جيڪي ذڪر نفي اثبات بلند آواز سان ڪرڻ وقت پنهنجو سر ساڄي ۽ ڳاٻي پاسي لوڏيندا آهن. ان طريقي کي سهروردي طريقو به چئبو آهي.
هت اچڻ وقت دوست علي فقير جي ڀاءُ قائم خان، مير سهراب خان کان ڪچي ڪوٽ ۽ ڪلي جو پروانو ورتوقائم خان جي اولاد مان فقير غلام حيدر گودڙيه جن پيدا ٿيا ۽ ميان دوست علي جي اولاد فقير فولاد علي پيدا ٿيا.
پاڻ 10 محرم 1282هجري مطابق 5مارچ 1867ع سومر ڏينهن صبح وقت ميان محمد يار عرف ملهار فقير جي گهر ۾ جنم ورتائون. سندن شروعات ۾ نالو عبدالحق رکيو ويو. مرحوم محمد يار کي جملي چار پٽ هئا. (1) محمد خان، (2) شادي خان، (3) ساهڙ خان ۽ (4) عبدالحق. فقير صاحب جي ننڍي هوندي کان امتيازي حيثيت هئي. سندن پالنا سندن والد بزرگوار جي هٿ هيٺ ٿي.
هڪ دفعي پاڻ ننڍي هوندي پنهنجي والد محترم سان گڏجي حضرت فقير غلام حيدر گودڙيه رحمته الله عليه جن وٽ آيا، جيڪو سندن والد صاحب جو سڳو مامو هو. غلام حيدر رحمته الله عليه کين ڏسي پيشن گوئي طور فرمايو ته هي ڇوڪرو وڏو ٿي اسان وانگر عشق الاهي جي معرفت جو معراج ماڻيندو. ائين چئي کين رکيل کارڪون کڻي ڏنائون.
فقير صاحب جو والد کهڙن جي مخدومن جو مريد هو. مخدومن وٽ عربي ۽ فارسي تعليم جو مدرسو هلندڙ هو. مدرسي ۾ اعليٰ تعليم يافته استاد مقرر ٿيل هئا، جنهن ڪري ميان محمد يار کي اتان جي تعليم پسند آئي ۽ پٽ عبدالحق کي ان مدرسي ۾ داخل ڪرايائين. ساڻن گڏ ڳوٺ جو ٻيو ڇوڪرو فيض محمد نالي به پڙهڻ لڳو.
فقير صاحب اتان جو نصاب پورو ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ تعلقي ڪنڊيارو جي ڳوٺ آباد ۾ داخلا ورتي. جتي مخدوم حبيب الله نالي وارو استاد پرهائيندو هو. پاڻ اتي بوستان تائين فارسي تعليم حاصل ڪيائون۔ بعد ۾ سوڀو ديرو واري ميرن جي مدرسي مان فارسي علم جي مڪمل تحصيل ڪيائون فارسيءَ سان گڏ دور ۾ سنڌي ۽ عربي به سکيا ۽ پڙهيا.
بعد ۾ عربي علم جي تحصيل لاءِ ضلعي دادوءَ جي شهر اگرء ۾ داخلا ورتائون ۽ عربيءَ علم جا به مستند عالم ٿي ڳوٺ موٽي آيا.
فارسي ۽ عربي علم جي تحصيل سان سندن شخصيت کي اهڙو ته رنگ لڳو جو دنيا جي ڪاروبار کان ڪنارا ڪش ٿي ويا. مگر عالمن ۽ فاضلن جي صحبت ۾ رهندا هئا. ان وقت مير فيض محمد جي رياست تي حڪومت هئي. ان وقت ۾ انگريزن قادر داد خان پٺاڻ کي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪري رياست ۾ سڌارن لاءِ مقرر ڪيو. جنهن ديني تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي مدرسه قائم ڪيا. انهن مڪتبن کي ملان اسڪول ڪري چئبو هو. نون اسڪولن کلڻ وقت استاد اڻ لڀ هئا. مولوي عبدالحق کي سَنَد يافته ڏسي سرڪار کيس ملان اسڪول سپڙ خان رند جي مڪتب ۾ 5 روپيا پگهار سان استاد مقرر ڪيو. اهو وقت 1894ع جو هو. پاڻ ان اسڪول ۾ ٻه سال رهيا، بعد ۾ کين تعلقي فيض گنج جي ملان اسڪول مٺو چانگ ۾ مقرر ڪيائون، جتي پاڻ 11 سال ايمانداريءَ سان نوڪري ڪيائون. ان وقت کين عشق مجازي جي اهڙي ته چوٽ لڳي جو نوڪري ڇڏي ڳوٺ اچي ادا سائيءِ جي حالت ۾ گذارڻ لڳا.
عشق مجازي سندن طبيعت بدلائي حقيقت ڏانهن مائل ڪري وِڌو ۽ حقيقت جي ماڳ مقام حاصل ٿيڻ لاءِ مرشد حقيقيءَ جي ڳولا۾ لڳي ويا. هڪ دفعو پاڻ سفر جي خيال سان پنهنجي چاچي بهار فقير سان گڏجي کڏڙي شهر ۾ وڃي نڪتا ۽ ڪنهن جاءِ تي رات ترسي پيا. رات جو بهار فقير “عشق آرام ڪنهين ڪون ڏتڙا، مجني ڪرنگهه سڪايا هي” ڪلام چيو. اهو ڪلام ٻڌڻ سان فقير صاحب زارو قطار روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته جڏهن ظاهري عشق اهڙو آهي ته حقيقي عشق ڇا هوندو. خدا ڪري ته ان جو مزو نصيب ٿئي. جهڙيءَ طرح ڪنهن منزل تي پهچڻ لاءِ ڪو سونهون ضروري آهي، ان طرح حقيقي عشق جي منزل لاءِ ڪو مرشد ڪامل رهبري ڪري ته بهتر ٿيندو. ان ڪري ان جستجو ۾ جتي به ڪو فقير ٻڌندا هئا ته ان وٽس وڃي پهچندا هئا.
هڪ دفعي سندن ملاقات فقير پير بخش مغل سان ٿي، جيڪو هڪ عامل ماڻهو هو. ان کان ڪنهن ڪامل جو ڏس پڇيائون. جنهن تي فقير پير بخش مغل کين آيت الڪرسي عمل ۾ آڻڻ ۽ اغثني مداح جو ڪثرت سان پڙهڻ جو چيو. ائين ڪرڻ سان اوهان کي حضرت رسول الله ﷺ جي معرفت ڪامل مرشد خواب ۾ ملندو ۽ پوِءِ توهان ظاهري طرح ان جا وڃي طالب ٿجو. اهو ٻڌي پاڻ عمل ڪرڻ شروع ڪيائون ته آخر ڇهينءَ رات جو کين خواب ۾ حضرت قلندر ڪبريا سان گڏ ٻيو فقير بزرگ به کين ڏسڻ ۾ آيو. اُن وقت قلندر شهباز کين فرمايو: الله سان ملڻ ٿو چاهين، غير ڪڍيو اٿئي؟ پاڻ کين عرض ڪيائون: سائين مون کي ته غير ڪڍڻ جي خبر نه آهي. ان تي حضرت قلندر شهبازفرماين: اوڪارو ڏيو. پاڻ خواب ۾ اوڪارو زور سان ڏنائون ته سندن وات مان پردي ۾ ويڙهيل شيءَ پري وڃي ڪري. ان بعد حضرت قلندر شهباز سندن هٿ وٺي کين ذڪر ذاتي سمجهايو ۽ سندن ڪن ۾ ڦوڪ ڏيئين فرمايائون: هتان وحدت جو درياه ٿيندو ۽ موجون ڪندو. پوءِ کين ڀر ۾ ويٺل فقير سفيد ريش بزرگ جي حوالي ڪيائون ۽ کين حڪم ڪيائون ته توهان ظاهريءَ ۾ هن بزرگ کان ضرور ذڪر وٺجو. توهان لاءِ ڪامل مرشد اهو آهي. ان رات ۾ اهو ساڳيو خواب ٽي دفعا ڏٺائون. ان ڪري سندن حال پرشان ٿي پيو ۽ ان ڪامل جي ڳولا ۾ لڳي ويا.1323 هجري ۾ طالب ٿيا ۽ 1332 هه ۾ الله اثبات ڪيائون.
هڪ فعي گهوڙي تي چڙهي پنهنجي سئوٽ سکر خان، جيڪو مال جي سانگ سان صدر جي ڀٽئين وڃي ويٺو هو، جڏهن ان وٽ پهتا ته سکر خان کين خدمت ۾ کاڌو تيار ڪري اڳيان رکيو. فقير صاحب کائنن ڪنهن فقير بزرگ جي پڇا ڪئي، جنهن تي سکر خان ٻڌاين ته مير علي مراد جو وزير خزانه سيد محمد علي شاهه وزارت ڇڏي آيو آهي، ۽ مستي جي حال ۾ پنهنجي باغ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو اٿائين، ۽ مجذوب مست آهي. ڪنهن سان به ملي ڪونه ٿو، مگر جيڪو به وٽس وڃي ٿو ته نيزوکڻي سندن پٺيان ٿو پوي ۽ ماريس ٿو.
فقير صاحب اها ڳالهه ٻڌي ماني ڇڏي، اٿي کڙو ٿيو ۽ اچي مست سيد جي ڀر ۾ ويٺو. مست کيس ڏسي چوڻ لڳو: ميان عبدالحق آيو آهين. تون اسان کي ته ڇهه ڏينهن اڳ ۾ پرتل آهين. فقير صاحب خاموش ويٺو رهيو. ان ريت اتي ڇهه ڏينهن ترسي پيا. آخر ڇهين ڏينهن شام جو مست سيد کي عرض ڪيائون: قبلا اسان تي به عشق جي عنايت ڪريو، اسان ان مقصد لاِءِ توهان وٽ ترسيل آهيون. اهو ٻڌي سيد صاحب کين فرمايو: چڱو ٿيو پاڻ زبان سان گهر ڪئي اٿو. ڇاڪاڻ ته حديث پاڪ فرمان آهي
إقرار بالِلسانِ وَتَصِديقُ بِالقَلب
يعني جنهن ڳالهه جي دل ۾ تصديق هجي ته زبان سان به ضرور ظاهر ڪجي.
ان ڪري اگر توهان زبان سان گهر نه ڪريو ها ته خالي واپس وڃو ها. هاڻي اچو ته توهان کي راهِ طريقت ٻڌايون. ائين چئي کين هڪ ڪنڊ ۾ وٺي ويا ۽ کين پاڻ کان ٿورو پري ڪري ويهاريائون ۽ اشاري سان کين حق جي تلقين ڪندا رهيا. کين پري ان ڪري ويهاريائون جو سيد صاحب تي مستيءَ جو حال هو ۽ کين ويجهو ويهارين ها ته فقير صاحب به مجذوب ٿي وڃن ها يا ضرب الاهيءَ سان فقير صاحب جو دم پرواز ڪري وڃي ها. ڇاڪاڻ ته ڪيترائي نرم دل طالب جان بحق ٿي ويندا آهن.
هڪ روايت آهي ته شيخ شبلي موج مستيءَ جي حالت ۾ هڪ طالب کي ذڪر ٿي سمجهايو ته جيئن هن ذڪر حق جي ضرب ٻڌي تيئن وڃي ڪريو ۽ انقتال ڪري ويو. هادي سائين جي ذڪر وٺڻ وارو سال 1323 هجري هو. ذڪر ڏيڻ کانپوءِ کين تلقين ۽ هدايت ڪندا رهيا، ۽ سندن نالو عبدالحق مان تبديل ڪري فولاد علي فقير رکيو ويو، جيڪو اڄ تائين مشهور آهي، ذڪر وٺڻ وٺڻ بعد پاڻ ياد الاهيءَ ۾ محو ۽ مستغرق ٿي ويا. جيئن حضرت نانڪ يوسف فرمايو آهي:

دم دم ڌمال دم کي کرني نه فراموش
موسيٰ به طور سينا ارني نو فراموش

يعني، هر دم سان ذڪر جي ڌمال نو وسارج. جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام طور جبل تي رب ارني چوڻ نو وياريو هو. ان طرح فقير صاحب به رات ڏينهن اسم سان اورڻ لڳا. ذڪر الاهي ۽ ديدار خداوندي جي ذوق ۾ زماني جي عيش عشرت کان سندن خيال کڄي ويو. پاڻ دنيا جا سڀ لڳ لاڳاپا ڇڏي گوشه نشيني اختيار ڪيائون، گويا که مست ۽ مجذوب ٿي ويا.ڪيترا سال جهنگ ۾ گهمندا ٿي رهيا.
ان مستيءَ واري عرصي دوران سندن چاچو بهار فقير گذاري ويو ته به پاڻ ان جي مغفرت لاءِ تڏي تي به ڪون ويٺا. ماڻهن کي چوندا رهيا ته روح امر آهي، ان تي موت آهي ئي ڪونه اسان جي چاچي جو ڪپڙن جو وڳو پراڻو ٿي ويو هو. سو مٽايو اٿن، مون کي عذر جي ضرورت نه آهي، اوهين پنهنجي ڳڻتي ڪريو، جو زنده هوندي به مئل آهيو. پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪريو .
پاڻ فقيري اختيار ڪرڻ کا اڳ صوم و صلوت جا پابند هئا. مگر ذڪر جي زور۽ روانيءَ سبب نماز جي هڪ رڪعت به نه پڙهي سگهندا هئا. ان ڪري ورد وظيفا ۽ نمازون ڇڏي ڏنائون. رات ڏينهن ذڪر حق ۾ مست ۽ مگن رهندا هئا. سندن چوڻ مطابق نه ذڪر جي صورت ۾ دم دم سان سيرکن جيترو سونو گولو سندن سيني ۾ گهڙيال جي ڪانٽي وانگر مٿان ڌڪ هڻي هيٺ پيو لهي. اهڙي طرح ذڪر جو هر هڪ ڀيرو ان نوراني شعله سان ڦرندو رهندو هون.
بيت: حضرت شيخ عطار رحه
تانہ بازی دررہ حق هر چه ھست، آنچہ میبا ید کجا آید بدست
باص بائم ای بسپ دریا د حق ، حق خبرداری زعدل و داد حق
زندہ دار راز ذکر صبح وشام را، در تغافل مَ گذارین ایام را
یاد حق آمد غذا این روح را، مرھم آمد این دل مجروح را
گر زمانِ غافل رحمان شوی، اندر آن ھمدم ِ شیطان شوی
لب م جنبا جُزبہ ذکر کرد گار ، زانکہ پاکان راھمی بودہ است کار

ترجمه: جيڪي اٿئي سوجيسين خدا جي راه ۾ ختم نه ڪندين، جيڪو توکي ملڻو آهي، تنهنجي هٿ نه ايندو. اي پٽڙا سدائين خدا جي ياد ۾ رهه، جيڪڏهن توکي خدا جي عدل ۽ انصاف جي خبر آهي. صبح ۽ شام ذڪر سان جيئرو رهه، هي حياتيءَ جا ڏينهن غفلت ۾ نه گذار. خدا جي ياد روح جي خوراڪ آهي، هن زخمي دل لاءِ پڻ ذڪر ئي ملم ۽ مرهم آهي. جيڪو وقت خدا کان عافل رهندين ته اهو وقت شيطان توسان گڏ هوندو. خدا جي ذڪر کان سواءِ چَپَ به نه چور، ڇا ڪاڻ ته پاڪن جو ڪم به اهو آهي.

فقير صاحب کي وصال حق حاصل ٿيڻ

فقير صاحب مرشد جي ڏسيل رنداني راه تي نهايت جانفشاني سان گامزن رهيا جو دم غافل سو دم ڪافر سمجهندا هئا. پورا اٺ سال ياد الاهي ۾ محو ۽ مگن رهيا. آخر نائين سال جي آخر ۾ کين خبر پئي ته کُهڙن شهر ۾ هڪ مست سيد الله اوباهيو شاهه جيڪو سيد الهندو شاهه درٻيلي واري جي خاندان مان هو، اهو رهي ٿو. اهو ٻُڌي پاڻ اُن مست وٽ هلي ويا ڇا ڏسن ته سيد مستي جي حال ۾ هڪ مسجد ۾ مٿي تي کوهه واري ڳوري سِرَ رکيون بيٺو آهي ۽ اهو سندس معمول هو ٿورو وقت آرام ڪري گهوڙيءَ کي ڪنهن وڻ سان ٻڌي پاڻ سيد جي اڳيان اچي حاضر ٿيا. مست کين ڏسي پڇيو ته توهان کي ڇا کپي؟ فقير صاحب کين عرض ڪيو ته دل جي راز جا مالڪ آهيو ڇا چئي ٻڌايان.ان تي مست مُرڪي فقير کي چيو ته تعويذ لکي ٿو ڏيانءِ. جنهن تي فقير وراڻيس ته تعويذ ته مان پاڻ لکندو آهيان. اهو ٻڌي مست چيس ته پوءِ زبان سان چئو ته ڇا کپئي؟ حضور پُرنورصلي اللهﷺ فرمايو ته “اِقْرارُ رم باِلّسانِ وَتصْدِيقُ باِؐلقلب” دل جي رازکي ته سمجهان ٿو مگر زبان سان گهرو جيڪي گهرڻو هجيوَ.“ ان تي فقير صاحب عرض ڪيو ته سائين الاهي عشق جي عنايت ڪريو.
اهو ٻڌي مست فيريون ڏيڻ لڳو جو سندس مٿي واري سر به ڪري پئي ۽ چوندو رهيو ته بيشڪ ٿيندو، بيشڪ ٿيندو جيئن توهان چاهيو ٿا انشاءَ الله تعاليٰ ائين ٿيندو. اهو ٻڌي فقير صاحب واپس هلڻ لڳو ته مست کين رات ترسڻ لاءِ چيو ۽ فقير به ترسڻ لاءِ راضي ٿيو. مگر اوچتو مست سيد جي نظر وڻ سان ٻڌل گهوڙيءَ تي پئي ۽ فقير کي چوڻ لڳو ته افسوس توهان سان ڦڪڙي ساڻ آهي. توهان ڀلي وڃو. توهان جو مقصد پورو ٿيندو.
فقير صاحب مست کان موڪلائي صدر جي ڀٽين ۾ لال بخش ڀٽيءَ وٽ اچي رات ترسيا. .فقير لال بخش ڳائڻ ۾ ڪمال رکندو هو. جيڪو صرف توحيد ئي ڳائيندو هو. ان دفي فقير صاحب لال بخش ڀٽيءَ کي ساڻ ڪري مرشد جي درٻار ۾ وڃي محفل ڪرائي محفل شروع ٿيڻ سان سندن طبيعت تي عشق الاهي جو اهڙو ته جزبو پيدا ٿيو جو پاڻ روبرو راڳ ٻڌي نه پيا سگهن ۽ بنگلي کان ٻاهر نڪري وڃي ويٺا ۽ اتان ڪلام ٻڌندا رهيا. محل ۾ احمد فقير ۽ شهمير فقير ڪلام ڳايا. آخر لقمان جو ويٺل عبدالرحيم فقير ڳائڻ شروع ڪيو. سندس پهرين ڪلام جو مطلع هو ته

“رخ رانجھن دا ڪعبه قبلا عشق دا ٻَڌ اِحرام ميان”

اُن ڪلام ٻڌڻ سان مٿن وجد طاري ٿي ويو. عارفن جو معراج آواز ڪلام ذريعي ٿيندو آهي ۽ ان طرح ئي روح عروج نزول ڪندو آهي. پاڻ ان وجداني ڪيفيت ۾ پَٽ تي سمهي پيا ۽ مٿن وحدانيت جو نشو طاري ٿي ويو.
سندن چوڻ مطابق ته، ان مدهوشيءَ ۾ ڏٺائون ته سيد الله اوباهيو شاهه اچي سندن مٿان بيٺو ۽ کين چوڻ لڳو مٿي ته نهاريو. .پاڻ جيئن جو مٿي نهاريائون ته ڪعبت الله شريف ۽ چوڏهن معصومن جا رضا ظاهر ظهور پيا ڏسجن. سڄي رات مدهوش رهيا صبح جو جڏهن بيدار ٿيا ته فقراءَ کان آواز ڪلام جو پڇيائون. کين ٻڌايو ته آواز ڪلام پورو ٿي ويو آهي. اهو ٻڌي پاڻ گهوڙيءَ تي چڙهي ڳوٺ روانا ٿيا مگر موڪلايائون ڪون. جان کڻي ڏسن ته سڄو فقراءُ سندن پويان پيو اچي. کين هادي بخش فقير عرض ڪيو ته سائين هنن کان موڪلايو ته سهي توهان لاءِ ٿا اچن. فقير صاحب جواب ڏنو ته هينئر مون کي ڪير به هٿ نه لائي پري کان ڀلي موڪلائين. سيد بخش علي شاهه جيڪو لقمان شهر جو ويٺل هو ۽ پڻ سيد محمد علي شاهه جو طالب به هيو. اهو ماڻهن کي چوڻ لڳو ته هن وقت فقير تي مستي جو حال آهي کيس ڪير به هٿ نه لائي. اسان جي هادي پاڪ سيد محمد علي شاهه کي به ساڳيو حال پوندو هو.
پاڻ اتان نڪري مراد جسڪاڻيءَ وٽ ڪوٽ ڏيجي ۾ اچي ترسيا ۽ ڪجهه وقت لاءِ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائون. سندن چوڻ مطابق کين مستيءَ جي حال ۾ ڏسي سيد الهه اوباهيو شاهه روحاني طرح مگرجيءَ کان سندن ڳوٺ تائين گڏ آيو ۽ پوءِ کانئن موڪلائي موٽي ويو. وڃڻ وقت ائين چيائين ته جيڪڏهن مان توهان سان گڏ نه اچان ها ته توهان مجذوبيت ۽ مستيءَ ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو ها. هاڻي ڳوٺ پهچي چڪا آهيو ۽ وجداني ڪيفيت به جهڪي آهي. سيد وڃڻ وقت کين تسلي ڏني ته توهان جلد الاهي عشق جو معراج ماڻيندئو. ان بعد فقير صاحب ماڻهن سان ميل ميلاپ ڇڏي ڏنو. ويهه ڏينهن ۽ ويهه راتيون هڪ جاءِ تي ويهي ذڪر ۾ مشغول رهيا.
آخر ايڪيهين رات سندن جسم ۾ سجود پيدا ٿيو. جاڏي به منهن هجين ته ان طرف سجدي ۾ ڪري پيا پون. ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄڻ ڪو شاه عاليجاه سندن اڳيان بيٺو آهي جنهن کي سجدو ٿا ڪن.ا ن رات جي پوئين حصي ۾ کين آواز ٻڌڻ آيو ته توکي حضرت علي المرتضيٰ جن جي دفتر ۾ داخل ڪيوسون علي فولاد تون پاڻ ۾ ته نظر ڪر. اهو ٻڌي سندن ظاهري اکيون ٻوٽجي ويون ۽ مٿن نينهن جو نشو غالب ٿي ويو. سندن چوڻ مطابق آسمان جي طرف هڪ صورت ظاهر ٿي.جيڪا کين چوڌاري نظر اچڻ لڳي. جا ڏي پيا منهن ڦيرائن تيڏانهن سندن سامهون ساڳي صورت پيئي ڦري. “فاينما تولو فثم وجه الله ” پيا ڏسن. ان حال ۾ سندن ننڊ ختم ٿي ويئي. پورو هفتو مٿن اهو وجد حال طاري رهيو. آخر هڪ ڏينهن سندن اک کلي، مئيخانه مان ٻاهر نڪتا. ٽپهريءَ جو وقت هو. پاڻ جيئن گهٽيءَ مان هلندا ٿي ويا ته سامهون سندن مرشد حضرت سيد محمد شاهه جي صورت کين ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ آئي جيڪو ڇهه سال اڳ دنيا مان رحلت ڪري چڪو هو. پاڻ جيئن سندن ملڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته کين فرمايائون ته آءُ ته هلون. ائين چئي سيد صاحب مٿي ڀر آسمان ڏانهن هلڻ لڳو مِشَما من راسِ من دون الا قدام . (حديث پاڪ) يعني آءُ مٿي ڀر آسمان ڏانهن ويس سواءِ پيرن جي. پاڻ به مرشد جي پويان هلڻ لڳا. تان جو آسمان مان پار ٿيڻ وقت ڪتاب جي ورق اٿلائڻ جيتري دير ٿي لڳي ائين ستئي آسمان لنگهي ويا. آخر ستين آسمان تي کين شاهه آعظم ذات حق پاڪ ويٺل نظر آين. ڏسڻ سان مرشد سميت ان ذات کي طواف ڪيائون. اهو سڀ ڪجهه روحاني طرح هو. “جسم برخاڪ وجان بر آسمان. يعني جسم زمين تي ۽ روح آسمان تي” طواف پورور ڪري سجدي ۾ ڪري پيا. ان وقت ساقي صاحب سان ترار جي اڌ جيترو رنگين ڳن سان هڪ خنجر هو. سجدي ڪرڻ وقت اهو خنجر اسان ٻنهي کي هنيائون ۽ اسان جا سر دڙ کان ڌار ٿي پيا. شاهي تخت جي ڀر سان شراباَ طهورا جو ڳاڙهي رنگ جو دُنگ ڀريل هو. ان مان اسان ٻنهي کي پنهنجي هٿ مبارڪ سان جام ڀري پياريائون. ايتري ۾ اسان ٻيئي زنده ٿي پيا سون. اسان وري سجود ڪيو ۽ وري اسان جا سر ڌڙن کان ڌار ڪيا ويا ۽ وري جام پياريا ويا ۽ اسان جيئرا ٿيا سون. ان طرح اسان سوين ڀيرا قتل ۽ سوين ڀيرا جيئرا ٿيا سون. (حديث پاڪ) لَوردت قُتِلَ فِي سبِيل الله“ ثُمّ احيا ثُمّ اقتل ثُمّ احيَا ثُمّ اقتل” ان جو نالو ملڪوت آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن به ان جاءِ جو بيان ڪيو آهي. ان جاءِ کي فنا في الشيخ چئبو آهي. جتي طالب مطلوب ۾ فنا ٿيندو آهي. پورو هفتو اتي رهيا سون. پوءِ اسان طواف بند ڪيو ۽ اڳيان ٿي بيٺا سون ته منهنجي وجود مان مون جهڙا ٻه شخص هڪ کٻي پاسي ۽ ٻيو سڄي پاسي نڪري بيهي رهيا. کٻي پاسي واري جي پوشاڪ پيلي رنگ جي، سڄي پاسي وارو ڪارن ڪپڙن سان هو. اسان حيرت مان کين ڏٺو ته هي ڪير آهن. ايتري ۾ خبر پئي ته پيلي رنگ جي پوشاڪ وارو ڪفر ۽ ڪاري پوشاڪ وارو دين هو. ان منزل جو بيان حضرت فقير غلام حيدر گودڙيه رحمته الله عليه هن طرح ڪيو آهي. ٿيا دين ڪفر ٻيئي دورديدان دوست اڙايون.
ان کان پوءِ سندن نظر مٿئين طبق تائين ويئي. جتي کين رف رف نظر آئي ان رف رف تي کين هڪ عظيم صورت ڏسڻ ۾ آئي جنهن کي هڪ ڀيرو طواف ڪيائون. ان جڳهه جو نالو مقاماَ محموداَ آهي. جنهن لاءِ قرآن ڪريم۾ آيل آهي ته فبعث اللهُ مَقَاما محمُودا. هن جاءِ جو نالو فان في الرسول آهي. اتي ٽي هفتا رهيا سون. بعد ۾ مٿي ويا سون جتي لوح محفوظ ڏٺوسين. ان ۾ پنهنجي عمر ڏٺي سون ته 63 ورهيه لکيل هئي. هن وقت اسان جي عمر 90 سال آهي. اهو اسان جي رهڻ جو اختيار آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن سان بادشاه راضي ٿيندو آهي ته پوءِ هو پنهنجي مرضي به هلائيندو آهي.
اتان اڳتي وياسون ته جنت الماويٰ ڏٺي سون. ان محلات جي چوڌاري چار ئي مغرب ملائڪ ويٺا هئا، اسان جو وڃڻ حضرت عزرائيل عليه السلام وٽان ٿيو. ان تي حضرت عزرائيل عليه السلام چوڻ لڳو: مار خدا جا مرد اهڙا به آهن جيڪي اسان کان به اڳتي ٿا وڃن. جيئن حضرت فقير غلام حيدر گودڙيه رحه فرمايو آهي


عاشق ويا اوڏهين جت جاءِ نه جبرائيل
محبت جي ميدان ۾، ماڳ نه ميڪائيل
آڌوتي اڳي لنگهيا، ڇڏي اڌ ۾ عزرائيل
غلام حيدر گودڙيا، نيا سڪ سبيل
اٺئي پهر عليل، عاشق گم الله ۾

جڏهن ان منزل کان اڳڀرو هلياسون ته عرش عظيم جو حاطو نظر آيو. عرش عظيم جو سمورو منظر حيرت ۽ عبرت جهڙو هو. جنهن جو بيان ڪري نٿو سگهجي. عرش عظيم جي ٻاهران روزازل کان اڄ تائين جا سڀئي عارف طواف ۾ مصروف آهن. طواف ڪندي سڀئي تسبيح ۽ تقديس ڪندا رهندا آهن. جنهن جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ آهي”حوله العرش يسبحون الملا ئکته“ انهن عارفن مان حضرت شيخ عطار رحمته الله عليه مون کي هٿ کان وٺي عرش عظيم جو طواف ڪرايو. جڏهن چوڌاري ڦيرو پورو ٿيو ته منهنجي نظر سامهون نوراني بحر تي پئي، ان ڏسڻ سان شيخ عطار رحمته الله عيله کان منهنجو هٿ ڇڏائجي ويو ۽ مان ان بحرنور ۾غوطو هنيو ٻاهر نڪتس ته ذڪر بند ٿي ويو. اسان جي لنئو لنئوءَ مان نعره انا الحق بلند ٿيو. منهنجو وجود ان وحدت جي درياه ۾ گم ٿي ويو ۽ مان خود درياءِ ٿي پيس.

“ قطره چون دريا فتاده نام قطره نا پديد
جملگي درياه شد گم قطره گرديدانوران”
يعني ڦڙو جڏهن درياءِ ۾ پيو تڏهن گم ٿي ويو ۽ درياه سان سمورو عين درياه ٿي پيو.
ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان ڪڇيان ته ڪافر
انهيءَ وائيءَ ور، ڪو سمجهي سچينڏو ڇوي
(سچل)
جر ٿر تِک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي
سڀئي شيءِ ٿيا. سوريءَ سزاوار
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهين
(سچل)
فقير صاحب جي انا الحق جي نعري هڻڻ تي ماڻهن جي مخالفت

جيئن ڪنهن جهنگ ۾ شينهن رهندو آهي ۽ لڪل هوندو آهي ته جانور مرون ۽ ماڻهو خاموش هوندا آهن، مگر جڏهن نڪري گجگوڙ ڪندوآهي ته سندن چوڌاري ڪانو، ڪٻريون، هيڙها ۽ ڦيڪاريون به ڦشري ڪري ڌاڙڌاڙ ۽ دانهون ڪري سڄي سنسار کي سجاڳ ڪندا آهن. ته متان هي شخص ڪنهن مهل ڪو حملو ڪري، ڪنهن کي نقصان نه پهنچائي وٺي. اهڙي طرح فقير عارف جي نينهن جو نعرو به شينهن جي گجگوڙ جهڙو آهي. جڏهن ڪو رند عارف پنهنجي منزل مقصود تي پهچي خود مقصود ٿي ويندو آهي ته پوءِ گداگر مان شاه ٿي پوندو آهي. اهو شاه ته ڪنهن جي جهل سان جهلجڻ جو نه هوندو آهي. هو پاڻ کي انا الحق جي اعلان وسيلي ظاهر ڪري وجهندو آهي. جيئن ان بادشاهه لم يزلي حضرت موسيٰ عليه السلام سان پاڻ کي وڻ مان ظاهر ڪيو هو ۽کيس هدايت ڪري فرعون ڏانهن موڪليو هئائين. ان ڳالهه کي هر هڪ عالم تسليم ٿو ڪري. مگر جيڪڏهن فقير عارف مان پاڻ ظاهر ٿو ٿئي ته دنيا سندس دشمن ٿيو پوي.
ماڻهو ته شاهه منصور حلاج کان به ڪونه مڙيا. ان کي به سوليءَ تي چاڙهي باهه ۾ ساڙيائون. شيخ عطار جو سر نيزي تي چاڙهيائون. شاهه سزمد جو سر ڪاٽيائون. ائين ڪرڻ سان مسندون برباد ته ڪون ٿيون. هو ته هميشه زنده ۽ تابنده آهن.
هڪ ڳوٺ ۾ جنهن جو مٿن عشق شهنشاهه جي عنايت ٿي ۽ منصوري مقام حاصل ٿيو ته ڳوٺ وارا سندن سخت مخالف ٿي بيٺا. ڪن ته جنگ کڻي جوٽي. کين خوف ٿيو ته متان ماڻهو ظاهري مڃوتيءَ وارن ماڻهن کان ڦري فقير جا پوئلڳ نه ٿي پون . ان ڪري هر هڪ ڪونه ڪو بهانو. بنائي شرارت شروع ڪئي. ڪن فقير تي ڪوڙا ڪيس ڪيا ته ڪن مٿن ڪفر جا الزام هنيا.
هڪ دفعي انگريزن جي مارشل لا واري وقت ۾ هڪ شخص فقير صاحب هي مئخاني جي لوڙهي ۾ ڏورواري بندوق لڪائي وڃي ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ فوج کي اطلاع ڏنو ته فقير چوريءَ جا هٿيار ٿورکي. مگر خدا جي قدرت جڏهن هو اتي پهتو ته اول ته هن کان تلاشي ورتائون ۽ تلاشي دوران هن جي کيسي مان هڪ خط نڪتو. جنهن ۾ فوج خلاف حُرن کي همٿائڻ ۽ ڀڙڪائڻ جو مضمون لکيل هو. چوندا آهن ته آيو شڪار لاءِ مگر خود شڪار ٿي ويو. يعني گرفتار ٿي ويو ۽ آخر سزا ڪاٽي واپس موٽيو .
هڪ دفعي فقيرجي طالبن لوڙهي مان ڪاٺيون ڪندي رکيل بندوق ڏسي ورتي اها بندوق کڻي اچي فقير صاحب کي ڏنائون، جيڪا مثيءَ ۾ ڪٽجي ۽ کاڄي ويئي هئي. جڏهن ان شخص کي بندوق لڀڻ جي خبر پيئي ته ڏاڍو پشيمان ٿيو. ڇو ته ان بندوق فقير کي نقصان بجاءِ خود رکڻ واري کي مارائي وڌو هو.
ڳوٺ وارن فقير صاحب کي اڻ ڳڻيون تڪليفون ڏنيون هيون ڪڏهن ته کين مارائڻ لاءِ به ماڻهو تيار ڪري موڪليائون. هڪ دفعي فوٽي چانگ، جيڪو هڪ ڌاڙيل هجڻ ڪري مشهور هو. ان کي انعام اڪرام جون لالچون ڏيئي. فقير جي مارڻ لاءِ تيار ڪيائون.
ان ڪري هڪ هن رات فقير جي مئخاني ٻاهران بيهي رائفل سان فقير صاحب تي فائر ڪيو، مگر قدرت جو ڪرشمو، جو نه آواز ٿيو ۽ نه گولي ٻاهر نڪتي.ناليءَ مان پاڻيءَ جا ٽيپا وڃي هيٺ ڪريا. ان وقت فقير صاحب رات جي پوئين حصي ۾ مراقبي ۾ ويٺا هئا.هن همراه ٻيو به فائر ڪيو، تڏهن به ساڳيءَ طرح سان ناليءَ مان پاڻي نڪتو. اهو ڏسي هي حيران ٿي ويو ۽ هي ڏڪڻ لڳو. سندس هٿ مان رائفل ڪري پئي. ڪِرڻ سان رائفل جي نالي ڏنگي ٿي ويئي. هي ويتر ڊڄي ويو ۽ خوف مان اتان ڊوڙندو وڃي پنهنجي دوست گهنڊ جي ويٺل سيباڻي شر وٽ پهتو ۽ کيس سموري حقيقت ٻڌايائين. جنهن تي سيباڻو خان شر هن تي ڪاوڙجي پيو ۽ کيس ڏاڍي تنبيه ڪيائين ته توکي جرئت ڪيئن ٿي جو اسان جي شر فقير کي مارڻ لاءِ هليو هئين. ان تي هن ٻڌايس ته، کيس ڳوٺ جي مولويءَ ۽ چڱن مڙسن تيار ڪيو هو ته هي هڪ لاغرض ماڻهو آهي ۽ پيرن فقيرن کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائي خدا ٿو سڏائي، ان ڪري ڪافر ماڻهو آهي. هن کي مارڻ ثواب جو ڪم آهي جنهن ڪري مان کين مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو هوس مگر پشيماني کانسواءِ ڪجهه حاصل ٿيو ئي ڪين. سيباڻو شر سمجهي ويو ته هن کي ڳوٺ وارن تيار ڪيو آهي ۽ فقير صاحب به معجزانه طور سلامت آهي، ان ڪري هن کي رات ٽڪائي موڪلي ڇڏيائين.روايت آهي ته هڪ دفعي ڳوٺ وارن فقير صاحب تي فرياد ڪيو ته فقير صاحب مسجد شريف جي بي حرمتي ڪئي آهي.ان وقت مختيارڪارالله بخش خاصخيلي هو. جيڪو ڪوٽ ڏيجي جو ويٺل هو. ان فقير صاحب ڏانهن حاضريءَ جو نوٽيس موڪليو، جنهن ڪري فقير صاحب سواري نه هجڻ ڪري اڳواٽ وريل داس هندو، جيڪو هيڊ منشي ۽ فقير صاحب جو طالب هو، وٽ رات وڃي ترسيو. صبح جو فقير صاحب ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته مختيار ڪار صاحب فقير کان پڇو ته ڇا توهان مسجد شريف جي بي حرمتي ڪئي آهي؟ فقير صاحب تي ان وقت مستيءَ جو حال هو. جواب ۾ چيائين: مسجد ڪنهن جي آهي، صاحب چيو: مسجد خدا جو گهر آهي. وري فقير پڇيس: مان ڪنهنجو آهيان،مختيار ڪار چيس :خلقيل ته توهان به خدا جا آهيو. تڏهن فقير چيس: جڏهن مسجد به خدا جي ۽ مان به خدا جو ته پوءِ هنن فريادين تي ڪهڙو بار پيو آهي.جو مون تي فرياد ڪيو اٿن. تنهن تي مختيارڪار چيس: تون اڍنگا جواب ٿو ڏئين. تون ته سزا جو لائق آهين. فقير چيس: اگر اختيار هجيس ته هندو به سزا ڏيئي ٿوسگهي پوءِ ته مسلمان ۽ هندوءَ ۾ ڪهڙو فرق ٿيو. افسوس جو توهان هنن شرپسندن ماڻهن جي غلط بيانيءَ کي صحيح ٿا سمجهو. مان اهل علم، اهل ذڪر، خرقه پوش طالبن وارو ماڻهو آهيان. هي ڪم ته هڪ جاهل ۽ غير مسلم ماڻهو به نه ٿو ڪري سگهي، مان ڪيئن ڪندس.
مگر صاحب ٻڌي ڇڏ ته علم ٻن قسمن جو آهي. (1) علم ظاهري(2) علم باطني. توهان ۽ هنن ماڻهن ظاهري علم ته پڙهيو آهي. هي سڀ باطني يعني روحاني علم کان جاهل آهن. ان مان معلوم ٿيو ته جسماني بصيرت هوندي به توهان جي روحانيت انڌي آهي. اهو ٻڌي مختيارڪار فقير صاحب کيس ڪيس مان بري ڪيو فريادين کي متنبهه ڪيو.
هڪ دفعي ڳوٺ جي مخالفن فقير تي فرياد ڪيوته هي دين اسلام کي گاريون ٿو ڏئي، حالانڪه فقير صاحب خود دستار بند عالم فقيه ۽ علم حديث ۾ ماهر هو. آخر فقير صاحب ڪورٽ ۾ ويو ۽ کائنس پڇا ٿي جنهن تي فقير صاحب ڪجهه ٻڌائڻ بجاءِ ڪورٽ ۾ جاڏي ڪاڏي نهارڻ لڳو۽ چوڻ لڳو ته ڪورٽ ۾ مان جوابدار ته پهتو آهيان فريادي به شاهدن سميت آهن مگر جنهن دين کي مون نقصان پهچايو آهي سو ڪٿي آهي. ان کانسواٰءِ اوهان ڪيس ڪيئن ٿا هلايو؟
مختيارڪار اهو ٻڌي في الحال ته سوچڻ لڳو ته واقعي دين پاڻ ته انساني صورت ۾ موجود نه آهي جو جوابدار مٿس جرح ڪري. مگر پوءِ چيائين: دين ته اسلام جو نالو آهي. ان کي انساني صورت ۾ ڪورٽ ۾ ڪيئن ٿو آڻي سگهجي. ان ڪري توهان تي هڪ سئو روپيه ڏنڊ آهي، جيڪو فقير صاحب ڀري ڏنو.
ٻي روايت ۾ آهي ته ڳوٺ جو ملان. جيڪو فقير صاحب جو سخت مخالف هو ان جي شخصي دوستي هئي رياست جي وڏي وزير حسن جان پٺاڻ سان. ان وٽ ملان شڪايت کڻي ويو ته فقير شريعت جي سخت خلاف آهي ڪفر جا ڪلمان ٿو چوي من خدايم جا نعره ٿو هڻي. حسن جان پٺاڻ پاڻ به ملان ماڻهو هو تنهن ڪري کيس جوش آيو ان ڪري هن حڪم جاري ڪيو ته فقير صاحب کي سخت سزا ڏني وڃي. اهڙو حڪم نامون وٺي ملان هٿو هٿ اچي گل حسن پٺاڻ ۽ محمد ابراهيم پٺاڻ جن کي ڏنو. جن هڪدم تعلقي ميرواه جي پوليس آفسيرکي حڪم ڪيو ته فقير کي گرفتارڪيو وڃي.ان وقت پوليس آفيسرسيد محمد شاهه آڳڙا شهرجو ويٺل هو. اُن صاحب فقير صاحب تي هڪ فاحش عورت کي زوريءَ زنا جي ڪيس ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. مگر ان عورت زور ڀريو ته کيس فقير ڏيکاريو جيئن ڪورٽ ۾ کيس سڃاڻي سگهان. ان ڪري فقير کي مائيءَ جي روبرو ڪيائون . ان وقت فقير صاحب جي عمر 50 سال هئي. جڏهن هن عورت پيرسن فقير الفي پوش ۽ سفيد ريش کي ڏٺو ته دانهون ڪري چوڻ لڳي ته آءٌ گنهگار ضرور آهيان مگر مون کان هي نه پڄندو جو فقير هڪ پيءُ جيترو آهي ۽ گيڙوءَ پوش ۽ سفيد ريش آهي ان تي مان نا حق الزام مڙهيان.
صوبيدار مجبور ٿي وزير کي چيو ته سائين هيتري ڪوشش باوجود فقير تي ڪوبه ڪيس نه ٿو بيهي. ڪيئن ان پيرسن فقير کي گرفتار ڪريان. اهو ٻڌي وزير وري حڪم ڪيس ته فقير کي هٿرادو تر جا زميدار شاهد بيهاريو ته فقير پاٿاريدار آهي. چوريون ٿو ڪرائي. ان تي صوبيدار کي اهڙا خوشامدڙيا ماڻهو ملي ويا جن سندن چوڻ تي فقير صاحب تي ساک کڻي بيان ڏنا ته فقير چورن جو مک ۽ اسمگلر به آهي جيڪو جوڌپور جيسلمير مان مال آڻي ڪچي موڪليندو آهي. جنهن کانپوءِ فقير کي چالان ڪري موڪليائين. ان وقت ڪورٽ گمبٽ ۾ هئي ۽ جج صاحب الله بخش ڀرڳڙي هو. ڪيس هليو ۽ ماڻهن ڪورٽ ۾ به ساڳيا بيان ڏنا. هنن سڀني ظاهري حاڪمن کي خوش ڪرڻ لاءِ عاقبت جو خوف وساري ڇڏيو.
آخر فقيرصاحب کي جج چيو ته توهان شاهدن تي جرح ڪريو. مگر فقير صاحب جج صاحب کي چيو ته جڏهن توهان فيضگنج ۾مختيارڪار هئا ۽ مان به فيض گنج ۾استاد هوس توهان منهنجي اسڪول ۾ به آيا هئا. ڪڏهن منهنجي شڪايت توهان کي ملي هئي يا توهان ڪجهه مون کي غلط محسوس ڪيو هو. هن وقت ته مان پيرسن آهيان. مگر توهان جي سامهون هنن مخالفن مون تي الزام هنيا آهن. توهان ڀلي بالا حڪام ۽ هنن ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ سزا ڏيو.اهو ٻڌي جج صاحب کين ٻارهن مهينا سخت پورهئي سان سزا ڏني. فقير صاحب کيس چيو ته حضرت يوسف عيله السلام کي به ماڻهن ڪوڙا الزام هڻي جيل موڪليو هو مون کي به اهڙي يوسفي سزا قبول آهي. مگر الزام ڪوڙا آهن. اسان عشق الا هي قبول ڪيو آهي پوءِ محبوب جي هٿان اهو بدلو ٿو ملي ته اکين تي آهي.
فقير صاحب کي گمبٽ جيل موڪليو ويو. جن ماڻهن صاحب تي بيان ڏنا هئا اهي موٽندي ريل گاڏيءَ جي فرسٽ ڪلاس ۾ ڀلجي ويٺا، جنهن تي ريل جي عملي کين گرفتار ڪري ٽي ڏينهن جيل ۾ رکيو ۽ هر هڪ تي ويهه ويهه رپيا ڏنڊ به وڌائون. هوڏانهن ان جج صاحب جي گهر کي کاٽ لڳو ۽ ان ساڳئي رات سندس 2500 ( ٻه هزار پنج سئو جو سامان چوري ٿي ويو جنهن تي جج صاحب پشيمان ٿيو ته هڪ بزرگ فقير کي سزا ڏيڻ ڪري مون کي به خدا سزا ڏني آهي. مگر بعد ۾ فقير کي پڪي جيل ڪوٽ ڏيجيءَ موڪيلو ويو جتي فقير صاحب کي پنج مهينا قيد ڪرڻ بعد کيس سزا معاف ڪري آزاد ڪيو ويو.
نائب وزير گل حسن پٺاڻ جيڪو پاڻ کي شريعت جو پابند سمجهندو هو ان جو پٽ آغا غلام نبي پٺاڻ پيءُ سميت فقير جي ملاقات لاءِ آيا ۽ کين گل حسن پٺاڻ چوڻ لڳو ته توهان الله سڏايو هو هاڻي استغفار پڙهو ته بخشش ٿئوَ.
فقير صاحب کيس چيو ته اسان سواءِ ساهي جي الله جو ذڪر ڪيو هو. ان ذڪر جي عيوض هتي پهتا آهيون. هاڻي اسان الله جي نالي وٺڻ کان به توبه ٿا ڪريون ۽ هي فارسي بيت پڙهيائون :
مطلوبہ نہ طلبیم کہ طلب حرام است
اللہ نہ گوئیم کہ در شرک بہ مانیم

يعني، اسان ٻيو مطلوب نٿا گهرون ڇو ته ٻي گُهر حرام آهي. الله ٻيو نه چونداسون ڇاڪاڻ ته شرڪ ۾ پونداسون.

آخر گل حسن پٺاڻ کي مير علي نواز. علي بخش چانڊئي کان سخت ڌڪ هڻايائين. سندس مٿو فاٽي پيو.
جڏهن گل حسن پٺاڻ فقير صاحب جي ملاقات تي آيو ته فقير صاحب کيس ائين نه چيو ته تون به خوش نه ٿي ته هڪ صوفي فقير کي سزا ڏيڻ سان تصوف بند ٿي ويندو. خود تنهنجي پٽ غلام نبيءَ کي تصوف ۾ آڻي کيس گيڙو پارائينداسون. هن وقت توکي صوفي لفظ کان نفرت آهي مگر اڳتي به تولاءِ سزا تيار آهي.
ان تي غلام نبيءَ پٺاڻ پيءُ کي چيو ته بابا قهر درويش برجان خويش يعني فقير تي ظلم ڪرڻ پاڻ تي ظلم ڪرڻ جي برابر آهي.
هڪ هفتي کان پوءِ آغا غلام نبي درازن ۾ وڃي سخي قبول محمد اول جو طالب ٿيو ۽ پوشاڪ گيڙوءَ جي پاتائين. سندس پيءُ ڏاڍو سمجهايس مگر ڪجهه به نه هليس.
هڪ دفعي آغا غلام نبي شراب جا دُنگ ڀرائي اچي فقراءٌ جو نذر رکيو. هن کي نه پئسي جي ڪمي هئي، نه وري ڪو روڪڻ وارو، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ وزير هئو. پاڻ به فقراءٌ سان شراب خوب واپرايائين. اوچتو گل حسن وزير ميلي ۾ اچي پٽ جو حال ڏٺو. ڏک سهي نه سگهيو ۽ دل جو دورو پئجي ويس ۽ مري ويو.
هوڏاهن وزير ابراهيم به سکيا ڏينهن ڪونه ڏٺا. مير علي نواز خان خود به تصوف جو قائل هو ۽ فقير صاحب جو طالب به ٿيو هو. مير علي نواز کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن سندس آفيس ۾ پاڻ روبرو هلي آيو ۽ کيس آفيس مان مٿي ۽ پيرين اگهاڙو ڪري ڪڍيائين ۽ وڃي اسٽيشن تان گاڏيءَ ۾ چڙهيو. مير صاحب اڙدائن کان لعنتون ڪرايس. ان حالت ۾ هي ڳوٺ پهتو ۽ پهچڻ شرط هن هيرو کاڌو ۽ مري ويو. اهڙي طرح سندس عاقبت خراب ٿي. چوندا آهن ته ڊڄ فقيردي مار ڪنون. جنهن دي لفظ تکي تلوار ڪنون.
فقير صاحب مئيخاني ۾ ڪجهه شاگردن کي پاڻ وٽ رهائي،کين عربيءَ فارسي جي تعليم ڏيندا هئا ۽ وٽس علم ڏسي ماڻهو فيض وٺڻ لاءِ گڏ ٿيندا ويا. اهو ڏسي ڳوٺ وارن کي حسد ٿيو. ان ڪري هڪ ماڻهو موڪلي کيس چيائون ته تون فقير تي ڪو بهانو تيار ڪري اچ ته جيئن مٿس ڪو ڪيس ڪري سگهون. جيئن ماڻهن جو توجهه هٽائي سگهجي
اهو ٻڌي اهو ماڻهو فقير صاحب وٽ آيو ۽ موٽي ويو. جمعي جو ڏينهن هو. جمعي نماز تي وڃڻ ڪري هن. مسجد ۾ وڃي ڌاڙ گهوڙا ڪئي ته ههڙو قهر جو فقير فولاد علي رحمته الله مسجد ۾ قرآن شريف تي چڙهيو ويٺو هو ۽ قسم کڻي اها ڳالهه ڪرڻ لڳو.
اهو ڏسي ان پيش امام سان گڏجي ٻئي صبح جو ٺري ميرواهه جي مختيارڪار گيهي رام هندوءَ وٽ وڃي فرياد ڪيائون ۽ سزا ڏيارڻ لاءِ صاحب تي سياسي زور بار به وڌائون. آخر فقير ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. مختيارڪار فقير کي فقيري پوشاڪ ۾ ڏسي اُٿي بيٺو ۽ فقير کي ويهڻ لاءِ ڪرسي ڏنائين. مختيارڪار ان ملان کي چوڻ لڳو ته افسوس آهي جو ههڙو فقير آهي ته به اوهين نه ٿا مڙو. هي فقير جيڪڏهن هندو ساڌ به هجي ها ته اسان مٿس سر قربان ڪريون ها. هي ته اوهان جو مسلمان فقير آهي. موکي پڪ نٿي پوي ته هن فقير ڪا قرآڻ پاڪ جي بي حرمتي ڪئي هوندي. آخر هو هڪ ماڻهوءَ کي مڻ بصرن جو ڏيئي شاهدي لاءِ وٺي آيا مگر فقير جي سامهون اهو به ڦري ويو.
آخرمختيارڪار فقير صاحب کان پڇيو ته سائين جو نالو؟ پاڻ چيائون ته الله، وري پڇيائينس ته توهان جي عمر ڪيتري آهي؟ پاڻ چيائين ته عمر جو آند پاند ئي ڪونهي. عمر اُن جي ليکبي آهي جنهن تي موت هجي. آءُ ته هميشه حيات آهيان. وري فقير کان پڇيائين ته ڇا ڪندا آهيو؟ فقير چيو ته آءُ ماريندو جياريندو آهيان ۽ ٻئي جهان هلائيندو آهيان.
مختيارڪار سمجهو هو، تنهن چيو ته فقير تي هن وقت ايڪانت ۽ ويدانيت جو جوش آهي. هن وقت فقير کي تڪليف ڏيڻ ايشور سان اهنج ڪرڻ جي برابر آهي. ٻي تڪليف کان بچائي فريادين کي ٽارڻ لاءِ فقير صاحب تي ٻه روپيه ڏنڊ وڌائين جيڪي فقير صاحب ڀري ڏنا.

فقير صاحب جو حليو ۽ پوشاڪ

فقير صاحب جسم ۾ قداور ۽ برجستو هو. منهن ويڪرو،کليل پيشاني، اکيون وڏيون ۽ سدائين نينهن جي نشي ۾ مخور هونديون هيون. سندن نڪ ڊگهو ۽ ڪنڍو هو. ڏند سفيد ۽چمڪندڙ. گفتگو دوران پر معنيٰ ۽ پر لطف جملا استعمال ڪندا هئا. سندن جسم الف اشباع وانگر سنئون سڌو هو.رنگ ڀورو هون. سندن محاسن مبارڪ جا وار رکيل هوندا هئا.
پوشاڪ گيڙوءَ جي مٿان الفي به گيڙوءَ جي پائيندا هئا.مٿي تي سائي يا اڇي رنگ جي ڪلاه پائيندا هئا. سلوار موڱي ۽ڪلهن تي گيڙوءَ رنگ جي چادر ڍڪيندا هئا. هٿن ۾ هڪ ٻه چانديءَ جا جون فيروزي ٻڙن واريون منڊيون پائيندا هئا. پيرن ۾ موچيءَ کان جتي ٺهرائي پائيندا هئا.
سندن گفتگو بظاهرته اڍنگي هئي، مگر حقيقت ۾ حق جي گفتار هئي،جيڪا عام ماڻهو سمجهي نه سگهندا هئا. مگر سندن حال جا واقف ته پري کان پنڌ ڪري اچي گفتار ۽ توحيد جي تلقين ٻڌندا هئا. سفر وقت هٿ ۾ هڪ ڊگهي ڳن سان نيزو کڻندا هئا، جيڪو مير علي نواز کين تحفي ۾ ڏنو هو.
روايت آهي ته هڪ دفعي پاڻ طالبن ۽ مريدن سان سفر تي نڪتا. کين هٿ ۾ اهو نيزو هو. رستي ۾ هڪ شخص کين ڏسي پڇيو ته سائين جن جو نالو؟ پاڻ چيائين ته الله ج. وري پڇڻ واري پڇيو ته رهو ڪٿي؟ پاڻ کيس ٻڌايائون ته ديڳ ۾. پڇڻ واري عجب مان چيو ته مار اسان نه پهتا سون. فقير چيس ته ابا دير سان آيو آهين. ائين چوندا اڳتي هلندا رهيا ۽ هو بيهي رهيو. پاڻ ڪجهه اڳتي ويا ته سندن طالب امين محمد فقير کانئن پڇيو ته قبلا هن شخص ڇا ٿي چاهيو توهان کيس ڪهڙا جواب ڏنا فقير فرمايس ته هن شخص مون کان سائين جن جو نالو پڇيو. مون کيس چيو ته سائين جن جو نالوالله جل شانه آهي. وري پڇيائين ته رهو ڪٿي. مون چيومانس ته رهو يعني شورو ديڳ ۾ هوندو آهي. مون ساڻ ته ڪونه آهي. جنهن تي هن چيو مار اسان نه پڳا سين. مون چيومانس ته جي تون ڀاڄيءَ تي نه پهتو آهين ته پڪ دير سان آيو هوندين. اُهو هو سندن گفتگو جو انداز. اڃا به اهڙا سوين مثال اٿن.

فقير صاحب جي رهڻي ڪرڻي

پاڻ سادو کائيندا سادو پهريندا هئا. ٻين کي به سادگي سان رهڻ جي تلقين ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته عيش عشرت ڪرڻ سان آدمي جو نفس گهڻا گناه ڪندو آهي. سادگيءَ سبب نفس هيڻو ٿي پوندو آهي. جنهن ڪري نافرماني نه ڪندو آهي.
پاڻ انفرادي شخصيت جا مالڪ هئا،کين خالق ڪائنات جيڪا صورت عطا ڪئي هئي سا سواءِ سينگار جي به سهڻي ٺهندي هئي.کين کائڻ پيئڻ لاءَ هڪ ڪشتي هوندي هئي. هڪ گلاس جست جو ۽ هڪ گلاس ڪُٽِ جوبه هين. پاڻ هر وقت بدعت کان بيزار هوندا هئا. صرف حقو ڇڪيندا هئا ۽ فرمائيدا هئا ته حقو طالبن لاءِ چڱو آهي ڇو ته سندس ٻاڙ کين ننڊ ڪرڻ نه ڏيندي آهي. جاڳڻ سان طالب جا دم ذڪر ڏانهن ٿي پوندا آهن. سڄي رات سمهڻ وارو ماڻهو مئل وانگر هوندو آهي. پاڻ هر نشي کان بيز ار هئا. مگر عشق الاهي جو نشو مٿن هر وقت رهندو هو. جيڪو عقل کي اجاگر ڪندو آهي. جيئن هڪ عارف سچل سرمست جو فرمان آهي ته

“ خَمُر َ ڪنهن خاصي خماريا، سالڪن ڪيا سِر فدا
ڪيف ڪنهين جي ڪڪوريا، جُنگ ٿيا جسمئون جدا”

سندن طبيعت لا احتجاج الا الله هئي، خدا کانسواءِ ڪنهن کي به سوال نه ڪندا هئا. پاڻ ظاهري طرح مسڪين هئا. مگر ساري عمر ڪنهن کان به ڪجهه گهريائون ڪونه، ان ڪري ماڻهو کين تونگر سمجهندا هئا ۽چوندا هئا ته فقير صاحب وٽ دنيا جي ديڳ رکيل آهي، جنهن مان آهستي ٿو کائي ۽ کپائي.
سندن کاڌو لسي ماني هئي، يا بصر کي مڪ هڻي، ان سان ماني کائيندا هئا. ڪڏهن ته بک تي به ويلا ويٺا هوندا هئا، مگر ڪنهن کان گهرندا ڪين هئا، سندن قرب ۽ محبت اهڙي هوندي هئي جو ڪير به هڪ دفعو سندن محبت لاءِ ايندو هو ته وري ڪڏهن به کانئن ڌار نه ٿيندو هو. پاڻ اهل علم هئا ان ڪري علم وارن جو قدر ڪندا هئا. پاڻ عربي فارسي ۽ اردو سنڌي جا اڪابر عالم هئا. سنسڪرت جو به مطالعو هون. وٽن ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هوندو هو. فارسي ڪتابن مان مولانا جلاالدين روميءَ جي مثنوي، شيخ عطار جو بسير نامون ديوان آشڪار، ديوان شمس الحق تبريز، منطق الطير ۽ شاهه عبدالطيف جو رسالو، ديوان بيدل ۽ ديوان بيدل دهلوي، تاريخ روضته الصفا جيڪا زوار شاهنواز سندن لاءِ ايران مان وٺي آيو هو. شاهه نامون هِجوَ نامون ۽ راڳ ساگر وٽن موجود هئا.
راڳ جي هر صنف ۽ ڌن ۽ هر طرز مان خوب واقف هئا. طالبن کي تلقين وقت آيات قرآني ابيات مثنوي مثالن طور ٻڌائيندا رهند هئا. مثنوي جا مثال ٻڌي طالب هدايت حاصل ڪندا هئا. شاهه جا بيت ٻڌڻ سان طالبن جون دليون وڌيڪ نرم ۽ متاثر ٿينديون هيون شاهه صاحب جي بيتن جون ظاهري توڙي باطني معنائون ڪندا هئا.سندن ترجمو حضرت شاهه صاحب جي عين خيال ۽ تصور مطابق هوندو هو. پاڻ شاهه صاحب جو هي بيت گهڻو ڪري پڙهندا هئا .

“جي توبيت ڀانئيان، سي آيتون آهن،
نيو من لائين، پريان سندي پيچري”

شاهه صاحب جي هر هڪ بيت سان قرآن پاڪ جي آيت ملائي ۽ ڀيٽائي ٻڌائيندا هئا. کانئن سڀني عارفن جا ڪلام موجود آهن. پاڻ فرمايائون ته اها مالڪ جي مرضي آهي ته هو پنهنجي معراج ۽ مشاهدن جو بيان چاهي ته شعر ۾ ڪرائي ۽ چاهي ته نثر ۾ ڪرائي اسان اهو بيان نظم بدران نثر ۾ ڪيو آهي. آءٌ اڳين سڀني شاعر عارفن جي شرح ۽ معنيٰ آهيان.

فقير صاحب جي سالڪن سان ملاقات

روايت آهي ته پاڻ جڏهن اٺن سالن جا هئا ته پنهنجي والد صاحب سان گڏجي حضرت فقير حيدر وٽ ويا. فقير صاحب کين ڏسي فقير غلام حيدر گودڙيه رحمته الله سندن والد صاحب کي مبارڪ ڏني ۽ چيائين ته هي ڇوڪرو هڪ ڏينهن منصوري معراج ماڻيندو. هن تي به اسان جو وارو حال ايندو. شڪر آهي جو هي به اسان جي ڀاڻج جو اولاد آهي. ائين چئي کين کارڪون کڻي ڏنائون.
هڪ دفعي جهوڪ شريف جي سجاده نشين ميان غوث محمد فقير وٽ ويا ۽ اتي اڪثر ويندا هئا ۽ پيرين پيادا پنڌ ڪري حضرت شاهه عنايت شهيد جي زيارت لاءِ ويندا هئا. ساڻن گڏ سندن ڀائٽيو دوست علي فقير ساڻن گڏ هلندو هو. هڪ دفعي جهوڪ شريف ۾ ترسيل هئا ته کين خواب ۾ شاهه عنايت شهيد ديدار ڪرايو ۽ ميان غوث محمد فقير سجاده نشين کي حڪم ڪيائين ته فقير فولاد علي کي مون وارو تاج ڏيو.اهو خواب ميان غوث محمد به ڏٺو ۽ پهرين رات خيال نه ڪيائين وري ٻي رات به ساڳيو خواب ڏٺائين ته به اعتبار نه ڪيائين. آخر ثين راتر کيس زبردست تاڪيد ٿيو ته جيڪڏهن توهان اسان جو چوڻ نه ڪندئو ته نقصان هيٺ ايندئو. اهڙي تاڪيد بعد ميان غوث محمد فقير شاهه شهيد وارو رکيل تاج کڻي اچي فقيرفولاد علي ڏنو.

فقير صاحب جا هم عصر

حضرت سخي قبول محمد درازي به سندن زماني ۾ موجود هو. هڪ دفعي وٽن ويا ته سخي صاحب ڀاڪر پائي کين پيشانيءَ تي چمي ڏنائون ۽ چيائون ته توهان کي آفرين هجي جو عشق الاهي ۾ ايتريون تڪليفون سٺيون اٿوَ. اوهان هن دور جا منصور آهيو. اوهان جيتريون تڪليفون ڪنهن ٻئي صوفيءَ نه سٺيون آهن. اوهان کي حضرت سرمست جو همراز چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو .
حضرت سيد مهدي شاهه ته سندن شيدائي هو. سيد صاحب سدائين مستي جي حال ۾ رهندو هو. پاڻ زميندار هوندي به سائو يا گيڙوءَ رنگ جو جامون ۽ ڇير پائيندا هئا. اڪثر ڪري رقص ڪندا هئا. پاڻ جڏهن به فقير فولاد عليءِ وٽ ايندا هئا ته سندن لاءِ تحفه تحائف کنيون ايندا هئا.
پاڻ ڪڏهن ڪنهن دوڪان تان ڪا شيءِ خريد ڪري گاڏيءَ ۾ چڙهي سڌو اچي فقير صاحب جي اڳيان اهو سامان رکندا هئا. سامان جي رقم سندن طالب ڀريندا هئا. ساڻن ڳائڻ وارن جو ٽولو به هوندو هو جنهن کان راڳ شروع ڪرائي پاڻ نچڻ لڳندا هئا. محفل پوري ٿيڻ بعد ادب ۽ احترام سان فقير صاحب فولاد علي سائين کان اجازت وٺي پوءِ ڪرندا هئا.
فقير صاحب سان صحبت لاءِ محمد فقير کٽياڻ فقير در محمد هيسباڻي نصير فقير جالاڻي، علي محمد فقير ثالپر وٽن ايند هئا،

بيت : شيخ عطا صاحب رحمته الله
گوترا عقل است بادانش قرین، باش درویش وبہ درویشان نشین۔
جيڪڏهن توکي عقل ۽ سمجهه آهي ته فقير ٿي رهه ۽ فقيرن سان صحبت ڪر.
ھمنشینی جزبہ دوریشان کن، تانوانی غیبت ایشان مَ کن،
فقيرن کانسواءِ دوستي نه رک، جيترو ٿي سگهيئي ته سندن گلا نه ڪر.
جب دردیشان کلید جنت است، دشمن ایشان سزاء لعنت است۔
فقيرن جي دوستي جنت جي ڪنجي آهي. انهن جو دشمن لعنت جو حقدار آهي
از حضورِ صالحان صالح شوی، ور نشینی بابدان طالح شوی۔
نيڪين جي سنگت مان نيڪ ٿيندين، بڇڙن جي صحبت مان بڇڙو ٿيندين .
ھر کہ اوبا صالحان ھمدم شود، در حریم خاص حق محرم شود۔
جيڪو چڱن سان صحبت ڪندو اهو خدا جي خاص گهر جو واقف ٿيندو.
تاتوانی بابدان صحبت مکن ،غیر درویشان دگررغبت م کن
جيترو ٿي سگهئي ته بڇڙن سان سنگت نه ڪر، فقيرن کانسواءِ ٻين سان (غيبت دلاڙو نه رکج )
وانکہ باعطاری گردد قریب م اوھی بایدبہ بولی خوش نصیب
جيڪو عطار واري سان ويهندو. اهو ضرور خوشبوءِ حاصل ڪندو.

فقير صاحب سان اميرن ۽ نوابن جو ملاقاتون

1924ع ۾ رياست خيرپور جو والي مير علي نواز خان ٽالپور پهريون ڀيرو فقير صاحب جي مئيخانه تي منزل انداز ٿيو. فقير صاحب جي صحبت مٿس ايترو ته اثر ڪيو. جو فقير صاحب کان جام وحدت طلب ڪري حاصل ڪيائين ۽ تصوف ۾ داخل ٿيو. ان بعد مير صاحب گيڙو لباس پائيندو هو. مير علي نواز “ناز” شاعري نه سندن صحبت ۽ محبت کانپوءِ شروع ڪئي. مير صاحب آواز ڪلام جو نهايت شوقين هو. سندس درٻار ۾ گويا ۽ قوال هميشه رهندا هئا. سندن دل ۾ ذڪر الاهي گهر ڪري ويو هو ۽ بادشاهي هوندي به فقيري ماڻي اٿن.
روايت آهي ته مير علي نواز”ناز “ مهراڻي واري زمين مان هڪ هزار ايڪڙ جو پروانو مئيخانه تي آڻي ڏنو، مگر فقير صاحب وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائينس ته جنهن توهان کي مير صاحب بادشاهي ڏني آهي سو اسان کي روز ڏيڻ ۾ غريب ڪونه ٿيندو. اسان توهان جا احسانمند ڇو ٿيون.اسان جو ذات حق پاڪ ۾ پورو ڀروسو آهي. مير علي نواز خان فقير صاحب ڏانهن خط نهايت آداب واري عبارت سان لکندو هو جيڪي سندن درگاهه تي موجود آهن.
ان کانسواءِ قيصر خان مگسي جيڪو مگسي قبيلي جو سردار هو. اهو خود درگاهه تي هر سال ايندو هو ۽ پاڻ فقير صاحب جو طالب هو فقير صاحب کي ڪيترا ڀيرا دعوت ڪري جهل مگسي به وٺي ويو هو سندن سارو ڪٽنب فقير صاحب جن جو عقيدت مند هو.
خان بهادر امام بخش خان جتوئي به فقير جو عقيدتمند ۽ طالب هو، جيڪو پڻ وڏي احترام ۽ عزت سان وٽن ايندو رهندو هو. ڪيترائي ڀيرا فقير صاحب کي دعوت ڪري سندن بنگلي تي وٺي ويندو هو.
سرائي امداد علي ٽالپورن وارو به فقير جو طالب هو. هڪ دفعي سرائي امداد علي ڪربلا معليٰ ۽ نجف اشرف جي زيارت تي ويو. مولا علي عليه الصلواتُ والسلام جن جي درٻار ۾ زار زار روئي ۽ ٻاڏائڻ لڳو. جڏهن سندن اک لڳي کيس ننڊ اچي وئي ته خواب ۾ حضرت مولا عليه الصلواتُ والسلام سندس مٿان اچي بيٺا ۽ کيس فرمايائون ته اسان تو وٽ تنهنجي ڳوٺ جي اوڀر طرف فولاد علي فقير جي صورت ۾ رهون ٿا. تون ان سان ملندو ڪر. ان سان ملندين ته ڄڻ اسان سان ملاقات ڪيئي. بس سندس خواب پورو ٿيو. جاڳڻ سان انجام ڪيائين ته جڏهن ڳوٺ ويس ته اول وڃي فقير صاحب جي پيش پوندس.
جڏهن واپس آيو ته اول ته سندس ڳوٺ بدران سڌو سنئون فقير صاحب جن وٽ اچي حاضر ٿيو ۽ کين خواب جو سمور احوال پيش ڪيائين. فقير صاحب جن جي قدمن تي ڪري پيو ۽ آخر تائين سندن جانثار ٿي رهيو.
هڪ دفعي مجلس جي موقعي تي سرائي امداد علي نواز ۽ زوار غلام حسين حاجاڻي فقير صاحب وٽ آيا. فقير صاحب کين چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ حضرت امام حسين عليه الصلوات والسلام جن جي عزاداري جي شروعات حضرت فقير غلام حيد گودڙيي ڪئي هئي. مگر هاڻي جيئن پوءِ تيئن ماڻهو عزاداري گهٽائيندا ٿا وڃن. تنهن ڪري اوهان اسان کي ڪنهن ڪاريگر کان تازيو ٺهرائي ڏيو ته جيئن اسين به عزاداري کي وڌيڪ ترقي وٺرايون. اهو ٻڌي سرائي امداد علي ٽالپور وڏن مان پنهنجو ٺهيل تازيو کڻائي اچي فقير صاحب وٽ پهچايو جيڪو هر سال محرم جي موقعي تي سينگاريو ويندو آهي.
زوار غلام حسين حاجاڻو به فقير سائين جو طالب هو. هو مرحوم فقير صاحب کي منصور زمانه چوندو هو. نهايت عقيدت ۽ احترام سان فقير صاحب وٽ ايندو رهندو هو. فقير صاحب کان مثنوي روميءَ مان چند سبق به پاڻ ورتا هئائين .
حاجي غلام قادر خان انڙ صاحب لاڙڪاڻي وارو به فقير صاحب جو طالب هو. جڏهن به فقير صاحب وٽ ايندو هو ته ادب وچان هيٺ ويهندو هو. هي صاحب نهايت سخي دل انسان هو. نرم دليءَ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. آواز ڪلام ٻڌڻ سان زارو قطار روئيندو هو. فقير صاحب جي چوڻ مطابق هن کي فنافي الشيخ جو در جو حاصل هو.
دعا طلبي لاءِ امير علي لاهوري ۽ ڪمشنر محمد اسماعيل عرف نُونُ صاحب به ساڻس ملاقات ڪئي هئي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به سندن قادر الڪلامي کان بيحد متاثر هو ۽ وٽن ملڻ لاءِ به ڪيترا ڀيرا سندن مئيخانه تي هلي ايندو هو.
مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد حامي 1982ع ۾ فقير سائين حضرت غلام حيدر گودڙيي جن جي ميلي تي آيو. جو کيس فقير صاحب جي ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس لاءِ سڏايو ويو هو. راقم الحروف حامي صاحب کان پڇا ڪئي ته ميان حامي صاحب توهان جو فقير فولاد علي سائين لاءِ ڪهڙو رايو آهي ته پاڻ چيائين ته ادا فقير صاحب بحر عميق هو. ان جي پوري وصف ٻڌائڻ لاءِ مون وٽ لفظ ڪين آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ٽماهي مهراڻ رسالي ۾ فقير صاحب جي مختصر سوانح ڇپرائي هئي.
سيد عطا حسين شاهه ۽ سيد عابد حسين شاهه موسوي روهڙيءَ کان به وٽن ايند ا هئا.
سيد پير علي شاهه جج جيڪو سول ڪورٽ ٺريءَ ۾ مقرر ٿيو هو. سو به فقير صاحب جي ملڻ کانپوءِ ڏاڍو متاثر هوندو هو.
ان کان سواءِ دور قريب جا اديب به وٽن ڪجهه نه ڪجهه پرائڻ لاءِ ايندا هئا. جيئن علي احمد بروهي. ولي داد خان بروهي اعواڻ مختيار ڪار غلام قادر سومرو سول جج ٺري ميرواه. پرائيس ڪنٽرولر جلباڻي صاحب به وٽن گهڻو ايندا ۽ فيض پرائيندا هئا.

فقير صاحب جن جي مستن سان ملاقات

وصال حق حاصل ٿيڻ کان اڳ خواه پوءِ فقير صاحب جن وٽ مست فقير رهندا هئا ته ڪڏهن فقير وٽن هلي به ويندو هو. وٽن امام بخش ڪيهري مست ۽ سيد عبد الله شاهه مست گهڻو ڪري رهندا هئا، هلندڙ طالبن جي مدد لاءِ قدرت مجذوب موڪليندي آهي. ڪڏهن وٽانئن مست هليا ويندا هئا ته پاڻ پير ڳوٺ ۾ آندل فقير ڪوري مست وٽ هلي ويندا هئا .
روايت آهي ته هڪ دفعي صاحب آندل مست ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ مست کي ڪشف وسيلي خبر پئي ته جاءِ مان نڪري رستي ۾ ٻهارڻ لڳو ته بسم الله ڀلي آيو. ميان ڀالي وارو ٿو اچي، مست صاحب فقير صاحب کي نيزوکڻڻ ڪري ميان ڀالي وارو ڪري سڏيندو هو. فقير صاحب ڳوٺان اچي فقير علي بخش انصاريءَ وٽ ترسيو. جنهن جو مئي خانو پير ڳوٺ شهر کان ڏکڻ طرف آهي. صبح جو وٽن ٻيا طالب اچي پهتا ان ڪري ٽي ڏينهن ٽي راتيون توحيدي گفتار ۾ اتي ترسي پيا. چون ٿا ته آندل فقير مست ٽئي ڏينهن سندن استقبال لاءِ ڦريو رستي کي به ڏيندو رهيو ۽ مٿيان لفظ به چوندو رهيو.
آخر فقير صاحب جڏهن آندل فقير وٽ پهتو ته مست پنهنجي طالب عبدالرحيم فقير کان شهر مان پلو پچرائي فقير صاحب کي مهمانيءَ ۾ کاريائين.
ان کانسواءِ خيرپور ۾ الله ڏني مست عرف بيبي بادشاهه زادي جيڪا وڏي منزل جي مالڪ هئي ، هڪ دفعي فقير صاحب مرحوم، امين محمد فقير ۽ مرحوم عطا الله فقير سان گڏجي ان مست مائي وٽ ويو. جيڪا برهنه رهندي هئي. پري کان فقير کي ايندو ڏسي مست مائي ڪپڙو ماڻهن کان اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ گهريو. ماڻهن کيس چيو ته اسين جو تنهنجي سامهون مرد بيٺا آهيون ڪنهن کان اوگهڙ ٿي ڍڪين. اسان کان ته حجاب ڪيو ئي ڪونه ٿي. ان تي مست کين چيو ته اوهين اکين هوندي به انڌا آهيو. اڄ مون وٽ اکين وارو مرد ٿو اچي. ايتري ۾ فقير سائين طالبن سميت اچي وٽس پهتا.
فقيرياڻي سندن ڏاڍو ادب ۽ احترام ڪيو. سندن هٿ ۾ گلاب جو گل هو سو اچي فقير امين محمد کي ڏنائين ۽ چيائين ته نبي کي پيروي کرو. اسم اعظم کمائو تو تم فنا في الله هوگا.

مخدوم غلام صاحب (مخدوم طالب الموليٰ جي والد) جي فقير صاحب کي دعوت ڪرڻ جواحوال

حضرت مخدوم غلام محمد فقير فولاد علي جي منزل جي ساراهه ٻڌي ڏانهس دعوت جا خط لکيا. مگر فقير صاحب ڪن مجبورين سبب وڃڻ کان معذرت گهري.
اهو ڏسي مخدوم صاحب فقير صاحب کي دعوت نامي سان گڏ 200 روپيه به ڪرائي لاءِ مني آرڊر ڪري موڪليا. جنهن تي فقير مخدوم صاحب ڏانهن لکي موڪليو ته سائين مخدوم صاحب پاڻ وٽان ڍونڍ ڪڍي اسان ڏي ڇو موڪليو ۽ پئسا واپس موڪليائونس. مگر کين سندن سڪ ۽ خلوص جو احساس ٿيو ان ڪري هڪ ڏينهن پاڻ ۽ سندن فرزند ميان علي گوهر فقير ۽ امين محمد فقير ۽ زوار علي اڪبر کي ساڻ ڪري وڃي هالن ۾ پهتا. مخدوم کين ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. ادب ۽ احترام سان سندن آڌرڀاءٌ ڪيائون. فقير صاحب کي پاڻ سان گڏ کڻي ويهاريائون ۽ حلوه جو ٿالهه تيار ڪرائي سندن اڳيان رکيائون. حلوو ڪو واڻئي جو ٺاهيل هو جنهن ڪري حلوو کائڻ کان انڪار ڪيائون .جنهن تي مخدوم صاحب کين چيو ته اسان جا فقير ته سڀ ڪجهه کايون ٿا وڃن.
ان کانپوءِ فقير صاحب کي مخدوم صاحب پان سان وڃي بنگلي ۾ ويهاريو ۽ اڪيلائپ ۾ ڪچهري ۽ توحيد جي رهاڻ ۽ گفتار شروع ڪئي. رهاڻ بعد سڀني گڏجي دعوت وارو طعام کاڌو ٻه ڏينهن فقير صاحب اتي رهيو ۽ موڪلائڻ وقت مخدوم صاحب فقير صاحب جي کيسي ۾ 400 روپيا نذراني طور وڌا ۽ چيائون ته نذر الله نياز حسين قبول ڪريو. پوءِ فقير صاحب اجازت وٺي ڳوٺ موٽي آيو.
روايت آهي ته 1930ع ۾ فقير صاحب کي سخت بخار ٿي پيو. ڳالهائڻ کان به خاموش ڪري ويا. ڳوٺ جو هندو حڪيم وسندمل هو ان کي آندو ويو. ان نبض ڏسي چيو ته ابا فقير صاحب وصال ڪري ويا آهن. توهان ڪفن دفن جي تياري ڪريو. حڪيم واپس ويو ۽ فقير صاحب ٿوريءَ دير بعد اٿي ويهي رهيا. پاڻ فرمائڻ لڳا ته آءُ بيماري جي تڪليف سبب خاڪي جسم مان نڪري الله تبارڪ وتعاليٰ جي بارگاهه ۾ حاٰضر ٿيو هوس .مگر ان بادشاهه لم يزلي حڪم فرمايو ته تون موٽي وڃ توتي ڪجهه ڪم رکيل آهن. ان ڪري آءٌ موٽي آيو آهيان ۽ ڪجهه وقت لاءِ هت رهندس. پوءِ روئڻ وارن کي به پاڻ منع ڪيائون.

ڪمال ديري ۾ فقير صاحب کي دعوت

هڪ دفعي لعل بخش جويي ڪمال ديري ۾ پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڏيئي فقير سائينءَ کي گهرايو. ان دعوت ۾ ٻيا عالم ۽ مولوي به شريڪ هئا. مگر لعل بخش فقير سائين کي عاليشان مسند ٺاهي، ان تي ٻين کان مٿانهين جاءِ تي ويهاريو. فقير سائين کي ڏسي مولوي پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته هي فقير آهي جيڪو الله تبارڪ وتعاليٰ سڏائيندو آهي. فقير صاحب اهو آواز ٻڌي مولوين کان پڇيو: ابا توهان مان وڏو مولوي ڪهڙو آهي؟ انهن مان هڪ اٿي بيٺو ۽ سندس نالو عبدالله هو. ذات پڇڻ تي هن پنهنجي ذات سفيد باف يعني ڪوري ٻڌائي. فقير سائين پڇيس: ابا علم مڪمل ڪيو اٿئي يا اڃا رهيل اٿئي. جنهن هن ٻڌايو ته سائين سڀ علم پڙهيو اٿم. تنهن تي فقير سائين پڇيس ته ابا خداوند ڪريم فرمايو. آهي: لا نُفرقُ بَینَ اَحدِ مّن الّرُسلِہٖ” يعني ڪنهن به رسول جي رسالت ۾ فرق نه آهي. پوءِ ڇو حضرت موسيٰ عليه السلام طور سينا تي مدهوش ٿي ويو حضرت محمد مصطفيٰﷺ کي معراج وقت عرش عظيم تي روبرو گهرايو ويو؟ سندن اکيون مبارڪ نور جي جهلڪار ڏسي هٽڪيو به ڪين. اهو ڪهڙو سبب هو؟ اهو ٻڌي مولوي صاحب چيو ته سائين ڪو چڱو ڪم ڪيو هوندائين. فقير چيس ته پاڻ ڪريم ته ٻين نبين کان نماز به گهٽ پڙهي هئي. ڇاڪاڻ ته حضور ﷺ جن تي نماز پنج وقت فرض هئي. ان کان اڳ ٻين نبين تي ته پنجاهه وقت نماز به هئي. ٻيو ڪهڙو چڱو ڪم ڪيو هئائون. مولوي صاحب ماٺ ٿي ويو. فقير صاحب پوءِ کيس ٻڌايو ته هر هڪ نبيءَ جو درجو ۽ مرتبو جدا آهي. مگر رسالت وارو ڪم سڀني تي ساڳيو رکيل آهي. ڪن نبين کي صرف پنهنجي ڳوٺ تي تبليغ جو حڪم ڏنائين ته ڪن کي وري ساري ڪائنات لاءِ پيغمبر ڪري موڪليائين. اهم ڪم حضور ﷺ جن تي رکيل هو جو ساري موجودات لاءِ نبي آهن، ان ڪري سندن رتبو ۽ مان به مٿاهون آهي. اهو ٻڌي مولوي صاحب فقير سائين جا هٿ چمڻ لڳو. آخر ۾ فقير سائين کان اوبر ٿيل کاڌو کاڌائين.

فقير سائين جن جي وفات

فقير صاحب جن پهرين ربيع الاول 1387هه مطابق 10جون 1967ع ڏينهن ڇنڇر وقت صبح 10 بجي وصال ڪيو. ان اولياءَ الله لايموت ينقلون من الدار الي الدار. يعني بيشڪ خدا جا ولي مرن ڪونه ٿا مگر هن گهر کي مٽائي هن گهر ۾ رهن ٿا، پاڻ 12، 13، 14، ذوالحج درگاه تي عشق شهنشاهه جي نالي منسوب ڪري ميلو ڪرائيندا هئا. پڇاڙي واري ميلي ۾ پنهنجي فرزند سائين علي گوهر فقير، خواجه محمد پريل فقير مڱريو، نور علي فقير سومرو، الله رکيو فقير خاصخيلي، بو علي فقير ڪوريجو،محمد حسن فقير قريشي، محمد جمن فقير لاڙڪ، سچل فقير لاڙڪ، محمد موريل لاڙڪ نوشهروفيروز وارا جن کي سڏي تاڪيد ڪيائون: هن ميلي کي هر سال معمول مطابق ملهائيدا رهجو. سڀني طالبن کي لازم آهي ته خاص ڪري هن موقعي ۾ ڪير به غير حاضر نه رهي.
پاڻ فرمائيندا هئا ته هي جسم فاني اٿوَ ، متان ڀلجي هن کي چنبڙي وڃو اسم اعظم سان محبت رکجو ته آءٌ سدائين توهان سان گڏ هوندس.
پیوند دم دم سی ھادی حقیقۃَ


بيت : حضرت بو علي قلندر
ھوش در دم دار ای مرد خدا ، یک دم م باش از حق جدا
اي خدا جا مرد سوچ دم ۾ رک، هڪ ساهه يا دم به خدا کان جدا نه رهه
نفی گردان ازدل خود ماسیٰ مل، تان نہ گنجد دردلت غیراز خدا
خدا کانسواءِ دل مان ٻيا خيال ختم ڪر ، ته جيئن خدا کانسواءِ تنهنجي دل ۾ غير نه اچي
زنگ دل با صیقل لاپاک کن، سینہ باتیغ محبت چاک کن۔
دل جي ڪٽ لاجي روات سان لاهه سيني کي محبت جي تلوار سان کول
چون شوی تو فارغ از ذکر خدا، راہ یابی درحریم کبریا
جڏهن خدا جي ياد ۾ فنا ٿيندين، پوءِ خدا جي گهر جو رستو لهندين
چن درکثرت نمائی خویش را، یک زمان در خانئہ وحدت بیا
ڪيترو پاڻ کي ڪثرت ۾ ڏيکاريندين، هڪ گهڙي وحدت جي گهر ۾ اچ
آشنا شو ان چنان بایار خویش ، تاکہ خود راگم کنی ازکار خویش
پنهنجي محبوب سان ائين محبت ڪر، جيئن پاڻ پنهجي ڪم کان گم ڪري سگهين.
زندہ گردان این دل پز مردہ را، زندہ کن باعشق جانان مردہ را
من مئل دل کي جيئرو ڪر، محبوب جي عشق سان مئل کي زنده ڪر.
سندن درگاهه ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ آهي. حضرت فقير غلام حيدر گودڙيي جن جي درگاهه هن درگاهه کان ٿورو اتر اوڀر طرف آهي سندن درگاهن تي مقرر تاريخن تي ميلو لڳندو آهي. ان ميلن ۾ سڀئي طالب ۽ عقيد تمند اچي حاضر ٿيندا آهن. محفل سماع ٿيندي آهي.
ميلي ۾ امداد علي سومرو، غلام حسين فقير ڪوري، ڀٽي فقير ۽ ٻيا فقير ۽ ٻيا محول مچائيندا آهن درگاهه جي اڏاوت جو ڪم خواجه محمد پريل فقير مڱريو اصل ويٺل لڳ ڪنڊيارو پنهنجي شاگردن جي مدد سان بنا معاوضي مڪمل ڪيو ڪاٺ جو پڃرو به خواجه محمد پريل فقيرپاڻ تيار ڪيو آهي.
سال 1995ع ۾ فقير محمد صالح عرف بوعلي فقير درگاهه جي مرمت ۽ چوديواري ۽ فرش بندي به طالبن سان گڏجي ڪرائي. علم پاڪ آر.سي. سي. تحت علم پاڪ تي خطاطي به خواجه محمد پريل فقير مڱريي پنهنجي هٿن سان ڪئي.

باب ٻيون: هادي پاڪ جي گفتار

---

بيان عشق

عشق عجب اوقات، جس پر آوي اُس سمجهاوي

”عشق شهباز عقل چون دراج
عقل در حضرتش بود محتاج”

يعني عقل تتر وانگر عشق شهباز مثل آهي. عقل سندس اڳيان بيوس ۽ محتاج آهي.
عشق لولاڪ جي ڇٽ آهي. عشق تخت سليماني آهي عشق ذري کي اکيون ڏيئي سج جهڙو روشن ڪندو آهي. عشق عاشق کي بيخوديءَ جو شراب پياريندو آهي. عشق ملسمان کي ڪافر ڪندو آهي. عشق ڇا آهي سئيءَ مان ترار ٿيڻ ڦڙي مان درياهه ٿيڻ. جهرڪيءَ مان شهباز ٿيڻ. ستاري مان سج ٿيڻ. چڻگ مان آڙاهه ٿيڻ ٻليءَ مان شيهنن ٿيڻ ڪسيءِ مان درياهه ٿيڻ.
عشق عين ذات آهي جيڪو غير کي ساڙي ڇڏيندو آهي. عشق ازلي محبت جو نالو آهي. جيڪا آدميءَ جو دل ۾ پيدا ٿيندي آهي. سهڻي صورت ڏسڻ سان دل موهجي پوندي آهي، عاشق جيڪڏهن پاڪائي ڪندو ته اها صورت رهبري ڪندس. المجاز قنطر الحقيقت يعني مجازي عشق حقيقت جي ڏاڪڻ آهي. جنهن جي وسيلي عرش عظيم تي پهچندو آهي .
مگر خراب نظر رکيائين ته ڪِري پوندو تحت الثريٰ ۾ ويندو. عشق اهڙي باهه آهي جو هن خاڪي جسم کي رچائي لعل ڪري ٿو وجهي. جيئن لوهه باهه ۾ وجهبو ته باهه جهڙو ڳاڙهو لعل ٿي پوندو. عشق معراج ڪرائيندو آهي. عشق زاهدن عابدن کي نچائيندو آهي، عشق عقل کي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي. عشق اياز مان محمود ڪندو آهي. عشق واڳونءَ جي وات مثل آهي، جنهن کي وات پيو سو نه بچندو. عشق جي اچڻ سان نفس ناس ٿي ويندو آهي. عشق جنهن وٽ ايندو آهي. تنهن کي درد بلائون ۽ مصيبتون عطا ڪندو آهي. جيڪو مصيبتون برداشت ڪندو سو مرد آهي. ملامتن سهڻ وارو رند عارف آهي. مگر جيڪو ڊڄندو ۽ نيڪنامي کي پسند ڪندو سو نامرد ۽ پاڳل آهي.
هي ڪثرت جو جهان عشق جي موج مان پيدا ٿيو. جيئن درياه جي موج سان پاڻي ڪچي ۾ ويندو آهي. ڪيتريون ئي مڇيون سير لاءِ نڪرنديون آهن. جڏهن درياه ۾ پونديون آهن ۽ موت کان بچي لايموت ٿي وينديون آهن. مگر جن مڇين موٽن جي نه ڪئي تن لاءِ ڪيئي ڄرڪا، گدڙ ۽ شڪاري اچي پهچندا آهن ۽ کين کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح هي آدمي به جيڪڏهن دم جي موج سان جوانيءَ ۾ اسم اعظم جي ڪمائي خدا ڏانهن موٽندا ته الله اثبات ڪندو. جن ائين ڪيو سو موٽي وڃي اسم اعظم جي درياه ۾ مليا، تن تي موت آهي ئي ڪونه. مگر جن موٽڻ جي نه ۽ ڪئي ۽ فاني حياتيءَ کي حيات جاودان سمجهي ويهي رهيا انهن لاءِ نفس گدڙ ۽ ڄرڪو آهي جيڪو کين جهٽ ڏيئي وڃي پنهنجي ڏر يعني قبر ۾ رکندن. جتي جهنم جي باهه نفس جو گهر آهي. جنهن کي نفس ماريو سو ٻنهي جهانن ۾ مري ويو. ان لاءِ ٻٽو موت آهي. ان اهڙي جو نالو نيشان ئي ميٽجي ٿو وڃي.
عشق دل ڦرجڻ جي هڪ جاءِ آهي. جنهن ۾ گهڻي خواري ۽ ملامت آهي. عشق شهباز آهي ٻيا جهان وارا سندس شڪار آهن عشق کي پنج سئو پر آهن. سندس هر هڪ تحت الثريٰ کان عرش عظيم تائين آهي. هي ڳالهه به آسيري پاسيري آهي. جيڪا ٻڌايون ٿا ته الله جو سڌو سڏ ٿا ڏيون ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو الله تبارڪ وتعاليٰ جا دشمن آهن. سنوان سڌا لله ج ڏي نٿا هلن، جيئن شاهوڪار چور کي پنهنجي گهر جو پڪو ڏس ڪونه ڏيندو آهي. تيئن هنن آدمين مان ڪي الله جا چور آهن. سڌو ڏس ڏيون ته الله جو رنج ٿيندو ته هن چغلي ڇو ڪئي. ان ڳالهه سمجهڻ لاءِ هجي ڪو سياڻو جيڪو سمجهي .
عشق ڇا آهي عاشق لاءِ باطني راز ظاهر ٿيڻ. عشق گدا گر کي شاهه ڪندو آهي. عشق خوديءَ کي کائيندو آهي ۽ عاشق کي بيخود ڪندو آهي. عاشق عاشق جي شينهن اڳيان هرڻ وانگر بي وس آهي. جنهن مهل عشق آيو ته عاشق جي حد نون ئي آسمانن کان پري ٿيندي. عشق جبل کي رئي ڪري سگهي ٿو. عشق اهڙو آهي. جو دريائن سمنڊن کي سڪائي ڇڏي ۽ آسمان کي ذرا ذرا ڪري دز ڪري ڇڏي. ٻيئي جهان عشق پنهنجي محبت مان ظاهر ڪيا. موليٰ جو عشق هيري وانگر قاتل زهر آهي جنهن وٽ ايندو تنهن کي ماري ختم ڪندو. عشق غيور به آهي عشق غفور به آهي. حضرت ابراهيم عيله السلام جي آڙاهه کي گلزار عشق ڪيو.

عشق ابراھیم رادر نارزد، بعد ازنش نار را گلزار کرد
عشق ابراهيم کي باهه ۾ وڌو ۽ بعد ۾ باهه کي باغ ڪيائين

عشق يوسف کي زليخا وٽ ٻانهو ڪري وڪيو.پوءِ وري بادشاهه ڪيائين. عشق حضرت محمد مصطفيٰﷺ کي معراج ڪرايو. عشق شاهه منصور کي سوليءَ تي چارهيو. عشق شيخ صنعان کي جڻيو پارايو. عشق شاهه شمس الحق جي کل لهرائي عشق شيخ عطار رح جو سر وڍايو. سنڌ ۾ عشق شاهه عنايت کي شهيد ڪرايو. عشق غلام محمد وڻجاري کي شهيد ڪرايو. عشق حضرت بلا شاهه کي شهيد ڪرايو. عشق ذولنون مصري کي قيد ڪرايو. عشق ڪنهن کي به ڇڏيو ناهي. عشق هن آخري وقت ۾ فولاد کي جيل ۾ وجهرايو. ڏنڊ ڀرايائينس. عشق جي عطا ۽ چاهت ڪنهن ذات تي نه آهي. ذات پات عشق ڪونه پڇندو آهي. عشق کي جيڪو ڳوليندو سو کيس لهندو آهي. ڪعبه جا حاجي ملهه جو ڪپڙو وٺي احرام ٻڌندا آهن. عاشقن کي عشق عرش جو احرام پارائيندو آهي. مجازي عشق اها پل صراط آهي جيڪو ان تان لنگهي ويو سو چڙهي ويو. جي کاڄي پيو ته ڪريو، پاڪ نظر سان عاشق مجاز مان الله ڏسندو آهي.عشق مدهوشيءَ جو جام پياريندو آهي. ظاهري عقل لاءِ عشق شهباز آهي. عشق ظاهري مسلماني وڃائي الاهي دين پيدا ڪندو آهي. عشق خوديءَ کي ختم ڪري من خدايم جو طبل وڄائيندو آهي. عشق ڪافر کي مسلمان ڪندو آهي، عشق اهڙي قوت جو مالڪ آهي جو اک ڇنڀ ۾ ٻئي جهان ڊاهي وجهي. عشق ٻنهي جهانن کان بي نياز ڪندو آهي. عشق سڀني هوسن ۽ سنڌن کان نامراد ڪندو آهي عشق دنيا خواه عقبيٰ جي مراد نه رکندو آهي. عشق نفس لاءِ قاتل زهر آهي. عشق عقل کي روئي ڪندو آهي .عشق حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي مسلمانن کي به معراج ڪرائيندو آهي. الله جو عشق بنا پرن جي آدمي کي اڏاريندو آهي. عشق عاشق جي مٿي ۾ تاج وجهندو آهي. عشق ڏوهه ثواب جي حد کان پري اڇلي وجهندو آهي. عشق جي ڪٺلن کي وري وري نئون ساه ملندو آهي عشق اهڙي حياتي عطا ٿو ڪري وري مٿس موت اچيئي ڪونه عشق جي شطرنج راند عارف کيڏندا آهن. عشق جي شمع تي روح پروانو آهي. عشق نجو حقيقت ۽ معرفت آهي. منجهس ظاهر جو ڪو به دخل ڪو نه آهي هن جهان ۾ عشق جو ڄڻ ڏهن ورهين جو ڏڪر آهي. عشق هر مذهب کان بلند ۽ بيزار آهي. عشق ۾ صرف سر ڏيڻ جي درڪار آهي. جن جي دل ذڪر اسم اعظم سان جيئري ٿي ته عشق جي خبر به انهن جيئرن کي آهي جن جي دل اسم اعظم کان خالي آهي سي مئل آهن انهن مئلن کي عشق جي ڪهڙي خبر.

عشق ۾ جيڪي جيئرا ٿيا تن لاءِ بشارت آهي عشق جي درگاهه مان ڪثرت ۾ صرف ٻه شيون آيون آهن. (1) والايت (2) نبوت. ولايت جو درجو نبوت کان وڌيڪ آهي. مگر حضرت رسول اللهﷺ جن کي نبوت ۽ ولايت ٻيئي حاصل هيون. اڳين نبين کي صرف نبوت حاصل هئي، عشق جو دستور آهي ته جيڪو پهريائين سر وڍائيندو ته پوءِ عشق جي شهر ۾ اچڻ ڏيندس نه ته تڙي ڪڍندس. عشق جو طلبغار ڪو ڪونهي سڀ ڪو نفس جي ڍَوَن ۽ مزن جو قائل آهي. عشق نفس لاءِ هلاهل جي گوري آهي، ان زهر کائڻ کانپوءِ ڏسو ته عشق ڪهڙونه رنگ ٿو لائي، جنهن عشق جو زهر پيتو ته ان خاڪ کي به سوين پيا سجدا ڪن ۽ ان وٽان مرادون پيا پوريون ڪرائين .عشق جي باهه هن باهه کان گهڻو مختلف آهي. ان باهه ۾ اهڙي لذت آهي جو چئبوته سمورو جسم اڇلائي وجهجيس عشق هڪ هيري مثال آهي. جيڪو سڀ ڪنهن وٽ ڪون لڀندو آهي. اسان عشق جا ڪٺل آهيون. مجرو به ڪٺل کي ڏينداسين. دنيا دار ڏانهن واجهايون به ڪونه. اسان عشق جو ديدار ڪيو ان ڪري کاڌي پيتي جو سڌون ختم ٿي ويون. اسان جي دل جي روشنائي رات کي ڪٽي ڏينهن ڪري ڇڏيو آهي. عشق ڪلال خاني مان جيڪو شراب پيتو سين تنهن مُلن جي مسلمان کان ائين بيزار ڪري ڇڏيو آهي جيئن ڪفر کان بيزار ٿبو آهي. عشق جي حسن جا به ٽيهه اکر آهن. انهن مان هڪ الف جو بيان به پورو نه ٿوٿي سگهي.قرآن، توريت، انجيل، زبور ۽ ٻيا سڀئي ڪتاب ان بيان مڪمل ڪرڻ لاءِ حيران آهن قيامت تائين بيان ڪندا رهندا ته به پورو نه ٿيندو. جيڪڏهن عشق جي راهه ۾ دين ايمان وڃن ۽ ڪافر ٿي پئجي ته شڪراني ۾ تانهريءَ جي ديڳ تيار ڪري معصوم ٻارن کي کارائجي. ڏوڪڙ هجن ته اهي به قربان ڪجن ۽ لک شڪرانا ڪجن ته چڱو ٿيو ته دين ايمان کان جند ڇٽي پئي نه ته دين ايمان جو بار غرق ڪري ڇڏي ها. عشق جي بسم الله جو نيشان اهو آهي ته هو پهريائين محبوب اڳيان ڪسي حلال ٿيندو. عشق وسنو اٿئي ان درياهه ۾ غرق ٿيءٌ. ظاهر جو حسن رڳورنج اٿئي عشق مجازي هجي يا حقيقي ٻنهي مان الله ڏسڻ ۾ ايندءِ
هزار ڀيرا ڪعبته الله جا حج ڪرين ته به الله منهن ڪونه ڏيکاريندءِ عشق جو جلال آدمي کي شيطان کي به نوري ڪري ٿو وجهي مگر عشق جو جمال اهڙو آهي جو شيطان به نوري ڪري ٿو وجهي اسان کي جيڪا عشق جي پوشاڪ پارائي هئي ان تي هي بيت لکيل هو

ملامت صیقل زنگار عشق است، ملامت شھنہ بازار عشق است
ملامت ڪٽ لاهڻ لاءِ عشق جو ريگ مال آهي، ملامت عشق جي بازار جي شرناءِ آهي.
عشق جي هڪ ديدار دين ايمان تباهه ڪري ڇڏيو. رسمي دين کان ائين بيزار ٿياسين جيئن هندو مسلماني کان بيزار آهي. عشق اسان کي وڏي آواز سان سڏ ڪري چيو ته اوهان کي پنهنجي دفتر ۾ داخل ڪيوسون پوءِ عشق شراب پياريو. شراب پيئڻ کان پوءِ ڏٺو سون ته ساري جهان ۾ ڪفر جو هل هنگامو مچي ويو. عشق ظاهري دنيا ۾ به خوشبوءِ ڪئي ۽ باطني طرح نوَن آسمانن کان پري وٺي ويو. شراب پيئڻ بعد دين ايمان واجهائي ۽ ڀڄي پيو. عشق اهڙي شيءَ آهي جو ڏسڻ کانپوءِ ڪير به بچي ڪونه سگهندو. سندس ڏسڻ سان نفس ڀسم ٿي ويو. عشق جي درياهه ۾ دين ايمان ائين لڙهي ويندا آهن جيئن ڪک پن لڙهي وڃن. عاشقن ۾ عشق جي ڪماليت ڏٺي سون. زاهدن ۽ عابدن ۾ رياءُ ۽ خودي ڏٺي سون، تڏهن انهن کان پري ڀڄي وياسون جڏهن عشق جو واعظ ٻڌوسون ته ملن قاضين واري فقه ۽ حديثن کي ترڪي ڇڏيوسون. عشق جي ڳالهه ڪجي ته اسرافيل به رئي ٿي وڃي. عشق جي خبر اسرافيل يا عزرائيل کي نه آهي هو ته صرف ڪم تي مقرر آهن .عشق جي ميدان ۾ علم ۽ عقل جو گهوڙو هڪ وک به هلي نه سگهندو ڇو ته هو منڊو آهي. دين ايمان عشق کان ائين ڀڄندا آهن جيئن عقاب باز کان لومڙ ڀڄي.
باز لوهه ڏيندس ته ککڙاٽ پيو ڪندو ۽ ڏر به هٿ نه ايندس. چنبي سان سندس ڪوپري لهي ويندي اٿس. عشق اسان کي دنيا جي کاڌن پيتن کان سخت بيزار ڪيو آهي. مومن اهو آهي جنهن جي دل الله جو آئينو هجي، جيڏانهن نهاري تيڏانهن الله نظر اچيس فاینما تولو فثم وجہ اللہ هجي. الحدیث المومن مرآئتہ الرحمان مومن جي دل ۽ روح ان دريا اعظم سان ائين ڳنڍيل هوندا آهن جيئن سج سان سندس ڪرڻا ڳنڍيل هجن ٿا.
قرآن قريم ۾ به هر هنڌ ايمان وارن کي خطاب آهي مسلمان کي ڪٿي به خطاب نه آهي مومن جي دل ذات ذوالجلال جو تخت گاهه ڪمائڻ سان قلب المئومنين عرش الله تعاليٰ. مومن اهو آهي جيڪو ذڪر ڪمائڻ سان قلبي روشنائي ۽ صفائي حاصل ڪري. رسمي مسلمانن کي مومن ڪين چئبو. حقيقي مسلمان ۽ مومن اهو آهي جيڪو جودم غافل سو دم ڪافر سمجهي.

فقيري عادتون

اٺن پهرن مان ٻه پهر رات جو ننڊ ڪرڻ، اجائي گفتگو کان پاسو ڪرڻ، هلڻ وقت نظر پنهنجي سيني ۾ رکڻ. کٻي سڄي نه واجهائڻ غير الله جي ڳالهه ڪنن سان نه ٻڌڻ، ڪچهري ۾ اڪيلو هجڻ، گهر ۾ به مسافر ٿي رهڻ، غير الله سان دل نه لڳائڻ، دنيا جي دوستن کان منهن موڙڻ، جيڪو طالب جسم جي قيد مان نڪرندو سو معراج ماڻيندو. جيڪو خاڪ نڪتو سو پاڪ ٿيو. جيڪو خاڪ ۾ رهي مري ويو ۽ جسم مان نه نڪتو معراج تائين نه پهچندو مگر عاقبت ۾ بهشت ضرور ملندس، جيڪو جسم جي قيد ۾ رهيو سو هلاڪ ٿيو جيڪو جسم جي قيد مان نڪتو سو بي باڪ ٿيو. جنهن عشق جي راهه اختيار ڪئي سو هشناڪ ٿيو. طالب کي علم جي ضرورت آهي. حديث ۾ آهي ته من تزهد بغير علم فهومات ڪافر آ. يعني جيڪو ڄاڻ کانسواءِ زهد ڪندو سو ڪافر ٿي مرندو. ان ڪري اول هر شيءَ جي ڄاڻ رکجي پوءِ ڪوشش ڪجي.
علم ريءَ فقيري جئين ، واريءَ منجهه پروڻ
هئي اڳيئي پتري ويتر آيس ڌوڻ

اول علم آموزو آخر اين جا بيا
که بي علم وارو حضورش نيست جاءِ

يعني پهريائين علم سکجي پوءِ فقيري ڏانهن اچجي ڇو ته جاهل جي بارگاهه الاهي ۾ جاءِ نه آهي،
عشق جو علم حياتي ۽ نفس جو علم مماتي آهي. دمن جي سنڀال ڪرڻ طالبي آهي. جنهن دمن جي سنڀال نه ڪئي سو طالب نه آهي. پاڻ کي سٺن کاڌن لذتن ۽ گهڻي ننڊ کان بچاءِ ته تنهنجو شان ملائڪن کان به مٿي ٿيندو. سندن پرواز کان تنهنجو پروانو مٿي ٿيندو. جن پاڻ سڃاتو تن الله سڃاتو. جن الله سڃاتو سي ڪافر نفس کان آجا ٿيا. خلق جي دوستي کان چريو ٿي گذار. عام ماڻهن جي مڃوتي کان هٿرادو چريائي به بهتر آهي. جيڪو الله جي عشق ۾ ايندو سو رڱجي ويندو هت ذات پات جي پڇا ڪانهي. جيڪو وهي سو لهي. اها دل الله جو دروازو اٿوَ. جيڪو ذڪر سان ان دروازي کي کڙڪائيندو رهندو تنهن کي ضرور الله منهن مبارڪ ڏيکاريندو. جنهن ڪچهري ۾ الله جي گفتار نه آهي سا ڪچهري مردار آهي. جيستائين الله جي عشق ۾ سر نه ڏيندين تيسين تائين ديدار نه ٿيندءِ حضور پاڪ ﷺ جن ٻڌايل عروت الوثقيٰ لٽڪندڙ رسو اهو دم جو ذڪر اٿيئي جيڪو ان کي مضبوط پڪڙيندو سو عرش عظيم تائين پهچندو. الله پاڪ آهي تنهن ڪري چاهي به پاڪن کي ٿو الله پاڪ سان هڪڙو دم رهڻ به ٻنهي جهانن جي بادشاهي کان بهتر آهي. حضرت سچل سرمست فرمايو آهي ته هڪ دم نال الله دي هووڻ بهتر ڪنون بادشاهي.
الله جي راضپي جي اها نشاني آهي ته آدمي سندس ياد ۾ مشغول هجي. مگر ناراضگي جي اها نشاني آهي ته آدمي ساري عمر گمراهي ۾ گذاري عبادت تي فخر نه ڪر متان زاهد عابد برسيا وارو ڪم ٿئيئي.


بيت :حضرت قلندر شهباز

بلغم وبر سیسابہ بین، صد داغ لعنت برجمین
در شھر مارسم چنین کس رانہ باشد چون چرا
يعني بعلم ۽ برسياکي ڏس ته سندن پيشانين تي لعنت جا سوين داغ لڳاياسون اسان جي شهر ۾ اهڙِي رسم رواج آهي، ڪنهن کي به ڪڇڻ جي مجال نه آهي

پاڻ کي الله جي حوالي ڪر ته الله تنهنجو ٿئي .قضا جا مالڪ پاڻ ٿيو. جيڪو قضا جو محتاج ٿيو سو موچڙن هيٺ آهي. گمراهه ۽ خدا کان غافل جي تعبيداري هر گز نه ڪريو. روئڻ جو وڏو درجو آهي. جيڪو عشق الاهي ۽ محبت خدا ۾ روئيندو ته ان کي بشارت آهي. گهڻي کائڻ تي حق پاڪ ناراض ٿيندو آهي. جيڪو طالب گمراهن سان محبت ڪندو ته خود به گمراه ٿيندو. طالب جي دل ڪوه طور مثل آهي ڇو ته ان دل مان الله پاڪ ڪلام ڪندو آهي. موسوين لاءِ لن تراني جو جواب آهي مگر اسان محمدين لاءِ سبحان الذي اسريٰ بعبده جو انجام آهي. ياد رکو ته حضرت موسيٰ عليه السلام کي هي اسم اعظم وارو طريقو ڪو نه هو. تڏهن به زبان سان رب ارني ٿي.چيائين کيس روحاني زبان جي خبر ئي ڪانه هيس. اهو طريقو صرف حضرت رسول الله ﷺ لاءِ امانت رکيل ۽ مخصوص هو. جيڪو الله کان پٺيرو آهي. ته الله به ان کان پٺيرو ٿيندو جيڪو الله جو ٿيو ته الله به ان جو آهي
الله جون ڳالهيون الله جا محبتي ٻڌندا عامن کي ڪو به اثر نه ڪنديون. جن کي الله تبارڪ وتعاليٰ پنهنجو ديدار پسايو تن جا وڏا ڀاڳ آهن. جنهن دل ۾ الله جو ذڪر نه آهي سا دل برباد ۽ شيطان جو ٺڪاڻو آهي.
حديث: الحُب للّٰہ وَالبُغضُ اللّٰہ عَدم ذِکْر اللّٰہ
يعني الله جي محبت جي نشاني سندس ياد آهي. ساڻس دشمني جي نشاني سندس ياد جو نه هجڻ آهي.


وَمَنْ یَعْشُ عَنْ ذِکْر اللّٰہ نُقیّضْ لَہٗ شَیطانَ فَھُوَ لَہٗ قَرَین۔ (القرآن)
جنهن دل ۾ خدا جو ذڪرنه آهي ان ۾ شيطان رهندو آهي ۽ اهو ئي ان جو دوست آهي.
ذڪر ڪندڙ دل عرش عظيم مثل آهي. خدا جي ياد کان ڀليل دل بيمار آهي. اي مسلمانو حلال کائو. الله جو ذڪر حلال نوراني ۽ روحاني طعام آهي. الله کان غفلت حرام ۽ مردار آهي. الله جو ابتو پير کڻبو ته لڀندو. سبتي پير سان نه لڀندو. ذڪر الاهي ابتو پير آهي. جيڪو ذڪر الاهي سان ذات حق تعاليٰ جي اڳيان ڪٺو سو حلال آهي. جنهن کي بنا تڪبير جي عزرائيل ماري وڌو سوحرام آهي، حق تعاليٰ کي وڌ ۾ وڌ ٻه شيون پسند آهن. هڪ شهيد جي رت ٻيو خدا جي محبت ۾ روئڻ دين جي شهيد کي بهشت ملندو مگر عشق شهيد کي تحت الثري کان عرش عظيم تائين سارو ملڪ انعام ۾ ملندس. جيئن حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿي ٻنهي جهانن ۾ مختيار آهن گناهن بخشائڻ لاءِ الله جي محبت ۾ روئڻ بهترين علاج آهي. الله جي محبت کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه دنيا جو قيد آهي جيئن ڪي زالون حامله ٿي پڪو ٻار ڄڻينديون آهن ۽ ڪي وسڪڻيون ڪنهن کاڌي پيتي جي شيءِ تي ۽ سٺي طعام کي ڏسي ٻار ڪيرائي وجهنديون آهن اهڙي طرح ڪن هلندڙ طالبن جو هلندڙ ذڪر هوسن جي پويان لڳڻ ڪري وس ڪندي ختم ٿي ويندو آهي. مگر جنهن طالب جي دل ۾ اسم اعظم جو ختم رهجي ويو ته اتان الله اثبات ٿيندو. دل هڪ ٿانوَ مثل آهي. منجهس دنيا سمائبي يامنجهس الله سمائبو هڪ ٿانو ۾ ٻه شيون نه ماپنديون حرام کاڌو دل کي ڪارو ڪندو آهي. الله جي ذات بي پرواهه آهي. موليٰ جي ملڪ ۾ جيڪو کٽي سو کائي جيڪو کيس ياد ڪندو ته هو ان جو آهي ڪپڙن رڱڻ ۾ پائڻ ۾ فقيري ڪانه آهي. ائين هجي ها ته پينو فقير وڏا فقير هجن ها.
هر هڪ علائقي ۾ سو ورهيه کان پوءِ عارف ٿيندو آهي. اڳ انسانن جي هدايت لاءِ نبي سڳورا ايندا هئا. مگر ماڻهن هر هڪ نبي کي تڪليفون ڏنيون هيون. اهي ماڻهو ته عارفن جا فقيرن مان نه ٿا مڙن آخرت ۾ بهشتي بهشت ۾ دوزخي دوزخ ۾ ويندا مگر فقير عارف جي نور ۾ ٽٻي هڻي هڪ ٿي ويندا.
مان تون حق ۽ باطل آهن عشق جي اچڻ کانپوءِ ٻيئي ڪونه رهندا آهن. دل چئن عادتن سان مري ويندي آهي. اهو باطل جو اصول آهي ته جنهن به عارف جوڪتاب يا ڪلام پڙهبو ته هو پاڻ اچي حاضر ٿيندو ۽ پڙهندڙن سان گڏ پاڻ به پڙهائيندو. ساري جهان کي خوديءَ ماري ختم ڪيو آهي. مگر فقيرن، عارفن، عاشقن خودي ختم ڪئي تڏهن الله وٽ پهتا. ڪاٺيءَ جي ترار توڙي سوني مياڻ ۾ هوندي ته به ٻرڻ جو ڪم ڏيندي، جنگ ۾ ڪم ڪانه ايندي. عام ماڻهو ڪاٺ جي ترار وانگر آهي جيڪي پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن سبب جهنم جي باهه ۾ وڃي سڙندا. توڙي زربفت ۽ اطلس جون پوشاڪون پهريندا هجن. مگر عاشق جو روح جوهر دار ترار آهي ان کي ڪهڙي به پراڻي مياڻ ۾ رکبو ته به مالڪ کي اهم ڏيندي.
کاڌي جا ٻه قسم آهن هڪڙا کائن ٿا جيئن لاءِ ٻيا جيئن ٿا کائڻ لاءِ جيڪي جيئڻ لاءِ ٿا کائن تن جي زندگي خدا جي ياد ۾ ٿي گذري جيڪي زنده رهن ئي کائڻ لاءِ تن جي حياتي عيش عشرت ۽ نفساني هوسن پوري ڪرڻ ۾ ٿي گذري. جن جو آخري ٽڪاڻو سجين مڪان يعني دوزخ آهي. جيئن ڪوهيڙو سج کي ڍڪي ڇڏيندو آهي تيئن حرام کاڌو ۽ سنڌن جو دونهون دل جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن کي روزگار جي ڳڻتي آهي. ان جي مراد ماني آهي ۽ غافل آهي. ٻين ڏوهن جا قيدي آزاد ٿي سگهن ٿا مگر حرص جا قيدي ساري عمر قيد ۾ آهن. انهن جو آزاد ٿيڻ ناممڪن آهي. عام ماڻهن جو دين ايمان ان شهوت آهي وچولي درجي وارن جو دين ايمان الله آهي. خاصن جو دين ايمان الله تعاليٰ جو گهڻي انداز ۾ ذڪر ڪرڻ آهي. خاص الخاص جو دين ايمان ۽ زندگي عشق شهنشاهه آهي. طالب جيئن دم تکو هلائيندو تيئن الهام ذريعي ذات ذوالجلال وٽان دلاسا پيا ملندس ۽ کيس دلجاءِ ٿيندي رهندي ۽ نيٺ وڃي پهچندو.
تکي طالب کي حضرت رسول الله حضرت پير موليٰ علي عليه الصلوات والسلام ديدار پيا ڪرائيندا ۽ دلجاءِ پيا ڏيندس. محبت واري طالب جا دم عرش عظيم تي پهچندا آهن. دمن واريون تنوارون ذات ذولجلال کي رحم پيدا ڪنديون آهن. نيٺ ٻاجهه ڪري کيس ديدار ڪرائيندو آهي.
دنيا جا طالب کدڙا آهن عقبيٰ جا طالب مئونث آهن. الله جا طالب مرد آهن محبوب جي ملڻ لاءِ ته گهڻن کي اميد هوندي آهي پرمحبوب جنهن تي پاڻ راضي ٿيندو ان کي پاڻ گهرائيندو آهي. هي ذڪر وارو رستو حضرت رسول الله پير موليٰ علي عليه السلام ۽ اهلبيتن مسجد نبوي جي صُفح ۾ رهندڙ طالبن کي سمجهايو. هو معراج جو به اهو ئي رستو آهي. ٻين عبادتن سان ڪڏهن به معراج نه ٿيندو آهي.
اسم اعظم شينهن مثال آهي. جيئن شينهن ڪاوڙ مان ڪنهن شيءِ کي اڇليندو آهي ائين اسم اعظم به ڪمائڻ واري کي پرواز جي طاقت ڏيندو آهي جو هو عرش عظيم تائين وڃي سگهندو آهي. پاڪائي سان نماز پڙهڻ ملائڪن جي خصلت آهي. محبت سڀني عبادتن جو مغز آهي. محبت واري عبادت قبول پوندي آهي.محبت کانسواءِ رسمي عبادت چئبي هر هڪ رسم بيڪار ۽ رَدُ آهي. نماز بي ريائي ۽ سواءِ ڏيکاءَ جي پڙهجي. ان جو ملهه ئي نه آهي عبادت کانسواءِ آدمي گڏهه آهن. سندن عمر صرف هينگون ڪرڻ گڏهين پٺيان ڊوڙندي ٿي گذرين، جيڪي انسان رات جو جاڳي پاڪائي سان زباني ذڪر ٿا ڪن نمازون ٿا پڙهن، خدا کان ڊڄن ٿا پرائو حق نٿا کائين، انسانن جي ڪم ٿا اچن، ڪنهن جي به دل نٿا ڏکائين سي بهشت جا حقدار آهن. اهو ملائڪن وارو درجو آهي. عام مسلمانن لاءِ نماز بچاءُ آهي. جيڪو دل سان به الله ڏي نه هلي ۽ ظاهري نماز به نه پڙهي سو ته پادر کائيندو. عام ماڻهن ۽ خاص جي موت ۾ فرق آهي. الله اثبات ڪرڻ کان سوا ماڻهو مري ويو ته ڄڻ ڪتو مري ويو. کيس گهلي وڃي کڏ ۾ اڇلاِئيندس ته متان ڌپ ڪري مرڻ بعد سندس نالو ئي ختم. الله اثبات ڪرڻ وارا هميشه حيات ۽ عالم آشڪار آهن.
دم عيسيٰ عليه السلام اٿيئي جي سڃاتئي ته واهه نه ته گڏهه جو گڏهه آهين. نفس توڙي نمازون صلواتون ۽ تسبيحون پڙهي ته به اعتبار نه ڪجوس. هي وڏو مڪار ۽ رهزن اٿو. ويساهه ڏيئي مڙئي مڏي اعمالن جي لوڙهي ويندو. افسوس جو نفس گڏهه بکيو ٿئيو ته قرض کڻي به کارايوس ٿا. مگر روح جو خيال ئي نه ٿا ڪريو. سڪي تاڙو ٿي ويو اٿو. سندس خوراڪ ذڪر الاهي آهي جيڪا کيس فقر کانسواءِ ڪير به نه ٿو کارائي، نفس جي سڌن آدمي کي الله کان پري ڪيو آهي نه ته الله ته تمام ويجهو آهي ايتري خدا جي ڳڻتي ڪن ته خدا جيڪر کائن پري ٿيئي ڪونه ماڻهو مٽيءَ جي پيدائش آهن کائن به مٽي ٿا پوءِ اُهي آب حيات ڪيئن پيئندا. آب حيات روحاني خوراڪ آهي. پوءِ جيڪڏهن پنهنجو روح ان جي جيئڻ لائق بنايائون ته واه نه ته جواب اٿن هي خاڪي وجود به عشق جو عارضي تنبو آهي. جنهن مهل به هن ۾ عشق آمد ۽ موج ڪئي ته هي فاٽي پوندو .پوءِ هي نه رهندو عين هو هوندو.
معدو نفس جي مسند آهي. دل خدا جو تخت گاهه آهي. جنهن معدي واري مسند لذتن ۽ مزن سان آباد ڪئي ته ان مان هوسن ۽ شهوت جا درخت پيدا ٿيندا جيڪي کيس جهنم ۾ ساڙڻ لاءِ ٻل جو ڪم ڏيندا. مگر جنهن ذڪر الاهي سان دل وارو تختگاهه آباد ڪيو ته ان وٽ تخت جو مالڪ هڪ ڏينهن ضرور مهمان ٿيندو. ان ڪري سندس شان زماني جي بادشاهه کان به وڌي ويندو. جنهن پنهنجي عمر معدي جي خدمت ۾ گذاري ته ان جو مقام ڪارو دوزخ آهي. جنهن جي باهه به ڪاري آهي.
دوزخ هڪ چورس ڪوٽ آهي اندر ڪاري باهه ٻرندڙ اٿس اتان جي مقرر ملائڪن جي شڪل به ڪاري آهي. انهن کي قياس اصل ڪونه آهي. ان باهه جو ٻل ماڻهو ۽ پٿر آهن. خدا کان غافل ماڻهو جڏهن مرندا آهن ته کين اُهي ملائڪ سندن ڪنڌ ۾ لوهه جي ٻياني وجهي ان ڀت مٿان کڻي اندر اڇليندا آهن. ماڻهن جي پوڻ ڪري باهه وٺي وڏا اولانڀا ڪندي آهي. جيڪي ڀت جي ٻاهران ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جهنم ۽ معدو هڪجهڙا آهن. ڪيترو به ڀرين ته به هل من مزيد يعني اڃا ٻيو هجيو ته آڻيو پيو چوندو.
ظلم ۽ حسد مهل معدي کي نفس چئبو آهي. شهوت جي غلبي وقت هن کي شيطان چئبو آهي مڪر ۽ ٺڳي وقت کيس خناس چئبو اٿس. نفساني خودي وقت هي چمڙي مثل آهي. جيڪو ڪنهن کي به پاڻ جهڙونه سمجهندو آهي. ڪاوڙ مهل خنزير آهي. آدميءَ ۾ سڀئي خصلتون موجود آهن. چاهي هو شيطان ٿئي چاهي لنگور ٿئي ۽ چاهي هو مڇريل رڇ ٿي پوي. هر هڪ خصلت کي تصور آهي. ان خصلت وقت سندس شڪل معلوم ڪري سگهبي آهي.
نفس هڪ وڻ مثل آهي جيڪو هر وقت دل جي پاڪ صحن تي خيالات جا پن ڇاڻيندو ۽ گند ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن ذڪر جي ٻهاري سان دل جو صحن صاف ڪبو رهبو ته گند ڪونه ٿيندو.
شاهه اعظم صاف دل ۾ رهي سگهي ٿو گند واري جاءِ تي شيطان رهندو آهي شيطان خدا جي دشمن وٽ رهندو آهي نه دوست وٽ فقير ان کي چئبو آهي جيڪو دم سجايا ڪري ۽ دمن جي حفاظت ڪندي جسم مان نڪري پوي. يعني عبد مان الله ٿي پوي.
افسوس انهن مسلمانن جو آهي جيڪي نفس کي گناهن کان نه ٿا روڪين. ڄاڻي واڻي گناهه ڪندا ٿا رهن ۽ چوندا ٿا رهن ته سڀاڻي اسان کي حضرت رسول الله ڇڏائيندو. نفس کي هت به مزن کان نٿا روڪين ۽ آخرت ۾ به عيش عشرت جا آسرا رکن هوڏانهن حضرت رسول الله فرمايو آهي:

من اراد الدنیا فلہ اراد الآخرۃ فلہ الآخرت من اراد المولی فلہ المولی
ترجمو: جيڪو دنيا گهرندو تنهن کي دنيا ملندي .جيڪوعقبيٰ گهرندو تنهن کي عقبيٰ ملندي، جيڪو موليٰ گهرندو تنهن کي مولا ملندو.
هڪ هٿ ۾ ٻه گدرا نه ايندا آهن. دنيا به گهرن عقبي به گهرن ۽ موليٰ به ملين ائين ڪڏهن ڪو نه ٿيندو حضور پر نورﷺ جن ذات ذولجلال جي مرضي جي خلاف ڪو به ڪم ڪونه ڪندا هئا. بي فرمان بندي جي دوزخ ۾ وڃڻ سبب کين ذور به ڏک ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پاڻ مڪمل هدايت ٻڌائي چڪا آهن. هر هڪ طالب کي ذڪر وٺڻ کانپوءِ ٻه ٽي سال سيني پنهنجي ۾ نظر ۽ ڌيان ڪرڻ گهرجي ۽ کيس مراقبو ڪرڻ کپي. ڇو ته هر هڪ ماڻهوءَ جي دل تي غير جي ڪارهن هوندي آهي. اها جلدي نه لهندي آهي.
عام بي حاصل صوفي طالب کي ذڪر ڪرڻ وقت سندن صورت جو تصور رکڻ لاءِ چوندا آهن. حقيقت ۾ اها بت پرستي آهي. جيڪو طالب پنهجي سيني ۾جنهن به صورت جو تصور ڪندو ته ان تي عاشق ٿي پوندو ۽ خدا وسري ويندس جيڪو شرڪ آهي. تکي ذڪر هلڻ سان از خود دل ۽ خيال ۾ ڪامل مرشد جي صورت پيدا ٿيندي آهي، اُها صورت سچي آهي ۽ طالب کي فائدو ڏيندي آهي. مگر ناقص مرشد جي صورت شيطان مثل آهي. عالم اهو آهي جيڪو پاڻ سڃاڻي مگر پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارو عالم نه آهي. جيستائين نفس سان ياري اٿيئي ته خدا سان دشمني ڄاڻ نفس سان دشمني ڪر ته الله سان دوستي ٿي پويئي نفس لاءِ بک ائين آهي جيئن آدمي لاءِ هيرو کائڻ نفس سان جنگ ڪرڻ وارو خدا وٽ مقبول آهي. عين ۽ غين جي ساڳي صورت آهي مگر نقطئه جو فرق آهي. فقير عارف الله جا قاصد آهن خدا جي خلق کي الله جو پيغام ٿا پهچائين. جيڪو چاهي ته ٻڌي جيڪو نه چاهي ته نه ٻڌي .عارفن هڪ اکر پڙهيو ته ٻئي جهان پڌر تي ٿي پين. فقير کي ملامت جو شوق ٿيندو آهي ۽ بادشاهه کي شڪار جو عشق الاهي وارو فقير اديب آهي. ڇاڪاڻ ته ادب به عشق ٿو سيکاري. جيڪو روح وانگر پاڪ ۽ نفساني غلاظتن کان صاف آهي سو فقير آهي. خدا کان سواءِ ۽ ٻئي ڪنهن سان به محبت نه رکڻ وارو ئي فقير آهي ۽ اهو ئي تصوف آهي. دل ذڪر سان صاف رکڻ خلق جي مڃوتي کان پري رهڻ نفس سان مخالفت ۽ دوستي. ٺهراءُ نه ڪرڻ ڪشف ۽ ڪرامتن کان دور رهڻ،روح جي حقيقت معلوم ڪرڻ، اسم اعظم ذريعي جسم مان نڪرڻ. جنهن لاءِ سارو جهان سڪي ٿو سو ٿي پوڻ جو نالو فقيري آهي. ماڻهن فقيري مئن کان ورتي تڏهن جيئرا نه ٿيا. اسان فقيري جيئرن کان ورتي تڏهن جيئرا ٿي پياسون ۽ بقا حاصل آهي. ڪڏهن به ڪونه مرنداسون. فقيري جا پنج اصول آهن. (1) خلوت درانجمن يعني ڪچهري هوندي اڪيلو هجڻ. (2) سفر در وطن يعني گهر ۾ به مسافرن وانگر رهي. (3) هوش دردم، يعني دم جي ذڪر ۾ خيال هجيس، (4) نظر در قدم يعني نظرپيرن ۾ هجيس (5) ياد ڪرد باز گشت، يعني خدا جي ياد هميشه رهي ۽ ڪڏهن به منهن نه موڙي جيڪو الله جي پنڌ ۾ جان قربان ڪري ان کي کاهوڙي چئجي. جنهن جي دل الله جي ذڪر سان روشن آهي ته ان جو وجود به روش هوندو. دم وارو ساز سڀني سازن جو سردار آهي. سنڌ جي فقيرن جي فقيريءَ ۽ منظوري حضرت قلندر شهباز جي هٿ ۾آهي. جنهن کي منظور فرمائيندو ته اڳ ۾ ان کي پاڻ منهن ڏيکاريندو فقير جو رايو ۽ راضپو درياهه وانگر آهي سُڃ ڏانهن لڙي پوي ته آباديون ٿي پون. آباديءَ کان مٽ ڪري ته برباديون ٿي وڃن فقير جي انتها اها آهي ته هر صورت ۾ پاڻ کي ڏسي

خوديءَ جي حقيقت

پاڻ کي ڀانئڻ ۽ سمجهڻ، هئڻ ۽ هستي ڪرڻ کي خودي چئبو آهي. خودي ٻن قسمن جي آهي.(1) نفساني خودي (2) رحماني خودي. نفساني خودي پاڻ ڀانئڻ کي چئبو آهي. جو چئجي آءٌ به آهيان ۽ الله تبارڪ وتعاليٰ به آهي. اها دوئي ۽ نفساني خودي آهي. عام خلق ان ۾ گرفتار آهي. اهڙا آدمي قبر جا قيدي آهن. اها خودي پليد آهي.طالب مرشد کان ذڪر وٺي دل ۾ڪمائيندو ته نفساني خوديءَ نابود ٿي ويندي. جنهن کان پوءِ رحماني خودي پيدا ٿيندي آهي. اها خودي طالب کي ذڪر الاهي وسيلي نفساني خوديءَ تان دست بردار ڪندي آهي، پوءِ اهو آدمي پاڻ کي اصل موجود نه سمجهندو آهي. فقط ذات حق پاڪ کي موجود سمجهندو آهي.
اها پاڪ خودي آهي. هر هڪ آدميءَ کي غفلت سبب نفساني خودي آهي. اسم اعظم کانسواءِ رحماني خودي ڪانه پيدا ٿيندي آهي. جنهن سان هو نفساني خوديءَ مان جند ڇڏائي سگهن. ان رحماني خوديءَ کي بيخودي به چئبو آهي. جنهن سان فقير عارف من خدايم جو نعرو هڻندا آهن. جيئن شاهه منصور، شيخ عطار، سچل سرمست، بيدل بادشاهه شمس الحق تبريز ۽ ٻين ڪيترن ئي من خدايم جو دم زنيون هنيون آهن مگر عام خلق، جن جون روحاني اکيون بند آهن تن کين نه سڃاتو. تڏهن کين ڪونه سڃاتائون . ڪن کي شهيد ڪيائون ڪن جي کل لهرايائون ۽ ڪن کي تعذير ڏيکاريائون.
جِنُ به آدميءَ سان ڳالهائي سگهي ٿو. مگر خداوند ڪريم جو انسان سان ڳالهائڻ کي نه ٿا مڃين. عام خلق انڌي آهي. الله ته هر جاءِ تي موجود آهي ۽ فاينما تولو فثم وجهه الله آهي. جيڏانهن منهن ڦيرايو ٿا تيڏانهن الله اوهان کي سامهون آهي. ونحن اقرب وارو الله زمين ۽ آسمان ٺهڻ کان اڳ به موجود هو ۽ هاڻين به موجود آهي ۽ هميشه موجود رهندو. سندس ابتدا جي ابتدا ڪانهي ۽ نه سندس ڪا انتها ڪانهي ۽ نه سندس ڪاانتها ئي آهي. هو ازل ۽ ابد کان بلند ۽ برتر آهي. اکيون ته هر هڪ کي آهن مگر انهن ماڻهن کي شهوت جي لذتن ۽ مزن انڌو ڪيو آهي. پوءِ جيڪو پنهنجون اکيون پاڻ وڃائي ته ان ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه اصول آهي ته جيڪي پوکبو سو لڻبو. جيڪو پوکيندو ئي نه ته لڻندو وري ڇا؟ سيد اهو آهي جيڪو عرش عظيم جو واقف هجي ڇاڪاڻ ته ساداتن جو اصل وطن ئي اهو آهي.
طالب کي هر نشي کان پري رهڻ کپي. کين گهرجي ته پنهنجون اندريون عادتون گهٽائي ڇڏين ائين نه ٿئي جو پاڻ ۾ ٻاهريون عادتون به وجهي ڇڏين. مراقبه وقت طالب کي هيٺ ويهڻ گهرجي. ڇو ته هيٺ ويهڻ سان نفس ذليل ٿيندو آهي ۽ روح کي طاقت ملندي آهي. پهلواني اها نه آهي ته ڪو وڏو بار کڻجي يا ملهه دسي وڃجي. پهلواني ته اها آهي ته نَوَن ئي آسمانن مان مٿي لنگهي وڃجي. عبد مان الله ٿي پئجي. طالب اهو آهي جيڪو ذڪر ته ڪثرت سان ڪري مگر حوران ۽ بهشت نه گهري صرف ڪائنات جي خالق جي ديدارجي تمنا دل ۾ رکي. روح بادشاه آهي مگر هن جسم جي قيد ۾ پيل آهي. کيس نفساني خيالات ۽ هوسات جا ڳجها زنجير پيل آهن. جڏهن لاجي ترار سان اهي ٽوڙي وڌائين ته پوءِ هي نون ئي آسمانن مان اڙيو ڪو نه رهندو. صوفي اهو آهي جيڪو دم به قضا نه ڪري. اٿندي ويهندي گهمندي ڦرندي سندس خيال سدائين ذڪر ۾ هجيس نفس سان جنگ هجيس سڏائي ته سڀڪو صوفي ٿو مگر حقيقي صوفي ڪروڙن مان ڪو هڪ هوندو هي ساروجهان مان جو ماريل آهي.

بيت
“ مئين ماريا جڳ سارا
مئين ڪون ڪنهين نه ماريا ”

جنهن کي نفس ماري وڌو سو خاڪ ٿيندو. جنهن پنهنجي نفس کي ماريو سو بي باڪ ٿيو. جنهن کي جيڪي ڪم ڪار ڏينهن جو هوندا ته رات جو ساڳيا خيالات خواب ۾ پيو ڏسندو. هن بوتي ۾ نفس ڪتو ۽ روح ملائڪ گڏ ويٺا آهن. هر هڪ پنهنجي طرف ٿو تاڻي. جنهن هن نفس ڪتي کي پاليو ته هي کيس ضرور پنهنجي گهر يعني تحت الثريٰ واري گهر ڏانهن وٺي ويندس. جيڪڏهن روح ملائڪ کي پاليائين ته هو وري نفس ڪتي کي اتي ماري ڦٽو ڪري پنهنجي اصلي ملڪ عرش عظيم ڏانهن وٺي ويندس. ساري جهان ۾ فقيرن کان سواءِ ڪندي ان ڪتي مان جان نه ڇڏائي آهي، گهڻي خلق کي اهو ڪتو پنهنجي ڏر يعني دوزخ ڏانهن گهليون ٿو وڃي. جيڪو پاڻ کي وساريندو ته الله انکي ياد ڪندو آهي. ڍئو دوزخ جا اُلا وسائيندو آهي ۽ بک نوراني برسات وسائيندي آهي. هي وجود هڪ بنگلو آهي. جنهن بنگلي ۾ روشني جو بندوبست نه هوندو آهي ته ان ۾ اونداهي ۽ بنگلو خالي هوندوآهي اهڙي طرح جنهن وجود ۾ ذڪر الاهي جا ڏيئا نه ٻرندا هوندا ته اهو وجود به اونداهو هجڻ ڪري جلد ويران ٿي ويندو آهي. هي وجود الله جي آڏو جبل وانگر هڪ آڙ آهي. اگر تون به لا جي ڪهاڙي سان ان آڙ “وجود” کي ڀڃي وجهندين ته الله پڌر تي ڏسندين سڀ ڪنهن انسان ۾ ظاهري ۽ حقيقي وجود آهي تڏهن ته انسان دنيا. جا ڪاروبار ٿا هلائين، نه ته هي بوتو کڏ جي اڇلائڻ جي لائق آهي. هن وجود جو پورو ڀانڊو جيڪڏهن سڌن کان خالي ڪندين ته هيرن ۽ لعلن سان ڀرپور ٿي پوندءِ. آدمي هن وجود کي ڏسي حيران ٿي ٿا پون جيڪڏهن روحانيت جي حسن کي ڏسن ته جيڪر کائڻ پيئڻ به وسري وڃين.
ڍئو نار ۽ بُک نور آهي.سڀ هوسان ۽ سڌان ڍَوَ مان پيدا ٿينديون آهن. بک سان سڀ سڌون ختم ٿي وينديون آهن ۽ صرف الله ياد ايندو آهي. ڀنگ ۽ شراب پيئڻ هر گمراهي جو منڍ آهي. هر هڪ نشو الله جي ذڪر کان گمراهه ڪندو آهي. جيڪڏهن دل کي اسم اعظم سان طواف ڪبو ته الله اثبات ٿيندو. عام لفظ اعميٰ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي انڌو، جنهن هن حياتي ۾ الله نه ڏٺو سو قيامت جي ڏينهن به انڌو هوندو. مَنْ فِی الھٰذہِ الاعمیٰ فَھُوَ فِی الآخِرَۃِ اعْمیٰ (القرآن) جنهن جو اکيون هن حياتيءَ ۾ انڌيون آهن سي قيامت جي ڏينهن به نور واريون ڪين ٿينديون. مسلمان تيستائين نالي ۾ مسلمان آهي جيستائين اسم اعظم وسيلي هن وجود مان نٿو نڪري . جيڪو به هن طرح پنهنجي وجود مان نڪتو ته حقيقي مسلمان آهي اهو ئي معراج ماڻيندو ۽ معنيٰ جي ملڪ جو مالڪ ٿيندو. عاشق ۽ عارف وحدانيت جي حالت ۾ انا الحق جو دم هڻندا آهن. ان وقت مٿن بيخودي جو نشو هوندو آهي. نفساني هستي نه هوندي اٿن اها حقاني هستي آهي جيڪا سچي آهي. جيئن حضرت موسيٰ عيله السلام سان خدا وڻ مان ڳالهايو هو ته موسيٰ اني انااللهُ. جنهن تي هرڪو اعتبار ٿو ڪري. مگر جيڪڏهن اهو ساڳيو الله تعاليٰ ڪنهن پاڪ دل مان آواز پيدا ڪري ٿو وجهي ته رسمي مسلمان جهيڙو ٿا ڪن. مگر افسوس جو اهي جِنَ جو اثر به قبول ٿا ڪن. مگر نعوذ با الله ڇا خداوند ڪريم کي جن جيتري به قدرت ڪانه آهي. مگر جنهن جسماني آزادي، معراج مشاهدي کان سواءِ من خدايم جو نعرو هنيو سو ڪافر آهي. ڪوڙي ته الله جي لعنت آهي .لَعْنتَ اللّٰہ عَلی الکاَذِبینَ۔
مطلوب يعني مرشد جو مثال ان باغائي وانگر آهي جيڪو صوفي ٻير جي اک ڪنهن کٽيءَ ٻير ۾ هڻندو آهي ته ان مان مٺا ٻير ٿيندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪامل مرشد به هڪ ويران دل ۾ اسم اعظم جي اک لڳائيندو آهي ۽ مالڪ سنڀال ۽ حفاظت ڪئي. نفساني سڌن جا اٺ تڙيائين ته ان مان معرفت جا ميوا پيدا ٿيندا. سرهاڻ جا گل ٽڙندا. ٻيا به ڪيترائي ان مان فيضياب ٿيندا. حفاظت نه ڪيائين ته ميوا ته بجاءِ خود مگر ٽاري ئي ختم ٿي کاڄي ويندي.
جيڪو ماڻهو سي ايس پي جو امتحان پاس ڪندو آهي ته هو اهو ڪمشنر ليکبو آهي سندس اصلي نالو لڪي ويندو آهي. اهڙي فقيريءَ جا ٻه چار درجه آهن. (1) فنافي الشيخ (2) فنا في الرسول. (3) فنا في الله (4) بقا با الله.اهو الله اثبات ڪرڻ جو علم آهي. جيڪو به اهو علم عشق جي يونيورسٽي مان پاس ڪندو تها هو آدم مان الله ٿي پوندو. سندس نالو ۽ نفساني هستي حق جي هستيءَ ۾ گم ٿي ويندا. نسورو ئي نور ٿي پوندو.
بيت
بُنڊ ڪهڙو به باهه ۾ جي ٿا وجهو. عين آتش ٿي پوي ٿو ٿا ڏسو
جنهن ڏٺو الله سو الله آهي، جو گهڙيو منجهه باهه سوئي باهه آهي

جيڪو فقير هن جسم جي قيد مان جيئري نڪتو ته ان جو آستانو عرش عظيم آهي هي وجود روحانيت جي پوشاڪ آهي ماڻهو ان پوشاڪ تي به حيران ٿيو پون جيڪڏهن هن روح جي اصليت ڏسن ته ٻئي پاسي ڪونه نيهارن آدمي کي هي وجود آلله جي ڏسڻ لاءِ عطا ٿيو آهي. جنهن هن وجود هوندي به الله نه ڏٺو تنهن ڪجهه به نه ڏٺو. روحاني اکيون به الله جي ڏسڻ لاءِ آهن. جنهن انهن اکين سان به الله نه ڏٺو تنهن به ڪي ڪين ڏٺو هي ڪن عرش عظيم جي گفتار ٻڌڻ لاءِ آهن. جنهن انهن ڪنن سان الهامي گفتار نه ٻڌي سو ٻوڙو آهي. جنهن زبان وحدانيت جي گفتار نه ڪئي اها زبان وڍيل ڀلي آهي. ان کان ڪتي جي زبان چڱي آهي ڇو ته اهو مالڪ جي در تي ڀوئڪي ته ٿو، جنهن سر ذات حق کي روحاني سجود نه ڪيو آهي سر ۽ بوتو سوليءَ تي لٽڪيل ڀلو. جيڪي پير حق جي رستي تي هلڻ کان لاچار آهن اُهي پير وڍيل ڀلا. جنهنن جي سيني ۾ محبت الا هي نه آهي سو ٻرندڙ کوڙي ۾ سڙيل چڱو .
هن وجود ۾ ٽي روح آهن. (1) روحق مقدس، جيڪو دم جي حفاظت ڪري (2) روح منزه جيڪو ننڊ ۾ نگهباني ٿو ڪري، (3) روح مقنس جيڪو هن وجود جو نالو آهي، هن کي مقناطيس روح به چئبو آهي، جيئن لوهه ۽ مقناطيس جي پاڻ ۾ ڪشش هوندي آهي. ان طرح ئي ٻئي روح پاڻ ۾ هڪٻئي ڏانهن مائل هوندا آهن. مگر ٻنهي کي ڪوشش کان بچائي رکڻ پر هيزگاري آهي.
قرآن ڪريم ۾ آهي ته جنهن پنهنجي نفس کي سڌن کا قابو ۾ رکيو ته اهو ڪامياب آهي “ وَمَن یُوقَ شُحَ نَفْسَہٗ فَاوُلٰلکَ ھُمُ المُفْلِحُونَ. ظاهر باطن عشق شهنشاهه جي حڪومت آهي. مگر پاڻ ان ظاهر ۽ باطن کان نرالو آهي. ان ڪاروبار هلائڻ لاءِ ملازم مقرر ٿيل اٿس، سموري انتظام لاءِ هڪ وزير اعظم ٻيو. نائب وزير اٿس جنهن جو نالو احمد به آهي محمود به آهي، ٽيون دفتردار آهي ساري جهان جو دفتر ان جي هٿن ۾ آهي. ان جو نالو شاهه مردان ۽ لقب شير يزدان آهي. چوٿون صوبيدار اٿس جيڪو بالا حڪام موجب ڪم ڪندو آهي. جنهن جو نالو عزرائيل آهي.

صوفين جا ٻه قسم آهن. (1) معنيٰ جا صاحب (2) ماني جا مل.معنيٰ وارا صاحب صوفيءَ سمنڊ جي مڇي مثل آهن ۽ ماني وارا گلو ئي مثل آهن سمنڊ جي مڇي کي ڪير به سولائيءَ سان شڪار نه ٿو ڪري سگهي. مگر گلوئي صرف ٻر مان ٻوٿ ٻاهر ڪڍندي ته ڪوئا مار باز جهٽ ڏيئي کڻي ويندس. انهن لاءِ باز عزرائيل آهي. معنيٰ وارا صوفي عزرائيل کان سَوَ ڪوهه پري معنيٰ واري ڪن ۾ وڃي غرق ٿين اتي عزرائيل جي پهچ ئي ڪانهي، ان ڪري انهن تي موت ئي ناهي.
اسم اعظم عرش عظيم جي ڏاڪڻ آهي جيڪو ان ڏاڪڻ تان چڙهي ويو ته ان جي رهڻ جي جاءِ عرش عظيم آهي. مڙس اهو آهي جنهن پاڻ کي طواف ڪيوان جو ڪير به مٽ نه آهي جيڪو سِپَ ڳوليندو سوئي موتي لهندو. جيڪو سِپ تائين نه پهچندو اهو موتي ڪيئن لهندو. ماني لاءِ حيران ڇو آهيو. جانورن کي جهنگ ۾ پکين کي هوا ۾ رزاق روزي ڏئي ٿو. اوهان جو الله تان اعتبار ڀڳل آهي ڇا؟ دونهون ڏسڻ ۾ ته اڇو هوندو آهي پر شين کي ڪارو ڪندو آهي.ائين سڌون به ڏسڻ ۾ چڱيون هونديون آهن مگر دل کي ڪارو ڪري ڇڏيديون آهن.
جنهن اسم اعظم لاءِ ملان ۽ قاضي حيران آهن اهو عشق شهنشاهه اسان فقيرن کي عطا ڪيو آهي. ڪل ذڪر پنج آهن. چار ذڪر نور جلال مان آهن هڪ ذڪر نور جمال مان آهي انهي چئني ذڪرن سان نفس نه مرندو آهي، صرف نور جمال واري ذڪر سان مرندو آهي، نور جلال باهه آهي ۽ نور جمال پاڻي آهي، نفس به باهه جو ٺهيل آهي. نور جمال مان ذڪر نفي اثبات آهي. جيئن باهه کي پاڻي وسائيندو آهي. تيئن ذڪر نفي اثبات نفس کي ناس ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪو بهشت لاءِ ٿو عبادت ڪري سو پنهنجي نفس جو مزدور آهي جيڪو عبادت خدا لاءِ ٿو ڪري سو اهو خدا کان غير واقف آهي. ڇو ته خدا تعاليٰ عبادت کان بي نياز آهي جڏهن تون شهر مان گذرين ته ماڻهن جو آواز تنهنجي ڪن تي نه پوي ڪچهري ۾ به اڪيلو هج.
ٻانهي ۽ خالق جي وچ ۾ آسمان عرش ڪرسي حجاب نه آهي. صرف پاڻ ڀانئڻ حجاب آهي. جيڪو پيٽ ڀري کائيندو سو هميشه بکيو رهندو. جيڪو ڪنهن انسان اڳيان هٿ ٽنگيندو اهو هميشه محروم رهندو. توڪل وارا اوقاتي آهن. توڙي باهه ۾ گهرندا ته به خبر ڪانه پوندن. توڙي ترار جو ڌڪ هڻبن ته به زخم ڪو نه ٿيندن. پيٽ خالي رکڻ جوانمردي آهي. جنهن هن کي سڃاتو تنهن جو ڪم باريڪ آهي جنهن نه سڃاتو تنهن جو رستو تاريڪ آهي. پيٽ ڀري کائڻ سان حڪمت نه رهندي آهي، ماڻهو ننڊ جسم لاءِ ۽ دماغ لاءِ سڪون سمجهندا آهن پر اسان لاءِ اوجاڳو سڪون آهي. اڌ رات کانپوءِ اٿي ويهه ته تنهنجا سڀ ڪم ٺيڪ ٿي ويندا. دُن جي مٿان بهشت ۽ هيٺان جهنم آهي. نفس جهڙي دشمن سان دوستي نه رک شيطان جهڙي مڪريل سان متان محبت ڪرين.
تصوف جي معنيٰ آهي حق جي نصيب لاءِ نفس جا سڀ نصيب ترڪ ڪرڻ، جاهل جي دنيا ترڪ ڪرڻ کان عاقل جي دنيا طلبي چڱي آهي. دل بي انت درياهه آهي. جڏهن اهو درياهه حق سان ڀربو ته اتان نور اٿلي عضون تي پوندي اگر اهو باطل سان ڀربو ته ان اونداهي اٿلي عضون تي پوندي درويش اهو آهي ته ڪير به وٽس وڃي ته خالي نه موٽي ۽ نا اميد نه ٿئي عارف اهو آهي جيڪو ٻنهي جهانن کان آسرو پلي وڃي کيس دم دم سان هزار تجليون ظاهر ٿين ۽ هڪ وک سان عرش عظيم کان به مٿي هليو وڃي ۽ ٻئي قدم سان واپس موٽي اچي.
اهو وڏو بادشاهه حضرت رسول الله وارو پهريان پائي آيو.جنهن ٻه رستا ٻڌايا.(1) خاصن وارو رستو جنهن ۾ دم ذڪر کان خالي نه هجي، فوت الانفاس قتل الانبياءٌ (ترجمو) جنهن دم قضا ڪيو تنهن ڄڻ نبي شهيد ڪيو.(2) عامن وارو رستو. جنهن ۾ نماز. روزو،حج، زڪوات ۽ خيرات جو تاڪيد ڪيل آهي.
اسان جا اول آخر ٻنهي جهانن ۾ ٻارهن امام ۽ چوڏهن معصوم اڳواڻ ۽ رهبر آهن. جيڪي اهلبيت پاڪ آهن. اهي امام العارفين آهن انهن جي مدد کانسواٰ ڪو به عارف باالله نٿو ٿي سگهي، حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام اسان جا وسيلا ۽ جنت جي جوانن جا سردار آهن. انهن شهيدن جو ماتم هميشه ڪرڻ گهرجي، خاص ڪري تيرهين محرم تائين. شريعت موجب دل حاضر هجي يا نه نماز جائز آهي. طريقت موجب دل حاضر نه هوندي ته نماز جائز نه آهي. علي ۽ احمد هڪ آهي مگر ٻيائي وارن لاءِ ٻه آهن. علي مان مراد ولي آهي. عام ماڻهن جي نماز پنج وقتي آهي فقيرن جي نماز دم دم سان هوندي آهي عام ماڻهو خيالات کي اڳيان بيهاري سجدو ڪندا آهن مگر فقير الله کي روبرو سجدو ڪندا آهن، نمازي ويچارا بهشت لاءِ پاڻ ٿا پتوڙين ته جيئن ميوا ۽ ستر حورون ملن. هت ته هن کان هڪ عورت به راضي نه ٿي ٿئي. هت ته ستر حوران بهشت وارن کي ڏاڙهي کوهي پٽ ڪري ڇڏينديون.
روزو ٻن قسمن جو آهي (1) عام روزو (2) خاص روزو. عامن لاءِ صرف رمضان مهينو روزا رکي باڪي يارنهن مهينا کائيندو پيئندو عيش ڪندو وتي. خاص روزو آهي ٻئي جهان ترڪ ڪرڻ، دنيا خواه عقبيٰ جي لالچ ڇڏي ڏيڻ. دنيا جي محبت سان دل مري ويندي آهي. زنده دل کان شيطان به ڊڄندو آهي. شيطان کي ڏوهي ڪيئن چئجي انسان ڪل عقل آهي برايون ڪن پاڻ ۽ ڏوهه وري شيطان تي ڏين نماز ۾ نياز ۽ زاري اهڙي ڪجي جو نيزو لڳي ته به خبر نه پوي نيڪي بدي خدا جي طرف کان آهن پر نيڪي نيڪن هٿان ۽ بدي بدبخت هٿان ٿيندي آهي فقير سان هڪ گهڙي صحبت ڪرڻ هزار ورهين جي عبادت کا ڀلي آهي.
“ یَک زَمانہ صحبت با اُولِیا، بَھترازْ صد سال طائت بی ریاءُ
من اَرادَ اَن یجلس مَع َاللّٰہ فَلَیجس مَعَ اَھل تَصوفُ (حدیث)
ترجمو:جيڪو چاهي ته مان الله سان صحبت ڪريان ان کي گهرجي ته هو صوفي فقير سان صحبت ڪري گويا الله سان صحبت ڪيائين
بندي جي الله سان هيڪوڻي محبت هوندي ته الله جي ساڻس ڏهوڻي محبت هوندي، عورت تي عاشق ٿي کيس راضي ڪندين ته هوءَ توکي پيشاب واري جاءِ ڏيکاريدءِ الله تبارڪ وتعاليٰ تي عاشق ٿيندين ته هو توکي پنهنجو ديدار ڪرائيندءَ الله ڪنهنجي ڪمائي ضايع نٿو ڪري پر بندا پنهنجي ڪمائي پاڻ ٿا برباد ڪن. دل بادشاهه جو تخت گاهه آهي اتي ڪنهن به نامراد لچ ۽ بيقدر کي اچڻ نه ڏيو متان بادشاهه ڪاوڙجي پئيوَ. قلب المومنين عرش الله تعاليٰ، حاجي ڪعبته الله جو طواف ڪندا آهن مگر ڪعبته الله وري فقيرن جو طواف ڪندو آهي.
جيڪا شيءَ هت ڏنل هوندي ته هت به لڀي پوندي، ان مان مراد شافع محشر آهن جي هت ڏنل هوندا ته محشر جي ميدان ۾ ايڏي وڏي ميڙ ۾ ڪيئن وڃي جان ڇڏائڻ لاءِ کين منٿون ڪبيون. تنهن ڪري ڪوشش ڪري هت ئي ڏسڻ لاءِ جهد ڪريو. جيڪو پنهنجي نفس سان جنگ ڪندو سو خدا وٽ پهچندو، جيڪو پنهنجي نفس تي خدا ڪارڻ سختي ڪندو ته خدا جي ڪرامتن کي وجهو ٿيندو.
جيڪو ٽن ڳالهين کي پسند ڪندو تنهن کي موت ويجهو آهي. (1) سٺو کاڌو کائڻ (2) سٺا ڪپڙا پائڻ ۽ (3) دنيا دارن سان صحبت ڪرڻ .جنهن الله سڃاتو تنهن سڀ ڪجهه سڃاتو. اڪيلائي ۾ هڪ دم ويهڻ به عين عبادت آهي ۽ سڀني عبادتن کان بهتر آهي ڪوشش ڪر ته دل سجاڳ ٿيئي. دل اها بيدار آهي جيڪا خدا جي ياد ۾ گم آهي. زبان سان توبه ڪرڻ زالن وارو مڪر آهي. توبه اصل اها آهي جو وري گناهه کي ويجهو نه وڃجي. جنهن فقير پنهنجي تعريف ڪئي اهو فقير نه آهي پرمڪار آهي.

باب ٽيون: الوهيت جا راز

---

الوهيت جا راز

(1) ملڪوت هڪ وڏي رعب واري جاءِ آهي. جڏهن اتي آءُ ويس ته معلوم ٿيو ته اها حضرت مولا علي عليه السلام جن جي تخت جي جاءِ آهي. جنهن جو نالو فنا في الشيخ جي منزل آهي، سو مرشدن جو مرشد ۽ پير مغان آهي. انا مدينته العلم وعليٰ با بها وراي حديث هن جاٰءِ جي باري ۾ آهي. اها جاءِ الله جي احديت جي آهي.
(2) جڏهن جبروت جي وياسين ته معلوم ٿيو ته ان جاءِ جو نالو فنا في الرسول آهي. ان جاءِ جو دستور ٻي طرح آهي. اُتي حضرت رسول الله ﷺ سان همدم ٿي رهياسون. ان کان مٿي چئن مقرب ملائڪن جي رهڻ جي جاءِ آهي الله جل شانه جا خليفا آهن هر هڪ تي عليحده ڪم رکيل آهي. ان کان مٿي وياسين. لوح قلم ڏٺو سون ۽ پڙهيوسون. لوح قلم جي پهرين سٽ ۾ جيڪو ڪجهه لکيل هو سو عام ماڻهوءَ کي نه ٻڌائبو ڇو ته هي ڪتاب سڀڪو پڙهندو ۽ راز ظاهر ٿي پوندو. مگر جيڪو طالب اچي پڇندو ته ان کي ضرور سمجهائبو. جيڪو فقير جي درتي دلي طرح خدمت ڪندو ۽ جڏهن کيس لائق سمجهوسون ته ان کي ان وقت سمجهائينداسون .
عرش عظيم کي عليين چئبو آهي. جڏهن عرش تي وڃي ڏٺوسين ته هيءَ جاءِ ته اسان جي آهي اتي ڪرسيءَ ته به مان ويٺل هُيس. هڪ دفعي ڪنهن پڇيو ته عرش به مان ڪرسي به مان بهشت به ته دوزخ به جبرائيل به مان ته عزرائيل به مان ته اسرافيل به مان ته ميڪائيل به مان. آدم ۽ نوح به مان ادريس ۽ ابراهيم به مان موسيٰ به مان ته عيسيٰ به مان ته محمد به مان آدم کان اڄ تائين به مان آهيان ٻيو ڪير آهي. اهو ٻڌي پڇڻ وارو وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته سندس عقل گم ٿي ويو آهي. ان وقت اسان تي مستيءَ جو حال طاري هو.
روايت آهي ته ڪنهن فقير کان پڇيو ته توهان جي عمر ڪيتري آهي. فقير چيس ته زمين آسمان سج چنڊ کان اڳ هئاسون. اسان جي عمر جو آند پاند ئي ڪونه آهي. اسان کي الله ڏسڻ جو اصل شوق ڪونه هو مگر الله کي منهنجي ڏسڻ جو شوق جاڳيو. نو سال آءٌ الله جو آئينو هئس هينئر چاليهه سال ٿيا آهن ته مان پاڻ پنهنجو آئينو آهيان .
هڪ دفعي اسان کي ٻڌايائون ته جيڪو اسان کي گهري، اول پنهنجي نفس کي بدڪار عورت جي طلاق وانگر ڏئي پوءِ اهو اسان جي ذڪر ۽ ديدار جو لائق ٿيندو. عاشق جي قيمت جان جلائڻ مان ٿيندي آهي. عشق جو جام بهشت جي حورن قصورن کان بهتر آهي. دنياجي دوستيءَ مان غرور پيدا ٿيندو آهي. عارف جي صحبت مان حق جو نور پيدا ٿيندو آهي. بيواهو ٿيءُ ته واهه لهين ننڌڻڪو ٿيءٌ ته ڌڻڪو ٿئين جيڪو خدا گهري ته اهو خلق کان پري ڀڄي نفس. جو علم مماتي آهي. عشق جو علم حياتي آهي. صوفي لاءِ آرام توحيد آهي طالب جو ذوق ذڪر سان آهي. عارف جو شوق فڪر سان آهي. فڪر هت نه پيدا ٿيندو مگر معراج کان پوءِ ست ئي طبق آسان ٿيندا. جيڪو پاڻ کي وساريندو ته الله کيس ياد ڪندو. صوفي لاءِ عشق جي ملامت سلامتي آهي. جيڪو الله کي الله سان ڏسندو سو هميشه جيئرو رهندو. مگر جيڪو الله کي پاڻ سان ڏسندو سو مري ويندو. صوفياءَ ڪرام کي عبادت فرض آهي جيستائين عين اليقين ٿين.وَعْبُدْ رَبّک حَتیّٰ یَاْتِیَک الْیَقِین.کانپوءِ سندس عبادت بيهي ويندي. ڇو ته ذڪر مذڪور يعني خدا لاءِ ڪبو آهي. ذڪر سڏ آهي خدا کي. جنهن مهل مذڪور ظاهر ظهور گڏ اچي ٿئي ته پوءِ سڏ ڪنهن کي ڪبو. خدا سڃاڻڻ لاءِ انڌو ٻوڙو ۽ گونگو ٿبو تڏهن کيس سڃاڻبو. زبان سان ڳالهائبو ته ذڪر ڪونه ٿيندو. تنهن ڪري ماٺ ڪبي يعني گونگو ٿبو. ڪنن سان عام ڳالهيون ٻڌبيون ته به خيال مٽجي ويندو. اکين سان ٻيون شيون ڏسبيون ته به خيال ڇڪجي ويندو. تنهنڪري ڏسڻ کي به روڪبو يعني انڌو ٿبو تڏهن خيال خدا ڏي رجوع ٿيندو. اها آهي انڌائي ٻوڙائي ۽ گونگائپ. صوفي اهو آهي جيڪو ذڪر سان نفس کي فنا ڪري. آسمانن تي هڪ جاءِ آهي جتي نفس کي ڪهائڻو پوندو آهي. ستر هزار ڀيرا مرندو ۽ وري جيئرو ٿيندو. پوءِ بقا لهندو.
معرفت ٽي حدون پري آهي. نماز پڙهڻ واري وقت مون کي جڻيو ٻڌل هو. ڪوشش ڪيم ته ڇڄي مگر نه ڇڳو. ويتر ٿلهو ٿيندو ويو. پوءِ مرشد هاديءَ جي منهن پياسين جنهن اسم اعظم جو رستو ڏسيو. پوءِ اسم اعظم سان عشق شهنشاهه اهو جڻيو ڇنو. هڪ دفعي ذات حق کان پڇيوسين ته توهان سان ڪيئن ملجي چيائين ته پاڻ ڦٽو ڪرِ ته اسان وٽ پهچندين. بلها شاهه فرمايو آهي ته،

“ بليا رب دا ڪيوين پاوڻا _ايٿون پٽڻا اوتي لاوڻا ”
ماڻهو منهنجي بوتي جي وهٽ گڏهه کي ٿا ڏسن جيڪڏهن منهنجو اصلي حسن ڏسن ته سڀ سجدي ۾ ڪري پون. مگر هي بوتي تي ڀليل آهن. نه ته مان ته اعليٰ ذات آهيان وچ ۾ فولاد ته آهيئي ڪو نه. هي جيڪو ظاهري فولاد ڏسو ٿا سو ته موئيرو آهي. جيئن ڳئون جي اڳيان مئل گابي جي کل لاهي ڪاٺين جو ٽنگون وجهي موئيري جي مٿان اٽو هاري ڳئون ڏهبي آهي. هي ظاهري فولاد به ائين آهي.
الله آدمي کي چوي ٿو ته يا ٻانهو ٿيءُ يا مان جهڙو ٿي پئو انهن ٻنهي ڪمن مان جيڪو ڪري سگهين سو ڪر اسان به ٽيهه ورهيه ٻانهپ ۾ هياسين ربوبيت جي ڪوشش ڪئي سين. پوءِ مرشد هادي سبق ڏنو پوءِ نو ورهيه سبق سان رهياسين، آخر نائين سال جي پڇاڙيءَ ۾ اسم اعظم وٺي وڃي الله ڪيو.
جيڪو ماڻهو الله کان گمراهه آهي ته سندس ظاهر واري حياتي به دوزخ ۾ آهي. جنهن ڏسڻ کانسواءِ الله جو نالو ورتو سو علم اليقين آهي. جنهن الله ڏٺو سو سندس نالو ساري عمر نه وٺندو ۽ نه عبادت ئي ڪندو ان کي نالو وٺڻ ڪفر آهي. مگر نالو ورتائين به ته روئي ڏيندو. نالو وٺڻ ٻيا ئي آهي جيڪو پاڻ الله ٿي پيو کيس نالي وٺڻ جو ڪهڙو ضرور ڇو جو گناهه آهي، مگر ڳالهه ڪندي عبادت ۾ نالو وٺندو.
مثال مثنوي جلال الدين روميءَ پهريون نالو ئي نه کنيو آهي.
بيت
بشنواز نئی حکایت چون کند، واز جدائیھا شکایت میکند
يعني ٻُڌن نڙ جو آواز ڇا ٿو چوي. هو پنهنجي اصليت کان جدائيءَ جي شڪايت ٿو ڪري.
جيڪو سمجهه وارو آهي سو سمجهندو . جيڪو انڪاري ٿيو سو انڌو آهي. عاشق عارف جو نيشان ته از دنيا بي نياز. يعني دنيا کان بي نياز رهڻ آهي نياز وارو فقير ٻانهو آهي. مثال بادشاهه مير علي نواز خان جي شڪاريءَ حسوءَ وزير جي پٽ کي مار ڪڍي مير جي حجت سبب ايترو لاغرض ٿي پيو هو. مگر جيڪو احڪم الحاڪمين جي تخت تي ويٺو سو ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍندو. صوفي فقير جڏهن من خدايم جي ملڪ ۾ ويندو ته ان تي هزارين الزام ٺهندا. کيس پڪو ڪرڻ لاءِ عشق شهنشاهه مٿس مصيبتان موڪليندو. جيڪڏهن مصيبتن مان عشق کان بيزار ٿئي ته هليو وڃي. جنهن کي نفساني حياتي آهي اهو دم نڪتي کان پوءِ ڄڻ ڪتو مري ويو. جيڪو حق سان حيات آهي. سو سدائين جيئرو آهي. هن جو جسم مان نڪرڻ ائين آهي ڄڻ پراڻو ڪپڙو لاٿائين هتئون نڪتو ته هُت وڃي رهندو .
الله ٻه جايون جوڙيون آهن (1) سجين (2) عليين جن زندگي غفلت ۾ گذاري سي مئي کانپوءِ سدائين سجين ۾ رهندا. جن خدا ياد ڪيو ۽ الله ڏٺائون انهن جو ذهن عليين مڪان ۾ آهي. جنهن کي حق پاڪ گهرندو سو فقير عارف وٽ ويندو ۽ ان وٽان علم لدني حاصل ڪندو. اها آهي الله جي مهرباني. عالم اهو آهي لدني علم جو دِل سان دور ڪري، مگر ظاهري علم وارا پورهيت ڪاسبي آهن. عارف عاشق جيڪڏهن نفس جي راءِ تي غلط ڪم ڪري وجهي ته ان کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي. هلندڙ طالب غلط ڪم ڪندو ته ڏوهي ٿيندو. ان جي پڇڻ لاءِ گهڻا آهن.
جنهن کي صفاتي شهود آهي سواسير آهي، جنهن کي ذاتي شهود آهي سو امير آهي. جيڪو نفس کي فنا ڪندو سو بقا وٺندو. ان کي جو حق جو ديدار ٿيندو. جيڪو فاني نه ٿيو سو بي حاصل آهي. تصوف ۽ فقير اها آهي ته ان جي دل ۾الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به محبت نه هجي ڪنهن سان به واسطو نه هجي.
تون به جي بي مثل ٿيندين ته بي مثل کي لهندين. مثل ۾ فاٿل هوندين ته ڪيئن بي مثل کي ڏسندين. مثل هي نفساني بوتو آهي. عشق هڪڙي دل فرجڻ جاءِ آهي.جنهن ۾ خواري ۽ ملامت آهي عشق شهباز ۽ ٻيو سارو جهان تتر مثل آهي، تتر شهباز جو شڪار آهي.هي سارو جهان عشق جي اڳيان ڪجهه به نه آهي . معرفت جي حاصل ڪرڻ لاءِ طالب کي جاهل ٿيڻو پوندو سڀ علم وسارڻو پوندس. جيستائين تون به آهين ۽ الله کي به ڄاڻين ٿو ته مشرڪ آهين. الله گم ڪيون پاڻ اثبات ڪيو بيٺو آهين. پوءِ ڄڻ ان بت جو پوڄاري ڪافر آهين. ماڻهو الله جي عبادت دوزخ جي ڀو کان ٿا ڪن ڪي وري بهشت جي لالچ تي عبادت ٿا ڪن اهي ٻئي نه هجن ته الله کي ڪير به نه ليکي. عالم چئبو آهي پاڻ سڃاڻڻ کي نه سڃاتئه ته ڪافر آهين. جڻيو ٻڌل اٿيئي، عاشق ڪماليت کي پهچندو آهي ته بي ادب ٿيندو آهي. بي ادبي جا ٻه قسم آهن هڪ بي ادبي الله گم ڪري پاڻ اثبات ڪرڻ. اها عام بي ادبي آهي اهڙا ماڻهو دوزخ جا حقدار آهن. جن پاڻ الله ۾ گم ڪيو سي الله جا حقدار آهن. اها بي ادبي من خدايم واري آهي. جنهن کي سڀڪو ڪافر ۽ بي ادب پيو سڏيندو. حقيقت ۾ صحيح ادب اهو آهي.
وجد حال مئل دل کي جيئرو ٿو ڪري حق جو مشاهدو صوفي جي هئڻ واري هستي کي ماري ٿو. وجد حال نفس جون سڀ وصفون رد ۽ چٽ ٿو ڪري صوفي دم قضا نه ڪندو. جنهن دم قضا نه ڪيو سو نوز آهي. جيڪو زبان سان لله الله ٿو ڪري ته ان جو الله پري عرش تي آهي اهو ڏکيو ملندو. من قال الله لاَ يَرفَعُ الله يعني جنهن زبان سان الله الله چيو سو کيس ڪو نه سڃاڻيندو. جنهن دم ذڪر ڪمايو ته ان جو الله ونحن اقربُ آهي. ويجهي کي ڏسبو چاليهه سال ٿيا آهن جو الله توحيدي گفتار ٿو ڪري وچ ۾ فولاد آهيئي ڪونه جيڪو فقير جي صحبت ۾ رهيو سو جوانمرد اهو آهي جيڪو شفاعت ۾ اميد نه رکي جنهن شفاعت ۾ اميد رکي سو نامرد آهي. فقيري دل سان ذڪر صاف ڪرڻ جو نالو آهي. نفس جي مخالفت ڪرڻ، ڪشف ڪرامات کان پري رهڻ، نفساني وصفن کي ترڪ ڪرڻ حقيقت معلوم ڪرڻ. اسم اعظم ڪمائي هن جسم مان نڪرڻ. جنهن ڪاڻ سارو جهان سڪي ٿو اهو ٿي پوڻ اها ڳالهه ظاهري فقيريءَ جي ڪجي ٿي. فقير جو بيان وڌيڪ ڪبو ته منصور وانگي هي بوتو فاڙجي پوندو. جيڪوصوفي ڪنجوس آهي سو دنيا جو عاشق آهي. ڪامل صوفي جي دل درياهه وانگر ٿيندي. آهي جيڪا لهرون ۽ موجون ڪندي آهي. جنهن فقير الله ڏٺو تنهن جي دل درياهه مثل آهي .
فقيري اها آهي جو ناپيد شيءَ کي ظاهر ڪري ۽ پاڻ ناپيد ٿئي جنهن فقير وٽ دنيا جي مڃوتي ۽ نفساني عزت ٿي تنهن جو منهن ڪارو ۽ نيلا پير اٿس. اهو هِتِ هُتِ انڌو آهي. جيڪو صوفي الله کان ڪشف ڪرامات ۽ منوتي گهرندو ۽ خوش ٿيندو ان جو به منهن ڪارو آهي. عالم مولوي جيڪو حرام کائي سو به درگاهه ايزدي مان تڙيل آهي عالم کي حيف آهي جو عبادت تي فخر ڪري عقبيٰ ڇڏي دنيا جي لالچ لاءِ ڊوڙي
جنهن صوفيءَ الله جل شانهُ کان ڪشف ڪرامات گهري تنهن کي سندس ديدار کان جواب آهي ٻنهي جهانن ۾ ان جو منهن ڪارو آهي. جيڪو اسان جي دل ۾ سوز ۽ درد آهي اهو ٻاهر ڪڍون ته ٻيئي جهان سڙي وڃن. زبان سان ڳالهه ڪرڻ وقت اسان اهو بنجي ٿا پئون. اها هن جسم جي زبان نه مگر الله جي زبان آهي. جتي آءُ رهندو آهيان اتي ڪنهن به بني آدم جي مجال نه آهي، مقرب ملائڪن کي به پهچڻ جي طاقت نه آهي جيڪو اتي ويندو اهو ڏسندو.عامن کان هيءِ جاءِ بلند ۽ برابر آهي. هيءِ عاشقن جي حد ۽ رهڻ جي جاءِ آهي.
عشق رامنزل دلا دور است ودور
يعني. عشق جي منزل تمام پري آهي،
اسان جي ساٿ جو سردار حضرت رسول الله ﷺ آهي عشق جي عاشقن سان گڏ اسان ان جا جماعتي آهيون. جڏهن مان عرش عظيم تي ويس ته روزازل کا اڄ تائين جي سمورن عاشقن ۽ عارفن تن سڀني مونکي طواف ڪيو ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ بيحد ملڪ ۾ وياسين ته ملائڪن کي به حيرت لڳي اسم اعظم جتان جو آهي ته ڪمائڻ واري کي به اتي ٿو پهچائي. ان جي منزل جي حد ئي ڪانه آهي. زاهدن، عابدن، غوثن، قطبن جي حد آهي مگر عاشقن عارفن جي حد آهي ئي ڪانه حضرت خواجه خضر عليه السلام لاءِ دنيا سڪي ٿي مگر اسان خضر کي پنهنجو در لنگهڻ به نه ڏنو. چيوسونس ته تون اسان جي ڪم جو نه آهين اسان لاءِ الله ڪافي آهي. تنهنجي اچڻ سان وٿي پوندي .
جيڪو دنيا جي ڪمن ۾ مصروفيت سبب الله جي ياد کان عافل آهي سو درگاهه حق تعاليٰ مان تڙيل آهي مگر جيڪو صوفي ملامتي ۽ خلق کي ناپسند آهي سو خدا کي زور پيارو آهي سڀني آدمين مان جنهن ملامت ۽ خواريءَ جو بار کنيو سورند آهي ۽ شاهه منصور جو ثاني آهي. فقير جي ملامت ۽ خواريءَ جو مٽ ٻنهي جهانن جي عبادت به نه آهي ڇو ته اهو فقير هر وقت ايمان ۾ اسلام ۾مگر معراج ۾ رهي ٿو. کيس هميشه عشق آهي. پوشاڪ ۽ حقاني تاج مٿي ۾ پيل اهي.
جنهن مون کي سڃاتو تنهن الله تبارڪ وتعاليٰ کي سڃاتو. جيڪو منهنجو دوست ٿيو سو الله جو دوست آهي مگر جيڪو منهنجو دشمن آهي سو سڄڻ الله جو دشمن آهي. جنهن مون سان صحبت ڪئي تنهن ڄڻ الله سان صحبت ڪئي.
مسلمان بهشت لاءِ ٽنگن کي تيل مکيون ويٺا آهن مگر ڏس ته مان ڪنهن کي به ياد آهيان جي نه ته پوءِ سواءِ ياد گيري جي مان ڪيئن انهن کي بهشت ۾ اچڻ ڏيندس. سنڌ جي عالمن جو حال اهو آهي جو کانئن ڪوسوال پڇي ته جواب نه ڏئي سگهندا. پوءِ خلق ۾ ڪنڌ کڻي نه سگهندا.
اسان جي وصل کي چاليهه سال ٿيا آهن جو اسان هي گفتار شروع ڪئي آهي. ماڻهو سمجهن ٿا ته هت ٿو ڳالهائي پر اسان ٻئي ملڪ ۾ بيهي ٿا ڳالهايون. عشق جي درد حال جو ڪير به واقف ڪونهي. مست گهڻا آهن. مگر سالڪ ڪو نه آهي ڪنهن سان حال اور جي چاليهن سالن ۾ ڪو به معراج وارو سالڪ نه مليو آهي.
اسان کي عشق جي رهبري مصطفيٰ ۽ مرتضيٰ ڪئي آهي اهي اسان جا هادي ۽ رهبر آهين نه ته اسان هئاسون. ڌنارن ۽ جهنگلن کي نوازيائون. وٺي وڃي الله وٽ ڇڏيائون اهڙي عنايت ڪيائون جو ارض وسما جي راج جا واقف ٿي پياسون.
جن الله ڏٺو ۽ ساڻس همدم ٿيا تن کي سفاعت جي ڪهڙي ضرورت،شفاعت ته اسان جا سچا طالب پنهنجي ٽولن جي ڪري سگهندا. سڀهاڻي ڏسئندو ته اسان به حضرت رسول خدا سان گڏجي مسلمانن جي شفاعت ڪنداسون. جيڪو منهنجي ڳالهه دل وجان سان ٻڌندو ته ان فقير جو پڇاڻو معاف آهي. جيڪو مان اصل آهيان ۽ جنهن منهنجي اصليت کي ڏٺو تنهن الله ڏٺو.
نامردن جا پير عبادت ۾ بيهي بيهي سڄي ويا مگر پائي به حاصل نه ٿين مگر مردن جي ويهڪ جي جاءِ اٺ جي داڦوڙي جي تريءَ جهڙي ٿي وئي سي وڃي الله کي پهتا ۽ ساڳيو پاڻ ٿي پيا. صوفي جڏهن هن جسم مان نڪرندو ته الله جو گهر چاليهه وکان اٿس. اهي بره جون باهيون ڏيئي نفي اثبات سان عشق جو کورو پچايائون تڏهن الله جو گهر ويجهو لڌن نه ته پنجاهه هزار ورهين جي پنڌ تي آهي. مسلمان روزو نماز ڪن اسان پنجاهه ورهين ۾ سجدو ڪونه ڏٺو.
اسان اهڙا ته نڀاڳا آهيون جو ملائڪن وٽ ماڻهن جا دفتر روزن ۽ نمازن سان ڀريل هوندا مگر ملائڪن جي دفتر ۾ اسان جو هڪ سجدو نه لڀندو. ماڻهو عبادت تي الله کان ڪشف ۽ ڪرامتون گهرندا آهن الله انهن کي پينو سمجهي کين اها پن ڏئي ٿو اُهي ان پِن تي خوش آهن، ڪشف ڪرامت نفس جو ڍئو ۽ الله جو مڪر آهي. انهن کي الله پنهنجي ديدار کان جواب ڏيندو آهي. جيئن ڪو فقير ستر واري گهر مان ٻانهيءَ کان خير وٺيون هليو وڃي الله کي جو سوال ڪجي تنهن کان پاڻ الله ڇو نه ٿي پئجي. سوال کان ڇٽي پئجي. اهڙو ڪم ڇو نه ڪجي جو اسان وٽ ٻيا سوالي اچن ۽ پاڻ لا احتياج هجون. الله سوال کان کپندو آهي آحضرت موسيٰ رب ارني جو سوال ڪيو هيس ته کيس لن تراني جو جواب ڏنو هئائين. ان ڪري عارفن سمجهيو ته سوال ڪونه مڃيندو تنهن ڪري پاڻ ڇو نه ٿي پئجي. هونءَ الله وٺ ڪونه ڏيندو. دنيادار کي سوال ڪبو سو به سئو پنجاهه ڏيندو سوبه کپي ويندو. تنهن کان ڇو نه دنيادار ٿي پئجي جو سوال ئي ڪرڻو نه پوي فقيرن آڻ کٽ خزانو هٿ ڪري وڌو. رب ارني واري سوال وقت موسيٰ ٻانهو هو بادشاهه ٻانهي کي تخت تي ڪونه ويهاريندو آهي. اهڙي همٿ ڇو نه ڪجي جو ملڪ الموت کان موت جو دفتر ئي کسي وٺجي. پوءِ جاڏي وڻي اوڏانهن هيلو وڃجي.
هلندڙ طالب کي سيني تي ڪو خطرو ممڪن ٿيو ته سندس روح جيڪو معرف جي مالڪ ڏي پنڌ ڪيو هو سو روح ٻارهن مهينن جي پنڌ تان ڪري پوندو. وري جڏهن ڪوشش ڪري ٻارهن مهينا پڌ ڪندو تڏهن وڃي ساڳي جاءِ تي پهچندو.
ڪنهن ماڻهوءَ اسان کان پڇيو ته دين ۽ ايمان ڪٿي رهندا آهن؟ اسان چيس ته اڳ ۾ تون دين ۽ ڪفر جو رنگ ٻڌاءِ ته پوءِ توکي سندس رهائش ٻڌايون اگر ڪنهن کي دين ۽ ڪفر جي سڃاڻ ٿئي ته الله کانس پري آهيئي ڪونه.
ڪنهن پڇيو ته واصلي عاشق ڪنهن کي چئجي؟ اسان چيس ته جيڪو فنا في الشيخ ۽ فنا في الرسول جي منزل کان اڳتي ويو سو واصلي عاشق آهي. جيڪو فنا في شيخ آهي سو عارف آهي جيڪو ان کان هيٺ آهي سو اولياءُ آهي.
دنيا جي ڳولا ڪرڻ پاڇي جي پٺيان ڊوڙڻ مثال آهي ڪيترو به پويان ڊڪندس ته ڪونه پهچندس. جيڪڏهن پٺي ڏيئي هلندو ته پاڇو سندس ڪڍ لڳندو. دنيا به ائين آهي جيڪو دنيا ڇڏي الله ڏي هلندو ته دنيا سندس ٻانهي ٿي پوندي ۽ هي پاڻ بادشاهه ٿي پوندو. جنهن صوفيءَ سوال ڪيو سو صوفي نه آهي.
دنيا عقبيٰ ۾ سمائجي سگهي ٿي مگر مان منجهنس نه سمائبس ظاهري عالم چوندا آهن ته اسان حضرت رسول الله ﷺ جن جا وارث آهيون، مگر ڪوڙا آهن. عالم اهو آهي جنهن کي ظاهري علم ۽ باطني يعني لدني علم هجي ظاهري عالم ڪاسبي آهي لدني عالم لاءِ ظاهري علم به عيان ٿي پوندو. امرنهيءَ جو دفتر لوح ۽ قلم جيئري پڙهي ويندو. لدني علم واري نطر تحت الثريٰ کان عرش عظيم تائين ڇُٽي پوندي. اهو بهشت ۽ حورن تي ٺٺوليون ڪندو ظاهري علم واري کي پنهنجي قبر جي به خبر نه پوندي صرف ظاهري علم سان دل ڪاري ٿيندي آهي. قلب تي مس ۽ اکرن جو نقش ڄمي ويندس حضرت رسول الله ﷺ اسان جو رهبر سمنڊ آهي اتان وير نڪري ته ٻئي جهان غرق ٿي وڃن. مولوي ۽ عالم امام ٿا سڏائين اهي امام نه آهن. سچو امام اهو آهي جيڪو ٽنهي جهانن جي خبر ڏئي،
شريعت ۾ حرام حلال جي خبر به ان کي پوندي آهي جيڪو شريعت تي هلي نه ته شريعت ڪنهن کي لٺ ڪانه هڻندي آهي. چور سان به راضي ته ڀاڳئي سان به خوش، چور ۽ ڀاڳيو ٻئي گڏ نماز پڙهندا ته شريعت نه ٻڌائيندا ته چور ڪهڙو آهي؟ عارف معرفت کي پهتا تڏهن شريعت کي سڃاتائون مگر شريعت وارا مفتي ۽ ملان رشوت جي عيوض غلط فتوائون ڏيئي حقدارن جو حق کسي ٻين کي ٿا ڏين.
عام ماڻهو جيڪا رحمت ٿا گهرن سان خاص کي گهرجي ئي نه جڏهن مان عرش عظيم تي ويس ته عاشقن ۽ عارفن کي الا احتياج ڏٺم جن ٽن ڏينهن تائين مون کي طواف ڪيو. مگر جڏهن عرش مان ٻاهر نڪتس ته منهنجي پرن جو واڪو ۽ آواز ايترو ته زوردار ٿيو جيئن ڏهن پدرهن جهازن جي گڏجي اڏرڻ سان آواز ٿيندو آهي.
روزازل واري ڏينهن کي رات ڪانه پهتي آهي. اهو سج اڃا تائين ساڳي جاءِ تي بيٺو آهي جنهن کي غروب آهي ئي ڪونه ماڻهو روزازل واري ڏينهن کي گهڻو وقت گذريل ٿا ٻڌائين. مگر اها اسان جي ڏپهري جي جاءِ آهي اتان اسان پري خوني درياهه ڏي وياسين جيڪو تمام پري آهي.
دين اسلام شيطان ۽ ڪفر کان ايترو ڊڄندو آهي جيترو لالچي عالم جاهل صوفيءَ کان ڊڄندو هجي. طمعي عالم دنيا جي لالچ تي ڀيڻ ڀاءُ به نڪاح ۾ حلال ڪري ڏيندو آهي. جاهل صوفي به ديدار ڪونه ڏسندو مگر ڊاڙان ۽ لافان پيو هڻندو جاهلن تي منڊ پيو هڻندو. پنهنجن وڏن جون وڏيون وڏيون ڪرامتون پيو ٻڌائيندو ته جيئن وٽس ماڻهو ڦاسن. نمازان ڊگهيون ۽ تسبيحون پيو پڙهندو جيئن برسيا ۽ بلعم باعود ڪندا هئا عبادت.
جيڪو پنڌ ڪري عاشق عارف جو ديدار ڪندو ۽ دل سان سندس صحبت ٻڌندو ته ان کي هزار پيادل حجن جو ثوا ملندو. يعني صوفي آن جائيکه او الله شد صوفي اهو آهي جيڪو الله ٿيل هجي. ان جي زيارت الله جي زيارت اجيترو ثواب آهي. ڪنهن پڇيو ته اوهان الله ڪٿي ڏٺو. مون کيس ٻڌايو ته اتي ڏٺومانس جتي مان نه هيس. فقيرن کي خبر هجي ته الله تسبيح ،نماز ۽ مصلي سان ڪونه لڀندو. ناحق مٿا نه هڻو. عمر ڳري ويندو. الله کي پڌر تي ڇڏي منهن ڌوڙ ۾ نه هڻو. جيڪو دوزخ جي خوف ۽ بهشت جي لالچ تي عبادت ٿو ڪري ته سندس دڪو ئي داخل نه ٿيندو.
روزل ازل ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ خلق کي پيدا ڪري دنيا عقبيٰ ۽ نعمتوڻ ۽ درد سندن اڳيان رکيائين. ان مان عاشقن صرف درد کنيو ۽ ٻيا سڀ لذتن ڏانهن ڀڄي ويا. خاص عبادت اها آهي جنهن مان الله جو ديدار ٿئي. اها دل جي عبادت آهي، زبان جي عبادت قبول پئي ته بهشت ملندو. هٿن پيرن جو عبادتون روزو حج ۽ نماز ۽ مقامات مقدسه جون زيارتون ڪرڻ آهن. اها عام عبادت آهي.
فقيرن ٻن قسمن جي آهي. 1. عام فقيري، 2. خاص فقيري عام فقيري شريعت تي پورو هلڻ خاص فقيري الله جي وصل لاءِ جفائون ڪرڻ آهي. جنهن سان شريعت نه پهچندي توحيد جي گفتار کان جڪڏهن سڀئي نبي سڳورا منع ڪن ته مان بس نه ڪندس، پر جي حال جي وقت ۾ ماٺ ۾ هجان ۽ اهي اچي چون ته گفتار ڪر ته ڪو نه ڪندس، ان وقت ۾ نه ڳالهائبو ان وقت جيتوڻيڪ مرشد اچي ته نهاربس به ڪين. حال جي وقت ۾ ادب نه رهندو آهي. ادب جسم سان آهي نڪرڻ کان پوءِ ادم ڪونهي. فقير جڏهن عبديت جي چولي ۾ ڪثرتي هوش سان هوندو ته رسول الله ﷺ جو به ادب اٿس. هن چولي مان نڪرڻ کانپوءِ ڪنهنجو به ادب نه ڪندو آهي. سمورو وحدت ٿي پوندو آهي جئين زائفان کي جن اچڻ کان پوءِ بي حجاب ۽ بي ادب ڪري ٿو وجهي طالب ائين جڏهن وحدت ٿي پيو ته ڪنهنجو ادب ڪندو. صوفي جڏهن معراج کي پهتو ته سندس زبان اڙانگي ٿي پوندي ٻيا ماڻهو نه سمجهڻ ڪري سندس دشمن ٿي پوندا آهن. ماڻهن جي ڊڪ ڊوڙ به دين تائين آهي. جتي فقير ويو آهي اتي دين جو ڏَسُ ئي ڪونهي. فقير عارف زبان سان الله جو ذڪر نه ڪندو ۽ نه وري ٻئي جو ذڪر ٻڌي سگهندو. جو مٿس وجد حال هوندو آهي. شينهن جي سامهون ويندو مگر ذڪر ٻڌي نه سگهندو. جنهن عارف باالله جي واتان وحدانيت جي گفتار نه ٻڌي ۽ نه پاڻ زبان سان خدا جي ياد ڪيائين. سو مئوو ته ڄڻ ڪتو مري ويو. جنهن ذڪر ۾ محويت ورتي سو پاڪ آهي.
ماڻهو قدرت ٿا ڏسن جي قادر ڏسن ته جيڪر ڇڙيون هڻي مري وڃن .خاڪي بوتو دٻ نه جهليندو الله کي الله سان ڏسبو آهي. جنهن مهل الله ڏٺائين ته ڪو به مذهب ڪو نه بچندس، نه هندو رهندو نه مسلمان رهندو جيڪو سني شيعو مذهب سان الله ڏسڻ گهرندو سو ڄڻ ته بتي ٻاري سج کي ڏسڻ ٿو گهري مذهب وارا حسد جي کوهه ۾ ڪريل آهن سي الله ڪيئن ڏسندا. الله خود به پاڪ آهي گهري به پاڪن کي ٿو. مسلمانن واروالله مسجدن ۾ ويٺو آهي ۽ هندن جو الله ٽڪاڻن ۽ مندرن ۾ ويٺو آهي. ان ڪري مسلمان جيستائين ڪافر نه ٿيندو تيستائين الله کي نه پهچندو. هندو به جيستائين مسلمان ٿي مسجد ۾ نه ويهندو ته نه پهچندو. الله جو دستور آهي.
مسلمان خواهه هندو هڪٻئي کان نفرت ٿا ڪن جيستائين سندن الله نفرت ۽ حجاب نه ڀڃندن تيستائين الله کين منهن نه ڏيکاريندو.
زمين جو سفر پيرن کي ٿڪائيندو آهي مگر آسمانن جو سفر دل کي ڪشادو ڪندو آهي جيڪو ماڻهو هن جهان ۾ فقير عارف وٽ محبت لاءِ نه ويندو ته قيامت جي ڏينهن ان کي الله نه منهن ڏيکاريندو ۽ نه پاڻ وٽ گهرائيندس. الله کي جن ڳولي لڌوتن سان تعديون ڪيائين، ڪن جا سر وڍرايائين. ڪن جا سر نيزي تي چاڙهيائين.
ڪن جا سر ڪلهن کا ڪيرايائين. ته ڪن جا سر نيزي تي سوار ڪرائيائين. دشمنن کي عيش عشرتون ڪرايائين انهن کئون دوستن کي تڪليفون ڏياريائين. الله اهڙو مڪر بار آهي.
صوفي کي الله پيدا ڪو نه ڪيو آهي صوفي الله کا اڳ آهي صوفين تي الله جو ٿورو ڪونهي. الله ٻيا وڏيرا پيدا ڪيا آهن. مان الله کان ثي ورهيه وڏو آهيان. هن ڳالهه کي اهو سمجهندو جنهن معراج ڪيو هوندو ۽ فنا في الله يا بقا يا الله ٿيو هوندو
عبادت کي ڌڪو ڏيئي معرفت جي سمنڊ ۾ وڃي غرق ٿيءٌ جيستائين عبادت ۾ آهين ته عزت ڪونه ٿيندءِ عاشق اتي آهن جتي عام حيران آهن.
ڪنهن شخص اسان کان پڇيو ته توهان نماز ڇو نه ٿا پڙهيو. اسان چيس ته حقيقي الله جي نماز ته اسان تي ڪانهي تون جيڪڏهن هتئون وارو سنڌي الله ڏيکارين ته کڻي پڙهون.
هت ٻانهپ تي ماڻهو فخر ٿا ڪن. جيڪڏهن ڪنهن رئيس جا آهن ته اٿندي ويهندي کلو اٿن، جبرائيل کي جيڪڏهن ٻانهپ جو لقب ملي ته پاڻ جبل تي هڻي پرزا پرزا ڪري ڇڏي، ٻانهپ اهڙو عذاب آهي. ڪشف ڪرامت الله جو مڪر آهي. جيڪو ان تي راضي ٿيو تنهن کي ديدار کئون جواب آهي جيئن ماءُ ٻار کي ڇمڪڻو ڏيئي پاڻ ڪم ڪار ڪندي وتندي آهي ۽ ٻار ڇمڪڻي سان راند ڪندي راضي هوندو اهي.تيئن جيڪو ڪرامت جي ڇمڪڻي تي راضي ٿيو ان کي ديدار نه ٿيندو .جنهن ڪشف ڪرامت ڦٽي ڪئي اهو ڪامل عارف ٿيندو.
جيڪو نماز پڙهندو سو خلق ۾ مقبول ٿيندو. ان جو اهو بدلو آهي. ان جو الله وٽ ڪو به ڀاڱو ڪو نه آهي. لوح وقلم جو نالو ٻڌي ماڻهو عبرت ٿا وٺن. مگر اهو ته اسان جي پيرن کان به هيٺ آهي. اسان ان کان به مٿي آهيون. اهو ته اسان فقيرن جي روزنامچه جي بندي اهي ڪن کي گهڻو ڪن کي ٿورو ٿا ڏيون.
اڳ ۾ عرب ۾ احمد نالو رکرائي آيا هئا سون ۽ خلق ڏانهن قرآن موڪليوسون. عامن کي بتن جي پوڄا کان منع ڪئي سون ۽ خاصن ڪي دم وارو ذڪر ڏسيوسون ته جيئن توهان جي وجود ۾ الله آهي ان کي طواف ڪريو ۽ کيس ڏسو. ڀارين کي مسجدن جو ڏس ڏنو سون پوءِ جنهن سمجهو ان معرفت جو نور ڏٺو.
هي سنڌي ٻولي ۾ الله جو ڪتاب آهي. هن ذريعي خلق کي سمجهايون ٿا. جنهن اعتبار ڪيو سو معرفت الاهي جو صاحب ٿيو جن نه مڃيوسي بتن جا حقدار ٿيا. عرب ۾ عربيءَ ۾ ڳالهايوسون. جيڪڏهن عربن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايون ها ته سنڌيءَ ۾ ڳالهايون ها ته اسان ڌي منهن ٿئي ها. ٻولي اُها ڳالهائڻي آهي جيڪا ماڻهو سمجهن عربن سان عربي ڳالهائي هئي سون هاڻي سنڌين سان سنڌي ٿا ڳالهايون. اسان پاڪائي ۽ پليدي کان پري آهيون. شراب جو درياهه پيتوسون ته به ڍئو ڪين ٿيو. جيئن پيئون ٿا تيئن اُڃ گهڻي. شراب پيئڻ کان بس ئي ڪانهي. ماڻهو قرآن جو دور ڪندا آهن مگر عارف دل جو دور ڪندا آهن. دل ايڏي ته ويڪري آهي جو قرآن جا ٽيهه سيپارا ۽ ٻيون پارسيون سڀ اندران ڪڍيو پيا پڙهن. ته به عامن دل کي نه سمجهيو ۽ نه دل جو دور ڪيائين.
ڪنهن پڇيو ته ٻانهپ ڇا آهي؟ اسان چيس ته جتي اسان وياسون اتي ٻانهپ آهي ئي ڪانه. ٻانهپ جو ٻانهن کا پڇ. عاشق عارف جو شان اهڙو آهي جو ساري دنيا اگر کيس. سجدا ڪري ته به گهٽ آهي. سندس شان اڃا وڌيڪ آهي. عارف جيڪڏهن توحيد جي ڳالهه ڪندو ته ماڻهو کيس ڪافر چوندا. زبان سان توحيد جي گفتار ڪرڻ عاشق جي عبادت آهي. گفتار ۾ جيڪا ڳالهه ڪندو ته اها سندس ملڪ جي ڳالهه هوندي مٿس ٻي ڪا به عبادت لازم آهي.
فقير اهو آهي جيڪو روح وانگر پاڪ هجي ۽ نفساني غلاظتن کان صاف هجي، صوفي جڏهن حق جو مشاهدو ڏسندو ۽ فاينما تولو ٿيو ته ذڪر ڍرو ٿي ويندس مگر؟ زور سان هلندس. ملڪوت ۾ خواه جبروت ۾ ذڪر زور سان هلندس. خوف کان ڪاهيندو ته متان ديدار بند ٿي وڃي، ذڪر جتان جو آهي جڏهن عارف ان حد تي پهتو ته پاڻيهي بيهي رهندو. پوءِ جي صوفي ذڪر ڪندو ته مشرڪ ٿيندو. جنهن سيني مان الله اثبات ٿيو ته سندس بوتي مان توحيد جون ڳالهيون ائين زوريءِ پيون نڪرنديون، جيئن تتر پڃري امن زوريءَ نڪرندو آهي. صوفيءَ کي توحيد جي گفتار سان قرار ايندو آهي.
اسان و ٽ ڪيترائي ماڻهو توحيد جي گفتار ٻڌ لاءِ اچن مگر ان تي عمل نه ٿا ڪن. ٻڌي اڻ ٻڌي ڪيو ٿا ڇڏين. توحيد جي گفتار سندن لاءِ سَمَنَ مثال آهي. اگر جي اڃا به عمل نه ڪيائون ته مٿن مصيبت جو وارنٽ نڪرندو. جيڪو دل وجان سان مجاهدو ڪندو ته کيس ڇوٽڪارو ٿيندو ۽ کيس خدا به منهن ڏيکاريندو. جيڪو محبوب ان جي نفس تي مصبيت موڪليندو.
الهام ذاڪرن ۽ تکن طالبن کي ٿيندو آهي مگر عاشق الهام کان گهڻو پري ويا هو الهام موڪليندڙ سان گڏ آهن. الهام ٻئي کي ٿيندو آهي. جيڪو ساڳيو سر ٿي پيو تنهنکي الهام جي ڪهڙي ضرورت، جڏهن مون تي جوش ۽ مستي جو حال پيو ۽ فاينما تولو فثم وجهه الله تي پهتاسون تيئن جوش ۽ مستي وڌي وئي. تڏهن الله اظهار ٿيو. جيستائين سڃاڻپ هئي تيستائين الله کان پري هياسين جڏهن نفساني هستي ويئي تڏهن ڪل عقل آيو. جڏهن شهباز عشق آيو ته عقل ڪانءَ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. جنهن الله سڃاتو تنهن کان عرش کان تحت الثريٰ تائين ڪابه شيءَ ڳجهي نه رهندي طالب جو مرشد سان گڏ هجڻ مهل گفتار هلندي ته نفس کي وارو نه ملندو. نفس تباهه ٿي ويندو. فقير کي الله کان سواءِ ٻيو ڪو به نه سڃاڻيندو. وري الله کي به فقير صوفي سڃاڻندو. وري الله کي به فقير صوفي سڃاڻندو. عارف جي دل الله جو آئينو آهي الله ان ۾ پنهنجو منهن ڏسندو آهي جيڪي به فقير سڪ سان ايندا ۽ محبت سان پيش پوندا ته فيض به پائيندا ۽ دل جو آئينو به صاف ٿيندن. طالب جيڪڏهن مرشد جي خدمت ڪندو ته سندس ٻه درجا بلند ٿيندا ڇاڪاڻ ته هادي مرشد به نائب خدا آهي ۽ هو الله جو طواف ڪري ٿو. اهو نه ذڪر جو منصب اٿس. جيڪو ماڻهو خدا کي ياد ڪرڻ لاءِ رات جي ماني نه کائيندو ته کيس ڏهن ورهين جي عبادت جو ثواب ملندس، رات جي ماني نه کائڻ عبادتن جو منڍ آهي.
حضرت رسول خدا جيئرو آهي. مگر ماڻهو کيس نٿا ڏسن، عارفن دنيا جو هڏو دنيا جي ڪتن لاءِ ڇڏيو عقبيٰ زاهدن کي ڏنائون پاڻ وڃي الله سان گڏجي هيڪاندا هيڪ ٿيا طالب دنيا مخنث طالب عقبيٰ مئونث طالب الموليٰ مذڪر هِتِ هُتِ خوش اهو آهي جنهن پاڻ سڃاتو. صحبت جو لائق اهو آهي جيڪو ٽيئن جهان جو رهاڪو هجي. دنيا ناپاڪ آهي جيڪو ان سان محبت ڪندو سو به پليد ٿيندو. دين اسلام صفات لاءِ برابر سچ آهي. جڏهن معرفت اظهار ٿيندي تڏهن خود پاڻ اسلام ٿي ويندو پر مالڪ به دين جو پاڻ ٿي پوندو. تون ۽ مان ٻئي حق ۽ باطل آهن. عشق جي اچڻ کان پوءِ ٻئي نه رهندا.
اٺن پهرن ۾ الله هر هڪ آدمي وٽ اچي ٿو ۽ جاچي ٿو ته ڪهڙو مون کي ياد ٿو ڪري. هو هر هڪ کي سڃاڻي ٿو ڪهڙو سندس آهي ۽ ڪير شيطان جو آهي. الله کي الله سان ڳولبو آهي جو کيس به پنهنجي جنس لهندي.
الحديث رَایتُ رَبیّ بِہ عَینَ رَبی
يعني، الله کي الله سان ڏٺم.
چور جي ۽ سندس پاٿاريءَ جي خبر چور کي پوندي آهي. نفس سان الله ڪونه لڀندو آهي.
پاڪن سان سچي رسولي محبت ڪندو آهيان جنهن جا هو لائق آهن. گمراهن کي الله جي داٻ ۽ تاب جا دڙڪا ڏيندو آهيان ۽ هٽائڻ ۽ سنڌو هلائڻ لاءِ کين دوزخ جا دڙڪا به ڏيندو آهيان. شيطان کي محبوب جي هٿان ملامت مليل آهي. اهو بار هن کنيو. آدم رحمت کنيئن، هن مڙسي ڪئي آدم لن تراني ڏي لڙيو. جيڪو شيطان کي ڳالهائيندو سو معتبر نه آهي. هو به مڙس آهي ڀاڙين ڀتن کئون هڪدم پلوءُ وٺندو آهي. محبوب جي ملامت جو بار عاشق کنيو پوءِ ٻين جو ڇا ويو. مان جيڪو اصل آهيان ان کي ڪنهن نه ڏٺو آهي. سڀ ڪو هن سواريءَ گڏهه کي ٿوڏسي حضرت رسول الله ﷺ جيڪو. الفقر فخري فرمايو آهي اهو اسان لاءِ آهي ۽ اهو اسين آهيون، ڇو ته اسان کي ڏسي رسول خدا خوش ٿيندو آهي، مان اهو هماءِ آهيان جو ساري دنيا جا مخلوق آدم کئون وٺي انبياءِ اولياءِ رسول خدا سميت منهنجي ڇانوَ ۾ ويهندا آهن. مان معرفت جو سج آهيان ٻيا سڀ ستارا آهن، زمين ۽ آسمان منهنجي بٺيءَ جي دونهين مان ٺهيا آهن. باطل مان طالب کان الله جو راض گهٽيو ته طمع ۽ حرص ۾ وڃي پوندو. دنيا جي طمع سڀني گناهن جو منڍ آهي، علم هُنُر ڦٽو ڪري سڄو ان جو ٿي پوءِ.جيئن هيٺاهين ۾ کنڊ پوندو آهي تون به ائين ڪري پوءِ جيستائين ذڪر جي ترار سان جسم ريت رسم ختم نه ڪندين تيستائين عشق کان پري هوندي.
هڪ دفعي الله جي مشاهدي ۾هزار ورهين جي عبادت کان به پڌيڪ مزو آهي. ايتري عبادت کان الله تبارڪ وتعاليٰ جو هڪ نياز وڌيڪ آهي الله کان وڌيڪ عبادت ڇا ڪندي جيڪو فقير عشق الاهي جي ملامت کڻي ان کي اولا عظم نبي سڏجي ته گناهه ڪو نه ٿيندو مگر ظاهر جي نبوت جو قانون بند آهي. مگر فقير باطني نبي آهي. باطني نبوت بند نه آهي. هلندڙ طالب توحيد جي راڳ جي سڪ ايتري رکي جيتري روزائت کي اونهاري ۾ اڃ لڳندي آهي. حديث ۾ آهي ته السماع معراج الا ولياءُ ويراڳ وَلئَن جو معراج آهي. وليءَ کي به سڪ توحيد جي راڳ جي ايتري هوندي آهي. جيتري اُليءَ واري اڃ لڳندي آهي. عارفن جي ڪلام کي توحيد چئبو آهي نه ڪي عام راڳ کي صوفيءَ کي وجد مهل عشق جي پوشاڪ پوي ٿي ۽ راز الاهي جي چادر پوي ٿي. تنهن مهل هو ڦڙڪي ۽ ڏڪي ٿو.
صوفي لاءِ بوتو آڙ آهي. جڏهن ٻاهر ٿو نڪري تڏهن وجد حال پويس ٿو. وجد جا ٻه قسم آهن(1) ابتدائي وجد ڪنهن طالب کي نور جي ذات تجلات ڪري سيني ۾ وڄ وانگر لنگهي پوي. (2) حقيقي وجد، جيڪو عارفن کي روبرو ۽ سچو وجد ٿيندو آهي. عارف کي هر حالت ۾ پرواهه نه هوندي آهي. عارف کان گناهه جو ڪم نه ٿي سگهندو. ڇو جو عارف جو نفس لا جي ترار سان ڪٺل آهي. هلندڙ طالب جو نفس ڪٺل نه آهي. توڙي ڪهڙو به سچو هجيس ته به ترڪڻ ۽ گمراهي جو خوف اٿس، جيستائين خوف ورجا جي ڏاڪڻ تان نه ٽپندو تيستائين خطرو اٿس، جڏهن پير مغان جي رهبريءَ سان نفس ڪهرائي پاڻ مان ٻاهر نڪري پوي ته پوءِ خطرو ڪونهيس. جسم مان نڪرڻ به ٻن قسمن جو آهي، (1) عام(2) خاص. عام ته ڪتا به مرندا آهن خاص آهي جيئري جسم مان نڪرڻ ان کي وصل چئبو آهي.
دنيا جي حرص ۽ طمع واري کي ڪنهن عارف جو نقطو نه لڳندو آهي ته اها بيماري جلندري مرض لادوا چئبو آهي. قالو قلو بنا غلف. چيائون ته اسان جي دلين تي پردا آهن. ذڪر جي مست جي دوا ديدار الاهي آهي عاشق جو رياءٌ ۽ ڪفر زاهد جي سئو ورهيه بي ريائي عبادت کان بهتر آهي. پنهنجو قدم بوتي مان ڪڍي سر تي رک ته ٻي وک تي الله ويٺو آهي. صوفي اهو آهي جنهن کي توحيد ٻڌي وجد ٿئي. منهن جي رونق بدلجي وڃيس صوفي عارف ادب جي اسڪول جو استاد آهي. ڇو ته بي ادب اهي آهن جن الله گم ڪيو مگر صوفي ته پاڻ الله ۾ گم ٿيو.صوفي ادب جو عالم آهي. هن وٽان ٻيا به قيامت تائين ادب پيا سکندا. اهو علم ادب جو رستو هلندو رهندو. الله کي الله سان سڃاڻبو آهي جيئن اکين جي نور سان سج ڏسبو آهي انڌو ته نه ڏسندو ذڪر جو جوهر فڪر آهي فڪر جو جوهر خيال آهي. فڪر ذڪر کان تکو آهي ذڪر هڪ ڀيرو ڦرندوته فڪرلک ڀيرا ڦري ويندو. فڪر کان وري خيال تکو آهي، لامڪان کان تحت الثريٰ تائين خيال جو ملڪ آهي خيال اهڙو تکو آهي جو اک جي ماڻڪي مٿي ڪيو ته لامڪان پهچبو. هيٺ نهاريو ته هي پاڻ آهي. صبر ذڪر جو وڻ آهي ۽ عين اليقين سندس ميوو آهي. عين اليقين ٿيو ته سارو ملڪ سندس آهي. وڌيڪ ڳالهه ڪرڻ جو ضرور ڪونهي، جيڪو عين اليقين ٿيو ته پاڻهئي خبر پونديس، مرشد پاڻ ٿي پوندو. اتي طالب ۽ مطلوب جو فرق نه آهي. محبت ۽ يقين سڀني عبادتن کان بهتر آهي. فقير خلق ۽ دنيا دارن سان محبت نه ڪندو. دنيا سان محبت ڪرڻ وارو فرعون ها مان ۽ نمرود آهي. جيڪو خلق جي رغبت کان بچي ذڪر ۾ محو ٿيو ته ان جي ڀاڳ ۾ الله آهي ۽ اهو نبين مان آهي. اڳي جيڪي الله گهرندا هئا تن کي نبي سڏبو هو. هاڻي. نبوت ختم آهي. هاڻي انهن فقير عارف سڏجي ٿو جن لاءِ ڪريم ﷺ الفقر خزينته من خزائن الله فرمايو آهي يعني فقير الله جي خزانن مان هڪ خزانو آهن فقير سڏائڻ سان فقير ٿبو نه آهي فقير اهي آهن جن الله اثبات ڪيو. ماڻهن کي هدايت رسول ڪريم وٽان ملي آهي.
توڪل ان کي چئجي ٿو الله کانسواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ ۾ اميد نه رکڻ اڃا به توڪل جي انتها اها آهي ته عبد مان الله ٿي پوڻ. جيڪو ڪم الله وساري ان کي دنيا چئبو آهي محبت جي لائق اهي آهن جيڪي جسم مان نڪتل آهن. جيڪو جسم مان نڪتو سو جسم جو قيدي آهي. نفس سان دشمني ڪر ته الله توکي سڀني کان لااحتياج ۽ لاغرض ڪري. ڪامل صوفي اهو آهي جيڪو معرفت ۾ پهچڻ کانپوءِ مرڻ تائين حال جي حقيقت ۾ رهي. سندس وات مان هميشه توحيد جي گفتار هلندي هجي. ڪامل صوفي توڙي زماني جي گفتار ڪري ته به خوف نه اٿس يا بادشاهي هلائي ته به ڪثرت نه وچڙندس. جيئن پاڻي وارو پکي ڍنڍ ۾ ٽٻي هڻندو آهي ته به پر به ڪو نه پسندو اٿس ۽ اڏرندو وتندو آهي. فقير به جنهن مهل چاهيندا ته ڀرڻاٽ ڪيون اڏريا هليا ويندا. نفس سان دشمني ڪر ته الله دوست ٿيئي. جي نفس جو يار آهين ته الله دشمن اٿيئي. صوفي پهريائين تجريد ۾ رهي پوءِ تفريد ۾ اچي ٿو ان کانپوءِ توحيد ۾ پهچي ٿو هن جو ڏسڻ خواه گفتار سدائين توحيد جي هوندي آهي عاشق پهتي کانپوءِ ٻه سال لاڳيتو چوٿين مڪان ۾ رهندو. ان کانپوءِ ڪڏهن هتِي ڪڏهن هُتِ پيو رهندو ان جي اچڻ وڃڻ ۾ صرف اک ڇنڀ جيتري دير لڳندي.
نمازي مسلمان گهڻا آهن مگر حقيقي مسلمان ڪو نه لڀندو. صوفي جيستائين خواري ۽ ملامت کان ڊڄندو تيستائين خدا وٽ نه پهچندو. جيڪا دل ڪاري ٿي تنهن جو اڇو ٿيڻ مشڪل آهي. مگر جيڪڏهن ڪامل مرشد شاهه منصور جهڙو ملي ويس ته کيس صيقل سان سڌاري سگهي ٿو. سو به ائين جو مرشد جي مهر کئون پوءِ رت واتئون ايندس تڏهن دل اڇي ٿيندس. علم وارو ائين آهي جو کيس الله ڏسڻ جو يقين نه ٿيندو. سدائين وهمن ۽ خيالن ۾ پيو گذاريندو ۽ سر جو سانگو به نه لاهيندو. طالب تي مهرباني ٿيندي ته هو الهام غيبي ظاهري ڪنن سان پيو ٻڌندو. جيڪا طالب لاءِ وڏي تسلي ۽ مهرباني آهي. الله جي ذڪر کي وسارڻ وڏي ۾ وڏو گناهه آهي. نفس جيئرو آهي ته طالب مئل آهي نفس مئو ته طالب فقير قيامت تائين جيئرو رهندو. جنهن نفس کي محڪم ڪيو ته سارو جهان سندس فرمانبردار ٿي پوندو خدا کي عبادت کان نفس جي مخالف وڌي پسند آهي.
توڪل ٻن قسمن جي آهي. (1) توڪل عام اها آهي ته الله ڏيندو ۽ کائونس ان، مان ۽ دنيا پيا گهرندا. نفس کي مزن کا نه روڪيندا. توڪل خاص آهي الله جي ديدار لاءِ کين ڪامل يقين هوندو آهي ان ڪري وصال ٿيندو اٿن دينا کي ٽي طلاقون ڏيڻ پرهيزگاري آهي. نفس کان بيزار رهڻ صرف حق سان محبت ڪرڻ.
نفس جو عادتون چار آهن. (1) حق جو منڪر ۽ ملحد آهي.(2) بي شناسي.(3) باندرو واريون بائليون ڏيڻ. جيڪي اچيس حرام هجي. توڙي حلال کائي ويندو (4) مڪار آهي. باغن ۽ ملڪيتن تي خوش نه ٿيو جو ڏاڏي آدم سان بهشت جهڙي باغ به وفاداري ڪانه ڪئي. جنهن مان ڌڪا ڏئي کيس ڪڍيو ويو تو به ان جي قبول آهي جنهن دنيا ترڪ ڪئي، جيڪو نفس کي ترڪ ڪندو سو الله ٿي پوندو. نفس ناراض ڪرڻ سان الله راضي ٿيندو آهي.
جيڪي ماڻهو ظاهري عبادت ۾ جنهن جاءِ کي سجدو ٿا ڪن اُها اسان جي گهوڙي ٻڌڻ جي جاءِ آهي. دنيا جو جهان بازار آهي نفس ان ۾ واپاري آهي. جنهن نفس کان ڪابه شيءَ خريد ڪئي تنهن جي دل ڪاري ٿيندي ۽ خدا ناراض ٿيندس. جيڪو دنيا ۾ نفس جي مرضي تي هلندو تنهن کي نانگ جي زهر وانگر نفس جو زهر وٺي ويندو. نانگ جو زهر چڪ پائڻ سان وٺندو آهي مگر عورت جو زهر ڏسڻ سان وٺندو آهي علم فيض سڀ چَٽ ٿي ويندس.
گهڻي کائڻ مان غفلت ٿيندي هي. دنيا نفس جو شراب خانو آهي. جيڪو هن شراب خاني ۾ رهندو سو الله کان غافل ۽ گمراهه رهندو، دنيا ۽ دنيا وارن جي محبت سڀني گناهن جو بنياد آهي، ننڍن توڙي وڏن دنيا دارن تي لعنت آهي.

بيت رومي صاحب جو

اھل دنیا چہ گھین وچ مھین ۔لعنت اللہ علیھم اجمعین
معرفت وارن لاءِ عرش کان تحت الثريٰ تائين سير کليل آهي. مگر شريعت وارا انڌن وانگر لٺ تي ٿا هلن. جيڪو صوفي عبادت ڪندو تنهن ڄڻ ڪنڌ تي مڻ جو پٿر ٻڌي ڪن ٽپو ڏنو سو وري نه نڪرندو. فقير جي منزل کي عام ماڻهو ڪفر ٿا سمجهن. پر جي اهو ڪفر ڏسن ته سڀ سجدي ۾ ڪري پون ۽ ڪي سجدي ۾ مري وڃن ته ڪي سڙي وڃن جيڪو. زبان سان الله کي ياد ٿو ڪري سو درگاهه الاهي مان تڙيل آهي جن الله اثبات ڪيو سي زبان سان الله جو نالو نه وٺندا. جڏهن الله اثبات ٿيندو ته ڪلمي قرآن ۽ نبين تان آسرو کڄي ويندس جڏهن پاڻ الله ٿي پيو ته ٻين ڇا ڪندو. سج اڀرڻ کان پوءِ ستارن ۽ چنڊ جي ضرورت نه رهندي آهي. جيڪو الله نماز ۽ زباني ذڪر تي راضي ٿئي ان کي اسين بيزار آهيون. اهو الله رشوتي آهي. جيڪو منهنجي ٻڏائڻ تي خوش ٿئي ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڪم. اسان جو نئون الله آهي. پر اڻي الله کان بيزار آهيون.
استغراق ڇا آهي؟ عاشق جڏهن حق جي ذات ۾ گم ٿيندو ته صفات نه رهندي نه هي رهندو نه هو رهندو. اهو استغراق آهي. جيڪو نمازي ٻين کي بي نمازي سمجهي کانئن نفرت ڪندو تنهنجي نماز رد آهي، قبول ناهي، صوفي لاءِ نماز ۽ خلق جو نيازالله ڏانهن آڏي ڀت آهن عارف جومقصد ملڪوت آهي. جيڪو ڪثرت ۾ هر هڪ شيءِ ۾ الله ٿو ڏسي سو ڪچو ۽ هيٺين حدن ۾ آهي. قضا جا مالڪ ٿيو. آهي. جيڪو قضا جو محتاج ٿيو سو موچڙن ۾ آهي. جيڪو قضا تي راضي ٿيو تنهن کان الله لڪي ويندو.عبادت تي جيڪو خوش ٿيندو سوجاهل آهي جيڪو ڪرامت تي خوش ٿيندو سو ڪاهل آهي.
اسان فقيرن کي الائي ڇا ٿيو آهي جو نه دين نه ايمان رکون،نه ڪفر نه اسلام رکون، ڪعبو نه قبلو نه مسجد نه مڙهي، نه خوف، نه رجاء، نه قبر جو ڀئو نه محشر جو خوف، نه بهشت جي لالچ نه دوزخ جي ڪاڻ نه شفاعت جي ضرورت نه شريعت نه طريقت نڪا حقيقت نه يقين نه ئي الله جي غرض اسان اهڙا ڪٽا ۽ ڪهنا ڪافر ٿي ويا آهيون ۽ عظيم ڪفر ۾ وڃي پيا آهيون جو اسان جو ان ڪفر جي ڪُن مان موٽڻ محال آهي.
روئڻ ٻن قسم جو آهي هڪ روئڻ فراق جو ٿيندو آهي جيڪو وس کان ٻاهر آهي ٻيو روئڻ وصل جو به ٿيندو آهي. جڏهن ڪو ساز سروز شروع ٿيندو آهي تڏهن وصل جو روئڻ ٿيندو دنيا پائخانو ۽ ڍونڍ آهي. ڍونڍ ۽ پائخانو ڪتي جو مرڪ آهي. فقير اوڏانهن نه ويندو. صوفي اهي آهن جيڪي انساني وصفن کان نڪري ويا پاڻ مان نڪري وڃي عشق اعظم جي درجي کي پهتا. جيڪي فقير لامڪاني ۽ عارف بالله آهن سي هونءِ ته ظاهري ڪم ڪار پيا ڪن پر جڏهن آئينه ۾ منهن وجهن ته الله پڌرتي پيا ڏسن، نه جبل آڏ ٿيئن نه آسمان.
عشق جو وڻ ذڪر سان سائو ٿيندو آهي جيڪو آخر ۾ من خدايم جو ميوه ڪندو آهي. نفس جي وڻ کي پائخاني جو پاڻي سائو ڪندو ۽ آخر پيشماني جو ڦر ٿيندو اٿس. جيڪو اهو ڦر کائيندو ان جي ڪفن کي لعنت جا ٽاڪا هڻندا، سچو طالب اهو آهي جنهن جا نفساني خيالات فنا ٿي وڃن. وڃي هڪ حقاني خيال بچيس ۽ان ذات جي سڪ رهيس. جيڪو فقير ڏهه ٻارهن سال پاڻ کي طواف ڪندوسو هن بوتي مان نڪري معراج ڪندو. جيئن حضرت رسول الله ﷺ ڪيو هو. جيڪوان ڳالهه کي ڪوڙو سمجهندو تنهن تي لعنت آهي.
زاهد عابد جي پهچ بهشت تائين سو به جيڪڏهن عبادت قبول پويس، بهشت روحاني چڪلو ۽ رنن جي رهڻ جي جاءِ آهي. مگر صوفي فقير جي پهچ لامڪان تائين آهي. جيڪو شخص الله ڏي به نه هلي ۽ نماز روزو به نه ڪري سو کلا کائيندو، عام مسلمان لاءِ نماز بچاءِ آهي، اها به بندگي آهي معراج جي رستي واري ڳالهه رندي آهي. نماز عام ماڻهن لاءِ آهي. جيڪو دل وجان سان پڙهندو ته ان کي بهشت ملندو نماز عام خلق تي خدا جو محصول رکيل آهي. جيئن شهزادا انگلينڊ مان سياست جو علم پڙهي حڪومت ڪن ائين دم جو ذڪر به بادشاهي جو علم آهي جيڪو دم جو ذڪر ڪمائيندو سو من خدايم وارو امتحان ڏيئي ٻنهي جهانن ۽ عرش عظيم جو مالڪ ٿي پوندو. صوفين جو علم به شاهزادن وارو علم آهي.
قناعت ڇا آهي، جيڪو ملي تنهن تي راضي رهڻ. وڌيڪ الله کان نه گهرڻ ۽ نه ملڻ تي رنج نه ٿيڻ فقير اهو آهي جنهن کي فائدو پويس ته خوش نه ٿئي ۽ نقصان پويس ته رنج نه ٿئي، هي الله جو ٿئي ته الله سڄو سارو هن جو ٿي پوندو.
سخاوت ڇا آهي. هي دم آدمي کي خزانو مليل آهي. جنهن پنهنجا دم عشق جي راهه ۾ ذڪر الاهيءَ سان خرچ ڪيا ته پوءِ انکي شاهي خزاني جي حڪومت ملندي. پاڻ ٻين کي به خزاني مان پيو ورهائي ڏيندو. شجاعت ۽ پهلواني اها آهي ته الله جي راهه ۾ سر جو به سانگ نه ڪرڻ نفس سان جنگ ڪرڻ شينهن مارڻ کان نفس مارڻ ۾ وڏي پهلواني آهي. فقير عارف جي ڪرامت اها آهي ته جنهن دل ۾ الله جو اير ڀير ئي نه هجي پوءِ اها دل الله الله ڪري ۽ جيئري ٿي پوي. مئو جيئرو ڪرڻ سولو ڪم آهي مگر مئل دل جيئري ڪرڻ ڏکي آهي.
نماز هڪ ڪڙئي مثل آهي جنهن جي پڇاڙي ۾ بهشت آهي. مگر نماز جي ڪڙئي کي اڳئي ماڻهو وهمن جا کنڊ وجهيو ٿا ڇڏين ان ڪري سندس ڇيڙو بهشت تائين پهچي ئي ڪونه ٿو. اڃا به واٽ تي سوراخ ۽ ڍورا اٿس. انهن سوراخن مان پاڻي ڀڄي ڍورا ٿو ڀري جيڪو نقصان آهي. نماز واري ماڻهن جو فصل سماءِ ۽ توجهه کانسواءِ تباهه ٿيو وڃي.
الله بهشت کان لکين ڪوهه پري آهي. الله وٽ صرف دم وارو درياهه موجون ڪندو وڃي ٿو. نمازي روزانه مسجد ۾ پنج آنا لاهيون اچن انهن ماڻ هڪ به ٻچو نه ٿو ڦٽي. سندن سڀ آنا ڪنا ٿي وڃن ٿا. ڪڪڙ به آري واري روزان جو ڍئو ڪري ڦوسان ڏيئي سڀ آنا ڪنا ڪيو ڇڏي، ائين نمازي به بيٺي کان پوءِ خيالات جون ڦوسون ڏيئي سڀ نمازون برباد ڪيو ڇڏين. ڪڏهن به نمازيءَ من خدايم جو نعرو نه هنيو هوندو.
طالب کي گهر جي ته مرشد کان ذڪر ورتي کان پوءِ رات جي ماني نه کائي، هجر توڙي وصال ۾ ائين ڪري. وصل ۾ پهتي کان پوءِ پاڻهيئي سندس کائڻ پيئڻ جهڪو ٿي ويندو. جڏهن به وارو مليس ته نفس سان تعدي ڪري. طالب کي سياري جو رات جي ماني کائڻ گهرجي ۽ اونهاري ۾ صرف اٺين پهر کائڻ کپيس. طالب کي اٺن پهرن مان صرف هڪ پهر ننڊ ڪرڻ گهرجي. ڏينهن جو به ننڊ نه ڪري جو رات واري اوجاڳي. جي ڪسر نفس ڪڍندس ۽ کڻي دسيندس. حديث پاڪ آهي ته النوم عليٰ محب الاحرام. يعني عاشقن لاءِ ننڊ ڪرڻ حرا م آهي. طالب کي لذات ۽ مذات کان پري رهڻ گهرجي. ڇو ته سٺن کاڌن کائڻ سان ذڪر جي غفلت ٿيندس. صوفي کي گهرجي ته جيڪڏهن مليس ته به نه کائي ۽ جي نه مليس ته شڪرانو ڪري. پنهنجي گهران به گهري نه کائي. طالب لاءِ مئي جي نيت جي ماني حرام آهي صوفي کي هندو جو طعام ۽ هٿ جي شيءَ وٺڻ حرام آهي. هندوءَ جو هٿ لڳو ڄڻ ٻليءَ وڃايو. صوفيءَ کي گهرجي ته ٻار واريءَ عورت واري رَکَ ۽ پرهيز ڪري. ڇو ته ٻار واري عورت ڍوء ڪري به نه کائيندي آهي. پاڻي به گهٽ پيئندي آهي. گوشت به نه کائيندي آهي اوجاڳو به ڪندي. هر وقت ٻار جي ڳڻتي هوندس.جيستائين سندس ٻار وڃي پنڌ ڪري پيءُ جي ڪڍَ لڳي صوفي کي به ايستائين پرهيز ڪرڻي آهي جيستائين پاڻ مان نڪري وڃي ذات سان ملي پوءِ کيس ڪو به خوف نه آهي. صوفي کي زنا جي سخت منع آهي، زنا جا ڪيترائي قسم آهن. اک جي زنا غلط ڏسڻ. ڪن جي زنا غلط ڳالهيون ٻڌڻ. زبان جي زنا غلط گفتگو ڪرڻ. چوٿين هٿن جي زنا غلط جسم تي هٿ لڳائڻ پير جي زنا، زنا جي طرف پنڌ ڪرڻ، ارادي جي زنا ۽ وڏي زنا جنهن طالب مرشد وٺڻ کانپوءِ زنا ڪئي ته تخت الثريٰ ۾ وڃي پوندو. نه مرشد نه رسول الله ﷺ شفا ڪندس. ڇو ته الله جي بي فرماني آهي. الله سر جو عيوض وٺندس. مرشد کان اڳ ڀلي هزارين اهڙا ڪم هجنس ته مرشد جي هٿ وٺڻ سان سندس گناهن جي سموري ڦرهي ڊهي صاف ٿي ويندي . پوءِ ڦرهيءَ کي ڪارو نه ڪري صوفي کي گهرجي ته ڪنهنجي به اوبر نه کائي توڙي هڪ مرشد جا طالب هجن ته به هڪ ٿانوَ ۾نه کائين. ڪافر جو هٿ لڳل يا عام ماڻهوءَ جو طعام نه کائي ڇو ته دل کي ڪارو ڪندو آهي ۽ دل اسم کان غافل ٿي ويندي آهي. مٽ جو پاڻي به طالب لاءِ حرام آهي. صوفيءَ کي اگر اوچتو پرائي حسين زال منهن پوي ته اتفاق آهي وري ڏٺائين ته اها اک جي زنا آهي ٻيو دفعو ڏسڻ شهوت جي راءِ سان ٿيندو. ان ڪري ٻئي دفعي ڏسڻ سان لعنت جو حقدارٿيندو. صوفي جيڪڏهن مريدن کي پرائي ٻڌل ڳالهه يعني ڪنهن عارف جي منزل جو بيان پنهنجي نالي ڪري ٻڌائيندو ته سندس هزار پيڙهيءَ تائين لعنت اٿس صوفيءَ کي گهرجي ته هو ذات حق جي سئين سڌي ڳالهه عام کي نه ٻڌائي صوفي عاشق کي آسمان ڪونه ڏسبا آهن. آسمانن مان سندس نظر ٻسٽ عرش عظيم کان پري ويندي جتي هو پاڻ کي ڏسندو. اتي سڀ سندس آستانا آهن سندس مرضي آهي هِتِ رهي يا هُتِ رهي ۽ گهمي. آسمان عابدن زاهدن جادوگرن فلاسافرن لاءِ آڙ آهن. ڇو ته آدمي به ان جا جزا آهن متان ڪنهن جي نظر نه پئجي وڃي.

عرش ۽ ڪرسي به ڪثرت آهن مگر اها ڪثرت بالا آهي. اهو ٻنهي جهانن جي حڪومت جي گادي جو هنڌ آهي. عاشقن جي حد عرش ڪرسي کان پري آهي. ان جو نالو نه وٺبو ڇو ته اهو فقير تي گناهه آهي.
صوفي کي جڏهن معراج ٿيندو ته پاڻ به نماز ڪو نه پڙهندو مگر ٻين جي نماز تي به کِلَ ايندس. ۽ چوندو ته کين خبر نه آهي ته نماز جو مالڪ ڪٿي آهي. جنهن کي الله سمجهي سجدو ٿا ڪن. صوفي جڏهن الله اثبات ڪيو ته ڪعبه تي اک نه ٻڏندس. ڪعبه وٽ ويندو ته به صرف ان لاءِ ويندو ته ڏسان ته ماڻهن جي سجدي جي جاءِ ڪهڙي آهي.
الله اسان کان گهڻو ئي لڪو پر لهي وڌوسينس. جيڪو ساري جهان کان لڪل هو اسان پڌر تي لڌس. جيئن ڪنهن ٻيلي ۾ شينهن هجي ان ٻيلي کي کڻي باهه ڏجي ته شينهن پڌر تي نڪري پوندو. تيئن اسان نفس واري ٻيلي کي کڻي باهه ڏني ته الله پڌر تي نڪري پيو. الله آسمان ڇڏي اچي آدم ۾ لڪو هو اسان کيس مسجدن ۾ ٻين پاڪ جاين تي ڳوليو پر ڪونه لڌو پوءِ مرشد الله جي هجڻ ۽ رهڻ جو ڏس هن بوتي ۾ ڏنو ۽ اسم اعظم جي سرچ لائيٽ هٿ ۾ ڏنائين ۽ بوتي جي باهه جو چيائين ائين ڪيو سون الله پڌر تي نڪري پيو .وفي انفسکم افلا تبصرون. پوءِ کڻِ دم جو پيرو کنيوسون ڏٺو سو ته دم به بي مثل آهي. الله به بي مثل آهي. ان ڪري جنس جنس سان لڀندي تنهن ڪري الله کي الله سان لڌوسين جنهن صوفي الله ڏٺو ته رسول خدا به روضي کان ٻاهر اچي ملندس.
عاشقن عارفن جيئري ئي نفس ۽ قبر کان آزادي ورتي ۽ اهي قبر جا قيدي ڪين آهن. صوفي جڏهن بوتي جي مڙهيءِ مان نڪتو ته پوءِ ڪٿي به ڪونه اڙيو. جيڪو جسم جو قيدي آهي سو هت به قيد هوندو. جيڪو صوفي به سڏائي ۽ حق جي طلب به ڪري ته عشق جي دفتر تان لوڌيل آهي. جنهن صوفيءَ نماز پڙهي سو عشق محبت جي مئخانه ۽ پير مغان ساقي حوض ڪوثر وٽان لوڌيل آهي، اهو نفس جو تابع آهي نفس عشق جو دشمن آهي.

بيت
گر نماز و روزہ ھی فرماید ۔ نفس مکار است مکر زاید
راست فرمودہ است آن رسول جواز ۔ ذرہءِ علقت بہ از صوم نماز

جيڪڏهن توکي نفس چوي ته نماز پڙهه ۽ روزا رک، نفس وڏو مڪريل آهي ۽ مڪر وڌائيندو آهي.
سچ فرمايو آهي رسول الله ﷺ ته تنهنجي عقل جو ذروروزي نماز کان بهتر آهي
ڏسو ته حضرت رسول الله ﷺ يتيم هو. هجرت ڪري قريشن جي ڀَوَ کان مڪي مان مديني ۾ وڃي رهيو . پوءِ ڏسو ته عشق شهنشاهه کين ڪيڏو سرفراز ڪيو جو ساري ڪائنات ۾ محمدي نغارو وڄي ٿو، نماز ته سوا لک انبياءَ ڍئو ڪيو. ڪو به معراج تي نه پهتو. پوءِ ذات ذوالجلال حضرت رسول خدا ﷺ کي فَاَوحیٰ اِلیٰ عَبدہ مَا اَوحیٰ ۽ وَذکُرُ رَبَک فی نَفْسِکَ جو رستو ڏسيو.ان رستي سان هلي رسول اللهﷺ معراج ڪيو ۽ عرش اعظم جا مالڪ ٿيا. طالب کي عشق جي باهه ۾ دم جودود دکائڻ گهرجي، جتي عشق جي باهه ٻرندي آهي اتي غير سڀ سڙي ويندو آهي. هن دنيا کان هٿرادو چريائپ به چڱي آهي. هٿرادو چريا ٿي دنيا مان جند ڇڏايو ۽ خدا ڏي رجوع ڪريو.عشق جي شراب سان ٻيئي جهان زنده آهن. سڀڪنهن ساهواري ۾ عشق جو شراب آهي. اسان کي نه دين نه ايمان نه دنيانه عقبيٰ گهرجي اسان کي فقط عشق جي محبت گهرجي. قبر ۾ به اهو گهرنداسون.اوهان کي زالون ۽ پٽ الله کان گمراهه ڪندا. ڇو ته اهي جنجل آهن. الله اهڙي کٽل آسامي نه آهي جو جيڪو ان جو ٿيندو ان کي روزي نه ڏيندو. جنهن کي الله جي محبت نه آهي سو مئل آهي. طالب جيستائين دم اسم سان آهي تيستائين عاشق آهي.جڏهن بوتي مان نڪتو ته پوءِ الله جو معشوق ٿيو. جسم درياه اعظم جي جهڳ آهي. جڏهن جهڳي ختم ٿي ته نجو درياه ڏسڻ ۾ ايندو. دل ذات حق جي رهڻ جي جاءِ آهي نيڪي بدي سڀ تو وٽان ٿيندي. رحمان رحيم ۽ قهار به تون ئي آهين. جي الله ڏي هلئين ته نفس پنهنجي تي حم ڪيئه جي نه هلئين ته نفس تي قهر ڪيئه موچڙن جا ڦهڪا هوندءِ ۽ دوزخ جو عذاب ٿيندءِ جي تون پاڻ سڃاڻين ته لوح محفوظ قلم عرش ڪرسي به تون ئي آهين جيڪڏهن الله ڏسڻ جي محبت اٿيئي ته هر هڪ دم سان الله جو ذڪر ڪر. جيڪڏهن تون خواب ۾ پاڻ کي پناگر ڏسين ۽ جاڳين ته ساڳيو ئي حاڪم هجين. خواب آهي دنيا جي حياتي جنهن ۾ تون ٻانهو ٿيو ٿو وتين جي جاڳين ته تون ساڳيو ئي سر آهين. جاڳڻ آهي جسم مان نڪرڻ، اسم اعظم جي وسيلي جسم مان نڪرڻ عرش عظيم جو معراج ڪرڻ. عارف جي دل الله جو عام جي دل شيطان جو آئينو آهي، لعل ۽ موتي ته شاهوڪارن وٽ لڀندا آهن مگر هيرو ڪنهن ڪنهن بادشاهه وٽ لڀندو آهي. الله جو عشق به هيرو آهي، سڀ ڪنهن وٽ نه لڀندو. موليٰ جو عشق به هيري وانگر قاتل آهين جنهن وٽ هوندو ته سندس نفس کي ماري ختم ڪندس ذات حق جي ڏسڻ جي خواهش اٿيئي ته دل کي اسم اعظم جو تخت ڪر ته الله ڏسندين نه ته جواب اٿيئي، جيستائين نفس کي نه ڪهندين تيستائين حق جي طرف پرواز ڪري نه سگهندين نفس ٻلي وانگر تاڙ ۾ آهي جيئن ڪنهن پکيءَ منهن هيٺ ڪندو ته جهٽ ڏيئي جهپي کڻي ويندس . تون به پرواز ڪري نفس کان جان بچائي هليو وڃ جيئن اڏري ويل پکي به بچي ويندا آهن. نت نفس گهلي وڃي پنهنجي ڏر” دوزخ“ ۾وجهندو ۽ جيڪي اسم اعظم سان هليا سي ٻلي نفس کان بچي ويا. مگر غافل مارجي ويا. هي جسم الله جي اڳيان ڀت آهي. جنهن اسم اعظم جي ڌڪن سان اها ڀت ڀڳي ته پوءِ اهو نسوروو نور مگر ساڳي ذات ٿي پيو.
فقير عارف جي کائڻ پيئڻ ڏي نه ڏسو هن جهان ۾ ٿورو گهڻو کاڌو پيتو ته حضرت رسول الله ﷺ ۽ حضرت پير موليٰ علي عليه السلام به هو حرم پاڪ به هئن ۽ اولاد به ٿيو هون، مگر ان هوندي به مڪمل ذات هئا.
اهو وڏو شهنشاهه چمڙا پوش ڪري پاڻ تي احمد ۽ علي نالا رکائي آيو هو. فقير عارف به ائين آهن. جو ڳي جي منڊ پڙهڻ سان جوڳي بنجي ٿاپون.ايسر مهاديو جي منتر ۾ به اثر هو باقي رسول الله ﷺ جي ٻڌايل سبق يعني اسم اعظم ۾ ايتري طاقت يا اثر ناهي ڇا ؟ جو ساڳيو ٿي پون، ماستر مان ماستر ٿيو پون باقي الله جي اسم اعظم مان الله نه ٿو ٿي سگهي. ڇو نه ٿيندو پر جهدِ جفائون ۽ ڪوشش ڪرڻ سان ٿيندو.
هي اوهان جو جسم الله جي آڏو جبل وانگر آڏ آهي. اهو جبل فرهاد وانگر لاجي ترار سان ڀڃ ته الله پڌر تي ڏسين. الله کي خلق کان ڪو خوف ڪونهي. جو لڪل آهي مگر اوهان کيس ڏسي نٿا سگهو.
سمنڊ مان ڪو هيڙونڪرندو آهي سو سج کي به ڍڪي ۽ لڪائي ڇڏيندو آهي، اوهان جو جسم به مٽيءَ جو ٿيلهو آهي پوءِ ڪيئن نه الله جي آڏو ٿيندو. ڇا هن جسم جي ڪوٽ ۾ سج نه آهي. باقي هي ڏسي، ٻڌي ۽ ڳالهائي ڪير ٿو.
جيڪو طالب ذڪر سان صبر نه ٿو ڪري تنهن کي ديدار نه ٿيندو اهڙو بي صبر مرڻ بعد قالو يا ويلنا جو دانهون ڪندو. ذڪر سان صبر ڪرڻ فرض آهي. مگر وصل کانپوءِ بي صبري ٿيندي آهي. جو ذڪر يا عبادت اٿس ئي ڪانه ان کان پوءِ فقير جي عبادت توحيد جي گفتار آهي. جنهن هِتِ رسول الله ﷺ نه ڏٺو پوءِ قيامت ۾ ته سڀئي شان شوڪت سان بيٺا هوندا. ڏٺل هوندس ته سڃاڻيندو. ڏٺل کي ڏٺل جو ننگ به پوندو اڻ ڏٺل ڪهڙي منٿ مڃيندو. حضرت رسول الله ﷺ پاڻ نعرو هڻندو آهي.
مَن راٰنی فَقَدَ راءَ الحقُ
يعني جنهن مون کي ڏٺو تنهن الله کي ڏٺو
ائين رسول خدا کي ابو جهل، ابو لهب، سفيان به ڏٺو هو. سڀني ته الله ڪو نه ڏٺو هو، جنهن جو ساڻن جنگيون پي ڪيائون اهو ڏسڻ ٻيو ٿيندو آهي.
اڄ ڪلهه گهڻا ماڻهو فقيري جو دم هڻن ٿا. طالب ۽ مريد به ڪن ٿا. رسول الله جو فرمان آهي ته جنهن مون کي ڏٺو سو ڪافر ٿيو .مَن رَاني فَقد کَفَرَ. يعني جيڪو اها حديث سمجهندو ۽ اتي پهتل هوندو ان کي طالبن ڪرڻ جو حق آهي. جنهن کي ان حديث جي خبر نه آهي ان کي ڪو حق نه آهي ۽ رهندو گنگڙ ڪنڌ ۾ اٿس. خود ئي موچڙا کائيندو. ٻين کي ڪيئن ڇڏائيندو.
ٻي سڀ شيءِ پاڻي سان ڌوپي ٿي مگر دل ڇاسان ڌوپندي آهي. جيئن مسلمانن تي قرباني ڏيڻ فرض آهي تيئن عشق جي راهه ۾ به قرباني ڏيڻ فرض آهي هي ڍڳو ساري عمر چنو آهي. مکڻ ماکيون ۽ الله جو ڪافي نعمتون کاڌيون اٿس ان کي مرشد اڳيان پير مولا علي جي اڳيان قربان ڪر.

بيت
گاؤ وتن قربانئی شیر خداست، گرترابا اوسر صدق وصفا است
هي ڍڳو جسم مولا علي جي اڳيان قربان ڪر، جيڪڏهن ان سان سچائي ۽ صفائي اٿئي
هي ڳالهه اسان اکين ڏٺي ٿا ڪريون اگر اسان پڙهيل يا ٻڌل ڳالهه ڪريون ته اسان تي خداءِ رسول ۽ ملائڪن جي لعنت هجي. اها راز الاهي جي اکئين ڏٺي ڳالهه آهي.
نفس عزرائيل جو همصلاح آهي. عزرائيل نفس کي چيو آهي ته تون انهن کي وڃي رجهاءِ . نه ته اهي نه توکي وٺ ڏيندا نه مون کي . هي وجود نَونِ آسمانن جي تصوير آهي ۽ زمين جو نقش آهي. نوَ پاسريون نون آسمانن مثال آهن. ستين پاسري ملڪوت مثل آهي ۽ اٺين پاسري جبروت مثل آهي ۽ نائين عرش عظيم مثل آهي.
جيڪو طالب ذڪر ۾ غرق ٿيندو سو رڳو ذڪر ٿي ويندو. جيڪڏهن دم قضا نه ڪندو ته هر هڪ سال ۾ هڪ هڪ پاسري مان روح نيڪال ٿيندو رهندو. مگر طالب جي نڪرڻ جو مدار حق جي مرضي تي آهي. ڪن کي نون سالن ۾ ته ڪن کي ڏهن ٻارهن يا پدرهن سالن ۾ پرواز ڪرائي. طالب جڏهن جسم مان نڪتو ته پلڪ ۾ پهچندو هي دم جو شينهن خاڪي پڃري ۾ واڙيل آهي. نوَ آسمان سندس ٻيلو آهن. معرفت سندس ملڪ آهي. آدمي جو معدو زمين مثل آهي. خاڪي بوتو نفس جو حصو آهي، نفس زمين جو رهاڪو آهي. نفس واڳون مثل زمين ۾ چنبا کوڙيون ويٺو آهي. روح کي نڪرڻ نٿو ڏئي. روح جي نڪرڻ جو علاج اسم اعظم وسيلي ٿيندو. دم دم سان اسم اعظم جو بندوقون هڻبيس تڏهن روح جون واڳون نفس مان جان ڇڏائيندو. جسم مان نڪرڻ وقت مٿي تي لت رکندو. پوءِ وک وک سان هر هڪ آسمان ٽپندو ويندو. شروع جو وڃڻ ائين ٿيندس پوءِ اک ڇنڀ ۾ ايندو ويندو رهندو، عروج ۽ نزول ان کي چئبو آهي.
هر هڪ آدمي جا پير معدي ۾ کتل آهن. معدو روح کي قابو ڪيون ويٺو آهي. کيس سير ڪرڻ نٿو ڏئي. ان معدي روح کي حرص. ننڊ ۽ شهوت جا ڏاوڻ وڌا آهن، جنهن ڪري سير نٿو ڪري سگهي، انهن ڏاوڻن ڪپڻ جو اسم اعظم بهترين علاج آهي. جيڪو دم ڪمائيندو ته ان جا ڏاوڻ ڪپبا نه ته نه ڪپبا. چئن جهڙا ڄنگهن ۾ نيئر ٻه سنگهران چيلهه ۾ ۽ پيرن ۾ ڪڙيون پيل هونديس. رڪوع جي حالت ۾ بيٺو هوندو واجهائڻ جي اجازت به نه هوندس، ان ڳالهه جو قرآن ڪريم شاهد آهي. اِنّا جَعلْنَا فیِ اعْنَا قِھِمْ اغْلاٰ لا فَھیَ اَلی الاَذْقانِ فَھُمّ مُقْمَحُون.يعني بيشڪ اسان سندس ڳچين ۾ ڳٽ وڌا پوءِ اهي کاڏين تائين پيل اٿن. جنهن ڪري ڳاٽي ڀر ٽنگيل آهن. هيءَ ڳالهه به اکئين ڏٺي ٿا ڪريون. ڪوڙي کي لعت الله آهي.
عاقل ۽ داناءَ اهو آهي جيڪو پاڻ سڃاڻي. جسم مان نڪري معراج ڪري. داناءَ جو مئي جيئري اهو سير آهي نادان اهو آهي جنهن پاڻ ۾ الله کي گم ڪيو، ان جهڙو ٻيو ڪير به نادان ڪونهي. جيڪو عيش عشرتن ۾ رهي سو احمق آهي. اهو الله کان غافل هوندو. ماڻهو مسلمان ٿا سڏائن مگر سچو مسلمان اهو آهي جيڪو رسول الله ﷺ جي هٿان ڪلمون پڙهي. رسول اللهﷺ جيئرو آهي. ماڻهو مائٽن هٿان ڪلمون سکيا سي مري ويا، جيئرا به ڄڻ مئل آهن. رسول خدا ﷺ هٿان ڪلمون پڙهن ها ته مرن ئي ڪونه ها.
جنهن عارف جي منزل فنا في الشيخ ۽ فنا في الرسول آهي اهو شخص به رسول خدا آهي.اهڙي مرد مرشد هٿان ڪلمون پڙهن رسول الله ﷺ وٽان ڪلمون پڙهن مثل آهي هتي ڳوٺ ۾ ڪوٽومل هندو هو جيڪو ڪلمون به پڙهندو هو. مگر جڻيو به ٻڌل هوس ڪافر هو. جيڪي زباني ڪلمون پڙهن ٿا تن کي به جڻيو ٻڌل آهي. مگر اسم اعظم وسيلي ملڪوت ۾ اهو جڻيو ڇڄندو آهي. تڏهن ماڻهو مسلمان ٿيندو آهي. عام مسلمان جو قبرون به مئل آهن ڇا ڪاڻ ته انهن جڻيو ڪونه ڇنو. نفس ڪافر جي محبت ۾ ڪافر ٿي مري ويا. ڪافر جي قبر مئل هوندي آهي. مسلمان به ان کي چئجي جنهن جي قبر جيئري هجي.
بي فرمان شهوت زمين ۽ جهنم جو ڀاڱو آهي. فرمان واري شهوت ٻج آهي. شهوت نار به آهي ته نور به آهي.هدايت آهي ته گمراهي به آهي. سڀ وصفون شهوت ۾ آهن جنهن کي جيڪو ڀاڱو مليو سو کڻي ٿو. هي بوتو به نانگ جي کل وانگر آهي. نانگ به کل لاهيون گهمندو وتي. عارف به بوتو لاهي ڇڏين ۽ پوءِ معرفت ۽ معراج جو سير ڪندا وتن.
جنهن دل کي دنيا جي طلب آهي ۽ الله وسريل اٿس اها بيمار آهي، عارفن وٽ دلين جو علاج آهي. جنهن سان تندرست ٿيو پون. عارفن دلين جي ڪارنهن جي علاج جو نسخو عرش عظيم مان وتو آهي. جيڪو صدق دل سان وٽن ايندو ته ان جي دل جي ڪارنهن لاهي ڇڏيندا. غافلن جي دلين تي حرص هوس جو دونهون چڙهيل آهي جنهن ڪري ڪاريون اٿن، اهي انڌا ٻوڙا ۽ گونگا آهن. جيئن قبضي سان گئس دماغ تي چڙهي ماڻهوءَ کي سودائي ڪري ڇڏي ٿي. ائين آدمي جي معدي مان دونهون هوسان ٿيون پيدا ڪن ۽ پوءِ شهوت اڀري ٿي. جنهن سان قلب ڪارو ٿيو پوي. پوءِ اهو انڌو ٻوڙو گونگو آهي، جنهن ڪري چرين وانگر ڪنهنجي به هدايت نٿو ٻڌي. آسمان مان الهام به نه ٻڌي سگهي ۽ الله ظاهر پڌر تي آهي اهو به ڏسي نه سگهي.
سچ ۽ ڪوڙ ڇا آهي. سچ الله جو يادگيرو آهي. ڪوڙ دنيا ۽ غفلت آهي. جنهن الله جو يادگيرو وساريو سو ڪوڙي دنيا جي منهن پيو. حضرت موسيٰ وارو نيل درياهه هِتِ آهي. روح موسي اهي ۽ نفس فرعون آهي. جيڪو موسيٰ يعني روح جي تابع ٿيو اهو ذڪر ڪمائيندو ان کي هي دنيا جو جهان آساني سان اڪري وڃڻ ڏيندو. مگر جيڪو نفس فرعون جو تابع آهي اهو گمراهه آهي. ان لاءِ پاڻي رت جهڙو ٿي پوندو ۽ کيس ٻوڙي ماريندو.
ماڻهن جي دعا ۽ پٽ درگاه الاهي ۾ ڇو نه ٿي قبول پوي. ماڻهو انڌا ٻوڙا ۽ گونگا آهن تڏهن سندن ڪا به شيءَ الله وٽ پهچي ئي ڪانه ٿي. سر لاهي ڏين ته هڪدم دعا ۽ پِٽَ اگهامين .دم جو رستو لٽڪندڙ رسو عروت الوتقيٰ آهي . دم جو ذڪر عرش عظيم تي پهچائيندو آهي دنيا کوهه مثل آهي. جنهن اهو رستو نه ورتو سو ٻڏي مري ويندو ۽ غرق ٿي ويندو. جيڪو فقير ماڻهن جي ٽوڪن کان ڊڄندو هو الله وٽ قبول ناهي. جيڪڏهن اوهان کي ڏوهاري ۽ دوزخي ڏسڻو هجي ته وڏيري وٽ وڃي ڏسو ته الله جي گفتار جو نالو ئي نه هوندو جيڪڏهن دوزخ ۾ وڃڻ جو خيال هجي ته انهن جي ڪچهري ۾وڃي ويهو. وکَذٰالِکَ جَعَلْنَا فِی کُلِ قَرْیَتہِِ اکٰبِرَ مُجْرِمِیھٰا لِیَمکَرُو فِیھَا لِانْفُسِھمْ وَمَا یَشْعُرُونَ. يعني اهڙي طرح اسان سڀني ڳوٺن ۾ وڏيرا ٺاهيا آهن جيڪي جرم ڪندڙ آهن ۽ سندن ٺڳي پاڻ سان آهي. مگر کين سمجهه ڪين آهي. واصل با الله صوفي جو سينو عرش عظيم ۽ توحيد جي شرح ۽ معنيٰ آهي. هن کان عرش فرش تائين هڪ وار به ڳجهو ڪو نه هوندو عارف وجد وقت ذات حق پاڪ جي روبرو ٿين ٿا. جيئن هرڻ شينهن جي اڳيان بيهوش هوندو آهي، تيئن فقير به توحيد جي گفتار ۽ ڪلام سان وجد حال ۾ اچن ٿا ۽ بيهوش ٿين ٿا. ان ڳالهه جو به قرآن شاهد آهي، اِنَّمَا الْلمُومِنُوْنَ اِذا ذُکِر اللّٰہُ وَ جلَتْ قُلوبُھُمْ وَزادَتْھُمْ اِیماناَ بيشڪ مومن اهي آهن. جو جڏهن خدا ياد اچين ته سندن دلين ۾ لرزش پيدا ٿي ٿئي عارف ڪامل جو نيشان به اهو آهي ته توحيد جي ڪلام ۽ سرور ٻڌڻ سان سندس جسم ۾ لرزش پيدا ٿيندي. مگر لرزش نه پويس ۽ ماڻهن سان ويٺو ڳالهائي ته اهو انڌو ۽ بي حاصل چئبو. توحيدي ڪلام ۽ غزل عرش عظيم جا پيغام آهن. اهو فقير عارفن ۽ منصورن جي زبان مان الله پاڻ ڳالهايو آهي. هر ڪنهن سان الله سندس ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو آهي. حضرت سرور ڪائنات ﷺ سان عربيءَ ۾ ڳالهايو. حضرت موسيٰ سان عبراني، عطار سان فارسيءَ ۾، جلال الدين روميءَ سان پهلوي ۾، ڀٽائي سان سنڌيءَ ۾ سچل سرمست سان به سنڌيءَ ۾ ڳالهايائين. الله هر هڪ ٻولي ڄاڻيندو آهي. جيڪوالله کان غافل ۽ مال سان محبت رکندو ته مئي کانپوءِ به مال ڪڍ لڳو وتندس جند ئي ڪونه ڇڏيندس.
جيڪو راز جو مسئلو نه سمجهه ۾ اچيوَ ته عارفن کان پڇو جيڪي اوهان کي سمجهائيندا ڇو ته لدني علم کان عارف واقف آهن ملان قاضي غير واقف ۽ انڌا آهن. اهڙن عارفن لاءِ قرآن فرمائي ٿو ته فَاسئَلُو اَھلَ الذِکِر اِنْ کُنْتُمْ تَعْلَمُون.يعني اهل ذڪر وارن کان پڇو جيڪي اوهان نه ڄاڻندو هجو
غافل جي هر گز تعبيداري نه ڪريو جيڪڏهن ڪندوء ته جهنم جي باهه ڏانهن وٺي ويندوَ. دنيا وارن جي ڪچهري ۾ نه ويندا ڪريو ڇو ته اتي خدا جو ذڪرنه آهي. جي ويوء ته ڄڻ بت کي سجدو ڏنوَ. ان جي آخري منزل مَسَڻ ۾ ٿيندي وڏيرن وٽ وڃڻ ۽ ويهڻ جو اهو درجو آهي. جنهن ماڻهوءَ کي اها خبر نه آهي ته مان ڪاٿان آيو آهيان ڇا لاءِ آيو آهيان ۽ ڪاڏي وڃڻو آهيان ته ان جو حال ائين آهي جيئن اوڏ گڏهن کي چرڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏيندا آهن ۽ هو ڍيرن تان گند گاهه کائي گڏهين جي پويان هينگندا وتن. دنيا جا ماڻهو گڏهه آهن جيڪي مادين گڏهين جي مُٽَ تي منهن رکيون سگهندا وتن هينگون ڪري پاڻ به اتي مُٽي ڏين.
هيءَ عشق جي گفتار عطر ۽ عنبر آهي ان کي دنيا جا گڏهه ڪيئن پسند ڪندا. جيڪي مُٽَ حيران آهن. انهن کي اهن گفتار مان ڪهڙو فيض پوندو. عرش عظيم جي عطر جي کين ڪهڙي خوشبوءِ ايندي. هن ڪتي نفس کان اسم اعظم جي سنگهر نڪتي ته ڪونه ڪوزيان ڪري وجهندو. تنهن ڪري کيس مظبوط هٿ وجهجن
عشق شهنشاهه جو فرمان آهي ته جيڪو اسان جو ديدار گهري ته دم قضا نه ڪري ۽ سر جو سانگ به نه ڪري دم قضا ڪرڻ محبوب جي ديدار نه ٿيڻ جي نيشاني آهي.
جيڪوموتين جي ڳولا ۾ سمنڊ ۾ گهرندو ته کيس واڳن ۽ مانگر مڇ جو خوف نه ٿيندو. سر تان هٿ کڻندو ته موتي هٿ ڪندو. مگر جيڪو سر جو سانگ ڪري ڪناري تي بيهي رهندو سوموتي ڪيئن هٿ ڪندو.
عاشق اهوآهي جيڪو دنيا عقبيٰ تان هٿ کڻندو اهو ديدار الاهي به ڪندو. درد حال ۽ اسم اعظم سان نفس جي هستي جي پاڙ پٽيو. عشق جي بدنامي کڻو.نيڪامي ڇاڪندوء منصوري حال عشق مان پيدا ٿيندو جيستائين سر نه ڏيندين ته الله جي ديدار کان جواب اٿيئي.
صوفي جڏهن عشق جي ساقيءَ وٽان جام پيئندو آهي ته ڪڏهن شمس الحق تبريزي ٿي پوندو ته ڪڏهن جلال الدين رومي ته ڪڏهن شاهه منصور ٿي انا الحق جا نعرا هڻندو. دل جي شيشي کي ذِڪرَ جو صيقل نه هڻندين ته عين اليقين ۽ حق اليقين نه ٿيندين، اسم اعظم ۾ گم نه ٿيندين ته جسم جو قيدي آهين.
ساري خدائي کي نفس جو جڻيو ٻڌل آهي. حقيقي مسلمان نه آهن.حقيقي مسلمان جي بانگ من خدايم جي بانگ آهي.الله جڏهن منهن ڏيکاريندو آهي ته ڪافر کي مسلمان ڪندو آهي ۽ مسلمان کي جڻيو ٻڌرائي ڪفر جا ڪلمان چورائيندو آهي.
هڪ دفعو ذات حق اسان کي ٻڌايو ته مونکي ڪنهن به قسم جو حجاب ڪونهي نه اوٽ آهي نه پردو. ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پاڻ اوٽ ٿيا بيٺا آهن. پاڻ هان نڪري پون ته رڳو مان هجان، مگر غافل مون کي گم ڪيون پاڻ کي ظاهر ڪيون بيٺا آهن. دنيا جا جڏهن تعلقات ٽوڙيندا ته عشق جي باهه ٻانهپ جي گهر کي ساڙي ڇڏيندي ۽ پوءِ الله پڌر تي ڏسندين.
روئڻ جو وڏو درجو آهي ذات حق جي سڪ ۾ روئڻ اصل به آدم عليه السلام سيلون جي ٻيٽ تي رنو هو. سندس روئڻ جي پاڻي سان سائو گاهه ڄمي مٿان وري ويو هوس. آخر روئڻ قبول پيس. نبوت مليس. ذڪر ڪمائڻ سان سڪ ۽ درد پيدا ٿيندو آهي. درد سان روئڻ ايندو آهي. روئڻ سان سڀ گناهه معاف ٿيندا آهن. روئڻ سان قلب جي ڪارنهن به صاف ٿيندي آهي.
گهڻي کائڻ واري کي خودي پيدا ٿيندي آهي. عيش عشرت سبب کلندو آهي. ان کي ذات حق اهڙي بيماري ڏيندو جو دوا ئي نه لڳندس. هڪ دفعي ذات حق مون کي ٻڌايو ته مان ماڻهن کي سڏيندو ٿورهان ۽ ڏسندو ٿو رهان ته ڪڏهن ٿا مون ڏي اچن مگر هو ته مون کي پٺي ڏيون پنهجن ڪمن سان ٿا گهمن. ذات حق ٻڌايو ته مان ته هڪ پلڪ به پري ناهيان ته به ماڻهو مون کان جدا گهمندا ٿا وتن.
سر کي ذات حق اڳيان نذرانو رکو ۽ عشق الاهي خريد ڪريو اهو سهانگو سودو اٿو. ان کان وڌيڪ نفعو نه ملندوَ. هي جسم بيڪار اٿوَ. جنهن کي موت جو صوبيدار عزرائيل گهٽي ماريندو ۽ پوءِ ڇو نه ان کان اڳ ۾ خوشيءَ سان ذات حق اڳيان کيس قربان ڪريو. دنيا ڌوڪو آهي. دنيا دار واريءَ مان تيل ڪڍڻ جي آسري تي محنتون ٿا ڪن. پاڻيءَ مان مکڻ ڪڍڻ جي اميد اٿن. مگر دنيا مان ڪنهن کي به ڪجهه حاصل ئي نه ٿيو آهي. الله جي عشق محبت کان سواءِ عمر اجائي آهي.
دنيا دارن جو اصول آهي ته دنيا دار کي عزت ڏيندا آهن پوءِ چاهي هو هندو هجي. مگر عارفن کي حقارت سان ڏسندا آهن. عام ماڻهن ۽ ملن جو الله تعريف تي خوش ٿئي مينهن وسائي مگر فقيرن جو الله بي پرواهه آهي. هزار انتظاريون ڪريونس. ته به واجهائي به ڪين. اسان جي الله جي تعريف رسول به لڪائي ڪئي آهي. اسان سڃاڻي وڌس. اتي وڃي لڌوسونس. جتي رسول الله ﷺ ويو هو نه ته ڪونه سڃاپي ها. ان ڪري ڳوٺ وياسونس. اتي چيائين: اَنَا اَنْتَ فَاَیَنَ اَنْتَ ،اَنا اَنْتَ فَاَنْتَ اَنیِ يعني هم تم هويا تم هم هويا مان تون آهيان تون آءُ آهين.

بيت
من تو شدم من شدي من تن شدم جان شدي.
تاکس نه گويد بعد زين تو ديگري من ديگر م،
مان تون ٿيس تون مان ٿئين، مان جسم ٿيس تون جان ٿي پئين
پوءِ ڪير به ائين نه چوندو ته تون ٻيو آهين ۽ مان ٻيو آهيان.

الله ان کي وٺ ڏيندو جيڪو سندس ابتو پير کڻندو. الله ساري دنيا کان لڪل هو اسان ابتو پير کڻي وڃي گهر قابو ڪيوسون. گهر کي ڪڙو ڏسي پاڻهيئي ڀڄندو آيو اسان گهوڙي تي چڙهي جنگي فوج ساڻ ڪري نيٺ وڃي الله جو قلعو فتح ڪيوسون.
اسان کي اسم اعظم جي اهڙي ته طاقت هئي جو هي ته هڪ الله هو جي ويهه الله هجن ها ته به لهي وجهون ها، هاڻي جيڪو به اسان وٽ ايندو ته انکي ابتو پير کڻائينداسون.
نفس جو کاڌو مردار آهي. ملن کي ختما ڦٻيا، ڍَوَ ڪيائون. ان ڪري بي حاصل رهي مري ويا. فقير عارف موتو قبل انت موتو مري جيئرا ٿي پيا.
سوليءَ جو ذوق عارفن ماڻيو ملا سڃا ۽ سکڻا. عاشق هزارين مئل دليون جيئريون ڪن. ڪيترن کي فيضياب ڪن.
فقير عاشق هتئون وڃن ته شراب جا مَٽَ پيئون ٻي ٽي بيخوديءَ جا غزل ٻڌيون بوتي کي ٿڪ هنيون هليا وڃن. فقيرن کي ذات حق پاڻ وٺي ويندو آهي. جنهن کان جان ورتي هئائون ڏيندا به ان کي آهن، دنيا دارن ۽ غافلن لاءِ عزرائيل صوبيدار رکيو آهي. پگهار تي بيٺل آهي جيڪو دنيا دارن کي سڪرات جي سختيءَ ۽ بي عزتيءَ سان وٺي ويندو آهي. عشق جو رشتو ۽ دوستي ڪفر سان آهي. مسلمانيءَ مان جيڪو ڪافر ٿيندو سو ضرور وڏيءَ لالچ يا نعام تي ٿيندو. فقير عارف دين اسلام کي پراڻي پهراڻ وانگر لاهي کڻي اڇلن. سوبه ڪنهن وڏي دلاسي تي.
مسلمان لک درود صلواتون پڙهن ته به عشق واجهائين به ڪون فقيرن کي اٽڪل آهي جو رڳو سڏ ڪنس ته عرش کان اک ڇنڀ ۾ اچي حاضر ٿئي.
جڏهن اسان کان عشق، دين ڦٽو ڪرايو ته هوڪو ڏنوسون ته دين ۽ مسلماني هڪ پائيءَ تي ٿا وڪڻون هجي ڪو وٺڻ وارو. ڪنهن به نه ورتو. ملن وٽ اڳيئي موجود هو. اهي نه پيا وٺن. حضرت خواجه خضر معرفت وارو هو تڏهن ته موسيٰ نبيءَ جو عقل سندس اڳيان حيران ٿي پيو. هي دنيادار جيڪي پاڻ کي ديندار ٿا سمجهن تن کي رسمي دين جي به پوري خبر نه آهي. تن کي الله ۽ لدني علم جي ڪهڙي خبر.
الله قيامت جي رکت ڪونه ٿو ڪري جان دم نڪتس ته الله جو صوبيدار هٿ ڪڙي هڻي کيس قسيم النار والجنته ڏانهن وٺي ويندس. پوءِ هن کي طومار يعني اعمالنومون ملندو. پاڻ پڙهندو. جنهن ۾ ڳاڙها اکر نيڪيءَ جا ڪارا اکر بديءَ جا لکيل هوندا، جي ڪارا اکر گهڻا هوندس ته بهشت دوزخ ورهائڻ وارو حڪم ڪندو ته هن کي دوزخ ۾ ڌڪو ڏيوس. پوءِ پوليس وار پڪڙي وڃي دوزخ ۾ اڇليندس ۽ جي ڳاڙها اکر گهڻا هوندس ته بهشت ملندس.
مگر فقير عارف شهباز آهن هڪ وڻ تان اڏري ٻئي وڻ تي وڃي ويهندا آهن. عامن جو موت سڪرات جي سختيءَ بعد گرفتار ٿي ويندا آهن. عامن ۽ خاصن جو کائڻ پيئڻ ۽ روئڻ هڪجهڙو آهي مگر ٻنهي جي موت ۾ فرق آهي.
عشق هماءُ آهي جنهن ان ۾ فناءِ کاڌي سو به هماءُ ٿي پوندو. ٻيو به جيڪو عاشق جي پاڇي ۾ ايندو سو به هماءُ ٿي پوندو. فقير محبوب وٽ ويا ان ڪري کين شهباز ۽ هماءُ لقب ملين. الله اسان سان ائين گڏ آهي جيئن ماڻهوءَ سان پاڇو گڏ هوندو آهي. الله اسان کي عرش کان تحت الثريٰ تائين پنهنجي سموري حڪومت جو سير ڪرايو آهي. اسان جتي وياسين. اتي نه ڪفر نه اسلام نه دين نه ايمان نه سجدو نه سلام نه جماعت نه پيش امام هو. عشق اسان کي آسمانن جا رستا ڏيکاريا. مدينه ۽ مڪه ته هتئون ٿا ڏسون.
الله کان جيڪي غافل آهن. سي ڪئن وانگر آهن زمين ۾ ٻر کڻي ان ۽ گاهه ان ۾ گڏ ڪري ٿا رکن. هنن لاءِ عزرائيل ٻلو آهي، جيڪو کين ٻر مان منهن ڪڍڻ سان چڪ ۾ کنيون وڃين. جيڪو صفاتي بوتي ۾ غرق هوندو سو تيستائين الله کان بيگانو هوندو. مگر جڏهن ان مان نڪري پاڻ ٿي پيو سو ذات ٿي پيو پوءِ قدرت هن جي هٿ ۾ آهي، عاشق جڏهن ذات ۾ گم ٿيا سي صفات کي ڇا ڪندا. حضرت موسيٰ سان الله وڻ مان به ڳالهايو هو مگرانسان جيڪو ڪيئي سال دل ۾ ذڪر ٿو ڪمائي پوءِ اتان نه ڳالهائي سگهندو؟
غافلن کي جڏهن ٻلي عزرائيل جي خبرپوندي آهي ته سڪي ويندي اٿن. اکيون گهر جي ڇت ۾هڻي ڪوئي وانگر ڪرنڊڙا ٿي ويندا آهن. پوءِ پاڻ ڏيکاري ساهه ڪڍيون هليو ويندو اٿن. سڀ ڪنهن انسان جي وجود ۾ ٻيو حقيقي وجود به آهي. انسان تڏهن ئي گهمن ۽ ڪم ڪار ڪن ٿا. جيئن ترار مياڻ ۾ پيل هوندي آهي. مياڻ جي شڪل به ترارجهڙي هوندي آهي مگر ڪم جي ترار آهي، هي بوتو مٽيءَ جو گهوڙو آهي. ڪم ڪار ۽ ڪاروبار ڪرڻ جنگيون ڪرڻ معرفت ماڻڻ حقيقي وجود جو ڪم آهي.
اسم اعظم جي مدد سان اگر هن وجود مان ڇنڊجي نڪتو سو معنيٰ جو اعظم جبرائيل آهي اهو ذاتي وجود هن بوتي ۾ ائين پيل آهي جيئن کير ۾ مکڻ موجود هوندو آهي مگر آدمي انڌا آهن جو نه ڏسن ٿا نڪي سڃاڻن ٿا، ائين طالب پنهنجي سيني جي ٿانوَ ۾ مرشد کان سنبائڻ وجهرائيندو آهي. پوءِ بنا ساهيءَ جي دم جي جهيرڻي سان ولوڙويندو ته روحاني معرفت جو مکڻ نڪري پوندس.اگرو ٿي ڏيندو ته کير ٺري ويندس ۽ ٻيڻي تڪليف ڪرڻي پوندس. وري جڏهن اوجاڳا ۽ بکون ڪڍندو تڏهن وڃي کير مان مکڻ نڪرندو. جن مرشد کان سنبائڻ به نه وجهرايو ۽ نڪي کير ولوڙيائون تن جا کير خراب ٿي ويا. نه ڄميا نڪي مکڻ ئي مِليُن اهڙن ماڻهن. لاءِ بادشاهه عزرائيل کي حڪم ڏيندو ته سندس ساهه نهايت ئي سختيءَ سان ڪڍيو وڃي ۽ کين گرفتار ڪري مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪيو وڃي جيڪو کين ڪاري باهه واري ڪوٽ ۾ اڇلائيندن ڏسو ته ساري جهان کي دم جي جهيرڻي ۽ کير ولوڙڻ جي خبر ئي نه آهي. جيڪو ماڻهو الله جي محبت کانسواءِ مري ويو ته کيس لاش کي خيالات جون ڳجهيون پيون کائيندس ۽ نالو ئي گم ٿي ويندس. جيڪي جسم جي قيد ۾ مري ويا سي پوءِ به قيدي هوندا.
هڪ دفعي شرن جي مقام ڀرسان لنگهياسون ته هڪ مماتي واري اسان کان سڏ ڪري پڇيو ته فقير منهنجون ٻڪريون خوش آهن. اسان چيس ته پنڌ گهڻو اٿيئي وڃي ڏسي اچ. جنهن چيو ته سائين وڃڻ نٿا ڏين. اهڙي طرح سڀ مماتي وارا بهشتن سميت خدائي حڪم جا محتاج آهن. امر کانسواءِ گهمڻ وڃڻ جي اجازت نه اٿن. جن جيئري جسم مان نڪري معراج ڪيو سي آزاد آهن اهي عاشق ويچارن جي واهرو سڏن تي اچي حاضر ٿين.
جيڪو ماڻهو مرڻو هوندو آهي ان جي مقام وارن کي اڳيئي خبر پوندي آهي ته اجهو ٿو اچي. توڙي هو خوش گهمندو هجي. مقام وارا نيڪ جي اچڻ سان خوش ٿيندا آهن ۽ ڏوهاري جي اچڻ کان ڊڄندا آهن. مقام ۾ ڏوهاري جي پهچڻ سان ڦهڪو ڦهڪاڻي ٿي ويندو آهي. جيڪو به جيئرو ماڻهو مقام ۾ ويندو ته مماتي وارا سڀ چوندس ته ختمون ڏي، اهڙي گهر ڪندس جيئن وهانوَ تي ٻار مٺائيءَ لاءِ چنبڙي ويندا آهن. جن کي ماڻهو نه ڏسندا آهن. مگر عارفن کي ڏسڻ ۾ ايندا آهن اسان کي جڏهن مقام وارا ختمه لاءِ تنگ ڪندا آهن ان وقت اسان هڪ نالو کڻندا آهيون ته پوءِ جيئن باز اڳيان پکي ڇپي وڃي ائين سڀ چپ ٿي وڃن ۽ اسان جي جند ڇٽي پوندي آهي .
مائٽن جي دوستي به وفا دارنه آهي. جڏهن ماڻهو مرندو آهي ته لاچار سندس ماءُ ٻارهن مهينا روئيندي ڀيڻ ڇهه مهينا، پٽ چار ڏينهن روئيندس، زال ٽي ڏينهن کانپوءِ تاڙ ڪندي ته ڪو وانڍو ۽ ڇڙو مڙس ڪيان مگر هجي ٿوڻ مڙس. اها آهي مائٽن جي وفاداري الله جي محبت وارو هِتِ هُتِ الله جي پناهه ۾ هوندو.
اڳي جڏهن درياهه پائيندڙ کوهه وٽان لگهندو هو ته کوهه جو چڪ ڪڍي ابتو ڪري کوهه جي سِرَ سِرَ ڪري ٻاهر اڇلائيندو هو. پاڻ سان ملائي هڪ ڪري سندس وجود ختم ڪندو هو. هي طالب به ذڪر ذريعه مذڪور وٽ پهتو ته گهن سان کوهه واري ڪار ٿيندي، ٻانهپ جو نيشان ئي نه رهندس فقير عارف به ائين آهن. پاڻ گم ٿي وڃن رڳو الله وڃي رهي. جيڪڏهن توکي الله طرف ڪشش ٿئي ٿي ته پڪ ڄاڻ ته اها گهر الله جي آهي. جنهن دل کي دنيا جي ڪشش آهي ته اُها کيس اسفل سافلين دوزخ جي هيٺئين تري جي ڇِڪَ اٿس.
هجئي ڪا مڙسي ته نون ئي آسمانن مان لنگهي پوءِ، اها دل الله جو دروازو اٿوَ. ان در جو ڪڙو کڙڪائيندا رهو ته ضرور هڪ ڏينهن توهان سان الله منهن ڏيکاري ڳالهائندو، هن صفات سان لله جي ذڪر ۾ گم غرق ٿيندين ته الله ڏسندين. ڦڙي مان درياهه ٿي پوندين. صفات مان ذات ٿي پوندين. جيڪو بوتو پاڻ کي ڀائين ته اهو عاقبت ۾ خوار خراب ٿيندو. هن سان هن کي لهُه هن کانسواءِ هو لڀندءِ . الله کانسواءِ ڀينگ سُڃ آهي. الله کي پڏايو به اسان آهي. اثبات به اسان ڪيس. ڍورن کان پڇو ته ڪو الله جو ڏس ڏيندا. الله به اهڙو معتبر آهي جو جيڪو ڳولي لهيس ته ان سان تعديون ٿو ڪرائي. ماڻهو بڇي مارائيس ٿو. شاهه شمس لڌس ته ان جي کل لهرايائين. اسان جي وڏي ڀاءُ منصور کي سوليءَ تي چاڙهايائين. شيخ عطار کي قتل ڪرايائين. اسان جي مائٽ شيخ صنعان کي جڻيو پارايائين. اهي سڀ جُٺيون الله کي ڦٻيل آهن. اسان انهن سڀني چٽڪين جو پلوءُ وٺنداسونس. مجال اٿس جو پلاند نه ڏئي. جيڪو عشق ۾ مري جيئرو ٿيو سو هميشه حيات آهي وري نه مرندو. جيڪي ماني تي حيران آهن تن کي عشق جي ڪهڙي خبر. هن بوتي جي پوري بنڊ کي اناج کي خالي ڪندين ته هيرن جواهرن سان ڀرپور ٿيندءِ. پاڻ کي سٺن کاڌن گهڻي ننڊ ۽ گهڻي ڳالهائڻ کان بچائيندين ته تون ملائڪن کان به مٿي ويندين. جنهن جي جسمات عشق ڦاڙي وڌي ته سندس صفات رئي ٿي ويندي ۽ ذات ٿي ويندو، هي عشق جو بيان عارفن لاءِ آهي اهي نفس کان وٺندا آهن. اهي ئي صاحب معراج آهن.
حضرت مصطفيٰ مدني سرڪار ﷺ جن معراج جو دڳ ٺاهي آيا آهن. اهو رستو اڃا بند نه ٿيو آهي. مگر عاشقن عارفن لاءِ کليل آهي. انڌن لاءِ ڏکيو آهي. فقيرن لاءِ معراج چاليهن قدمن تي آهي. چاليهن قدمن سان فقير ست ئي آسمان گمهي موٽي ايندا آهن. سازن آوازن ۾ جيڪا حقيقت آهي اها. جيڪڏهن ظاهر ڪريون ته ٻئي جهان غرق ٿي وڃن. اسان جا تکا گفتا دين ايمان وارا ٻڌي نه سگهندا، ڀڄي ويندا جيڪو اهي تيرن جهڙا گفتا سينو سپر ڪري ٻڌندو سوئي عرش جا سير ڪندو.
عارفن جي صحبت مان من خدايم جي دم هڻڻ واري جوانمردي پيدا ٿيندي آهي. قاضي ۽ ملان نفس جا طالب آهن ۽ ننڍي ٻار وانگر کير پياڪ ٻار وانگر آهن. توحيد جي گفتار معنيٰ جي ماني آهي. کير پياڪ ٻار ماني نه کائي سگهندو آهي ۽ مانيءَ سان گهٽجي پوندو آهي. انڪري اهي عشق جي ڳالهه سان گهٽجي پوندا آهن. جنهن طالب جي دل ۾ سوجهرو نه آهي سونفس جو تابع آهي. تڏهن ٿو اوندهه ۾ گذاري.
عام ماڻهن جي دلين جا ڪن بند آهن. ان ڪري سڀڪو طالب عرش جا الهام نٿو ٻڌي. جيڪو طالب ٿي ۽ سڌن جا ٻُچا ڪنن مان ڪڍندو سوئي ٻڌندو. جنهن طالب اسم اعظم سان دل جا دروازا کولي وڌا سو هر هنڌئون الله کي ڏسندو. آدمي ان جو نالو آهي جيڪو الله ڏسي. جنهن الله نه ڏٺو سو انڌو آهي، دنيا جو طالب هت به خوار آهي ته عاقبت ۾ به خوار هوندو. ۽ سندس منهن ڪارو آهي. جنهن الله لڌو سو هِت هُت سرخرو آهي. روح الله جي صحبت جو پياسو اهي. مگر نفس دنيا جي لذات مذات ڏانهن جهليون ويٺو اٿس.
وحدانيت جي گفتار وقت اهڙي ڪا موج ايندي آهي جو چئجي ته زبان وڍي ڇڏجي جسم گهات ڪجي ۽ قلم ڀڃي ڇڏجي جزوي عقل عشق اڳيان منڊو آهي. وحدت جي ڳالهه پاڻ ٿو ڪري. بوتو روح لاءِ ائين آهي جيئن ڀڄڻي مينهن کي ڪنڌ ۾ پڃر ٻڌبو آهي، ذات ذوالجلال وٽ جڏهن وياسون ته انجام ڪيو هئائون ته فولاد قيامت جي ڏينهن حضرت رسول ﷺ سان گڏ خلق جي شفاعت ڪندين ان ڏينهن اسان جونالو عماد الملڪ رکيو هئائين.ان نالي جو رواج عرب بادشاهن ۾ هيو جو هو وزيرن کي ان نالي سان سڏيندا هئا.
قيامت جي ڏينهن ڏسندئو ته جن اسان کي تڪليفون ڏنيون هيون تن لاءِ ملائڪن کي حڪم ڪري جهنم ۾ موڪليندس. ملائڪ اسان جي حڪم ۾ آهن.اهي اسان جي پيرن کي به نه پهچن. ايترو هيٺ آهن. شرن مان جيڪي اسان جا محبتي بديءَ ۽ زنا کان بچيل آهن اهي رحمت ۾ داخل آهن. عزرائيل جي اک اهڙِي دهشتناڪ آهي جو عام ماڻهو ڏسيس ته هڪدم ڪانچ ۾ دست وهي وڃيس ۽ مري وڃي، مگر جبرائيل جي اک رحمت آهي.
اسان عزرائيل جي سڄي پاسي کان لنگياسين ته حيرت مان چوڻ لڳو: بلي اهڙا به مرد آهن، جيڪي اسان کان به مٿي وڃن. اسان جي سردار حضرت رسول ڪريم ﷺفرمايو آهي: من طلب شيءُ جَدَوَجَدَ. يعني، جيڪو ڳوليندوسو لهندو. ڪنهن جو ڍور ويندو آهي ته به ڪيڏو ڳوليندو آهي. مگر مسلمان الله وڃايون ويٺا آهن، ته به نٿا ڳولين حيف اٿن. جنهن الله لڌو ان جي مٽيءَ به مان ٿي لهي. هزارين ماڻهو ان وٽان مرادون پوريون ٿا ڪرائين.
توڪل ڪري ماڻهو کوهه کڻندا آهن. وڏي محنت کانپوءِ وڃي پاڻي کي لهن. اوهان دل جو کوهه کڻو ته الله لڀئي پئيو. جنهن ڪچهري ۾ الله جي ڳالهه ناهي ته اتي نفس ٽپڙ کڙو ڪيون ويٺو آهي. اتي لذات ۽ شهوت جي ڳالهه پيئي هلندي.
وحدانيت جي شراب جي نشي ۾ اهڙي طاقت آهي جو بوتي جو دلو ڀڃي وجهندو آهي. دلي ڀڃڻ بعد نجي ذات آهي. صفات نه رهندي، الله جي صحبت کانسواءِ بادشاهه به پناگر ڀٽ مثل آهي. هيءَ ڪثرت جي راند الله رچائي آهي. پاڻ به ان راند ۾ گهمندو ٿو وتي. مگر ڪير به ڪونه ٿو سڃاڻيس. جنهن الله کي لڌو سو پاڻ گم ٿي ويندو. عشق بادشاهه جي اچڻ بعد هي جزوي عقل ٽپڙ ويڙهي ويندو. ذات حق پاڪ عشق جي باهه جو آڙاهه ٿو مچائي ۽ عاشق ان آڙاهه ۾ پنهنجي جان ٿو جلائي
مُشڪ کلندو ته ڪچهري سموري ۾ خوشبوءِ ٿي ويندي. ائين توحيدي مُشڪ آهي فقيرن لاءِ دنيا جي ڳالهه ڍونڍ آهي. ذات حق جو فرمان عاشق کي ضعيف ڪندو آهي.عشق جو وصال عاشق کي آرام ۽ فرحت ڏيندو آهي.
جيتري اوهان کي الله جي سڪ آهي الله کي به توهان جي اوتري سڪ آهي يُحِبهُم يُحِبُونه. جيئن هاٿي کي هندستان ڏيکاربو ته هو ڪڏهن به وڃڻ کان نه مڙندو. طالب جي جڏهن اک کلي ته هاٿيءَ وانگر سوارن کي ڪيرايون دريائن جبلن مان پار ٿيندو وڃي پنهنجي اصلوڪي ملڪ هندستان ۾ پهچندو.
جبلن ۾ هڪ پکي آهي سڄي عمر پاڻي نه ڏٺو آهي. سدائين وتندو آهي. پاڻي ڳوليندو. جڏهن پاڻي لڀيس ۽ چنهنب ٻوڙي ته مري وڃي. الله جي طالب جو مثال به ائين آهي جيڪي الله پٽ پهتا سي پاڻ رهيا ئي ڪونه.
مال ۽ دنيا جي عاشقن جو بهشت ۾ ڪهڙو حق آهي بهشت ۾ اهو ويندو جنهن جي ٻولي الا الله هوندي هن بوتي جي خدمتن جي عبادت ڄڻ ٻلو کڻي ويو دڪو ئي داخل نه ٿيندن. ماڻهو اهڙا انڌا آهن جومال جو ملهه ته سڃاڻن ٿا مگر پنهنجو ملهه ڪونه ٿا سڃاڻن. جي سڃاڻن ها ته بهشت دوزخ ۽ عزرائيل جي ڪاڻ نه ڪڍن ها.
نفس قرآن. نماز ۽ صلوات پڙهي . ته به اعتبار نه ڪجوس، هن جي هٿ ۾هر وقت ڪئينچي هوندي آهي جنهن مهل وجهه مليس ته کيسو ڪتري مڏي کنيو هيلو ويندو. يعني سڀ نيڪ عمل هڪ ڌڪ ۾ ناس ڪندوَ. طالب الموليٰ مذڪر وارو خيال ڪجي طالب الدنيا مخنث وارو کدڙو ڪندوَ. جيڪا جماعت دنيا تي حيران آهي. ته قيامت جي ڏينهن انهن جي منهن تي ڪارو نيشان هوندو. جنهن ڪري سڀ ڪو سڃاڻي کيس لڄي پيو ڪندو.
هي بوتو ذات حق جي اڳيان ڪٽو ڪافر آهي. الله جو دشمن آهي. جيستائين اهوڪٽو ڪافر جيئرو آهي. تيستائين روح الله کي ڏسي نه سگهندو. جڏهن سج لهي ٿو ته سڀئي ماڻهو مري ٿا وڃن. اهو سمهڻ مرڻ جهڙو آهي. اَلنَومَ اَختُ المَوتُ. (حديث پاڪ) يعني ننڊ موت جي ڀيڻ آهي. سج قدرت جي هڪ نڙي آهي. جڏهن اها نڙي ڦوڪجي ٿي ته ساري جهان جا سڀ ساهه وارا اٿي گهمن ٿا. اها رواجي قيامت آهي. قيامت جي معنيٰ به بيهڻ آهي. سو اها رواجي قيامت هلي ٿي. وڏي. قيامت جي اچڻ وقت آسمان ۽ جبل رئي ٿي ويندا. ان ۾ اڃا دير آهي ان وقت ظاهر باطن ٿي پوندو. دنيا ۽ آسمانن جي حياتيءَ جو ڏهون حصو گذريو آهي. نوَ حصا اڃا اٿس. هر هڪ حصي ۾ ڏهه لک ورهيه آهن،
مرشد کان اسم اعظم جو نار چاڙهاڙيو جيڪو اهو نار هلائيندو ته سارو جهان ان جي آبادي ليکبي. دنيا جو ماڻهو ڪراڙو ٿيو ته ڪاسائين جي ڪتي وانگر هڏن جي پويان وتندو ڀڄندو. مال دنيا ۽ پٽن تي پهرو پيو ڏيندو. ان جي اولاد کي ڪتي ڌارڻ جي ضرورت نه پوندي. خلق کان منهن موڙيندو ته الله ڏي رُجوع ٿيندين. نماز نفس جو قوت آهي.روح جي خوراڪ دل سان الله جو ذڪر ڪرڻ آهي. طالب اگر مرشد کان پري گذاريندو ته نفس دسي وجهندس.ٻار جڏهن روئنيدو آهي ته ماءُ ببو ڏيندي اٿس. تون به جڏهن روئيندين ته عشق جو کير ملندءِ.اوهان جو نفس اهڙو دشمن آهي جيڪڏهن سندس سموري حقيقت توهان کي ٻڌايون ته حيرت مان مري وڃو جيئن جانورن لاءِ شينهن خطرناڪ آهي. ائين اوهان جو نفس اوهان لاءِ اهڙو خطرناڪ آهي. ان گڏهن نفس کي بک لڳيوَ ٿي ته ڇرجي ٿا پئو. قرض کڻي به کارايوس ٿا مگر ڍوَ ڪرڻ کانپوءِ اهو کڏ ۾ اڇليندوَ. مگر روح جيڪو اوهان جو بهترين دوست آهي ان جي ڳڻ ئي نه ٿا ڪريو. کيس ذڪر جي خوراڪ ڏيندئو ته نفس سان مقابلو ڪندو. فقير جي دشمن جو منهن ڪارو آهي. الله جي رنگ ۾ جيڪو به رڱجي ويندو. هت ذات جي پڇا ئي ڪانهي. اسان بوتي ۾ ان ڪري رهيل آهيون ته جيئن ٻين بوتي جي قيدين جي رهبري ڪري کين آزاد ڪرايون. اسان بوتي جي قيد کان آزاد آهيون. ٻين کي به بوتي مان نڪرڻ جو ڍنگ سيکارڻ لاءِ ترسيل آهيون.
سياري جي رات طالب لاءِ غنيمت آهي. ان ۾ طالب کي دم ڪمائڻ ۽ مراقبي ۾ خوشي ٿيندي آهي. هاڙهه جي رات ۾ گرميءَ سبب طالب ويهڻ ۾ تنگ ٿيندو آهي. دم ڪمائڻ ۽ مراقبو ائين آهي جيئن غواض ٽٻي هڻي سمنڊ مان موتي ڪڍندا آهن. ائين طالبن کي به دم دم سان موتي هٿ ايندو آهي. طالب لاءِ اونهاري جو ڏينهن وري سياري جي رات وانگر آسان آهي.
ڏهي يا چاليهي ڪڍڻ وقت دل ۾ ٻيو ڪو به خيال نه آڻي. جيڪڏهن ڪو به اجايو خيال ويٺس ڪمائي ڪوچ ٿي ويندس. الله جي طالب کي گهر جي ته سدائين خيال ذڪر ۾ ۽ نظر سيني ۾ هجيس. اهو سندس چاليهو آهي. جيڪو هميشه ان خيال ۾ رهندو ان کي الله تمام ويجهو آهي. مگر ڪو متان ائين سمجهي اسان چاليهي وسيلي نفس ڪتي سميت درگاه ايزدي ۾ ويندس مگر الله پنهنجي بارگاهه ۾ عزرائيل ويهاري ڇڏيو آهي. جيڪو اهڙن کي نڙيءَ ۾ چڪ هڻي تحت الثريٰ ڏي اڇليندو آهي. الله ڏي طالب تڏهن ويندو جڏهن سندس روح سندس نفس کان ڌار هوندو. نفس ڪتي کي هِتِ مضبوط سنگهر ۾ ٻڌي پوءِ ويندو ته الله وٽ پهچندو.
الله پاڻ پاڪ آهي ۽ گهري به پاڪن کي ٿو. نفس پليد آهي. ان جي الله وٽ ڪابه جاءِ ڪانهي.
عين ۽ غين جي صورت ساڳي آهي مگر نقطه جو فرق آهي نقطه غير جو آهي جڏهن اهو غير وارو نقطو ڊاهيندو ته عين ٿي پوندئو. هي نقطو جسم آهي مگر اندر اهو ئي عين آهي ۽ ذات آهي.
جيڪو دل وجان سان پنجن پاڪن جو حضور گهرندو ته ان کي يقينا حضور ٿيندو. جيڪي اسم سان هلي هلي بوتي کان ڌار ٿيا تن کان الله جدا ڪونهي. شينهن هميشه پنهنجو شڪار ڪري کائيندو آهي ٻئي جي اوبر نه کائيندو آهي. هي ڪتاب به جي الله جو محبتي پڙهندو ته ٻي صحبت جي ضرورت نه پوندس. مگر صرف ڪتاب پڙهڻ سان منزل تي نه پهچندو: رڳو ڪتاب تي ڀروسونه ڪجو متان ديدار کان رهجي وڃو. جيڪو اسم اعظم سان ڪتاب جو مطالعو ڪندو ته سڌو عرش تي نيندس.
قرآن پاڪ ۾ توحيد جون آيتون صرف ٽيٽيهه آهن. ٻيو. سمورو قرآن امر نهي ۽ الاهي قانون آهي، الله تبارڪ وتعاليٰ حضرت رسول الله ﷺ ڏانهن هي ڪتاب موڪلي خلق کي حڪم ڪيو ته جيڪو هن ڪتاب جي ٻڌايل حڪمن تي هلندو ته گمراهه نه ٿيندو، جيڪو النحرافي ڪندو ته نفس ۽ شيطان جو شڪار ٿيندو. نفس ۽ شيطان ٻئي هڪ آهن مگر عادتن مطابق نالا جدا اٿن. پراوا مال ڦرڻ ۽ ظلم ڪرڻ خونريزي ڪرڻ وقت ته نفس آهي.جڏهن شهوت پرستي ڪيائين ته شيطان سڏبس.
نيڪيون ماڻهن لاءِ سون جو ٻيڙيون آهن. بديون ۽ بڇڙايون لوهه جون ٻيڙيون آهن. انهن ٻنهي کان الله پري آهي. جيڪي انهن تي بيٺل آهن سي قيدي آهن. ڪهڙو به قيدي بادشاهه سان گڏ ويهي نه سگهندو. .بادشاهه سان گڏ اهو ويهندو جيڪو ڏوهه ثواب جي حدن کان ٽپي جسم جي قيد مان آزاد ٿي معراج ڪندو. اهو الله بادشاهه سان گڏ ويهندو. پوءِ اهو ڦڙي وانگر آهي. جيئن ڦڙو درياهه ۾ پوڻ کانپوءِ گم ٿي عين درياهه سان ملي هڪ ٿي ويندو آهي.
موت نفس تي آهي روح تي موت ڪونهي. قرآن پاڪ ۾ کُل نَفسِ ذائِقۃُ المَوتِ آهي. يعني هر نفس موت جو ذائقو چکندو. روح لاءِ نه آهي. روح آهي ذاتي، نفس آهي صفاتي نفس خاڪ جو حصو آهي، روح ذات پاڪ جو حصو آهي.
الله ڏي جوانيءَ ۾ هلو. عبادت جو دنگ پنجاهه ورهين تائين آهي. پوءِ هي جسم ڪراڙو ۽ ڪمزور ٿي ٿو وڃي. جوانيءَ ۾ جيڪي ڪرڻو هجيوَ سو ڪري وٺو. پير پيغمبر هليا ويا اوهين به هليا ويندوء جيڪو وطن کان بيخبر ٿيندو سو مارجي ويندو. بي خبرآدمي به نفس ۽ شيطان جو شڪار ٿي ويندو. الله جي ياد کانسواءِ پٽ پوٽا جيڪي پاليو. ٿا سي کا هڻندوَ ۽ پوءِ زهر ٿيندوَ.
ظاهر ۾ اسان شر هيا سين پر سيد محمد علي شاهه کان اڳ پيوند ڪرائي سين ته سيد ٿي پياسين. جيئن پيوندي ٻير جي اک لڳائڻ سنڌيءَ ٻير مان ساڳي پيوندي ٻير ٿي پوندي آهي اسان عرش جا هيراڪ آهيون. خاندان جي معنيٰ آهي گهر ڄاڻندڙ. صحيح خاندان اهو آهي جنهن پنهنجو گهر سڃاتو.اسان گهر سڃاتو ان ڪري اسين خاندان آهيون.عام ماڻهن عارفن جي ڪلام جي معنيٰ ئي نه ٿا سمجهن. مجال آهي جو عالم فاضل هڪ مصرح. جي معنيٰ ڪري سگهي. معنيٰ جي خبر ان کي پوندي جنهن جون چارئي حدون. (1) ملڪوت (2) جبروت (3) لاهوت (4) لامڪان گهميل هونديون. معراج جو صاحب آهي. مثال هي بيت آهي.
منهن محراب پرينءَ جو. جامع سڀ جهان
ڦرهي تان فرقان جي، ڪاٽيائون قرآن
اڏامي ات ويو، عقل ۽ عرفان
سڀوئي سبحان، ڪاڏهن ڪري نيتيان.
(شاهه)
هي بيت آهي به سنڌيءَ ۾ ۽ هجي ڪو ته ڪاٽيائون قرآن جي معنيٰ ڪري. اسان کي سرڪار اها معنيٰ سمجهائي آهي. اها معنيٰ به هيٺ آهي. اسان اڃان به ٻه حدان مٿي ۽ پري آهيون. اسان لاءِ نَوَئي آسماني ڪائي وانگر آهن. بادشاهه لم يزلي جي نظر ۾ به ڪولي کان هاٿي تائين ظاهر آهي. سڀئي ڏوهه ثواب ڪائي مان کيس ڏسجن ٿا. عارف ۽ عشاق الله کي هتئون ائين ٿا ڏسن جيئن هو پاڻ ساري جهان کي ٿو ڏسي. جيئن نفس جا قيدي آهن تن لاءِ هر هڪ آسمان جبل وانگر آڙ آهي.
ملان قاضي مسلمان مفتي مخدوم حاڪم سڀ هن جسم جا ٻانها آهن. هنن نڪي رسول جي فرمانبرداري ڪئي نه ڪي الله جا ٻانها ٿيا انهن کي نفس ڀلائي پنهنجو فرمانبردار بنائي ڇڏيو. پنهنجي خالق کي نه سڃاتائون پر نفس باندر جو چيو مڃيائون.
آدمين کي جڏهن بيماري جو ڇرڪ اچين ته الله کي سڏين منٿون ڪن عهد انجام ڪن ته اسان کي خوش ڪر ته توکي ياد ڪنداسون ۽ صدقه ڏين ته جيئن هن بوتي جي بُنڊ مان نه نڪرن. مگر جڏهن خوش ٿين ته الله ڏانهن نهارين به ڪونه اهڙا ڪوڙا دغاباز آهن. جن عارفن آسماني سير ۽ معراج ڪيو آهي. اهي فالون پيا وجهندا ته هن ڪاڪوس خانه مان نڪرون. جتان آيا هئا سون اوڏانهن وڃون، هي آدمي جوانيءَ ۾ الله ڏي نه لڙندا آهن مگر ڪراڙپ ۾ ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ دعائون پيا گهرندا. نئون ڪپڙو خيرات ۾ ڏبو آهي. ته وٺندڙ به خوش ٿيندو آهي پرآڻو ڏبس ته لاچار وٺندو مگر راضي ڪو نه ٿيندو. هي به جيڪر پنهنجي جواني الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ته قدر به ٿئين. ڪراڙپ ۾ الله ڏي وڃڻ جو قدر ڪهڙو.
جيڪو تو ۾ آهي ان کي جيڪر ڏسين ته کاڌن پيتن ۾ ڌوڙ جا ٻڪ وجهين. آدمي جيڪي ان تي حيران آهن انهن کي معنيٰ ۽ ذڪر جي ڪهڙي خبر. الله تعاليٰ ٻئي جهان پنهنجي دانائي مان ٺاهيا آهن. سڀئي ساهوارن جا دم حياتيون موت فوت مقرر ڪيا اٿس. نفس جي کاڌي پيتي بغداد مچائي ڇڏيو آهي. معراج ڪرڻ کانسواءِ ماڻهو رسمي مسلمان آهي جيڪو ماءُ جهڙي پياري نفس کي ڪهندو سو ستين آسمانن مٿي مان ويندو. محمود غزنوي بادشاه جي غلام وانگر جيڪو ماءُ جو يادگيرو ڪندو سو الله جو ديدار ڪيئن ڪندو. جيڪو نفس جو فرمان بردار هوندو اهو عارفن اڳيان ڪهڙو ڪنڌ کڻندو. هن آدمي جي عمر ڪوڙو صبح آهي. جيڪڏهن آدمي ذڪر وسيلي اصلي ملڪ ڏي وڃي ته اهو سچو صبح آهي.
اڳي ٿرن مان جت اٺن جو قافلو ڪاهيندا هئا. بگهڙ ۽ ممان به پاسو وٺيو هون هون ڪنديون هلنديون هيون. جيڪو جت ان قافله مان ٿڙي ٻاهر نڪرندو هو. ته انکي اهي جانور کائي ڇڏيندا هئا. هن آدميءَ به جي دمَ الله ڏي هلايا ته دمن وارو قافلو سلامت رهندس. جيڪڏهن مرشد ۽ ذڪر کانسواءِ زنده رهيو ته نفس شيطان اهي بگهڙ ۽ مَمان اٿس کڻي کائي ختم ڪري ڇڏيندس.هر بيماريءَ جي دوا آهي، نفس جي دوائي ڪانهي.اهو وردن وظيفن سبب ويندو ٿلهو ٿيندو. اثر ئي نه ڪندس، الله جي ذڪر کانسواءِ سندس حرص جي باهه وسامنديئي ڪانه.
هڪڙو شر ٽي سال گم ٿي ويو هو. سرڪار الاهي جي عنايت سان عرب، عراق، ايران، مصر ۽ شام ۽ روم بنا ڀاڙي گهمي موٽي ڳوٺ آيو. موٽڻ بعد گڏهه تي سوار ٿي وتي پيو ٺڳيون ڪندو. زيارتن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيس. ذڪر سان وڃي ها ته فيض به پويس ها. دنيا وارا گمراه آهين ۽ سڀ نفس جا نوڪر آهن. دنيا دارلکين روپيه ميڙين ۽ گڏ ٿا ڪن مگر نه کائن نه کپائن مگر سندس پويان کيس مرڻ مهل تڙ ڏيئي هٿ ٽپڙ تي رکرائي موڪلي ڇڏنس. ڇو ته لاش جا هٿ سٿرن تي نه بيهندا آهن.
سرڪار ايزدي جو قانون آهي.ته هي آدمي جنهنجو ساري عمر تابع ٿو رهي مگر مئي کانپوءِ مال دنيا ۽ پٽن کان اهو کنيون وڃي. دنيادار الله کان غافل آهن کين نه ديدار نصيب ٿئي نه زيارت، سندن ملڪيت به ڪنهن نه ڪنهن هاڃي ۾ هڄي ٿي وڃي يا سڙي وڃي يا چوري ٿي وڃي يا ڦرجي وڃين. يا ڪا اهڙي بيماري لڳين جو ساري دنيا خرچ ڪن ته به جان نه ڇٽين. پاڻ کي ڪجهه به نصيب ڪونه ٿئين. دنيادار جي اڳيان الله جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي جيئن ٽنڊڻ کي گل سنگهائڻ. جو هو سنگهڻ سان مري ويندو. عارفن کي زماني جي ڪچهري ۾ ويهارڻ ائين آهي جيئن ڪنهن واٽهڙو کي صوبيدار بي گناهه جيل ۾وجهي. يا ڀوئنر کي کي ڇيڻو سنگهائجي ته مري وڃي. هڪ رات ذڪر سان ويهڻ سوَ حجن کان به وڌيڪ آهي. دل جو طواف عرش عظيم جي طواف جي برابر آهي. حاجي حضرت ابراهيم جي ٺهيل مسجد کي ٿا طواف ڪن مگر عاشق ۽ عارف عرش عظيم کي ٿا طواف ڪن.
اسان جو محبوب ڏسڻ ۾ آدمي جهڙو آهي مگر شاهه محمود بادشاهه وانگر ڪئي. سومناٿ مندر جهڙيون مڙهيون ڀڳيون اٿس. جيڪو پاڻ مان نڪتو ته ان جو سمهڻ به جاڳڻ برابر آهي جيڪو طالب گمراهن سان محبت صحبت ڪندو ته پاڻ به گمراهه ٿيندو. هن وات کي لذتن کان بند ڪيو. حورن جي اميد تان هٿ کڻو اسم اعظم ڪمايو ته الله توهان سان گڏ آهي هن جسم ۾ روح ٻار مثل آهي عام ماڻهن لذتن ۾ رهي پيٽ ۾ روح وارو ٻار سُڪائي ڇڏيو. ان ٻار جو جياپو اسم اعظم آهي.اگر هميشه ان ٻار کي اسم اعظم جو پاڻي ملندو رهي ها ته مدت تي جسم مان ٻاهر نڪري عرش تي وڃي ها مگر سڪل ٻار جسم مان ئي نڪري ڪونه سگهندو ته عروج ڪهڙو ڪندو.
اهي عام آدمي جڏهن مرن ٿا ته ان سڪل ٻار سميت قبر ۾ پورجن ٿا. جنهن عزرائيل کان ماڻهو ڊڄن ٿا اسان جڏهن کيس ڏسندا آهيون ته کل ايندي آهي. فقير نڪو قرآن پڙهن. نه نماز. نه حديث، نه الف نه ب. فقير صرف اسم اعظم رسول الله ﷺ جهڙا ساڳيا ٿي پون اسان وٽ ڌنار طالب ٿيا جن پندرهين ويهين ڏينهن کان پوءِ رسول الله ﷺ جو ديدار ڪيو. ملن ۽ مولوين ساري عمر نمازون پڙهي نرڙ گسائي ڇڏيا اٿن مگر ڪڏهن خواب ۾ رسول ڪريم به ڪونه ڏٺو اٿن. جن اسم اعظم ڪمايو ۽ فنا في الرسول ٿيا سي ساڳيا روحاني رسول ٿي پيا. ڇو ته رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته منهنجا طالب ۽ امتي فنا في الشيخ ۽ فنا في الرسول ۽ فنا في الله ٿيندا. جوڳين جي منڊن ۾ به اثر آهي جو سندن شاگرد جو ڳي ٿي پون ٿا. باقي رسول ڪريم ﷺ جي ٻڌايل اسم ۾ ايترو اثر به نه آهي ڇا؟ ڏسو ته ماڻهو ڪهڙا نه انڌا آهن.
ملامت سان دل صاف ٿيندي آهي. طالب جي نفس ۾ جيڪا خوديءَ جي ڪاراڻ هوندي سا ملامت رهڙي لاهي ڇڏيندس. شاهه منصور ۽ ذوالنون مصري کي جيل ۾ وڌو هئائون پڃرن ۾ شينهن ڦاسندا آهن گدڙ يان لومڙ ڪونه ڦاسندا آهن. فقير آسماني شينهن آهن. مسلمان پنهنجي ڀَوَ کان جيلن ۾ وڌو هو متان اسان واريءَ شريعت کي منڍيءَ کان وٺي کڻي نه وڃن. شاهه منصور جو نالو عرش تائين مشهور آهي مگرجن ساڻس دشمني ڪئي تن جا نالا ئي گم ٿي ويا.
دنيا جا ماڻهو حبشي آهن جو آئينو ڏسي ڀڄندا آهن. شاهه منصور ۽ شاهه شمس الحق تبريز الله جو آئينو هئا. هنن هڻي ڀڃي وڌا ڇو ته هنن جا عيب ظاهر پيا ٿين. الله ماڻهن کي وٺ ڪونه ٿو ڏئي نه ته جيڪر ساڻس ماڻهو وڙهن. عزرائيل کي به لڪائي ٿو موڪلي ظاهر موڪليس ته جيڪر ماري وجهنس هنن ماڻهن کي الله جون باهيون آهن. جٿئون به ڳالهائي ٿو ته پرزا ڪري ٿا ڇڏنس. ماڻهو الله جا سخت دشمن آهن. رسمي مسلمان هڪ الله کي عرش تي ويهاري ڇڏيو آهي. ٻيو ڪعبه جي ڪوٺي تي چاڙهي سندس ڏاڪڻ ڪڍي ڇڏي اٿنس. لهي نٿو سگهي هنن جي سمجهه ۾ رسمي مسلمان جو ڪعبو قبلو دنيا آهي جيڪا انبيائن عاشقن جي تڙيل آهي. مگر اسان فقيرن جو ڪاڪوس خانو آهي.
هڪڙو ملڪ آهي جتي فقير شينهن ٿي پوندا آهن. ۽ پنهنجي نفس کي شڪار ڪندا آهن. اهو ملڪ زمين کان گهڻو پري آهي. عام مسلمان ڪعبه جي ڀت جا حاجي آهن. اسان فقير عرش جا حاجي آهيون. هن ڪعبه جي حاجي الله کي لبيڪ چون مگر اسان عرش جا حاجي اناالحق چوندا آهيون. پاڻ الله ٿي ڪعبه ۽ عرش جا مالڪ ٿي پوندا آهيون. ڪعبه جا حاجي ڪعبه کي طواف ڪن. عرش جا حاجي عرش واري ڪعبه جي رهاڪو عاشقن کي طواف ڪن. ڪعبه جا حاجي مٿا ڪوڙائن. عرش جا حاجي عرش واري ڪعبه ۾ غير خيال ڪوڙائي ختم ڪن. هن ڪعبه جا حاجي گهٽا وٺي قرباني ڪن ۽ عاشق سر قرباني ڪري اُضحيٰ ڪن. هي حاجي اولهه وڃن ۽ عاشق اوڀر وڃن. هنن جا معلم ڪوري ناري ٿين. مگر اسان جا معلم رسول خدا ۽ موليٰ علي ٿين .جيڪي اسان کي طواف ڪرائين هي حاجي ڪعبه کي طواف ڪن هت اسان کي سارو جهان سجدا پيو ڪري هي حاجي موٽن ته ڌنڌن ۽ واپارن ۾ غرق رهن اسان حاجي سدائين ذات حق جي توحيد ۾ غرق آهيون. هي حاجي حرص طمع ۽ سڌن جي بندي پڙهندا وتن. عاشق دنيا ۾ به هدايت جو دفتر کوليون ويٺا آهن ۽ ڪنهن به دنيادار جو احتياج نه ڪڍن. دنيا جي حاجين ۽ عارفن جي حج ۾ اهو فرق آهي.
جيڪو الله جي ٿي پيو ته الله به ان جو ٿيندو. جيڪو الله کان پٺيرو ٿيو ته الله به ان کان پٺيرو ٿيندو.الله جو ٿيڻ آهي ان جي ذڪر سان محو رهڻ هر هڪ آدميءَ تي الله جي ڍل مقرر آهي جي نه ڏيندو ته ڪا نه ڪا ڇپ ڪرندس. اوهان ڏٺو آهي ته ذات حق پاڪ هماليه جبل مان پاڻيءَ جون نديون وهائي ڇڏيون آهين. انهن جي آڌار تي دنيا جا ماڻهو ۽ جانور پلجن ٿا. سياري ۾ برف ٿو ڄمائي جيڪا پاڻي جو ذريعو بنجي ٿي. جيڪڏهن پاڻ اهو انتظام نه ڪري ته پاڻيءَ کانسواءِ نديون سڪي وڃن. دنيا برپٽ ٿي وڃي، نه انسان زندهه رهن نه جانور. ڍل مان مراد آهي الله جي نالي تي خيرات ڪرڻ ۽ ڏيڻ. سائلن کي خيرات کان خالي نه موٽائڻ. مسڪينن جي مدد ڪرڻ. رسول الله ﷺ ۽ پنجتن پاڪ ۽ امامن سڳورن جي نالي ۽ موقعه تي خير ۽ نياز ڪرڻ اگر ماڻهو ائين ڪندا ته ڪابه مصيبت ڪانه ايندن.
جيڪو طالب ذڪر سان رهندو ته سندس قلب روشن ٿيندو. دل واري روشنائي سندس منهن مان ظاهر ٿيندي. ڏينهن توڙي رات سجايا ڪري. قرآن گواهه آهي ته تَعْرِفُ فِی وُجُوھِھِمْ نَظْرَۃ َالْنَعِیم” نعمتن جي چمڪار سان سندن منهن سڃاپندا. رات جو نه جاڳڻ واري جو منهن ٻين کي ڪونه وڻندو پر پاڻ کي به ڪونه وڻندس. تکي طالب کي روزانو نوان ۽ ڳجها راز معلوم ٿيندا جيڪي مرشد کي ٻڌائيندو رهندو ڍري طالب کي ديدارنه ٿيندو. مگر جي بدين کان بچيل هوندو ته آخرت ۾ حورن جي چڪلي ۾ ڇڏيندس.
حسد واري کي سائي عينڪ چڙهيل آهي. سڄو جهان سائو پيو ڏسبس. جنهن اها سائي عينڪ ڀڃي اڇلي ته ان کي ڏينهن ڏسڻ ۾ ايندو.حسد ڪاري پاڻي مثال آهي.جيڪو حاسدن جي اکين ۾ لٿل آهي. رسول الله ﷺ جهڙي حاذق حڪيم ابوجهل ۽ ابولهب جهڙن حاسدن جون اکيون نه ڪيون ته عارف واري حاسدن جو اکيون ڪيئن ڪندا. حرص طمع شهوت ۽ چوري واري جون اکيون ٿينديون آهن. مگر حاسد جي اک نه ٿيندي ذڪر اسم اعظم سان شهوت جي باهه به وسامي ويندي ماڻهو ان الله جو ٿا کائن ۽ الله کان گمراهه به رهن. ماڻهو گمراهه تڏهن آهن جو کاڌي وقت هر هڪ گرهه سڌن ۽ هوسن سان اماڻيندا آهن، جنهن سان دل ڪاري ٿيندي آهي عارفن جو قانون آهي ته مانيءَ جو هر هڪ گرهه ذڪر جي ڦيري سان چٻاڙي کائيندو وڃجي.
حقيقت ۾ آب حيات اهو دم وارو ذڪر آهي. جن جيئري اهو آب حيات هِتِ پيتو هُتِ به اهي پيئندا نه ته ٻين لاءِ مُٽُ آهي. فقيري ٻن قسمن جي آهي هڪ سمنڊ جي مڇي جيڪا سدائين جيئري رهي. اهي واصلي فقير آهن ٻي فقيري ڪپڙن پائڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ واري ساگلوئي مثال آهي. ان جو شڪاري عزرائيل آهي جيڪو مرض ڏيئي گهٽو ڏيئي کنيون وڃين. اسم اعظم جو ذڪر خضر وارو آب حيات آهي.ان به اهو ذڪر ڪمايو هو. جنهن ڪري هو هميشه جيئرو ٿي پيو. خضر جو بوتو جيئرو ڪونهي. ان جو روح جيئرو آهي. روحاني حياتي کاڌي پيتي کان پاڪ آهي وَلٰا تَقُولُو لِمنْ یُقْتَلُ فِی سَبِیلِ اللّٰہ ِاَمْوٰاتا بَلْ اَحْیَاءُ عِنْدَ رَبِھِمْ یُرْزَقُونَ فَرِحِینَ بِمَا اَتٰاھُمْ اللّٰہ. خضر جي حياتي به اسم اعظم سان آهي. عارفن جي روح کي خضر چئو جبرئيل چئو ٺهي ٿو. جبرئيل به لاچار چئجي ٿونه ته فقير ڪا ٻي شيءِ آهن. جيڪو روح بوتي مان جيئري آزاد ٿيو سو به خضر وانگي سدائين حيات آهي. خضر حضرت رسول الله ﷺ کان وڌيڪ ڪونهي. حضرت رسول الله ﷺ جن به ظاهري جسم ڦٽو ڪيو. سندن روضه مبارڪ مدينه ۾ آهي موسيٰ جو روضو به سمنڊ جي ڪناري تي آهي خضر به ڪٿي بوتو ڇڏيو هوندو.
جيڪو الله ۾ فناءِ کائيندو سو سدائين جيئرو رهندو نه الله ئي مرندو نه اهو عارف ئي مرندو. مئل خلق جيئري کي ڪانه ڏسندي. جيئري کي جيئرا ڏسندا آهن جنهن نفس ۾ فناءَ کاڌي اهو فنا ٿي ويو. سارو جهان نفس ۾ فناءَ کائي مري ويو.
طالب لاءِ ڪامل مرشد دستگير آهي. طالب کي مرشد جي صحبت جي ايتري ضرورت هوندي آهي جيتري ننڍي ٻار کي کير جي ضرورت هوندي آهي. طالب لاءِ بک ائين آهي جيئن شڪاري ڪتي کي بک ڏبي آهي ته بڇ تي مڇرجي اٿندو آهي ڍئو ڏبس ته شڪار جي پويان بڇ تي ڪونه اٿندو. نفس ڪتي کي به بک ڏيو. ڍئو ڏيندئوس ته گهڻي ننڊ ۽ گناهه ڪندو. جنهن ڪچهريءَ ۾ رات ڏينهن الله جي گفتار هلندڙ آهي اتي نماز روزي جي ضرورت ڪانهي. مرشد ننڊ ڪندو ته ڀوء ڪونهيس طالب اڃا پنڌ ۾ آهي. ان ڪري ڀَوءُ اٿس. طالب لاءِ ننڊ ۽ سٺا کاڌا زهر آهن. عارف زهرکي به هضم ڪري ويندو مگر طالب کي هڪدم ماري وجهندو.جيڪو الله کان نه دڄندو سوهر شيءَ کان ڊڄندو. دل ۽ روح جو گذران الله جي ڳالهين سان آهي. ڇو ته هو آيل اُتاهون جا آهن .الله جون ڳالهيون الله جا محبتي دل جي ڪنن سان ٻڌندا آهن. تڏهن اثر ٿيندو اٿن. عام ماڻهو ظاهري ڪنن سان ٻڌاندا آهن تڏهن ته اثر نه ٿيندو اٿن. ڪامل مرشد جي دامن ۾ مضبوط هٿ وجهه ٻڌايل ذڪر سان چنبڙيل رهه ڪپڙي جي دامن ڪم ڪانه ڏيندي. ڪامل مرشد جي صحبت هزار ورهين جي ظاهري عبادت کان بهتر آهي هي بوتو به محبت الاهي لاءِ شاهي محل ٺهيل آهي سائين ۽ ٻانهو مالڪ سڃاڻن به هن بوتي سان آهي. جيڪڏهن هن بوتي مان محبت پايون وٺيون هليو ويندو ته قيامت تائين روح کي به محبت هوندس.الله وارن کي به بوتي سان محبت آهي جيڪي اسم اعظم سان رهن ٿا پوءِ اها محبت يڪي ساڻ هوندن. کٽڻ هارائڻ جو هنڌ هي بوتو آهي. جيڪو وهايائين اهو ئي ڪم ايندس.مجازي عشق پلصراط آهي. جي کاپي پيو ته ڪري پيو جي لنگهي ويو. ته چڙهي ويو. پاڪ نظر سان الله ڏسبو آهي. مائٽن جي محبت به ان بوتي سان آهي،روح سان نه آهي. سابه پٽ پوٽي تائين هيٺ به ٽٽل ته مٿي به ٽٽل آهي، گذريل مائٽن مان اولاد جو ڏک ڏاڏي ڏاڏيءَ ماءُ پيءُ ۽ ماسيءَ کي ٿئي ٿو. ٻين مائٽن کي ڪونه ٿو ٿئي. ماڻهو مري ٿو ته باطن وارا عذر خواهيءَ لاءِ اچن ٿا. جڏهن ظاهري ماڻهو عذر چئي بس ٿا ڪن ته پوءِ سڀ مماتي وارا اچن ٿا. جج کي ماڻهو ڪونه ٿا ڏسن.
جيڪو طالب ذڪر ڪمائيندو ته نيٺ دل جي ڪارنهن لهنديس ۽ ضرور سيني ۾ حقيقت جو سج اڀرندس. عاشق سڄا سارا اسم اعظم جي لهر ۾ غرق ٿيا ۽ ٻنهي جهانن کان بيڪار ٿيا. ڪوبه لاڳاپو نه رکيائون انهن جي دل لامڪان جو آئينو آهي. اهو آئينو هنن جو جياپو آهي طالب جيستائين مرشد ۾ فنا نه ٿيندو. تيستائين عرش ڏي لنگهڻ نه ڏيندس، مستي ۽ خودي واري لاءِ سرڪار ايزدي جو ڪتو ويٺو آهي. نڙي ۾ چڪ وجهي هيٺ ڳوٺ ڏي اماڻيندس نفس جا مڪر اسم اعظم ناس ڪندو آهي. ٻي ڪابه دوا نه لڳندس.اسم اعظم جي پناهه وٺ ته نفس ڪتي کان بچين نه ته ٽنگون ڪڍي تحت الثريٰ ۾ هڻندئيءَ اوهان نفس جي ريجهه ۾ خوش آهيو نفس کي وارو لڳو ته دين ايمان وارا سڀ ڪپڙا کڻي ويندوَ. جيئن چور ڇوڪرا راند وارن جا ڪپڙا کڻي، ويندا آهن ۽ هو پوءِ پٺي اگهاڙا گهر ايندا آهن. تونگر سون جا ڳهه پائن ۽ غريب چانديءَ جا ڳهه پائين اهي سڀ روح کي رڪاوٽ جون ٻيڙيون آهن. توڙي زالون پائن ته به سندن مردن جي دل ڦاٿل آهي تنهن ڪري ٻيئي ڌريون ڪاٺ ۾ آهن.
جنهن جي دل ۾ اسم اعظم سامايو ۽ الله اثبات ڪيائين ته ان جو نالو عاشق آهي. ان جي مٽي به جيئري هوندي. هزارين سوالين جا ڏک ۽ پاپ پيئي لاهيندي. فقير ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا فقير شهباز آهن. دلين جو شڪار ڪن انهن جو پرواز لامڪان تائين آهي ٻيا فقير ڪئا مار آهن رنگ باز جهڙو اٿن اهي سڌن جا ڪئا ماريندا وتن انهن جي اڏام ٻرن تائين آهي. جيڪي زماني وارا ٿا ڏسو.
ڍونڍ ماڻهو لاءِ عفونت ۽ ڌپ آهي ڀرسان لنگهيو ته نڪ تي هٿ ڏيئي لنگهڻو پوندو. مگر ڪتن کي ڌپ اچي ته ڇر جي پون ۽ ڳولي وڃي کائن.

الدُنيا جِيفَه وَطالبها کِلاب
يعني، دنيا ڍونڍ آهي ان جا طالب ڪتا آهن.
دنيا جي ماڻهن جو اهو حال آهي ته هڪڙا ڊنگ ڪرسين تي ويٺا هوندا ۽ لوسي ڪتا سندن نوڪر آهن. بڇ تي اهي لوسي ڪتا به سر وڃي جلائن ۽ موٽن ته انهن جي اڳيان ڪوس ڪوس ڪن. دنيا جا ڪتا دنيا جي ڳالهه ۽ ڀئونڪان ڪندا آهن. اسان پنهنجي روح کان قُقُنسُ پکي واري ٻولي ۽ توحيد جي گفتار جو سروز ٿا وڄرايون. جيڪو هڪ دفعي توحيد جي جام يعني اسم اعظم سان مست ٿيو ته ڪڏهن به دنيا جي ڪاروبار ۾ نه ڦاسندو.
ملن قاضين کي سدائين قبر محشر جو خوف آهي. اسان نه قبر محشر جي خوف نه شفاعت ۽ بهشت جي اميد رکون. اسان موسيٰ واري لٺ آهيون جيڪي نفس جا فرعون آهن اهي ڳهي ڇڏينداسون. اسان جو وارُ وارُ آئينو ٿي پيو آهي. هر طرف کان حق کي ٿا ڏسون. روزائت ۽ نمازي سج جا پوڄاري سانڊا آهن. جيڪو ڪماليت تي پهتو ته ذڪر فڪر ڏهو چاليهو گوشه نشيني سڀ معاف ٿيس. اسم اعظم وهمن جو بندو آهي. جيئن کنڊ بند ڪبو آهي. نماز روزي سان وهم بند ڪونه ٿيندا آهن.
جيڪو اسم اعظم نه ڪمائيندو ته عزرائيل جي ظلم جو شڪار ٿيندو. اسم اعظم ۾ جيڪا حقيقت سمايل آهي. ان جي سُڌِ ڪمائڻ واري کي پوندي نه ڪمائڻ وارو انڌو رهجي ويندو.
وهندڙ پاڻي کي واهه چئبو آهي. بنا پاڻيءَ جي سڪل ڦٽل ڀڏو چئبو اٿس. آدمي به هلندڙ ذڪر واري کي چئبو آهي نه ته خالي ڀڏو آهي. اسم اعظم جي مدت پنج نوَ يا ٻارنهن ورهيه آهي جي چڙهي ويو ته واهه نه ته هن بوتي ۾ رهجي ويندو. عنقا پکيءِ جو آنو به ٻارهين مهيني ڦڙندو آهي. جي ڦڙيو ته آکيري مان اڏري هليو ويندو نه ڦڙيو ته وهمن ۽ خيالات جا گدڙ کائي ويندس جيڪو طالب مرشد کان ذڪر ورتي کان پوءءِ ڦري وڃي سو منافق آهي. جيڪو ڪامل مرشد کئون ڦريو سو رسول الله ﷺ کان ڦريو پير موليٰ علي کان ڦريو ۽ الله کان ڦريو. اهو علي نبي جو منڪر آهي. ڪافر مسلمان ٿي سگهي ٿو مگر منافق نا اميد آهي رسول الله ﷺ به ڦريل منافق کي جهنم جون بشارتون ڏيندو هو. اسان به منافق لاءِ محشر ۾ ملائڪن کي حڪم ڪنداسون ته ٻيانا ڪنڌ ۾ وجهي بُنڊ وانگر جهنم ۾ اڇلايوس، انهن ملائڪن جومهانڊو ڪولهن وارو آهي. هورنگ جا ميرا ۽ گوڏن تائين چڍيون پاتل اٿن هٿن ۾ ڏهه ٻارهن هٿ ڊگهيون ٻيانيون هونديون اٿن. ڏوهارين جي ڪنڌ ۾ اهي ٻيانيون وجهي دوزخ ۾ اڇلائيندا اٿن. انهن کي رسول الله به ڪونه ڇڏائيندو. اڃا بڇ ڪري مارائيندن.
فقير جو دشمن سنئون سڌو الله جو دشمن آهي. دنيا جو ظاهري مرتبو خواري آهي. باطن ۾ اهو دوزخ جو حقدار آهي. خودي روح کي نه هوندي آهي. روح جي عزت الله جي ذڪر ۾ آهي. محبت الاهي ڏي مائل ٿيڻ ۾ آهي. خلق کان منهن موڙڻ ۾ آهي.
جسم جو گهڻگهرو بت پرست آهي. اهو ملحد مشرڪ آهي. فقيري ان لاءِ اختيار ڪبي آهي ته جيئن مخلوق ڦري خالق ٿئي. مسٽر محمد علي جناح جيسين رعيتي هو تيسين ڪنهن ڪونه پي ليکيس. پوءِ اهڙي سرجوشي ڪيائين جو بادشاهه ٿي پيو. سڄو پاڪستان هن جو حڪم مڃڻ لڳو.
جيڪو صوفي ٻانهپ مان جند ڇڏائي عبد مان الله نه ٿيو ته سندس ذڪر اجايا. هي نفس جو ٻانهو رهجي ويو. جيڪو صوفي عبادت ٿو ڪري ته پڪ ڄاڻو ته هن الله ڪونه ڏٺو آهي. اسان وٽ هڪ مادر زاد انڌو آيو. اسان پڇيس ته سج جو رنگ ڪهڙو آهي؟ چوڻ لڳو ته ڪارو اٿس. اکين وارا مڃيندا ته سج جو رنگ ڪارو آهي. اهوصوفي جيڪو ظاهري عبادت ٿو ڪري سو به مادر زاد انڌو آهي. ان کي معرفت واري سج جي ڪهڙي خبر.
صوفيءَ ڏوهه نسوري. هوءَ جا عبادت عامن،
خبر نه خامن، پختن جي پروڙ جي

بيدل سائين طالب” موتو قبلل ان موتو“ ٿيو ته پوءِ هو پاڻ معشوق ٿي پوندو مسلمان به رسول الله ﷺ کي الله جو معشوق چوندا آهن. اها سچي ڳالهه آهي. معشوق جي عزت عاشق کان وڏي ٿيندي آهي. اسم اعظم جي شرابا طهورا پيئڻ واري کي محمد مصطفيٰ سمجهو جنهن ان سان صحبت ڪئي ته فيض پوندس. نه پيئڻ وارو ملعون ابوجهل آهي. ان جي صحبت ايتري خراب آهي ڄڻ يزيد جي اوڀر پيتائين.
مرشد جي هٿان جنهن اسم اعظم جو سرمون پاتو ته ان جي ديد عرش ڪرسيءَ کان پري لنگهي ويندي پاڻ سڃاڻو. مگر اوهان کي شهوت ۽ حرص ڀلايو آهي.فقير الله جا قاصد آهن. جيڪي الله جا پيغام ماڻهن کي ٻڌائن ٿا. پر افسوس جو هو نٿا ٻڌن. انهن کي الله جي ضرورت ئي ڪانهي. رنن جي ڀڙون جي ڳالهه به ڪن ڏيئي ٻڌن ٿا. انهن سان خوش پيا ٿين. انهن کي سُوا مينهن ڏيئي ٿا ڇڏين مگر فقير کي ڪڪڙ به نه ڏين جيڪو فقير الله جي ڀڙوت ڪري چوين ته الله کي ياد ڪريو ان کي نه وساريو چڱي طرح هلو چلو ان مهل فقير سان وڙهي پون مگر رنن جي ڀڙون سان ٺريو پيا ٺرن. عام ماڻهو اهڙا انڌا آهن گمراهه جي ساراهه ڪندا ۽ فقير کي ڪافر سڏيندا .
هڪ پڃري ۾ طوطو ۽ ڪانءُ ٻيئي گڏ ويٺل آهن. ٻنهي جي ٻولي ابتڙ آهي. طوطو چويس ته الله کي ياد ڪر. ڪانءُ چويس ته هل ته هلي ڪاٿي ڍونڍ تاڙيون کائي مزا ڪريون سڀاڻي گهٽ وڌ کلو جهلي وينداسين اسان به ٻين سنوان. هي ڳالهيون ٻڌي طوطو پريشان ٿي ويندو. ڪانوَ جي ڊگهي چهنب کئون پيو ڊڄندو ته متان جهرڪي وانگر کڻي وڃي.
جنهن زبان سان توبه ڪئي ان جي توبه قبول ناهي. جنهن زباني ذڪر ڪيو تنهنجو ڄاڻ دڳ ڀلجي ويو. عارفن جي حياتي حق سان آهي. جيئن وڏي عمر ٿيندس تيئن گهڻا ماڻهو فيض پيا پرائيندا. دنيا جي ماڻهن جي وڏي ڄمار ذلالت آهي. سندس پوين کي ڪتي ڌارڻ جي ضرورت نه پوندي پٽن جو ڪم نه وڻندس ته ڀوءنڪان ڪندو هي دنيا جا ماڻهو پراوا نوڪر آهن. جنهن ساري عمر پرائي خدمت ۾ گذاري ته ڄڻ ڇيڙ وڙهو. آخر ذليل ۽ خوار ٿي مرندو. هن جي موت مان پاڙي وارا عبرت پيا وٺندا.
هي نفس دائي جي مثال آهي. روح ماءُ جي مثال آهي. جيڪو ماءُ کي ڇڏي دائي جي ڪڍ لڳو تنهن کي دائي پرائي رت پونءُ جو پورهيو يعني حرام کارائيندي. دائي جي پليل ڇوڪر کي دم دم سان جهنم جو ديدار حاصل ٿيندو. ڇاڪاڻ ته روح ماءُ جو چيو نه ورتائين روح جو چيو وٺي ها ته هن جو عروج عرش کان پري وڃي ها ۽ معرفت جو نور نصيب ٿئيس ها. مگر هن بوتي جي دائي نفس جو فرمانبردار ٿيو تنهن ڪري کيس جهنم ۾ پهچايائين.
طالب جي روشنائي ذڪر جي آڌار تي ٿيندي جيترو ذڪر کي زور هوندس اوترو ديدار حاصل ٿيندس. جيڪڏهن نفس ۾ اڙيل هوندو ته ذڪر ڪمائڻ سان صفاتي شهود ٿيندس. پاڪ صورت ڏاڙهي سان ڏٺائين ته اڃا نفس جو قيدي آهي. دل جي روشنائي نه اٿس. طالب جيڪڏهن توحيدي ڪلامن تي عارفن جو صورتون جاڳندي ڏاڙهيءَ سان ڏٺائين ته اهي سهي اٿس سازن تي جاڳندي به اکين تي نشو طاري ٿي ويندو آهي پوءِ سڀ عارف ۽ عرش جو مالڪ به ايندو آهي. جنهن جو ديدار ٿيندس. السماع معراج الا ولياءُ يعني آسمان ڏانهن سواءِ پرن جي طالب اڏرندو ۽ سندس مرشد کيس رهبري ڪندو.
عارف عاشق انبياءَ ۽ اولياءَ امام سڀ بادشاهه لم يزليءَ اڳيان ستارا آهن ۽ هو پاڻ حقيقت جو آفتاب آهي. جنهن به عارف يا عاشق جو ڪلام يا ڪتاب پڙهبو ته اهو عاشق اچي حاضر ٿيندو. پڙهندڙ کي ڪونه ڏسبو مگر هو گڏ پيو پڙهندو. اهو قدرتي قانون آهي. تکو طالب اهو آهي جيڪو اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل ڳالهيون ڪري. اسان جو ظاهري نالو بادشاهه لم يزليءَ فولاد مشرقي رکيو آهي مگر ملڪوت ۾ اسان جو لقب سلطان العارفين آهي. يعني عارفن جو بادشاهه الله تبارڪ تعاليٰ خلق جي هدايت لاءِ بقا باالله جي منزل واري عاشق کي موڪليندو آهي جيڪو نبيءَ جي برابر آهي. ان لاءِ حديث شاهد آهي ته الشيخ في قومهٖ لَکَ فيِ اُمَّتِهٖ .يعني جنهن قوم ۾ عارف يا عاشق موجود آهي ته اهو ڄڻ پنهنجي امت جو نبي آهي. هر قوم ڏانهن خدا هادي موڪليندو آهي. يونان عراق جي ملڪن ۾ذات حق جي واصلن کي نبي سڏبو آهي. يونان حڪيم سڏبو آهي. هندوستان ۾ اوتار سڏبو آهي. سنڌ ۾ عاشق ۽ عارف سڏين. حضرت رسول الله ٻه دين هلايا هئا. (1) ظاهري دين روزا نماز حج زڪوات خيرات وارو دين.(2) لدني علم وارو دين. باطني يا لدني علم سان الله ڏسبو آهي ظاهر علم ۽ دين سان الله ڪونه ڏسي سگهبو آهي.
رسول جي ظاهري دين کان وڌيڪ الله جي دفتر ۾ ٻيو ڪوبه دين ڪونهي. اسان کي الله جي جهڳي جي پوري خبر آهي. تنهنڪري عارف به ان دين جي تائيد ڪندا آهن. مگر عام ماڻهن کي رسول الله ﷺ ظاهري دين جو سبق ڏنو ۽ خاصن کي لدني دين جو سبق ڏنائين جيڪو:وَالذْکرْ رَبَّک فِی نَفْسِکَ تَضرِّعَا وَّخِیفَتہَ ودُونَ الجَھْر وَلٰا تَکُونُو مِنَ الغَافِلیِنَ ”. يعني پنهنجي رب جوساهه سان ذڪر ڪريو.زاريءَ سان ۽ آواز کانسواءِ ڳجهي طرح غافلن مان ٿيو. اهوسڀ فيض رسول الله ﷺ موليٰ عليءِ کي عطا ڪيو. جتان ڪائنات ۾ پهتو اسان جا رهبر به اهيئي آهن ۽ اسان جو يقين ۽ اعتبار به انهن تي آهي. پاڻ رسول الله جن به دم واري ذڪر سان معراج ڪيو هو اهل صفحه وارن کي صرف ذڪر لاءِ رهايو هئائون. جيڪو اڄ تائين هلندو پيو اچي. قيامت تائين هلندو. اهل صفحه وارا صوفي الله جي دين جا طالب ٿيا هئا. جن جي لاءِ قرآن ڪريم جي ٽئين سيپاري ۾ فرمايو آهي. للفُقَراءِ الَذِین اُحصِرُو فیِ سَبیل ِاللہِ اسان جو رهبر رهنما علي المرتضيٰ من عرف نفسه فقد عرف ربه نه فرمائي ها ته اسان جيڪر منجهي مري وڃون ٿا. جيئن ڪو مسافر بر ۾ منجهي ۽ کيس بگهڙ کائي وڃن. دنيا جو جهان بيابان آهي. جنهن ۾ ڪيتري خلق ذات حق ۽ رسول الله جي ديدار کانسواءِ خيالات جي بگهڙن کائي ختم ڪئي آهي. تيئن اسان کي رهبريءَ کانسواءِ خيالات جا بگهڙ کائي وڃن ها. مگر هاڻي اسان بي خوف آهيون. لاخوف عليهم ولاهم يحزنون اسان آهيون اها آيت اسانجي شان ۾ آهي. اسان ڪوڙ ڳالهايون ته اسان تي. نه ته شڪ ڪندڙن تي لعنت آھي. اسان جڏهن من عرف وارو سندرو ٻڌي هلياسون تڏهن الله رسول ۽ مولا علي سڀ ڏٺا سون. اصل ۾ ٽيئي هڪ آهي مگر عامن لاءِ ٽي نالا آهن. الله جو ذڪر اهڙي پناهه آهي جيئن شينهن جي پناهه ۾ لومڙي رهي ۽ سندس اوبريون کائي خوش گهمندي وتي. ماڻهو الله جي ڳالهه کان ڀلجي ويا آهن. حقي قبلي کان سندن مٿو ڦري ويو آهي. ڪي اتر نه ڪي ڏکڻ ڪي اوڀر ڪي اولهه ٿا وڃن. سياڻن کان قبله ڪو نه ڀليو آهي. ماڻهن جو دين ايمان دنيا جو ڍونڍ آهي. کين الله جي ڌپ وڻيئي نه ٿي. جيئن ڍونڍ تي ڪانوَ ڪتا ۽ ڳجهان حيران آهن تيئن هي دنيا وارا به ان دنيا تي حيران آهن. خلق ناسوتي آهي ناسوتي لفظ کي بگاڙي ناسودي ڪيو ويو آهي. ناسوت هن جهان کي چئبو آهي، عزرائيل سندن تاڙ ۾ آهي مگر هي سڃاڻن ئي ڪونه ٿا.
ختمن ۽ جماڻن جي چانورن تي ڪانون وانگر وڃي گڏ ٿين، چون ته هي ختمون فلاڻي جو آهي. مگر ڪڏهن ته سندن مٿان به عزرائيل اچيو وڃي. جيڪو طالب ڪري ڪندو تندرست رهندو نه بيمار رهندو. رسول الله فرمايو آهي. ته مڙس اهو آهي جيڪو ٻه گهمرا ڄمي هڪ گهمرو ته ڪتو به ڄمي ٿو خدا. انجيل ۾ فرمايو آهي.
لم يلد ملکوت السموات ثم تولد مرتين.
هن بوتي جي خدمت ۾ رهندي ته روح ڏٻرو ۽ ضعيف ٿي ويندو.
روح کي اسم اعظم جو طعام کاراءِ ته هن بيڪار بوتي مان نڪري معراج تي وڃين. جيڪي ماڻهو نماز روزو به ڦٽو ڪن ته ذڪر به نه ڪن ته اهي گمراهه آهن ۽ جهنمي آهن. مگر جنهن کان اسم اعظم نماز روزو ڇڏايا اهو وحدتي آهي. ان کي الله جو لقاءُ نصيب ٿيندو. طالب جڏهن ذڪر جي شوق ۾ ڪعبه قبلي جا واسطا ڇڏيا. آهن. تڏهن ديدار ٿيندس. مگر بنا ذڪر جي واسطا ٽوڙيائين ته جهنمي آهي. جيستائين آدمي جسم جو قيدي آهي تيستائين کيس. عبادت ڪرڻي اٿس. جي عبادت نه ڪندو ته ڏوهاري ٿيندو. جيڪي الله جي دين ۾ داخل ٿيا تن تي ربوبيت جو ڪم رکيل آهي. ان ۾ ئي مس پورا آهن نماز ٻانهن تي جسماني زڪوات آهي ربوبيت واري تي زڪوات ڪانه آهي. ربوبيت وارا فقير جسماني ڍڳو حوض ڪوثر جي ساقيءَ اڳيان قربان ڪرڻ لاءِ سنبريا بيٺا آهن. جسم جا قيدي ان جسم جي ڍڳي جي هر وقت خدمت ٿاڪن. ابراهيم واري آڙاهه ۾ ابراهيم جهڙو ويندو ٻيو ويندو ته سڙي ويندو. شهوت جي باهه نمرود آهي زالون پٽ باغ ملڪيتون ماسوا الله سڀ شهوت آهن. الله جايون ٺاهيون آهن. (1) اعليٰ مڪان (2) هيٺين جاءِ. ماڻهو مختلف قسمن جا آهن. ڪي اعليٰ مڪان جا حقدار ته ڪي وري بهشت جا حقدار، هر ڪنهن کي محنت آهر. جاءِ ملندي جيڪو نفس شهوت جي غرقاني ۾ هوندو ته ان کي دوزخ ۾ جاءِ ملندي جنهن جي باهه ڪاري آهي. ظاهر ۾ جيئن عام خاص کي عزت آهر جاءِ ملندي آهي اُتي به ائين آهي.
الله آدم کي عرش تان لاهي دنيا ۾ ڦٽو ڪيو پر هار هالي ڍور وانگر هڪ بنڊي جسم جي کڻي ڪنڌ ۾ وڌائينس ڇو ته روح عرش جو هيراڪ آهي ۽ هيٺ نه رهندو. موٽي ايندو جيڪا هستي اها بنڊ ٽوڙائي اچي ته ڀلي اچي. الله آدم کي عاشقيءَ ۽ معشوقي جي فراق جي چَسَ لاءِ آندو آهي. نڪي ڪثرت جي ڪمن لاءِ مگر هت تي ڪي ماڻهو زالن تي عاشق ڪي پٽن تي ته ڪي دنيا دولت تي عاشق آهن. الله جا عاشق بلڪل ٿورا لڀندا. ماڻهو چوندا آهن ته الله جو دروازو وڏو آهي. مگر اهو دروازو صرف ٽي گراٺون آهي. هن عشق جي ڳجهارت کي ڪو سمجهندو. عام ڪونه سمجهندا.
نفس سامري گابو آهي.جنهن خلق گمراهه ڪئي آهي. هي تڌهن ختم ٿيندو جڏهن حضرت موسيٰ اچي ڪهندس. دلين جو ملڪ آزاد ٿيندو. موسيٰ جي امت دم آهن. اڃايل ننڊ نه ڪندو. اڃ جي معنيٰ سِڪَ آهي ذات حق پاڪ جي سِڪ وارو ننڊ نه ڪندو جيستائين ڏسي نه قيامت ۾ الله جي ڏسڻ وارو وعدو ڪوڙو اٿو. جيڪو هت الله کي ڏسندو هت به اهو ئي ڏسندو. جيئن عزيز نبيءَ پٽن کي چيو هو ته مان سئو ورهين کان پوءِ موٽي ايندس، سئو ورهين کان پوءِ جڏهن آيو. ٻيو روپ وٺي آيو ته هڪڙي پٽ کيس سڃاڻي ورتو. سو مست ٿي پيو ٻين نه سڃاتو پڇيائونس ته بابو ڪڏهن ايندو کين چيائين ته منهنجي پويان ٿو اچي. هيو پاڻ عزيز عليه السلام. مگر هنن کي دلاسو ڏنائين. الله به ائين دلاسو ڏنو آهي.
ماڻهو درياهه جي ڪپ تي سمهيا پيا آهن.ان مان لپ ڀري نه ٿا پيئن رڃ ڏي ڀڳا ٿا وڃن. دم جو درياهه وهي ٿو. دم سجايا ڪن ته اڃ لهي پوين. هڪ دفعي الله ڏسن ته جان مال سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏين. مگر هنن سڀ ڪجهه نفس تئون سر قربان ڪري ڇڏيو آهي. ان ذات کي ڏسن ته کاڌن پيتن مان ڌپ اچين پر هي ڪتي وانگر دنيا جي ڍونڍ تي حيران آهن. جيئن ڌپ گهڻي تيئن ڪتا خوش ٿين. ماڻهو چون ٿا ته دنيا به هجي ۽ الله به ملي. ٻه گدرا مٺ ۾نه ايندا آهن. دنيا گهرندا ته دنيا ملندن الله گهرندا ته الله ملندن جيڪوالله کي اکئين ڏسندو اهو حقي مسلمان آهي نه ته ماڻهو رسمي مسلمان آهن هي نفس ڏهن ٻارهن سالن جي مسلماني جي سبق پڙهائڻ سان مس ٿو وڃي. مسلمان ٿئي نه ته ڪٽو ڪافر آهي، اسان جيڪي ڏٺو آهي اها ڳالهه زبان سان ڪريون ته زبان ڏري پوي ۽ اسان وٽ جيڪو حُسن جو بادشاهه لم يزلي آهي ان جو برقعو لاهيون ته جهان جا ماڻهو سڙي مري وڃن، يوسف جو جوڙيندڙ اسان وٽ آهي.
آدمي ۾ معرفت جو نورسج جي مثال آهي جيڪو هوسن جي رئي سان ڍڪجي ٿو وڃي. آدمي سڌان ترڪ ڪري ته حقيقي مسلمان ٿيندو. سڌن بند ڪرڻ جو ڏس ڪنهن عارف کان پڇيو نه ته نفس تحت الثريٰ جي تري ۾ هڻندو. جن سڌان ختم ڪيون تن جي مٽي ٿي چمجي. سارو جهان خوديءَ ختم ڪيو آهي. مگر عارفن خودي ختم ڪئي آهي. نفس گبر ۽ يهودي آهي الله جو دين قبول نه ڪندو پر دنيا جو دين اٿس. ڇو ته دنيا ۾ ظاهري سک آهن. الله جي دين ۾ ڏک آهن. روزو نماز ائين آهي جيئن پڌر تي ڏيئو ٻارجي ۽ ٿوري هوا تي وسامي وڃي. مگر ذڪر خدا جو وڄ وانگر آهي جو اهو پاڻيءَ تي به وسامنديءَ ڪانه مگر زور وٺندي آهي. جنهن کي ذڪر جي باهه لڳي ته جيستائين نفس سڙي نه ويندس تيستائين باهه ڪانه وسامندي.
مصر جون زالون يوسف کي ڏسڻ آيون. ڏسڻ سان پنهنجا هٿ ڪپي وڌائون جيڪو يوسف جي خالق کي ڏسندو سو دنيا عقبيٰ تان هٿ ڪپائيندو.
روح نوح آهي نفس ڪنعان آهي. ۽ دنيا هن جي زال آهي. دنيا جو جهان طوفان آهي. ذڪر نوح واري ٻيڙي آهي. دنيا ۽ نفس ان ٻيڙيءَ تي نه چڙهندا. هستيءَ جي جبل تي ويندا . جتي ٻڏي مري ويندا.
نفس فرعون آهي. روح موسيٰ آهي ۽ ذڪر موسيٰ واري لٺ اٿس جيڪا فرعون جا سڀ جادوگر ڳهي ويندي ۽ فرعون کي عشق جي درياه ۾ غرق ڪندي.
دنيا وانگر دنيادار به بدمعاش آهن دنيا جا ماڻهو ڪانو آهن. فقير عاشق عشق جا شهباز آهن. دنيا جا ماڻهو عارف جي صحبت کان ائين پري ڀڄندا جيئن ڪانوءُ شهباز کان ڀڄي. روح جو لائق معراج آهي ۽ نفس جو لائق قبرستان آهي. جنهن ساري عمر گمراهيءَ ۾ گذاري ان جي منهن ڏسڻ جو ڪهڙو ضرور. وڏيرن ۽ زميندارن جو جيڪو حال ٿيندو تنهن جو قرآن شاهد آهي. اها خبر الله کي الله جي رسول کي ۽ فقيرن کي آهي. دوزخ جي داروغن کي انهن جي پارت ٿيل آهي. جڏهن اتي پهچندا ته پاڻ ڏسندا. روح سليمان نبي آهي.اهو نفس کائنس دل وارو تخت کسيون ويٺو آهي. منڊي به چورائي ويو اٿس. اسم اعظم واري منڊي هٿ ڪندو ته تخت ملندس، جسم جهان مثل آهي ۽ اهو جهان جيل آهي جيڪو جسم جو مطيع آهي سو قيدي آهي، جيڪي ان قيد مان نڪرندا اهي بادشاهه آهن. هي رسمي دين عشق جو منڪر آهي جيڪو اسم اعظم سان ذات حق اڳيان ڪٺو سو حلال آهي. جيڪو بنا تڪبير جي عزرائيل گهٽي ماريو سو حرام آهي. ذڪر جو پاڻي مٺو آهي. نفس جون سڌان ڪوڙو پاڻي آهي. جيڪو ڪوڙو پاڻي پيئندو سو انڌو ٿي پوندو عاشق ڪعبه ۾ ڄمي توڙي بتخانه ۾ ته به اهو نور الاهي آهي هن جي ذات نه پڇو. عاشقن الله جي پوشاڪ پاتي آهي. رسول الله جو فرمان آهي ته دنيا ڍونڍ آهي. سندس ڳوليندڙ ڪتا آهن، ڪتن جو قوت هوسان آهن. سڄن جو قوت ذڪر الاهي آهي. ٻيون پهلوانيون ڪريو ٿا. مگر روح ۽ ساهه نه سڃاتو. ساهه کانسواءِ هي بوتو ٻن پهرن ۾ ڌپ ڪري ويندو. جن روح ۽ ساهه کي سڃاتو سي وحدت جي درياهه ۾ غرق ٿيا.
ماڻهن کي سمجهه نه آهي جن شين کان رسول الله منع ڪين ته انهن عملن کان نه مڙيا پنهنجي روح کي بيمار ڪري ڇڏيائون وصل کان رهجي ويا. روح ابراهيم دم اسمائيل ۽ نفس ڪافر آذر آهي. هوسان بت اٿن. جيڪو ابراهيم وانگر ذات حق جي اڳيان نفس جا بت ڀڃندو ته ان تي ابراهيم وانگر آڙاهه به باغ ٿي پوندو.
نفس جو جڏهن ڍئو ٿيندو ته فرئون وارا ڪم ڪندو. سياڻپ کان ڀورڙائي چڱي آهي. سياڻو ته ڪانءُ به آهي. جيڪو ڍونڍ کائيندو آهي. بلبل ڀورڙي آهي گلن تي ويهندي ۽ ميوات کائيندي آهي جنهن ڳالهه جي الله رسول منع ڪئي آهي.فقير اوڏانهن اصل نه وڃن.ملان ڳالهيون شريعت جون ڪندا سندن عمل ابتا هوندا. جنهن پاڻ کي ڏٺو ته عشق جي مستيءَ به ان تي معراج به ان تي پوءِ اهو پاڻ الله ٿي پيو ٻيو هن جو الله ڪونه آهي. حضرت قلندر پاڪ ٿو فرمائي ته“ الله نه گوئيم که درشرک بما نيم” يعني ٻيو الله نه چونداسين ڇو ته شرڪ ۾ رهجي وينداسين. ملڪوت يمن آهي هي جسم اڌوڙ اٿوَ يمن جو ستارو ڏسڻ سان طالب رڱجي ويندو ڏسڻ سان غير ڇنڊجي صفا ٿي ويندس. مڪلوت واري ستاري جو نالو نه کڻبو ڇو ته مسلمان ان نالي کان کپندا آهن،
نوح وارو طوفان به نفس جي شامت مان ٿيو هو.ڪربلا جو ڪيس ۽ قتل يزيد پليد جي نفس ڪيو هو. ڪوئٽيا جو زلزلو به لم يزلي بادشاهه کي نفس چيڙائي وڌو هو. لوط وارو شهر به نفس غرق ڪرايو. اڄ تائين اهڙا گهڻا مثال آهن. اسان به سنڌيءَ ۾ ماڻهن کي سمجهايون ٿا ته نفس جي حڪم مڃڻ کان بچو. نفس کان پاسو ڪري الله جي ذڪر سان رهو جيڪو عين دين آهي. ائين ڪندئو ته بچاءُ ٿيندو نه ته نفس سوارٿي ڪنهن اونهيءَکڏ ۾ ڪيرائي وجهندوَ، هي جسم دوڪان مثل آهي. ڪنهن دوڪان ۾ پراڻا لتر ۽ موچڙا رکيل آهن ته ڪنهن ۾ ڪپڙا ته ڪنهن ۾ مٺاڻ رکيل آهي. هر ڪو انسان مختيار آهي جنهن کي جيڪي وڻي سووهائي.
مڙس اهو آهي جيڪو پنهنجو طواف ڪري. جيڪو ائين نه ٿو ڪري سو ڀليل آهي. حديث ۾ آيو آهي ته قلب المومنين بيت الله، يعني مومن جي دل الله جو گهر آهي. فارسي ۾ آهي ته “راه خدا سوئي آسمنان نيست، راه خدادر قلب مومنان است” جو رستو آسمان جي طرف نه آهي مگر الله جو رستو مئومنن جي دل ۾ آهي. جيڪو ماڻهن جو اڳواڻ آهي سو ماڻهو نه آهي مگر ڏاند آهي. ڪچي ڪاٺي جاڏي نوائبي ته نوين پوندي سڪڻ کانپوءِ نوائڻ سان ڀڄي پوندي. ائين جيڪو ننڍڙائي ۾ الله ڏي لاڙبو ته لڙي پوندو مگر ڪراڙو ماڻهو نه لڙندو.
ماڻهن کي ٻالپڻي کان وٺي مائٽن رسمي دين سيکاريو آهي تڏهن اهي اهو بُنڊ کنيون ٿا وتن. مسلمان جي ننڍڙي ٻار کي جيڪڏهن ٽڪاڻي ۾ پالبو ته ٻاڻيون پيو پڙهندو ۽ تپشائون پيو ڪندو. ڌوتي ٻڌي پيو گهمندو.جڻيو ٻڌي سمرڙي پيو. پڙهندو صبح جو سنان ڪري ڪٿا پيو ٻڌندو. ٽڪاڻي ۾ مٿو پيو ٽيڪيندو. ڪڻاهه پرساد پيو ڪندو. وري جيڪڏهن هندن جو اهڙو ننڍڙو ٻار مسلمانن وٽ ڇڏجي هن کي عربي فارسي پڙهائيندا. جڏهن وڏو ٿيو. ڳئون دسي ڪهندو. طوهر تي به ڦنڊر ڪهرائيندو. واهگروءَ کان وَنءٌ پيو ويندو. ڏاڙهي کڻي ڇڏيندو. واڻين تي ٽوڪون پيو ڪندو. ان رسمي دين جو اهو حال آهي.
ان لاءِ رسول الله ﷺ جن حديث فرمائي آهي ته

کُلُ مَولُود یُولَد عَلیٰ فِطرت لابواھہ یَھُودَانِہ وَیَمجِسانِہٖ اَونَصرَانہِ
يعني هر هڪ ٻار پنهنجي مائٽن جي فطرت مطابق ٿو ڄمي. سندس مائٽ توڙي يهودي هجن يا مجوسي هجن يا نصارا هجن.
حقاني دين اهو آهي جيڪو رسول الله ﷺ جي هٿان ٿو ملي، ڪامل مرشد جو هٿ الله جو هٿ آهي. رسول الله ﷺ جو هٿ آهي، قرآن گواهه آهي ته “انما يبايعونک يد الله فوق ايديهم” يعني جنهن رسول تنهنجي بيعت ڪئي ته تنهنجي هٿ مٿان الله جو هٿ هو”. يعني گويا الله جي بيعت ڪيائون. نفس جي پالنا پرهيز گارن وٽ ٿئي ٿي. اتي شيطان ويٺو آهي ٻڪن واري دعا جو قبول پوڻ مشڪل آهي. جيڪو ذات حق ۾ گم نه ٿيو ته عرش کان باطني طرح سندس لاش تي به باهه جا الا پيا ڪرندا. سندس غفلت وارا خيال سڄي عمر وارا الن جي شڪل اختيار ڪندا.
عارفن جو سڀ صورت ۾ سير آهي. ملان نفس جا تابع آهن. ماڻهن کي ايذائڻ کان نه رهندا آهن ڇو ته سندس نفس جيئرو آهي, جيڪو حق جي وصال کان محروم ٿيو اهو حيران آهي. حرص واري جو علاج ڪونه آهي اسان اتي وياسين جتي ٻئي جهان ٽپ ڏين ته به نه پهچن اها اسان جي آرام جي جاءِ آهي
اسان کي جيڪو ڳوليندو سو نه لهندو.اسان اتي ويا آهيون جتي ملائڪن جي پهچ به ڪانهي. هلندڙ طالبن جي ذڪر جو چڙو وڄندو پيو .جڏهن شهر ۾ ويا ته سندن چڙو به بند ٿي ويندن. هي آدمي ائين آهي جيئن پاڻي تي ڦوٽو تري. رهي به درياهه سان گڏ ٿو. مگر جڏهن درياهه کي سڃاڻي ٿو ته ساڻس ملي هڪ ٿي وڃي ٿو. نه ته ڀليو ٿو وتي. آدمي اصل بي شناس آهي جو ڄمڻ سان ماءُ جي رت ٿو چوسي. پوءِ ٻين سان ڪهڙي نيڪي ڪندو. يوسف پهرياڻ جي اندران ويٺو آهي. جنهن پهريان لاٿو تنهن ڪاڻ يوسف پڌر تي آهي. جنهن نه لاٿو تنهن ڪاڻ يوسف گم آهي. ڪعبه ۽ بت خانه ۾ ڪجهه به نه آهي ماڻهو لاحاصل موٽي ايندو. ڏسندو ڪجهه به نه جيڪڏهن توکي معرفت جو ملڪ ڏسڻو آهي ته اڳ ۾ نفس کي ترڪ ڪر ته راز جو واقف ٿئين،
اسان عشق جي عبرت جو ساز آهيون ڪنن مان ڪپهه ڪڍ ته اسان جي ساز جو آواز ٻڌين. جيڪو سڙندو سو روشنائي ڪندو. جيڪو عشق جي باهه ۾ نه سڙندو سو عزرائيل جي غضبي موت ۾ سڙندو جيڪو گمراهه آهي ان لاءِ به عزرائيل تيار ويٺو آهي جيڪو سپ ڳوليندو تنهن کي موتي لڀندا. جيڪو نه پڇندو تنهن کي خيالات جا گدڙ کائي ويندا. لالچ نانگ مثال آهي. جيسين پاڻ مان نه نڪرين تيسين هوس نه ڪجان ته مان ڪو معنيٰ جي ملڪ جو مالڪ آهيان توڙي قرآن پڙهين يا ستر حج ڪرين. جيڪڏهن روزي نماز مان ڪجهه ٿئي ها ته ڪٻر مان هماءٌ ٿئي ها. ظاهري عبادت مان فيض ملي ها ته عزرائيل کي گهڻو ملي ها. هاڻي ويچاري تي هر پاسي کان لعنتن جا وسڪارا اٿس. نماز مان خودي پيدا ٿيندي آهي. نماز ۽ خوديءَ جو شيطان دشمن آهي. جيڪو الله کان گمراهه آهي سو سوئر وانگر جڏهن پوک جي مالڪ ڏٺس ته ڏڦو هڻي ماري وجهندس. ماڻهن جو نفس گڏهه آهي دنيا زال گڏهه اٿن جيسين انهن سان هوندا تيسين الله ڏي ڪونه هلندا.
نفس چوي ٿو ته آسمان کان پرتي ڪو ملڪ هجي ها ته ضرور آسمان کي ڪو ٽنگ هجي ها. روح چوي ته برابر پرتي ملڪ آهن. ان الماعون ملڪ بي پايان آهي مان جڏهن دنيا ۾ نه آيو هوس ته اتي رهندو هوس. ملڪوت جبروت لاهوت سڀ ملڪ منهنجا ڏٺل آهن. اهي سڀ منهنجا واهيرا هئا. اڙي نفس مان جڏهن ماءُ جي رحم مان آيس تنهنجي کاڌن پيتن ۽ لذتن اهي واهيرا وساري ڇڏيا. تو جيڪا کاڌي جي ڄاروڇائي ان ۾وڪوڙجي ويس،اڙي نڀاڳا نفس تو روڪيو آهي نه ته مان ڪڏهن ڪڏهن پرواز ڪري اوڏانهن ويندو آهيان.هت ماڻهو واپاري ٿي آيو آهي جيڪو وکر وڻيس سو وهائي. ڪي موتي وهائين ڪي موچڙا وهائين. جيڪي ڪلالن وٽ مٽن جي ڀر ۾ رهندا آهن تن کي کائڻ پيئڻ کان نفرت ايندي آهي. طمع نفس جي پوک آهي، ان پوک کي نه ان نه پن ٿئي.
هن سيني جو عجب ٿو لڳي، جو آهي به حقيقي ڪعبه مگر منجهس مڙهي وارا خيالات جا بت لات منات ۽ عزيٰ به موجود اٿس. الله جو ذڪر منجهس نه هلندو ته اهي بت زور وٺي ويندا ذڪر کانسواءِ بت خانو آهي، ان سيني ۾ وسوسن وارو خناس ٿو رهي، جنهن سيني ۾ والذکر ربک. في نفسک. ويد خلون في دين الله وارو دڳ هٿ ڪيو ته ان سيني ۾ ٻنهي جهانن جي رحمت محمد مصطفيٰ ﷺ جي رهڻ جي جاءِ آهي، رات جي جاڳڻ مئون فقير عارف ٿيا. طالب ننڊ ڪندو ته ديدار نه ٿيندس. شاهه اعظم به ننڊ نه ڪندو آهي. تڏهن جاڳندڙ جاڳندڙ کي ڳولي لهندو آهي. ذات حق پاڪ ٽن هنڌن تي آرام ۾ آهي چوٿين هنڌ آرام ڪونه اٿس. هي رات جو اوجاڳو ڪري سڏ ڪريس ته هي قرار ۾ ۽ هو بيقرار ٿيندو. مثال دنيا جا مجازي عاشق معشوق ڏسوٿا معشوق نه ملڻ تائين عاشق بيقرار هوندو آهي ۽ معشوق قرار ۾ هوندو آهي. وصل کانپوءِ عاشق قرار ۾ ۽ معشوق بيقرار. ان طرح ظاهر ۽ باطن جو ساڳيو دستور آهي. جيڪو اسم اعظم ۾ سر ڏيندو اهو حقيقي مسلمان ٿي نفس ڪافر کان جان ڇڏائي واندو ٿيندو. نماز پڙهڻ نفس جو مڪر آهي نماز سان به کيس مسلمان نه سمجهوس. نفس جي ڏاڏي شيطان ڇهه هزار نوسئو ستر ورهيه نمازون پڙهيون ته به مسلمان نه ٿيو. هي به ان جي اولاد آهي. نفس بادشاهه آهي. شيطان وزير اٿس. رسول الله فرمايو آهي ته جنهن زالن ۽ نفس جي صلاح ورتي ته اهو کوهه ۾ ڪرندو. انهن جي مخالفت ۾ اصلاح اٿَوَ
عشق جو ملڪ فنا ۽ بقا جي ملڪ کان گهڻو پري آهي. عاشق جي رهائش ان ملڪ ۾آهي. اهو ملڪ اسم ذڪر اسم اعظم کان ويهوڻ پري پنڌ تي آهي. جڏهن ذڪر جي مستيءَ پيدا ٿيندي تڏهن طالب بوتي مان نڪرندو. پوءِ شراب جي مستي پيدا ٿيندس. شراب جي مستي کانپوءِ صوفي هوشيار ٿيندو ۽ وري ٽين مستي پيدا ٿيندس. ان کانپوءِ چوٿين مستي پيدا ٿيندس.جيڪا بقادار هوندس اڃا ٽين مستي جي ڪا ڳالهه آهي جيڪا نه ڪبي.
نفس جو هٿيار اهڙو آهي. جو راڄ گنوائي ڇڏيائين.سڌون ۽ شهوتي خيال نفس جو هٿار آهن.
اسان کي عشق جي ڪلال خاني ۾ لت ڏئي کڻي ڪٺائون تڏهن حلال ٿياسين نه ته حرام هئاسون. جيڪو نفس جي هن قلع ڪوٽ کي ڀڃيندو تنهن کي سلطان العارفين جو لقب ملندو. حاجي انڌا آهن جيڪي ڀت کي طواف ٿا ڪن. وَنحنُ اَقربُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيد. واري الله کي طواف ڪن ها ته اڪبري حج ٿئين ها. سج ۽ چنڊ کي اسان جي روشنائي ڏنل آهي. ٻئي جهان اسان جي هوش ۽ عقل تي حيران آهن اسان هت فنا جي شهر ۾ انا الحق جو نعرو هنيو جنهن ڪري ملن ۾ اچي ڦڙ ڦوٽ پيئي. ماڻهو اسان کي ڏسي لاحول ٿا پڙهن مگر باطل ۾ اسان جو ذات حق جا وزير اعظم آهيون. دنيا ۾ تبليغ لاءِ ٿا رهون ته من ڪو الله ڏي هلي.
لوح محفوظ ۽ لوح قلم ۾ اسان جي عمر 63 ورهيه لکيل هئي مگر هاڻي 90 روهيه ٿيا آهن. رهون پنهنجي اختيار سان ٿا. جڏهن مرضي پيئي ته هليا وينداسون. جسم جي گهڙي ڀڄڻ کانپوءِ طالب آب حيات پيئندو اڳ ۾ لائق نه آهي ماڻهن جي اڳيان عشق الاهي جو نالو کڻڻ ڪبيرو گناهه آهي. راڻي مومل جي ڳالهه ٻڌائين ته ڪن ڏئي پيا ٻڌندا. شهوت جي ڳالهه ٻه ٻه ڀيرا پيا ٻڌندا.
دم عيسيٰ روح الله . تون دمن جي وسنوَ ۾ الله کي وسارين ٿو مگر جڏهن سڃ ۾ منزل ٿيندءِ ته هٿَ هڻندين. جن پٽن ڪاڻ مرين ٿو اهي ياد به ڪونه ڪندءِ ڪتو ياد هوندن مگر تون وسري ويندين.
استغراق ڪري پاڻ کي طواف ڪر ته آزاد ٿئين. چوربتي جو دشمن آهي.اڳ ۾ بتي وسائيندو پوءِ چوري ڪندو. قلب ۾ جيڪا ذڪر جي روشنائي هوندي سا گمراهي جي اونداهيءَ سان ختم ڪندو. ۽ پوءِ سولو شڪار لڳندس. روح جي باز کي نفس جي ڏور جو ڏاوڻ پيل آهي. جڏهن اهو ڏاوڻ ٽٽس ته هڪدم اڏاڻو هليو ويندو. روح ترار آهي بوتو ڪاٺ جو مياڻ اٿس جنهن ۾ پيل آهي. ڪو ڪاريگر.ان مياڻ مان ڪڍيس ته هيري جي ترار جو ڪم ڏيندي جي نه نڪتو ته ڪاٺ سان گڏ ڳري ويندو
“ اگر به آسمان نه رود هما تيغ چوبين است ”
يعني اهو روح آسمان ڏانهن نه هليو ته ڪاٺ جي ترار آهي.
کاڌن پيتن ۽ شهوت جي ذوق ۾ جيڪو ڦاٿل آهي سو ڄڻ ڪتو يا سوئر آهي ڇو ته منجهس انهن واريون عادتون آهن. سڏائين ٿو عيسيٰ ۽ هينگ گڏهه واري ٿو ڪرين جيڪو صوفي زمينداري ٿو ڪري سو گڏهه اهي الله سائين هڪڙن کي روحاني ذڪر ڏنو ۽ ٻين کي دنيا جو هڏو ڏنو آهي پوءِ جنهن کي وڻي ته ذڪر ڪمائي يا هڏو چوپي. عشق ناڙي آهي مان نڙ آهيان جيئن ٿو وڄان تيئن ٻوليون ٿو ڪيان.
مولا عليءَ جي هٿئون جنهن ڪافرنفس کي مسلمان ڪرايو ته پوءِ سئي مان ترار ٿي پوندو. الله ڏي نه هليئن ته ٽڪرجي مم آهين ٻار به ڏسي ڀڄي ويندءِ جي ذڪر ڪمائيه ته شينهن ٿي پوندين. پوءِ هزارين دليون شڪار ڪندين. جي نه ته ٻلو آهين زيان ڪندي ته ماڻهو مٿو چٿي ماري ڇڏيندءِ جيڪو هن لاش مان نڪرندو اهو عرش اعظم جو شينهن ٿي پوندو. من خدايم جو نعرو هڻندو. هتي ماڻهو ٻن قسمن جا آهن هڪڙا فقير عارف آهن جيڪي ذڪر نفي اثبات جا هيرا لعل ٿا وڪڻن ٻيا واپاري ڌوڙ دوا ڪري ٿا وڪڻن. زماني جا ماڻهو ڌوڙ جا واپاري آهن. جسم ڌوڙ لٺين سان کڻائي اٿس. تيئن هي ماڻهو لاشو کنيون ٿا وتن. اي طالب تون ان کان جند ڇڏائي عرش تي پرواز ڪر.
عشق شهنشاهه جڏهن جو نعرو هنيو تڏهن دين پاڻيهي کڻي جڻيون ٻڌندو ۽ دين لڪي هليو ويندو. روبرو خوف کان نه ايندو جي عشق شهنشاهه جي هوندي دين ظاهر ٿيندو ته ڦاهي چاڙهيندس.جيئن اورنگزيب جا پوٽا انگريزن جي خوف کان بازيگرن سان گڏجي وڃي رهيا هئا. آخر هڪ کي روهڙيءَ ۾ سڃاڻي کيس ڦاهي چاڙهي ڇڏيائون. جيڪي سياڻا پکي هئا سي دنيا جي چوڳي ڏي ويا ۽ ڪوڙڪن ۾ ڦاٿا. اسان ڀورڙا هئا سون. داڻن کي ڇڏي اڏاڻا هليا وياسون. ڀورڙا گلن جا عاشق هوندا آهن، ڪانوَ ڍونڍ جا. اسان شرن جي ڳوٺ ۾ عشق جي ديڳ چاڙهي هوڪا ڏناسون ته ڪواچي کائي. ڪن ٿورن کانسواءِ ٻين ڪونه کاڌو ۽ الزام هڻي ڪافر بي دين سڏيائون ڪو چوي ته الله ٿو سڏائي ڪو چوي ته شر آهي. ٻڌايو ته الله نه آهي ته ڪير آهي، رسول الله ﷺ مديني ۾ ڄائو ته جسم ڏسي ڀلجي پيا ۽ اعتبار نه ڪيائون ۽ پاڻ جهڙو سمجهيائون. مگر هو ته ذات الاهي هو اسان سان به ائين ڪيائون.
“شش ھزار نھہ صدو ھفتاد قالب دیدہ ام
لیکہ ھمچون سبزہ صدبار ھاررئیدہ ام”

يعني ڇهه هزار نوَ سئو ستر جسم تبديل ڪيا اٿم. سبزيءَ وانگر سوين دفعه ڦٽو آهيان مسلمان پرپٺ رسول الله ﷺ تي ايمان رکن ٿا مگر جيڪڏهن روبرو ڏسن ته وڙهي پونس. هي ته الله سان به وڙهي چڪا آهن. فقير الله سڏايو ته ڇا رسول نه آهي .رسولي منزل ته هيٺ آهي ان ڪري سڀني دشمن شرن کي الله مسڻ ڏي اماڻيندو. زائفان کي جن وٺي ٿو ته پڌر تي لهر ٿو ڪرائيس. باقي رسول الله ﷺ جي سبق ۾ ايتري به طاقت نه آهي. آسمان ڪوريئڙي جي تاڃي آهن. فقير عروج وقت ڦاڙيون هليا ٿا وڃن. زماني جا ماڻهو مک وانگر ان تاڃيءَ ۾ ڦاٿل آهن. فقير عنقا باز آهن. هن زماني جا ماڻهو بي جان گڏيون آهن. جن سان ٻار راند کيڏندا آهن. راند کانپوءِ انهن گڏين کي ويڙهي ڳوٿرين ۾ وجهندا آهن. قبرون ڳوٿرين مثال آهن.
جنهن ذات حق جي اسم اعظم جي وير ۾ ٽٻي هنئين ته اهو تاکُ چنڊو ٿي پوندو. مادري عادتون مٽجي وينديس. تخلو بااخلاق الله واريون الوهيت جون عادتون پيدا ٿيندس. ڪتو پيو ڀئونڪندو. شينهن انالحق جي گجگوڙ ڪندو.اسم اعظم حيدري ترار اٿو. جيڪو اها ترار هلائيندو سوهن مرحب نفس کي ماريندو. اسا خوديءَ جو مٽ اسم اعظم سان ڀڃي نڪري وڃي پنهنجي محبوب کي طواف ڪيو آهي.اسان سيمُرغ پکي آهيون. دنيا وارا انڌا پکي آهن. جهنگلي شينهن جانورن کي ماري کائيندو آهي مگر عشق شهنشاهه موليٰ جو شينهن ماري وري جياريندو. آهي عام ماڻهو نفس جو کاڄ ٿي ويا مگر عشق شهنشاهه نفس جي خودي کائي پاڻ نسوري ذات ٿي پوندو آهي. ماڻهو اعوذ باالله ۽ لاحول به پڙهندا ٿا وتن مگر ساڻن شيطان گڏ ويٺو آهي. شاهه منصور عشق شهنشاهه جو ماستر آهي. جنهن ک دارَ رَسن ۽ ڦاهي جو ڪتاب هٿ ۾ آهي. قهر درويش برجان خويش. الحب الله والبغض الله دوستي ۽ دشمني خدا ڪارڻ رکندا آهن بادشاهه جا حاضر باش وڌيڪ يا پر ڳڻن جا مختيارڪار وڌيڪ آهن. پر ڳڻن وارا به حاضر باش جي ڪاڻ ڪڍندا آهن.
نفس قارون دم خزانو ۽ مرشد موسيٰ آهي. اهو هدايت ٿو ڪريس ته اهو خزانو الله جي راهه ۾ خرچ ڪر. جيڪو چوڻ نه ڪندس ته قارون وانگر غرق ٿيندو. جن الست بربڪم جي جواب ۾ هائو ڪئي سي نفس جي قيد ۾ آيا. شهوت جي شوق ۾ رهيا. اها هائو عامن ڪئي هئي خاصن لاءِ عبديت عذاب هئي. خاصن جواب ڏنو ته اسان توسان رهنداسون انهن بوتي کي ٿُڪ هنيئن تڏهن معنيٰ وارو معراج ماڻيائون. محبوب سان گڏ رهڻ عبادت کان وڌيڪ آهي. ڪرسيءَ واري آيت پڙهي سين ته ڪرسيءَ تي وڃي ويٺاسون. جن عبادت ڪئي سي رهجي ويا. عارفن کانسواٰءِ ڪنهن به الوهيت جو درجو نه لڌو منصور قلندر ٻڌو ٿا سڀني مرشد کان فيض ورتو.

بيت

“ھر آن کار کہ بی استاد باشد
یقین دانی کربی بنیاد باشد”
يعني جيڪو ڪم بي استادو هوندو. پڪ سمجهه ته ان ڪم جو بنياد پڪو نه هوندو.
ماڻهن کي مائٽي جي رشتن گمراهه ڪيو آحي ان ڪري مسلمان هوندي مقام ۾ سڙندا. هندو ظاهر ۾ سڙن ٿا مگر مسلمان باطن ۾ سڙندا. ملان قاضي اُٺ ڪتابن جا پڙهيا ته به معرفت وارو علم هٿ نه آين. عارفن صرف هڪ اکر پڙهيو ته ٻئي جهان پڌر تي ٿي پين. عرش عظيم کان. ڪروڙ ڪوهه پري هڪ ڪڪري آهي هي ڪتاب اُتان آندو اٿئون هي ڪتاب هماءِ جي پرن ۾ لکيل هو. اسان جي لاءِ رکيل هو. ٻين ڪتاب لوح وقلم مان آندا هئا .جيترو هتئون لوح وقلم پري آهي. هماءُ اُنَ کان ويهوڻ پنڌ پري آهي. عرش عظيم تي بادشاهه ڪڏهن گلابي چيروٻڌندو آهي ته ڪڏهن تاج پائيندو اهي. ڪڏهن ملڪوت ۾ اڇي تاج پائيندو آهي. جبروت ۽ لاهوت ۾ لولاڪي ڇٽ پائيندو. آهي لاهوت کان مٿي وري سُرخ تاج پائيندو آهي جنهن ۾ پنج هل آهن. سندس زلف خم خم شعر وار ڊگها اٿس.
عبديت مائٽن جي سيکاريل اَلَ آهي .هن تي ڪو لقب ڪونه هو. ٻانهپ به عبادت آهي جيسين پاڻ نٿو سڃاڻي تيسين عذاب ۾ آهي. لکين ان آڙ ۾ ڦاٿل آهن. عبديت هڪ بيماري به آهي. جڏهن حاذق حيڪم مرشد کان علاج ڪرائبو ته هماءُ ٿي پوندو ۽ ٻين کي به هماءُ ڪري وجهندو. جڏهن هاتفي آواز ٻڌوسين تڏهن اسان جي بوتي مان جنن ۽ ڀوتن جا ولر نڪري پيا. اسان آزاد ٿي پياسين.
جيڪو بيچون ۽ بي مثل ٻڌو اٿوَ سواسان جو شاگرد آهي. ان حڪومت سياست ۽ دٻدٻي جو سبق اسان جي اسڪول ۾ پڙهيو آهي. کيس سڀ تعليم اسان ڏني آهي. هو اسان کي ياد ٿو ڪري ۽ اسان جي بندگي ٿو ڪري ۽ ڪندو آهي.
جيسين دنيا عقبيٰ ترڪ نه ڪندوء تيسين ديدار نه ٿيندوَ. هن بوتي تان آسرو کڻڻ ۽ ذڪر اسم اعظم ۾ گم ٿيڻ جونالو ترڪ الدنيا آهي. اي طالبو هيءَ ڳالهه ٻڌي متان هيانءُ ڏريوَ. مان پنهنجي سر جو قسم کڻي چوان ٿو ته فقيري معراج آهي. هڪ لت پنهنجي سر تي رکو ٻي ملڪوت ۾ ٽين جبروت ۾ چوٿين لاهوت ۾ پنجتن لامڪان ۾ ٿيندي. ڪلئي پنج وکان اٿوَ. متان ڊنا آهيو. صرف ذڪر ۾ گم ٿيو. عشق اهڙو مٺو طعام کارايو جو لُنئو لُنئو زيان ٿئي پيئي. وار وار اکيون ٿي پون. هر طرف اکيون کلي پيون ۽ نظر به کلي پيئي دل ته اسم اعظم جو تختنگاهه آهي مگر سڌن کان خالي ٿئي ته امالڪ اسم اعظم جون مشينون هلي پون ۽ نفس فنا ٿي وڃي. اسم اعظم ڪمائڻ وارو عشق بادشاهه جو وزير ۽ خاضر باش آهي.
سڌڙئي جو ٻنهي جهانن ۾هر هارو منهن ڪارو آهي. هن بوتي ۾ ته الله ويٺو آهي. مگر اوهان مٿس نفس غالب ڪري ڇڏيو آهي. دل واري ڪعبه ۾ وهو معڪم اينما کُنتم موجود آهي. ان جو طواف ڪري جهاتي پائي ڏس ته الله ڏسندين. ماڻهن کي الله ته سڏي ٿو مگر هونديون هيون. جيڪي هاڻي اچي پنجاهه سٺ سالن تي بيٺيون آهن. انڌي کي سونهن جي ڪهڙي خبر. ماڻهو به الله کان انڌا آهن تڏهن لطف نه ٿو اچين. نفس سان رهڻ ڪفر ۽ اسم اعظم سان رهي نفس کان پري ڀڄڻ عين دين ۽ اسلام آهي. انسان ڪم تي ٿا ڀاڙين الله تي ڀروسو ڪن ته کين بکيو ئي ڪين ڇڏيندو. ذڪر اسم اعظم جي ڌڪن سان هي نفس جلد تباهه ٿيندو ۽ الله چٽو ڏسندو. جسم ۾ رهڻ سان معراج نه ٿيندو آهي. جيڪو دين ايمان روزو نماز کي عشق جي درياهه ۾ لوڙهيندو سو مرد آهي. طالب جڏهن جسم مان نڪري ٻئي جهان عشق اڳيان نذرانو رکيا ته عشق شهنشاهه چوندس ته هم ته هم هويا ته هم هو يا. ماڻهو جيڪڏهن هزار ورهيه مسجد ۾يا ڪعبه ۾ نمازون پڙهي نراڙ گسائي ڇڏي ته به ڀتين کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڏسين نه سگهندو. جيڪو پاڻ سان گڏ الله کي ٿو ڄاڻي اهو ٽيڏو آهي. ان جي نظر ۾ فرق آهي. جزوي عقل گمراهن جو رهبر آهي. ڪل عقل عاشقن فقيرن نبين جو رهبر آهي. جزوي عقل ٻَرنگو آهي ۽ ڪلي عقل يڪرنگو آهي.
بازيگر بئنسري وڄائي ڀورو نور جسم جي ڇپيءَ ۾ وڌو آهي. جيڪوآدم جي بوتي ذريعي هر شيءِ کائي ٿو وڃي. جنهن ان ڀوري نور نفس کي ماريو اهونبي ۽ عارف مانيءَ لاءِ ڇو حيران آهين. رزاق پکين کي هوا ۾ جانورن کي برن ۾ پاڻي آهي. جي جانورن کي پاڻيءَ ۾ روزي ڏئي ٿو. توکي بک ماريندو ڇا. پاڻ کي ڪچهري ۾اڪيلو سمجهه گهر ۾ مسافر ٿي رهه. عشق جي راهه ۾ سرڏيئي سخا ڪر، ماني کارائيندين ته ڇا ٿيندءِ جيڪي آدمي پاڻ ۾ وڙهن ٿا سي آدمي نه آهن ڪتا آهن ڇو ته ويڙهه ڪم ڪتن جو آهي. حرص وارو ماڻهو گنهگار آهي. مرڻ کانپوءِ سندس روح کي پناگرن واري پوشاڪ پيل هوندي آهي.
گازر ڌون چاڙهه جنين جا چست ٿيا، نيت مقابل نين ماڻهو ميرا ڪپڙا. دنيا جي محب سان دل ڪاري ٿيندي آهي. آدمي شهوت جي زور مهل انڌو ٿي پوندو آهي کيس. حلال حرام حڪم ۽ منع جي خبر ئي نه ٿي رهيس ذڪر الاهي سان دل روشن ٿيندي آهي. هو ته توسان گڏ آهي تون زيارتن لاءِ ڇو ٿو ڊوڙين. جيڪو هتي الله جي ڏسڻ کانسواءِ انڌو ٻوڙو مري ويو. سو قيامت ۾ به صم بکم عميُ هوندو. نفس دين ايمان کي ائين ٿو ناس ڪري جيئن ڪتو هڏا کائي ناس ڪري، سڏائين ٿوآدمي ۽ ڍونڍ جي پويان ڪتن وانگر ٿو ڊوڙين. درگاهه الاهي جي پهچڻ جو رستو ذڪر آهي. مرشد کان دل تي ذڪر جو اکر لکراءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه اٿيئي دونهين جو رنگ اڇو آهي مگر شين کي ڪارو ڪندو آهي. سڌن جو به اهو حال آهي جو ڏسڻ ۾ ته سَيون پيون لڳنديون مگر سندن پوئواريءَ ۾ دل ڪاري ٿي پوندي. اسان واصلن عارفن جو جيڪو چيو مڃيندوسوالله پاڪ وٽ پهچندو، اسان جڏهن حق پاڪ وٽ پهتاسين ته سروزيءَ رباب جو وڄايو ته دل ڦرجي ويئي ۽ اهڙي لذت محسوس ٿي جو اها اڳ ۾ نه ڪتابن مان آئي آهي نه قرآن ۾ هئي. چئون پيا ته سر کڻي گهات ڪجي. جيڪي سروز جا انڪاري آهن. سي جهنمي آهن جيڪي دنيا جي لذت لاءِ ٻڌن سي به ناري آهن. عارفن ٻڌن ته اهي نور حقاني آهن اڃا به کين ذات حقاني چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. عارفن جي نظر روميءَ زندگيءَ ۽ ڪاري اڇي تي نه آهي هوهر ساهه واري ۾ هلندڙ دم کي ذات حقاني ٿا سمجهن. ماڻهن کان الله انجام ورتو هو ته مون کي ياد ڪجو ۽ هنن انجام ڪيو هو ياد ڪرڻ جو. مگر ڏسو ته هت کيس وساري ويٺا آهن. اهو ٿيو الله سان ڪوڙ ڳالهائڻ جنهنجو خدا کين اهڙو نتيجو ڏيندو جو کين عجب لڳندو. هي عمر گذارن پٽن جي خدمت ۾ آخر کين الله جو صوبيدار هڪ ڏينهن اچي هٿ ڪڙيون هڻي. وٺي ويندن ۽ وڃي جهنم ۾ اڇليندو موت سدائين سندن انتظار۽ تاڙ ۾ آهي ته رڳو کيس سرڪار ايزديءَ جي اجازت جو اشارو ملي ته ڪنڌ مروٽيونس. مگر خبر ئي نه ٿا رکن. ننڊون ۽ عيش ڪندي عمر ٿي گذارين. رن جي انجام تي به ساري رات بيهي ٿا گذارين. مگر خدا جي ياد ۾ گهڙي به نه ٿا اٿن. موت ڏي ڪاهيون ڊوڙندا خوشيءَ سان ٿا وڃو. گمراهي موت آهي. ابدي حياتيءَ ڏانهن اوهان کي سيلهه ٿا لڳن. ماڻهوءَ جي عمر پاڻيءَ وانگر آهي. جيڪو وهي ويو ته پوئتي نه موٽندو. آدمي درياهه جا ڦوٽا آهن. جي جلد فنا ٿي ويندا. ماڻهو پنهنجن عملن سبب پيشمان آهن ذڪر ڪمائين ها ته ائين نه ٿئي ها. اهڙو طالب ئي ڪونه آهي جيڪو الله جي ڳولا ۾ سر جلائي.
عبد تي عشق جو قرض آهي. هي ڦڙو اصل درياهه جي موج مان ڌار ٿي آيو آهي. ڳوليندي ڳوليندي جڏهن ڦڙو درياهه ۾ پيو ته خود درياه ٿي پوندو. ماڻهن جي اکين تي حرص جا وَرَ چڙهيل آهن سڌن ۽ حرص جا نه ته الله لڪل ته آهي ئي ڪونه آهي. ڪنهن عارف فنا في الله واري کان آهي رَوَلهرائي ته ديد کلي پوندس. عارف جو نيشان اهو آهي ته هو نه زبان سان ڪلمون پڙهندو نه نماز پڙهندو نه خلق جي تعبيداري ڪندو. مٿس ڪفر جا الزام ۽ گلائون هونديون ڪي ڪافر گبر پيا چوندس مگر هو هر مذهب کان بيزار هوندو. سندس مذهب ملت عشق آهي.
بيت

ملت عشق ازهمه دينها جدا است
عاشقا نرا مذهب و ملت خدااست
يعني نفس حقيقي سڀني مذهب کان ڌار آهي. عاشقن جو ملت ۽ مذهب صرف خدا آهي.
هي نفس حقيقي ڏيئي لاءِ طوفان آهي. اسان جڏهن فقيري اختيار ڪئي ته موليٰ جي محبت اسان کي زوران زور هئي. دنيا خواه عقبيٰ جي ڪابه محبت ڪانه هئي، اسان سان گڏ ڪيترائي فقير ٿيا هئا. مگر جن کي دنيا جي محبت هئي. تن کي دنيا ملي.
من ارادالدنیا فلہ الدنیا من اراد العقبیٰ العقبیٰ من اراد المولیٰ فلہٗ المولیٰ
يعني، جنهن دنيا گهري تنهن کي دنيا ملي جنهن آخرت گهري تن کي آخرت ملي. جن موليٰ گهريو تن کي مليو.
طالب جڏهن فنا في الله ۾ ويو ته پوءِ اڙيو ڪوبه رهندو. ٽنهي جهانن جي حقيقت حاصل ٿيندس. پير مغان جي صحن کي ٻهاري ڏبي ته دل جي صفائي ٿيندي. طالب جڏهن جسم جي لالچ مان نڪتو ته ان کي اسم اعظم مان ٻيا ذڪر نڪرندا. ذڪر جو پهريون اڌ به بس ٿي ويندس پوءِ اَنَا جو ذڪر پيدا ٿيندو. انا به هڪ ملڪ جو ذڪر آهي ان وقت طالب مرشد کان ٻه حدان پري لنگهي ويندو. پوءِ اَنَا جو ذڪر به بس ٿي ويندس. پوءِ ڦر جو ملڪ ايندو. جتي طالب ڦرجي ويندو. طالب جي دل جا ڪن جڏهن سرلا ٿيا ته پوءِ سڏ پيو ٻڌندو. آءٌ آءٌ جي پڪار پيو ٻڌندو. فقير عارف آفاتيون ائين لڪندا آهن جيئن خلق کي خبر نه پوي، ههڙي محبت ٻڌي پوءِ به طالب دنيا ڏي وڃي افسوس صد افسوس آهي ان طالب تي، لولاڪ جي بادشاهه کي اسم اعظم جو ڇٽ پيل آهي. آدمي جي نصيب ۾ روازازل کان سرڪار روزي لکي آهي سا ملندس. وڌيڪ ڪوشش ڪندو ته ٻئي پاسي کان ڌوڪو ايندس.
زنا ڪرڻ سان پرائي زائفان مري ڪانه ويندي. ٻئي ڌريون خوش ٿينديون مگر پرائو حق آهي، طالب کي پرائي حق ۾ دخل ڏيڻ ڏوهه آهي. جيڪو طالب ٿي ذڪر پڇي ائين ڪندو ته سندس ٻيڙي جا تختا اڏري ويندا. زائفان جي وارثن جو رنج ۽ ذات ذولجلال جي نافرماني آهي. جنهن ڪري تحت الثريٰ ۾ ويندو. سندس ٻيڙي سڙهه سوڌي غرق ٿي ويندي. ذات حق واحد جوبه ان تي ڏمر ٿيندو. الله ۾ ملائڪن جي مٿس لعنت پيئي وسندي ۽ اهم جهنم جو حقدار ٿيندو. فقير عرش جو شهباز آهي جنهن ساڻس صحبت ڪئي ته ان جي دل شڪار ٿي ويندي. فقير جي دل جنهن شيءِ ڏانهن رايو ڪندي ته اها شيءِ حاضر اچي ٿيندس. سج ۽ چنڊ هتي آهن هوڏي سدائين پرڀات آهي جيڪو الله جي ذڪر تي عاشق ٿيندو ته اهو لاخوف آهي. مجاز رڳو خوف آهي. مجاز رڳو خوف آهي. مجاز جو عشق گهڻو تيز آهي. ان جي باهه ڪکن جي باهه جهڙي تيز آهي. جي بچيو ته حقيقت کي پهچندو جي نه پهتو ته سڙي مري ويندو. عشق مجاز پاڪائي سان غير کي ساڙي ڇڏيندو آهي ۽ وري زناني صورت تي رک ۽ نگهباني به گهڻي آهي. اها پلصراط آهي اتان ڪريو ته جهنم ۾ ويندو.
سيدن کي نفساني هستي ڦري ڇڏيو آهي. تڏهن الله کي نه پهتا. ڏسو ته ساري سنڌ مان ڪي ٻه ٽي سيد الله کي پهتا. تن جون قبرون به قيامت تائين روشن آهن. باقي ڪيترا سيد نفس ماري ڇڏيا ڄڻ ڪال کائي ڇڏين. الله ماڻهن کي هيٺ ان ڪري رهايو آهي ته جيئن مونکي ياد ڪن. پر ماڻهو ته هت الله کي پٺي ڏيون پنهنجا ڪم ڪاريون ڪندا ٿا وتن. الله ڏي نهارين به ڪونه ٿا. خوديءَ جي اوٽ کي ساڙيو ته الله پڌر تي ڏسبو دم ۽ پيل آهي ان سان دوستي ڪبي ته نور ٿي پئبو. طالب کي نفس تي نگاهه رکڻ کپي ته پوءِ وصل ٿيندس. اسان ذڪر کي ڀاڪر وڌو جنهن تکو کڻي وڃي وڏي ڪُنَ ۾ پهچايو ۽ درياهه جي هن ڀر وڃي نڪتاسين ٻيو جيڪو ذڪر کي قابو جهليندو. ته ان کي به ذڪر الله وٽ وڃي ڇڏيندو. محمد علي شاهه عارف کي هر شيءِ مان معنيٰ نظر ايندي. اسان جي مرشد سيد. خواهه ڏاڙهي ۽ شهپرن جو وار نه وٺرايو هو. طالب کي به جڳائي وار نه وٺرائي. ا سم اعظم الله جو ڄار آهي. قلندر شهباز توڙي ٻين سڀني عارفن کي اهم دم وارو رستو جاري هو. هاڻي پوين ۾ ڪلهي ڏنڀڻ ۽ ڏاڙهي ڪوڙڻ جو رواج آهي سڀني انبيائن اوليائن ۽ عارفن کي دم جي ذڪر وصل ڪرايو. نفس دهريو ۽ الله جو منڪر آهي. تڪليف ۾ الله کي مڃيندو سک ايندس ته چوندو ته الله آهي ئي ڪونه تنهن ڪري هن جي مٿان مار هجيئي هجي. مارمنڪر جي مٿي ۾ ڏينهن ۾ ڏهه سَوَ ڏنڊا. نفس جا خدمتي مئي کانپوءِ جن ۽ ڀوت ٿي پوندا. آويلو انهن جي قبرن ڀرسان لنگهيو ته ڀتر هڻندا ۽ اهڙو ڊيڄاريندا جو بخار چڙهي ويندو. فقيرن جي قبرن تي رات ڏينهن ماڻهو ڀاڪر وجهي پيا مرادون حاصل ڪندا. درد مرض لهرايون وڃن. اهوان ڪري جو عام ماڻهو زاني هئا. پوءِ انهن جي عملن جا ڀوت ماڻهن کي پيا ڊيڄاريندا. الله جو فقير اهو آهي جيڪو خلق کان نامراد آهي جنهن کي خلق جي مراد آهي سو خلق جو فقير آهي. ماڻهن سان هٿرادو چريائي ڪري منهن موڙجي نه ته ذڪر ڪمائي نه سگهندو. ماڻهن جي سکڻي صحبت مان تعريف کانسواءِ ٻيو ملندو ڇا. الله وٽ دنيا عقبيٰ ڪرامت منوتي ۽ پنهنجو ديدار سڀ ڪجهه موجود آهي الله کان جيڪو جا به شيءَ گهرندو ان کي اها شيءِ ڏيندو.
الله اڪيلائي ۾ اُٻالو ٿيو هو ان ڪري ڪثرت ۽ آدم کي آئينو ڪري بنايائين. الله کي جيڪو ڏسندو انکي خبر ٻئي جي مجال نه آهي اسان جو وجود محمدي سالڪي آهي اسان رسول الله جي ڀاڱي جا آهيون، ان ڪري ان جي طريقه تي پيا هلنداسون. اسان جو رهبر ڪو گورک ناٿ يا مڇندر ناٿ نه آهي. اسان جي فقيري رسول الله ۽ موليٰ علي سائين جن جي طريقه واري آهي. جيئن پاڻ معراج ڪيو هئائون تيئن اسان کي به معراج ڪرايائون. لعل لڏ جي ڍير ۾ آهي جيڪو کوٽنيدو سو لهندو. اسان ننڍي هوندي ڏسندا هئاسون ته ملان ۽ قاضي اسم اعظم ڪاڻ حيران هوندا هئا. چوندا هئا ته قرآن جو آهي پر لڀي ڪونه ٿو. اهو اسم اعظم قرآن ۾ ته پڌر تي آهي، جيڪو عشق شهنشاهه اسان کي عنايت ڪيو، جنهن جي برڪت ۽ طاقت سان عرش کان تحت فرش نوري ۽ ناري سڀ ڪجهه ڏسون ٿا. فقيرن جي الله پت رکندو آهي جيڪو الله تي توڪل ڪندو ته اسان جو نگهبان آهي.
جيڪي پير ۽ مشائخ آهن اهي ڳوهه مثل آهن، ڳوهه جي چڪ مان زهر ڪونه چڙهندو آهي. اهي به ڳوهه وانگر بي حاصل آهن. فقير عارف واسينگ نانگ آهن. انهن جي رهڙ ئي ڪافي آهي. ساري عمر نشو نه لهندو. عارفن جي زبان ۾ ئي زهر آهي. اهي زبان سان جيئن چوندا تئين ٿي پوندو. “چوندا آهن ته ڊڄ فقير دي مار ڪنون جنهن دي لفظ تکي تلوار ڪنون” هڪ دفعي اُٺ کي کپررهڙ ڏني ته اُٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. عارف به نفس لاءِ ائين آهن. نفس ڪيڏو به مضبوط ڇو نه هجي عارفن جي رهنڊ ئي ڪونه سهندو. هلندڙ طالب جوڳي گهڻا آهن مگر انهن مان لا جي ترار سان ڪٺل ڪاپڙي ڪونه ٿو ڏسجي ڪاپڙي جوڳي گرنار ۾ رهندا آهن. گرنار جي ڪوٽ کي ست منزلون آهن. گرنار ستن اسمانن ڏانهن اشارو آهي. جيڪو ستن آسمانن کان پري ويو هوندواهو ئي لاجي ترار جو ڪٺل ڪاپڙي آهي، ڀلي ملڪ گهمو پرهيءَ ڳالهه اوهان کي ڪٿي به ٻڌڻ ۾ ڪانه ايندي. هر هڪ طالب فقير کي گهرجي ته قلندر شهباز جي زيارت ضرور ڪري، ڇاڪاڻ ته سڌ صوبي جي فقيريءَ جي واڳ قلندر شهباز جي هٿ ۾ آهي اتي وڃڻ سان طالب قبول پوندو. اسم اعظم الله جو منڊ آهي ذڪر واري طالب وٽ انبياءَ اولياءَ ۽ خود الله به اچي حاضر ٿيندو. فقير جڏهن اوچتو مٿي ويو ته سچل فقير بيدل فقير ۽ نانڪ فقير ۽ ٻين عارفن جي ڪلامن مان هن کي مدد ملندي جنهن سان هي ان حَدَ مان لنگهي ٻي حد ۾ ويندو. سمجهه واري لاءِ شاهه عبداللطيف جا بيت ۽ ڪلام مدد آهن. زيارت جو ذوق وڌندس. اهل صفحي وارا صوفي رسول الله ﷺ کي چوندا هئا ته اوهان هر هڪ سان راز ڇو ٿا کوليو. ان تي پاڻ فرمائيندا هئا ته وَمَا عَلَيَنٰا اِلَي اَلبَلاٰغُ. يعني اسان تي آهي. پيغام پهچائڻ پوءِ انهن جي مرضي هلن يا نه هلن، مگر محشر جي ڏينهن انهن جي ميار نه رهندي ته حضور اسان کي ذڪر جي ڳالهه نه ٻڌائي هئي، جنهن جي نظر ذات حق جي لقاءَ تي پيئي ته بوتو ياد نه رهندس. زالن جي زينت ڳهه آهن مگر فقيرن جو سينگار ذڪر آهي عشق هيرو آهي. هر ڪنهن وٽ نه لڀندو آهي. عارفن جي صحبت ڪٽيل دل کي اڇو ڪندي آهي. طالب جڏهن بوتي مان نڪتو ته احمد ۽ احد کي هڪ صورت ۾ ڏسندو. وحدانيت جي گفتار ۽ عارفن جا ڪلام محبتي طالب لاءِ لفظ به لفظ سان تيرن جو مينهن پيا وسائيندا. جيڪو ڪم گمراهي. پيدا ڪندو ته ان جو نالو گمراهي آهي. ڀنگ پيئڻ منع آهي. ڇو ته هر هڪ نشو الله کان گمراهه ڪندو آهي. الله جي محبت اسم ۾ آهي جيئن تکو ذڪر ڪاهيندو تيئن محبت گهڻي ٿينديس. ذڪر جي ڍري ٿيڻ سان الله جي محبت به ڍري ٿينديس. ذڪر دل جي روشني آهي. ذڪر جو نه هجڻ اونداهي دل جي نيشاني آهي. نفس آهي تڏهن الله جوقدر آهي. نفس نه هجي ها ته الله ڪيئن لڀي ها. جنهن مون کي ڏٺو تنهن کي الله جي ڏسڻ جي ضرورت ڪانهي.
شاهه منصور بيخوديءَ سان ان الحق چيو هو سچ آهي. مگر فرعون باخودي سان اناالحق چيو هو جيڪو ڪوڙ هو. جيڪو هر شيءَ ۾ الله ڏسي پوءِ چوندو ته هر شيءَ ۾ الله آهي تنهن تي ڏوهه ڪونهي مگر جيڪو بنا ڏسڻ جي چوندو سو ڏوهي آهي. فقير بي نياز آهي. الفقر لا احتياج الا الله. مست الله کي اوچتو ٿا ڏسن تنهن ڪري چريا ٿي ٿا وڃن. طريقت سان ڏسڻ محمدي معراج آهي. مست جو فيض پاڻ تائين آهي مگر سالڪ مان هزارين فيض ٿا وٺن.اسان فقيرن سان صحبت ڪئي مگر ڪافي ڪلام جي خبر ئي ڪانه پيئي. هلندڙ وقت م .”چرخا چار ٽڪر مين ڪيتا“ جي ڪافي ٻڌم ته معنيٰ نه سمجهيم. جڏهن هن مان نڪري معراج ڪيوسين ته قرآن، حديث،غزل، ڪافيون سڀ آساني ٿي پيا. الله جو اسم معنيٰ جو سمنڊ آهي. سڀ درياهه موجان لهريون ان ۾ آهن، معنيٰ جي ٿوري گهڻي خبر آعارف جي صحبت مان به پوندي آهي. مگر جسم مان نڪتي کانپوءِ سڀ معنيٰ جي خبر پوندي آهي. جيڪو خوديءَ کي ختم ڪندو ته حق جو سر ٿي پوندو.

جي ڀائن جوڳي ٿيان، ته سک چوران کي بات.
توڙي ڪسن ڪات، ته به ساڳي سلن ڪينڪي

فقير به الله جي مڪمل ۽ هوبهو ڳالهه نه ڪندا آهن. مگر لڪائي ڪندا آهن. جڏهن آءُ ٻانهون آهيان ئي ڪونه پوءِ سڏايان ڇو. هيءِ دل جي علم جي ڳالهه آهي. نفس آهي به ڪافر اسم اعظم ان کي ڦيرائي الله ڪري ٿو وجهي.
اسان شرن کي عام ماڻهو چور سمجهندا آهن. مگر هي فيض ۽ پهچ اسم اعظم جي آهي. صديق فقير سومرو چور هو. اسي خون ڪيا هئائين جڏهن فقيري ۾ آيو ته اڳيو سر ٿي پيو. الله جو اسم اهڙو آهي جو گداگر کي شاهه ٿو ڪري الله جو اسم جي نيزي سان هن گبر نفس کي فنا ڪري دنيا درياهه مثل آهي. جيڪڏهن ماهئي سانهه جو پڇ وٺبو ته پار ٽپي وڃبو. اسم اعظم به اهڙو پهلوان آهي جو جنهن ان جي دامن پڪڙي ته آسمانن جي پرينءِ ڀر وڃي ڇڏيندس. جتي پاڻ ته محمدي معراج ڪندو پر ٻين کي به معراج ڪرائيندو. هي نفس رڍ جي مثال آهي جيڪڏهن درياهه ۾ ان رڍ جو ڪنهن پڇ پڪڙيو ته رڍ پاڻ به ٻڏندي مگر انهيءَ کي به ٻوڙي ماريندي نفس لومڙ وانگر آهي .مڪريل آهن ۽ هن بوتي ۾ مذهبن جو هزارين ڏريون آهن ڪڏهن چوي ٿو ته سني ٿيان ته بهشت ۾ وڃان ڪڏهن چوي ته شيعو ٿيان ته امام سڳورا ڇڏائين. الله جي ذڪر ڏي ويجهو به نه ويندو. هوڏانهن قرآن ۾ حڪم به اٿس. وَٱذْكُر رَّبَّكَ فِى نَفْسِكَ”
جيڪو پاڻ تي عاشق ٿيندو ته سچو عاشق به اهو آهي. ٻين تي عاشق.ٿيڻ وارو ٻيائي ۾ آهي .کوهه جي مالهه جيڪڏهن پاڻي کان هڪ هٿ مٿي هوندي ته ڀلي نار سڄو ڏينهن هلي پر پاڻي ڪونه نڪرندو. اهڙي طرح الله جي ذڪر کانسواءِ دم پيو هلندو ته اجايو آهي. هي دم به کوهه جي مالهه وانگر آهي اگر هيٺ ڪبي ته لوٽا ڀريل ايندا. هي دل به کوهه جي مالهه آهي. جيڪڏهن ذڪر سان ڪاهبو ته عرش کان فرش تائين ان جي آبادي ٿيندي.
جواني نئين کل جو نالو آهي. لوهر جيئن نئين کل جي ڦوڪڻي ٺاهي چلهي ۾ لوهه کي ڦوڪيندو ته لوهه جلدي نرم ٿي پوندو. ائين نئين جواني ۾ الله ڏي هلبو ته جلد پهچبو ستر ورهين کان پوءِ ماڻهوءَ جي دل ۾خيالات جا سوراخ پيدا ٿيندا آهن. پوءِ ذڪر ڪمائبو ته مزو ڪونه ايندس. الله جي ذڪر ڪمائڻ جي مند جواني آهي. يُحِبهُم و يُحِبُونَه جي معنيٰ اها آهي ته الله جي محبت ۾ ڪنهن ڪامل مرشد کان ڏس پڇي ان سان لاڳيتو هلجي ته الله به چاهيندو جيڪو اڳ ۾ غير پي ڄاتائين سوڳري ويندس ۽ پنهنجي ملڪن ملڪوت جبروت ۽ لاهوت جو هيو اتي وڃي پهچندو. ٻانهو جيسين پاڻ کي نٿو ڏسي
تيسين بوتي سان محبت اٿس نڪتي کان پوءِ بوتي کي پيو سمجهندو. فاذڪروني اذڪر ڪم جي معنيٰ به اها آهي ته تون مون کي گهر ته مان توکي گهران.
هيءُ نڙِ گُهٽُ روح جو توتارو آهي. آواز۽ ڳالهائڻ سڀ روح جو آهي. بوتو خالي ڀانڊو آهي روح ۽ سينو ڪيميا آهي. بوتو صرف روح جي سواري آهي. عارفن جي دل محبوب جي مڙهي آهي. اهو گهر محبوب جي آهي. عشق جي شراب پيئڻ کانپوءِ دين ايمان انب جي چوسيل کوکڙي وانگر اڇلي ڇڏيوسين. آب حيات به اسان جي شراب جي اوبر آهي. محبوب جو اسان سان آهي . ته پوءِ رسمي ڪعبه سان اسان جو ڪهڙو ضرور. خودي ۽ خدا پاڻ ۾ نه ٺهندا آهن مڙهي ڪعبه نه ٿيندي خودي ۽ خود بت آهي. بت سان خدا ڪيئن گڏ ٿيندو .جنهن عين اليقين جو سرمون پاتو سو حق اليقين پاڻهئي ٿيندو. عاشقن جو محبوب سان اهڙو راز آهي جو جبرائيل ۽ عزرائيل کي به خبر ڪانه آهي. عارفن جي درد وارو طوفان اُٿي ۽ درد دُکي ته ملائڪن جا پر به سڙي وڃن. هي ماڻهو خدا فروش آهن ڇو ته هي خدا کي نفس جي طمع تي وڪڻن ٿا. اهڙا خدا فروش عام آهن مگر خود فروش ڪو ڪونهي. اسان عشق جا ڪٺل آهيون مڃينداسون به ڪٺل کي ڪنهن چڱي ڀلي کي نهاريون به نه سڀڪو اسان کي بي دين ٿو چوي مگر اسان هو دين هٿ ڪيو آهي جيڪو ڪن نبين به مس هٿ ڪيو هو. عشق جي ديدار کانپوءِ کاڌي پيتي ۽ ننڊ جي هوس سڙي وئي. اسان جي دل جي روشنائي رات کي ڪٽي ڏينهن ڪري ڇڏيو آهي. عشق جي ڪلال خاني مان شراب پيئڻ کانپوءِ مسلماني کان ائين بيزار آهيون جيئن ڪفر کان بيزار ٿبو آهي. مسلمان جيئن جيستائين وحدانيت جو شراب نه پيتو تيستائين سندن نماز ڄڻ واءُ کڻي وئي جيئن پوک کَسَ ٿي وڃي. ماڻهو اسان کي بي دين ٿا چون مگر اسان دعائون ٿا گهرون ته شل اسان جون ست پيڙهيون عشق واريءَ بي دينيءَ تي قائم هجن. جتي اسان جا پير ويل آهن اتي دنيا جي بادشاهن جا تاج به نه پهچندا نه وري اسان جي پيرن جي دز جو مٽ ٿيندا. جيئن گرڙ پکي ڪوهه قاف ۾ ٿو رهي اسان به ائين ٿا. رهون عرش اعظم کان لک ڪوهه پري هڪ ڪڪري آهي اسان جي رهت اتي آهي. جيڪو الله سمجهي ٻيو ڄاڻي ۽ نماز پڙهي سو ڪٽو ڪافر آهي، جنهن هن ڳالهه کي سڃاتو سو واصلي آهي. جنهن نه سڃاتو سو بيحاصل آهي ۽ ڏوهاري آهي، انسان کي ته پاڻ وفي انفسکم يعني مان توهان ۾ آهيان ٻڌايو اٿائين. ڪمند ۽ جوئر شڪل ۾ ڪهجهڙا آهن. پاڻي به ساڳيو پئين. ڪمند جي رس مٺي آهي ۽ جوئر جي رس ڦڪي آهي، عارف ڪمند مثال آهن ۽ عام ماڻهو جوئر جي ڪانگڙ وانگر آهن. عام خاص فقير ۽ سيد به ساڳيو ساهه ٿا کڻن مگر انهن ۾ فرق ڪيڏو آهي.
رسول الله جي ترار اثبات ڪرڻ لاءِ ڪيڏيون لڙائيون ڪيون ۽ لوهه جي ترار وهايائين ته لاجي ترار قائم ۽ ڪامل ٿئي. اڳي ڪافر بت پوڄيندا هئا ۽ هاڻي جا مسلمان پنهنجي بُت جا خدمتي آهن. پوڄارائي چئجن. ڪن جا بت زالون آهن، ته ڪن جا پُٽ. ته ن جا دوڪان ته ڪن جا مال بت آهن. اهي سڀيئي ُبت پرست آهن جيڪو به لاجي ترار وهائيندو .ته ان کي عرش کان تخت الثريٰ تائين بادشاهي ملندي جيڪا قيامت تائين قائم رهڻ واري آهي. جنهن اسان کي دل اکين سان ڏٺو سو ڪافر ٿيو. جهن نه ڏٺو سوبه ڪافر ٿيو. حقيقي مسلمان هي ڳالهه سمجهندو. عشق حقيقي يا مجازي جو الله مڙهيءَ مان ڏسبو نه ڪعبه مان. رسمي مسلمان اسان کي ڪيئن سڃاڻيندو ڇو جو هن جي دل ۾ سينو شهوت جي باهه جي دونهين ڪارا ڪري ڇڏيا آهن. باهه ٻرڻ واري جاءِ جي ڇت ڪيڏي نه ڪاري ٿيندي آهي. رسمي مسلمان جي دل به اهڙي ڪاري آهي. جنهن ساقيءَ هٿان شراب پي الله لڌو تنهن جو نه ڪعبه سان واسطو نه بهشت جي اميد نه دوزخ جو خوف نه دين ڪفر سان واسطو. نه روزي نماز سان رهندو. نماز پڙهڻ وارن جي مٿي تي قرآن رکي پڇون ته جنهن کي سجدو ٿا ڪريو تنهن کي ڏٺو اٿو. صبح جو جنهن مهل ملان بانگ ڏيندو آهي ته اها مهل اسان جي شراب پيئڻ جي آهي. شراب جي هر هڪ ڍڪ سان هوش ڇڏيندو ويندو آهي. اسان جو ساقي منٿن سان هڪ هڪ ڍڪ ڏيندو آهي. پر هڪ ڍڪ سان سر وڍيندو رهندو آهي. ۽ اسان کيس پلوَ وجهندا رهندا آهيون ته ڌڪ ڀل هڻ پر ڍڪ ڏي. اها پري جي ملڪ جي ڳالهه آهي. هن شراب پيئڻ وارو نه مرندو ئي ۽ ڇوٽڪارو به هوندس. ملان نياڻيون ميڙ ڪري اچي ته به شراب جو ڍڪ به نه ڏبس ڀٽائي صاحب جي وقت ۾ ڪيترا ملان قاضي ۽ نيڪ نمازي هئا تن جي ڪا قبر به ظاهر آهي ڀٽائي شراب وحدت پيتو ته سندس نالو ۽ قبر روشن آهي. ملامت ۽ خواري فقير عارف جو سينگار آهي. هن خاڪي وجود مان انا الحق جو نعرو ٿا هڻون بحر بازار ۽ محبوب کي ٿا ڏسون. محبوب جي محراب اڳيان ڪعبه قبلو مسجدون مندر ۽ مڙهيون ڪليسائون گرجا گهر سڀ سجدي ۾ آهن.
جڏهن ذڪر ذاڪر ۽ مذڪور ٽيئي هڪ ٿي ويا. تڏهن نڪو وصل نڪو فراق نڪو هي نڪو هُو رهيو، اها ڳالهه عارف سمجهندو ٻئي جي ماءُ کي به طاقت نه آهي. انا الحق جي محلات ۾ ويٺي کان پوءِ رومي زنگي ملان قاضي ڪارا اڇا ٻانڀڻ مفتي يهودي ۽ نصارا شيخ مشائخ پر چهڙا چمار سڀ هڪ ڏٺاسين اڳ خبر نه هئي،
مستيءَ جي ڳالهه ڪيان ته هي فولاد وارو بوتو خواه ٻڌندڙ سڀ سڙي وڃن. جڏهن مان ناچ ڪندو آهيان تڏهن ملڪوت جبرورت ۽ لاهوت منهنجي پيرن هيٺان هوندا آهن. ساقي جي هٿان شراب پيئڻ بعد مون تي ايترو نشو غالب آهي جو مون تي ٻيو نشو ٿيئي ڪونه اسان جي بوتي جي مٽي لامڪان جي شراب سان ڳوهيل آهي مگر ظاهر ۾ هت ٿا رهون.
عشق جلال ماڻهوءَ کي شيطان ۽ ناري ڪري ٿو وجهي. مگر عشق جمال شيطان کي به نوري ڪندو آهي. هر هر پاڇي ڏي ڏسڻ سٺا ڪپڙا. پائڻ، هر هر ڏندڻ ۽ ڦڻي ڪرڻ، تسبيح هٿ ۾ ڪري ڪلاه ۽ پيچي ٻڌي نماز پڙهڻ. پرهيزگاري ڪرڻ. نفساني خودي آهي. اهڙي جي نماز ۽ عبادت قبول نه آهي. اسان جي عشق جو لام مونڍو نه آهي نه وري اسان جي حُسن جي انتها آهي. اسان جي سجدي جي جاءِ محبوب جو منهن آهي. پوءِ مسجد ته ٺهيو پر ڪعبه ڏي وڃڻ به روح نٿو ٿئي. هڪ دفعي عيد جي نماز لاءِ صف ۾ بيٺس ملان الله اڪبر چئي قران پڙهڻ شروع ڪيو ته اوچتي منهنجي اڳيان نماز جو مالڪ اچي بيٺو ۽ چيائين ته تون ڪنهنجي نماز ٿو پڙهين. اهو ڏسي مون کي وجد يعني بيهوشي ٿي ويئي. جڏهن هوش آيو ته هليوآيس. مسجد خواه مندر خواه مڙهيءَ ۾ ان جي ئي عبادت ٿا ڪن. سڀڪو پنهنجي پر ۾ خالق کي ياد ٿو ڪري سڀني جي ٻڌي ٿو. ٽڪاڻن ۾ سازن سروزن واري راڳ روپ واري عبادت ۾ به انهن کي سڏ ڏئي ٿو.
ڏس ته جنهن کي ظاهري صورت جو ڏنگ ٿو لڳي ته ان کان ننگ ناموس ۽ عبادت برباد ٿي ٿا وڃن. مگر هو ته حقيقي حسن آهي. ان جي ڏسڻ کان پوءِ دين ايمان ڪيئن بچندا. اسان کي عشق. دين ايمان ۽ پليدي کان پاڪ ڪري ڇڏيو. اهڙو شراب پيتو سين. جو جبرائيل ملائڪن سميت حيران ٿي ويو. ڇو ته ملائڪن جو ان شراب ۾ حصو ڪونهي. ساقيءَ وٽ دين ايمان تسبيح ۽ مصلو روزو نماز سڀ ٽپڙ ڳهه رکياسين ته شراب جو هڪ جام مليو. جنهن سان ٻيئي جهان رئي ٿي ويا. ملن ۽ قاضين کي ان سودي جي خبر ڪانه هئي، جي خبر هجين ها ته سجدو ئي ڪونه ڏين ها.
ملڪوت درياه جو گرساب ڪُن آهي. جتي نفس جي ٻيڙي جا تختا فنا ٿي ويندا آهن. اتي فقير معراج جي حالت ۾ پنهنجي خون ۾ رنگين ٿي ويندا آهن ۽ اهو انهن عارفن جو وضو آهي. جسم جي سِپَ جو ڀڳي ته ان مان موتي ٻاهر نڪتو. موتي وٺي جو اڏاڻو ته الست واري جاءِ تي وڃي پهتو. اتي دوڪان آهي جتي صراف ويٺو آهي. ان کي اهو موتي ڏيئي شراب وٺي پيتوسين ۽ جسم جي قيد مان آزاد ٿياسين. اي طالبو لذتون ڦٽيون ڪيو ته عشق جي بٺيءَ تان طعام مليوَ جيڪو ڪن ڪن نبين به مس کاڌو آهي. اسان کي مُلن جي واعظ کان بينن شرنائن دهلن ڌڪڙن جو آواز وڌيڪ پسند آهي. بت پرستي شراب خوري ۽ ڪفر ٽيئي اسان جو مذهب ۽ دين ايمان آهن. جڏهن بيچون ٿي پياسين ته بيچون لهي ان ۾ هڪ ٿي پياسين ۽ عشق جي ڪماليت ڏٺي سين. عشق جو ڪمال اهو آهي. جو اسان جو مٽ ڀڄي پيو مگر شراب ڪونه هاريو. وڏا به دين ايمان واري پل تي بيهي رهيا ۽ ان شراب کان رهجي ويا. عام مسلمان اسان کي ملحد ڪافر ۽ زنديق سڏيندا آهن. مگر جيڪو ملڪ هن ملحد ۽ زنديق ڏٺو آهي ۽ حاصل آهي سو منصورن، قلندرن، عارفن ۽ انبيائن کي حاصل آهي. ۽ فيصلي جي ڏينهن فيصلو به هي ڪندو. هن زنديق کي ايتر اختيار آهي جو بهشت ۽ دوزخ به هي ورهائيندو. ها نفس پروري واري مسلماني ڪهڙي ڪم جي، جيڪڏهن عشق جو راز ظاهر ڪجي ته سڄي دنيا خراب ٿي وڃي. جنهن کي عشق الاهي جي سُڌِ نه آهي. ته ان جي نماز قبول نه آهي.
جڏهن ٽڪاڻي ۾ وياسين ته مسجد منبر ۽ نماز روزي کان دل بيزاز ٿي وئي جنهن کي اسم اعظم جي ترار هٿ ۾ آهي تنهن کي ڪوبه ڀَوءُ ڪونهي جنهن کان ڇڏائي وئي ته ٻڌل دشمن به دسي وجهندس. جيسين سياڻو آهين ته ٽڪو نه لهين.
عشق ۾ چريو ٿيندين ته ڪروڙ لهندين.

باب چوٿون: شاهه منصور جي حقيقت

---

شاهه منصور جي حقيقت

شاهه منصور جي وجود ۾ وحدت جي اک پيوند ڪئي ويئي. جا هن محبت جي پاڻي سان پالي وڏي ڪئي. جڏهن ڦر ڪيائين ته ان مان انا الحق جو ميو پيدا ٿيو. جيڪي مسلمان ان راز جا واقف نه هئا تن شاهه منصور کي پنهنجي شهر مان تڙائي ڪڍيو. مگر توحيد ۽ الاهي فيض ڪٿي لڪي نه سگهيا. شاهه منصور جتي پيو وڃي اتي سندس هزارين طالب پيا ٿين. بغداد شهر جا ماڻهو کيس جادوگر سمجهي پٺيان پيا لڳا وتن. ڪن ماڻهن وقت جي حاڪم جا ڪن ڀريا ته شاهه منصور وٽ ايتري خلق گڏ ٿي آهي. سو ضرور بغاوت ڪري. حڪومت سان جنگ ڪندو. حڪومت کي ڊيڄاري کيس اُتان به شهر نيڪالي ڏياريائون. جو آخر مسافر ٿي هند. سنڌ. چين، ايران، خراسان ماورا ۽ النهر. بصري، مڪي ۽ بلخ ملڪن ۾ گهميو، انهن ملڪن ۾ به هن فقيري حال ۽ توحيد جو ٻج وڌو. انهن ملڪن ۾ اسم اعظم جو جيڪو معراج جو رستو آهي. سو پکيڙيائين.
شاهه منصور ٻارنهن سال تستر ۾ رهيو جتي شيخ جنيد کان فقيري ۽ توحيد جو مسئلو پڇيائين. جنهن تي شيخ جُنيد وائڙو ٿي ويو. جواب نه ڏنائين. جنهن تي شاهه منصور کيس. اڻ ڄاڻ سمجهي کائونس منهن نه ڦيرايو. سوال هي هو ته الله نفس ۽ شيطان ٽيئي گڏ آهن. انهن کي ڌار ڌار ڪري سمجهاءِ. جيڪو هو ٻڌائي نه سگهيو مگر عشق شهنشاهه اسان کي ٻڌايو آهي.
ظاهر وارا شاهه منصور جهڙي عارف جي ٻولي سمجهي نه سگهيا. تڏهن ئي سندس خلاف ٿي بيٺا. عشق جي ٻولي اڙانگي آهي. عام ڇا سمجهندا ان مخالف سبب شاهه منصور خراسان ويو. ۽ ڪجهه وقت نيزوزيستان ۽ ڪرمان ۾ رهيو. پوءِ موٽي ايران آيو. اتي توحيد جي گفتار نالي هڪ ڪتاب لکيائين. اهواز جي رهاڪن کي اهو ڪتاب ڏاڍو پسند آيو. اهي ماڻهو کيس حلاج الا اسرار سڏڻ لڳا.
شاهه منصور ٻه سال مڪي ۾ هڪ سال بصري ۾ پوءِ اهواز ۾ رهيو، اتان عالمن عمر ۽ ابوعثمان ساڻس دشمني ڪئي. تنهن ڪري اتان اِئين چئي نڪتو ته هتان جا ماڻهو مون تنگ ٿا ڪن. تنهن ڪري. اوڀر وارن ملڪن ڏانهن وڃان ٿو، تي عام آدمين کي حقاني راهه ڏيکاريندس ائين چين ڏانهن ويو. هندستان مان ٿيندو. سنڌ ۾ آيو. ان وقت سنڌ ۾ عربن جي حڪومت هئي. سنڌ جا ماڻهو شاهه منصور کي ابو المغيث يعني فرياد ٻڌندڙ بابو سڏيندا هئا. چين جا ماڻهو کيس ابو المعين. چوندا هئا ۽ پارس جا ماڻهو کيس ابو عبدالله عارف سڏيندا هئا. خراسان جا جيڪي سندس طالب هئا، اهي کيس ابوالمسمين يعني عقل جو ابو سڏيندا هئا. خوستان جا ماڻهوکيس. حلاج الاسرار چوندا هئا. مگر بصري وارا کيس مخبر التوحيد سڏيندا هئا. بغداد وارا طالب معطلم سڏيندا هئا.
شاهه منصور پاڻ پڃارو ڪونه هو. مگر هڪ دفعي ڪپهه جي ڍير وٽان اچي لنگهيو. اشاري سان سموري ڪپهه ڪڪڙن کان ڌار ڪيائين، ان ڪري مٿس،حلاجُ معنيٰ پڃارو لقب پئجي ويو. شاهه منصور ماڻهن کي توحيد ٻڌائي الله ڏي رجوع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. مگر ماڻهو سندس دشمن ٿي پيا. هڪ دفعي ڪنهن شخص پڇيس ته سائين توهان جو مذهب ڪهڙو آهي.جنهن تي جواب ڏنائين ته پنجاهه سالن کان ڪنهن به مذهب سان تعلق نه رهيو آهي.مگر عشق الاهي هٿ ڪيو اٿم، ڇاڪاڻ ته سڀ مذهب بهشت ۽ دوزخ جا پائبند آهن. مذهب ته قبر جي بچاءُ لاءِ هٿ ڪبو آهي.۽ نماز به هزارين ورهين جي هڪ دم ۾ پڙهي هيم. هر هڪ سان غسل به ڪندو هيس. هجي ڪو ته ان جملي جي معنيٰ ٻڌائي.اها معنيٰ اهو ٻڌائيندو جيڪو منصب ۾ شاهه منصور جهڙو هوندو. شاهه منصور هزار ورهين. جي نماز هڪ دم ۾ پڙهي. مگر اسان ستن هزارن ورهين جون نمازون هڪ دم پڙهيون آهن، هر هڪ دم سان وضو به ڪيوسون ۽ سمورو قرآن به هڪ دم ۾ پڙهيوسون. اها الٽي مام آهي. جيڪا ڪو سمجهندو جيڪو هن ملڪ ۾ ويو هوندو سوئي ڄاڻندو. هڪ دفعي شاهه منصور، ابراهيم خواص کان پڇيو ته ڇا پيو ڪرين. چيائين : توڪل کي پڪو پيو ڪريان. شاهه منصور چيس. توڪل نفس ۽ پيٽ جي پائيبند آهي. توحيد ۾ ڪڏهن فاني ٿيندين.! هيءَ سڄي عمر نفس جي تابعداري ۾ گذريئي، باقي ڪڏهن توحيدي ڏي هلندين! جنهن تي ابراهيم خاموش ٿيو.
هڪ دفعي شاهه منصور ڳالهه ڪئي ته موسيٰ عليه السلام ابليس کي چيو. اي تڙيل، آدم کي سجدو ڇو نه ڪيئي، جي کيس سجدو ڪرين ها ته ڪونه تڙجين. ها جنهن تي ابليس چيس ته وڏي بيوقوفي ته تو ڪئي، جو الله کان ديدار گهريئي ۽ توکي چيائين ته انظر اِلَي الجبل، يعني جبل ڏي نهار. تو الله کان منهن موڙي جبل ڏانهن نهاريو. مون ته خدا کي جواب ڏنو ته توکان سواءِ ٻئي جي اڳيان نه جهڪندس.
هڪ دفعي شاهه منصور کان ڪنهن موسيٰ ۽ فرعون بابت پڇيو جنهن تي پاڻ چيائين ته ته ٻئي حق تي هئا. جنهن کي ازل ۾ جيئن هلايائون ائين پيا هلن. وري پڇيائونس: الله وٽ پهچڻ جو ڪهڙو رستو ۽ فاصلو آهي پاڻ چيائين: ٻه قدم هڪڙو دنيا تان هٿ کڻ ۽ ٻيو عقبيٰ تان هٿ کڻ ته اجهو ٿو موليٰ وٽ پهچين. صوفي واحد ذات حق آهي نه هو ڪنهن کي ڄاڻندو نه هن کي ڪو ڄاڻيندو. الله کي جيڪو ڳوليندو سو لهندو. عارف جي دل نشانو آهي. ۽ عشق نشان چٽيندڙ، پوءِ عشق جو نشانو ڪيئن گسندو. عاشق تي خلق جو ملامتون ۽ تهمتون ۽ طعنه ٿين ته کيس وار جيترو به ڏک نه ٿئيس. اهو خلقِ عظيم آهي.
ازل کان ابد تائين جيڪي آهي. سو وحدت آهي. ازدها جي وات ۾ ٻيئي جهان ائين آهن جيئن درياهه ۾ ڪک آهن. عشق جي درد جي تصوير ڪڍجي. ته سڀ جهان اوڏهين ڏسن. ڪنهن کي به بهشت ۽ دوزخ ياد نه هجي. دنيا ڦٽي ڪرڻ نفس جو زهر آهي. عقبيٰ ڦٽي ڪرڻ دل جو زهر آهي پاڻ کي ڦٽي ڪرڻ روحاني زهر آهي. آدمي جيستائين پاڻ مان نٿو نڪري تيستائين اهو رسول الله جي دل تي بار آهي.
هڪ دفعي شاهه منصورکان پڇيائون ته نماز ۾ ٻڪن واري دعا الله وٽ پهچي ٿي يا نه؟ پاڻ چيائين ته ڪونه ٿي پهچي. صوفي اهو آهي جيڪو اک جي پنبڻيءَ سان ٻيئي جهان کڻي وڃي. عشق اهڙو آهي جو ارادو ڪري ته سئي جي پاکي مان ظاهر ٿي پوي. جيڪڏهن حجاب ڪري ته زمين ۽ آسمان مان به لڪي وڃي.
سڌان نفس جي حياتي آهن حق دل جي حياتي آهي ۽ عشق روح جي حياتي آهي. جيڪي سازسروز ذات الاهي لڪايا آهن جيڪڏهن انهن کي ظاهر ڪري ته سڀ موجودات نچڻ لڳي جيڪڏهن پنهنجو انهن کي ظاهر ڪري ته سڀني جو دم نڪري وڃي. پڇيائون ته صبر ڇاکي چئجي؟ پاڻ چيائين ته ڪهن آدميءَ جا هٿ پير وڍجن ۽ سوليءَ تي لٽڪائنس ته به دانهن نه ڪري. عجب جو اهو حال شاهه منصور تي نازل ٿيو. شاهه منصور کي ماڻهو سمجهي نه سگهيا. مگر منڪر ٿي ساڻس وڙهيا .
311 هجريءَ ۾ خليري مقتدر با الله وٽ ماڻهن دانهيو ته شاهه منصور انا الحق جو نعرو ٿو هڻي ۽ الله ٿو سڏائي. جنهن تي کيس خليفي گهرائي چيو ته انا الحق نه چئو. مگر هو الحق چئو. پاڻ چيائين ته هوالحق اهو چوندو جنهن جو الله وڃايل هوندو ۽ الله کان ڌار هوندو مگر مان پاڻ الله آهيان منهنجي ڳالهه اهو سڃاڻندو. جنهن پاڻ سڃاتو هوندو منصور ڪٿي آهي منصور ته بحرا واگهه ۾ ٻڏي ويو. حضرت شاهه منصور کي خلق جي هجوم جي روبرو سوليءَ تي چاڙهيو هئائون. ٽي هزار ستر ته صرف ملان ۽ قاضي هوا. ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهڻ وقت کائونس پڇيائون ته عشق ڇا آهي پاڻ چيائين ته اڄ به ڏسندو سڀاڻي ۽ پرينءَ به ڏسندو. ان ڏينهن شاهه منصور کي سوليءَ تي چاڙهيائون ٻئي ڏينهن لاش کي باهه ڏنائونس ٽئين ڏينهن هوا ۽ دجله درياهه ۾ وڌائونس.
سوليءَ وقت هڪ طالب آخري وصيت جي گهر ڪيس جنهن کي چيائين ته پنهنجي نفس کي ذڪر ۾ محو ڪر نه ته توکي حرص جي کوهه ۾ اڇليندو. جتان نڪري. نه سگهندين. وري کائونس پُٽ وصيت طلب ڪئي جنهن کي چيائين ته پُٽ سارو جهان روزي نماز ۽ عبادت جي ڪوشش ۾ هجي ته تون معرفت ۽ علم لدني هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ علم لدني جو هڪ نُڪتو ساري جهان جي جنن انسانن جي عبادت کان افضل آهي. شاهه منصور کي پيرن ۾ ٻيڙيون پيل هيون ته به چالاڪ ۽ هوشياريءَ سان پيو گهمي پڇيائونس. ته اهو ڪهڙو سبب آهي چيائين ته وجود جي ٽنگوٽي کي بند ڪيون عرش عظيم ڏي ٿو وڃان.
تڏهن خوشي ٿي ٿئي اناالحق جو نعرو هڻندو هي عربي شعر پڙهيائين

نَدِیمی غَیر مَنْسُوب اِلٰا شَیءِ مِنَ الحیَفُ
سَقانی مِثْل مایَشرَب کَفَعْل ضیف بالضیفُ
فَلَما ذارَب الکاسُ دَعَایا الَنَطیع ُ والسیفُ
کَذا مِنْ یشرَبُ الراحُ مَعَ النبینُ باالصیف
يعني منهنجو محبوب حيف ڪرڻ جهڙو نه آهي . جڏهن وٽس ويس ته مون کي شراب ڏنائين جيئن ميزبان مهمان جي عزت ڪندو آهي کارايائين ۽ پياريائين مان عشق جي شراب جا پيالا پيتا ته محبوب نطع کڻي پٿاري ( نطع معنيٰ چمڙي جو وڇايو جنهن تي مجرم کي قتل ڪيو ويندو آهي) ۽ ترار ڪڍي ڪهڻ لڳو. ان شراب جو مُلهه سر ڪپائڻ اهي جيڪو عشق ازدهان کان هاڙهه جي مند ۾ ڪهنو شراب وٺي پيئندو ته ان جو حال اهو ٿيندو.
شاهه منصور جڏهن سوليءَ تي پهتو ته تختيءَ کي چمي ڏنائين ڏاڪي تي پير رکندي چيائين ته جيڪي گهريو هيم سو اڄ حاصل ٿيو، جسم جي قيد مان اڄ آزاد ٿو ٿيا. سندس طالب دانهون ڪري چوڻ لڳا ته قبلا توکان پوءِ هي ملان ۽ قاضي اسان کي به ماريندا پاڻ کين چوڻ لڳو ته مونکي مارين جي اوهان کي ماريائون ته ٻيڻا ثواب هٿ ڪندا.
سوليءَ وقت شيخ شبليءَ پڇيس ته عشق ڇا آهي؟ ۽ تصوف ڇاکي چئجي؟ ان کي چيائين ته هي جيڪي ڏسين ٿو اهو سڀ ڪجهه عشق ۽ تصوف آهي. ان ڏينهن ماڻهن شاهه منصور کي پٿر پي هنيا. ريس تي شيخ شبلي به شاهه منصور کي گل هنيو ته دانهن ڪيائين. پڇيائونس ته پٿرن تي دانهن نه ڪيوَ مگر گل تي دانهن ڪيوَ. جواب ۾ چيائين ته عام ماڻهو معذور ۽ بي خبر آهن هي شيخ باخبر آهي.ڄاڻي ٿو ته شاهه منصور کي پٿر هڻڻ جائز ڪين آهن. انهن بخبرن جي پٿرن جو نه ڏک ٿو ٿئيم ۽ نه ايذاءٌ ٿو اچيم. مگر هن خبر واري جو ڏک ٿو ٿئيم،
پوءِ شاهه منصور جا هٿ وڍيائون کلي چيائين ته مون کي ٻيا هٿ به آهن جيڪي عرش عظيم کان لنگهيل آهن. انهن جي وڍڻ جي اوهان کي طاقت ڪانهي. وري شاهه منصور جا پير وڍيائون جهن تي چوڻ لڳو ته هي پير وڍيا اٿو جن سان زمين تي سير پي ڪيم مگر اڃا مونکي ٻيا پير به آهن جن سان هماءُ ۽ عُنقاءَ پکي وانگر ٻنهي جهانن کان پرتي جو سير ٿو ڪيان هجيوَ طاقت ته اهي پير به وڍيو. پوءِ پنهنجي رت منهن ۽ ٻانهن کي مکڻ لڳو. جنهن ماڻهن پڇيس ته رت ڇو ٿو منهن کي مکين. چيائين ته مردن جو گل گونو ۽ عطر سندن رت هوندو آهي. ٻيو ته متان رت وهڻ ڪري منهن هيڊو ڏسو ۽ سمجهو ته خوف ٿيو اٿس ۽ وڌيڪ عربيءَ ۾ چيائين ته فیِ العِشْقِ لَا ُیصَحُ وُضُوئھما اِلّٰا بِدَمِّ يعني عاشق جو رت کانسواءِ وضو صحيح ڪونه ٿيندو آهي. سوليءَ تي چڙهڻ وقت ڪنهن پڇيس ته معراج ڇا آهي. چيائين ته مردن جو معراج سوليءَ جي ڏاڪي ۽ تختي تي ٿيندو. زبان وڍجڻ کان ٿورو اڳ ۾ قرآن ڪريم جي هيءَ آيت پڙهيائين:

یَستَعجلُھا الذِینَ الآیُوء مِنُونَ وَالذِینَ آمَنو مُشْفِقُون مِنْھَا وَیَعْلَمُون اَنہ الحَقُ
يعني جي ايمان نٿا آڻين سي تڪڙ ڪندا آهن جن ايمان آندو آهي سي مهربان آهن انهن مان ڄاڻين ٿا ته هو حق تي آهي.

ان بعد خليفي مقتدر با الله عاشق جو سر وڍڻ جو حڪم ڏنو سر وڍجڻ وقت پاڻ کِلي ڏنائين. پوءِ شاهه منصور جي هر هڪ عضوي مان انا الحق جو آواز بلند ٿيو. آخر سڀني عضون کي ڪٽي ڪپي قيمون ڪيائون ته انا الحق جو آواز بند ڪونه ٿيو. ايتريقدر. جو سندس هٿن پيرن جي آڱرين مان به سوڳيو آواز پي آيو. آخر سندس ڪٽيل جسم کي باهه ڏيئي ساڙيائون خاڪ مان به آواز آيو. آخر ڪار اها خاڪ دجلو درياهه ۾ وڌائون ته درياهه موج ڪري شهر بغداد ۾ گهري پيو. وهندو پاڻي مان به ساڳيو. آواز پي آيو بغداد تي مصبيت اچڻ لڳي طوفان نوح جاري ٿيڻ لڳو. پر شاهه منصور اڳ ۾ پنهنجي طالب کي سمجهايو هو ته جڏهن مسلمان منهنجي لاشي جي خاڪ درياهه ۾ وجهندا ته درياهه موج ڪندو ۽ بغداد ٻڏڻ لڳي ته اوهان هڪ دم منهنجي گودڙي کڻي درياه ۾ اڇلجو. ان ڪري پاڻي کي ايندو ڏسي طالب گودڙي کڻي درياهه ۾ اڇلجو، ان ڪري پاڻي کي ايندو ڏسي طالب گودڙي کڻي درياهه ۾ اڇلائي ته پاڻي جو چاڙهه ختم ٿي ويو. ۽ شهر ٻڏڻ کان بچي ويو.
حسين بن منصور حلال الاسرار عشق مڪان پنهنجي طالبن ڏانهن خط عربي ۾ هن طرح لکندو هو.
“ من الله هُوَ لَا ربي الااولُ النُورُ سَلا طِحو لا مِع َوالا صلُ الا صلی والحُجۃ ُالحج
وَرَبُ لَا رَبَابُ ورب الطورُ نِیَازُ الغیثُ مصباح ُالنُورُ المتصور فی کل صورتہ اِلیٰ عبدہ فلان ”
يعني: مان اهوازلي ۽ منڍ وارو الله آهيان جيڪو سڀني چمڪندڙ نورن جو اصل نور آهي ۽ جملي حجتن جي حجت آهيان پالڻهار جو پالڻهار آهيان ۽ طور سينا واري موسيٰ جو الله آهيان برسات موڪلڻ وارو سج جو نور مان آهيان. سڀ ڪنهن صورت ۾ ظاهر ٿيڻ وارو مان آهيان هي خط فلاڻي ٻانهي ڏي آهي.
شاهه منصور جا طالب وري ڏانهنس هيٺينءَ عبارت ۾ خط لکندا هئا:
سُبحانک یا ذَاتَ الذات منتھی غَایَتَ الذَاتُ یا عظیم یا کَبیرُ ۔ اَشھَدُ اَنکَ البَاری القدیم، المُنیرُ المتصور فِی کُل زمان وفیِ زماننا صُورۃ الحُسینُ بن منصور عَبدک ومِسکینکَ وفقیرک المُستجیرُ المُنیبُ اِن الراجعی برحمتک عا علام الغیوب یقول ھذا ھذا
يعني: تنهنجي تعريف سان شروع تون سڀن هستين جي هستي آهين. تون سڀني خوشين جي ابتدا. اي عظيم اي ڪبير. مان شاهدي ٿو ڏيان ته تون بيشڪ باري قديم آهين. سج چنڊ جو پيدا ڪندڙ آهين. سڀني وقتن ۾ ظاهر ٿيندڙ آهين اسان جي وقت ۾ حُسين بن منصور جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهين. فقط تهنجو ٻانهو مسڪين فقير تنهنجو فقير . تنهنجي مدد جو محتاج تنهنجي پناهه جو اميدوار تنهنجي رحمت جو طالبگار. بيشڪ تون مون تي پنهنجي رحمت موڪليندين. اي ڳجهه ڄاڻيندڙ تون ئي اسان جون هي التجائون اگهائيندين.راوي البيروني.
شيخ جنيد بغدادي ۽ شيخ شبلي روح ان وقت راز جا واقف نه هئا تڏهن پي شاهه منصور جي خلاف فتوائون ڏنائون. حڪومت جي به مٿن زور هو. شاهه منصور کانپوءِ راز جا واقف ٿيا.
اسان هي معراج وارو ۽ آسماني اشتهار ٿا ڪڍون ته جيڪو شاهه منصور کي گهٽ وڌ يا ڪچو چوندو ته ان کان الله ۽ رسول بيزار آهن اهو صوفي آهي ته غير واقف ۽ ٻنهي جهانن ۾ انڌو آهي. اهو ۽ سندس پيءُ ڏاڏو ۽ سندس ست پيڙهيون ڏوهاري آهن. اسان اُن کي لعنت جو ڪفن ۽ سندس پيشاني تي داڳ ٿا لڳايون. قيامت ۾ به سندس ڪفس تي لعنت جا ٽاڪا لڳل هوندس. اهو انا الحق جو نعرو نه رڳو منصور جي واتان نڪتو پر رسول ﷺ خدا جي واتان به نڪتو انا احمد بلا ميم جي حديث مشهور آهي مَن راني فَقد راءَ الحقُ. مان رَاني فقد کَفَرَ. يعني آءٌ احمد آهيان پر ميم کانسواءِ جنهن موکي ڏٺو تنهن الله کي ڏٺو. جنهن مون کي ڏٺو سو ڪافر ٿيو.
“ من راني فقد راءَ الحق موج ۾ مرسل چيو. هنيو طبل ته صاحب تاج جي قدسي حديث آهي ته.“
یَتَقَربُ الانسان بِالفَرآئض ۔ فَاذا اَحبِکَ اَحبَنی مَنِ قَصَدَکَ قصَدَنی مَنِ رَاک فَقد رَانی کُنتُ سَمِعَہ وبصرہ وَیَدک ولسانہ وَرِجِلہ وبی یسمع وبی یبصر وبی ینطق وبی یمثی وبی یبطش
ترجمو: جڏهن انسان ڪمال کي ٿو پهچي ته ان سان جنهن ٻئي به صحبت ڪئي ته ڄڻ الله سان صحبت ڪيائون جنهن ڏنو ڪجهه ان کي ته ڄڻ الله کي ڏنائين. جنهن ان سان ملڻ جو ارادو ڪيو ته ڄڻ الله سان ملڻ جو ارادو ڪيائين. الله ٿو فرمائي ته مان ان جا ڪن آهيان جنهن سان ٻڌي ٿو. مان ان جي اک ٿو ٿي پوان جنهن سان هو ڏسي ٿو. ان ڪامل انسان جي زبان ٿي ٿو پوان جنهن سان هو ڳالهائي ٿو. ان جا هٿ پير ٿو ٿي پوان جنهن سان هو ڪم ڪار ٿو ڪري. هاڻي ڏسو ته اتي منصور ڪاٿي رهيو. حديث موجب ڪامل انسان جو وجود حقاني وجود ٿو پوي.
قال غوث اعظم حديث قدس. الا نسان سري وانا سره. يعني رب العالمين ٿو فرمائي: انسان منهنجو راز آهي ۽ مان انسان جو راز آهيان

لَوعرَفا اِلا نسان مَنزِل الانسانِ يَقُول في کُل ِنَفسِ فيِ اللهِ الغنا وَاَنَ الَمَلکُ لا َمَلِکُ اِلا انا
ترجمو: جيڪڏهن انسان پاڻ کي سڃاتو ته چوندو ته هر هڪ ساهه ۾ الله آهي مان بادشاهه آهيان مون کان سواءِ ٻيو ڪجهه بادشاهه ڪونهي. حضرت علي المرتضيٰ عليه السلام فرمائن ٿا ته اَنا عَربُ بلا عَينُ. يعني مان عرب آهيان سواءِ عين جي انا قسيم النار وَالجنه يعني بهشت ۽ دوزخ ورهائڻ وارو به آهيان.
حضرت بايزيد بسطامي عليه رحمت فرمائين ٿا ته لوائي اعظم من لواءِ محمد ﷺ سبحاني مان اعظم شاني لااله الا انا فاعبُدني. يعني، منهنجو جهنڊو پور نور ﷺ جي جهنڊي کان وڏو آهي مان پاڪ آهيان منهنجو شان وڏو آهي. مون کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ڪونهي منهنجي ئي عبادت ڪريو.
حضرت شاهه شمس الحق فرمايو آهي. اسجدني قم باذني. يعني مون کي سجدو ڪريو.
مئل کي چيائين ته منهنجي حڪم سان اُٿ ته هو جيئرو ٿي اٿيو. شيخ جنيد بغدادي مستيءَ جي حال ۾ چيو ته ليس سِوا اللهُ في جُبَتي. يعني منهنجي خاڪي چولي ۾ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي.
مولانا جلال الدين رومي فرمائي ٿو:
آن منم هم خود انا الحق گفتني است باده ازما مست شُدنئي ماازاوهمه عالم ازما هست نئي ماازوا
يعني مان اهو آهيان. جيڪو پاڻ انالحق ٿو چوي شراب کي منهنجي ڪري مستي ٿي آهي. نڪي ان جي مستي مون تي ٿي آهي، سارو جهان مون منجهان آهي، نڪي مان ان مان آهيان اهي جملا شرابا طهورا لاءِ آهن نه ڪي هن دنيا واري شراب لاءِ آهن.
باده در جوشش گائي جوش ماست، چرخ گردش اسير هوش ما است
شراب اسان وٽان جوش سوالي ورتو اهي. آسمان اسان جي حڪ جو آهي پائيبند آهي
آهڙي طرح حضرت سلطان قلندر شهباز نه نعرو هنيو آهي،
شهباز لامڪانم بيرون زکون ومکانم، مسجودانس جان ام مطلب تو آشيانم،
لامڪان جو شهباز آهيان ٻنهي جهانن کان آزاد آهيان. انسانن ۽ جنن جو الله آهيان مطلب ته تنهنجو آستانو آهيان.
من ام عثمان مروندي که يار خواجو منصورم ملامت ميکند خلق که من برادرمي رقصم.
مان عثمان مروندي آهيان خواجه منصور جو يار آهيان خلق ٽوڪون ٿي ڪري. مگر مان سوليءَ تي به نچان ٿو.

حضرت شاهه عنايت شهيد کي يار محمد ڪلهوڙي شهيد ڪرايون ٺٽي مان دهليءَ سرنيزي تي کڻايون پيا وڃن ته مجذوب مست ڏسي پڇيس: “ پير پريان جي پڙ ۾ ڪنهن چيئه تان پاءِ ” هڪدم سر مبارڪ جواب ڏنو: ديراست کي آواز منصور کُهُنُ شدا اکنون من جلوء دهم وارو رسن را”. يعني شاهه منصور جي انا الحق جي نعره کي گهڻو وقت ٿي ويو هو. ان ڪري سوليءَ تي پهچي انهن کي نئون ٿو ڪريان .
حقيقت ۾ شاهه منصور صوفين عاشقن جو سرتاج آهي. هر هنڌ هنِڌ، سنڌ ۾ سندس ذڪر مشهور آهي. مولانا جلال الدين رومي، شاهه منصور جي قاتلن کي غدار ٿو سڏي، عشق جو اسلام شاهه منصور ۽ شمس الحق تبريزي جهڙن عارفن روشن ڪيو، انهن انسانن هن جهان ۾ الله وارو دين اظهار ڪيو الله جي دين کي شاهه منصور اهڙو پڌرو ڪيو. جو عشق جي حال سندس لاشو به ساڙائي ڇڏيو. سڄي دنيا ۾ عارفن جو قبرون زندهه آهن، مگر شاهه منصور جي قبر نه لڀندي اهڙو هن شهنشاهه امتحان پاس ڪيو جوقيامت تائين سندس نالو روشن رهندو ملن ۽ قاضين سمجهيو ته کيس ساڙي سندس خاڪ هوا ۾ اڇلائڻ سان سندس نالو گم ٿي ويندو، پر هو ته ائين فضا ۾ پکڙجي ويو. ۽ سڀني صوفين جو سرتاج ته حضرت امام حسين عليه السلام آهي. مگر حضرت امام حسين کانپوءِ هن پنهنجي سر جو اهڙو امتحان ڏٺو جو ٻئي ڪنهن به صوفيءَ ائين نه ڪيو آهي،

رومي صاحب جا بيت
بود منصور عجب خوش زنده حال، در ره توحيد اور اقصد کمال.
شاهه منصور عجب خوش ۽ زنده حال هيو. توحيد جي راهه ۾ ان جا سوين ڪمال آهن.
شير مانده غره انا الحق نمود، گئو چو گان عشق منصور ربود.
شينهن وانگر انا الا حق جي گجگوڙ ڪيائين. عشق جي ميدان جي منصور گوءِ کڻي ويو.
درس ده استاد جمله عاشقان که باتحمل بُردبار ظلم شان.
سڀني عاشقن کي سبق ڏيندڙ استاد هو.انهن جي ظلم جو بار وڏيءَ بردباري سان کنيائين.
عارفن اندر تحير مانده اند، عاميان در عبرت اوهم شدنده.
سڀ عارف حيرت ۾ پيل آهن. عام ماڻهو پڻ ان جي عبرت ۾ آهن،
بات سوار تاخت برجمله جهان ، لاابالي راکمر بسته عيان
سڄي جهان ۾ هڪ سوار گهوڙو ڊوڙايو ظاهر ظهور بي پرواهي ٿي ڪمرٻڌائين
خلق بروئي جمع جمله صد هزار ، يک تن نعره زده آن نامدار.
ان تي لک ماڻهو گڏ ٿيا. هڪ ڄڻي نامدار تيرن مان نعرو هنيو
سه هزار هفتادن ازعالمان همچون مورو مدخ بروئي مفتيان
ٽي هزار ستر عالم هئا، ڪولين ۽ ماڪوڙن وانگر اتي مفتي گڏ ٿيا هئا.
امتحان عشق راداه همين آفرين برورح پاکش آفرين.
عشق جو اهڙو امتحان ڏنائين. جو ان جي پاڪ روح کي به آفرين هجي،
عضو هائي خاک پاکش سوخته ، نعره انا الحق همه افروخته
ان جا خاڪي عضوا پاڪ ساڙي ڇڏيائون، ته به هر عضوي مان انا الحق جو نعرو کڙو ٿيل هو.
عبديت رابر خانه اش برباد کر، احديث راخر قئه آباد کرد.
ٻانهپ جو گهر داٿائين احديث جو لباس آباد ڪري ڇڏيائين.
صوفيان رافخر منصور آمده عين وحدت نور برنور آمده
صوفين کي منصور تي فخر آهي جو وحدت جي نور کي اعليٰ نور ڪيائين .

عشق حقيقي

جنهن جي دل ۾ حقيقي عشق جو دونهون دکيو ته پوءِ اهومرشد ڳولي لهندو. ذات حق پاڪ سچي طالب کي مُنجهائيندو نه آهي. رب العالمين جهان ۾ ٻن قسمن جا مرشد ڇڏيا آهن. هڪ مرشد رسول الله ﷺ جهڙو، طالب جي رهبري ڪري گمراهي کان بچائيندس ٻيو مرشد شيطان جهڙو.
جنهن تي سرڪار رنج ٿيندي ته اهو مرشد وڃي وٺندو. راضي اٿس ته ڪامل مرشد ملندس جيڪو کيس الله جو سڌو رستو ڏسي رهبري ڪندس.
جيڪو دم دم ۾خيال جي نظر سان ذڪر ڪمائي تنهن کي صوفي چئبو آهي. وذکر ربکَ فِي نفسِکَ وارو رستو هلي.صرف ڪپڙن پائڻ سان صوفي ڪونه ٿيندو آهي. دمن جي حفاظت واري کي صوفي چئبو آهي.
الله جي پنڌ جا سڀ ڏک سک عيد پيو سمجهندو. ڏکن کي خدا جا موڪليل سمجهي چوندو بسم الله سچو صوفي ان کي چئجي جيڪو جسم جي قيد مان نڪري معراج ڪري. جنهن نفس سان حياتي گذاري الله اثبات نه ڪيائين ان کي صوفي هر گز نه چئبو اهو لعنت جو حقدار آهي.ان کان الله ۽ رسول بيزار آهن ڇو ته هن روح موسيٰ کي ڦٽو ڪيو ۽ نفس فرعون جو تابع رهيو.

بيت ديوان آشڪار
صوفي آن جائي کي چون الله شديافت راهه بعد ازان آگاه شد.
صوفي اهو آهي . جيڪو الله ٿيو رستو لهي خبردار ٿيو.
ای دلا در عشق تو دیوانہ باش ، برشمع حسن چون پروانہ باش
اي دل تون عشق ۾ چريو ٿي. حسن جي شمع چون تي پروانه وانگر هج
ھست بجز عشق آن ویران دل، آن دل نہ بود مگر از آب وگل
عشق کانسواءِ دل ويران آهي . اها دل نه آهي مگر مٽي ۽ پاڻي آهي.
گرنہ باشند متاثر از عشق او، ھئی ھئپ از مردگی زندہ بشو۔
جيڪڏهن تنهنجي دل عشق کان متاثر نه آهي . ته افسوس آهي مئل مان جيئرو ٿيءُ
مردہ دل آنست کی درون درد نیست ، عاشق آن نیست کہ رخش زردنیست
مئل دل اها آهي جنهن ۾ درد نه آهي، عاشق اهو نه آهي جنهن جو منهن هيڊو نه آهي
عشق ھدایت بکمالت بود، عشق کمالات وولایت بود
عشق جي هدايت ڪماليت جي آهي . عشق ۾ ڪماليت جي ولايت آهي
عشق دو ایکی میکند، بیخ دوئی رااز میان برمیکند
عشق ٻن کي هڪ ڪري ٿو ڇڏي وچ مان ٻيائي جي پاڙ پٽي ٿو ڇڏي.
عشق بہ رساند کمالت ترا، عشق بہ بخشد عنایت ترا۔
عشق توکي ڪماليت تي پهچائيندو .عشق توکي عنايت بخشيندو
عشق نیا ردبہ ملامت ترا، عشق دھددرجئہ ھدایت ترا۔
عشق توکي شرمسار نه ڪندو. عشق توکي هدايت جو درجو ڏيندو.
عشق آن شھزہر بود برھمہ ، شیر ھمان است دیگران چون روبھہ
عشق سڀني کان زور آهي . عشق شينهن آهي ٻيا لومڙي وانگر آهن.

مانگر مڇ جي ڳالهه

ڪراچيءَ جي ڪُن ۾ مانگر مڇ رهندو هو. اتان مير بحر ست ڀائر شڪاري هئا. ڇهن ڀائرن مڇي ڦاسائڻ لاءِ سمنڊ ۾ ڄار اڇلايا. سڀني جا ڄار ڦاسي پيا. سڀني صلاح ڪئي ته ٽٻي هڻي. ڏسون ته ڄار ڇا ۾ ڦاٿا آهن. کين مانگر مڇ جي خبر نه هئي. هنن جون ٽٻيون آزمايل هيون. ڪنهن جي ٽٻي پهر هئي ته ڪنهن جي ڏيڍ پهر ته ڪنهن جي ٻه پهر هئي. سڀئي هڪٻئي پٺيان ٽٻيون هڻندا ويا ۽ ڇهن کي ئي مانگر مڇ کائي ويو. سندن ستين ڀاءٌ جو نالو مورڙو هو. سو ڏاڍو عقلمند هو. تنهن ڇا ڪيو جو هڪ ڪاٺ جي پيتي کي چوڌاري ڪاوا هڻائي ٿلهي پائيپ جهڙي ٺهرائي ان ۾ وري چوڌاري رُڪ جا ڪات ۽ ڇُرا وجهرايائين. پاڻ ان پائيپ ڪائي جي ۾ ويهي سمنڊ ۾ لهي ويو. مانگر مڇ اُتي تيار بيٺو هو ۽ مٿس حملو ڪيائين. جيئن وات ڦاڙي هن کي چڪ وڌائين ته سندس ٻيئي ڄاڙيون ڪپجي ويون. ٻن ٽن منٽن ۾ مانگر مڇ مري پيو ۽ مورڙو به ٻاهر نڪري آيو. موتو قبل انت موتو ٿي ٻاهر نڪتو.
مطلب ته ڪراچيءَ جي ڪُن هي جهان آهي هي نفس ۽ جسم مانگر مڇ آهن. سڌڙيا ماڻهو جيڪا عبادت ٿا ڪن تي کڻي مانگر مڇ ڳهي ٿو وڃي. ڇو ته هي اسم اعظم جي اوزار کان خالي آهن.
مورڙو آهي روح جيڪو اسم اعظم جو خنجر کڻي اندروني مانگر مڇ کي وات ۾ هڻندو ته سندس اندريان رئيس عضوا لاجي ترار ۽ شاههِ مردان جي ذڪر سان وڃي وڍيندو. نفس مانگر مڇ جا عضوا آهن حرص طمع شهوت ۽ کاڌو پيتو ننڊ عيش عشرت.
مورڙي طالب جي روح جڏهن مانگر مڇ اهونفس ماريو ته پاڻ آزاد ٿي ٻاهر نڪرندو پوءِ ان جاءِ تي ويندو جتي ”انا مدينته العلم وعليٰ بابها“ موجود آهي. اها جاءِ ملڪوت ستين طبقه آسمان تي آهي. موتو قبل اتي ٿيندو. پوءِ جيڪو هيو سو ٿي پويندو.
کاڌو ٻن قسمن جو آهي هڪڙو کاڌو عامن جو جيڪي نفس جي حياتي ۽ عيش عشرت ۽ ننڊ ڪاڻ آهي، عام ماڻهو الله جي ذڪر کانسواءِ ٽي وقت ٿا ماني کائين. ٻيو کاڌو خاصن جو آهي. جيڪو صبح شام يا اٺين پهر ٿا کائن ۽ سمورو وقت الله جي محبت ۽ ذڪر ۾گذارين.
خوردن و آشا ميدن خاصان ذکر کردن است
يعني. خاصن جو کائڻ ۽ پيئڻ ذڪر ڪرڻ لاءِ آهي.
خوردن براءِ زيستن وذکر کردن است تو معتقدمي کفي که خوردن براءِ زيستين است
کائڻ جيئڻ ۽ ذڪر ڪرڻ لاءِ آهي. تون وري ڀروسو ڪيون ويٺو آهين ته کائڻ صرف جيئڻ لاءِ آهي.
خاصن جو کائڻ پيئڻ خدا جي ياد ڪرڻ آهي.انهن جو جياپو ئي ذڪر الاهي سان آهي. عامن جو جياپو کائڻ پيئڻ ۽ غفلت ۾ ٻڌل آهي خاص الخاص جو دين ايمان ذڪر الاهي ڪثرت سان ڪرڻ آهي. خاص الخاص جو دين ۽ زندگي عشق شهنشاهه آهي. متواسط يعني وچولي درجي وارن جو ايمان الله آهي.
هي وجود عشق جو تنبو آهي. جڏهن عشق جي طوفان سان ڦاڙيائين ته ٻنهي جهانن مان لنگهي وڃي. ٽيئن جهان ۾ پهچندو. اتي خدائي دم هڻندو ته من خدا. مان الله آهيان. ٽي ڏينهن ان انا الحق جي ملڪ ۾ رهندو ٽن ڏينهن کانپوءِ عبرت جو سمنڊ پيدا ٿيندو جنهن کي اکئين پيو ڏسڻ سان ڦرجي ويندو. جيئن ڪنهن سان ڌاڙو ٿيندو آهي. ائين ڏسڻ سان هوش عقل دين ايمان سڀ ڪجهه ڦرجي ويندس. کائڻ پيئڻ بند ٿي ويندس. اڃ به نه لڳندس عناصر تي اڳي ئي هيٺينءَ منزل ۾ سڙي ويندا آهن. باقي جيڪا عناصرن جي بوءِ رهيل هوندس سا به سڙي ويندس. هتان ويٺي عرش عظيم جا سڀ آواز هت پيو ٻڌندو


بيت رومي صاحب

صورتش برخان جان برلامکان لامکان فوق وهم سالکان
ان جو جسم خاڪ تي روح لامڪان تي هوندس. لامڪان کان سالڪن جو خيال مٿي ويندو آهي.
بل مکان ولا مکان در حکم اوهمچون درحکم بهشت وچارسو.
مگر مڪان ۽ لامڪان ان جي حڪم ۾ هوندا، بهشت جا به چارئي طرف سندس حڪم ۾ هوندا.
هر دم اورايک معراج دان برسر فوقش نهد حق تاج آن
ان جوهر هڪ دم معراج سمجهه ان جي مٿي تي حق تعاليٰ تاج ٿو رکي
ان حد ۾ پهتي کانپوءِ عاشق معشوق ۽ معشوق عاشق ٿي پوندو. عشق جي ڪماليت اها آهي. معراج وارو رستو کليل آهي پر جيڪو همت ڪندو سو پهچندو. معراج واري فقيري عشق شهنشاهه جي وزارت آهي.جنهن تي بادشاهه ڪاوڙبو ته وزارت تان لاهي ڪوٽوار ڪندس. جنهن صوفي نماز پڙهي ته سمجهو ته بادشاهه وزارت تان لاهي ڪوٽواري ڏني اٿس. ڇو ته ان صوفيءَ بادشاهه جي فرمانبرداري نه ڪئي صرف نفس جي خدمت ۾ رهيو. جيڪو صوفيءَ الله جي پناهه کان ٿڪو ۽ بي ايمان ٿيو ۽ آخرت جي ڀوَ کان نماز پڙهيو اهو نفس جو تابع آهي موچڙن جي ڀوَ کان نماز ٿو پڙهي.
عام خلق لاءِ نماز چڱي آهي جنهن ۾ هنن لاءِ موچڙن جو بچاءُ آهي. سابه جيڪڏهن دل وجان سان پڙهيا ته واهه نه ته رياءَ واري نماز ڳچيءَ ۾ ڳٽ اٿن، خاصن لاءِ نماز پڙهڻ گناهه آهي. خاصا اهي جن من خدايم جو دم هنيو.

بيت

طاعت يامان گناهه خاصگان .وصلت عامان حجاب خاص دان.
عامن واري عبادت خاصن لاءِ گناهه آهي. عامن جو وصل خاصن لاءِ پردو حجاب آهي.

انبيائن اوليائن ۽ عارفن تي نماز ڪانه آهي. جيڪڏهن انهن نماز پڙهي ته سيکارڻ جي لاءِ ڇو ته عرب ۽ عراق ۽ شام ۾ بت پرستي هئي ان ڪري انهن کي نماز پڙهڻ سيکاريندا هئا. جيئن استاد الف به پڙهائيندو آهي. بندوق جي ايجاد کان اڳ مائٽ ٻارن کي ڪاٺيءَ جي ترار ڏيندا هئا. جنهن سان هو جنگ جو فن سکندا هئا. جوانيءَ ۾ ڪاٺيءَ جي ترار ڦٽي ڪري رُڪ جي ترار کڻندا هئا. اهڙي طرح نماز روزو ڪاٺيءَ جي ترار ۽ ڍال آهي. وحدانيت جو ذڪر دوڪاندار مرشد وٽان وڃي وٺندو. اُها رُڪ جي ترار آهي جنهن سان قلعه فتح ٿيندو آهي.
مگر هي عام ماڻهو اڄ سوڌو ڪراڙپ تائين نماز پڙهڻ ڄڻ ڪاٺيءَ جي ترار سان ٿا کيڏن ڄڻ اڃا ڇوڪرا آهن. مردانو رستو طالب الموليٰ مذڪور وارو وٺن اها ڪاٺ جي ترار پاڻهيئي ڪري پوين. اِنما الحَيوت الدُنيا لَعِبُ وَلهو جي ڪري ڇوڪرا آهن. جيڪو جنگ جي ميدان کان ڊڄندو پيو پُر امن وارو ملڪ ۽ جنگ جي ميدان ۾ رڪ جي ترار ڪم ٿي ڏئي. ڪاٺ جي ترار جواتي ڪم ئي ڪونهي.

بيت

تيغ چوبين رام بردر کارزار، بنگراول تان نه گردو کامگار.
ڪاٺ جي ترار جنگ ۾ کڻي نه وڃ پهريائين ڏس ته جنگ ۾ ڪامياب ٿيندي
گربود چوبين برو ديگر طلب رد بود الماس پيش آيا طرب
چون نه داري مروت وزور دست، کود کان راتيغ چوبين بهتر است
جيڪڏهن هٿن جي طاقت ۽ مروت نٿو رکين، ٻارن واري ڪاٺ جي ترار چڱي اٿيئي
تيغ اصل اي جوان دردست گير تيغ چوبين کودک بيکارم گير
اي جوانمراد اصلي ترار هٿ ۾ کڻ ٻاراڻي ڪاٺ جي ترار نه کڻ
تان تودارري تيغ چوبين دست خويش پيش مردان احمقي است ريش.
جيستائين هٿ ۾ ڪاٺي جي ترار اٿيئي پوءِ مرون سامهون بيوقوف ۽ سُسِتُ ليکبين.
تيغ لادرد ست کن اي پهلوان تان رسي تواز مکان تان لامکان
اي پهلوان لا جي ترار هٿ ۾ کڻ، تڏهن تون هتان لامڪان ۾ پهچندين.
تيغ لا ازبهر حق وقتل غير، مي کشاتاتوروي برنهه طبق
لاجي ترار حق جي غير ڪپڻ لاءِ آهي. ترار وهاءِ ته تون آسمانن تائين وڃين
تيغ لا از بهر قتل نفس خام، تاشوداين نفس توزير لگام
لا جي ترار هن خبيث نفس جي مارڻ لاءِ آهي. تڏهن تنهنجو نفس لغام سان جهلبو
تان نه خواني لا اله الا الله را ، دانه يابی منڃي اين راه را.
جيستائين لااله الا الله نه پڙهندين ته هن رستي جو ڇوٽڪارو نه ملندءِ

چئن ڇوڪرين جي ڳالهه

هڪ ڳوٺ جو چار ڇوڪريون پاڻ ۾ گڏ راند کيڏنديون هيون. آخر چارئي ڇوڪريون وڏيون ٿيون انهن هڪ ڇوڪري کي شادي لاءِ ونواهه ۾ مائٽن ويهارو. سندس خدمت دائي جي حوالي ڪيائون سندس جسم جا غلط وار به دائي کوهي ڇڏيندي آهي ۽ ستر ۾ رهندي آهي سندس دعا به قبول هوندي آهي.
کوهي پٽ ڪريج پنهنجي تون پرينءَ لئه
بنڊي ڪانه ڇڏيج، جنهن مان ڪو ڪير ٿئي.

هي آدمي ان زائفان جيتري همت به نٿو ڪري جو هوءَ مڙس کان اڳي پنهنجو منهن پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن کي به نه ڏيکاريندي آهي.
هڪ ڏينهن ٽنهي ساهيڙين ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار کان پڇيو ته ادي توکي ڇا ڪيو اٿن. جواب ڏنائين ته ادي مون کي تڙ ڪرائي گهرجي هڪ ڪنڊ ۾ کڻي ويهاريو اٿن ۽ ڪنهن کي به منهن ڏيکارڻ کان منٿ ڪئي اٿن ٻن ٽن ڏينهن بعد وري اچي پڇيائونس ته ادي اڄ ڇا ٿيو؟ ڪنوار چيو ته ادي اڄ آٽڻ هنيو اٿن ۽ گيهه ڪٽيون ٿيون کارائين. ستين ڏينهن پڇيائونس ته ڪنوار جواب ڏنو ته ادي اڄ ڏاڍا تڙ ڪرائي ڪپڙا ۽ ڳهه پارايائون. ساهرن جي الوالان لڳي ويئي ڏاڍا دُهل شرنايون وڳيون گهوٽ به ڪپڙا پائي شام جو اچي در تي بيٺو.
پرڻجڻ کانپوءِ سهيلين پڇيس ته ادي اڄ رات ڇا ٿيو. ڪنوار چيو ته اڄ رات نڪاح جا وڪيل آيا. ملان نڪاح پڙهيو. پوءِ گهوٽ سان لاوان ڏياريائون. پوءِ سڀ مرد ۽ زالون هليا ويا. اسان گهوٽ ڪنوار ٻه ڄڻا رهياسون. ڪنوار اهو چئي ماٺ ڪري ويئي سهيلين پڇيس ته ادي پوءِ ڇا ٿيو.
ڪنوار جواب ڏنو ته ادي جيڪا پرڻبي ان کي پاڻهيئي خبر پوندي اڳتي ڳالهه نه ڪبي.
عشق جو احوال به ائين آهي جنهن تي آيو اها خبر ان کي هوندي ٻين کي ڪهڙي خبر هي طالب به ڪنواري زائفان وانگر آهي. هن کي به ائين ڪرڻ گهرجي. حلال ۽ پاڪ کاڌو کائي عام کي منهن نه ڏيکاري. ذڪر کان منهن نه موڙي. اسم اعظم هن جي دائي آهي جيڪو سندس دل جي صفائي ڪندو رهندو. ماءُ هن جي مرشد آهي. نفساني خيال سهيليون اٿس. حضرت عشق بادشاهه طالب جو گهوٽ آهي جنهن طالب ڪنوار وانگر پرهيز ڪئي ته ڪنهن نه ڪهن ڏينهن عشق شهنشاهه طالب جي سيني واريون دهل شرنايون وڄائي گهوٽ ٿي سندس گهر اچي لهندو. مسلمان جا طعنا تنڪا دل شرنايون اهن ڪونيڪ چوندس ته ڪوبد پيو چوندس ڪوبي دينو ملحد چوندس. هو چوندو ته مان خدا آهيان ٻانهو نه آهيان.
حيف آهي ان صوفيءَ کي جو زائفان جيتري به پرهيز نٿو ڪري ته وٽس گهوٽ ڪيئن ايندو. زائفان به جيڪا بنا پرهيز جي جهنگ جهر گهمندي وتندي تنهن کي گهوٽ ڪيئن قبوليندو.

ننڍن ٻارن جي سنگت

ننڍا ٻار راند کيڏندي چوندا آهن ته الله سائين جا گابا چاريندين. ٻيو ڇوڪرا هائو ڪندو. وري چوندس ته ڪتي ٻلي کان ڪونه ڊڄندين. چوندو ته نه پوءِ آزمائڻ لاءِ چوندس ته تاڙي ڪن ڦوڪ. انهن مان هڪ جو نالو کڻندو. پوءِ تاڙي يا ڦوڪ سان اک ڇنڀيائين ته چوندس ته تون ڊڄي وئين تون الله جا گابا نه چاري سگهندين .
مطلب ته ذڪر ساهه سان ڪمائڻ الله جا گابا چارڻ آهي. ڪتو ٻلو نفس ۽ شيطان آهن. تاڙي ڦوڪ ملامتون ۽ مصيبتون آهن. جيڪو انهن تڪليفن کان نه ڊنو سو الله جي گابن چارڻ جي لائق آهي چارڻ وارو ساڳيو سر ٿي پوندو. پوءِ اهو الله واري جوءِ ۾ وڃي پهچندو. اتي پهتو ته هٿيڪو ٿيو.

حضرت موليٰ عليه السلام

هڪ دفعي ڪنهن شخص موليٰ پاڪ کان ڇچيو ته سائين الله جي اسم ۾ ڪهڙي فضيلت اهي جو سڀڪو ٿو وٺي. پاڻ فرمايائون ته مجهول صبر ڪرائين نه چئومتان قيامت اچي وڃي. ڇو جو بي ادبي ٿو ڪرين.
وائڙا ٻئي جهان تاراجيءَ ج هڪ پڙ ۾ وجهجن ٻئي پڙ ۾ اسم الله جو وجهجي ته به اسم اعظم وارو پُڙڀاري ٿي پوندو.
هن اسم اعظم ۽ الله جي ذڪر کي اهڙي فضيلت آهي جو جيڪڏهن ڪو آدمي زمين ۽ آسمان مانيون ڪري جبل ۽ واري مصري ڪري درياهن ۽ سمنڊن جو پاڻي گيهه ڪري انهن جي ڪٽي ڀوري مسڪينن کي کارائي ته به ان خيرات جي ثواب کان الله جي ذڪر جو هڪ ڀيرو دم سان سيني تي گهمائڻ جو درجو وڌيڪ آهي.

بيت رومي صاحب
لفظ الله اسم با لا شان دان، که اندرون آرام شد کون ومکان
الله جو اسم وڏي شان وارو آهي ڇو ته ان ۾ ٻيئي جهان سمايل آهي
الف الله هر دم کون را ابتدا، هر علم هر کتب را الف اوستا.
الف الله ٻنهي جهانن جي ابتدا آهي. هر هڪ خواه ڪتاب جو الف استاد آهي
نام ديگر جملهارا فنا است، تاز آدم نام الله رابقا است،
ٻين سڀني نالن کي فنا آهي آدم عليه السلام کان الله جي نالي کي بقا آهي.
مفر جمله عالم و ديگر چون پوست ، پوست فاني است باقي نام دوست
ساري جهان جو اهو اسم مغز اهي باقي جهان کل آهي کَلَ فاني آهي دوست جو نالو باقي آهي
پوست ديدن ديدنا بينا کن کي مغز ديدن موبه موبينا کند
کل ڏسڻ سان انڌو ڪندي اکين کي، مغز جو ڏسڻ وار وار مان ديد پيدا ڪندو.
کوربهتر چشم آن کي رئو حق، گشت ناديده سيه باشدورق
جن اکين الله نه ڏٺو سي ابڌيون ڀليون نه ڏسندڙ اکين لاءِ هر شيءَ ڪاروپنو آهي
گفت المعنيٰ هو الله شيخ دين، جمله اطباق آسمان وهم زمين،
دين جي مرشد چيو سڀني آسمانن ۽ زمينن جي طبقن جي معنيٰ الله آهي
بحر معنيٰ هاست رب العالمين، همچون خاشاک در آن بحر روين
رب العالمين معنيٰ جو سمنڊ آهي. ٻيا سڀ هلندڙ درياهه ۾ ڪک پن اهن

سُڪي بُنڊ ۽ ٻيڙيءَ جي ڳالهه

درياهه ۾ سُڪل بُنڊ ٻڏندو ترندو اچي ٻيڙيءَ وٽان لنگهيو۽ کائونس پڇيائين ته تون ۽ مان ٻئي ڪاٺ آهيون تون پاڻ به ترين ٿي ۽ هزارين مڻ بار به کنيو ٿي اچين. مان ته پاڻ ئي درياه ۾ نٿو تري سگهان. ان جو ڇا سبب؟ ٻيڙي چيس ته مون کي ڪاريگر جا هٿ لڳل آهن مگر تون ڪنهن ڪاريگر وٽ ويو ئي ناهين.
مطلب ته جنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڪاريگر يعني مرشد جو هٿ لڳو آهي سو به ٻيڙيءَ وانگر ٻنهي جهانن ۾ تري ويندو. پاڻ ته ترندو ٻين کي به تاريندو. عام ماڻهو سڪا بنڊ آهن جن کي ڪنهن ڪاريگر مرشد جو هٿ لڳل نه آهي. اهي ٻُڏي ويندا ۽ وڃي جهنم ۾ پوندا. جن لاءِ قرآن ڪريم فرمايو آهي ته لايموت فيها ولا يحيٰ يعني ان ۾ نڪي مرندا نڪي جيئرا ٿيندا. بيهوشيءَ جي حالت ۾ پيا سڙندا.

بيت رومي صاحب جو
هر که اوبي مرشد روبي راهه شد، اوز غولان گمراهه ودوچار شد.
جيڪو مرشد کان سواءِ هن رستي ۾ هليو اهو چٻن ۽ مَمَنِ جي آواز تي ڀلجي دربدر ٿيندو،
بهترين در هر دو عالم پيران ، مرشد کامل اکثيردان
ٻنهي جهانن ۾ مرشد کي وڌيڪ سمجهه ڪامل مرشد کي خدا اڪثير سمجهه
هر که اوبي مرشد کامل بود، اوبه راه گمراه مائل بود،
جيڪو بنا ڪامل مرشد جي هوندو ، اهو ڀلجي لڙي ويندو،

شريعت طريقت حقيقت ۽ معرفت جي تشريح

شريعت ۽ طريقت ڇا آهي. شريعت گمراهيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ روشن چراغ مثل آهي. ان تي عمل ڪندي طالب ڪامل مرش جي امر تي هلي ته اها طريقت آهي. شريعت ۾ حلال حرام نيڪ ۽ بد جي سڃاڻ ٿئي ٿي. مگر طريقت سان هلندي جڏهن عشق جي شهر ۾ پهتو ۽ سڀ ڪجهه اکين سان ڏسندو ته اها حقيقت آهي. جڏهن ان شهر ۾ ويو ته شهر جو مالڪ ٿي پوندو. ان شهر ۾ ٽي ڏينهن رهندو اتي بيخودي جو دم هڻندو ان بيخوديءَ جي تختنگاهه ۾ اهڙو اثر آهي جو زمين ۽ وڻن مان هڪ ساڳي ٻولي پيو ٻڌندو.
سڀئي آدمي ان شهر جا حقدار آهن پر ڇا ڪجي جو شرالوسواس الخناس نفس خلق کي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي. ان نفس ۽ روح جون ٻه مختلف فوجان آهن جيئن ٻن بادشاهن جون سرحدن تي فوجون بيٺل هونديون آهن. ائين عام ماڻهن وٽ نفس جي فوج طاقت واري آهي. تنهن ڪري سندن روح ڪمزور آهي. جنهن ڪري سندن روح حق کي نٿو پهچي سگهي. جيڪڏهن ڪو لڪي دمن واري فوج کي زور وٺرائي ته نفس کي شڪست ڏئي وجهندو ۽ پاڻ اها ذات ٿي پوندو عشق جي شهر جو مالڪ پاڻ ٿي پوندو،
جڏهن عارف بيخودي جو نعرو هڻي ان محلات ۽ تخت کي ڇڏي ٻاهر نڪتو ته پريان معرفت جوسج اڀريل آهي. ان جو نالو معرفت آهي. عربيءَ ۾ مقوله آهي ته لَو ظهَرت الحَقَائِق ُبِظلمت الشرايع. يعني حقيقت ظاهر ٿي پيئي ته شريعت لڪي ويندي. شريعت مثال آهي ڏيئي جي جڏهن سج اڀريو ته ڏيئو ختم شرمسار ٿي ويندو بتي جي روشنائي اونداهي ۾ ڪم جي آهي مگر سج اڀرڻ کانپوءِ بتي ڪهڙي ڪم جي. جيستائين آدمي جسم ۽ نفس جو قيدي آهي تيستائين مٿس شريعت لاڳو آهي. جسم جي قيد مان نڪتي کان پوءِ ساڻس شريعت جو ڪوبه واسطو ڪونهي. پوءِ هو عين ذات آهي ذات حق بادشاهه آهي شريعت ڪوٽوار آهي. بادشاهه تي ڪوٽوار جو ڪهڙو حڪم هلندو. ذات نه هندو نه مسلمان

“الله نه سمون سومرو نڪي منجهان سيدن
وحده الشريک له جهڙو ڪونه چون”

جنهن پاڻ ته ان جو آخري نعرو انا الحق آهي جنهن پاڻ سڃاتوڳ ته ان جي آخري منزل هن آيت مطابق ياليتني کُنتُ تُرابا آهي.

ڪوٽ ۾ ڦاٿل قيديءَ جي ڳالهه

مثال جيئن ڪو آدمي وڏي ڪوٽ ۾واڙيل هجي. سندس ڪوٽ ۾ واڙيل هجي. سندس ڪوٽ جي ٻاهران درياهه پيو وهي. هي ويچارو اُڃ جي تڪليف کان اندران پاڻي ۾ پٿر پيو اڇلي پاڻيءَ جي ڇڇڪي تي خوش پيو ٿئي ته اجهو ٿو پاڻي پهچي. آخر پٿر اڇلي خواهه ٽپ ڏيئي ڪوٽ وڏي هجڻ ڪري نه نڪري سگهيو نه پاڻيءَ تي پهتو.
هي آدمي به هن جسم جي ڪوٽ ۾ قيد ۽ بند آهي هڪ نه پر سڀ ماڻهو ان ڪوٽ ۾ بند آهن. درياهه اعظم ذات ذوالجلال آهي. سڀ ڪو ماڻهو هندو هجي يا مسلمان الله ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو پر ملان قاضي پير مخدوم سڀني کي ان درياهه جي پاڻيءَ پيئڻ جي سڌ آهي. اهي صرف ظاهري عبادت ڪري دعائن جا ٻڪن جا پٿر ٿا اُڇلين انهن پٿرن اڇلڻ سان سندن اڃ ڪانه ٿي لهي نه وري درياهه ٿو نظر اچين. ائين پاڻيءَ ڏسڻ ۽ حاصل ڪرڻ کانسواءِ اڃ ۾ مري ٿا وڃن.
مگر جن کي مرشد ڪامل هٿان ان جسم جي ڪوٽ کي کاٽ هڻڻ لاءِ ذڪر جو رنبو مليو سي اها ڀت ڀڃي درياهه کي پهتا.
اهي درياهه جو پاڻي ته پي ويا پر سڄو درياهه پاڻ ٿي پيا.
انهن کي وذڪر ربڪ في نفسک وارو مظبوط رنبو مليو. انهن کي ته ڀت ڀڃڻ سولي ٿي پين. ملان قاضي پير مخدوم شيخ مشائخ غوث قطب ان جسماني ڪوٽ جي قيد ۾ رهجي مري ويا.
اقيمو الصلواۃ واتو الزکواۃ جا پٿر ڪوٽ مان اڇلي ٿڪجي پيا. مگر درياهه تي نه پهتا.

عظيم کٽيءَ جي ڪوئن جي ڳالهه

عظيم کٽيءَ جي گهر وارا ساري رات اٽو پينهي ڪافي اٽو گڏ ڪري رکندا هئا. صبح جو ڏسن ته اٽي جا ٿانوَ خالي پيا آهن. اڃا کڻي ڏسن ته گهر ۾ ڪوئن ٻرڙ ڪري اٽو کائي ناس ڪري ڇڏيو آهي.
عظيم کٽي آهي نفس جنڊ آهي دل ماڻهو ساري رات نمازون تسبيحون ۽ تهجد تحليل پڙهن. صبح جو دل ۾ خيال اچين ته اڄ رات اسان ڏاڍي عبادت ڪئي آهي. بيهي بيهي پير سڄي ويا آهن. اهي خبيث خيال سندن دل ۾ اچن ته سڀ عبادت ناس ٿي وڃي .
بيت رومي صاحب

زبان در ذفکر خانه، چه حاصل ازين نماز پنجگانه
زبان ذڪر ۽ دل گهر جي فڪر ۾ اهڙي پنج وقت نماز مان ڇا ملندو.
ان نماز تو کند آخر تباهه مکرها باطل کنند رويت سياهه .
اها نماز آخر توکي تباهه ڪندي ڪوڙ ۽ مڪر تنهنجو منهن ڪارو ڪندو.

عشق جي بيداري

عشق جي بيداري ملڪ فلڪ جنن انسانن خواهه ٻنهي جهانن جي حياتي آهي. عشق جي اچڻ سان ظاهر باطن گم ٿي ويندو. ڪثرت عدم ٿي ويندي، عشق جي ذات کي بقا آهي. ٻئي جهان ان جي موج آهن پاڻ کي ڪَرَ ئي ڪانهي. قاضي تم کو کيا کهون جو يار موجدا رهوا. بحر لهردا رهوا.
ظاهر باطن عشق جي حڪومت ۽ دٻدٻو آهي. شهنشاهه ظاهر خواهه باطن کان نرالو آهي. ظاهر توڙي باطن جي هلائڻ لاءِ ملازم رکيل اٿس. هڪ وزير اعظم ۽ ٻيو نائب وزير اٿس. جنهن جو نالو احمد به آهي. محمود به اٿس، ٽيون دفتر دار اٿس ڪائنات جو دفتر ان جي هٿ ۾ آهي. ان جو نالو شاهه مردان آهي. دفتر جي مالڪ جو لقب شيريزدان آهي. جنهن کي وڻيس ته قبول ڪري يا رد ڪري يا داخل ڪري نه ڪري. سڀ ڪجهه سندس اختيار ۾ آهي. چوٿون صوبيدار آهي جنهنجونالو عزرائيل آهي. اهو سمورو عملو وزير اعظم جي هيٺ آهي.
زمين آسمان ۽ عرش ڪرسي جي ٺهڻ کان اڳ اسان ايترو پري رهندا هئاسون جيترو هتان عرش عظيم پري آهي. ان پنڌ جي اٺوڻ جيترو پري هڪ ڪڪري آهي ان ڪڪريءَ مٿان تخت هو ان تي رهندا هئا سون اڪيلا هئاسون هاڻي هن مٽيءَ جي جامي ۾ آهيون اسان کي هن کيل تماشي ۾ 90 ورهيه ٿيا آهن. اسان کي هن جاميءَ جي حياتيءَ ۾ شاهه اعظم جي تخت تي رهندي چاليهه ورهيه ٿيا آهن وزير اعظم وٽ ٽي ڏينهن رهياسون پوءِ پري لنگهي وياسون.
بهلول داناءَ سان منسوب ڳالهه :
چه خوش گفت بهلول فرخنده فال که من از خدا پيش بودم دو سال.
بهلول داناءَ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي ته مان خدا کان ٻه سال اڳي هوس. مگراسان جو چوڻ آهي ته اسان الله کان ٽي سال وڏا آهيون.
هجي ڪو واقف جيڪو هن ڳجهارت کي ڀڃي. عام ماڻهو ڇا سمجهندا هن ڳالهه کي اهي سمجهندا جيڪي جسم جي قيد مان آزاد ٿيا هوندا
بيت

شکم پرورچه دانداين سخن را. مگر آن کس که بازد جان وتن را،
من سه سال قبل بودم از خدا، اين رمز کس نه واند جزخدا

پيٽ پالو هن ڳالهه کي ڇا سمجهندو اهو ڄاڻندو جنهن جسم ۽ جان سان کيڏندو هوندو.
مان خدا کان ٽي سال اڳ هيس هن اشاري کي خدا کانسواءِ ڪي به نه ڄاڻندو.
احمد احمد ۽ علي ٽيئي هڪ آهن مگر جاين ۽ حدن جا نالا آهن.
حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه چيوآهي ته ٽيڏيون ڀائرن ٽي هوت مڙيوئي هڪڙو.
جڏهن طالب دفتر دار وٽ ويو ته پاڻ سڙي عين شمع ٿي پوندو. پوءِطالب کي پروانوچئبو دفترداران وقت سندس نالوسلطان العارفين رکندو.
عشق جو بيان ڪهڙو لکون, سوَ قيامتون ۽ ڪائناتون پوريون ٿي وڃن ته به عشق جو بيان پورو ٿي نه سگهندو. عشق ئي ڪري سگهي ٿو. اسان جي ڏاڏي حضرت رسول ڪريم ﷺ به عشق جو بيان اشارن ۾ ڪيو آهي. مگر وضاحت نه ڪئي اٿس.خلق جي عقل مطابق ڳالهايو اٿس. اسان جي ڏاڏي جو دماغ ۽ سينو اعليٰ هو. هيءَ ڳالهه لکڻ جهڙي نه آهي. پر چريائي ۾ لکي ويٺا آهيون.
ساري جهان کي ڪفر جو جڻيو ٻڌل آهي. اهو جڻيو اهڙو مخفي آهي جو ڪنهن کي به خبر ڪانهي. توڙي هزار جج ڪري ڪعبه ۾ مري ته به اهو جڻيو نه ٽٽندس. مگر اهو جڻيو شاهه اعظم جي روبرو ڇڄندو آهي.
مصرع : ذات نسورو نور. صاحب سانگ ڪيو. صورت جو
جڻئي ٽٽڻ کانپوءِ ڪاٿي رسول خدا ﷺ ٿي پوندو ڪاٿي ڪل شيءِ محيط ٿي پوندو. ڪاٿي پاڻ الله ٿي پوندو. هر جاءِ تي پاڻ کي پيو ڏسندو.جڏهن شاهه عظيم جي روبروپهتوته جڻيو ٺڪاءُ ڏيئي ٽٽي پوندس.
رقصيم برقصيم که خوبان جهانيم، نازيم به نازيم که ماعين عبانيم
نچان ٿو نچان ٿو جو جهان جو محبوب آهيان، ناز ناز ٿو ڪريان جو ظاهر ظهور آهيان.
خلق جو الله اهڙو آهي جو تعريف تي خوش ٿئي. مينهن وسائي روزي ڏئي ڇڙن کي زالون ڏئي ماڻهن کي مال ۽ پٽ ڏئي.
من تازه خدا داريم از کهنه خدا بيزاريم
يعني اسان جو الله نئون آهي. پراڻي الله کان بيزار آهيان.
صوفي جڏهن حَسبِيَ الله کان لنگهي ويو ته الله الله کي واٽ ۾ ڇڏيندو.
قحبئه زن شوهر نرمي دهد

اسان جو الله اهڙو آهي، جو لک انتظاريون ڪريونس ته به واجهائي ئي ڪونه نه وري مرڪي. اهڙي ناز ۽ بيپرواهيءَ جي خمار ۾ لا احتياج آهي. هيءَ ڳالهه اهو مڃيندو جيڪو جسم مان نڪتل ۽ قتل ٿيل هوندو

اُقتُلُونِي اُقُتُلوني يَاثَقَاتُ . اِنَ في قَتَل حَيَاتُ في حَيَاتُ.
اي وڏي شان وار وري قتل ڪر قتل ڪري بيشڪ قتل تنهنجي ۾ زندگي آهي. حياتي آهي.
شرح راه از کور کئي پرسد بگو
يعني. انڌي کان ڪير دڳ پڇندو ۽ هو ڪهڙو دڳ ڏيندو.
کيست نابيناز رازش خبر، هست دربند هوائي درحذر
انڌو اهو آهي جيڪو خدا جي راز کان اڻ ڄاڻ آهي .ٻئي جهان ان جي پيرن جي مٽي آهن.
عرش عظيم تي ذات ذوالجلال جو نالو احد آهي. اٺين آسمان تي نالو احمد ﷺ اٿس. ستين آسمان تي نالو علي عه اٿس. زمين تي نالو محمد ﷺ اٿس، اهي سڀ نالا ان ذات جا آهن.
احد برعرش احمد بر فلک شد محمد برزمين اين نام يک
احد احمد دان علي رادربيان، سر وحدت و معرفت کردم عيان.
عرش تي احد آسمان تي احمد، زمين تي به ان جو نالو محمد آهي.
بيان ڪرڻ ۾ احد احمد ۽ علي نالا آهن، اهو معرفت جو راز آهي جيڪو ظاهر ڪيوسين.
نفس نامراد آهي جيڪو ڳاليهن ڪرڻ سان نه مرندو آهي. جيڪو ذڪر ۾ جان جلائيندو ته ان جو نفس مرندو آهي بنا ذڪر جي فقيري ڪنهن ڪم جي ڪانه آهي، هي سر جو سودو آهي سر ڏيندو ته سر ملندس. هي اصل وحدانيت جي درياهه جو قطرو آهي. هن بوتي ۾ اچي قيد ٿيو آهي. هن بوتي جي قيد ۾ پيل آهي. هن بوتي جي ڪوٺي کي سون مڻن جا قلف لڳل آهن ۽ انهن جي ڪنجي به آدميءَ سان ساڻ آهي. اهي نفس جو سڌان رات ڏينهن انسان جي خيال ۽ ذهن ۾ رهن ٿيون. جيڪي سمجهو ته قلف آهن. اهي قلف اسم اعظم جي ذڪر جي ڪنجي کانسواءِ نه لهندا آهن جي قلف لهي پيا ته هڪ قدم بوتي جي مٿان رکندو ته ٻيو قدم آسمان تي پهچندس. اها وک هر هڪ آسمان جو مفاصلو طئي ڪندي ستين آسمان تي وڃي قرار وٺندو.

بيت

مردتا نه نبد بر نفد پاءِ، ره کجا يا بدبه درگاه خدا
اين عجب که جان به زندان اندر راست وان گهي مفتاح زندانش به رست

يعني مرد جيستائين نفس تي قدم نه رکندو تيستائين خدا جي درگاهه جو رستو ڪيئن لهندو.
انصاف اهڙن ماڻهن جو آهي جيڪي ڪنهجي هوندي به قيد ۾ بند آهن ۽ قرار سان ننڊ ۾ ڦوڪون پيا ڏسن.
عجب اهو آهي جو جان قيد ام اهي ۽ ڪنجي به سندن هٿ آ۾ آهي.

لٽن ڀريلن جي ڳالهه

جيڪڏهن ڪو ماڻهو رهي به درياهه تي ۽ سندس جسم ۽ ڪپڙا گپ ۾ ڀريل هجن. جيستاين تڙ ڪري درياه ۾ ٽٻي هڻي صاف نه ٿيندو تيستائين ان گپ ۽ ميراڻ جي مصيبت ۾ رهندو.
اها ميراڻ نفس جي شهوت جي باهه اٿس. طمع جي گپ جسم ۽ ڪپڙن کي لڳنل هجيس. اها ميراڻ ۽ باهه آهي جيڪا دوزخ جي باهه آهي. ان جو وسامڻ ڏکيو اهي مگرجڏهن انسان اسم اعظم جي درياهه ۾ ٽٻي هڻندو ته ان جي باهه کان بچندو.
ذڪر ڪل پنج آهن ان مان دم وارو ذڪر ساهه سا ڪمائڻ سان يدخلون في دين الله ۾ داخل ٿيندو ته ابهه به وسامي ويندس انکاپوءِ مَن عُرُوج الرُوح تيز الفلک جو اسرار ظاهر ٿي پوندس.
انهن پنجن ذڪرن مان هڪ خاص ذڪر آهي جيڪو نفس جو قاتل آهي ٻيا چار ذڪر نور جلال مان آهن. نفس به نور جلال مان آهي جلال سان جلال خوش ٿيندو آهي. باقي ٻيا ذڪر ان جا زيردست آهن. ان ذڪر کي رسول الله به مخفي رکيو آهي. ان ذڪر جي شان جي خبر ان کي هوندي جيڪو فنا في الله ۽ بقا باالله جي درجي جو هوندو.
نور جلال باهه آهي ۽ نور جمال پاڻي آهي جيئن پاڻي باهه کي وسائي ڇڏيندوآهي. ذڪر نور جمال به نفس جي باهه کي وسائي ڇڏيندو آهي. مگر هنن ذڪرن سان نفس کي مڇر جي چڪ جيترو به اثر ڪونه ٿيندو آهي. مگر هن شهنشاهه ذڪر سان نفس نابود ٿي ويندو آهي. ان کانپوءِ فلڪن مان هڪ صورت ظاهر ٿي پوندي آهي. جنهن کي روحاني اکين سان پيو ڏسندو ۽ نفساني اکيون به روح جي زور سان پيون ڏسنديون. جنهن کي فلڪن مان اهو ديدار کليو ته زبان بند ٿينديس. کائڻ به گهٽجي ويندس. ماڻهو ويجهو ايندس ته وجد حال پئجي ويندس. اهو نيشان ان جي معراج کلڻ جوآهي. اهو رستو ذڪر اسم اعظم ئي کوليندو. ان جي نظر هيٺ هوندي آسمان ڏانهن نهاري نه سگهندو. مٿي نهاريندو ته وجد پوندس. ان صورت جو مثال لاچار سج سان ڏجي ٿو ڇو جو دنيا ۾ٻي ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي.
متان سمجهو ته هيءَ ڳالهه ڪان ننڊ يا مراقبي جي آهي هيءَ ڳالهه بيداري ۽ هوش هوشياري سان ٿا ڪريون هيءَ ڳالهه چوڏهن علمن جي تحصيل جي آهي جيئن پي ايڇ ڊي ڪندا اهن سياست ۾ هيءَ ڳالهه به الوهيت جي سياست جي آهي عشق جڏهن جسم مان نڪري حقيقت جي سج ۾ ٽٻي هڻندو تڏهن اهو بدر منير ۽ حقيقيت جو سج ٿي پوندو. مصرع. تهانپوءِ پرٻجهن پکا پنهنوارن جا. ان مهل عاشق هي نه رهندو مگر هوٿي پوندو. ڪنهن مدت کانپوءِ هي هوسارو هڪ ملڪ ٿي پوندو.
جڏهن عاشق هو ٿيو . تڏهن ڪل ڪثر تي آواز به پنهنجا آواز پيو سمجهندو. ٻي سڀ شيءِ وصل ساڻ قرار وٺندي آهي مگر هي وصل به فراق جهڙو آهي. فراق به اهڙو جو واويل جهڙو جيڪو ڪڏهن ڪٿي ٻڌو به ڪونه اٿئون جو وصل به فرق ٿي پوي.

نَعَلنِ جي چور جي ڳالهه

هڪ شخص جابلو ملڪ ۾ رهندو هو. جبل جا ماڻهو گهوڙن ۽ گڏهن جي سنبن ۾ نعل هڻندا آهن ته متان انهن جا پير گسي نه وڃن. اهو شخص لوهرن وٽان نعل چورائي گذر ڪندو هو. هڪ درويش چيس ته نعلن جي چوري مان ڇا ملندءِ لعلن جي چوري ڪر. هن پڇيس ته لعل جي چوري ڪٿان ڪيان. فقير چيس ته تنهنجو هر هڪ دم لعل آهي پوءِ فقير اسم اعظم سمجهايس. جنهن سان هو محڪم ٿي ويهي رهيو. عاشق جي فيض مان چور واصل باالله ۽ بقاالله جي درجي تي پهتو.

خواب واري جي ڳالهه

هڪ دفعي حيدرآباد جي شخص خواب ۾ دهلي جي شهر ۾ خزاني جي ڪوٺي ڏٺي. هاتفي آواز ۾ حڪم ٿيس ته اها ڪوٺي تنهنجي آهي ۽ وڃي هٿ ڪر. صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان پيادو منهن ڪري نڪري پيو سوين ڪوهه پنڌ ڪري وڃي دهليءَ نڪتو. شهر ۾ پهچي ان جاءِ جي ڳولا شروع ڪيائين. بک اڃ تي ٻه سال پورا ڪري ڳوليندو رهيو. ڪوٺي لڌائين ڪانه رات جو هڪ صوفي عارف جي مڪان ۾ رهندو هو. ننگر کائي صبح جو وري پڇا ڪري ڳولا لاءِ ويندو هو. هڪ ڏينهن هن کي پريشان ڏسي فقير پڇيس ته توسان ڪهڙي ويڌن آهي. جنهن تي هن فقير کي خواب واري سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي .
فقير صوفي چيس ته بيوقوف هيترا سال رليو آهين. اڳي ته ٻڌائين ها. هاڻي ٻڌ دهلي تهنجي دل آهي۽ ان ۾ دم خزانو آهن. ائين چئي ذڪر الاهي سمجهايائيس .جنهن سان هو مشغول ٿي ويهي رهيو آخر منصوري منزل ۽ فنا في الله جي درجي کي پهتو. هاڻي هن وٽ هزارين ماڻهو اچڻ وڃڻ لڳا. سڀڪو نياز نذر پيو ڏئيس. پئسن جا کوڙ ٿي ويس. پئسن ڏي نهاري به ڪونه پيو. ڪنهن پڇيس ته پئسن کي هٿ ڇو نه ٿو لائين. جواب ڏنائين ته ان ملڪ ۾ ويو آهيان جتي منهنجي مٿان لعلن ۽ موتين جو مينهن ٿو وسي. هي پئسه حرام ٿا نظر اچن. هن مان ڍونڍ جي ڌپ ٿي اچي. اهڙو صاحب ڪماليت جو ٿي پيو. جو اَلدُنيَا جِيفَت پيو سمجهي.

بيت
چيست دنيا دم بود اندر وجود، نحن اقرب نام او راشد نمود
دم بود بل عين حق وعين ذات، آن بنده خوش که دم خود راشناخت
هر که دم نه شناخت او محروم شد، ازدو عالم نام او معدوم شد

دنيا ڇا آهي، هن وجود ۾ جيڪي دم آهن، نحن اقرب ان جو نالو ٿيو.
دم هيس پر عين حق ۽ عين ذات ٿي پيس، چڱو اهو آهي جنهن پنهنجي دم کي سڃاتو
جنهن دم نه سڃاتو اهو محروم ٿي ويو. ٻنهي جهانن ۾ ان جو نالو ختم ٿي ويو

شينهن جي ڳالهه

ٻيا جانور سڀ پيا لڀن. مگر شينهن گهٽ لڀندو آهي. جنهن به جوءِ ۾ شينهن رهندو ته ان ۾ سندس هاڪ ۽ خوف ڇانيل هوندو. سندس ڀر ۾ جي رهندا ته گدڙ ۽ لومڙ ڦيڪاري ۽ فشري ڪري ٻين جانوارن کي اطلاع ڏيندا رهندا آهن مگر شينهن انهن تي ڪن ئي ڪونه ڏيندو آهي.
عام ماڻهو به جهنگلي جانورن وانگر آهن. فقير جن من خدايم جو دم هنيو سي شينهن آهن. اهڙن عارفن کي شينهن چئبو آهي. گدڙ ۽ ڦيڪاريون اهي عارفن عاشقن جا منڪر ۽ حاسد آهن. اهي ملان ۽ قاضيءَ جي روپ ۾ عارفن عاشقن جي مخالفت ۽ شڪايت ڪندا رهندا آهن. چوندا آهن ته فقير انا الحق جو نعرو هنيو آهي ۽ ڪافر ٿي ويو آهي. شيعن کي چون ته فقير الله ٿو سڏائي سنين کي چپن ته فقي خليفن جي گلا ٿو ڪري.
نادان ائين نه ٿا سمجهن ته جهن ذات حق ۾ ٽٻي هنئين ۽ خود ذات ٿي پيو. سو صفات ۾ مشهور ٿيو. جيڪو عين الله ٿي پيوسو خليفن ۽ ٻي مخلوق جي ڪهڙي محتاجي ڪڍندو. خليفا ته هن جي هٿ جا ٺهيل آهن.
عام ماڻهو فقير تي بهتان ان ڪري ٿا هڻن ته جيئن ڪو به سني يا شيعو وٽس وڃيئي نه متان فقير وٽ ماڻهن جو اجتماع ٿئي. پر جيڪي الله وت قبول پيل آهن تن. کي الله ٿو موڪلي جيڪي اچي ٿا فقير وٽ حاضر ٿين. جن تي الله ناراضء آهي سي فقير جي حاضريءَ کان محروم ٿا رهن.
ڏسو ته سلمان فارسي پهريائين آتش پرست هو. ڪٿان اچي رسول الله ﷺ وٽ پهتو ۽ فيضياب ٿيو. ڏسو ته اهو درگارهه الاهيءَ ۾ قبول پيل هو. جنهن ڪري رسول الله ﷺفرمايو آهي ته السُلَيمانُ من اَهلِبَيتي. يعني سليمان منهنجي اهلبيتن مان آهي.وفاداريءَ سبب سيدن ۾ شمار ٿي ويو.
رسول الله ﷺ جي شهر وارا ابو جهل. ابولهب، ابو سفيان ۽ عبدالله بن ابي مناف سندن پاڙيسري هئا. ان هوندي به منافقي نه ڇڏيائون. اهڙا وٺي ٿا وڃن. مگر ويجهڙائي وارا بي فيض ٿا وڃن.
دريمن پيش من، من دريمن . ترجمون فارسي
يمن ۾ رهندڙ مون سان گڏ آهن مگر مون سان گڏ رهندڙ مون کان يمن جيترو پري آهن.
قدرت جو قاعدو آهي ته موسيٰ سان گڏ فرعون به هو. ابراهيم سان گڏ سندس دشمن نمرود به هو. جتي عيسيٰ هو ته اتي يهودي به هئا. رسول الله ﷺ سان گڏ موجود دشمن ابو جهل به هو. موليٰ عليه السلام سان گڏ دشمن معاويه به هو. امام حسين عيله السلام سان يزيد به هو.
شاهه منصور. شمس الحق تبريزي ۽ ٻين عارفن جا دشمن ملان ٿيندو قاضي هئا چار سو ورهين کانپوءِ منصور جهڙي عارف تي هل هنگامون ٿيندو آهي. من خدايم جي دم هڻڻ وارن عارفن تي ڪفر جا الزام ايندا آهن. عشق شهنشاهه منصوري نعري کي ڪنهن نه ڪنهن هڌان تازون ڪندو آهي. جهن تي ملن ۽ قاضين ۾ ڦرڦوٽ ٿيندي آهي.

ڪورو دِلو ۽ پراڻو دِلو

ڪورو دِلو ڇانوَ ۾ ڍڪيل هوندو آهي. جنهن کي ڏسي سڀڪو ڀڄي اچي مجهائنس پاڻي پيئڻ لاءِ ايندو آهي. مبادا ان ۾ ايريو پيل هجي ۽ سندس پاڻي ايريي جي ڪري ڪوڙو ٿي ويندو آهي. ماڻهو هن جو ٻاهريون ڏيک ڏسي پاڻي کڻي پيئڻ جي ڪندا آهن ۽ هڪدم گرڙيون ڪري هاري ڇڏيندا آهن. مگر گهڙامنجي هيٺان ڪو پراڻو ۽ ٻٽو دِلو رکيل هجي ۽ منجهس مصريءَ جو سير به پيل هجي ته به ماڻهو نهاريندس ئي ڪونه ڇو جو ڏسڻ ۾ ميرو ۽ ٻٽو ڏسندا. مگر ڪورو ڏسي ڪوڙي پاڻيءَ واري دلي ڏانهن ماڻهو ڊوڙ پيا ويندا.
اهڙي طرح ماڻهن جي ڊڪ ڊوڙ به ظاهري لباس تي آهي ڪوداناءُ هوندو جيڪو ان ميري ۽ ٻُٽي دلي ڏانهن ايندو.
ظاهر وارا پير ڪورا دلا آهن. جن جون پوشاڪون به سٺيون ۽ کاڌا به سٺا خليفا به گهڻا جيڪي خواه مخواه ويٺا پيرن جون ڪرامتون پيا ٻڌائيندا.
مصرع
ظاهرش آراسته باطنش همچون شيطان
يعني، انهن جو ظاهر سينگار آهي مگر انهن جو باطن شيطاني آهي.
ان طرح انهن پيرن جي وجود ۾ ايريو شهوت ۽ سڌن جو پيل آهي.
ڪڏهن به نفس جي مخالفت نه ڪندا. سڄي ڄمار نفس جي فرمانبرداريءَ ۾ گذاريندا. ويچارن وجود کي ڏک نه ڏنو ڪڏهين.
ٻٽڙا دلااهي فقير آهن، جن جي زبان مان اٺئي پهر وحدانيت جي قيل قال پيئي هلندي ظاهر ۽ عارفن تي عام ماڻهو ڪاوڙيل ۽ شڪايتي هوندا آهن. ڪفر جا الزام لڳندا آهن. مگر باطن ۾ سڄو ئي نور آهن.

ظاهر زهد ڪن ٿا ڪوئي، باطن ۾ اٿن برهه بياض
هٿين پيرين هلي هر ڪوئي، عاشق ڪن ريءَ پرين پرواز

ڏينڀوءَ جي ڳالهه

هت ڏينڀوءَ جو قسم گهريتڙيءَ نالي ٿيندو آهي. هن کي ڏنگ به ٿيندو آهي. هي سانوڻيءَ جي موسم ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ گم ٿي ويندو آهي. هو ٻچا هن ريت ڪندو آهي.پاڻيءَ جي ڀرتان آلي مٽي وات سان کڻي گهرن جي ڀتين ڇتين ۽ ڪامن ۾ گهر ٺاهيندو آهي. سندس گهر ۾ خانا ٿيندا آهن. هر هڪ خالي مان سائي گاهه جا ڪيئان آڻي ان گهر ۾ بند ڪندو آهي آخر انهن ڪيئن مان هڪڙو ڪيئون ٻين ڪيئن کي کائي وڏو ٿي ٽُنگ ڪري ٻاهر نڪري ويندو آهي. جنهن کي ننڍو ڏينڀو يا گهريتڙي چئبو آهي.
صوفي فقيرن جي شروعات به رسول الله ﷺ مسجد نبوي جي صفحي ۾ چار سئوفقيرن کي دم جو رستو ٻڌائي رهائڻ سان ڪئي هئي. اهي فقير رسول الله ﷺ جي مئخانه ۾ رهندا هئا. سڀني کي رسول الله ﷺ پنهنجي مبارڪ زبان سان اسم اعظم جي ڦوڪ ڏني هئي. انهن کي بند ڪري مسجد جي صفحي ۾ ويهاريو هئائون.
سچا دام وارا صوفي ان وقت کان وٺي اڄ تائين دم ڪمائين ٿا. جان ٿا جلائن اهي هن ٻانهپ وارو ڍوري جا بنا پرن جي ڪيئان آهن. جن کي رسول الله ﷺ جي سبق جو اهڙو اثر ٿيو جو اهي ساڳيو رسول الله ٿي پيا ۽ ساڳيو معراج ڪيائون. هوا ۽ پرواز ڪيائون. عرش اعظيم تائين پيا اچن وڃن. افسوس انهن مسلمانن جو جيڪي رسول الله ﷺ جي فيض کي نه ٿا ڄاڻن. پاڻ انڌا آهن. تڏهن ٻين فقيرن کي به پاڻ جهڙو ٿا سمجهن.
بيت
“سڌيون ڏين سماوَ جون ڳجها سر سلن
نامردن ڏين مردي، صحت مريضن،
ملان سڃان ۽ سکڻا هو ڪرامتون ڪن”

عام ماڻهن اهو نه ڄاتو ته فقيرن ۽ اسان ۾ زمين آسمان جيترو فرق آهي. اهي فقيرن عارفن جي خلاف تڏهن آهن جو انهن کي پاڻ جهڙو ٿا سمجهن. مگر جن سڃاتو سي وڃي حق جا واقف ٿيا. جن انبيائين ۽ اوليائن کي پاڻ جهڙو سمجهيو سي گمراهه ٿيا. انهن جو مثال اڪ جي وڻ ۽ انب جي وڻ وانگر آهي ڇو ته ٿوهر ۽ اڪ به اهو پاڻي پيئن ٿا جيڪو انب ۽ ٻيا ميويدار وڻ پيئن ٿا. پاڻي ٻنهي قسمن جا وڻ ساڳيو پاڻي ٿا پيئن مگر انهن جي ميوي ۾ ڪيڏو فرق آهي.
ان طرح دنيا جا ماڻهو ۽ فقير کاڌو پيتو ساڳيو ٿا کائن مگر انهن ۾ فرق اهو آهي ته فقير جي کاڌي مان ذڪر حق جو نور الاهي وحدانيت ۽ اثباتي جو گفتگو پيدا ٿي ٿئي. جنهن مان سوين ماڻهو فيضياب ٿين ٿا. جيئن موات مان ۽ ڪمند مان ڪيتريون ئي مٺيون شيون ٺهن ٿيون. مگر عام ماڻهن جي کاڌي مان زنا چوري ظلم خونريزي ۽ فساد ٿين ٿا. انهن مان گفتگو به خراب ٿئي ٿي. انهن جي کاڌي مان نفس طاقت ٿو وٺي ۽ شهوت وڌي ٿي. جيئن ٿوهر ۽ اڪ مان رڳو ڪوڙاڻ ۽ زهر ٿو پيدا ٿئي.
هرڻ به ٻن قسمن جا آهن. گاهه ۽ پاڻي به ٻيئي ساڳيو ٿا کائن. هڪڙي جي پيٽ مان ڀاڻ ۽ گندگي نڪري ۽ ٻئي جي پيٽ مان مُشڪُ ۽ خستوري نڪري جيڪو بادشاهن جي ڪم اچي. جنهنجو ذرو ڪچهري ۾ کلي ته سڄي ڪچهري ۾ هٻڪار ٿي وڃي.
عارف جي ڪچهري مان توحيد ۽ اثباتي جي گفتگو پيئي ٻڌبي جيڪا مُشڪ ۽ خستوريءَ مثال آهي. عامن جي زبان مان دنيا جي ڳالهه پئي هلندي جنهن مان دنيا جي ڌپ ۽ ڍونڍ پيئي ايندي. انهن لاءِ رسول اللهﷺ فرمايو آهي ته دنيا ڍونڍ ۽ ان جا طالب ڪتا آهن.
بيت
ڪُتو ڪرٽي هڏيون، تون جوان جگر کاءُ
الدنيا جيفته وطالبها کلاب هي ته هيئن سين لاءِ.
سڄڻ جي سڃاهه مون من مٿاهون ڪيو.

عامن ۽ خاصن ۾ اهو فرق آهي.

مولوي محمد عاقل عرف آڪيداس

مولوي محمد عاقل ۽ فاضل سنڌ جو رهاڪو هو. ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي وقت ٿي گذريو آهي.جڏهن عشق ۾ پير پاتائين ته برگيزيده عارف ٿي پيو ۽ ظاهري علم جي پچر ڇڏي ڏنائين. حقيقت ۽ معرفت معلوم ٿيڻ کانپوءِ رسمي دين اسلام کان ڦري ويو.

بيت رومي صاحب

کفر ايمان نيست آن جائيکه اوست،
زائکه اين مغزاست اوهم زنگ پوست.
جتي الله آهي اتي دين ڪفر آهيئي ڪونه ڇاڪاڻ ته عشق مغز آهي هو رنگ ۽ کل آهي.
پاڻ ڇا ڪيائين جو ڌوتي کڻي ٻڌائين. ڏاڙهي ڪوڙائي مڇون رکايائين. جڻيو کڻي ٻڌائين. سمرڙي (تسبي) هٿ ۾ کنيائين. ڏاند تي چڙهي هندن هٽ پنندو پيو وتي. چوٽي ڇڏرائي پڳڙي کڻي ٻڌائين.
ذات ذوالجلال جو دستور آهي ته جنهن جنهن جي سر تي عشق ايندو آهي ته ان کي مسلمان مان ڦيرائي ڪافر ڪندو آهي. ڪفر جا ٽڳا پهرائيندس. عشق دين ڌرم کي پڇندو به ڪين آهي. عشق پنهنجي حڪمراني ڪري حجاب جي ڀت ڀڃرائيندس.

بيت

عشق رابا کافري ياري بود،
کافري . خود عين درويشي بود.
عشق جي ياري ڪافريءَ سان آهي. عشق جي ڪافري عين درويشي آهي.
هن دروش پنهنجو نالو محمد عاقل مان ڦيرائي آڪيداس رکيو. قهر درويش برجان خويش جي ڪاوڙ پنهنجي جان تي هوندي آهي. نالو تڏهن مٽرايائين ته جيئن مسلمان سندس خلاف ٿين. فقير جي مرضي هجي ته هن نفساني بوتي کي قتل ڪرايائين. يا ڪا جُٺِ ڪريانس. گهڻوئي ملپڻ ۾ گذاريو اٿس اهو عالميءَ وارو لقب لهريانس. فقير پاڻ کي حقيقت جي اکين سان ڏٺو هو ته مان اهو ناهيان مان ڪو ٻيو آهيان.

بيت
مان نه آينم مان نه اينم مانه اين،
هر دو عالم هست مارا زير زين.

مان هي ناهيان هي ناهيان مان هي ناهيان، ٻيئي جهان منهنجي زين جي هيٺيان.
فقير تي ماڻهو حيرت مان چٿرون پيا ڪن ته ڏسو جو هي عالم مان ڦري ڪافر ٿي ويو آهي. سڀڪو ملامت پيو ڪريس.
بيت

ملامت صيقل زنگار عشق است،
ملامت شهنه بازار عشق است

ملامت عشق جي ڪٽ لاهڻ لاءِ ريگ مال آهي ملامت عشق جي بازار جو چوڪيدار آهي.
کُهڙن ۾ شريعت جي گادي هئي. هن سمجهيو سندس نفس کي مخدومن وٽان ضرور کلا لڳندا. ڇو ته دين اسلام اصل ۾ عشق جا دشمن آهن.
هڪ ڏينهن فقير راند تي چڙهي مخدومن وٽ ويو. فقير ڀنگ تماڪ ۾ حقو ڏنڊو ڪونڊو ساڻ کينو. هن ڇا ڪيو جو حقه جو پاڻي مسجد ۾ هاريائين. ڇيڻا کڻي مسجد ۾ مچ کڻي ٻاريائين. ڏاند کڻي مسجد جي ٺلهه سان ٻڌائين.
پاڻ فقير مسجد ۾ ڀنگ کڻي گهوٽي، ڀنگ پي فقير مسجد ۾ حقو ڇڪڻ لڳو صبح جو سوير مسجد جي شاگردن اچي هن کي ڏٺو ۽ وڃي مخدومن کي ٻڌايائون، ايتري ۾ مخدومن سان گڏ شهر جا ملان قاضي ۽ ٻيا ماڻهو اچي گڏ ٿيا. مسجد ۾ ٻرندڙ باهه به وسايائون ۽ ڇيڻا به مسجد مان صاف ڪيائون. فقير پاڻ والو ميمڻ جي دڪان تي ويٺو چوي ته هن نفس ڪاڻ دونهون دکائي آيا آهيون اجهو ٿو بيڙ ٿئي، آخر ماڻهو سندس چوڌاري اچي مڙيا. جڏهن سندس اها خلق ويجهو آئي ته پاڻ هي بيت چيائين ته.

بيت

اي ملايان مفتيان خوش آمديد،انچه برمن حکم گو قتل کنيدم ديوان آشکار
قاضيان اي مفتيان خوش آمديد، زود شوتا قلعه هستي بشکنيد

اي ملان مفتي ڀلي ڪري آيا . مون لاءِ حڪم ڪيو ۽ قتل ڪريو.
اي قاضيو ۽ مفتيو ڀلي ڪري آيوء. جلدي ڪريو اسان جي هن بوتي هستي مان جان ڇڏايو. هستي جو ڪوٽ ڊاهيو. جيڪو شريعت جو حڪم هجي ڪريوس.
اهوٻڌي سڀني قاضين مفتين روئي ڏنو ۽ کيس قتل ڪرڻ کان مڙي ويا ۽ کيس تعذير ڏنائون کيس گڏهه تي چاڙهي لترن جي ڪنڍي پارائي شهر ۾ ڍانڍورو ڏنائون.کيس سندس پويان دهل ۽ شرنايون وڄنديون هلن ۽ پويان ڇوڪرا ڀتر پيا هڻدا هلنس. مخدومن کي خبر هئي ته عالم ته وڏو آهي مگر عشق جي دام ۾ اچي ويو آهي. تنهن ڪري قتل نه ڪيائونس. فقير جي ڏاند جي خدمت ڪندا هئا. جنهن ڪري کيس هندو سمجهي خدمت ڪندا هئس. ڇو ته فقير ويد شاستر پڙهيل هو ۽ ٻولي ۽ لباس به هندڪو ڪندو هو.
مخدومن فقير جو ڏاند سگهو ڏسي ڪهي کڻي خيرات ڪيائون فقير کي جڏهن شهر جي چڪر کان موٽائي آيا ته فقير ڏاند ڪٺل ڏٺو. اهو ڏسي فقير قهاري ٿي چوڻ لڳو ته خبردار جنهن به منهنجي ڏاند جي ٻوٽي کاڌي ته اهو ترار هيٺيان ايندو ۽ چوندو هليو ويو ته منصور وارو پلاند وٺندو سانوَ
هڪ دفعي عبد النبيءَ ڪلهوڙي کي ڪنهن ٻڌايو ته کُهڙن وارا مخدوم به عباسي ڪهلوڙا آهن. جيڪي لشڪر گڏ ڪري اوهان جي مقابله لاءِ تياريون ڪن. اهو ٻڌي عبد الغنيءَ ڪلهوڙي پٺاڻن جو لشڪر گهرائي مخدمن تي بڇ ڪرائي ته هنن مان هڪ ماڻهو به نه ڇڏيو. جمع جو ڏينهن هو ان ڪري نماز لاءِ مسجد ۾ ملان قاضي عام خاص 140 ماڻهو موجود هئا. ڏاند جو گوشت به انهن ماڻهن کاڌو هو. پٺاڻن مسجد جو دروازو بند ڪري سڀني کي قتل ڪيو. فقير ته چڱو ڀلو هليو ويو. هيءَ مخدومن کان ڏاند جي بها اڳڙي. هنن ملن کي عشق شهنشاهه حضرت صالح واري ڏاچيءَ وارو تماشو ڏيکاريو.
بيت

عشق چون اندر دلش منزل گرفت، نام نيشان علم او درعشق رفت
عشق جڏهن عاشق جي دل ۾ منزل ڪئي ته، ان جو نالو نيشان ۽ علم ختم ٿو ٿئي،
از محمد عاقل اکيداس نام، چون ز توحيد خدا نوشيد جام،
محمد عاقل مان اڪيداس نالو رکيائين.جڏهن خدا جي توحيد مان جام پيتائين.
تنگ ونام علم رابرباد کرد، معرفت آن عشق را آباد کرد.
علم جي ننگ نامون کي برباد ڪري، عشق جي معرفت آباد ڪيائين.
آن ملايان از زبان عارف تمام، کشته ومقتول گشتند والسلام
عارف جي زبان سڀئي ملان ڪسي قتل ٿي ويا والسلام
آن ملايان مفتيان حيران شدند، اندرين اوصاف سرگردان شدند،
اُهي ملان ۽ مفتي حيران ٿي ويا فقير جي ان ڪرامت سندس مٿو ڦيرائي ڇڏيو
چون عَلَمُ زد عشق ذاتي آشکار، شهر جمله گشت گريان زار زار
ذاتي عشق جڏهن ظاهر ظهور علم کوڙيو ته سارو شهر زار زار روئڻ لڳو

گبر جي ڳالهه

ڪنهن مسلمان گبر کي چيو ته مسلمان ٿيءُ ۽ ڪلمون پڙهه جنهن تي گبر کيس جواب ڏنو ته اوهان واري مسلمانيءَ کان ڪافر ڀلو آهيان. اهو جڻيو چڱو اٿم. اوهان مان صحيح مسلمان بسطاني هو. ان مسلماني جي طاقت نه مون کي آهي ۽ نه وري اوهان ۾ آهي.

بيت رومي صاحب
مسلمان آنست که اوخود را شناخت، اندر امن دولت وحدت شناخت
من عرف رابادل وجان وشناخت، خام هستي کرد گم حق راشناخت
مسلمان آنست که اوخود رابديد، خويش راگم کردباقي حق رسيد
مسلمان اهو آهي جنهن پاڻ کي سڃاتو. امن ۾ وحدت جي دولت کي سڃاتائين.
من عرف واري مام کي دل جان سان سڃاتائين، ڪوڙي هستي گم ڪري حق کي سڃاتائين.
مسلمان اهو آهي جنهن پاڻ کي ڏٺو، پاڻ کي گم ڪري باقي حق کي پهتو.

نئون دلو ۽ درياهه جو سفر

ماڻهو جڏهن ٻيڙيءَ تي چڙهي درياهه يا سامونڊي سفر ڪندا آهن ته به پاڻ سان پاڻيءَ جو دلو ٻيڙيءَ ۾ کڻندا آهن ڇو ته منجهائس پاڻي ٺريل پيئندا هلندا آهن. درياهه ڀريو پيو هوندو آهي ته به ان مان پاڻي ڪونه پيئندا آهن. دلي جي ضرورت پوندي اٿن.
مطلب ته هي آدمي ونحن اقرب واري درياهه ۾ جسم جي ٻيڙي تي هلندو ٿو وتي فقيرن عارفن جو وجود ٿڌي دلي وانگر آهي. انهن جي صحبت ٿڌي ۽ وڻندڙ آهي. جيڪو سندن صحبت ٻڌندو ته ٿڌي پاڻي جيترو لطف ايندس. صحبت مان پاڻ به عجب ٿي پوندو. توڙي انسان کي ونحن اقرب وارو الله به عارف جي معرفت سڃاپندس ڇاڪاڻ ته اها ذات عارفن ۾ ئي سمايل آهي. الله آهي ته سڀ ڪنهن سان پر مرشد ڪامل جي رهبريءَ کانسواءِ آدمي بي خبر آهن. عارف محبوب سان فراق وصال ماڻيون ويٺا آهن. اهي ئي ٻئي اڻ واقف کي رستو ڏيندا.
بيت
گرچه در دريا شوي کشي سوار، از صبوئي آب نوشي باوقار.
گرچه دريا جمله آب است اي پسر، آن صبويت بهتر آيد درسفر.
آب درياه تيره و آن آب صاف، همچون برفِ سود صافي ناب صاف.
صحبت عارف خدا همچون صبو، که اواز آب عشق پرشدتا گلو

جيڪڏهن درياه ۾ ٻيڙي تي چڙهندين ته دلي مان قرار سان پاڻي پيو پيئندي
اي پٽڙا توڙي سڄو درياه پاڻي آهي ته به اهو دلو توکي سفر ۾ وڌيڪ ڪم ايندو.
درياه جو پاڻي ميرو ۽ هو صاف پاڻي آهي برف جهڙو ٿڌو ۽ اڇو آهي. عارف جي صحبت دلي وانگر آهي.جيڪو عشق جي پاڻيءَ سان ڳچيءَ تائين ڀريل آهي.

حضرت بهلول داناءُ

حضرت بهلول داناءَ کان پڇيائون ته بغداد شهر ۾ ڪيترا سياڻا آهن ۽ ڪيترا چريا آهن؟ پاڻ جواب ڏنائين: سياڻو ڪو ڪو آهي ٻيا ڪل چريا آهن. ڇو ته جيڪي نفس ۽ سڌن جا فرمانبردر آهن، سي سڀ چريا آهن. سياڻا صرف اهي آهن. جن نفس جي مخالفت ڪري الله اثبات ڪيو آهي۔
آدمين کي الله دنيا ۾ سانگ تي موڪلي تاڪيد به ڪيو آهي ته مونکي ياد ڪجو. منهنجي عبادت ڪجو ۽ نفس جي مخالفت ڪجو. مگر جي ماڻهو هت آيا ته جڌي ۽ کاڌي پيتي ۾ جنبي ويا. الله کي سينڍئي ڪونه ٿا ڏين. ڪل عقل ۽ شهباز اهو آهي جنهن الله اثبات ڪيو.
الله تبارڪ وتعاليٰ حضرت دائود عليه السلام کي نبي ۽ زمين تي بادشاهه ڪري موڪليو ۽ حڪم ٿيس ته ماڻهن تي حڪمراني ڪر ۽ انصاف ڪجانءِ متان نفس جي تعبيداري ڪرين. اهي مون کان گمراهه ڪندءِ الله نبين کي به سڌن ۽ نفس جي پويان لڳڻ کان منع ٿو ڪري ڇو ته سڌون حرام ۽ گناهه جو منڍ آهن. مگر افسوس جو سارو جهان سڌن جي پويان آهي. سي وري فقيرن ۽ عارفن تي ٽوڪون ٿا ڪن. فقيرن الله اثبات ڪيو ۽ سنڌن کان آزاد آهن. تنکي سڌڙين جون ٽوڪون ڇا ڪنديون.

بيت شيخ عطا رحه

چون شتر مرغ شناس نفس را، نئي کشد بارونه پرد برهوا
گر به پرگوئيش بگويد اشترام، ورنهي بارش بگويد طائرم
گربه طاعت خوانيش سستي کند، ليکه اندر مصيت چستي کند
نفس را آن بهه که درزندان کني، هرچه فرمايد خلاف آن کني

نفس کي اُٺ پکي سمجهه. نه بار کڻندو نه هوا تي اڏرندو.
جي چئبس ته اُڏر ته چوندو اٺ آهيان. جي بارکڻائبس ته چوندو پکي آهيان.
عبادت تي سڏبس ته سستي ڪندو. مگر گناهه ڪرڻ ۾ تڪڙ ۽ چالاڪي ڪندو.
نفس کي قيد ڪرڻ چڱو آهي. جيئن چوئي ته ان جي ابتڙ ڪر.

باب پنجون: روميءَ جي رهاڻ ۽ مثال

---

روميءَ جي رهاڻ ۽ مثال

لاَيَخَافُونَ لَومَتہَ لَائِم .خلق جي ملامت ڪندڙن کان نٿا ڊڄن جيڪي حق جا واقف آهن، سي خلق جي رغبت عامن جي صحبت ياري ۽ مائٽي کان منهن موڙي حق جي محويت ۾ گم ٿيا، تنهنڪري خلق انهن سان حسد ٿي ڪري.
مثال هڪڙا درياهه ۾ غرق ٿيا ٻيا سڪيءَ تي بيٺا رهيا. پوءِ جيڪو ٻڏل هوندو ان جو سڪيءَ وارن سان ڪهڙو ڪم. نه وري ٻڏل سڪيءَ تي بيٺل وارن سان ڪو واسطو رکندا. ڪنهن وقت کان پوءِ توحيد جي محويت ۾ غرق ٿيل ٻاهر نڪرندا ته سندن گفتگو قرآن ۽ حديث جهڙي ٿي پوندي. هنن درياهه مان هيرا لعل ۽ معرفت جا جوهر لڌا. پوءِ جيڪو نصيب وارو هوندو سو اچي ان محويت واري فقيري وٽ صحبتي ٿيندو. پوءِ اهو پاڻ به ان وحدانيت جي درياهه ۾ ٽٻي هڻندو.
پوءِ فقير جي وڌندڙ عزت ڏسي عام ماڻهو پيا حسد ڪندا. فقير جي عزت جو دروازو نه انا مدينته العلم وعلي با بها واري مولا عليءَ کوليو. پوءِ اهو عارف عشق الاهي جي بلي ٿيو. نفساني ۽ خبيث خيالات جو وڻ لاجي ترار سان وڍي ڇڏيائين. تڏهن عشق پنهنجو ڪيس عشق به نه چاهيندو آهي ته ڪو سندس فقير ڪثرت ڏانهن لڙي وڃي، تنهن ڪري هن کي خلق کان ملامت پيو ڪرائيندو آهي. شريعت وارا عزيز توڙي مائٽ به پيا لڙندس ته هي اسان جي ابن ڏاڏن واري دين کان ڇو منهن موڙي ويو آهي. مگر فقير ته وڃي الله جي دين ۾ داخل ٿيو. پوءِ سندس پراڻي دين سان ڪهڙو ڪم. ان خلق جي نفرت سبب فقير مڪمل طرح سان الله ڏي لڙي پوندو.
پسگردائي وارا پيا چوندا ته هن جو فقيريءَ ۾ ڪهڙو حق آهي اسان جو ابو ڏاڏو فقير هو۔ هي وري نئين مان فقير ٿيو آهي. فقير وٽ ته ماڻهو ايندا رهندا. هُنن ڏي ماڻهو کين بي حاصل ڏسي ڪونه ويندا جنهن ڪري حسد پيا ڪندا. انهن حاسدن جي وڏن مان هڪڙي لاجي ترار سان نفس کي ماريو هو. جهن تي ساڻس نفس انجام ڪيو هو ته توسان تکي ترار آهي مان توسان وڙهي نٿو سگهان باقي تنهنجي پوين جون ٽنگون دُڏِ کان ڪڍي ڇڏيندس.
پوءِ انهن هٿ موڪري ۽ پنج هٿ ڊگهي الفي کڻي پاتي ۽ سمورا لباس فقيري کڻي ڪيائون. جيڪو ساڻن ڳالهائي ته سندن وات مان ٻڪرين ۽ گابن جا کر پيا نڪرن. حرام حلال به کايون وڃن نه کين قرآني علم ۾ نه هو حديث تي هلن ۽ کين ظاهر جو علم به نه آهي. ختمن تي بنا سڏ جي پهريائين پهچن. اتي کائي وري گيڙوءَ جي چادر ۾ پٺارڪ ٻڌي اچي ٻارن کي کارائين ۽ وري ڇاندي، پاڻيءَ لاءِ وڃن ۽ پويان بکيو ڪتو اچي گيڙوءَ جي چادر ۾ چڪ وجهين جو اڳڙي به نه بچين، جيڪي گهڻن چانورن لاءِ وڃن سي اوڏاهون به خالي اچن ۽ هت وارو حال ڏسي ارمان پيا ڪن ته افسوس هاءِ ويئي ته هوءِ به ويئي.
بنا ذڪر فقيريءَ جو اهو حال آهي حديث ۾ آهي:
اَلَفَقَرُ سَوَادُ الوجھہ فی الدارین
ٻنهي جهانن ۾ منهن ڪاري واري فقيري اها آهي.
سند جي گاديءَ وارن مان ڪو مرندو ته سندس پٽ کي توڙي جو زاني غاصب نفس جو تابع شهواني پٽ هجيس الله ۽ مسلماني قانون امرنهي کان به انڌو هجي ته به مڙي سڙي ٺپي ٺاهي بزرگ واريون الفيون ۽ دستار کڻي پايائيندس ۽ چوندا ته ساڳيو سائين آهي. ڪپڙن پائڻ واري فقيري جو ڪهڙو حال آهي. مثال ڪنهن زائفان کي کڻي مرداڻا ڪپڙا پارائبا ته مرد ته نه ٿي سگهندو. مگر عام خلق جي ڦرڻ ڪاڻ پڇ کڻي ٻڌندس ۽ خليفا سندس تعريفون ڪري پيا مسافريون ڪرائيندس. اهڙا فقير غيا کوهه جا لائق آهن سڏائن وري درويش.
مثال ڪوئا مار باز ڪيڏو به سهڻو هوندو ته به ڪوئا مار سڏبس. شهباز ته نه ٿيندو. شينهن جيڪڏهن ڍونڍ کائي ته ڪتو چئبس شينهن نه چئبس. جيڪڏهن صوفي ڪپڙا فقيري پائي حرام کائي ته ڪتو آهي. شينهن نه آهي.
بيت رومي صاحب

ورهمي شير خورد مردار را، سگ به دانش گر کنداين کادرا
موش را گر باز گيرد باز نيست ليکه اندر سلک باز انبار نيست
موش گيرش نام شداندر جهان، گرچه رنگ وريش باز اوعيان
صوفي چون عاشق دنيا است وجاه، يوم دين گردد خوارو رو سياهه

جيڪڏهن شينهن حرام کائي ته ان ڪم ڪندڙ کي ڪتو سمجهه
باز جيڪڏهن ڪوئا وٺي ته باز نه آهي، شڪل ۾ باز جهڙو آهي مگر باز نه آهي.
دنيا ۾ڻ ان جو نالو ڪوئا مار آهي، توڙي جو رنگ ۽ منهن باز جهڙو اٿس.
صوفي جيڪڏهن دنيا ۽ مرتبه جو عاشق آهي ته قيامت جي ڏينهن خوار ٿيندو ۽ منهن ڪارو هوندس

صوفي ٻن قسمن جا آهن هڪڙا معنيٰ وارا ۽ ٻيا مانيءَ وارا.
معنيٰ وارا صوفي سمنڊ جي مڇي آهن. ماني وارا صوفي گلوئي آهن معنيٰ وارا علم لدني ۽ معرفت ۾ ويا سي سمند جي مڇي آهن انهن تي موت آهيئي ڪونه. قرآن موجب لَاخَوفُ عليهم وَالاَ هُم يَحزَنُونَ. اِن اولياءَ الله لا يمُوت آهن. يعني اهي مرندا ڪين نه ئي انهن تي ڪو خوف آهي. فقير هماءَ آهن جن جو سير تحت الثريٰ کان عرش تائين آهي. مگر ماني وارا صوفي حرام خور سانباها آهن. هنن جو سير پائخانن ۽ ڍونڍن تائين آهي. سانباهي کي رڳو لَوَڙ گسائي هڻجيس ته به ڀوَ ۾ مري ويندو. انهن لاءِ عزرائيل جو ڀَوءُ لَوَڙ مثال آهي. مگر معنيٰ وارا صوفي عزرائيل کي لا جي ترار سان ماري لکين ڪوهه پري لنگهي ويا. اتي تمام پري هڪڙو سمنڊ جو ڪن آهي ان ۾ ٽٻي هڻي پاڻ سمنڊ ٿي پيا. اتي عزرائيل جي پهچ ڪانهي. ان جاءِ تي عزرائيل سندن زير دست ٿي پيو.
هن زبان کي ڪهڙي مجال آهي جو سمنڊ جو بيان ڪري ان بيان ڪرڻ لاءِ سوين زبانون هجن ۽ قيامت تائين بيان ڪنديون رهن ته به پورو نه ٿيندو.
مانر صوفي گلوئي وانگر جان کڻي ٻِر مان ٻوٿ ٻاهر ڪڍن ته ڪوئا مار کڻين ته سرڻ به کڻين. انهن لاءِ عزرائيل باز آهي شڪاري به ٻر ۾ پاڻي وجهي ڪنڌ ڀڃي کڻي رڌي کائنس هنن لاءِ شڪاري چُهڙو نفس آهي. اهي مانرصوفي نفس جو قوت آهن. عزرائيل به نفس جو روپ اختيار ڪري اچين. جنهن جي شڪل ڀوري رڇ جهڙي ٿئي جنهن جي ڏاس زمين سان گسندي ايندي ان کي ڏسڻ سان اهڙن صوفين جوساهه نڪري وڃي ٿو. ڪانچ ۾ دست وهي وڃين ۽ دم جي ڏور ٽٽي وڃين. پوءِ کين ملائڪ قسيم النار وٽ وٺي وڃن پوءِ اهو شهنشاهه ملائڪن ٻن کي حڪم ڪري جنهن جاءِ جو لائق هوندو ته اوڏانهن موڪليدس. نفس جي فرمانبرداريءَ سبب کين ڪاري پاڻيءَ ۾ ڌڪو ڏياري ڇڏيندن.

ملامت ڇا آهي؟

ملامت عشق جي وجهڙائي آهي ڏسو ته آدم کي بهشت مان ڪڍي سيلون جي ٻيٽ تي ڦٽو ڪيائون جتي 300 ورهيه پي رنو. سندس روئڻ جي پاڻيءَ مان گاهه ڄائو. سو مٿئون وري ويس. بيبي حوا کي وري مغرب ۾ اڇلايائون. ڪي سال هڪ ٻئي جي فراق ۾ پي رنا. آخر نيٺ مالڪ حقيقي کين عرفات جبل تي پاڻ ۾ ملايو ۽ پوءِ ڪيڏي آبادي ٿي. انبيائن ۽ عارفن جي پيدائش ٿي. اهڙو فيض پيدا ٿيو. جيڪو قيامت تائين پيو هلندو.
گناهه ڪرڻ سان قلب تي ڪارو داغ ٿي پوندو آهي، جيڪو روئڻ سان ڌوپندو آهي. ظاهري عبادت سان ڪونه صاف ٿيندو آهي. اهو ڪارو داغ دل کي وحدانيت کان انڌو ڪندو آهي. اهو داغ روئڻ کانسواءِ نه روزي نماز سان نه قرآن پڙهڻ سان نه ڏهن چاليهن سان ڌوپندو. جيئن آدم جو بهشت وارو گناهه روئڻ سان ڌوپي ويو. اهڙي طرح آدم جي اولاد جا گناهه به روئڻ سان ڌوپندا آهن. ان لاءِ قرآن ڪريم ۾ فرمان آهي ته فَلْیَضْحَكُوْا قَلِیْلًا وَّ لْیَبْكُوْا كَثِیْرًاۚ :يعني کلو ٿورو ۽ گهڻو روئيندو ڪريو.” اندر داغ لڳا قدرت کا، جب رويا تو دهويا “
بيت

بهر گريه آدم آمد، تابود گريان ونالا برزمين
توچه داني ذوق آب ديد گان، عاشق نان تو چون ناديد گان
هريک قطريه همچون در که اوز بهر حق بود درچشم حر
خون شهيدان آب گريان نزد حق، از عبادت عالم برده سبق

آدم زمين تي روئڻ لاءِ آيو هو، تنهن ڪري رنو ۽ دانهون ڪائين،
تون اکين جي پاڻي جي لطف کي ڇا ڄاڻين.تون انڌن وانگر مانيءَ جو عاشق آهين.
روئڻ جو هر هڪ قطرو موتيءَ وانگر آهي. جيئن حق جي لاءِ حُر جي اکين ۾ هو. روئڻ جو پاڻي الله جي اڳيان شهيدن جي خون جهڙو آهي. ساري عالم جي عبادت کان وڌيڪ آهي
حديث: ليَس شيءُ عند الله قطره الدمع في سبيل الله وَقطره الدمع مَن خيشته الله
يعني الله کي ٻين شين کان وڌيڪ ڪابه شيءِ پسند نه آهي. شهيدن جي رت ۽ الله جي محبت ۾ روئڻ وارو اکين جو پاڻي.
جيڪو محبوب جي اڳيان لاجي ترار سان سر وڍرائي نذرانو رکي سو شهيد آهي. مگر اهو عشق جو شهيد آهي. جيڪو لوهه جي ترار جو وڍيل آهي سو غازي آهي. دين جي شهيد کي بهشت ملندو مگرعشق جي شهيد کي عرش کان وٺي تحت الثريٰ تائين انعام ۾ ملڪ ملندس. ان جو غين جو نُڪتو ڊهي ويندو پوءِ عين ذات ٿي ويندو.
عشق جي شهيد لاءِ موليٰ علي عليه السلام فرمايو آهي ته ضربته الحبيب زبيبُ يعني محبوب جوڌڪ به انگور جهڙو آهي. انگور هڪ اشارو آهي. وَسَقَاهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُورًا. يعني انهن کي پنهنجو پالڻهار پاڪ شراب پياريندو.
اسم اعظم جي ڪمائڻ مان عشق جي محبت قلب ۾ پيدا ٿيندي آهي. اها سڪ ۽ روئڻ وصال جي ويجهڙائي آهي. اهو روئڻ گناهن جي پاڙ پٽي ڇڏيندو آهي. اهو فراق دوزخ جي باهه کي به وسائي ڇڏيندو آهي. آدمي جو کاڌي وارو معدو دوزخ آهي. جنهن مان هوسان ۽ ڪفر واري گمراهي پيدا ٿيندي آهي. جنهن ڪري شهوت جاڳي پئي ٿي. هو دوزخ جيڪي ٻڌجن ٿا. اُهي به برحق آهي، مگرهن معدي واري دوزخ جا تابعدار آهن. اصلي دوزخ هي معدو آهي. هن جي ڀرجڻ مان شهوت جي باهه فساد خونريزيون ڪفر ۽ حق جون جمله بي فرمانيون پيدا ٿيون ٿين. نفس به اهومعدو آهي جيڪو ذڪر ۾ گم ٿيو ته ان جو قلب المومنين عرش الله تعاليٰ آهي. تن جو مقام عليين آهي. مگر جيڪي معدي جي هوسن ۾ گم ٿيا ته اَلمَقدَۃُ الانسان جَهنمُ الاسُود، يعني انسان جو معدو ڪارو جهنم آهي. اهڙو معدي جي پوڄارين جو مقام سجين آهي هي ڳالهه اکئين ڏٺي آهي لَّعْنَتَ اللّٰهِ عَلَى الْكٰذِبِیْنَ. جيڪو اعتبار نه ڪندو ته ان جي ستن پيڙهين تي به لعنت آهي.
هو باطني دوزخ ماٺ ۾ آهن. آدمي جي معدي جون هوسان حق جي منڪري جو ٻل آهن. جيڪو آدمي سڄي عمر گڏ ٿو ڪري اهو ملائڪ ڳاني ۾ وجهي ان آدمي کي کڻائيندا ۽ ان جي هوسن جي بندين سميت کڻي وڃي ڪاري دوزخ ۾ اڇلائيندس. اهو حڪم به قسيم النار والجنت ملائڪن کي ڏيندو جهن جي هو بجا آوري ڪندا. پوءِ باهه جا بيڙ ٿي ويندا.وَقُودُها النَاسُ وَالحِجَارۃُ. يعني ان باهه جوٻل ماڻهو ۽ پٿر آهن. جنهنجي ساري عمر عيش عشرت ۾ گذري تنهن جي آخرت ۾ جاءِ سجين آهي.
جيڪو ذڪر اسم اعظم سان سيني ۾ گم ٿيو ان جي ظاهري جيئري ۽ منزل عليين مڪان آهي ۽ اُتي ويندو به پيو ته ايندو به پيو. اهو بوتي ۾ رهندي به اهو مڪان ڏسندو رهندو. اهل ذڪر معنيٰ جون موجون پيا ماڻيندا انهن کي معنيٰ ۾ جبرائيل چئبو. دم نڪرڻ کانپوءِ به اهي عليين مڪان ۾ رهندا اک ڇنڀ ۾ پيا ايندا ويندا. هي ملڪ به انهن جو ته هو ملڪ به انهن جو آهي.
مگر معدي جا قدي هت به موچڙا کائيندا ته اڳتي به کائيندا لم يزلي بادشاهه انهن کي ڪاري دوزخ ۾ موڪليدو. عارف عاشق ان کي ڪاروپاڻي به سڏيندا آهن. مستي جي حالت ۾ ڪي راز وارا فقير وڏي بادشاهه کي انگريز سرڪار به چوندا آهن.
دوزخ کي چوڌاري ڀت آهي ان ۾ اندر ڪاري باهه ٻرندڙآهي، ان جي ملائڪن جي شڪل به ڪولهيءَ ۽ ڀيل جهڙي آهي. سندن پوشاڪ، صرف چوتو پاتل اٿن. انهن ملائڪن کي ڏهه ٻارهن هٿ ڊگهيون لوهه جون ٻيانيون هٿن ۾ آهن. جن سڄي عمر معدي نفس جي خدمت ڪئي ۽ الله کي وساري ڇڏيائون ۽ جڏهن اهي مرندا ته اهي ملائڪ انهن کي ڪاري پاڻي ڏي وٺي ويندا. پوءِ بادشاهه اعظم سان ولر جا ولر ساڻ ڪري انهن کي ڪنڌ ۾ لوهه جو ٻيانيون وجهي ڀتِ جي مٿئون ويندن اندر اڇلائيندا. ماڻهن جي پوڻ سان باهه وٺي آنبه ۽ بڀڙ ڪندي دنيا جي باهه ڳاڙهي آهي هوءَ باهه ڪاري آهي. هن باهه ۾ ڪاٺيون وجهبيون ته سڙي خاڪ ٿي وينديون مگر هن باهه ۾ ماڻهو سڙندو به پيو پر هوندو اهڙو ئي وري سڙندو وري ساڳيو ٿيندو وري سڙندو ۽ وري ساڳيو ٿيندو. لَايَمُوتُ فِيهَا وَلاَ يَحيٰ. يعني نڪي ان باهه ۾ ماڻهو مرندا نڪي جيئرا ٿيندا بيهوشيءَ جي حالت ۾ پيا سڙندا. ها سزا معدي جي خدمتگار جي لاءِ آهي. قرآن ڪريم فرمايو آهي.
يَوْمَ نَقُولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امْتَلَأْتِ وَتَقُولُ هَلْ مِن مَّزِيدٍ
جنهن تي جهنم چوندو ته اڃا ٻيا ماڻهو به آڻيو
ڏسو ته ان معدي جهنم کي ڪيتري گهرج آهي. جو چوندو ته ساري جهان جي دنيا مون وٽ هجي. ٻئي ڪنهن کي به ڪک به نه ڏيان.
هر هڪ آدميءَ کي اها هوس آهي ته سموري بادشاهي مون کي هجي
بيت

هفت اقليم گر بگيرد بادشاهه، همچنان در بند اقليم ديگر
نيم نان گر خورد مرد خدا، به دل درويشان کند نيم دگر
نفس هر کس کمتراز فرعون نيست ليکه اور اعون ماراعون نيست

توڻي بادشاهه کي ست بادشاهيون هجن ته به ٻئي ملڪ وٺڻ جي تمنا هوندس.
خدا جو ٻانهو اڌ ماني کائيندو ته ٻيو اڌ مسڪين ۾ ورهائي ڇڏيندو.
هر ڪنهن جو نفس فرعون کان گهٽ ڪونهي. مگر ان کي طاقت هئي اسان کي طاقت نه آهي.
هر ڪنهن نفس کي جيڪڏهن طاقت هجي ته فرعون، نمرود، هامان ۽ يزيد وارا ڪم ڪري ڏيکاري ننڍي وڏي زميندار جي حيثيت به گهٽ آهي مگر انهن جا ڪم ڏسو ڪير به کيس ڪم کان موٽائي ته ڪوڙا قسم کڻي به ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندس.
معدو به دوزخ وانگر آهي جو اناج ميوات سڀ ڪجهه کايون ٿو وڃي ته به ڀرجي نه ٿو. هي دوزخ وانگر اڃا ڪجهه هجيئي ته آڻ پيو ڪندو. باطني دوزخ هو آهي مگر ظاهري دوزخ معدو آهي. معد جي باطني دوزخ واري اولاد آهي جيئن ڪمائي اولاد کي کارائجي ٿي. هي معدو نه هجي ها ته باطني دوزخ جو دنيا ۾ نالوئي ڪونه هجي ها. مثال هي وڻ آهي ته هو پاڇو اٿس. پاڇي جو مهانڊو به وڻ جهڙو ٿيندو آهي. اهو نفس روح کي قتل ڪيون ويٺو آهي رسول الله فرمايو آهي

اَمَا النارُ فَلَا تَمثيل حَتيٰ يَضَعُ الرجُلُ يقول قَطُ قَطُ فهَهنا لَکَ تَمثِيل الا خِرتِ حَتي الجبارُ قد ميت فيها.
دوزخ دانهون ڪندو ته اڃا ڍائو نه آهيان جنهن کان پوءِ ذات ذو الجلال پنهنجو قدم مبارڪ ان ۾ وجهندو پوءِ چوندو ته بس بس.
ان وانگر جنهن عارف جي سيني ۾ اسم اعظم ذريعي حق جي اثباتي ٿي سندس نفس ۽ معدو برباد ٿي ويندس. آدمي جي وجود ۾ حق جي اثباتي به ذات حق پاڪ جو قدم مبارڪ آهي. ذات ذوالجلال جي ظهور کانپوءِ نفس جي چون چرابس ٿي ويندي. حق کانسواءِ سڀ هَوَسون ختم ٿي وينديون جيئن سج اڀرڻ کانپوءِ چمڙو گم ۽ غرق ٿي ويندو، ذات حق پاڪ جي اڳيان نفس به چمڙو آهي پوءِ قبر ۾ پهچڻ تائين وري ڪابه هوس ڪانه ڪندو. اهو سمجهو ته نفس لا جي ترار سان ڪُسجي ويو.
شاهه اعظم جو وعدو آهي ته فَتَمَنَّوُا الْمَوْتَ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ. يعني موت جي گهر ڪريو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. موتو قبلل ان تموتو مرڻ کان اڳي مري وڃو وارو فرمان ڪو ڪوڙو ٿيندو ڇا؟
لاَيَسعني فِي اَلارضي وَلاسمائي. آءُ نٿو لڪي سگهان پنهنجي زمين يا آسمان ۾ مگر مومن جي قلب ۾ لڪيو ٻي ڪا به لڪڻ جي جاءِ نه ٿيس. مئومن اهو آهي جيڪوالله جو آئينو هجي. حديث: المومن مراءَ ۃ الرحمن. يعني مومن رحمان جو آئينو آهي. جيڪو الله جو آئينو ٿيو ته ان جو معدي وارو دوزخ وسامي ويندو ۽ ان لاءِ باطني دوزخ به ختم ٿي ويندو، تان جو مومن دوزخ جي ڀرسان لنگهندو ته دوزخ دانهون ڪري چوندس ته جلد لنگهي وڃ جو تنهنجي توحيد جو فيض منهنجي باهه ٿو وسائي حديث:جُزيا مئومن فَاِنَ نُورِکَ اطفَاءَ نارِي. يعني اي مومن تکو هل جو تنهنجو نور منهنجي باهه وسمائي ٿو.
بک نور آهي ڍئونار آهي. اگر معدي ۾ ڍئو هوندس ته شهوت کڙي ٿيندس وڃي حق جي نافرماني ڪندو ڍئو نمرود ۽ يزيد کي به هُيو انهن ڪهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا .بک انبيائن ۽ اوليائن منظور ڪئي انهن بک مان الله اثبات ڪيو ۽ نور اظهار ڪيو.
شاهه منصور جي چولي مان الله ڳالهايو هو مگر ماڻهن نه سڃاتس نفس معدي جو اهو حال آهي. جو ٻه ڏينهن بخار ۽ بکون آيس ته شهوت بند ۽ رد ٿي ويندس. زال سان به سمهڻ نه وڻندس. شهوت جا خيال ئي ختم ٿي ويندس.
بيت رومي صاحب

اصل دوزخ معده آدم بود که معده دوزخ پيدا شود
عرش اعظم سينئه انسان بدان، که ازسينه مي رسددر لامکان

اصل دوزخ آدمي جو معدو اهي ڇو ته دوزخ به ان معدي مان ٿو پيدا ٿئي.
انسان جو سينو عرش اعظم سمجهه جوان سينه ذريعي لامڪان ۾ ٿو پهچي.
گر مقام معده ماوا تو شدنار سود دوزخ جاءِ توشد.
جيڪڏهن تنهنجو معده ٽڪاڻو آهي ته پوءِ ڪاري دوزخ ۾ تنهنجي رهائش ٿيندي.
معده راتو بردر سينه بدان، تاشوي توبادشاهه دوجهان
معدي کي سينه جي درتي پهچاءِ ته تون ٻنهي جهانن جو بادشاهه ٿيندين.
شد دواني معده راجوع مدام ، که ازاو حاصل کني معنيٰ مدام
معدي جي دوا هميشه بک اٿيئي پوءِ ان مان معنيٰ پيئي ملندءِ
جوٿ مرخاصان حق راميد هند.، که اندرين ملک حقاني مير سند.
بک حق جي خاصن کي ڏيندا آهن اهي بک مان حقاني ملڪ ۾ پهچندا آهن.
سير معده بود دشمن خدا، کارهادا رد پراز مکر ورياءِ
معده جو ڍئو خدا سان دشمني آهي. پوءِ سڀ ڪم اٽڪل ۽ رياٰءِ ها پيو ڪندو.
جوع نور حق وسيرنا ردان ، جوع تجري تحتها الا نهار دان ،
بک حق جو نور آهي ۽ ڍئو باهه سمجهه بک کي بهشت سمجهه
حديث: “الجوع طعام الله يحي به الابدان الصديقين“
يعني بک الله جو طعام آهي جنهن سان سچن عارفن جا وجود ۽ بدن زندهه ٿيندا آهن.

بک سان نفساني هوسون مري وينديون آهن. الله ياد ايندو آهي. ننڊ گهٽ ايندي آهي. نفس ۽ معدو ذليل ٿيندا آهن. حديث طوبيٰ لِمَن ذِلت نفسُه يعني ڍئو ڪرڻ سان نفس گناهن ۽ ذات حق جي بي فرماني ڪندو آهي. غفلت جي ننڊ ايندن نه الله ياد نه ايندس نه رسول.
نفس ٻه جسم ۾ بادشاهه آهي. شيطان وزير اٿس. ظلم ۽ حسد وقت نفس چئبس. شهوت جي تابعداري وقت شيطان چئبس مڪر ۽ فريب جي حالت ۾ هن کي مڪريل ڄاهو سڏبس. انسان جي وجود ۾ دغا بازي به موجود آهي. فساد وقت هن کي خبيث سڏبو آهي. يعني سوئر سڀ ڪجهه ڪري وجهندو. انسان حرام خور آهي. ڪاوڙ جي حالت ۾ سامهون ايندڙ کي چيري ڦاڙي ڇڏيندو. نفساني هستي وقت لنگور ٿيو پوي. شهوت راني ۽ بي شناسي وقت هن کي ابليس چئبو. ابليس جي شڪل ۾ لنگور جهڙي آهي. ڇو ته جيڪي زائفون خدمت ڪنديس ته انهن به بي شناسائي واري اک وجهندو. نمڪ حرام ٿيندو.
ظلم جي وقت هن جي شڪل جهنگلي رڇ جهڙي آهي.شهوت ڏانهن راغب ڪرڻ وقت شيطان نالو اٿس. غافلن ۽ ننڊ وارن لاءِ نالو هنومان اٿس. سڀئي نالا آدميِءَ تي خلصت مطابق آهن. هي خلصتن مطابق روپ اختيار ڪندو آهي. سڀني روپن اختيار ڪرڻ جا اختيار به اٿس. قرآن ۾ آهي ته مِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ الْخَنَّاسِﭪ(۴)الَّذِیْ یُوَسْوِسُ فِیْ صُدُوْرِ النَّاسِۙ(۵) هر خصلت کي صورت آهي. جيڪا خصلت آدميءَ تي غلبو ڪندي ته باطن ۾ اهائي شڪل ٿي پونديس. ان ڪري آدمي کي خصلت مان سڃاڻبو آهي.
آدمي موت کان پوءِ پنهنجي عادت واري صورت اختيار ڪندو خدا جي حڪم سان اهو ٿي پوندو ٻه ملائڪ ڪنڌ ۾ زنجير وجهي رڇ وانگر ڪاهيندس ۽ ڪاري پاڻي واري ڪوٽ وٺي ويندس. جتي ٻيا ملائڪ هوندا جيڪي هن کي ڪنڌ ۾ ڊگهي لوهه جي ٻياني وجهي ڀت مٿان کڻي اڇليندس. جتي سندن پوڻ سان ڪاري باهه جو دڌڪو ٿيندو. قرآن ۾ آهي ته يحشرون عليٰ صور يَحسَنُ عِندَنا قِرَدَت والخنازير. هڪ ته ملائڪن وڃي دوزخ ۾ وڌو باقي روح مقدس قبر تي سزا سان بيهندو جنهن کي پيرن ۾ ٻه زنجير پيل هوندا. ڳچيءَ ۾ ڳٽ جيڪو چيلهه کان مٿي ڇڪيل ٻڌل هوندس. قبر تي رڪوع جي حالت ۾ بيٺو هوندو. نهائين واري جاءِ تي نظر هوندس. ڪاڏي به نهاري نه سگهندو. اَغلالا فهي اِلي الاذقان ۾ هوندو. جنهن جو مطلب اڳ ۾ ٻڌايل آهي.
ٽيون روح منزه قبر جي لاشي سان گڏ پيو هوندو. جنهن کي قبر ۾ ٻڏڻ ۽ مال ۽ ماڻهن جي لتاڙڻ جو ايذاءُ ايندو. بيٺل روح کي جهولي خواه سيءَ جي تڪليف ايندي قبر ۾ پاڻي پوندو ته روح منزه قبر مان هوڪو ڪري نڪري ويندو. آسمان ڏي جاءِ نه ملندس. پاڻي سڪڻ کانپوءِ ساڳيو قبر ۾ اچي سمهندو پاڻي ۽ لتڙ جو جيترو جيئري ماڻهوءَ کي ايذاءُ ۽ تڪليف ايندي آهي اوتري تڪليف ايندس منزه روح هن بوتي جهن کي مقنس روح به چئبو آهي مقناطيس وجود جو عاشق هو. تنهن ڪري بوتي سان گڏ پيو هوندو.
بيت رومي صاحب

حشر برتو اعمال تست، آنچه ديدي نيک وبداحوال تست
توتي حشر تنهنجي اعمالن جي صورت ۾ آهي. جيڪو نيڪ يا بد احوال ڏسين ٿو تنهنجو ئي احوال آهي.
دروجو ماهزاران گرگ وخوک، ونا صالح وخوب وخسوک
اسان جي وجود ۾ هزارين بگهڙ ۽ سوئر آهن، چڱا شڪل ۽ بدشڪل به آهن
سيرت که آن دروجودت غالب است هم بران تصوير محشر واجب است
جيڪا به عادت توتي غالب هوندي حشر ۾ اها تصوير ضروري هوندي.
آدمي محتاج برسيرت است زانکه زين تصوير حيواني شود.
آدمي عادت جو محتاج آهي ان ڪري صورت حيواني ٿو اختيار ڪري.
هم ازين سيرت شود محشر قوم ، هي به خيزد بعد مردن نفس شوم
ساري قوم پنهنجي عادتن سان محشور ٿيندي مرڻ کان پوءِ نفس شوم ٿي اٿندو.
گرهي خواهي کي انسان شوي، غرق ازجسم وجان ازخودروي.
جيڪڏهن چاهين ته انسان ٿي اٿان. غرقي ٿيءُ جسم مان ٻاهر نڪر
تاز ظلم جسم خوديابي نجات محو شودر عشق اعظم ذکرذات
تڏهن پنهنجي جسم مان نجات لهندين، جڏهن عشق اعظم جي ذڪر ۾ محو ٿيندين.
تاتو باشي قيد اندر جسم وجان ، اين عذاب برتو شد جاودان
جيستائين جسم جي قيد ۾ هوندين. تيسين اهو عذاب توتي هميشه هوندو.
گو تو ميخواهي نجات ازوجود، گم شودر اسم اعظم اي عنود.
جي تون جسم مان ڇوٽڪارو چاهين ٿو ته اي هندي اسم اعظم ۾ گم ٿيءُ
افسوس آدمي الله جي بندگي نه ڪئي. ٻانهي بوتي جو ٻانهو ٿيو. ساري عمر شهوت جو قيدي رهيو. شهوت جو قيدي ڪير آهي. زالون پٽ ڌيئر زمينون ملڪيتون باغ گهوڙا مطلب ته الله کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه دل ۾ رکڻ شهوت جو قيد آهي. غير الله جي خدمت ڪرڻ بهشت ۽ حورن جي خواهش ڪرڻ ان آسري تي عبادت ڪرڻ پيرن ۾ ڇوٽڪاري جي اميد رکي سندن خدمت ڪرڻ، ماڻهو ائين نٿا سمجهن ته اهي پير پاڻ دڳ تي دسيا پيا هوندا. الله پيرن جي مارائڻ لاءِ ڏهه ڏهه ملائڪ سنبرايون بيٺو هوندو ۽ وري مريد به مٿئون چاڙهيندن جيئن شڪاري سوئر تي ڪتا بڇيندو آهي. ڇو ته هي الله کان غافل هئا. عام ماڻهن هنن کي مال ۽ ملڪيتون پي ڏنيون هنن الله جي چوري پي ڪئي. ان ڪري پيرن تي الله جي پڪڙ ۽ بڇ ٿيندي. اهو تڏهن جڏهن دم نڪرندن. جيئن چور پتن تي پڪڙبو آهي. ۽ ڪٽيندڙ ٿڪجي پوندا آهن. ائين پيرن کي لوهه جون سيخان تپائي وات ۾ ڏيندن ته ماڻهن کي الله جو رستو به ڪونه ڏسيوَ ۽ ناحق مال پي کاڌوَ. پوءِ قالويا ويلنا چوندا.
جيڪي ماڻهو شهوت پرستيءَ ۽ پٽن ۽ مال جي خدمت ۾ دم دُريگانه وڃايون جڏهن جي ڏور ٽٽندن تڏهن خوشيءَ سان ناخوشيءَ سان لاش جا مائٽ ۽ ملان لاش کي آلت هٿن ۾ ڏين ڇو ته هن الله وساريو هو عمر گمراهيءَ ۾ گذاري هئائين. ان ڪري الله به جوڙي جٺ ٿو ڪرين جو ميڙيل مال ۽ ٽپڙن کان لن هٿ ۾ ٿو ڏئين. مائٽ به خير خواهي ڪري پٽي چيلهه ۽ هٿن جي مٿان ٻڌي ڇڏيندس ته متان هٿ پري ٿينس ان ۾ قابو هٿ هجنس

بيت رومي صاحب

اهل دنيا راچه حاصل شدازين ، بعد مردن دست درخايش به بين
دنيا واران کي هن مان ڇا حاصل ٿيو مرڻ کان پوءِ خصين ۾ٿان ڏيو
آلئه شهوت به دستش نيست مال، نئي بودش دنيا نه ملک نئي منال
شهوت جي اوزار کانسواءِ هٿ ۾ نه مال نه ملڪيت نه دنيا نه ملڪ هوندس دانهون نه ڪر.
چونکه عمرش تابع غير خدا. بوداندر قيد جسماني فنا
ڇو جو سندس عمر گمراهي ۾ گذاريائين خدا کانسواءِ جسم جي قيد ۾ مري ويو.
اين سزائي آنکه شهوت راپرست، ازبرائي جسم پروبال شکست
شهوت پرست جي اها سزا آهي جسم لاءِ کنڀ ۽ پر ڀڃي ڇڏيائين
اهل دنيا بنده بندو وجود ، جسم راساجد شده اندر سجود.
دنيا وارا وجود ٻانهي جا ٻانها ٿيا. جسم کي سجدو ڪري سجدي ۾ ڪري پيا.
بت پستند ناريان وتن پرست ، پاک آن باشد که زين تن خود به رُست
بت پرست جسم پرست جهنمي آهي پاڪ اهو آهي جيڪو جسم مان نڪتو جان ڇڏائي
ملامت عشق جو قوت آهي تان جو سڀني نبين اهي ڏک ۽ خلق جون ملامتون قبول ڪيون. حضرت نوح عليه السلام 95 ورهيه خلق جا ڏک ۽ ٽوڪون سٺيون قرآن ۾ آهي.
وَ اِنِّیْ كُلَّمَا دَعَوْتُهُمْ لِتَغْفِرَ لَهُمْ جَعَلُوْۤا اَصَابِعَهُمْ فِیْۤ اٰذَانِهِمْ وَ اسْتَغْشَوْا ثِیَابَهُمْ وَ اَصَرُّوْا وَ اسْتَكْبَرُوا اسْتِكْبَارًاۚ(۷
يعني، بيشڪ مون انهن کي جڏهن به سڏيو ته تون انهن کي بخشين، تڏهن پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌائون ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڻ کي ويڙهيائون ۽ (ڪفر تي) قائم رهيا. ۽ تمام گهڻو هَٺُ ڪيائون.
سوره نوح آيت نمبر 7
اهڙي طرح مٿن چارپائي جا الزام هنيائون ۽ ٽوڪون ڪرڻ لڳا ٻيڙي واري وقت ۾ ته وڌي ويا.
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَ قَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّ ازْدُجِرَ(۹)فَدَعَا رَبَّهٗۤ اَنِّیْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ(۱۰))
يعني، انهن ماڻهن کان اڳ ۾ نوح جي قوم ڪوڙو ڪيو. اسان جي (ٻانهي خاص) جي تڪذيب ڪئي هئائون ۽ چيائون ته هي چريو آهي. ۽ نوح کي ڌمڪي ڏني ويئي، پوءِ نوح عليه السلان پنهنجي رب کان دعا گهري ته آءُ عاجز آهيان اوهان مدد ڪريو. ( ۽ انهن کان بدلو وٺو)
حضرت ابراهيم عليه السلام حضرت موسيٰ حضرت عيسيٰ عليه السلام جهڙن انبيائن کي تڪليفون ڏنائون ذڪريا عليه السلام کي شهيد ڪيائون. حضرت رسول ڪريم ﷺ ۽ موليٰ علي عليه السلام جن کي مڪي مان لڏائي ڇڏيائون .حضرت امام حُسين عليه السلام کي اهلبيتن سميت ڇا ڪيائون. امان زين العابدين کي ڪٽنب سميت عشق قيد ڪرايو. انهن وقتن ۾ فرعون نمرود ۽ يزيد نيڪ پي سمجهيا ويا. ابوجهل به نيڪ ليکبو هو. شاهه منصور کي عشق شهر سوليءَ تي چاڙهي.هٿ پير وڍرايس. بايزيد بسطامي صاحب کي عشق شهر مان تڙائي ڪڍرايو. عشق شمس الحق جي کل لهرائي. شاه ڪرمل نجم الدين ڪبريٰ ۽ شيخ عطار رحه کي قتل ڪرايائين. بلا شاهه کي عشق ڪهرايو. ڪلهوڙن جي دور ۾ شاهه عنايت شهيد کي قتل ڪرايائين. غلام محمد وڻجارو ملن ۽ قاضين مارايو. مولوي محمد عاقل عرف آڪيداس کي کهڙن جي مخدومن کا تعذير ڏياريائين. ان کانپوءِ عشق فولاد علي فقير وٽ آيو. شرن جو ڳوٺ ۾ من خدايم جي دم تي ڪوڙا ڪيس ڪرايائين. ڏنڊ وجهريائين. ٻارهن مهينا وزير ابراهيم جيل ۾ وڌس. جڏهن فقير واپس آيو ته وزير اعظم ابراهيم جو عشق شهنشاهه لاههُ ڪڍي ڇڏيو. کيس ميرعلي نوازمٿي پيرين اگهاڙو ڌڪا ڏيئي بنگلي مان ڪڍريايائين. اهڙيءَ حالت ۾ ڳوٺ پهتو ۽ چريو ٿي پيو ۽ زهر کائي مري ويو.
ان وقت ۾ علي محمد جمالي عامل هو. ان تي وزير ابراهيم جو ويساهه هو. ان کي به بچاءَ جون گهڻيون منٿون ڪيائين. مگر جواب ڏنائين ته هو فقير عارف باالله کي ناحق قيد ڪرايو آهي. تنهن ڪري توتي رسول الله ﷺ ۽ موليٰ عليه السلام ناراض آهن، هاڻي ڪجهه به نه ملندءِ هيءَ حقيقت علي محمد فقير جي پنهنجي زباني آهي. جيڪا ڳالهه هو سدائين ڪچهرين ۾ ڪندو هو.
ڪوٽ ڏيجي ۾ قيد ڪرائڻ ۾گل حسن پٺاڻ جو هٿ هو. ان وقت هو نائب وزير هو گل حسن بزرگ حسن جان جو مريد هو. جيڪي ٽکڙ جا بزرگ ليکبا هئا. ان بزرگ کي مولوي نواز علي چاڙهي وٺي آيو هو، ڇاڪاڻ ته مولوي نواز عليءَ جي گل حسن جان ٽکڙائي، سان دوستي هئي ۽ هو وري فقير جو سخت دشمن جو. ايترين ڪوشش کانپوءِ گل حسن وزير فقير تي زوريءَ زنا جو ڪيس ڪرائڻ لاءِ تر جي وڏيرن ۽ پوليس تي زور ڀريو. جنهن تي بکان منڊي، ٻي سونا ڪيرياڻيءَ کي وٺي فقير جي صورت ڏيکاري آيا ۽ کين چيائون ته هن فقير تي زوري زنا جو ڪيس ڪرڻو آهي. اوهين پوليس وٽ اهڙو بيان ڏيو. جنهن تي ٻنهي رنن فقير جي صورت ڏسي صوبيدار کي جواب ڏنو ته سائين اسان سڄي عمر خراب پيشي سان رهيون آهيون، مگر ههڙي پيرسن ۽ خدا واري فقير تي ناحق نه بيهنديون سين.
پوءِ فقير تي زميندار گمٻٽ ۾ الله بخش ڀرڳڙيءَ جج وٽ بيان ڏنو ته فقير چوريون ٿو ڪرائي ۽ چئن زميندارن ڪلمون پڙهي بيان ڏنو. ان وقت فقير کي مٿي ۾ تاج ۽ جسم تي الفي پهريل هئي. تنهن تي جج صوبيدار کي جهڻڪون ڏنيون ته فقير کي فقيري پوشاڪ ۾ ڪورٽ ۾ ڇو آندو اٿئي. مگر آخر بيانن مطابق فقير کي ٻارهن مهينا سزا مقرر ڪيائين جنهن تي فقير جج کي چيو ته تون مون کي ناحق سزا ٿو ڏئين باقي عشق شهنشاهه پاڻهي ئي توکان حساب وٺندو. رات ٿي جج جو گهر مان چور کاٽ هڻي. اڍائي هزار روڪ ۽ ٻيو سامان کڻي ويا صبح جو جج صاحب پڇتائي چوڻ لڳو ته مون فقير کي ناحق سزا ڏني. ڪيس ڪنهن ٻي ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيان ها ته نقصان نه ٿئي ها. ۽ سندس پڇاڙي اهڙي ٿي جو پاڻ به حيدرآباد واري جيل ۾ زهر کائي مري ويو.
اسان جڏهن جيل ۾ هئاسون ته وزير گل حسن پٽ آغا غلام نبي سان گڏ ٻن گهوڙن واري ٽانگي ٿي آيو. فقير کي ڏسي پٽ کي چوڻ لڳو ته هي فقير الله سڏائڻ جي ڪري قيد ڪرايو اٿم. جنهن تي پٽس چيس. قهر درويش برجان خويش. فقير کي وڌيڪ تڪليف نه ڏجانءِ نه ته فقير خبر ڏيندءِ .ان بعد کان خير عافيت پڇيائين جنهن تي فقير چيس ته رنج ڪونه آهيون ڇاڪاڻ ته سڀ ڪجهه الله محبوب ڏانهن ٿا سمجهون توکي ڪهڙي طاقت آهي وري چيائين توبهه ڪريو الله سڏايو هيئه گناهه لهني اسان چيس ته نوَ سال الله جو نالو ورتو هوسين ڏهين سال الله هي ڪم ڪيو آهي هاڻي اصل الله جي نالي وٺڻ کان توبهه آهي. هاڻي الله چونداسين ته شرڪ ٿي پوندو. اهو ٻڌي وزير گل حسن ماٺ ڪيون هليو ويو.
بيت

مطلوب نه طلبيم که اين طلب حرام است، الله نه گوئيم که درشرک به مانيم
يعني مطلوب نٿا گهرون ڇو جو گهر حرام آهي الله نه چونداسين ڇو جو شرڪ ۾ رهجي وينداسين.
پوءِ الله کي غصو آيو ۽ ان شريعتي ماڻهوءَ جو پٽ صوفي ٿيو. درازن واري فقير جو طالب ٿيو. هڪ دفعي درازن جي ميلي تي شراب جي بيل گاڏي ڀرائي فقيرن کي پيارڻ لڳو ۽ پاڻ به پيئندو رهيو گل حسن پٺاڻ کي ذات ذوالجلال پٽ جي فقير ٿيڻ ۽ شراب خوريءَ جو داغ ڏنو.
آخر ميو علي نواز جي چوڻ سان علي بخش چانڊئي گل حسن کي مٿي ۾ ڌڪ هنيو جو مٿو ڦاٽي پيس. ٻه مهينا اسپتال ۾ علاج ڪرائي بچو ۽ نوڪري به ختم ٿي ويس.
عشق سهانگو نه آهي. جيڪو عشق جا بار ۽ مصيبتون کڻندو تنهن وٽ عشق شهنشاهه ايندو.
خواهي عشق وسلامت ماني اين حکايات راست نه باشد
گهرين ٿو عشق ۽ سلامت رهين اها ڳالهه ٺهي ئي ڪانه ٿي.
جيڪو عشق وٽ ايندو تنهن کي عشق سلامت ڪونه ڇڏيندو. اهو قائدو عشق جو پراڻو آهي. اسان سان جيڪي لڙيا سي ٻاهريان ڪين هئا مگر فقير غلام حيدر جا پوٽا هئا. جيڪي خواه مخواه اسان سان ساڙ ۽ حسد ڪندا هئا. هو سمجهندا هئا ته ٽه پيڙهيا فقير آهيون مگر هي نئون فقير آهي. هن جا شهر وارا ۽ ٻاهريان ماڻهو مريد ٿا ٿين. پاڻ وري بيخودي جا نعرا ٿو هڻي. اسان پراڻن فقيرن جو نالو ناس ڪري ڇڏيو اٿائين. هن وٽ ماڻهن جي اچ وڃ آهي. اسان ڏي نهاري ڪير ڪونه ٿو. فقيري به اسان جي ۽ وڏيرپ به اسان جي هن اسان جي بي عزتي ڪئي آهي. ان ڪري حسد ڪندا هئا.
انهن مان اسان جو هڪ طالب ٿيل جيڪوست سال صحبت ۾ به رهيو هو. اهو مائٽن جي چوڻ تي اسان جو مخالف ٿي پيو. ان وقت اسان ڇوڪرن کي فارسي پڙهائيندا هئاسون. ان وقت اسان به نئين مان عشق جي ملڪ ۾ ويا هئا سون تازو معراج ٿيل هو. مگر هوش عقل سلامت هو ۽ ٻارن کي پڙهائيندا هئاسون.
هڪ دفعي اسان وارو ڦري ويل طالب سيکاري جاسوسيءَ لاءِ موڪليائون. جيڪو اچي اسان وٽ ٿورو ويهي اٿي هيلو ويو ۽ جمع جو ڏينهن هو ۽ ڳوٺ وارا جمع نماز ۾ مسجد ۾ گڏ ٿيل هئا. ان مسجد ۾ مولوي نواز علي نماز پرهائيندو هو. هي همراهه ان جو سئوٽ هو. اهو ملان پڙهيل هو ۽ ٻيا سڀ جاهل هئا. نماز کانپوءِ هن جاسوس همراهه وٺي هُل هنگامون ڪيو ته مان اڄ فقير فولاد علي کي ڏسي آيو آهيان جيڪو قرآن پاڪ تي مٿان ويٺو هو. حالانڪه اهو هڪ بهتان هو. جيئن شاهه منصور تي بهتان مڙهيو هئائون ته پٽ کي ماءُ سان ٿو پرڻائي مگر حقيقت ۾ اها عورت سندس ٻانهي هئي. حسين بن منصور حلاج کي ڦاهيءَ جي سزا ملان عمر ڏني هئي.
اهو ٻڌي سڀئي گڏجي ان شاهد کي ساڻ ڪري ٺريءَ ۾گيهي رام مختيارڪار وٽ فرياد ڪيائون. اسان جي حاضريءَ تي فقراءَ سميت ڪورٽ ۾ وياسون. مختيارڪار فقير جو حُليه ۽ پوشاڪ ڏسي مولوي صاحب کي چوڻ لڳو ته افسوس جو پنهنجي مسلمان فقير تي اهڙا الزام ٿا هڻو. اسان جو هندو فقير هجي ها ته مٿس هٿن جون ڇائون ڪريون ها. ائين چئي کين درخواست واپس ڪيائون ۽ کين چيائين ته توهين مسلمان آهيو پنهنجي شريعت موجب جيڪو وڻيو سو فقير سان ڪيو. جنهن تي مولويءَ اسان کان پڇو ته فقير توکي شريعت موجب تعذير قبول آهي. اسان چيس ته اوهان کي جيڪڏهن هن ۾ڪا ڪچائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته قتل ڪيوس. سنگسار ڪيوس. سوليءَ تي چاڙهيوس يا ڍنڍورو ڏيوس تنهن تي ملان چيو ته اسان کي لکي ڏيو اسان لکي ڏنس ته وري ملان ڦري ويو ته تعذير ڏيڻ سان فقير مشهور ٿي ويندو. اسان فقير تي ڪيس هلائڻ ٿا چاهيون. جنهن تي مختيارڪار چيس ته فقير سان توهان جو مذهبي ۽ شريعتي تڪرار ڪونه آهي ڪو گهرو تڪرار آهي.
آخر مختيارڪار ڪيس هلايو. ملان شاهدن کي مڻ بصرن جو ڏيئي بيان ڪرائڻ لاءَ آندو هو مگر اهي شاهد به ڦري ويس.
مگر اسان جڏهن ڪورٽ ۾ لنگهياسون ته پويان درين کان مائٽن منٿون ٿي ڪيون ته نه ڪڇجانءِ اسان وري ڪنڌ ورائي عشق جي اعليٰ درٻار ڏي نهاريو جيڪا تمام پري عرش عظيم تي هئي.
بيت

اَحسَنُ تَقوِيمِ .در قرآن بخوان .اَحَسنُ تَقويمِ زعرشش دوردان
حسين ترين صرف قرآن ۾ پڙهي اٿيئي. اها حسين ترين صورت عرش کان گهڻو پري آهي.
ان عشق بادشاهه فرمايو ته جيڪي آهين سوچئي ڏي هيئر امتحان جي مهل اٿيئي. هتي نفس جو سانگ ڪندين ڇا؟ جيڪي آهين سو ٻڌائي ڏي. جڏهن اسان کان پڇيائون ته نالو ڇا اٿيئي. اسان چيو نالوالله آهي. وري مختيارڪار چيو ته ڪلمون پڙهه اسان چيس ته محمد رسول الله ﷺ ڪري اسان جي خلق جي هدايت لاءِ موڪليو هو. ڪلمون ڪيئن پڙهون. وري چيائين ته فقير عمر ڪيتري اٿئي مون چيس ته عمر جو آند پاند ئي ڪونهي. عمر ان جي ليکبي آهي جنهن تي موت هوندو آهي مان سدائين جيئرو رهڻ واروآهيان. وري پڇيائين ته ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آهين مون چيس ته مارڻ جيارڻ ۽ جهان هلائڻ منهنجو ڌنڌو آهي. اهو ٻڌي سپاهي جي هٿ ۾ بندوق ڏسي ملان کسي مون کي هڻڻ جي ڪئي ته سپاهي کسي ورتس. اسان سپاهي کي چيو ته بندوق ڏيئنس ته اسان هن بوتي جي قيد مان آزاد ٿيون مگر هن بندوق نه ڏنس.
عشق غيور جا ڪم جو باطني بندوق ٻارهن مهينن کان اڳ ملان جو گهر ٻار عشق شهنشاه رئي ڪري ڇڏيو دير گيرد. سخت گيرد يعني دير سان وٺندو آهي مگر سمورو حساب وٺندو آهي. ائين عشق شهنشاهه فنا ڪري ڇڏيس.
مگر جج صاحب ماٺ ڪري ويو. ماڻهو حيرت ۾ هئا ته عجب هن جسم مان ڪهڙي گفتار ٿي نڪري. شاهه منصور واري نعري کي عشق نئين طرح زنده ڪيو.
بيت
دير است کي آواز منصور که هن شد .اکنون براو جلوه هم دار رسن را،
منصور جي نعره کي گهڻو وقت ٿيو آهي، هاڻي ان کي تازو ڪري سوليءَ ۽ رسي کي تازو ڪريون.
آخر مختيارڪار چيو ته فقير تي اثباتي ۽ مستيءَ جو جوش آهي. ان ڪري فقير کي مان سزا نه ڏيندس. مختيار ڪار تي سفارش جو زور پيل هو. ان ڪري مٿس هڪ سئو رپيه ڏنڊ رکيائين جيڪو فقير ڀري ڏنو.
عشق جيڪي مونسان ڪيون ڳالهيون لکڻ نه جهڙيون پڙهڻ نه جهڙيون. عشق فقير فولاد علي کي ڏنڊ ڀرايا قيد ڪرايو. ملان قاضي فقير کي به قتل ڪن ها مگر انگريزن ملن جي شريعت جا هٿ ڪپيا هئا ڇو ته انگريزين شرعي قانون ڪري ڇڏيو هو.
هڪ دفعي فقير غلام حيدر جي پٽ درمحمد مخودم الله بخش جج صاحب وٽ فرياد ڪيو ته فقير دين کي گاريون ٿو ڏئي. فقير جڏهن حاضريءَ تي ويو ته جج صاحب پڇيس ته فقير توهان دين کي ڇو ٿا گاريون ڏيو؟ فقير چيس ته دين فريادي آهي يا تون. جي دين فريادي آهي ته گهرائينس ڪٿي آهي. جيڪڏهن مان دين جي ڳاٽي ۾ ڪهاڙي هئين آهي. يا ڏاڙهي پٽي اٿمانس ته ڏيکاريو ڪٿي آهي.
مخودم صاحب توهان سمجهو ٿا ته جنهن کي گار ڏبي سو ڌڪ هڻندو. مون کي به ڌڪ لڳل ڪين آهي ۽ جي مون دين کي ڌڪ هنيا آهن ته متان اسپتال ۾ هوندو اتان هل جلد زباني وٺوس متان مري وڃي.
مختيارڪار چيو ته فرياد دُرمحمد شر ڏني آهي. اسان چيس ته در محمد شر ڇا دين جو پٽ آهي يا ڀاءُ. جو دين جي پاران ڪورٽ ۾ آيو آهي. هي ته فقير غلام حيدر جو پُٽ آهي. پٽس دين ته ڪونه هو. جنهن تي موجود امام علي شاهه جج کي چيو ته صاحب فقير کي جواب ڏيو. جج صاحب هنن جو حسد سمجهي فرياديءَ کي ڪورٽ مان ڪڍرائي ڇڏيائين.
سيد شهاب الدين شاهه هالاڻي وارو ٺريءَ ۾ هڪ دفعي مختيارڪار ٿي آيو. در محمد شر وري ان وٽ فرياد ڪئي ته فقير شيطان جي خيرات ڪئي آهي. جنهن تي مختيار ڪار فقير کي گهرائي پڇيو ته فقير شيطان جي خيرات ڇو ڪيو اٿئي. اسان چيس ته صاحب شيطان الله جي درٻار جو دربان آهي. کيس ان ڪري کارايوسين ته جيئن اسان کي درٻار ۾وڃڻ ڏئي. مختيارڪار پڇيو ته پوءِ ڇا ٿيو. اسان چيس ته جوئي هيڙو سوئي ٿيئڙو. اسان ساڳيو ئي حق ٿياسون. جنهن حيرت ۾ اچي چيائين ته هان! فرياد ۾ اڃا ٻيو الزام هو ته فقير مسجد ۾ گڏهه کي زنا ڪئي آهي. جنهن تي مختيار ڪار فقير صاحب کان پڇيو ته ڇا توهان مسجد ۾ اهڙو ڪم ڪيو آهي؟ فقير چيس ته توهان چوندا آهيو ته مسجد الله جو گهر آهي، چيائين هائو پوءِ فقير چيس ته اسان کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي چيائين ته الله! ڀلا گڏهه ڪنهن جي خلقيل آهي. چيائين ته الله جي ان تي مون چيس ته پنهنجي ئي گهر ۾ پنهجي گڏهه کي ڪم ڪيو اٿم. پرائي گهر ته ڪونه ويو آهيان. جڏهن مان مسجد ۾ گڏهه الله جا ٿياسون ته پوءِ ٻين جو ڇا ويو.
اهو ٻڌي مختيار ڪار چيس ته اقراري ٿو ٿئين جيل نه ڏيانءَ مون چيس ته جيل کان نه ٿو ڊڄان. جيل واڻيه مختيارهجي ته به ڏئي ٿو سگهي تون ته سيد آهين. توهان ٻڌايو ته علم گهڻن قسمن جا آهن. چيائين ته علم ٻن قسمن جا آهن. هڪڙو علم ظاهري ۽ ٻيو علم باطني. فقير چيس ته باطني علم ڪهڙو آهي. پاڻ چيائين لدني علم کي باطني چئبو آهي. مون چيس ته تون ظاهري علم پڙهيو آهي باقي لدني علم جي ته خبر ئي ڪانه پويئي. تون اسان جي صورت ۽ عمر ڏس ته هن وقت ۾ اسان سوبه مسجد ۾ اهڙو زنانو ڪم ڪنداسين چيائين ته تنهنجا شر ٿا چون اسان چيس ته جهڙا انڌا تهڙو تون انڌو آهين پوءِ بس ڪري فرياديءَ کي ڳالهايائين ته تو جيڪي فقير جو شڪايتون ڪيون آهن فقير ۾ ته هڪ ڳالهه به نه آهي.
عشق شهنشاهه ذولنون مصريءَ کي من خدايم جي نعري هڻڻ تي ست ورهيه جيل ڏياريو هو.
بيت
کفر ايمان هم قرين وبک ديگر اندر هرکر کفر نيست ايمان نيست
ڪفر ۽ ايمان هڪٻئي جا مائٽ آهن. جنهن کي ڪفر نه آهي تنهن کي ايمان به نه آهي.
يوسف نالي هڪ شخص بادشاهه جي شهر ۾ رهندو هو. جيڪو حُسن ۾ يوسف ثاني هو. اتفاق سان بادشاهه زادي ان تي عاشق ٿي پيئي هڪ رات وجهه وٺي بادشاهزادي محلاتن مان نڪري اچي ان سان سمهي پيئي. ڇرڪ ڀري اٿيو. پڇيائينس ته ڪير آهي. پاڻ چيائين ته مان بادشاهزادي آهيان. ۽ توسان ملڻ آئي آهيان يوسف چيس ته مونکي نه گهرجين. ائين چئي اٿي ڀڳو ۽ چار پنج ميل پنڌ ڪري وڃي هڪ جهنگ ۾ نڪتو ۽ اتي سمهي پيو خواب ۾ ڏٺائين ته ٻه ملائڪ آسمان مان آيا آهن. پاڻ پڇيائين ته ڪير آهيو. ڇو آيا آهيو. ملائڪن چيس ته اسان ملائڪ آهيون الله تبارڪ وتعاليٰ اسان کي تنهجي ديدر لاءِ موڪليو آهي. ته يوسف جي زيارت ڪري اچو ڇو جو تون پهلواني ڪري بادشاهزايءَ کي جواب ڏيئي آيو آهين. وري کيس آرام آيو ته ڏسي پيو ته رسول ڪريم ﷺ جن وٽس آيا آهن. جنهن فرمايس ته مون کي ذات ڪبريا موڪليو آهي ته فلاڻي مسلمان ههڙي فتح ڪئي آهي وڃي کيس ديدار ڪرائي اچو ته مان به ان لاءِ آيو آهيان هاڻي تون مصر جي شهر ۾ ذالنون مصريءَ وٽ وڃ ان کان اسم اعظم وڃي پڇ. يوسف ثاني مصر ويو ته ذوالنون. مصري اڳيئي هن جي انتظار ۾ بيٺو آهي. جنهن چيس ته آءُ ميان يوسف ثاني حضرت رسول الله ﷺ تنهنجي پارت اڳيئي ڪئي آهي. ۽ پوءِ کيس حق جو رستو اسم اعظم سمجهايائنس. اهو يوسف ثاني اڳتي هلي فنافي الله ۽ بقا باالله جي در جي تي پهتو. ساڳيو ئي ذالنون مصري ٿي پيو.
بيت

طالب راعين مطلوب بدان درلباس مختلف داني همان
طالب کي ساڳيو مرشد سمجهه صرف لباس مٽيل سمجهينس.
ڏسو توڙي هن وٽ ملائڪ ۽ حضرت رسول الله ﷺ جن ديدار لاءِ هلي آيا ته به ظاهري فقير ڏانهن ڏس ڏنائون. ڇو ته صورت کي فيض به صورت مان پوندو آهي آسماني منزلن جي حقيقت ڪامل مرشد وٽان معلوم ٿيندي آهي. باطن جي صورت مان سبق ناممڪن ۽ ٽڪندڙ نه ٿيندو آهي. حضرت رسول الله ﷺ جن يوسف ثاني کي ذالنون مصري ڏانهن ان ڪري ڏس ڏنو جو پاڻ ڪريم ﷺ جن روح مقدس هئا يوسف جسم سان هو.ان ڪري جسم واري کي ڪماليت واري مرشد ڏانهن اشارو ٿيندو آهي. ڇو ته روح ۽ جسم جي جنس مختلف آهي روح صرف اشارو ڪري سگهندو. فيض ظاهري ڪامل مرشد جي ذڪر مان ٿيندو. روح جسماني واري صحبت نه ڪري سگهندو. فيض سڀ رسول الله جو آهي. ذوالنون مصري کي فنا في الشيخ، فنا في الرسول فنا في الله ۽ بقا با الله جا سڀئي درجا حاصل هئا. هر جنس پنهنجي جنس مان فائدو حاصل ڪري سگهندي آهي. روح چاهي انبيائن جو هجي يا عارفن جو هجي. روح اهڙيءَ شيءَ آهي. جنهن کي بوتي جو هٿ نه پوندو آهي.
جسماني واري ڪامل مرشد جي صحبت طالب کي سچائي سان عمل ڪرڻ سان بقا باالله جي درجي تائين پهچائينديس.
هڪ رات قلندر سلطان پاڻ اسان کي ذڪر جي تلقين ڪئي هئي ۽ ائين به چيائين ته هتئون درياهه سمنڊ ٿيندا موجون ٿينديون. مگر اهو ذڪر پنجهه ڇهه ڏينهن به ڪونه هليو. پوءِ اسان جيڪا ساڻس صورت گيڙوءَ جي ويس سان گڏ ڏٺي هئي سين سا ڇهين ڏينهن پنجويهن ڪوهن پنڌ تان ظاهر ۾ وڃي هٿ ڪئي سين. جنهن پڻ ساڳيو قلندر شهنشاهه وارو ذڪر سمجهايو. سمجهڻ کانپوءِ اهڙو هلي پيو جو بيٺي گهمندي ڦرندي توڙي شهر ۾ جيئن مشين هلندي آهي. ائين هلي پيو ٽيهن ورهين کان نماز پابنديءَ سان پڙهندو هيس. قرآن پاڪ جو دور به ڪندو هيس. ذڪر ورتي کانپوءِ رڪعت ياد نه پيئي بيهي. قرآن جي هڪ سٽ به پڙهي نه پيو سگهان. خيال اهڙو رجوع ٿي ويو جو پهرئين ڏينهن ذڪر جي صورت ڏسڻ ۾ آئي. طالب مرد جو سينو زائفان جي رحم وانگر آهي. اها به ٻار جو تخم جهپي وٺندي آهي. ائين طالب جو سينو به مرشد واري لبيڪ جهپي وٺندو آهي. جيڪڏهن سندس سيني ۾ الله جي اسم جو تخم رهجي ويو ته اتي الله جو اسم ڄمي پوندو.
جيڪڏهن زائفان وسڪڻي هوندي ته پڪل ڀاڄي جي بوءِ تي ٻار ڪيرائي وجهندي. تيئن طالب به سڌن ۽ لذتن ڏي لڙي پيو ۽ ننڊ گهڻي ڪيائين. ته اسم وارو ٻار ڪِري پوندس. مگر جنهن سيني ۾ اسم اعظم ڄمي بيهي رهيو ۽ ڪري ڪري پرهيز ۾ ٻار جي مدت وانگر اسم جي مدت پوري ڪيائين ته حقيقت وارو ٻار پيدا ٿيندو ۽ وري ڪِري ڀڳائين ته ٻار بيمار ٿي پوندس ۽ پيو ڏٻرو رهندو. پر جيڪڏهن ٻار جي پالنا سٺي نموني ڪيائين ته گهمڻ لڳندو تيستائين طالب ماءُ وانگر باهه پاڻي ۽ کڏ کان حفاظت ڪندس ته وڏو ٿي پوندو. جڏهن سمجهه لائق ٿيو ته ڊوڙي وڃي درٻار ۾ پيءُ سان ملندو. پڻس جي درٻار مٿي آهي. ۽ ستين طبقه جي مٿان ان جي حڪومت آهي. ۽ تخت به اتي اٿس. پوءِ هو دلجاءِ سان پيو ايندو ويندو.
بيت
دائيه آن خيال رامي پرورد، تاز همت دائيه بالامي پرد
ان دائي ٻارکي خيال سان پالي وڌو ته ان دائي جي همت سان مٿي پيو اڏامندو
اي طالب آن دايه کدام است آن طالب ذکر اسم اعظم آن کودک است
اي طالب اُها دائي ڪهڙي آهي اهو طالب آهي ۽ ذڪر اسم اعظم واروٻار آهي.
ظاهري جسم وارو مرشد زائفان جي مڙس وانگر آهي ۽ طالب زائفان آهي. زائفان ظاهري جسم وارو مرشد سان سمهندي ته ڍڪي ٿيندي. خواب خيال وارو اشارو آهي. خواب ۾ زائفان کي تڙبه پئجي وڃي ته به ڍڪي نه ٿيندي.
مرشد جي ڳولڻ لاءِ قرآن ڪريم ۾ به حڪم آهي. ته یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ وَ جَاهِدُوْا فِیْ سَبِیْلِهٖ. يعني اي ايمان وارو الله ڏانهن اچڻ لاءِ وسيلو وٺو. ان جي راهه ۾ ڪوشش ڪريو. جهد جفائون ڪريو. ان طرح حديث پاڪ ۾ به فرمايو آهي ته الرَفيقُ ثمَ طريقُ. يعني اڳ ۾ سونهون ساٿي هجي پوءِ رستي سان هلو، ڪامل مرشد طالب لاءِ حاذق حڪيم آهي. طالب کي نفس سڌن جي بيماري آهي. اها بيماري وحي جبرائيل جهڙي حڪيم کانسواءِ نه ڇڏيندي آهي.
موليٰ عيله السلام فرمايو آهي ته
الصورُ اِلانسانُ يفي اَکبَرُ الحُجَجُ عَليٰ خَلقِه وَهيَ الکِتابُ کَتَبَ بِيَدهِ
يعني انسان جي صورت خلق الله ۾ وڏي حجت آهي ۽ اهو ڪتاب آهي جنهن کي پنهنجي هٿن سان لکيائين. وَهيَ الهَيُکَل الذِي بِناءَ بِحُکمه وَهيَ المَجمُوع ِالصُورُ العَالَمين، وَهيَ المُختصرت مِن لوحِ المحفوظِ. وَهيَ شاهِدُ علي غائِبُ وَهيَ الحُجته علَي کُلِ جاهِد، وَهِيَ الطرقتهُ المُستَقِيم اِليٰ خَير وَهيَ الحبسر المَمَدُودت بَينَ الجَنَه وَالنَار . يعني ۽ اها سندس حڪم سان عبرتناڪ ٺهي ۽ اها ڪائنات جي سڀني صورتن جو مجموعو آهي ۽ اها لوح محفوظ جو اختصار آهي ڪوشش ڪندڙ لاءِ حُجت آهي ۽ اها ئي صراط المستقيم آهي هر هڪ نيڪيءَ لاءِ ۽ هي بهشت ۽ دوزخ جي وچ ۾ ڊگهي پل آهي.
بيت

چيست انسان آئينه اسرار حق، کامل گورفت برهفتم طبق
انسان ڇا آهي انسان حق جي راز جو آئينو آهي. گويا ڪامل ستين آسمان تي ويو.
کامل عارف بود چون کيميا، ازمسح طالب شوداز خود جدا،
ڪامل عارف ڪيميا وانگر آهي. ان جي هٿ لڳڻ سان طالب پاڻ کان جدا ٿيندو آهي.
زر شود طالب زکان لامکان، همچون شهباز روداز دوجهان.
لامڪان جي کاڻ جو سون ٿي پوندو آهي. شهباز وانگر بنجي جهانن مان نڪري ويندو.
چابک وبي باک اندر عالم، همچون زر جعفرش نه بود گم،
دنيا ۾ هوشيار ۽ بي خوف هوندو. سون وانگر نديءَ ۾ گم نه ٿيندو،
مي رود آن جاکه نه بود آسمان نئي ملاک جن باشد درميان
اتي ويندو جتي آسمان به نه هوندو نه اتي ملائڪ نه جن هوندا.
نئي بود خورشيدو ماه نئي اثير ، نئي بود بنده نه خادم نئي امير
نه اتي سچ چنڊ ۽ نه ڪتي هوندي، نه اتي ٻانهو نه نوڪر نه امير هوندو.
ماڻهو چون ٿا ته اسان جا مرشد حضرت علي ڪرم الله وجهه ۽ حضرت امام حُسين عليه السلام آهن، پرپٺ ٿا چون. انهن کين ڏٺو به ڪين آهي. اهو اجايو اروڙ آهي. ظاهر واري مرشد کان ٽهن ٿا ته متان ماڻهو چون ته فلاڻي جو طالب ٿيو آهي. ظاهر جسم ڏسي ڀلجي پيا روحانيت نه سڃاتائون ته فقير ڪهڙي منزل جو مالڪ آهي. عارف کي ستين آسمان تي فنا في الشيخ اٺين آسمان تي فنا في الرسول نائين آسمان تي فنا في الله ۽ عرش عظيم کان پري بقابا الله جا دوجا حاصل آهن. اهي درجا رسول الله موليٰ علي ۽ پنجتن پاڪ ۽ ٻارنهن امامن کي حاصل هئا. جيڪو انهن چئني درجن جو واقف ۽ معراج جومالڪ هوندو ته ان کي بندو نه چئبو. ان جو رسولي ۽ الوهيت وارو درجو آهي. اهو انسان خلق ڏي حق جا پيغام پيو آڻيندو.
ماڻهو نه انڌا آهن. بوتو ڏسي چون ٿا ته فلاڻو پٽ فلاڻي جو ذات به فلاڻي اٿس. ظاهر تي ڀلجي پيا. باطني اسرارنه ڏٺائون. ائين نه سمجهيائون ته رسول الله جو فيض هلندڙ آهي. جيڪو قيامت تائين پيو هلندو. نماز روزي وارو حڪم هلي ٿو باقي لدني علم وارو علم ۽ فيض ۽ معراج وارو رستو ختم سمجهيو اٿن. مگر ان رستي ۾ ڏک آهن، ننڊ ڦثائڻ گهٽ کائڻ صبر ڪرڻ غير الله جي گفتار کان ڪن ۽ اکيون بند ڪرڻ. خيال هميشه ذڪرسان سيني ۾ رکڻ. اهي ڳالهيون خلق کي ڏکيون لڳيون. مگر صبح جو ٻه رڪعتون نماز پڙهي وري ٻيپهري تائين الله ڏي واجهائڻ ئي ڪونه ان آسري تي نه نماز تي بهشت ملندو. نماز اسم مئونث آهي. حورن جي جنس به مئونث آهي. جنس جنس سان ٺهندي آهي. حديث ۾ آهي ته طالب الدنيا مخنث وطالب العقبيٰ مئونث وطالب الموليٰ مذکر. يعني دنيا جا طالب کدڙا آهن. عقبيٰ جا طالب ماديون آهن مگر موليٰ جا طالب مرد آهن مرد ٿيڻ ڪن جو ڪم آهي. حورن جا طالب ٿي مئونث ماديون ٿي پيا. مرد اهي آهن جن پنهنجون سر ذڪر اعظم ۾ گم ڪيو. هي وڃائي هو ٿي پيا. انهن ٽنهي جهانن جون موجان ماڻيون سٺن کاڌن کائڻ وارا اتي رهجي ويا. اهي عزرائيل ڪال جو قوت ٿيا موليٰ جي طالبن کي به ماري ڇڏيو.
عام ماڻهن ۾ مسلمانن رسول اللهﷺ ۽ پنجتن پاڪ کي سمجهيو ته اهي سڀ روضن ۽ ضريح اقدس ۾ دفن ٿيل آهن. مگر ائين نه ڄاتائون ته اولياءَ الله لايموت. يعني الله جي ولين تي موت ڪونهي هو. سدائين جيئرا آهن. دنيا جي ماڻهن تي جيڪا مشڪل پوي ۽ کين سڏين ته هو سڀئي سندن سڏن تي ساڻي اچيو ٿين ۽ انهن جون مشڪلون اچي حل ڪن مگر هنن کي حاضر ناظر ڏسڻ جي طاقب ڪانهي تنهن ڪري کين ڏسي نه ٿا سگهن. مگر خواب ۾ ڪي ڪي ڏسن ٿا. عام ماڻهو جيڪڏهن انهن کي ظاهر ۾ ڏسن ته مري وڃن.
جنهن کي ظاهر صورت وارو مرشد نه آهي سو گمراهه آهي ڏن وٺن ڪاڻ مرشد ته گهڻا آهن مگر قيامت ۾ اهي ڪونه لڀندا. اهي خود گرفتار هوندا. اهي پاڻ ٻڌل ٻين کي ڪيئن ڇڏائيندا رسول الله اڃا به وڌيڪ تاڪيد فرمايو آهي ته من لاشيخ لا فشيخه شيطانا. يعني جنهن کي مرشد نه آهي ته ان جو مرشد شيطان آهي. حضرت رسول الله ﷺ ۽ پنجتن پاڪ به ڪامل مرشد جي ذڪر کانپوءِ ديدار ڪرائيندس. اڳي هزارين عبادتون ڪري ته به ديدار ڪونه ٿيندس. ڇو ته اهو ذڪر وارو رستو خود رسول اللهﷺ جو شروع ڪيل آهي. راهِ طريقت ۽ ذڪر جا پير به پاڻ آهن. ذڪر هلائڻ سان طالب کي پهرايائين پاڻ ديدار ڪرائيندا آهن. سيني جي صفائي کانسواءِ ديدار نه ٿيندو. اگر ڪنهن کي بنا ذڪر جي ديدار ٿيندو ته اهو چريو ٿي پوندو. اهي پاڻ به نور آهن. ذڪر جي نور سان انهن جي نور جي تابش به برداشت ڪري سگهبي.
انبيائن اوليائن عاشقن پر خود الله تعاليٰ جي آڻڻ جو منڊ اهو. ذڪر آهي. حديث ۾ آهي ته لِکُل کدورتُ صِقالته وصقالته القلب ذکر الله تعاليٰ يعني هر هڪ ڪٽ لاهڻ لاءِٰ قلعي آهي مگر دل جي قلعي الله تعاليٰ جو ذڪر آهي.
جيڪڏهن ڪوبه ملان دين جي جنگ ۾ مارجي پوي ته به ان کان دهل شرناءِ وڄائڻ وارو مڱڻهار وڌيڪ آهي.شريعت ڇا آهي. امر نهي آهي روزانو زال سان سمهڻ گهڻي ننڊ ڪرڻ گهڻو سڀ ڪجهه شريعت ۾ حلال آهي. مگر فقيري طريقه ۾ حرام آهي.

بيت شيخ عطار رحه
در شريعت بود آنچه حلال . در طريقت بود همه مردار
جيڪي شريعت ۾ حلال آهي طرقت ۾ اهو حرام آهي.
ملان بهشت تي ٿا پڏن مگر عارفن جو فخر دوست آهي. عارفن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي هو کُل شيءَ محيط ۽ همه اوست آهن. شريعت آهي بدي کان بچڻ حقيقت آهي حق ۾ بيخودي ٿيڻ. معرفت آهي ٻنهي جهانن کان ٽپي لاحد ٿيڻ.
منهنجو مٿو لامڪان آهي منهنجا پير تحت الثريِٰ آهن منهنجو قدبي پايان ڊگهو آهي. منهنجو کاڌو ۽ خوراڪ سار سروز ۽ توحيد جو بيان آهي شاه حسن جا ڪلام مون لاءِ طعام آهي. هن جسم مان ائين نڪتاسين جيئن پکي عرش کان تحت الثريٰ تائين منهنجي گهوڙي جو عروج ۽ نزول آهي. باقي جي انتها آهي ته هر صورت ۾ پاڻ کي ڏسي.
وحدت جو طالب اهو آهي جيڪو ذڪر وحدت ڪثرت سان ڪري مگر ان جو عيوض دنيا عقبيٰ ۽ حوران قصوران نه گهري دل ۾ ڪابه تمنا نه ڪري دنيا عقبيٰ جي ڪابه لالچ نه هجيس. هر وقت ديدار جي تمنا هجيس. صوفي وصل کانپوءِ بي نشانيان ٿي پوندو آهي جنهن کي ڳوليائين ٿي سو پاڻ ئي ٿي پوندو آهي. پوءِ کُل شيءِ محيط ٿي پوندو. دم واري شيءِ ۾ پاڻ کي پيو ڏسندو. پوءِ جنهن مهل بوتي جي قيد مان نڪتو ته پاڻ کي پيو ڏسندو.
قيد جي پڃري مان نڪرڻ سان هر هڪ آسمان مان ائين لنگهيس جيئن ڪتاب جو ورق اٿلائبو آهي. ائين ڇهن ئي آسمانن مان لنگهي ستين آسمان تي پهتس. ڇو ته منهنجو مطلب به اتي هو. اتي وڃي ڏٺم ته مان پاڻ آهيان پري کان عشق پي ڏٺم تيستائين ان جي ڪشش کنيون پي ويئي. اتي پهتي کانپوءِ سمجهيم ته مان پاڻ آهيان ۽ هي تخت گاهه به منهنجو آهي. ملڪوت جبروت لاهوت باهوت هاهوت ۽ لامڪان آهي مڪان پري کان پي ڏٺم. جڏهن مان انهن حدن ۾ ويس پي ته ان مسند تي مان ويٺل هوس. پوءِ خبر پئي ته مار اهي ملڪ ته اصلي منهنجا آهن. مان رڳو هن بوتي جي قيد ۾ پي گذاريو. اڳي اهڙي ڪل ڪانه هئي ٻڌا هياسين ته زاهد عابد ۽ ملان قاضي چوندا هئا. ته فقير کي حضور حاصل ٿيندو آهي. ناسوت جا مشرف مقامات جيئن مڪه مدينه نجف اشرف ۽ ڪربلا وغيره مگر هن ابتي بندوق ڦاٽڻ ۽ جسم مان نڪرڻ جي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي نه ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل هو نه ڪنهن ملان قاضيءَ ئي ٻڌايو هو. اها بندوق اسم اعظم ڦاڙي مرشد هادي مجذوب سالڪ هو. جنهن اسم اعظم جو لفظ زباني ڏسيو هو.نه صحبت ٻڌايائين ته هڪ لفظ مان هيڏو منصب ٿيندو.نه وري ڳالهه ٻڌايائين ته ڪو هن سان جسم مان نڪري سگهبو ۽ هي اسم اعظم نفس لاءِ زهر جي گوري آهي. جيڪو دوئي جي ديوار کي ڊاهي ڇڏيندو.نه وري ڪنهن ٻڌايو هو ته ان اسم اعظم سان لعل لڀندا آهن انهن لعل جا تُجارَ ۽ دنيادار رسول لله ۽ مولا علي آهن سياڻو دنيادار چورن جي خوف کان هيرن ۽ جواهرن کي ڪنهن گند جي ڍير ۾ پوري ڇڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته چور پڪيءَ جاءِ کي کاٽ هڻندا آهن ڍير ڏي گمان ئي ڪونه ويندو اٿن ته ان ۾ لعل پوريل هوندا.
ڍير ڇا آهي انسان جو وجود ڍير مثل آهي. ان ڍير ۾ دمن جا هيرا ۽ لعل پوريل آهن. مگر ماڻهو بي خبر آهن کين ڪاڪل ئي ڪانهي ته هن وجود ۾ به ڪي هيرا پوريل آهن ڪن ڪن کاهوڙين اهي لعل ڍير مان ڳولهي لڌا ۽ دنيا دارٿي پيا. دنياداري ڇا آهي. راز الاهي جي خبر پوڻ ۽ اکين سان ڏسڻ ۾ آسودگي آهي.
اسان کي مرشد هادي شهنشاهه سيد محمد علي شاهه چڱو جواسم اعظم جي حقيقت ۽ تعريف نه ٻڌائي هئي جيڪڏهن ٻڌائي ها ته ڀاڙي ٿي ويهي رهون ها ڇوته اسم اعظم اڳ به ٻڌل هو ۽ سڀ ڪنهن مسلمان کي اچي ٿو. مگر ڪمائڻ جو طريقو ڪونه اٿن نه ڪمائڻ ٿا ۽ نه ئي پرهيز ٿا ڪن.اسان تي عاشق شهنشاهه رحمت ڪئي محبت ڏنائين جو ڪمايوسين. اسم ڪمائيندي به ڪيئي راز ڏٺاسين تڏهن محڪم ٿي ويهي رهياسين. جي ڪمايون ها ته ٻين شرن هاٻو ڪتن وانگر هجون ها ڪائڻ سان صحيح سيد ٿي پياسين. پوءِ شرُ ذات فان ٿي ويو. شين جا نقطا ڊهي ويا باقي سين رهيو يعني سر ٿي پياسون.
بيت

هر که عاشق شد جمال ذات را. اوست سيد جمله موجودات را.
جيڪو الله جي ذاتي حسن جو عاشق ٿيو. اهو سڀ موجودات جو سردر آهي.
سيدن ٺاهڻ وارو سدائين حيات آهي. اڄ به سيد ٺاهي ٿو سگهي، ڪراڙو ڪونه ٿيو آهي. اڳ ۾ فولاد بلڪل جهنگلي هو ۽ جاهل هو. حق کان غافل هو. چوري حرام خوري شهوت جو قائل هو اوچتو سيد محمد علي شاهه وٽ مائل ٿيو. پوءِ وحدانيت جي جام ۾ اهڙو مائل ٿيو جو جنهن سان محمد علي شاهه ۽ فولاد زائل ٿيو رڳي ذات ئي ذات رهي. حق رهيو باطل ويو. وَ قُلْ جَآءَ الْحَقُّ وَ زَهَقَ الْبَاطِلُؕ-اِنَّ الْبَاطِلَ كَانَ زَهُوْقًا(۸۱) يعني جڏهن حق آيو ته باطل فنا ٿي ويو ۽ بيشڪ حق جي اچڻ سان باطل فنا ٿيندو آهي.
عجب عشق جو بيان آهي جو آدم ان جي نيشان جو نيشان آهي هي ملڪ ۾ هو ۽ ملڪ ۽ هو ملڪ عشق جو مڪان آهي. ٻئي جهان عشق جي رياست آهن. عشق جو تخت گاهه ٽئين جهان ۾ آهي. ٻنهي جهانن ۾ عشق جي حڪومت طرفته العين يعني اک ڇنڀ ۾ آهي. عشق ٽنهي جهانن جو سلطان آهي. جنهن کي ٻنهي جهانن جي خبر نه آهي. سو نادان آهي. جنهن عشق کي نه سڃاتو سو بي ايمان آهي. جنهن پاڻ سڃاتو سو انسان آهي اَلِانسانُ سِرُي وَاَنا سِرُهُ .ان جو نيشان آهي. شيخي پيري بزرگي نفس جو سامان آهي هي جهان توڙي هو جهان ڀينگ ۽ بيابان آهي. جيڪو ٻنهي کان نڪتو سو مرد مردان آهي. سو غازي رستم داستان پهلوان آهي معرفت جي ملڪ ۾ عاشق عشق جو قرآن آهي. جيڪو جيئري جسم مان نڪتو سو حيوان آهي. جيڪو جسم مان نڪتو سو عشق اڳيان قربان آهي. هي هو جهان ان جي ننگر جا خانئه مهمان آهي انجو لقب سلطان العارفين منصور زمان آهي. عاشق لاءِ هي جهان زندان آهي. هي جهان هي جسماني جو نالو ۽ نيشان آهي. هيءَ جسماني نه هجي ها ته هي جهان ڪٿي هجي ها.
هي جسم اعظم درياهه جو جهلي بند آهي .جنهن به لاجي ترار سان هي جسم جو بند ڀڃي وڌو ته ملڪ غرق ڪندو. جيئن ظاهر وارو درياهه ملڪ ٻوڙي غرق ڪندو آهي.
هن جهلي بند جي موج آهي. وهمن جا شهر نفس جي خيالن جا ڳوٺ دين ۽ ڪفر جون جهوپڙيون ٻوڙي غرق ڪندو آهي. ۽ پاڻ وڃي ساڳي درياهه ۾ پوندو آهي. پوءِ موج نعرو هڻندي آهي. اَنَا بَحرُ اَنَا بَحرُ يعني مان درياهه آهيان.
جيئن انباه جي ڀرسان مياڻي وٽان درياهه جهلي بند ڀڳو هو ڪيترائي شهر ٻوڙيندڙ سيوهڻ وٽان وڃي درياهه ۾ پيو. درياه کانسواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ موج نه سمائجي سگهندي ان کي درياه ئي جهليندو آدمي به جيڪڏهن لاجي ترارسان جسماني بند ڀڃي وجهي ها ته ساڳيوئي وڃي درياه اعظم ۾ پوي. جنهن مهل بند ڀڳائين ته آسمانن مان ائين ويندو جيئن معراج وارا ويندا آهن. هن کي به ائين معراج ٿيندو. هن جي پهرين اٿل ملڪوت جي شهر ۾ پوندي. ملڪوت جتي رڳو پاڻي ٿي ويندو. اتي به هڪ بند آهي جتي هفتو رهندو. ان کان پوءِ جبروت ۾ ويندو فنا في الرسول جي شهر ۾ پوندو جتي ايڪيهه ڏينهن رهندو. ايڪيهين ڏينهن جبروت جو بند ڀڄي پوندو. پوءِ اتان موج ڪندو عالم لاهوت ۾ فنا في الله ۾ پهچندو جتي ٽي ڏينهن رهندو ۽ وري موج زور وٺندي ۽ اهو بند ڀڃي وڃي بيحد ملڪ بقا با الله ۾ رهندو هيٺ مٿي پاڻي ٿي ويندو. پوءِ پاڻ کي به پاڻيءَ ۾ ڏسندو ۽ چوندو ته جٿي ڪٿي مان آهيان بس ٻيو ڪونهي.
بيت
اسم اعظم برد مار ازين جهان، اسم اعظم برد اندر لامڪان
اسم اعظم مون کي هن جهان مان کڻي ويو. اسم اعظم لامڪان ۾ وٺي ويو.
اين جهان وآن جهان يکسان شده، بحرا اعظم موج آن طيغان شده
هي جهان ۽ هو جهان هڪ ٿي ويا.وڏي درياهه جي موج اهڙي اٿل ڪئي
اسم اعظم ڪردمار شاهباز، کرداوازهرد وعالم بي نياز
اسم مون کي شاهباز ڪري وڌو. ٻنهي جهانن کان بي نياز ڪيائين،
زين جهان وآن جهان بيزار کيائين.روح اعظم را در آن هوشيار کرد
هِن هُن جهان کان بيزار ڪيائين. روح اعظم ان ۾ هوشيار ڪيو.
اسم اعظم قلعه خيبر شکست، دور شد مرحب عمرنتر بشکست
اسم اعظم خيبر جو قلعه ٽوڙيو. مرحب ڀڄي ويو ۽ عمر انتر کي ڪٺائين،
اسم اعظم ذکر باشد ذاکرآن، اسم اعظم فکر باشد فاکرآن
اسم اعظم ذڪر ڪندڙن جو ذڪر آهي. اسم اعظم فڪر ڪندڙن جو فڪر آهي.
ميکند معراج احمد ابن ذکره ، هردو عالم تاج دار دزين ذکر
هي ذڪر احمدي معراج ٿو ڪرائي ٻنهي جهانن تي ان ذڪر جو تاج آهي.
جيڪو نفس سان حيات آهي سو هِتي هُتي ممات آهي. جنهن نفس واري حياتي حق کي ڏسي سو زنده آهي. عشق وٽ سو پائيندو آهي. شاهه منصور پنهنجي سموري حياتي حق کي ڏني ۽ عشق ۾ خرچ ڪئي ته سدائين زندهه آهي. شمس الحق تبريز جان عشق ۾ قربان ڪئي ته هميشه حيات ٿيو. جن عشق ۾ سرڏنو ته سدائين زندهه رهيا قلندر شهباز عش ۾ شهوت کي قيد ڪيو ته سندس درتان ڪئي بيمار ڇٽا وڃن. هر هڪ حاجت وارو حاجت پوري ڪرائي وڃي عارفن جي ننگر تي لکين پيا پلن.
جنهن عشق ۾ الله اثبات ڪيو ته انهن جي قبرن تي هزارين پيا ٻهاريون ڏين. جيئن الله زنده آهي تئين هي به زنده آهن. جسم جي حياتي جو ڀروسو نه ڪريو. جسم روح جي پوشاڪ آهي. جڏهن پراڻي ٿئي ته لاهي ٿو ڇڏي. اوهان ڪيتريون. پراڻيون پوشاڪون لاٿيون آهن. جنهن روح کي سڃاتو تنهن الله کي سڃاتو اوهان روح ۽ روح واري حياتي کي نه سڃاتو تڏهن الله کان غافل آهيو. قرآن ۾ کل نفس ذائقته الموت ته آهي مگر ڪل روح ذائقته الموت ٻڌو اٿوَ ؟ جو روح تي موت هجي. مگر ائين آهي ئي ڪونه هي جيڪي قبرستان ٿا ڏسو اهي سڀ نفس جو ن قبرون آهن. روح جون قبرون نه آهن.
جن الله وساريو ته انهن جا نفس ۽ روح ٻيئي قيد ۾ آهن. قبرن تي ٻڌل آهن جن الله ياد ڪري اثبات ڪيو تن جا روح عرش اعظيم تي ذات حق جي روبرو رهندڙ آهن. نفساني قبرن تي ڪتا ٿا مٽن. جانور ٿا لتاڙين. مگر عارف هميشه حيات آهن اِن اولِيَاءَ اللهِ لَايَمُوتُون بل ينقِلُون من الدار الِي الدارِ. يعني بيشڪ الله جا ولي نه مرندا آهن پر نقل مڪاني ڪري هڪ گهر کان ٻئي گهر ڏانهن ويندا آهن.
صوفي اهو آهي جيڪو الله جي ذڪر کان دم خالي نه ڪري الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه خيال دل ۾ نه آڻي اٿندي ويهندي. الله جي ذڪر سان هجي. صوفي جنهن اذاتم الفقر فهو الله ٿيو پوءِ ان جا ذڪر فقر سڀ بيهي ويندا عاشق ۽ عارف به ان کي چئجي باطن ۾ هو الله جو معشوق آهي ته هن جي عاشقي تم الفقر وٽ پوري ٿي. پوءِ هي معشوق ته هو عاشق ٿيو. پڪو ڪم تڏهن ٿيس.
اڄ ڪلهه صوفي عام ٿا سڏائين. پر سچو صوفي ڪروڙن مان ڪو هڪ لڀندو. سارو جڳ نفس ماري ناس ڪيو. آهي مئن ماريا جڳ سارا مئين ڪونه ڪنهن نه ماريا. جنهن نفس کي لاجي ترار سان ماريو سو فهو الله ٿيو. جنهن کي نفس ماريو سو خاڪ ٿيو جيڪو خاڪ کان پاڪ ٿيو سو پاڪ ٿيو.
هتان نارو واهه ٻارهن ڪوهه پري آهي وچ ۾ رڃ جبل ۽ ريگستان آهي. جنهن ۾ بگهڙ ۽ ٻيا جانور ماڻهن سان وڙهندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي وڃڻو پوندو آهي. ته هو جانورن کان هٿيار ۽ رُڃ کان پاڻي ساڻ کڻندا آهن. مگر جڏهن ناري واهه تي نظر پوين ته پاڻي وارو ٿانءُ کڻي ڦٽو ڪن. ڇو ته پڪ ٿيندي اٿن ته ههڙو واهه ٿو وهي هاڻي اڃ ڪونه ستائيندي. مطلب ته هي طالب به جسم جو گهڙو کڻي هلي ٿو حق جي طرف.ان پاڻي دَمَ آهن. توڪل جو سندرو ٻڌي رُڃَ ڏي هلي ٿو. هتان آسمانن جو مفاصلو ڪيترو آهي ان جسم جي گهڙي سان توڪل ڪري وڃي ٿو پهچي. رستي وارا جانور نفس شيطان ۽ غير خيال اٿس. شهوت ۽ هوسون به اٿس ڪيترائي طالب ان رڃ ۾ مارجي ويا. ڪن وري سلامتيءَ سان ٿر جهاڳي وڃي گهڙو درياه اعظم تي پهچايو ۽ درياه ڏسڻ سان گهڙو کڻي ڀڳائون ۽ پاڻي پاڻيءَ سان گڏجي ويو.
بيت

جيڪي پاڻ وڃي پاڻي ٿيا تن کي ڪونهي ڀوَءُ ٻڏڻ جو.
عشق جي منزل هِن هُن جهان کان پري آهي .عام رسمي مسلمان عشق جي حالت کان انڌا آهن. عشق جي خبر ان کي پوندي جيڪو عرش کان اڳتي پري لنگهي ويو. عشق اهڙي حالت آهي رسول اللهﷺ به قرآن ۾ اهو نالو لڪائي ڇڏيو آهي. قرآن به رسول الله ﷺ جي بيخودي جي حالت ۽ جذب الاهي وجد جو شعر آهي. جيڪو وجد جي حالت ۾ چيائون ان کي ڪلام الله ٿو چئجي. در حقيقت اهو ڪلام ربي آهي نه مخلوقي. قرآڻ ۾ سورت عسق آهي. رسول الله ﷺ حڪمت عملي ڪري لدني رمز سان لڪائي نالو کنيو آهي.
قرآن ڪريم جي پندرهين سيپاري ۾ آهي ته حضرت موسيٰ عليه السلام سان الله وڻ مان ڳالهايو هو. باقي جي انبيائن اوليائن سان ۽ عارفن سان سندن وجود مان ڳالهائيندو ته الله کي ڪو ڊڄ يا گناهه ٿيندو ڇا؟ عام مسلمان هن ڳالهه کي نه سمجهن ٿا ۽ نه اعتبار ٿا ڪن. ڇو ته انهن جي دل ڊامبر جهڙي ڪاري آهي. هر هڪ دل الله جي ذڪر کانسواءِ ڪاري آهي. جِنُ به زائفان مان ڳالهائي ٿو، ان مان آدميت وصف گم ڪري پاڻ ٿو ڳالهائي. باقي الله کي طاقت ڪانهي جو ڪنهن عارف جي وجود مان ڳالهائي.موسيٰ عليه السلام کي وڻ مان اني اناالله ٿي چيائين ان تي اعتبار اٿن. باقي ونحن اقرب ۽ اليه من حب الوريد” ۽ وهو معکم اين ماکنتم فاينما تولو فثم وجه الله وارو ڪنهن عارف جي وجود مان ڳالهائي ئي اهي مسلمان لٺيون کڻي ان سان وڙهن ٿا. مسلمان ته شاهه منصور شمس الحق تبريز ۽ شيخ عطار شاهه عنايت شهيد شاهه سرمد جهڙن عارفن سان به وڙهيا هئا. اهي عشق جي راز کان انڌا هئا. الله رڳو ٻڌو هئائون ڏٺو ڪين هئائون .
رسول الله جيڪو سالڪيءَ ۾ ڳالهايو ان کي حديث ٿو چئجي مگر وجد وقت ڪيل ڳالهه کي قرآن سمجهون ٿا. مسلمانن جي جسماني زبان کليل آهي. مگر روحاني زبان بند ٿي اٿن ۽ ڪن به بند اٿن. سندن روحاني اکيون به بند اٿن . تڏهن ته ديدار ڪونه ٿو ٿئين. اهي ئي ته صُمُ بُکمُ عُميءُ فَهُم لَا يَرجِعُون آهن. جيئن گونگي جا ڄمڻ کان ڪن بند هوندا آهن ۽ مائٽن جي ٻولي ڪونه ٻڌندو آهي ۽ ران ران ڪندو آهي. ڪنن سرلا مائٽن واري ٻولي ڳالهائيندا آهن. هنن عام جي زبان بند اٿن ۽ زباني دنيا جي بڪ بڪ يعني ران ران پيا ڪن. مسلمان چون ٿا ته روزازل واري ڏينهن کي رات ٿي آهي پر روزازل واري ڏينهن کي قيامت تائين رات نه ٿيندي اڄ به جيڪو وڃي ٿو سو روبرو سجدو ٿو ڪري. اسان به چوڏهين صدي ۾ وياسين ته ڪروڙين ۽ پدمين سجده ڪياسين ۽ طواف به اهڙو ڪيوسون جونه ڪنهن آدمي يا جن يا ملائڪ کي مجال آهي. ان سج کي قيامت تائين غروب ڪونهي، اهو سج به طالبن کي سڏي ٿو ته اچو پر جن جا ڪن ٻوڙا آهن سي ڪونه ٿا ٻڌن جن اهي سڏا سي ڊوڙندا ٿا وڃن. وڃي ان سج کي ڪروڙين پدمين سجدا ۽ طواف ٿا ڪن. سڏ ٻڌڻ سان جسم جي قيد مان نڪري وڃي اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَؕ واري شراب مان طهورا پيئن. پيئڻ سان نڪري پون ۽ وڃي روزازل واري سج کي پهچن.
بيت

نيست ذکر فکر جسم وجان نئي در آنجاهوش نئي هم اندران.
ذڪر فڪر ۾ جسم جان ناس ٿي وڃي ٿو. ان جاءِ ۾ نه جسم نه هوش نه اسم ٿو رهي.
نئي درانجا عشق عاشق نئي معشوق ماند، نئي در آنجا خالق ومخلوق ماند
ان جاءِ تي عاشق معشوق ٿو رهي نڪي ان جاءِ تي خالق ۽ مخلوق ٿو رهي.
حيرت وعبرت بود دراين مقام، کفر ایمان رفت در توحید جام
هن جاءِ تي حيرت عبرت جو مقام آهي. توحيد جي جام سان ڪفر ۽ ايمان ويو.
گمشدہ این جسم وجان یکبہ رگی۔ کفر ودین بے چارکرد آوارگی
هڪ دفعي هي جسم ۽ جان گم ٿي ويا. ويچاري دين ۽ ڪفر پريشان ٿي ڀاڄ ڪئي،
هوش وعقل رفت ظاهر حيرت ، طالب ومطلوب گم در عبرت
هوش ۽ عقل ويو ظاهر رڳو حيرت رهي. طالب ۽ مطلوب غيرت ۾ گم ٿي ويا.
کفر وايمان رفت آن جائي که بود جسم رفته گشت گم خاکي وجود.
ان جاءِ تي پهچڻ سان ڪفر ۽ ايمان هليا ويا.جسم به ويو ته خاڪي وجود به گم ٿي ويو.
ازمسلماني شدم ازدين همين، رفته ام ازکفر وايمان کيش اين
ان مسلماني ۽ دين کان وياسين دين ڪفر مذّهب ۽ ايمان کان وياسين

سروز آواز ۽ راڳ جي حقيقت

جن مرشد هاديءَ جي هٿان اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَؕ. وارو شراب پيتو سي عارف ۽ يدخلون في دين الله ٿيا. پوءِ اهي عارف عرش عظيم کان به پر انهين ملڪ جا پيغام ٿا آڻين. جن کي ڪلام ٿو چئجي توحيد جا انهن. مان ڪي ڪلام حدن جا آهن ته ڪي بيحد ملڪ جا، حدون آهن، ملڪوت، جبروت ۽ لاهوت ملڪ مگرهن جهان کي ناسوت چئبو آهي. هن جهان جي درد ۽ فراق جي ڪلامن کي ويراڳ چئبو آهي. انهن ۾ فراق يعني جدائي جو جذبو سمايل هوندو آهي. طالب جيڪڏهن اهي ڪلام ٻڌندا ته سندن دل ۽ روح کي جذبو پيدا ٿيندو. ذڪر الاهيءَ جو ذوق وڌندن،ڄڻ سڪل پوک کي پاڻي اچي ويو. طالب جو روح پنهنجي اصلوڪي ملڪ وحدت واري ٻولي ٻڌندو جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر تڙپندي آهي ائين تڙپندو.هن جو ذوق به تيز ٿيندو.سرور ٻڌڻ سان طالب جو روح معرفت جي ملڪ ڏي ايترو تکو عروج ڪندو جيترو ريل گاڏي تکي هلندي سروز ٻڌڻ کانسواءِ طالب پيادي وانگر آهي. سروز لاءِ رسول ڪرم ﷺ فرمايو آهي. اَلسَمَاعُ مِعراَجُ الاوليَاءُ. يعني راڳ ويراڳ اوليائن لاءِ معراج آهي. عام راڳ شوڌن وارو طالبن کي نه ٻڌڻ گهرجي. ڇو ته انهن ڪلامن ۾ عشق جي بوءَ ئي ڪانهي فقيرن کي بي حاصل جا ڪلام ٻڌڻ نه گهرجن ۽ جائز نه آهن.
ڏسو ته خود رسول الله کي به سروز ٻڌڻ جو شوق هو ظاهر علم جا عالم ۽ فاضل جيڪي لدني علم کان غير واقف آهن. ان ڪري آواز ٻڌڻ کان نفرت ٿا ڪن. هڪ دفعي محبوب مصطفيٰ ﷺ جن کان پڇيائون ته زمين آسمان ۽ ڪائنات جي خلق کان اڳ ۾ الله جي رهت ڪٿي هئي؟
پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هڪ ڪڪري هئي جنهن جي هيٺيان ۽ مٿان هو هواءِ هئي. ان ۾ رهندو هو. ڪڪري جو نالو ٻيو اهي مگر اڻواقفن کي لڪائي ٻڌايائين هنن جو ملڪ ڏٺل نه هو تڏهن پڇيائون. سندن هوش عقل ۽ فهم مطابق مثال ڏنائون هيءَ حديث ترمذيءَ شريف مان ورتل آهي. ترمذي جامع جلد دوم صفحه 378 سوره هود.
جنهن اهو ملڪ ڏٺو هوندو تنهن کي خبر نفس پرست کي ان رازجي ڪهڙي خبر ته فقير عارف آواز کي ڇو پسند ڪندا آهن. آواز ۽ سوز جي ڪلامن سان اها ڪڪري هت حاضر ناظر ٿيندي آهي. جنهن جي روبرو ڏسڻ سان فقيرن تي وجد حال پوندو آهي. ٻيا ورد وظيفا ڪثرتي آهن مگر عارفن جا ڪلام ان ڪڪريءَ لاءِ مقناطيس آهن. جو ڪشش سان هت اچي نڪري اسان جيڪر ان ڪڪريءَ جي حقيقت مڪمل پڌري ڪريون جو عام خاص ٻڌن. پر جڏهن حضرت رسول الله ﷺ به اها ڳالهه لڪائي ڪئي آهي. ان ڪري مخفي ٿا رکون ڏوهه گناهه جي پرواهه ڪانه آهي. اسان ان حد کان ٻاهر آهيون مگر راز جي کولڻ سان هن جسماني وجود تي اها ڪڪري ڪانه ڪاشامت نازل ڪري وجهندي.
شروعات ۾ مستي جي حال ۾ اسان راز ظاهر ڪيا هئا. ان ڪري اهنج قيد مشڪتون ۽ تعذير آيا هئا. جن کي فقير منهن ڏنو. فقير کي جسماني سانگونه آهي. فقير جيستائين حدن ۾ هوندو ته جسم تي قهاري هوندو جو چوندو پيو ته اڄ ڊهي قتل ٿئي. جڏهن ان ڪڪري واري ملڪ ۾وڃي رهيو ته پوءِ بوتو پيارو لڳندس. ڇو ته هن بوتي ۾ رهڻ سان اهڙا اسرار کليس ته ان کي جو حاصل ڇو ڊاهين.
اسان چاليهن ورهين کان اها ڪڪري آئينه وانگر ٿا ڏسون جيئن عام ماڻهو آسمان کي ٿا ڏسن تيئن اسان ان ڪڪريءَ کي ظاهر ٿا ڏسون. هيئر ڳالهه ڪندي به ڏسون ٿا. جيستائين جسم ۾ رهنداسون تيستائين ڏسندا رهنداسون. جسم مان نڪتي کان پوءِ هي ظاهر باطن ۾ گم ٿي ويندو.
حدن ۾ رهندي آواز ۽ سروز مهل ڪڪري حاضر ناظر ٿئي ٿي ۽ روح فقير جي بدن مان نڪري ڪڪريءَ ۾ ملي وڃي ٿو ۽ وجد پيدا ٿو ٿئي. جسم ڪڪريءَ جو تاب نٿو جهلي سگهي. هي اهڙو نازڪ حال جو آواز ۽ سروز مهل ڪو وار جيترو به حسين خيال دل ۾ اچي ته ان ڪڪريءَ کي ڄڻ جبل آڏو اچي ٿو وڃي. يا ڪو دنيا ناسوت جو ڪلام چوي ته مڻ نشن جا به لهي وڃن ٿا ۽ ڪڪري آڏ ٿي وڃي.
جسم نه رڳو عارفن کي پيارو آهي مگر انبيائن کي به پيارو هو. ڇو ته جنهن بنگلي ۾ شاهه اعظم ويهندو ته اهو بنگلو ڪيئن نه پيارو لڳندو، جيئن ميرن بنگلو ٺهرايو هو. ان کي لکي بنگلو چئبو آهي. ان ۾ بادشاهه صرف ملاقات لاءِ اچي ويهندو هو ته انجي ڪيتري نه عزت ۽ مان آهي. ڪيترائي ٻهاريدار اٿس. باغ باغيچا اٿس.
رسول الله ﷺ پنهنجو گهر تڙ ڇڏي پنهنجي جسماني وجود کي دشمن کان بچائڻ لاءِ غار ۾ اچي لڪو هو. اسان جي مربيءَ کي به بنگلو پيارو هو. ته پوءِ طالبن کي پيارو نه ٿيندو ڇا. پاڻ ڪريمن صلح حديبيه به لشڪر جي ٿورائي جي ڪري ڪيو هو. احد جي جنگ ۾جڏهن زخمي ٿي ڪري پيا هئا ته ان مهل موليٰ علي سائين کي سڏيو چيو هئائون ته ياعلي منهنجي سنڀال ڪر. چوڻ جسماني بنگلي کي بچائڻ لاءِ هو.
هن ڪتاب کي اُهي ماڻهو پڙهندا ۽ پسند ڪندا جن کي راز جي خبر هوندي جن شرابا طهورا پيتو هوندو. ۽ ذڪر وارا هوندا. عام مسلمان لاءِ هن ڪتاب ائين آهي جيئن انڌي لا ءِ آئينو. آئينه مان انڌي کي ڪهڙو لطف ايندو.
حاڪم نالي ڪنهن شخص جي روايت آهي. ته جڏهن حضرت رسول الله ﷺ مڪه کان مديني هجرت ڪري آيا سندن استقبال لاءِ ڇوڪريون دف وڄيائينديون راڳ ڪنديون سندن اڳيان آيون ۽ عربيءَ ۾ هيءَ شعر ٿي چيائون ته

نَحنُ جَوارُ مِن نَبي نَحَاَرَ يامُحَمدُ جُنُدُ مُحمد مَنَ جَار


طلع البدر علينا من الثنيات الوداع
وجب شکر علينا مادعا الله داع

ان راڳ تي رسول الله راضي ٿيو. کين چوڻ لڳو. اَللهُ يحببکن يعني الله توهان سان محبت ڪري ٿو. اگر رنج ٿئي ها ۽ کيس راڳ نه وڻي ها ته ضرور کين منع ڪري ها.
(حاشيه بخاري مترجم ڪتاب المناقب
پ 15 صفحو 77 احمدي پريس لاهور مواهب الدينه)
رسول جڏهن معراج وقت ان ڪڪري تائين پهتو ته اهو ملڪ رڳو آوازن ۽ سروزن جو آهي. هي هتان وارا آواز ۽ سروز اتان جو نقل آهن ۽ اهي اصل آهن. جيڪو ان ڪڪريءَ واري ملڪ ۾ ويندو ته ان جو قوت به سروز هوندو ۽ ان جو لاڙو به آواز ۽ سروز ڏي ٿيندو. جيڪڏهن هڪ پاسي واعظ هجي ۽ ٻئي پاسي آواز ۽ سروز هجي ته ننڍا ٻار واعظ جي بجاءِ سروز ڏي وڃي پهچندا. ڇو ته هن جي ارواحن تازا آواز ۽ سوز ان ملڪ مان ٻڌا هئا. ان ڪري ننڍي ٻار کي گهڻي ڪشش ٿيندي آهي. باطن واري ملڪ جي. ان ڪري ننڍا ٻار راڳ جي مٿان پرواني وانگر ڪرندا آهن. آواز ۾ وڌيڪ ڪشش ان ڪري جو روحن جو اصل ٽڪاءُ ٽئين جهان ۾ هو. پوءِ آهستي آهستي لاهوت ۾ آيا ۽ پوءِ جبروت ۾ ۽ پوءِ ملڪوت ۾ روحن جو درياهه اچي ٿو. ثيون جهان سروزن جو ملڪ آهي. تڏهن سروز ۽ آواز سڀ ڪنهن کي وڻي ٿو. جنهن کي سروز ۽ آواز نه وڻي ته پڪ سمجهيو ته ان جو روح جهنمي آهي. روح ٻن قسمن جا آهن. هڪ ناري روح ٻيو نوري روح. جهنم ۾ سروز آهيئي ڪونه. آدم جو روح به بوتي ۾ نه پي گهريو .پوءِ ملائڪن حڪم الاهي سان سروز بيهي وڄايو جنهن تي روح کي محويت جو نشو ٿي پيو. نشي جي حالت ۾ بوتي ۾ گهري ويٺو. بوتي ۾ وحدت جي مئي وڌائون. تڏهن روح تي وحدت جو نشو چڙهيو. هاڻي به جيڪو باخبر هوندو سو وصيت ڪندو ته سندس ختمي ۾ ڌڪڙ ڌما ڌم ڇير جا مان ناچو ۽ شرنايون دهل ۽ بين باجا لاش جي پويان وڄائيندا اچن ۽ ان کي توحيد جي ڪلامن جو ختمون ڏين. گلاب جي پاڻيءِ بدران شراب جون بوتلون ڇڻڪائيندا اچنس شراب گهڻو هجي ته تڙ به ان سان ڪرائنس قبر جو ليپو به شراب جي پاڻيءَ سان تيار ڪن. کٽولو به ڊاک جي ڪاٺين مان ٺهيل هجي. پوءِ ان جو درجو ۽ شان نهايت وڏو آهي پوءِ ان کي منڪر نڪيرجي ڪاڻ نه رهندي جيڪڏهن ان وٽ منڪر نڪير ايندا ته به دسرائيندس ۽ دڙڪا دهمان ڪندن.
اهڙو وحدتي شراب جو شوقين ته عزرائيل جي به ڪاڻ نه ڪڍندو. جيڪڏهن ساهه وٺڻ ايندس ته به ساهه ڏيڻ کان کتو جواب ڏيندس ۽ چوندس ته مون ساهه توکان ته ڪونه ورتو آهي. ورتو به پنهنجي محبوب کان هيم ته ڏيندس به ان کي.
هي آدمي الله سان آڌيارو آهي. سڄو پاسو نفس جو اٿس ۽ کٻو پاسو دل وارو الله جو آهي. جيڪڏهن نفس واري پاسي زور ورتس ته الله واري پاسي کي ناس ڪري ڇڏيندو. سڄو نفس ٿي پوندو. جيڪڏهن الله واري پاسي زور ورتس ته الله ٿي پوندو. نفس وارو پاسو به فرمان ۾ ٿي پوندس. جڏهن سڄو الله ٿي پيو ته عزرائيل ميڪائيل ۽ جبرائيل منڪر نڪير سڀ هن جا زيردست ٿي پوندا. حديث مَن کَانَ اللهُ کَانَ اللهُ له يعني جيڪو الله جو ٿيو ته الله به ان جو ٿيندو.
سروز رسول الله ﷺ جن کي وڻندا هئا، ته پاڻ ڪڏهن به سروزن کان منع نه ڪئي هئائون جنهن تي اوهان مسلمان ڪلمون ٿا پڙهو اهو خود محبت سان ٻڌندو هو. جيڪو ٻڌائيندو هيس. تنهن کي دعا ڪندا هئا.
حديث: عن عائشيته نبت ابي بکردخل النبي ﷺ عَلَهِما يَومَ الفِطِرُ وَاَلَا ضُحيِٰ وَعِندَنَا قَلِيسَانِ بِمَا نَفَارَدَفَتُ اِلَانُصَارِ يَومُ البقاتُ.فَقَال ابوبکر مَن مَار الشيطانِ مرتين فقال النَبِيُ صَلُعَمُ دَعهُمَا يَا اَبَا بَکُرُاِنَ لِکُلِ قَومِ عِيدَ وَعِيدنا هَذَاليَومِ
يعني بيبي عائشه کان روايت آهي ته عيد جي موقعي تي پوءِ عيد الفطر هئي يا عيد الاضحيٰ هئي، انصارن جون ٻه ڇوڪريون آيون رسول اللهﷺ وٽ جن دفن تي راڳ پي ڪيو خليفي ابوبڪر ٻه دفعا چيو ته هي ڳائڻ ۽ وڄائڻ شيطاني ڪم آهي. تنهن تي سردار ڪريم چيس ته ڇڏين ڀلي ڳائين ۽ وڄائين ڇاڪاڻ ته سڀ ڪنهن قوم جي خوشيءَ جو ڪو ڏينهن ٿيندو آهي. اسان جي خوشي اڄ آهي. ڪتاب المناقب پارو پندرهون صفحو 80 احمدي پريس لاهور.
ٻئي دفعي منا جي مقام تي 10 _11_12 ذوالحج جي موقعي تي ڇوڪرن پي ڳايو اتي به رسول الله ﷺ کين منع ڪانه ڪئي
قالت عائيشيت رضه رايتُ النبيُ ﷺ يسترلي وَاَنَا اُنظر الي الحبشيت وهم يلعبون في المسجد. فزجرهم ابابکر فقال النبي ﷺ امنا بني ارفد
ترجمو: بيبي عائشه رضه چيو ته مان ڏٺو ته ڪنهن رسول الله وٽ مسجد ۾ راڳ پي ڪيو. مان سندن پويان بيٺي هيس ته خليفي ابوبڪررضه انهن کي جهڻڪيو ته مسجد ۾ راڳ ڇاجو آهي. جنهن تي رسول الله فرمايو. اي بني ارفد ه بي فڪر ۽ بي خوف ٿي ڳايو.
هي آواز ۽ سروز انبيائن ۽ اوليائن جو قوت آهن. جن معراج ڪيو ۽ بقا با الله جو درجو حاصل ڪيو. آواز کان نفرت وارن جو قوت ٻوڙ ۽ ماني آهي. خاصن جي عزت سروز ۾ آهي. جيڪا عامن لاءِ ذلت آهي.ان کان سواءِ مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ جو ڪلام جيڪو سندس چوڻ موجب فارسيءَ ۾ قرآن آهي.
بيت
مثنوي ومولوي ومعنوي،
هست قرآن درزبان پهلوي.
سو سڄو ئي آيتن ۽ حديثن سان ڀريو پيو آهي. هر فرقي وارا ان کي چڱي طرح مڃين ٿا. انگريزن وٽ به ان جو ترجمون موجود آهن. مسلمانن مان صرف مذهبي شيعن کان سواءِ ٻيا سڀئي مذهب ان ڪتاب کي معتبر ڪتاب سمجهن ٿا. جن کي حضرت رسول الله ﷺ پنجن پاڪن جو حضور حاصل آهي. اهي شيعا باطني اکين وارا آهن. اهي رومي صاحب جي قول ۽ فعل کي قبول ڪندا. مگر جيڪي علم اليقين ڪنين ٻڌل ڳالهين تي شيعا آهن. اهي هن ڪتاب کان منڪر آهن ٻيا سڀ ڪچهرين ۾ رومي صاحب جا بيت مثالن طور ڪتب آڻيندا آهن. مگر ظاهربين نه رڳو مولانا روميءَ جا پر هر هڪ صوفي عارف کان منڪر آهن. سنڌ ۾ شاهه جو رسالو به روميءَ جي مثنوي جي طرز تي ٺهيل آهي.ڏسو ته رومي صاحب جي سروز ڏي ڪيڏي نه رغبت آهي.
رومي صاحب ڪونيا شهر، جيڪو روم ۽ انگليڊ جي دنگ تي آهي اتان دجو ويٺل هو. فقير جو روضو به اتي آهي. رومي صاحب جي فيض مان ڪيتريون ئي درگاهون فيضياب ٿيون آهن. جن جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي.سندس شعر جو آغاز ئي نڙ سروز سان ٿئي ٿو.

بيت مثنوي
بيشنواز نئي چون حکايت ميکند واز جدائيها شکايت ميکند
که ازينستان مرابه بريده اندر، از نفيرم مرد زن ناليده اند

نڙ کان ٻڌ ته ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪري. جدائي جون شڪايتون ٿو ڪري. جڏهن کان مون کي ٻوڙي مان وڍيو اٿن ان ڏانهن کان منهنجي دانهن تي مرد ۽ زالون روئيندا ٿا رهن.
اهڙي طرح ڪتاب جي شروعات ئي نڙ جي آواز سان ڪئي اٿس ڇو ته هو باطن بين عارف هوهن سروز جو مالڪ ڏٺو هو.اهو جلال الدين رومي صاحب ٽنهي جهانن جو رهاڪو هو. سارو جهان هن جهان جو رهاڪو آهي. ٻن جهانن جا رهاڪو به ڪي ڪي آهن ٽئين جهان جي حقيقت حضرت شمس الحق تبريز پنهنجي ڪتاب مرغوب القلوب ۾ هن طرح ڪئي آهي.
مقام قرب و منزل بي نيشان است،
بجز کون مکان ديگر جهان است
قرب جو مڪان ۽ منزل بي نيشان آهي. هن هُن جهان کان سواءِ ٻيوجهان به آهي.
مولانا روميءَ جي درٻار تي هر جمع جي رات سَوَن جي تعداد ۾ نڙن جو سروز ٿيندو آهي. ٻارهين مهيني ته سندس درٻار تي هزارين نڙن وارا گڏ ٿيندا آهن. مولانا روميءَ جي روح کي رڳو نڙ جي آواز جو ختمون ملندو آهي. هڪ ڏينهن مولانا. سوناري جي دوڪان تي اچي بيٺو سونارو پنهنجي وڏاڻ سنداڻ تي اهڙي سريلي نموني پيو هڻي جو ان آواز ٻڌڻ سان مولانا صاحب ڪري پيو وجد .حال ۾ بل کائڻ لڳو ۽ هي بيت چيائين.
يک کنج پديد آمد دراين دوکان زد کوبي،
زه صورت زه معنيٰ زه خوبي زه چوبي.

سوناري جي دوڪان مان اهڙو ته آواز پيدا ٿيو جو واه جو ان جي صورت ۽ معني ۽ سونهن ۽ ڌڪ جا آواز آهن
رومي صاحب ان وجد حال ۾ پيو هو ته صلاح الدين سندس پير پنهنجي اکين تي پئي گهمائندو رهيو۽ سيني سان پيو لڳائي. جڏهن رومي صاحب وجد حال کان فارغ ٿي اٿيو. ته صلاح الدين به اٿي تاڙي وڄائي ٻاهر نڪري ماڻهن کي بڇ ڪري دوڪان پنهنجي جي لُٽ ڪرايائين ۽ رومي صاحب جي پويان لڳي پيو. ۽ سندس طالب ٿيو. مولانا صاحب پنهنجي مثنوي ۾ صلاح الدين جي تعريف به ڪئي آهي. اهو پاڻ جهڙو ڪامل درويش ٿي پيس.
هڪ دفعي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب وٽ هڪ مڱڻهار آيو جنهن اچي وٽس سروز وڄايو. آواز تي رومي صاحب مست ٿي نچڻ ٻاهران ڦرڻ ۽ وري پهرياڻ به لاهي کڻي اڳيان اڇليائينس. ۽ لڳو سلوار به اڇلڻ تي هو ته ماڻهو کيس هٿ وجهي پري کڻي ويا. ۽ مڱڻهار کي سروز کان بند ڪيائون هي آهي سزرو جو حال جو اهڙي عارف کي به بيهوش ڪري وڌائين.
عام طرح سان ڏسو ته هر هڪ عاشق عارف جي ميلن تي سروز ٿا وڄن ۽ توحيد جا ڪلام ٿا چئجن عارفن جا سخن به سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ عرش جا پيغام آهن ۽ انهن کي خدائي ڪلام چوندا آهن.

بيت

پس غذائي عاشقان آمد سماع، که دراو باشد خيال اجتماع
عاشقن جي غذا لاءِ ويراڳ آيو جوان ۾ خيال کي سڪون ۽ ٽڪاءُ ملي ٿو.
نالئه سرناءِ وتعديد دهل.
شرناءِ ۽ دهل جي آواز کي
بانگ گرد شهنائي گرد دخلق، مي سرا اينرش بطنبور وبه خلق
شرناءِ جي آواز تي خلق ڦري ٿي. ان کي طنبور ۽ نڙيءَ جي آواز سان ڳائن ٿا.
ماهمه اجراءِ آدم بوده ايم ، دربهشت آن لحنهابه شنيذه ايم
اسان سڀ آدم جي اولاد آهيون .بهشت ۾ اهي آواز ٻڌا هئاسون
قوتي گيرند خيالات صغير بلکه صورت گردد ازبانگ صغير
دل جا ننڍا خيال طاقت وٺن ٿا. پر پکين جي آواز مان به صورت ظاهر ٿئي ٿي.
آتش عشق از نواها گشت تيز، آن چنان که آتش آن جوز ريز،
عشق جي باهه آوازن سان ٿيز ٿئي ٿي اها باهه اهڙي آهي ڄڻ اکروٽ هاري ٿي.
آنکه عالم مست کردي آمدي کلميني ياحميرا ميزدي.
ان کي مستيءَ جي عالم ۾ مون ڀليڪار ڪئي. مون سان ڳالهاءِ اي محبوب آواز کي وري هڻ.
مصطفيٰ آمد که ساز دهم دم . کليميني يا حمير کليميني
مصطفيٰ آيو ۽ ساز سان گڏ ٿيو. مون سان ڳالهاءِ اي محبوب مون سان ڳالهاءِ
اي بلال افراز بانگ سلسلت زآن دم که اندر دم دم دردلت،
تنهنجو آواز جو سلسلو بلال کي به وڌائي ٿو. ان وقت جڏهن تنهنجي دل ۾ مون دم ڦوڪيو هو.
زان دم که آدم ازاو مدهوش شد، هوش اهل آسمان بيهوش شد.
ان ڦوڪ سان جنهن سان آدم بيهوش ٿيو هو. آسمان وارن جو هوش به هليو ويو هو.
مصطفيٰ بي خوش زآن خوب صوت ، شد نازش از شب تعريس فوت
مصطفيٰ به ان آواز سان بيخود ٿي ويو هو.ان جي رات واري نماز به گذري ويئي هئي
سر ازان خواب مبارک برنه داشت تانماز صبح دم آمدبه چاشت.
ان بيخودي مبارڪ مان سجاڳ نه ٿيا.تان جو صبح جي نيرن جو وقت ٿي ويو.
در شب پيش آن عروس، يافت جان پاک ايشان دست پوس
بيخودي واري رات محبوب جي روبرو ڏسڻ سان محبوب جي دست بوسي ڪيائون.

ساري سنگهار جي ڳالهه

ساري سنگهار نالي هڪ مالدار شخص ٽنڊي مستي جي اتر ۾ ڍوري جي ڪپ تي ڊگهي تلي نالي پتڻ تي ويٺل هو. تڏهن درياهه اتان وهندو هو. ڪنهن ماڻهوءَ کيس ٻڌايو ته هڪ ڏاچي درياه مان اچي ڪپ تان وڻ چري وري درياهه ۾ موٽي ٿي وڃي. سندس اچڻ وڃڻ جو گهير ٺهيل آهي. ساري سنگهار ميربحرن کي چيو ته ڪنهن طرح اها سامونڊڻ ڏاچي مون کي ڦاسائي ڏيو. قدرت الاهي اها ڏاچي ڪا ڍڪي هئي ۽ درياهه جي ڪپ تي ويامي پيئي. ميربحر ڏاڍي ڪوشش سان ان جو ٻچو ڦاسائي ورتو ۽ ڏاچي ڀڄي ويئي. ميربحرن اها ننڍي گوري وٽس ڪاهي. آيا هن وٽ اڳ ۾ ڏاچين جو وڳ هو. ميربحرن کي ان گوريءَ عيوض انعام ڏيئي راضي ڪري ڇڏيائين ۽ گوري جي شوق سان پالنا ڪيائين. جڏهن اها گوري چئن سالن جي ٿي ته سوَن ڪوهن تان چري وري شام جو وٿاڻ تي موٽي ايندي هئي. ان ڏاچيءَ جي اچي هاڪ ٿي ۽ ٻين جتن کي ساڙ ٿيو. آخر ان ڏاچيءَ کي چور چورائي ٿرپارڪر جي ڇيڙي ۾ هڪ گهاڻي واري کي ڏيئي آيا. چاڪي يعني.گهاڻي وارو سامونڊڻ ڏاچيءَ کي گهاڻي ۾ وهائي رات جو ڪوٽ ۾ واڙي نير هڻي ڇڏيندو هوس. آخر اتي وڌي ويائي پندرهن ڏاچون ٿيون هوڏانهن سارو سنگهار ڏاچيءَ جي سڪ ۾ روئي روئي انڌو ٿي پيو. ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي پيو وئوڙون ڏيندو هو.
آخر هڪ مرليءَ واري جوڳيءَ کي پار پتا ڏيئي چيائين ته تون ملڪ ٿو گهمين ڪٿي ڏاچي اهڙن پارن سان ڏسين ته مونکي ٻڌائجان جوڳيءَ گهمندي ڦرندي نيٺ وڃي اها ڏاچي ڏٺي ۽ موٽي اچي ساري سنگهارکي ڳالهه ڪيائين ته تو واري ڏاچي فلاڻي هنڌ گهاڻي ۾ ٿي وهي سارو سنگهار ڏاچيءَ کي ويسران سڏيندو هو. جوڳيءَ کي سئو روپيه ڏيئي ڏاچيءَ ڏي پيغام ڏيئي چيائين ته تون مرليءَ ۾ آواز سان هي نياپو ڏاچيءَ کي وڃي ڏي ته ڏاچيءَ پاڻهيئي هت پهچندي.
پيغام هي هو ته.

“چر ڊگهي پيءُ تلي، راڻي پهرين جهوڪ،
ول چرندي وسران رتي والي ڪوٽ”

جوڳيءَ پهچڻ شرط مرليءَ جي آواز ۾ ڏاچيءَ کي گهاڻي ۾ وهندي ٻڌايو. ڏاچيءَ بيهي اهو بيغام ٻڌو. گهاڻي واري جوڳيءَ کي چيو ته تون ڪو جادوگر آهين ڇا جو منهنجي ڏاچي ساري عمر ۾ بيٺي نه آهي ائين چئي چاڪيءَ ڏاچيء کي لڪڻ هڻي هڪليو ته ڏاچي ٻه ٽي وکان هلي منڊي ٿي پيئي ۽ جنگهه مٿي کڻي بيهي رهي. ڏاچي مڪر ڪيو. ان ڪري چاڪيءَ ڏاچي ڇوڙي وڃي ڪوٽ ۾ ٻڌي ۽ منڊائپ جي ڪري نيئر نه هنيائينس
اهو وجهه وٺي ڏاچي رات جو پکڙ ڇنائي ڪوٽ ٽپي ٻيون پنهنجون نسل واريون ڏاچيون ساڻ ڪري اچي ساري سنگهار وٽ پهتي ساري سنگهار کي ننهن ٻڌايو ته چاچا اسان واري ڏاچي ويسران آڳر تي ويٺي آهي ۽ ٻيون به پندرهن ڏاچون ساڻ اٿس. سارو سنگهار ننهن کي چيو ته ويسران ڏاچيءَ جو اوڳر منهنجي اکين کي هڻو ته آءُ سڄو ٿي پوندس. نُنهڻس ائين ڪيو ته هو اکين کان ڏسڻ لڳو. ڍاٽي اُٺَ ماڙ جا ان ويسران جو نسل آهن. جيڪي ڏينهن ۾ سوين ڪوهه پنڌ ڪري سگهندا آهن. حيدرآباد واري ڦليلي به اها ڍاٽڻ ڏاچي ٽپي هئي جيڪا پڻ ان نسل مان هئي.
مطلب ته هي انسان به ان ويسران ڏاچيءَ وانگر ان وڏي سمنڊ ۽ درياهه اعظم جا آهن. جيڪي پنهنجي مالڪ ذات ذوالجلال کي وساري ويٺا آهن. هنن کي حرص جي چورن چورائي نفس چاڪيءَ جي حوالي ڪيو آهي. جيڪي ڪاروبار جي گهاڻي ۾ ٿا وهن. وجود جي ڪوٽ ۾ شهوت جا نيئر لڳل اٿن. جوڳيءَ مرشد جي مرليءَ سان پيغام ٻڌي به وساري ڇڏيو اٿن.
انصاف ته ان جانور ڏاچيءَ جو آهي جيڪا پيغام ٻڌڻ کانپوءِ رات جو سَوَ ڪوهه پنڌ ڪري ڀتيون ڀڃي اچي ٽنڊي مستيءَ ۾ پنهنجي مالڪ سان ملي. ٽنڊو مستي منصور جو ملڪ آهي. فنا في الله جو شهر ۽ عرش اعظم جو ملڪ ۽ ماڳ آهي. آدمي پنهنجي اصلوڪي ماڳ ۽ وطن کي پيغامن ٻڌڻ کانپوءِ به وساريون ويٺا آهن.

بيت

آنچه من کر ديم باخود هيچ نبينانه کرد درميان خانه گم کرديم صاحب خانه را.
اهو جيڪي اسان پاڻ سان ڪيو آهي سو انڌي کان به نه ٿئي پنهنجي گهر جي مالڪ کي گم ڪيون ويٺا آهيون.
اي به ويرانه شدي مغرور مست، وطن رانسيان کردي ريش سست
اڙي ڀينگ ۾ مست ۽ مغرور ٿيو ويٺو آهين. وطن وساريون سست ٿيو ويٺو آهين.
اصل وطن خود فراموش کردئي، عمر هادر خواب وغفلت بُردهِ،
پنهنجي اصلي وطن کي وساري ڇڏيو اٿيئي سڄي عمر غفلت جي ننڊ ۾ وڃائي ڇڏيئه
نغمئه سرناءِ پيغام خدا، که از شنيدن جسم وجان گردد فدا
شرناءِ جون نعمتون خدا جو پيغام آهي. ان جي ٻڌڻ سان جان جسم فدا ٿيو پوي.
توز مطلوب الاهيءَ بردهءِ جام توحيد وطهورا خوردهءِ
تون محبوب الاهيءِ هٿان توحيد جو پاڪ شراب پيتو آهي.
نغمئه انفاس مرشد گوش گير، نانه گردي اندرين دنيا اسير.
مرشد جي دم واري نغمه ڏانهن ڌيان ڏي ته جيئن هن دنيا ۾ گرفتار نه ٿئين.
نغم.ه سرناءِ مرشد معنوي، سخت محکم گير تانه شوي غوي
مرشد جي معنيٰ واري شرناءِ کي مضبوطيءِ سان پڪڙ گمراهه نه ٿيندين،
هم ازين سر ناءِ در معنيٰ رسي ، اندر آن بيچون گردون در روي،
ان شرناءِ سان معنيٰ جي ملڪ ۾ پهچندين اصل ان بيچون ۾ اندر وڃي پهچندين.

حڪايت : ڳالهه

ميرن جي وقت ۾ بٽئي جورواج هو.ان ڀرڻ لاءِ ڌڙوائي مقرر هوندا هئا. ڪنهن جاٰءِ تي ان ڌوڙائيءَ ان پي ڀريو ۽ ڌڙا واڪن تي پيا. ڳڻن. ڌڙن لکڻ تي منشي ويٺو هو. ڌوڙائن سرائڪيءَ ۾ واڪ پي ڏنا ته پنڌرهي، سورهين، سترهين، ان ٻڌڻ سان مُنشيءَ ڪپڙا کڻي ڦاڙيا. مست ٿي جهنگ هليو ويو.
منشيءَ محسوس ڪيوته جيڪو الله جي پنڌ ۾ هلندو سوئي الله کي لهندو پر سَتُ يعني توڪل به رکي جيئن هن منشيءَ سمجهيو ائين اڄ ڪالهه جا ملان قاضي يا عوام ماڻهو الله کي ڪونه ٿا سمجهن. جن کي الله جي گهرج اهي تن کي الله سڏي ٿو. هڪ ٻن لفظن يا حرفن وسيلي پاڻ ڏي گهرائي ٿو وٺي. مگر جن کي نٿو گهرائي تن کي مخلوق جي درن تي ٿو رلائي
ظاهر جا عالم فاضل هن توحيد جي ڳالهه کان انڌا آهن اهي رڳو نفس ۾ غرق آهن ۽ دنيا جي جهان کي پنهنجو ڪيون ويٺا آهن. هر وقت گمراهي ۽ بد ڪم ڪن ٿا. جن الله کي اقرب ويجهو ڄاتو تن سڃاتو، الله به تنکي سڃاتو، گمراهن جي دل بيمار آهي. وَ اَمَّا الَّذِیْنَ فِیْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ فَزَادَتْهُمْ رِجْسًا اِلٰى رِجْسِهِمْ وَ مَاتُوْا وَ هُمْ كٰفِرُوْنَ(۱۲۵( قرآن. يعني جن جي دلين ۾ بيماري آهي الله انهيءَ تي پليدي کان پليدي وڌائيندو آهي. اهي دليون ڪثيل ۽ بيمار آهن الله نه ڏسنديون.
مثال: مورهه نئه قلات کان جبلن جي ڀر ڏيندي سيوهڻ کان سنڌو درياهه ۾ پوي ٿي. ان نئه جي ڀرسان هڪ بروهي ريڍار رهندو هو هڪ ڏينهن شينهن جو ٻچو ان نئه ۾ لڙهندو اچي ان ريڍار جي ڀرسان لنگهيو. بروهيءَ ان کي پڪڙي کڻي ڌاريو رڍن جي واڙ ۾سنگهر سان ٻڌائينس. پاليندي وڏو ڪيائينس هورڍن سان هري مري ويو. ڏينهن جو رڍن سان گهمي شام جو وٿاڻ تي موٽي ايندو هو. رڍن سان شينهن جي هوندي ڪوبه گدڙيا بگهڙ ڪونه ايندو هو. بروهي کي به پڪ هوندي هئي تنهن ڪري رڍن سان گڏ به ڪونه ويندو هو.
هڪ دفعي جبل مان هڪ شينهن اچي بروهيءَ واري شينهن سان گڏيو چيائينس ته تون ڪيئن رڍن سان گڏ ٿو گهمين. مون وانگر شينهن آهين. ڇو شڪار سان گڏيو ٿو وتين. بروهي واري شينهن چيس ته مان رڍ آهيان شينهن ڪٿي آهيان. پوءِ جابلو شينهن پڇ مان ٺڪاءُ ڪڍي ڏيکاريس. اهو ڏسي بروهي واري شينهن به پنهنجي پڇ مان ٺڪاءُ ڪڍيو جابلو شينهن جهٽ ڏيئي هڪ رڍ ماري وڌي. اهو ڏسي بروهي واري شينهن به ائين ڪيو. ائين ٻنهي گوشت ۽ رت کاڌو آخر سارو ڌڻ ماري ٻيئي جبل ڏانهن هليا ويا.
هي آدمي به عرش اعظيم واري وڏي شينهن جو ٻچو آهي جيڪو ڪثرت جي نئه ۾ لڙهي هت آيو .آهي بروهي ريڍار هي نفس اٿس. وَنفخَتُ فِيهِ مِن رُوحِي. جي آيت موجب هي معرفت جي ذاتي شينهن جو ٻچو آهي جابلو شينهن مرشد اٿس. رڍون نفساني خيال اٿس. جن جو ڌنار آهن ناسوت ۾ نفس اٿس. هن کي چاريندي ورهيه گذري ويا آهن بيخبريءَ ۾ڪراڙو ٿي ويو آهي. جو پاڻ کي به رڍ ٿي سمجهي. جڏهن مرشد اچي هدايت ڪيس ۽ آسمانن جي عروج ۽ نزول جا ٽپا سيکاريائينس. خيالات جا ڌڻ اسم اعظم جي ڌڪن سان ماري ختم ڪيائينس. معراج مهل مرشد گڏجي وڏي جبل يعني عرش اعظيم ڏي وٺي ويس. جوئي هيو سوئي ٿيو. ساڳيو شير خدا ٿيو.
بيت

غره کن توشيرواري شير حق، تارسد آن غره برهفتم طبق
اي حق جا شينهن تون شيهن وانگر گوڙ ڪر جيئن تنهنجي اها گوڙ ستين آسمان تي پهچي.
ميش مرهوم وجودت کن فنا.تارهي زاين جسم فاني دربقا،
پنهنجي وجود جي وهم واريون رڍون فنا ڪر ته جيئن هن فاني جسم مان نڪري بقا جي ملڪ ۾ رهين.
پنجئه شير خدائي آرزود تاکه اندر عشق گم گرد دوجود،
خدائي شينهن جو چنبو جلدي مٿي ڪر ته جئين تنهنجو وجود عشق ۾ گم ٿئي.
چيست پنجه اسم اعظم ذکردان ، قوت شير الاهي بيکران،
چئبو ڇا آهي. اسم اعظم جو ذڪر سمجهه ان لاهي شينهن جي طاقت بي انداز آهي.
طالب ومطلوب کوه آسمان برورند پاءِ کوبان جان فشان
طالب ۽ مطلوب آسمان واري جبل تي نچندا جان قربان ڪندا ويندا.
غرق گشتند هردو اندر رنور هو، ڪل شيءِ هالک اليٰ وجهه
ٻيئي هو واري نور ۾ غرق ٿيندا. ان جي ذات کانسواءِ هر شيءِ فنا ٿي ويندي.

گداگر ملنگ جي ڳالهه

هڪ شهر ۾ هڪ گداگر دودو شينهن جي کل ڪلهي تي کڻي گدا لاءِ شهر ۾ آيو. هن کي ڏسي ويڙها ڪتا ڌپ سنگهي گهر ڇڏي ڀڄي پيا وڃن. مال جانور وڙا ڀڄي نڪري پيا وڃن جيڪي ڏٻرا اُٺ اٿي به نه سگهندا هئا سي به گوڏڙيا پيا ڀڄن. هي ته ظاهري ۽ جهنگلي شينهن جي پراڻي کل هئي. ذات جوالجلال جنهن سيني ۾ سمايو ته اتي غير خيالات هنن جانورن وانگر هل جو شهر ڇڏي ڀڄي ويندا. جنهن طالب جي سيني ۾ اسم اعظم جي ذڪر جاءِ ڪئي ته ان وٽان به غير وهم ڀڄي ويندا.رڳو ابدي شينهن وڃي رهندو.
بيت
جس ٻيلي وچ شينهن پيا. اٿان ڪل جناور ڀڄ گيا،
سڻ سيتي گجگوڙ تنهن دي. هر هڪ وڃ بي وطن ٿيا.
اڄ رات 18 ربيع الاول 1372 هجري خيال ذڪر سان ويٺا هئاسون ته انبيائن ۽ اوليائن جي محفل ڏٺي سين. اتي حضرت عيسيٰ اوچتو آيو سڀني سندس استقبال ڪيو. حضرت عيسيٰ عليه السلام جي هٿ ۾ لدني علم جو ڪتاب هو جنهن مان هيءَ ڳالهه پڙهي ٻڌايائين ته.،
هڪ انڌو ماڻهو هو، ان جو گهر ڪکائون هو. هن کي ديد ختن ٿئي ٿورو وقت ٿيو هو. انڌائپ کان تنگ اچي ڇا ڪيائين جو ڏسڻ جي سڪ ۾ اماڙي ٻاري گهر کي کڻي باهه ڏنائين ته متان وڏي باهه سوجهري تي ديد کلي پوي باهه جو آنبهه ٿي ويو سندس گهر وارن وٺي دانهون ڪيون. باهه وسائڻ لاءِ سڄي ڳوٺ ڪوشش ڪيون مگر باهه وسائڻ کان گهڻي ٿي ويئي سندس سمورو گهر ۽ سامان سڙي ويو. ماڻهن گهر سڙن جو سبب پڇيس ته چيائين ته مان پاڻ ساڙيو آهي. ڇو جو مون کي ڏسڻ جو شوق هو. مون سوچيو هو ته متان وڏي باهه سان نظر کلي پوي ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڏسي وٺان. سندس بيوقوفي جو ٻڌي هر هڪ ماڻهوءَ بجا پي ڏنس ۽ لعنتون پي وڌائونس.
حاصل مطلب ته هي آدمي گمراهي جي وهمن سان انڌا ٿيل آهن هنن ساري عمر جو جهڳو دنيا جي حرص ۽ شهوت جي باهه سان ساڙي ڇڏيو آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته حرص ۽ طمع سان سندن لاءِ پنهنجي حياتي جو سمورو گهر ساڙي تاراج ڪري ڇڏيو اٿن. جنهن اهو حياتي جو گهر ۽ دمن جي ملڪيت شهوت جي باهه سان ساڙيو تنهن تي انبيائن ۽اوليائن جي لعنت وسندي.
روح بادشاهه آهي مگر جسم جي قيد ۾ پيل آهي. هت دنيا ۾ هن جو سيرڪجهه ڏٺل ۽ ڪجهه اڻ ڏٺل جاين جو پيو ٿيندو مگر حياتي ۽ دمن کي اجايو وڃايائين ۽ آسمانن جو سير ڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته نفساني خيالن ان پاسي کان هن کي ڀت ڏيئي ڇڏي آهي. نفساني خيالات جا ڳجها زنجير پيل اٿس.جيڪڏهن لاجي ترار سان آهي زنجير ٽوڙيائين ته پوءِ هن جو عروج نزول عرش عظيم ڏانهن ٿيندو پوءِ جڏهن هن جو صفاتي دم ٽٽندو ته اوڏانهن هليو ويندو.
طالب جي دل موسيٰ وارو ڪوهه طور آهي جيئن الله موسيٰ سان ڳالهايو هو تئين طالب جي دل ۾ به گفتار هلندي آهي. حضرت موسيٰ رب ارني چيو هو ته خواب ۾ لن تراني چيو ويو هيس. جيڪوحضرت موسيٰ جي ساري امت لاءِ به سمجهڻ گهرجي. مگر اسان محمد ڪريم ﷺ جي اُمت لاءِ سبحن الذي اسريٰ بعبده جو انجام آهي تکي هلندڙ طالب جو سينو طور سينا آهي. وقت بوقت بيغام الاهي ۽ گفتگو پيو ٻڌندو. جنهن جي ٻڌڻ سان طالب کي پڪ ٿيندي ته منهنجي ياد جو سلسلو الله سان ڳنڍيل آهي. عرش جا آواز پيو ٻڌندو. ذڪر سان روحاني ڪن سرلا ٿي پوندس. ڪنهن مدت اٽڪل ٻارهن ورهين کانپوءِ جسم مان نڪري پوندو. مرشد جرئيل وانگر هن جي رهبري ڪندو ۽ آسمان ڏانهن اڀ سرو ساڻ وٺي ويندس. پکي پرواز ڪندا آهن مگر طالب بنا پرن جي پرواز ڪندو. پکي سڀ لهوارا اڏرندا آهن. مگر طالب سڌو بندوق جي گولي جيترو تکو مٿي ڇهن آسمانن مان ائين ويندو جيئن گولي ويندي آهي. ستين آسمان تي هن جو مقصد آهي اتي ست ڏينهن رهندو. اهوعشق جو قاعدو آهي. ته جيڪو به اتي آيو ته ست ڏينهن رهڻو پوندس. ان وقت ۾ طالب جو وجود شينهن وارو ٿي پوندو آهي. شير يزدان موليٰ علي جو لقب آهي. ان قدرت واري شينهن ۾ فناءِ کائيندو آهي. ظاهري انڌا ڏسي نه سگهندا آهن.

پڪ ڄاڻو ته هي طريقو اسم اعظم جي ذريعي جسم مان نڪرڻ وارو موسيٰ عليه السلام کي ڪونه هو. تڏهن ته زبان سان رب ارني پي چيائين اهو روحاني رستو رسول الله ﷺ لاءِ رکيل هو. جيڪو طالب ذّوق سان اسم اعظم ڪمائيندو ته عرش عظيم جا پيغام پيو ٻڌندو ۽ وڌيڪ شوق جاڳندس. جسم مان نڪتي کانپوءِ پيغامن جي ضرورت ڪانه پوندس. تکي طالب کي رسول الله ﷺ ۽ موليٰ علي ديدار ڪرائي دلجاءِ ڏيندس. مراقبي وقت عارف ۽ اولياءَ پيو ڏسندو.
جيڪو طالب قبول پوندو آهي ته ان کي پهريائين قلندر شهباز ديدار ڪرائيندو آهي. سنڌ جي فقيري جي واڳ به قلندر شهباز جي هٿن ۾ آهي. الفقر فخري واري فقيري نه ڪي پنڻ واري فقيري .

محبت واري طالب جي ذّڪر وارو سڏ عرش اعظم کي لرزائي وجهندو آهي. ان ڪري ذات حق پاڪ عارفن کي موڪليندو آهي. ته وڃي منهن ڏيکاري دلجاءِ ڏيوس. پوءِ فقير کي پيشوا رهبر به اچي منهن ڏيکاريندس ۽ گفتگو به ڪندس. جنهن تي طالب کي يقين ۽ جوش پيدا ٿيندو. اهڙي طالب لاءِ ظاهر جا مست به حڪم الاهي سان پيا ايندا ۽ رهندا. اهڙو طالب جنهن به عارف جي مقبري جي زيارت لاءِ ويندو ته اهو عارف سندس اڳتي اچي استقبال ڪندس. طالب جي دل طور سينا آهي. جسم مان نڪرڻ کانپوءِ معراج جو مالڪ آهي اهڙي فقير جي ڪنهن دل راضي ڪئي ۽ دعا ورتائين سا هڪدم منظور ٿيندس. فقير جي رنجائڻ وارو فرعون آهي. پوءِ فقير فرعون کي ائين ٻوڙيندو جيئن موسيٰ فرعون کي ٻوڙيوهو.
عارف عاشق جي آر به درياهه وانگر آهي. ڪڏهن غير آباد کي آباد ڪري ته ڪڏهن آبادي کي برباد ڪري جيئن بقار تان درياه آر مٽايو ته سج ۽ غير آباد ڪري ڇڏيائين. نه ته بقار جا مهاڻا پکي ماري انهن جا کنڀ به انگريزن کي سون برابر ڏيندا هئا هر هڪ آبادگار هزارين مڻ ان کڻندو هو ڪيئي مزدور ماڻهو صرف لاباري جي مزدوريءَ مان ان جو ٻوريون آڻيندا هئا جڏهن درياهه بقار تان آر مٽايو ته ڍندون سڪي ويون زمينون بنجر ٿي ويون. مهاڻا به ويران ٿي ويا. جن کي سونا زيور هئا تن کي ٽامي جو ڇلو به ڪين آهي. فقير عاشق اهڙو آهي جو ڪفر مان نبي ڪري وجهي. بهشتي تي ناراض ٿئي ته جهنمي ڪري ڇڏيس. فرعون مان موسيٰ ۽ موسيٰ مان فرعون ڪري وجهي. هيءَ ڳالهه ڪلي عقل جي آهي جزوي عقل وارن کي سمجهه ۾ نه ايندي مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَ مَا طَغٰى(۱۷) واري عقل جي ڳالهه آهي. ڪنهن کي به ڪڇڻ جي طاقت نه آهي ته هئين ڇو ڪيائين. هيئن ڇو ٿيو. ٽيئي جهان فقير جي هٿ ۾ آهن جيئن وڻيس تيئن ڪري سگهي ٿو.
بيت

بل مکان ولا مکان درحکم او ، همچون در حمکش بهشت وچارسو
بيشڪ مڪان لامڪان ان جي هٿ آهن بهشت يا چارئي طرف ان جي حڪم ۾ آهن.
لامکان نئي که دروهم آيدت، هر دم دروي خيال زايدت
لامڪان تنهنجي سمجهه ۾ نه ايندو هر هڪ دم ۾ ان جا خيال پيا وڌندا.
اسپ عام رانه بود آن جا مجال، پاءِ لنگش ماند پيش ذولجلال
عام گهوڙي کي پهچڻ جي مجال نه آهي ذات پاڪ اڳيان منڊو آهي.
عقل جزوي کور ماد رزادرابر عصاد دارد هميشه کاروبار
جزوي عقل وارو ماءُ پيٽان انڌو آهي، ان جو سدائين ڪم لٺ تي آهي.
چغد عنقارا کجا گيرد شکار. شب پر خور شيد کئي گيرد کنار
چٻ شهباز جو شڪار ڪيئن ڪندي. چٻرو سج جي ڀر ڪيئن وٺندو.
هر که از خود رفت داندين سخن،آشکارش باشدين سرلدن
هيءَ ڳالهه اهو سمجهندو جيڪو پاڻ مان نڪتو ان تي ئي لدني راز کلندا.
عشق راپانصد پراست وهر پر، از فراز عرش تاتحت الثريٰ
عشق کي پنج سئو پر آهن هر هڪ پر عرش کان تحت الثريٰ تائين آهي
جزوي عقل نفساني ۽ ڪل عقل الاهي آهي. جيڪو عرش اعظم جو آهي. جزوي عقل ناسوت واري حرام خور ڪانوَ جو آهي. ڪل عقل شهباز لامڪاني آهي. جزوي عقل جي نظر ڍونڍ تي آهي. ڪلي عقل شهباز دلين جو شڪار ڪندو آهي. ڍونڍ ڇا آهي. رشوت چوري، ختمن جون مانيون ڪانڌپا سڀ ڪجهه ڪانءُ عقل کانيون وڃي.ان جو عزرائيل آهي چڻيءَ مار. مئي جي پويان ختمه ۽ منهن ڪندا آهن.اهي دنيا جا ماڻهو ڪانون مثال آهن جيڪي اتي اچي گڏ ٿيندا آهن پوءِ چانورن کائڻ مان هڪ نه ٻئي کي تپ يا نمونيا ٿيو پوي. پوءِ چڻي مار عذرائيل کي وجهه لڳي جو کين ماري ڪفن جي ڳوٿري ۾ وجهي کڻي وڃي دوزخ جي ملائڪن بازن حواله ڪري. مئي جي ماني ختمون يا ڪاڍارو آهي. اها ڄاريءَ مثال آهي. جو هڪڙو نه ٻيو دسيو پيو. هوندو.
ذڪر ۾ هلندڙ صوفيءَ کي ختمي جي ماني کائڻ حرام آهي. کائڻ سان دل ڪاري ٿي پوندس ۽ ذڪر نه هلندس. مهيني ٻن جو ڌوڪو ايندس طالب لاءِ ختمو کائڻ ائين آهي ڄڻ مئل جو گوشت کاڌائين. مگر رسول الله ﷺ ۽ اهلبيتن ۽ الله وارن فقيرن جي ماني نقصان نه ڪندس. مگر ان ۾ ڳائو گوشت هجي ته نه کائي. ڇو ته رسول الله فرمايو آهي. ته لَحمُ بقر بَلاءُ وَلبن بَقر شَفاءُ. يعني ڳائو گوشت مصيبت ۽ کير شفا آهي ڳائي گوشت کائڻ سان ذڪر الاهي بس ٿي ويندو آهي. قلب ڪارو ٿي ويندو آهي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي مصيبت آهي مگر جنهنکي ٻيا گوشت ملن ته ڀلي کائي نفس جي لاءِ گهڻو نه کائي حقيقت ۾ باطني بادشاهه جي گوشت کائڻ کان منع آهي ڇو ته گوشت کائڻ سان روح جي وات ۾ بدبوءِ ٿيندي آهي. ڇو ته گوشت نفس جي غذا آهي روح جي غذا ذڪر الاهي آهي.

قوت حيواني بشر ذکر خدا ست،
قوت حيواني اورانا سزا ست.

انسان جي اصل غذا خدا جو ذڪر آهي. روح کي حواني غذا کائڻ نٿو سونهين. حضرت آدم کان وٺي اڄ تائين ٻن آدمين گوشت نه کاڌو هو. ڇاڪاڻ ته سرڪار الاهي کانئن وعدو ورتو هو ته اوهان کي ٻه تحفا ڏجن ٿا. جيڪي گوشت کائڻ ڪري ڪارگر نه ٿيندا. اهي ٻه ڄڻا هڪ حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ ٻيو حضرت علي عيله السلام. انهن ٻنهي پنهنجي ساري عمر ۾ گوشت نه کاڌو هو. انهن لاءِ تحفا باطني آهن جن جي اسان کي خبر آهي مگر ٻڌائڻ کان منع آهي.

آدم جي تخليق جو مقصد

حسن جي بادشاهه کي پنهنجي منهن ڏسڻ لاءِ آئينه جي ضرورت هوندي آهي. ان ڪري ذات ذوالجال آدم کي پنهنجو آئينو ڪري پيدا ڪيو. مگر آدميءَ وري سڌن ۽ شهوت جي ڪمن سان پاڻ کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي دل شاهه سن لم يزلي کان تڙيل ۽ نفس جي حوالي ٿيل آهي. اهڙو تڙيل آدمي ڀلي ڪيڏا به ظاهر تجمل رکندو هجي ته به ان جي حد جهنم آهي. جنهن دل سان اسم اعّظم سان پنهنجي صحن جي صفائي ڪئي ته اها دل الله جو آئينو آهي. دل پاڻ کي ڏسي من خدايم جا نعرا هڻندي. اها دل شاهه شمس الحق تبريز، شاهه منصور ۽ شهنشاهه قلندر جهڙي ٿي پوندي. ان دل ۾ عشق امام حقاني پنهنجو تخت گاهه ڪندو.

وَ مَنْ یَّعْشُ عَنْ ذِكْرِ الرَّحْمٰنِ نُقَیِّضْ لَهٗ شَیْطٰنًا فَهُوَ لَهٗ قَرِیْنٌ(القران (۳۶))
يعني، جيڪو ٻاجهاري الله جي ياد کان منهن موڙي ٿو، ان تي شيطان غالب ڪريون ٿا. پوءِ اهو ان جو همنشين رهي ٿو. خدا جي ياد کانسواءِ دل نفس جو ٽڪاڻو آهي. جنهن هت الله وساريو ۽ شهوت پرستي ۽ نفس پرستي ۾ عمر گزاريائين ته محشر ۾ اهو انڌو ٿي اٿندو.

وَ مَنْ اَعْرَضَ عَنْ ذِكْرِیْ فَاِنَّ لَهٗ مَعِیْشَةً ضَنْكًا وَّ نَحْشُرُهٗ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ اَعْمٰى(۱۲۴)
جنهن پنهنجي ذڪر کان انڪار ڪيو ته ان جو گذر تنگ ڪنداسون ۽ قيامت ۾ محشر جي ڏينهن انڌو ڪري اٿارينداسون.

مذهب ڇا آهي

بيت

مرا از قيد مذهبها برون آورد عشق او،
که چون خور شيد طالع شهد نهان گردند کوکبها

مون کي مذهبن جي قيد مان عشق ٻاهر ڪڍايو . جڏهن سج اڀريو ته ستارا ڇپي ويا.
جنهن جسم مان نڪري معراج ڪيو تنهن کي نه قبر محشر جو خوف نه دوزخ جو ڀوءُ نه بهشت جي اميد هوندي.
معراج جو رستو ڪو بند آهي ڇا، سنڌو بئراج انگريزن ٺاهيو هو سا پل به اڄ تائين آهي. ان تان اڄ تائين سڀڪو ٽپي ٿو. جيئن ان پل تان ٽپن جي ٽئڪس آهي تيئن هن معراج واري پل تان ٽپڻ لاءِ دم ڏيڻا پوندا آهن. جيڪو دمن جي ٽئڪس نه ڏيندو تنهن کي به آسمان ڏي لنگهڻ ڪونه ڏيندا. هي معراج جو رستو اصل دين الله ۽ اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَؕ. آهي. هن رستي وارن لاءِ سخت ڏک ۽ تڪليفون آهن جنهن ڪري مسلمان نماز وارو رستو اختيار ڪيو ڇو ته صبح جي نماز بعد اڍائي پهرالله ڏي وجهائين به ڪونه مگر هن معراج واري رستي ۾ فوت النفاس قتل الانبياءَ دم قضا ڪرڻ نبين کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي. اهڙو سخت حڪم آهي. جنهن ڪري عام اهو رستو ڇڏي ويا. مذهبن وارن وڃي اڙون ورتيون. هت به سٺا کاڌا ۽ مزا ورتائون ۽ آخرت ۾ به بهشت جا آسرا رکيون ويٺا آهن مگر ڪنهن به مذهب واري الله اثبات نه ڪيو.
حقيقي مسلمان اهوآهي جيڪو موتو قبلل انت موتو ٿئي يعني مرڻ کان اڳي مري. جيئري مرڻ واري مدت جي پويان حياتي آهي. عزرائيل. واري موت جي حد تحت الثريٰ آهي محبوب جي هٿان مرڻ سان نئين حياتي ملندي آهي. ان جي رهڻ جي جاءِ عرش برين آهي هو عزرائل کان لکين ڪوهه پري هليو ويو فقيرن ساهه ورتو به الله کان هو ته وري موٽائي به الله کي ڏيندا،
عام ماڻهو الله کي ساهه موٽائي ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿا. ان ڪري الله عزرائيل هٿان انهن کي گهرائي ٿو. جيڪو موچڙا هڻي وٺي ٿو وڃي.
آدمين کي الله هيءَ جسماني وارو دوڪان مسواڙ تي ڏنو هو. هو وري پنهنجو سمجهون ويٺا آهن الله کي مسواڙ به ڪونه ڏنائون. مسواڙ آهي عبادت الاهي سان به نه ڪيائون ان وجود واري دوڪان ۾ الله دمن واري روڪڙ رکرائي هئي ۽ حڪم ڪيو هئائين ته اها دمن واري روڪڙ منهنجي نالي تي هلائجو. هنن اها روڪڙ پنهنجي ڏيوالي نفس کي اوڌر تي ڏيئي ڇڏي ۽ عيش عشرتن ۽ ننڊن ۾ کپائي ڇڏيائون. پوءِ سڃو نڀاڳو نفس هضم ٿيل رقم ڪٿان ڏئين. گذريل دم ڪو وري ايندا ڇا. انهن کپايل دمن جي اڳاڙڻ لاءِ عزرائيل کي حڪم ملندو ته ان ڪُپتئي کي قيد ڪري في النار جهنم ۾وڃي ڇڏيوس. پوءِ اهو: قالُو يا وَيلَنا پيو چوندو ته ڌڻي منهنجا هن عذاب کان ته خاڪ ڪري ڇڏ.
مثال ۾ عام مشهور آهي ته مٽيارين جي شهر جي کوهه ۾ ٻلو ڪري پيو. ماڻهن وڃي قاضي کي ٻڌايو ته سائين کوهه ۾ ٻلو ڪريو آهي هاڻي ڇا ڪريون. قاضي چين ته کوهه مان سَوُ (100) دلا پاڻي ڪڍو پوءِ کوهه حلال ٿيندو. ماڻهن اهو پاڻي ڪڍيو پر ٻلو ڪونه ڪڍيائين ٻن ڏينهن کانپوءِ قاضي کوهه وٽان اچي لنگهيو ۽ کوهه ۾ ڏٺائين ته ٻلو پاڻي ۾ سڄو پيو آهي. پوءِ ٻلو ڪڍرايائين ۽ وري پاڻيءَ جا سَوُ دلا ڪي رايائين. تنهن کان پوءِ کين پاڻي پيئڻ جي اجازت ڏنائين.
مطلب ته رب العلمين آدمين کي چيو هو ته دل جي کوهه مان نفس جو ٻلو وَالذکُر رَبکَ فِي نَفسِکَ سان ٻاهر ڪڍجو. مسلمانن ان ٻلي نفس کي دل مان ڪڍيو ئي ڪونه ٻاهران تسبيحون پڙهيون پيا شوڪارين. دل کي ذڪر سان ٻلي نفس جي وسواسن کان صاف نه ڪيائون. جيڪو مِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ الْخَنَّاسِﭪ(۴)الَّذِیْ یُوَسْوِسُ فِیْ صُدُوْرِ النَّاسِۙ آهي سو دل جي کوهه ۾ پيو آهي. باقي مسلمان رڳو پيا ٿا مذهبن تي وڙهن، سڀڪو پنهنجي مذهب کي پيو پڏائي. وڙهندي عمريون گذري وين دمن وارو روڪڙو وڃائي ڇڏيائون.دوڪان ڦٽائي برباد ڪري ڇڏيائون وَهَوَ مَعَکُم اَينَمَا کُنتُم وَ نَحْنُ اَقْرَبُ اِلَیْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِیْدِ فَاينَمَا تُوَلُو فَثُم وَجه الله وارو الله نه سڃاتائون.جيڪڏهن هر هڪ دم سان ذڪر ڪن ها ته الله اکين سان ڏسن ها. القرآن. ان الله الشتريٰ من المومنين. يعني الله مومنن کان دم ۽ مال خريد ڪري ٿو ۽ عيوض ۾ بهشت عطا ٿو ڪري. مومن ٻنهي جهانن ۾ زنده آهي. المومن حِيَ في الدراين. وَ لَا تَقُوْلُوْا لِمَنْ یُّقْتَلُ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ اَمْوَاتٌؕ-بَلْ اَحْیَآءٌ وَّ لٰكِنْ لَّا تَشْعُرُوْنَ(۱۵۴) جيڪي خدا جي راهه ۾ ماريا وڃن ٿا تن کي مئل نه چئو پر هو جيئرا آهن پنهنجي پالڻهار وٽ مگر توهان کي خبر نه آهي جن جو دم ذّڪر کان خالي نه آهي انهن تي موت آهيئي ڪونه.
الله سائين جيڪو مال ٿو خريد ڪري اهو مال به نفس آهي جيڪو پٽن کان وڌيڪ پيارو آهي ان کي ذوالجلال جي اڳيان موليٰ علي عليه السلام جي هٿان قربان ڪرائي پوءِ رت جي درياهه مئون طالب تڙ ڪندو پوءِ هڪ سر ڏيندو ته ٻيو ملندس اهو سر به محبوب خنجر سان لاهيندس لکين ڪروڙين ڀيرا پيو ڪسندو ۽ جيئرو ٿيندو. هر دفعي ڪسڻ سان جام مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًاۚ پيو پيئندو. پوءِ انا انت فَاينَ اِني. يعني مان ته تون آهيان، مان ڪٿي آهيان. مان تون ۽ تون مان ٿي پوندو. عبديت وارو غير ختم ۽ گم ٿي ويندو. جيڪو هيو سو ٿي پوندو. صفات ۾ ذات ۾ ملي عين ذات ٿي پوندي صفات عدم ٿي ويندي. رسول الله ﷺ معراج واري جاءِ تي فرمائن ٿا ته لوا قتل في سبيل الله ثم احيا ثم اقتل. ثم اقتل ثم اقتل. مومنن لاءِ جيڪو بهشت جو انجام ڪيو ويو آهي سا مخفي ڳالهه آهي. بهشت آهي ذوالجلال جو سدائين ديدار پوءِ قيامت تائين اهو ديدار بند ٿيڻو ئي نه آهي. سرڪار جو چوڻ آهي ته بهشت به هڪ اوٽ آهي بهشت ته سندس ديدار آهي بهشت جي مالڪ جو ديدار ڪو بهشتن کان گهٽ آهي ڇا؟ اهو ديدار اڪبراعظم بهشت آهي حضرت رسول ﷺ عقبيٰ جي طالبن کي مئونث يعني مادي سڏيو آهي. الله جي طالبن کي پاڻ مذڪر يعني مرد سڏيو اٿن. اهو مئومن مرد مردانو آهي مومن جو روح ذات حق روح الاعظم ۾ ائين ملي هڪ ٿي وڃي ٿو جيئن درياهه ۾ ڦڙو ملي هڪ ٿي وڃي جيئن سج جون راسيون سج سان ڳنڍيل هونديون آهن. مومن به الله سان ائين ڳنڍيل هوندو آهي. حديث ۾ آهي ته روح االمومن الا تشد اتصالا به روح الله .مومن ۽ موحد اهو آهي ته جيڪو الله ۾ محيط ٿيل هجي ۽ ڪوبه دم خالي نه ڪري. هر هڪ دم اسم اعظم سان هلائي دم ۽ اسم اعظم سان سيني ۾ نظر ۽ خيال هجيس. اسم وارن لاءِ قرآن فرمايو آهي ته یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوا اللّٰهَ ذِكْرًا كَثِیْرًاۙوَّ سَبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًا. ذڪر جو ڪمائڻ ماٺ سان ٿيندو آهي. گفتگو گهٽ ڪري مگر خيال ذڪر ۾ هجيس قرآن ڪريم ۾ بار بار صبر جو تاڪيد ٿيل آهي. جڏهن ماڻهو اندروني طرح صبر ۾ هوندو ته صبر به ڪندو. مَن لاَ صَبَر لَه لا اِيمانَ له جنهن کي صبر نه آهي تنهن کي ايمان ڪونهي. راحته الانسان في حفظ السان.انسان جي راحت زبان جي حفاظت ۾ آهي. من صَمت نجيٰ. جنهن ماٺ ڪئي سو آزاد ٿيو. انسان جو مرتبو زبان جي حفاظت ۾ آهي.
بيت

لب به بندو گوش بندو چشم بند. گرنه بيني ذات حق برمابخند.
چپ ڪن ۽ اکيون غير الله کان بند ڪر. پوءِ جيڪڏهن ذات حق جو جلوو نه ڏسين ته اسان تي کلئون ڪجانءِ
اڳين نبين تي نماز پنجاهه وقت ۽ سٺ روزا ۽ زباني ذڪر مقرر هئا. جڏهن حضرت رسول الله ﷺ ٻنهي جهانن جي بادشاهي تي ويٺو ته پنهنجي نئين آئين جو اعلان ڪيائين. پهريائين رسول الله به اڳين نبين جي پيروي پي هلائي. هڪ ڏينهن پاڻ مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز جماعت سميت پڙهيون اوڀر منهن ڪيون ويٺا هئا ته اوچتو وٽن اوپرو ماڻهو آيو. جنهن جي اچڻ سان ڪچهري وارن نشي جو پرتو پئجي ويو. هو اچڻ سان رسول الله ﷺ جي گوڏن تي هٿ رکي اچي ويٺو. پاڻ به گوڏا ڀڃي ويٺو. گهڻي تائين پاڻ ۾ روحاني گفتگو ڪيائون. اها روحاني گفتار پاڻ ڪريم جن سمجهن پيا ٻيا ڪونه پيا سمجهن پوءِ اهو پيغام مڪمل ڪري هليو ويو. مسجد مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ غاعب ٿي ويو. پوءِ جڏهن جماعت تان هيبت لٿي ته محبوب مصطفيٰ کان پڇيائون ته آقا اهو ڪير هو. حضرت رسول ڪريم ﷺ جن ٻڌاين ته اهو اخي جبرائيل عليه السلام هو جيڪو پيغام کڻي آيو هو. هيءَ ڳالهه مشکوات شريف مان ورتل آهي حضرت رسول ڪريم ﷺ جن اها ڳالهه عام ماڻهن جي سمجهڻ لاءِ جبرائيل جو اولو ڪري بيان ڪئي آهي نه ته هو لم يزل بادشاهه پاڻ هو. ان کانپوءِ سچن طالبن کي ٻڌايائين ته جبرائيل عليه السلام چئي ويو آهي. انهن کي هي چار ذڪر سمجهاءِ جيڪي مون گنبذ مان ٻڌا آهن ته هي محمد ڪريم ﷺ کي چئو ته پنهنجن سچن طالبن کي چوي ته هي چار ذڪر دم سان ڪمائين ته جيئن مون وٽ اچن. اهو گنبذ مون کان مٿي آهي.
پوءِ اهي چارئي ذڪررسول الله ﷺ خاصن مسلمانن کي سمجهايا. عامن کي زبان سان ذڪر ڪرڻ ۽ خاصن کي دم سان ذڪر ڪرڻ جو حڪم ڪيائون. جنهن ڪري خاص الخاص اڄ تائين ان ذڪر وسلي عرش عظيم تي پهچن ٿا. قرآن ڪريم ۾پڻ ارشاد آهي ته اِنَا نَحنُ نَزلنا الذکرَ واِنا لَه لَحَافِظُون. اهي چارئي ذڪر حضرت رسول الله ﷺ جن تي نازل ٿيا. جن لاءِ الله پاڻ چوي ٿو ته انهن ذڪرن ۽ ذاڪرن جو مان پاڻ نگهبان آهيان. جو اڄ تائين اهو فيض آسماني هلندو پيو اچي جنهن مان فقيرن عارفن کي معراج ٿو ٿئي. ان ذڪر جي وسيلي صادقن فقيرن کي قيامت تائين اهو معراج ٿيندو رهندو. قلبي ذڪر وارن لاءِ اهو انعام آهي زباني ذڪر وارن لاءِ ناهي.
جنهن گنبذ مان جبرائيل عيله السلام آواز ٻڌي پيغام کڻي ايندو هو اسان چاليهن ورهين کان اتان اچون وڃون ٿا.جيترو پنڌ دنيا کان اهو گنبذ پري آهي اسان جي منزل ان گنبذ کان اٺوڻ پنڌ پري آهي. اتي ٻيو آسماني ملڪ آهي جنهن جي ڪابه حد ڪانهي آسمان ۽ عرش هيٺ آهن اسان جي رهت لکين ڪوهه پري آهي. اتان رات ڏينهن اچون وڃون ٿا. جيئن ماڻهو هتان آسمان کي ڏسن ٿا.اسان ائين هتئون سڀ ڪجهه ڏسون ٿا. اسان جڏهن چئني مالائڪن جبرائيل، اسرافيل، ميڪائيل ۽ عزرائيل وٽان لنگهندا آهيون ته عبرت وٺندا آهن ۽ چوندا آهن ته مار مرد هي آهن جيڪي اسان کان به اڳتي لنگهيا ٿا وڃن. اسان جيڪڏهن وار جيترو به مٿي چرون ته پر سڙي وڃن.
عزرائيل عليه السلام جي اک ته اهڙي آهي جو دنيا جا غوث قطب ۽ پير ڏسن ته کرڙيون هڻي مري وڃن، اسان ته مڇ ئي نه ڇڏينڊيسين. اسان کي درياه اعظم جي ڇڪ کنيون ويندي آهي ان ڪري هنن تي نظرئي نه ويندي ۽ نه اک ٻڏندي آهي ٻه سال اسان ان رستي سان ايندا ويندا رهياسين. ڇو ته ملڪ ملڪوت جي حد پورب ڏي پاسيري آهي. جبروت ان کان اوڀر طرف لاڙون آهي. لاهوت وري اڃا اوڀر آهي. بيحد ملڪ وري. انهن کان ٻئي پاسي آهي. ان ڪري شاهه اعظم اسان کي سڌ ڪرائيندو آهي. ۽ حجاب جا پردا ڦاٽي آهن. ان ڪري اسان جو اچڻ وڃڻ سڌو ٿيندو آهي. اڃا ڪي راز جون ڳالهيون آهن جيڪي ڪرڻ جهڙيون نه آهن. ان طرح ٻارهن مهينا لا ابالي گفتار هنن نفساني ڪنن سان ٻڌندا ۽ اکين سان ڏسندا هئاسون. معراج ڪئي کان پوءِ به ٻارهن مهينن تائين مدهوش هئاسون ۽ ماڻهن جو ڳالهائڻ نه وڻندو هو. اڃ بک ٻيئي ڇڏي ويون. پوءِ معرفت ۾ گهڻي رهڻ بعد ٿورو گهڻو کاڌو وڻيو پوءِ درجي بدرجي معدي کي هيرايوسين.
آباد شهر ۾ پڙهندا هئاسين اُن وقت ڏاڙهي لٿي پي، اتي مولوي مصريءَ ٽيپهريءَ جي نماز بعد واعظ به مشکوات شريف پڙهي مخدوم حبيب الله ۽ سندس پٽ غلام محمد اهو واعظ ڪرائيندا هئا. لطف الله ڪلهوڙي جي ڀر ۾ آباد جي ڏکڻ ۾ مخدوم جو ڳوٺ هو. ان واعظ ٻڌڻ سان ساري جماعت روئي ڏنو. اسان کي به حيرت لڳي.
هاڻي اسان سان بادشاهه لم يزلي اهڙي عنايت ڪئي آهي جو رسول الله جي اسم اعّظم واري سبق عنايت ٿيڻ سان ڏسون ٿا ته جبرائيل، ميڪائيل، عزرائيل ۽ اسرافيل ۽ جمله ملائڪ اڌ ۾ به نه آهن. اسان کي عشق شهنشاهه ايترو پري وٺي ويو. جاٿي حد ئي ڪانه جيئن مثال مٿي ست ماڙ تي ڪو محبوب شاهه حسن جو يا ڪا سهڻي زائفان روزانو صبح جو ناچ پيئي ڪري ۽ سروزن طبلن جا آواز به پيئي ڪري ته هزارين عاشق محلات جي ٻاهران اچي بيهندا
ڪي روئيندا پيا ته ڪي ڳچيءَ ۾ ڳارا وجهي حيران بيٺا هوندا ته مان اسان کي گهرائي سڀ ڪو حُسن جي سڪ ۾ پيو سڙندو ملن جي اميد ته سڀني کي هوندي مگر جنهن تي اهو محبوب پاڻ راضي ٿيندو ته ان کي هڪدم پاڻ وٽ گهرائيندو. پوءِ ان کي پاڻ وٽ رهائيندس. پاڻ سان گڏ ڪندس. وڌيڪ حقيقت نه لکبي.اَلعَاقِلُ تکُفِيتُه الا شارۃُ.عقل واري لاءِ اشارو ڪافي آهي. ولا يختص برحمته ولو شاءَ الله ذُولفضل الا عظيم

دنيا سڀ درياهه ڪو ڪو ڪوتارو تنهن ۾،
وهي لهر لوڀ جي آتشي آڙاهه
طالبن نٿانهن، موڙي چاڙهيون مڪڙيون.

دنيا جو جهان ڪلاچيءَ وارو ڪن آهي. هي بوتو مانگر مڇ آهي. ڪن ۾ اهومانگر مڇ روح کي وات وجهون ڳهون ويٺو آهي. جنهن شخص مرشد هٿان وذکر رَبکَ فِي نَفسِکَ واري تسبيح هٿ ڪري پڙهي. ۽ دم خالي نه ڪندو ته يڪدم ان مانگر مڇ جي وات مان ڇٽي پوندو. جيئن حضرت يونس تسبيح پڙهڻ سان مڇيءَ جي وات مان ٻاهر نڪتو هو. ڇٽڻ جي تياري ٿيندس ته آسمان مان الهام ٻڌندو. سڀئي ڪن سرلا ٿي پوندس. صفائي واري آئينه تي نظر پوندس. اهو آئينو دنيا جي جهان ۾نه آهي مگر آسمانن جي ستين حد تي آهي ٿورن ڏينهن ۾ منزل به منزل وڃي پهچندو. جتان آيو هو اتي وڃي پهچندو. ان جاءِ جي ٻولي عربي آهي پوءِ رڳو ذات ٿي پوندو. نعرو به اها ذات هڻندي. هي رهندو ئي ڪونه جيئن لوهه باهه ۾ وجهبو آهي ته سرڙاٽ ڪري پري کان پيو ساڙيندو. چوندو پيو ته مان باهه آهيان.پوءِ اهي لوهه به باهه وارو ڪم ڪري سگهندو. تپائي اڇلبس ته جهڳا ساڙي ڇڏيندو. انهيءَ کئون پري لک ڪوهه تهان پر ٻجهن پکا پنهوارن جا. لک عبادتون ڪري ته به دم واري ذڪر کانسواءِ جسم مان نڪري نه سگهندو.
هي طريقو حضرت رسول الله ﷺ حضرت موليٰ علي عليه السلام ۽ اهل بيتن جو اهل صفحه وارن خاص الخاص جماعت کي ٻڌايل هو. جيڪو اڄ تائين عارف عشاق ۽ اهل تصوف وارا هلائيندا پيا اچن. اهو ئي معراج وارو رستو آهي.
توحيد جو بيان
سڀئي آدمي فرنگي، يهودي، حبشي، پٺاڻ، ايراني، توراني، هندو، مسلمان، سيد ۽ برهمڻ، غوث قطب سڀني جا انگ عضوا هڪجهڙا آهن. سڀني جو کلڻ ۽ روئڻ کنگهڻ هيٺيان مٿيان وارو هڪ جهڙا آهن. نر ۽ مادي جو قالب به هڪجهڙو آهي. انسانن جون ذاتيون ۽ نالا رڳو سڃاڻپ لاءِ آهن. نه ته سهڻا ڪارا سڀ الله جو مّظهر آهن. زير بالا الله آهي. الله کانسواءِ زمين تي ٻي ڪابه شيءَ ڪانه آهي. آسمانن ۽ زمينن تي خواه زمين کان هيٺ به ان جي حڪمراني آهي. وَهُوَالله ُفيِ السمٰواتِ وَالارضِ .

بيت

هر جا آپ الله آهي شهنشاهه اوليٰ عبديت جي

اها ڳالهه مشهور آهي ته فرهاد نالي هڪ شخص ايران ۾ شيرين محبوبه جي دلاسي تي ڪاٺ جي ڪهاڙي سان جبل ٽڪي درياه وهايو.هو اها وادي اڄ تائين وهي ٿي.پيدائش ٿئي ٿي. ان فرهاد جي جسم ۾ ڪير هو جنهن جبل ڏاريو هو. آدمي جي بوتي جي ڪهڙي مجال آهي.
بهلول جو بيان
بهلول داناءَ پنهنجي مثنوي ۾ چيو آهي ته هڪ سائل پير مولا عليءَ کان پڇيو ته مٿي آسمانن ۾ ۽ بهشت ۾سج ۽ چنڊ آهن يانه پاڻ فرمائون ته هي سج ۽ چنڊ ڪثرت لاءِ آهن، اوڏانهن اونداهي آهي ئي ڪانه وري پڇيائونس ته آسمانن ۾ رهت ڪنهنجي آهي. جنهن تي موليٰ فرمايو ته بهشتن ۾ اهو آدم سردار آهي. ننڍا وڏا بهشت آدم سان ڀريا پيا آهن. جبرائيل، ميڪائيل، عزرائيل ۽ اسرائيل چارئي ملائڪ به آدم آهن. پر عرش ڪرسيءَ تي جيڪو الله ٻڌين ٿو سو به آدمي آهي. اها ئي آدم جي صورت آهي. وري فرمايون ته من عرف نفسه فقد عرف ربه جنهن پاڻ سڃاتو سو الله آهي نه سڃاتائين ته بيڪار آهي.
بيت

ازان تان اندران اشباه باشي.به معنيٰ چون رسي الله باشي
جيستائين شڪ ۾ آهين ته بخير آهين، معنيٰ واري ملڪ ۾بهتين ته الله آهين.

بهلول جو قول آهي الله ڪپه وانگر آهي. ڪپه جا به سوين نالا آهن ڪاٿي. پهرياڻ، ڪاٿي ڪوٽ، ڪاٿي صدري، ڪاٿي رئو ته ڪاٿي پوتي، ڪاٿي پٽڪو، ڪاٿي سوڙ، ڪاٿي تنبو، ڪاٿي گودڙي. اهي سڀ ڪپهه جا نالا آهن. الله به ڪثرت ۾ ائين آهي. جيئن ڪپهه هر شيءَ ۾ موجود آهي.
ڪنهن مولويءَ فقير کان پڇيو ته تنهنجو مرشد الله سڏائيندو هو سو ته مري ويو. فقير چيس ته هي جهان ڪنهنجو آهي مولوي چيس ته الله جو ڀلا هو جهان ڪنهنجو آهي مولويءَ وري پڇيس ته ٻيئي جهان الله جا آهن. فقير چيس ته پوءِ مرشد جي مرضيءَ جو مالڪ آهي جتي وڻيس اتي رهي جي الله ڀي سڏايائين ته رهڻ جو به اختيار اٿس. تو مئو ڪيئن ڏٺو
هت الله ٻيا رکائي آيو آهي. ماڻهو ڀلجي پيا آهن. هو آسمانن وارو جهان وحدت باڪثرت آهي خاص طرح سان. مگر هي جهان ڪثرت آهي. خاص الخاص نج وحدت پري آهي. اتي واحد آهي ۽ ڪثرت ۾ نالو جمع اٿس.
بيت

اتحاد معرفت کردم بيان، سروحدت کثرت کردم عيان
معرفت جي اتحاد جو بيان ڪيم، وحدت ۽ ڪثرت جو راز کوليم
آدم وحق هر دويک دان درنظر اين چنين داند مگر صاحب نظر.
آدم ۽ الله ٻيئي ڏسڻ ۾ هڪ سمجهه هي اهو ڄاڻندو جيڪو صاحب نظر هوندو.
نامها اندر جهان افسانه است، ليکه اين گشت ازيک اندانه است
دنيا ۾ نالا رڳو افسانه آهن.مگر اها ساري پرک ان داڻي تي آهي.
انبياءُ اولياءُ خاص وعام پست آن ياريگانه والسلام
انبياءَ اولياءَ ۽ خاص عام ماڻهو. اهو اڪيلو ۽ يگانو يار آهي.

عارف جيڪڏهن هر شيءَ ۾ الله چوندو ته ان تي ڪوگناهه ڪونهي ڇو ته هن اکين سان ڏٺو آهي. هو پاڻ ذات ۾ محيط ٿيو آهي. مگر ٻانهي تي ثواب ۽ گناهه آهي. عارف ٻانهپ کان آزاد آهي.
مثال بادشاهه سان ڪوپٽ يا ڪو همسفر تخت تي ويهندو ته هو خوش ٿيندو مگر ڪو هاري ناري يا ڪو ڄٽ ڄاموٽ تخت تي گڏجي ويٺس ته موچڙا کائيندو. گلاب جي ٻوٽي کي به گلاب چئبو آهي. مگر گل کي بادشاهه تخت ۽ اکين تي رکندا آهن. ٻوٽو هي بوتو آهي روح گلاب جو گل آهي. جيڪو هن نفس سان گڏ ويٺو آهي. هن جي خراب خصلتن جي ڪري هي به پليد ٿي پيو آهي. نفس جي بدصحبت ۽ شهوت جي تابعداري ۾ وٺجي ويو آهي. روح آهي ته پاڪ مگر نفس جي سنگت ۽ صحبت جي ڪري ڏوهاري ٿي پيو آهي. ان جي پاڪ ڪرڻ جو دوران ڪامل مرشد عارف با الله وٽان دوا وٺڻ سان ٿيندو. اهو دوران ذڪر آهي. جنهن کي شوق ۽ ذوق سان پرهيز سان ۽ اوجاڳن سان ڪمائيندو ته روح پاڪ ٿي پوندو. رڳو پرهيز نه ڪيائين. ته به پاڪ نه ٿيندو. پليد روح تي قبر محشر جو پڇاڻو ۽ مارڪٽ آهي.
پاڪ روح تي پڇاڻوئي ڪونهي ان نفس جي موذي مرض جي دوا حضرت رسول الله ۽ پير موليٰ علي عرش کان آندي هئي جيڪا هميشه پيئي هلندي.
سامونڊي ڳئون
هي جانور سمنڊ ۾ ٿيندو اهي هن جا سنڱ تمام تکا ٿيندا آهن. رات جو ٻاهر نڪري ڪناري تي چرندي آهي ۽ ڏينهن ٿيڻ سان سمنڊ ۾ هلي ويندي آهي هن جي فطرت ڇا آهي ته رات جو سمنڊ جي تري مان لعل چڪ ۾ کڻي ٻاهر ڪناري تي رکندي آهي ان جي روشنائي تي گاهه ڏسي کائيندي آهي پوءِ چور اکريون کڻي لڪي ويهندا آهن ۽ هڪدم کڻي لعل اکريءَ سان لڪائين ته ڳئون ڇرجي پوندي آهي ته اها روشنائي ڪنهن بند ڪئي. ڳئون گهڻو ئي ڦوڪٽ ڪري چور کي ڳولي مگر چور ڳئون جي تکن سڱن جي خوف کان لڪي وڃي وڻ تي چڙي، آخر ڳئون سمنڊ مان وڃي ٻيو لعل ڪڍي اچي روشنائي ڪري گاهه کائي.
سمنڊ جي ڪناري وارو گاهه سرهو خوشبودار ٿيندو آهي. ان ڪري ڳئون جو ڇيڻو به خوشبودار ٿيندو آهي. جيڪو عنبر ٿي وڪامندو آهي.
مطلب ته هي طالب وحدت جا الله جون سامونڊي ڳئون آهن اسم اعظم جو ذڪر اهي سمنڊ وارا لعل آهن. طالب جي سڪ محبت ۽ اوجاڳا خوشبودار گاهه آهن. توحيد جي گفتار عارف جو عنبر اهي چور اهو نفس اٿس جيڪو وهمن جون اکريون کڻي ذڪر لعل جي مٿان ٿو رکي جيستائين غير خيال ۽ وهم طالب جي دل تي هوندا تيستائين ذڪر جا ڦيرا نه هلندس. طالب لاءِ اهو وقت اوندهه ٿي پوندو. پر جيڪو خفتي طالب هوندو سو ڳئون وانگر ذڪر کان بس ڪونه ڪندو. چور نفس کي ذڪر جي تکن سڱن سان ماري وجهندو، نفس جي آزار کان آزاد ٿي پوندو.
بيت
گائو بحري همت اورابين تابه اين همت شوي ين اليقين
سامونڊڻ ڳئون جي همت ڏس، جئين ان همت سان عين اليقين ٿئين.
دم بدم گوهرز بحردل برآر. دزد را باشاخ ذکرش مرده دار
دم دم سان دڪ جي درياه مان موتي ٻاهر آڻ، چورکي ذڪر جي سڱن سان مار،
گاهه عشق ودرد حالت.رابه خور، اززبان توشود عنبر اثر.
عشق ۽ درد حال جو گاهه کاءُ تنهنجي زبان عنبر جي اثر جهڙي ٿي پوندي،
تاشور آزاد آسيب عيار، درغواص بحر جان شونامدار
جيئن چور جي اهنج کان آزاد ٿئين،اي نامدار هن جان واري بحر ۾ ٽٻي هڻ

واڻيه جي کيري جي ڳالهه

هندستان جو هڪ سيٺ هڪ لک چوئيتاليهه هزار سِرُنِ جوکورو مزدورن کي ٺيڪي تي ڏنو.مزدورن باهه شروع ڪئي. گرميءَ وقت سيٺ کان مزدورن ٿاڌل گهري جنهن تي سيٺ کين ٿاڌل کان جواب ڏنو ته توهان سان ٿاڌنل جي ٻولي ڪانهي. مزدورن کڻي ماٺ ڪئي ۽ کوري جي باهه جهڪي ڪيائون ڏينهن جو هوريان هوريان بندي وجهي پيا ٻارن ۽ رات جو سمهي پيا پون ۽ باهه وسامي پيئي وڃي. صبح جو ڪٿان ٽانڊو آڻي وري پيا ڏينهن جو باهه شرو ڪن. تان جو سيٺ جو سڀ ٻل کپي ويو. ۽ هل سر بهه ڪانه پڪي.
مطلب ته هندستان آسمانن جو ملڪ آهي. سيٺ آهي مرشد جيڪو آسمانن کان آيل آهي. مرشد طالبن کي ٺيڪو ڏنو ساري عمر ٻل ڪري اٺن پهرن جا دم جيڪي هڪ لک چوئيتاليهه هزار آهن. عشق جي کوري ۾ دم جو سرون دل ۾ پچايو. مگر هن عشق عشرت ۽ فرحت جي ٿاڌل گهري جنهن کان مرشد منع ڪين. ۽ چيائين ته اهو کورو توهانکي ٺيڪي تي آهي مگر هنن ڇا ڪيو جو ڏينهن جو ذڪر جا ٻه ٽي ڀيرا ڏيئي ساري رات سمهيا پيا هجن. صبح جو ڏسن ته باهه وسامي پيئي آهي. چڻنگ به ڪانه آهي.چڻنگ ڇا آهي. معرفت جو نور ۽ تجلات نوراني.پوءِ اهڙن طالبن جو اهو عشق جو سمورو ئي کورو ڪچو نڪتو. ان ڪري سيٺ به مزدوريءَ کان جواب ڏيندن. مرشد کان جيڪا حال جي روڪڙ ورتي هئائون. سابه موٽائي وٺندن ۽ ڪپت جي ڪيس ۾ صوبيدار عزرائيل کان هٿ ڪڙي هڻائي جيل دوزخ ۾ وجهندن جتي کانئن سڀ ڪجهه وصول ٿيندو. پوءِ قالو يا ويلنا جون دانهون ڪندا.
اڄڪلهه جا پير بزرگ وقتي ذڪر ڪمائيندا آهن. هڪ صبح جو جنهن مهل پائخانو ۽ پيشاب زور ڀرين تڏهن اٿن. ساري رات ننڊ ڪن. سمهڻي واري نماز به هزارين. خيالن سان پڙهن ۽ پوءِ سمهي پون صبح جو پائخاني کان موٽي اچي گونگهٽ ڪري ويهن. ٻاهران خليافا اڳ تي بيٺا هوندا ۽ اشارن سان ٻين کي پيا چوندا ته سائين ڏي وڃ جو سائين مراقبي ۾ آهي. هڪڙي بلبل جهڙي عورت مسجد جي ڀرسان لنگهي ته خليفا چوندا ته اها عورت سائينءَ جي محبوب آهي هوڏانهن سائين مراقبو ٿو ڪري ۽ حضور ۾ ٿو پهچي. اهڙا مراقبا سڀ ٺڳيءَ جا آهن. ٻيو مراقبو ٽيپهريءَ جو ڪڍن صرف ماڻهن جي ڏيکارڻ لاٰءِ ساري رات رنن سان چاگهيون ڪن ڏينهن جو وري ماڻهن کي هدايتون ويٺا ڪن ۽ ميڇن سان ويٺا ڳالهائين. اهو هنن جو ادب آهي، اڌ رات کانپوءِ ذات ذوالجلال هر هڪ ٻانهي کي سڏيندو آهي ته ياعَبَدِي ياعَبَدي يعني اي ٻانها اوٻانها ته انهن سڏن تي سڏئي نه ڏين ۽ هي ننڊ سمهيا پيا آهن یٰۤاَیُّهَا الْمُزَّمِّلُۙ(۱)قُمِ الَّیْلَ اِلَّا قَلِیْلًاۙ بيٺو پو پڪارين ته ننڊ ۾ ٻڌن ئي ڪين اهڙن افعالن سان انهن جو کورو ڪيئن بچندو جن اهو دل وارو کورو دمن ذڪر سان پچايو تن جي جيئري ئي جاءِ وطن لاهوت لا مڪان آهي ان ۾ هميشه رهندا.
بيت

همچون کوره عشق راشوردين است، هر که اوزين کوره نه بود کودن است.
عشق کي به کوري وانگر شور آهي، جيڪو ان کوري مان نه آهي سو ڪچو يعني احمق آهي.
کوره ازعشق در دل بيغروز سر بسر اين هيزم جان رابه سوز
دل ۾ عشق جي کوري جي باهه اُڀار جسم جي ڪاٺ کي چڱي طرح ساڙي ڇڏ
کوزه را آتش چون روز وشب شود، کوره پخته شودو مطلب شود.
کوري کي رات ڏينهن باهه هوندي ته کورو پچندو ۽ مطلب به ٿيندو.
گرفرزي آتش اورا گاه گاه خام گردند خشتها گردد تباهه
کوري کي جيڪڏهن ڪنهن مهل باهه ڏيندين ته سرون ڪچون ٿي وينديون ۽ کورو تباه ٿي ويندو.
آتش وقتي مراوارا شد زيان، اين چنين امد وصبت عارفان
وقتي باهه سان کوري جو زيان ٿيندو. عارفن اهڙي وصيت ڪئي آهي.

چوڪيدار جي ڳالهه

بادشاهي خزاني تي چوڪيدار مقرر ٿيل هوندا آهن. سامان جي حفاظت سندن فرض هوندو آهي. چوڪيدار اگر سجاڳ هوندو آهي ته چور چوري ڪرڻ همت ئي نه ڪندو جيڪڏهن هو غافل هوندو ته خسيس چور ته کاٽ هڻي مال سامان کڻي ويندو. سرڪار کي جڏهن خبر پوندي ته چور کي سوگهو ڪري سمورو سامان کائونس ڀرائي وٺندا.
ان طرح سان هر هڪ آدميءَ وٽ به دمن جو خزانو آهي. هر هڪ دم ڪتاب جي ورق وانگر آهي. هر هڪ آدمي وٽ دمن جو مڪمل ڪتاب آهي.ان جي پڙهڻ لاءِ خداوند ڪريم قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي ته:

اِقْرَاْ كِتٰبَكَؕ-كَفٰى بِنَفْسِكَ الْیَوْمَ عَلَیْكَ حَسِیْبًاؕ(۱۴)
يعني پڙهه پنهنجو ڪتاب گهڻو پنهنجي دم سان جو اڄ ( قيامت جي ڏينهن توتي حساب ٿيندو اهڙي طرح دمن کي سجايو ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيل آهي.
تنهنجو نفس هر وقت تاڙ ۾ آهي ته جيئن ننڊ اچيس ته سمورو گهر ٻهاري وڃانس. مطلب ته جيڪڏهن پيٽ ڀري سمهندو ته ننڊ اچي ويندس ۽ نفس چور کي وارو لڳي ويندو ۽ دمن وارو شاهي خزانو چورائي برباد ڪندس. مگر جاڳندڙ جو سامان ڪير کڻندو. اهڙي طرح ننڊ ستل جا جيڪي دم اجايا ويا سي مُوٽي ڪين ايندا.


هڪڙي صوفيءَ جي ڳالهه
حضرت رسول الله ﷺ جن کانپوءِ جيڪي شهر اسلام کان رهيل هئا انهن تي ترڪ حمله ڪري پيا فتح ڪندا هئا. هڪڙي صوفيءَ جو رستي تي مڪان هو. لشڪر ان وٽان لنگهندا هئا ۽ وٽس ٿڪ پٽن لاءِ ڪجهه ترسندا به هئا. هڪ دفعي ان صوفيءَ مجاهدن کي چيو ته مان به جيڪڏهن توهان سان هلان ۽ مان ڪو هڪڙو ڪافر ماري ثواب ۽ جهاد ۾ شامل ٿيا. ترڪن چيس ته تنهنجو جنگ ۾ تجربو نه آهي ٿو عمر مڪان ۾ گذاري آهي توکي جنهگ ۾ پاڻ بچائڻ جي خبر نه آهي. تون هن ڪم مان نه ڄاڻين. توکي ڪافر ٻڌي آڻي ٿا ڏيون تون ان کي قتل ڪجانءِ ته توکي ثواب ملندو.
آخر غازي ترڪ ويا ۽ ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ موٽيا ۽ پان سان هڪ ڪافر ٻڌي اُٺ تي کڻي آيا. هن کي ٻڌل ڪافر اچي ڏنائونس پر ان کي مڪان پويان ٻڌي ڦٽو ڪري آيا. صوفيءَ کي هڪ جوهردار ترار هٿ ۾ ڏيئي چيائونس ته وڃ ٻڌل ڪافر کي ماري ثواب جو درجو حاصل ڪر. هي ترار کڻي ويو ۽ گهڻي دير تائين ڪونه موٽيو. ترڪ جو اٿي ڏسن ته اهو ٻڌل ڪافر صوفيءَ کي نڙيءَ ۾ چڪ هنيون دسيون ويٺو آهي صوفيءَ کان پيشاب ۽ پائخانو ڪانچ ۾ وهي ويو آهي ۽ ترار پري پيئي هيس.
ترڪن جو اهو ڏٺو ته ترار کڻي ڪافر کي ماري وڌائون ۽ صوفي کي هٿن تي کڻي مڪان ۾ ڦٽو ڪيائونس.کيس پاڻي وغيره پياري هوش ۾ آندائونس. هوش ۾ اچڻ کانپوءِ پڇيائونس ته توکي ٻڌل ڪافر ڪيئن دسيو. چيائين ته مان اڃان ترار اولاري مانس ته ڪافر جو مون ڏانهن ڏٺو ته منهنجي دل ۾ ڏڪڻي پئجي ويئي ڏڪي ڏڪي ڪري پيس پوءِ خبر ڪانهي ته ڇا ٿيو. اوهان مون کي جيئندان ڏنو آهي.
اهو ڏسي ترڪن کيس مڪان مان لوڌي ڪڍيو. ته تون صوفين ۽ صوفيائپ جي ڏانوَ جو نه آهين. تون وڃي ٽڪاڻي جي ڀر وٺي وڃي ديڳين کي ڪاٺيون سور ۽ ڌامان کاءُ.
حاصل مطلب ته غازي ترڪ حضرت رسول الله ﷺ ۽ پير مولا علي عليه السلام آهن. جيڪي نفس ڪافر سان جنگ ڪندا آهن. نفس جا شهر مسلمان ڪندا آهن. ٻيا فقير عارف به انهن جي ڏسيل فرمان موجب نفس سان جنگ ڪندا آهن. حضور پر نور ﷺ فرمايو آهي ته رَجَعنا مِنَ الجِهَاد الاَ صغَراليٰ جِهادِ الاکبر. يعني اسين ننڍي جهاد موٽيا آهيون وڏي جهاد ڏانهن ملڪي جنگ ننڍو جهاد آهي مگر نفس سان جنگ ڪرڻ وڏو جهاد آهي. ٻيو به جيڪو طالب انهن جي ريس تي صوفي بنجي ذڪر پڇي سنڌن جي پويان ڊوڙي. ننڊان ڪري ۽ مزا وٺي. مرشد عازيءَ ترڪ جيڪا هن کي اسم اعظم جي جوهردار ترار هٿ ۾ ڏني ۽ڪافر نفس به وجود ۾ ٻڌل ڏسيائينس ۽ پوءِ به ذڪر جي ترار نه وهايائين. ته ان ٻڌل ڪافر جو چڪ سندس نڙيءَ ۾ هوندو. پوءِ اهڙو صوفي وحدت جي مئخانه جي لائق ڪونهي. اهو وڃي هندن جي ٽڪاڻن ۾ رهي. جنهن کي ڪافر نفس ٻڌل دسيون ويٺو هو.
بيت
اصغر ڏي آهين گهڻا. تون اڪبر ڏي آءٌ
متان لوڙيو لاهئين. هن مجوسيءَ مٿاءُ
حيدر جي هٿاءُ وڙهه ته ويري مارئين.


بيت مثنويِ
چون ز مرشد برگرفتي تيغ تيز، پيکر اين نفس کافر ريز ريز،
جڏهن مرشد کان تکي ترار ورتئه ان سان هن ڪافر نفس جو وجود پرواز ڪر.
گرتو غالب ميثوي برشوم تن، خاص باشي درحضور ذوالمنن.
جيڪڏهن هن ظالم جسم تي غالب ٿئين ته پروردگار جي بارگاهه ۾ خاص سڏبين
گرتو مغلوب شدي خجل وخوار، کشته کافر وحالت زرزار.
جيڪڏهن هار کاڌيءِ ته خوار ۽ لڄي ٿيندين. ڪافر جو ڪٺل ۽ حالت بري ٿيندءِ
تيغ ذکر اسم اعظم رابزن، کافر مغلوب راهين قتل کن
اسم اعظم جي ترار وهاءِ دسيل ڪافر کي هڻي قتل ڪر.
رستم جوئي برو خنجر بيار، ورنه خودراهمچون آن صوفي شمار
رستم پهلوان آهين. خنجر کڻ .نه ته پاڻ کي اهو صوفي سمجهه
رستم جوئي بزن تيغ آبدار، ورنه همچون مخنثان کون راسپار
رستم آهين ته جوهر دار ترار وهاءِ نه ته کدڙن وانگر ڳُئي ٻين جي حوالي ڪر.

گڏهه ۽ بگهڙ جي ڳالهه

اڳئين وقت ۾ ناري واهه کي بند ڪونه هو. سدائين پاڻي اٿل ڪري پيو وهندو هو. هيٺاهين. جاين تي چاليهه پنجاهه گڏهه ڇيڪ پيا ڇٻر چرندا هئا. اوچتو ۾ هڪ بگهڙ اچي هريو. جيڪو لوهه ڏيئي گڏهه ماري پيو کائيندو هو. جڏهن هڪ گڏهه بچو تڏهن گڏهه به بگهڙ کي اک ۾ رکيو. بگهڙ به هر وقت گڏهه کي مارڻ جي تاڙ ۾ هوندو هو. گڏهه به سمجهيو ته هي ته ماري آهي جنهن منهنجا سڀ سنگتي ماري کاڌا آهن. گڏهه پڌر تي پيو چرندو وتي ۽ ٽيڏي اک سان نظر بگهڙ ۾ هجيس . ڪنهن وقت گڏهه چنو پي ته بگهڙ اچي سامهون ڪوهه ڪيس. گڏهن جي مرڻ کپڻ جو هن کي به ساڙ هو سو وات ڦاڙي کڻي بگهڙ کي ڪنڌ ۾ چڪ وڌائين. پوءِ ته بگهڙ گڏهه جي وات ۾ هو. بکن جي ڪري گڏهه به سڪي تاڙو ٿي ويو. بگهڙ جو پويون اڌ گڏهه دڙهن سان کوهي ڇڏيو. باقي صرف بگهڙ جو ڪنڌ وات هجيس گڏهه به خوف کان وات ڪڍي ئي ڪونه پيو متان بگهڙ جئيرو هجي ۽ حملو ڪري پوءِ ماڻهن ڦاسائي گڏهه کي ورتو ۽ وات ۾ ڪاٺيون ڏيئي بگهڙ جو ٽڪرو گڏهه جي وات مان ڪڍيائون ان کانپوءِ گڏهه کائڻ پيئڻ لڳو.
ڏسو ته گڏهه ڪيڏي نه همت ڪئي، جو پنهنجو ماري ماري وڌائين. هن بي همت صوفيءَ کان ته اهو.گڏهه ڀلو هو جنهن دشمن کي ماري وڌو. هاڻي به جيڪو صوفي نفس جو ماريل آهي ته اهو صوفي نه سڏائي اهو ان گڏهه کان به گهٽ آهي.

بيت مثنويِ

اسلام اي صوفيان کم همت، اي شمايان ننگ آدم در صفت
همت آموزيد زاين خربي بها، که اوز چنگي گرگ يا بيدرها.
اي ڪم همت صوفيو. اوهان صرف آدمي جي صفت ۾ ٿا سڏجو.
ان اَملهه گڏهه کان همت سکو. جنهن پنهنجي دشمن بگهڙ کان جند ڇڏائي.

حضرت موسيٰ ۽ خواجه خضر جي ڳالهه

حضرت موسيٰ طور سينا تي الله کي عرض ڪيو ته مالڪ مون کي لدني علم عطا ڪريو. حضرت موسيٰ کي الله خضر عليه السلام ڏي موڪليو. پوءِ ان سڪ ۾ خواجه خضر کي ڳولي لڌائين. اچڻ وقت خواجه خضر چيس ته اگر توکي علم سکڻو آهي ته مون کان ڪنهن به ڪم جي باري پڇا نه ڪجانءِ پو پاڻ ۾ گڏجي هليا. ته درياءَ ۾ هڪ رن زال جي ٻيڙي درياه مان پار ٽپاين. مگر ڪپر تي بيهي خواجه خضر عليه السلام ٻيڙي جي تري ۾ لت هڻي هڪ تختو ڀڃي وڌو. اهو ڏسي خواجه خضر کي حضرت موسيٰ عليه السلام چيو ته هي ناحق ڇو ڪيئه خضر عليه السلام چيس ته پوئتي موٽ. جنهن تي موسيٰ عليه السلام منٿون ڪيس ته وري ڪونه ڪڇندس. ٿورو پنڌ ڪيائون ته هڪ ننڍو ڇوڪرو گڏين. جنهن کي خواجه خضر عليه السلام چماٽ زور هڻي ماري وڌو. موسيٰ عليه السلام چيس ته وري هي ٻيو ناحق ڇو ڪيئه حضرت خواجه خضر چيس ته مان توکي بروقت چيو هو ته مان جيڪي به ڪيان تون پڇجانءِ نه هاڻي پوئتي موٽ. وري موسيٰ منٿون ڪري مڃايس ۽ گڏجي اڳتي هليا ته هڪڙي شهر ۾ ڦٽل جاءِ ڏٺائون ۽ ان جي ٺاهڻ لاءِ سرون وجهڻ شروع ڪيائون. آخر ٻارهن مهينا ڪم هليو. جاءِ تيار ڪيائون موسيٰ اچي ڪڪ ٿي چوڻ لڳو ته منهنجا ته ڪم لاهي ڇڏيئه ڪمائي ڪمائي بنڊ نڪري ويو آهي ماني پاڻي ڏيڻ وارو به ڪونه آهي. مان اهڙي علم سکڻ کان بس ڪئي مون کي گذريل ڪمن جو مطلب سمجهاءِ ته مان واپس ٿو وڃان.
خضر عليه السلام چيس ته ٻيڙي ان ڪري ڀڳم جو هڪ ظالم بادشاهه ٻيڙا مارائينو پي. آيو هيءَ ٻيڙي رن زال جي هئي ۽ ڀڳل ٻيڙي ڏسي. بادشاهه ڪهرائي نه ويندو. سموري ٻيڙي رن زال ڪٿان ٺهرائي ها مگر هڪ تاڪي آساني سان ٺهرائي سگهندي ڇوڪرو ان ڪري ماريم جو ان جو ماءُ پيءُ بهشت ۾ هئا هي سامائجي ها ته بر اڪم ڪري ها. جنهن ڪري سرڪار الاهي سندس پيءُ ماءُ کي بهشتن مان تڙي ڪڍن ها هن جي گناهن جو اثر سندس مائٽن تي پوي ها. جهڙي طرح صالح اولاد جو درجو آدم تائين پهچي ٿو. ۽ حديث موجب خون جي ڏوهه جو اڌ قابيل کي ملي ٿو.
هيءَ جاءِ ان ڪري ٺهرايم جو هن جا مالڪ حج تي ويل آهن خزاني جون ٻه ديڳون هت پوريل آهن. جاءِ جا نشان ڊهي وڃن ها ته هنن کي پسئه ڪونه لڀن ها هاڻي هو هيڏي اچڻ وارا آهن اهو ٻڌي حضرت موسيٰ علي السلام واپس موٽيو.
سوال: ذات ذوالجلال حضرت موسيٰ جهڙي پيغمبر کي خضر عليه السلام ڏانهن ڇو موڪليو؟
قرآن ڪريم ۾ ذات حق پاڪ حڪم ڏنو آهي ته باخبر علم وارو عارف جيڪڏهن ظاهر ۾ اڍنگو هلي ته پڪ سمجهو ته ان جو حق سان وصل آهي. اهو علم لدني جو مالڪ آهي ظاهر ۾ بي دينو ٿو ڏسجي مگر اندران سڄوئي دين حق ۾ مستغرق آهي. لاخوف عليهم والايحزون هن جو شان آهي هن. کي ڪابه پرواهه ڪانهي هو ڏوهه ثواب کان گهڻو مٿي آهي.
قرآن ڪريم ۾ اهڙي تلقين آهي ته فَسْــٴَـلُوْۤا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَۙ(۴۳) جيڪڏهن توهان نٿا ڄاڻو ته اَهْلَ الذِّكْرِ وارن کا ن پڇو حقيقت ۾ نبي ۽ عارف هڪجهڙا آهن. مسلمان انهن کان فيض ته ڪونه ورتو رهندو انهن سان لڙيا.
اول ۾ شاهه منصور کي سوليءَ تي چاڙهيائيون. شمس الحق تبريزيءَ جي کل لاٿائون. شيخ ابو العباس ۽ شيخ هيڪل نجم الدين کبريٰ کي شيعن قتل ڪيو. معروف ڪرخيءَ کي به شيعن قتل ڪيو. سنڌ ۾ شاهه ڪرمل، بلاول، صوفي شاهه عنايت، غلام محمد وڻجارو، عبدالرحيم گرهوڙي کي شهيد ڪيائون. بلاشاهه کي به مسلمانن قتل ڪيو. مسلمانن اهو ڄڻ الله بادشاهه جو چوڻ ورتو مصر ۾ ذوالنون مصريءَ کي ست سال قيد ڏنائون. آخر هن زماني ۾ به فولاد علي فقير کي به جيل ڏياريائون. ڏنڊ ڀرايائونس. تعدير ڏياريائونس اهي سڀ ڪم مسلمانن ڪيا.
جيئن حضرت موسيٰ ۽ خواجه خضر جي ڳالهه آهي اسان به ائين مسلمانن جي هدايت لاءِ آيا هئاسون. مگر هنن نه ڄاتو جيڪي اسان جا مخالف هئا سي سڀ تباهه ٿي ويا انهن جون قبرون به لتڙ ۾ آهن مٿئون ڪت ٿا مٽن فقير ته خوش چڱو ڀلو ويٺو آهي. فقير جو نالو هند، سنڌ، عرب، ايران ۾ عشق شهنشاهه مشهور ڪيو آهي. هر هنڌ ماڻهو پيا ٿا اسان جو پڇن مگر هنن شريعت وارن کي ته ڳوٺ کان ٻاهر ڪير سڃاڻي به ڪونه ٿو. هنن کي اسان سان نفساني حسد هيو. اسان سان شريعت جو بهانو ڪري لڙيا شريعت کي ته پاڻ ئي پوريءَ طرح ڪين ڄاڻندا هئا. انهن ملن ۾ حرام ۽ حلال هڪجهڙو هو. پراوا مال ڦرڻ چوري ۽ زنا انهن لاءَ حلال هئي.
بيت

درد شريعت بود هر آنچه حلال
در طريقت بود همه مردار
جيڪي شريعت ۾ حلال آهي .اهو طريقت ۾ سڀ حرام آهي.
شمس الحق ۽ منصور سان جيڪي قاضي مفتي لڙيا انهن جو ڪونانءُ نيشان آهي يا ڪا قبر يا ڪوزيارت گاهه آهي. مگر جن کي بي شريعتو سمجهي قتل ڪيائون انهن وٽان بيمار ڇٽا وڃن هزارين سوالي اچن مطلب ۽ مرادون حاصل ڪن.
هڪڙو نمازي شر هو. جيڪو فقير غلام حيدر سان لڙندو هو پوءِ ان جي پوٽي کان پڇيوسين ته تنهنجو ڏاڏو نيڪ نمازي هو سندس قبر ڪٿي آهي. سندس قبر ڏيکار ته توکي انعام ڏيون. مگر جواب ڏنائين ته مون کي خبر ڪانهي. پوءِ اسان وٽ هڪ حجم ڇوڪرو آيو جنهن کان پڇيوسين ته فقير غلام حيدر شر جي قبر ڪٿي آهي. ته جيائين ته هلو ته ڳوٺ ۾ ڏيکاريانوَ. فقير جي قبر تي عاليشان روضو ٺهيل آهي ۽ زيارت گاهه آهي.

ساري رات سبحان جاڳي، جن ياد ڪيو.
ان جو عبدالطيف چئي.مثيءَ لڌو مان.
ڪوڙئين ڪن سلام. اچي آتڻ ان جي.
( شاھ
شريعت ۽ معرفت الاهي جو اهو فرق آهي. تڏهن ته حضرت موسيٰ شريعت جي پيغمبر کي الله پاڪ . معرفت واري خواجه خضر ڏانهن علم لدني سکڻ لاءِ موڪليو هو.
بيت

چون گرفتي پيرهن تسليم شو. همچون موسيٰ زير حکم خضر شو.
جڏهن دامن ورتي اٿئي ته تسليم به ڪر، موسيٰ وانگر خضر جي حڪم تي هل
صاحب علم لدني خضر راه مرگدائي راکند چون بادشاهه
علم لدني جي مالڪ خضر جو طريقو گداگر کي بادشاهه ٿو ڪري.
مرشد بايد که چون رهبر شود غير مرشد کار ها ابتر شود.
مرشد اهڙو هجي جيڪو رهبر ٿئي، غير مرشد کانسواءِ سڀ ڪم خراب ٿيندا.
مرشد که اوصاحب معراج تاجه. که اوبود حاجت روا خود لااحتياج.
مرشد اهو. جيڪو معراجي تاج جو مالڪ هجي جيڪو ٻين جو حاجت روا هجي ۽ پاڻ بي پرواهه هجي.
همچون وحي حق بود اوپيشوا، هم دراين معراج معنيٰ رهنما
وحي وانگر حق جو نمائندو هجي. هن معنيٰ جي معراج ۾ رهبر هجي.
تابه هفتم آسمان يکسر رود، طالبش با اووادهم برهم شود
ستين آسمان تائين هڪدم وڃي طالب ۽ پاڻ گڏ هڪٻئي سان وڃن ٿا.
غير رهبر اهل دل بينانه شد. همچون موسيٰ سينئه ش سينانه شد.
مرشد کانسواءِ دل وارو ڏسندو ڪين. موسيٰ وانگر ان جو سينو طور سينا نه ٿيندو.

ملان ۽ ميت جي ڳالهه

هڪ سال نوشهري ۾ وبا جي بيماري پيئي بيماريءَ جي ڀوَ کان گهڻا ماڻهو بيمار مٽ ڇڏي هليا ويا. هن بيماريءَ جو اهڙو خوف آهي جو ماڻهو بيمار گهر جي ڀاتين کي ڇڏي هليا ويا. جيڪي پويان مري ويا. ان ڪري شهر جي صوفي شاهه نصير ڳڻ ڪئي ته مسلمان جي لاشن کي ڪفن ڏياري دفن ڪجي. هڪ ملان کي گهرائي هر هڪ جي لاش کي غسل ڪفن دفن ڪرائڻ جي مزدوري 5 روپيه مقرر ڪيائين ملان کي همراهي لاءِ پنهنجا ٻه ٽي فقير به گڏي ڏنائين. ڪنهن لاشي جي چيلهه سان پئسه ٻڌل پيا لڀن ته ڪن جي کيسن مان پئسه پيا لڀن.
هڪ ميت هو جيڪو ڀت کي ٽيڪ ڏيون ڪن تي هٿ رکيون ويٺو هو.اتي ئي ساهه نڪري ويو هوس ۽ سڪي ويو هو ملان ميت کي غسل ڏياري ڪن تان هٿ لاهي ڇڪي پٽيءَ سا چيلهه سان ٻڌائينس جيئن قبر ۾ لاٿائون ته ملان ميت جو منهن ڪعبه ڏي ڪري چيلهه واري پٽي ڇوڙي ملان جا پٽي نوڙي پي ڇوڙي ته ميت جي ٻانهن ڏوڙي هئي ساڇڙڻ سان ملان جي ڳراٽيءَ ۾ پئجي ويس. ملان وٺي دانهون ڪيون قبر ۾ ڌوڙيو ٿي ويو. ڪانڌي فقير به ڀوَ کان ڀڄي ويا. ۽ وڃي شاهه نصير کي اطلاع ڏنائون ته سائين ملان ۽ ميت وڙهي پيا آهن شاهه نصير اچي ڏسي ته ملان ڀوڪي ڪبر ڀري ڇڏي آهي، ملان کي هڪ وبا جو خوف هو ويتر جو ملان کي ميت جو ڪنڌ ۾ ٻک پئجي ويوان ڪري ملان ته مري ويو شاهه نصير چيو ته ملان کي به ان ميت سان گڏ دٻالٽ ڪيو وڃي. ائين ڪيو ويو. ملان کي نه تڙ نه ڪفن نه جنازي نماز ٿيس. ڀلا تڙ ۽ جنازي وارو ملان پاڻ هو اهي ڪم ٻيو ڪير ڪري ملان کي ميتن وارا پيئسه به ور ۾ پيل هئس. انهن سميت دٻالٽ ٿي ويو.
حاصل مطلب ته جيڪو آدمي سڄي عمر لالچ ۽ ڪمائي ۽ حرص ۾ رهندو ۽ خدا کان غافل رهندو ته اوچتو نفس ٻک هڻي کڻي کڏ ۾ ڪيريندس ۽ سر وڃائي ڇڏيندس. جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ بچائڻو آهي ته خدا جي ياد کان غافل نه رهي.
بيت

نفس سر کش بي رياضت رهنما کئي شود ازدهان فرعون رادرکن عصا کئي ميشود
ظالم نفس رياضت کانسواءِ رهنما ڪيئن ٿيندو.ازدهان بلا فرعون لاءِ هٿ ۽ عصا ڪيئن ٿيندو.
بلاست نفس عنان زدست عقل گرفت عصا چون از کف موسيٰ افتاد ثعبان شود
نفس بلا آهي ان کي عقل سان وٺ. لٺ جڏهن موسيٰ جي هٿ مان ڪري ته نانگ آهي.
عنان نفس زکف دادن بصيرت نيست، سگ دردنده اسير قلا وملي بايد
نفس جي واڳ هٿان ڇڏڻ دانائي نه آهي. پٽڻو ڪتو زنجيز ۾ ٻڌڻ گهرجي.
عنان نفس سرکش گريگري که درد روز جزا شرمنده نه باشي.
ظالم نفس جي واڳ وٺندين ته قيامت جي ڏينهن شرمندو نه ٿيندين.

هندو بت پرست جي ڳالهه

هڪ هنڌو ڏٺوسين ته هڪ هندوءِ کي ٻيا سڀ هندو. پيا مارين. اسان کانونس پڇيو ته توکي ڇو ٿا مارين دانهن به ڪونه ٿو ڪرين. هن چيو ته مون اهو گناهه ڪيو آهي جو تور ڪندي وڏي بت جو نالو کنيو آهي. اسان ۾ قائدو آهي ته وڏي بت جو نالو اهو کڻي جيڪو گهر ٻار ڦرائي صفائي ڪري. تڏهن ان نالي کڻڻ جو لائق ٿيندو. اهوٻڌي اسان کي عجب لڳو ته هي هندو ٿي ڪري بتن جو ڪيڏو ادب ٿا ڪن مسلمان اهڙا آهن جو ڄاڻي واڻي پراوا حق به کائن ۽ قرآن پاڪ به کڻن ذات حق پاڪ جو قسم به کڻ هن دن کي بت جو ڪيڏو ادب آهي مسلمان مانيءَ جي ٽڪر تي ٻنهي جهانن جي بادشاهه جو قسم به کڻي وڃن.

جت جي ڳالهه

گمبٽ ۾ تورتان هڪ جت جو سوئو چورائجي ويو. سڀني جتن کي الله رسول جا قسم ڏنائين ته به سوئو ڪنهن ڪونه ڏسين آخرت جت چيو ته پير صالح شاهه دا قسم هوي ميڪون سوئا ڏسو. جيڪو نه ڏسيسي ته اهن ڪون پير صالح شاهه پڄسي.
اهوٻڌي سوئي کڻڻ واري چيوته ته ايجها قسم نه گهت قهر نه ڪرين. گِهنِ آپڻا سوئي کڻڻ واري گهر اچي تانهريءَ جي ديڳ خيرات ڪئي ته متان پير اچي هي حال آهي مسلمان جو پير کان ڊڄن ٿا نه الله کان ٿا ڊڄن نه رسول الله ﷺ کان نه ڪلمه کان نه قرآن کان.
اهو مالڪ الملڪ جيڪواهڙا هزارين پير پيو ٺاهي ۽ ماري عام مسلمان وٽ ذات حق پاڪ جو اهو قدر آهي جو الله کي پيرن کان به گهٽ ٿا سمجهن.
بيت

اين مسلمان حميت دين چون هنود مي نه دراند عزت حق در وجود
اين مسلمانان که نام حق تعاليٰ کم شمارنداز بزرگان وکسان

هي مسلمان دين جا مددگار هندوءِ جيترو احترام به وجود ۾ نٿا رکن
هي مسلمان ته حق تعاليٰ جي نالي کي پيرن ۽ ماڻهن کان به گهٽ ٿا سمجهن.

شينهن بگهڙ ۽ لومڙ جو بيان
هڪ شينهن شڪار لاءِ بگهڙ ۽ لومڙ ساڻ کنيا شينهن وڃي ڳئون ماري بگهڙ ٻڪري ماري ۽ لومڙ سيهڙ ماريو. پوءِ شينهن بگهڙ کي چيو ته ورهاست ڪر. بگهڙ چيو ته قبلا هر ڪنهن جي شان آهر شڪا موجود آهي. ڳئون توهان کي ٿي سونهين .ٻڪري اسان جو کاڄ آهي.سيهڙ لومڙ کي ٿا ڏيون
ان ورهاست تي شينهن کي ڪاوڙ لڳي ۽ بگهڙ کي چنبو هڻي ماري وڌائين. پوءِ لومڙ کي چيائين ته هاڻي تون ورهاست ڪر. لومڙ کي بگهڙ جي سزاياد هئي تنهن ڪري چيائين ته قبلا سيهڙ سائين جن جو ناشتو آهي بڪري ماجهاندي لاءِ ۽ ڳئون توهان رات جو کائجو شينهن پڇيس ته باقي لومڙ تون ڇا کائيندين. لومڙ چيو ته سائين توهان کاڌو ته اسان کاڌو. تنهن تي شينهن چيس ته تون اهڙو عقل ڪٿان سکئين.هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته سائين اهو عقل بگهڙ جي سزا ڏسي سکيو آهيان. تنهن تي شينهن چيس ته هليو آءُ تون منهنجو آهين مون سان هليو آءُ.
حاصل مطلب ته جيڪو آدمي ذات ذوالجلال جي اڳيان پنهنجو پاڻ ۽ هئڻ ڀائيندو ته ان سان بگهڙ وارو ڪم ٿيندو. جيڪو نفس کي ذات حق جي اڳيان فناءَ ڪندو ته لومڙ وانگي ذات حق پنهنجو ڪندس.
بيت

جمله هستيها به پيش اوگذار چون توئي کي اندرين بحر کا مگار
قطره راپيش بحر لافش غلط ، گم شدن واجب ترابا شد فقط،
چون ستاره پيش خورشيد ازل شو فنا کن جسم کلي ربدل،

هئڻ ۽ هستي مالڪ اڳيان ڦٽي ڪر تڏهن تون ان بحر۾ ڪامياب ٿيندين.
قطره جي سمنڊ اڳيان ڊاڙ غلط آهي. توکي فقط ان ۾ گم ٿيڻ واجب آهي
ستارن وانگر سج اڳيان فنا ٿيءُ ۽ سارو جسم نذرانو دل سان ڏي.

اُٺ جي ڳالهه

هڪ شخص اٺ تي بار کنيون وڪڻڻ لاٰ ءِ ناري کڻي ويندو هو اتان واڻ ۽ پيسا آڻيندو هو ان طرح سندس گذارن ٿيندو هو هڪ دفعي سندس اٺ رستي ۾ بار هوندي واءُ جي بيماي سبب مري ويو.هي ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ رنو آخر سوچيائين ته اٺ ته سڄو سارو سلامت پيو آهي.هنبي ڪهڙي شيءَ هئي جيڪا مون کي به کڻي پيئي ۽ بار به کڻي پيئي هاڻي هنمان اها سيءِ نڪري ويئي آهي ته اٺ جو سارو جسم بيڪار پيو آهي
ان هن آدمي جيو بوتو به اٺ وانگر آهي جنهن ۾ ذات الاهيءءَ جي نور مان ذرو پيل آهين جنهن سان دنيا جا ڪاروبار حڪمتون جنگيون جهيڙا ڪندو ٿو وتي جڏهن اهوذرو نڪري ٿو وڃي ته پوءِ بيڪار لاش يعني ڪجهه به نه ٿيو پوي.
بيت

کاين وجدت چون شتوپر بار گير ليک دروي حاکم ذات بصير
هي تنهنجو وجود به اٺ وانگر بارکڻندڙ آهي پر ان ۾ ذات حق موجود آهي.
چون شُود بيرون شوي مرده ابد . همچون هيمان بي نقد بيکار رد
جڏهن ان مان ذات نڪتي ته مردو ٿيندو خالي ٻٽون وانگر بيڪار رد ٿيندين
پس شانس ذات خود راد ر وجو د موتو قبل موت او باشد نمود
پوءِ پنهنجي وجود ۾ ذات کي سڃاڻ مرڻ کان اڳي مرڻ ان کي ڏيکار.
گربه ميري همچون عام،ه چون سگان حق نه داني کور باشي ازدر گاهه
عامن وانگر هئين ته ڪتو ٿي مئين حَق کي نه سڃاتئه ته درگاهه کان انڌو رهجي وئين
گربه ميري پيش مرگ اي نامداري، تابد نامت پائدار
اي نامدار موت کان اڳ مئين ته قيامت تائين تنهنجو نالو زنده رهندو
چون تولا گردي بقايان تمام فاني حق شوبدان اين وسلام
جيڪڏهن تون لا ٿيندين ته بقا لهندين حق ۾ فناءِ کاءُ ته اهو ڪافي اٿيئي

بادشاهه محمود ۽ غلام جي ڳالهه

هڪ دفعي شاهه محمود ڪاهه ڪري هندستان فتح ڪيو بادشاه پاڻ حسن پرست هو اتي هڪ حسين ڇوڪرو ڏٺو جنهن تي عاشق ٿي پيو آخر ان کي خريد ڪيائين ۽ کيس غزنيءَ وٺي ويو هن جي خدمت لاءِ ڪيترائي نوڪر بيهاريائين هڪ ڏينهن بادشاهه هن کي سڪ ۽ پيار مان کڻي پاڻ سان تخت تي ويهاريو. ڇوڪرو تخت تي ويهڻ سان روئڻ لڳو. روئيندي تخت تان ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. آخر جڏهن هوش ۾ آيو ته بادشاهه پڇيس ته تون ڇو روئي تخت تان ڇو ڪري پئين؟ چيائين: مون امڙ ياد پيئي هئي، افسوس جو غلام تخت تي ويهڻ ۾ عزت نه سمجهي ۽ ماءُ کي ياد ڪري ڪِري پيو.
حاصل مطلب ته شاهه محمود ذات ذُوالجلال آهي هندستان هي دنيا جو جهان آهي غزني مٿيان آسمان اٿس ٻانها ۽ نوڪر هي آدمي آهن شاهه محمود ته ٻانهن تي گهڻو ئي رحمان ۽ مهربان آهي. غلامن تي گهڻي ٻاجهه اٿس پر هنن کي امڙ نفس جي ياد کينو ٿي وڃي هڪدم قرب الاهي جي تخت تان هيٺ ڪري ٿا پون. ڪم عقلي جي ڪري هن کي قرب الاهي به گهٽ ٿو نّظر اچي،

هڪ بادشاهه جو ڪتي سان شوق

هڪ بادشاهه کي ڪتي سان شوق هو. کيس ڳانيون. ۽ مڻڪا پاريا هئائين. هڪ دفعي پاڻ ڪتي کي ڪاهي شڪار تي نڪتو. ٿورو اڳتي هليا ته ڪتي ڍونڍ ڏٺو هنن مان ڇڏائي وڃي ڍونڍ کي چنبڙيو نڪرن کي به ڏاڙهي پيو. ۽ آخر بادشاهه ويس ته ان کي به ڏاڙهڻ لڳو ڍونڍ تي اچي بيرائو.
حاصل مطلب ته ڪتو هي نفس آهي جيڪو وڏي بادشاهه جو ڌاريل آهي مگر ان کي وساري الله کان منهن موڙي دنيا جي ڍونڍ تي ريجهي پيو آهي. هن جو شڪار آهي. خوديءَ کي کائڻ پاڻ کان بيخود ٿيڻ اهو شڪار ڪونه ڪيائين گمراهي اختيار ڪرڻ ۽ مالڪ کي نه سڃاتائين پٽڻ برابر آهي.
بيت

اين سگ بريجيفهءِ دنيا ودون مکيند برجيفئه سرخود رانگون
هي ڪتو هن دنيا جي ڍونڍ جي لالچ تي پنهنجو سر ٿو وڃي کوڙي
ازبراءِ جيفه دندان تيز کرد او گريزن دهن خود خونريز کرد
ڍونڍ لاءِ ڏند تکا ٿو ڪري ان جي ڪرٽڻ سان پنهنجو وات رت ۾ ٿو ڀري.
ناشنا سد خويش بيگانه کدام شه فراموش کرد خدمتها تمام
بي شناس پنهنجي پرائي کي ڪونه ٿو سڃاڻي بادشاهه جي ڪيل خدمت وساري ڇڏي اٿس
اين بهر جيفئه دنيا بطال آدمي گم کرد روئي ذُوالجلال
هن ڪوڙي دنيا جي لالچ لاءِ آدمين ذات ذوالجلال کان منهن مٽائي ڇڏيو آهي.
حال وصال ووجدراگم کرده است روئي اندر جيفئه آورده است
حال وصال ۽ وجد کي گم ڪيو اٿس منهن اچي ڍونڍ ۾ هنيون اٿس
شاهه اعظم جمله خدمتهائي او. کرد نسيان جيفئه شده وائي او،
وڏي بادشاهه جون سڀئي خدمتون وساري ڍونڍ تي ڪريو آهي ان لاءِ افسوس ۽ واءِ واٰءِ آهي.

شاهه محمود بادشاهه ۽ اياز جي ڳالهه

بادشاهه محمود غزنوي محبت مان پنهنجو شاهي تخت ۽ حڪومت اياز غلام جي حوالي ڪئي. مگر هن انڪار ڪيو ۽ روئڻ لڳو. بادشاهه پڇيس ڇو ٿو رئين چيائين جي بادشاهي وٺندس ته بادشاهي ڪمن ۾ مصورف ٿي ويندس ۽ توکان پري ۽ جدا ٿي ويندس ان ڪري اهڙي حڪومت مون کي نه گهرجي.
ان طرح فقيرن عارفن کي الله دنيا جو جهان انعام ۾ ڏيئي ته به هر گز قبول نه ڪنداسون
بيت مثنوي

از دو عالم ترديدار يار. درو وصال حق نورزدهيچ کار
يار جو ديدار ٻنهي جهانن کان وڌيڪ آهي. حق جي وصال بدران ٻيو ڪجهه به قبول نه ڪندا
اين حڪومت چيست آن ضعيف از مگس کمزور باشد آن نحيف
هي حڪومت ڪهڙي آهي جو ضعيف آهي مک کان به ڪمزور ۽ هيڻِي آهي.
بين حڪومت عارفان عاشقان. درد مندان رادو اشد خاک ان
عارفن ۽ عاشق جي حڪومت ڏسو. جو انهن جي خاڪ مريضن لاءِ دوا آهي.
چشم بکشابين بطرف اولياءِ خاک ايشان درد مندان رادوا.
اکيون پٽ ۽ اوليائن ڏانهن انهن جي خاڪ بيمارن لاءِ دوا آهي.
ان شنيدي بو الحسن خرقان را شد سوار شير هيزم گش روا
ان ابوالحسن خرقانيءَ جوٻڌي اٿيئي جو شينهن تي چڙهي ڪاٺيون کنيون ايندو هو.
تازيانه کرد مار زهر ناک که اززهوش جسم خاک افتد هلاک
زهريلو ناگ لڪڻ ڪري کڻندو هو جنهنجي زهر سان خاڪي جسم فنا ٿئي ٿو.
تونه ميدان که هر شخص کي هست هم سواري ميکند برشير مست
توکي خبر نه آهي ته جيڪو مرد آهي سو مست شينهن تي سواري ڪري سگهي ٿو.

سلطان ادهم بن ابراهيم بلخي رحه

سلطان اد هم بن ابراهيم بادشاهي ترڪ ڪري درياءِ جي ڪپ تي جهوپڙي ٺاهي. اتي رهندو هو. هڪ دفعي اتي ويٺي پنهنجي گودڙي ٿي سيبيائين ته سندس اڳين وزيرن مان هڪ وزير اچي لنگهيو جنهن کيس چيو ته ڏسو ته بادشاهي ڦٽو ڪئي اٿس ته ڪيڏو نه تڪليف ۾ ٿو گذاري ائين چئي وري چوڻ لڳس ته هل هلي پنهنجي بادشاهي سنڀار خواه مخواه تنگ دستيءَ ۾ ويٺو آهين. اهو ٻڌي سلطان سئي کڻي درياه ۾ اڇلي وزير کي چيائين ته سئي ڪڍي ڏي وزير چيس ته هل ته هلي هزارين سيون وٺي ڏيانوَ سلطان چيس ته مونکي ساڳي سئي کپي. وزير معذرت ڪئي ۽ چيائينس: درياه مان ساڳي سئي ڪيئن لڀندي آخر ادهم سلطان مڇين کي حڪم ڪيو ته ساڳي سئي ڪڍي ڏيو. جنهن تي درياه جي ڪپ سان ڪيتريون ئي مڇيون سونيون سيون کڻي اچي اڳيان بيٺس.بادشاهه پنهنجي سئي سڃاڻي هڪ مڇيءَ جي وات مان ڪڍي ورتي.وزير کي چيائين ته ڏس ته هيءَ بادشاهي وڌيڪ آهي. جو پاڻِيءَ جا جانور به حڪم ٿا مڃين يا هوءَ بادشاهي وڌيڪ آهي. جنهن تي وزير شرمسار ٿيو.
بيت مثنوي

آنکه اوحق منظور جان مرغ تابع امرش بدان
جنهن کي جان حق تعاليٰ منظور ڪئي پوءِ پکي خواه مڇيون ان جي حڪم ۾ هونديون.
چونکه اوز دغوط اندر بحر نور. هر دو عالم زير فرمانش عرش وحور
جڏهن ان نور جي درياهه ۾ ٽٻي هنئين ته پوءِ ٻيئي جهان عرش ۽ حورون ان جي حڪم ۾ آهن.
کوهه قاف باغ بستان سراءِ زير حکمش چونکه شد درحق فنا
کوهه قافه جبل باغ باغيچا ۽ جهان جڏهن حق ۾ فنا ٿيو ته سڀ حڪم ۾ هوندس
چون فنا شد ماند آن باقي خدا. جسم وجان گشته فنا اندر بقا
هي فنا ٿيو ته باقي خدا رهيو. سندس جسم ۽ جان بقا ۾ فنا ٿيو.
قطره چون دربحر گشته ناپديد عين دريا گشت دربحر رسيد
ڦڙو سمنڊ ۾ گم ٿيو ته ساڳيو درياهه ٿي ويو. درياهه ۾ پهچڻ سان

شيخ شبليءَ جي ڳالهه

شيخ شبليءَ جا چاليهه حج ڪيل هئا عشق ۾ اچڻ کانپوءِ سندس ڀرسان ڪا گبرن جي مڙهي هئي. جتي سارنگيون ڌڪڙ پي وڳا. ته ناچو به پي نچيا.گبرن باهه کي طواف پي ڪيو. فقير سروز ٻڌڻ سان مست ٿي پيو. چيلهه ٻڌي گبرن سان جهمر هڻڻ لڳو. اهو ڏسي ڪنهن چيس ته چاليهه حج ڪاڏي ڪيئه ؟ چيائين: اهي حج انهن سروزن ۽ ناچن تئون گهوري ڇڏيم وري سوال ڪندڙ چيس. جهمر به گبرن سان ٿو هڻي. فقير چيس ته توکي گبر ٿا ڏسڻ ۾ اچن مگر مان رڳي ذات ٿو ڏسان .قرآن ۾ ڪونه ٻڌو اٿئي ته فاينما تُولو فثم وجه الله اڳي اها خبر ڪانه هيم تڏهن چاليهن حجن تي خرچ ڪيم نه ته اهي سڀ پئسه هٿ مڙهيءَ ۾ ڪڻاهه پرساد ۽ ڀنڊاري ۾ ڏيان ها. پر منهنجو وس نه هو حديث، السماع معراج الاولياءُ يعني ويراڳ ولين جو معراج آهي. جو ٻڌڻ سان بوتي کي باهه لڳي وئي ۽ مڙهيءَ کي خود بيت الله ڏٺم عامي ڪعبي کان بيزار آهيون.
مصرع

ڪعبه وڃن ڪيئن ڪاپڙي، جيڪي عام کان آجا ٿيا.
بيت رومي رحه

کعبه وبت خانه يکسان شوند چون نظير بر ذات آن يزدان شود
ڪعبي ۽ مڙهي ٻئي هڪجهڙا ٿين ٿا جڏهن نظر ان ذات حق پاڪ تي پوي ٿي..
کيست اندر کعبه بتخانه نيست غيز حق دردن آستانه
ڪعبه ۽ بت خانه ۾ ڪير آهي ان آستاني ۾ الله کانسواءِ ٻيو ڪير نه آهي.
کافر ومومن همه ازنور حق ميشود يکسان به معراج فلک
ڪافر ۽ مومن ٻيئي حق جي نور مان آهن آسماني معراج سان هڪجهڙا ٿا ڏسجن
کفر دين خود محض ذات ذو الجلال اين خبراور اکه صاحب وجد حال
دين ۽ ڪفر صرف ذات ذّوالجلال جا آهن هي خبر وجد حال جي صاحبن کي هوندي
کافر ومومن دوباشد ازدوني احولي باشد همين مائوتوئي
ڪافر ۽ مومن دوئي جي ڪري ٻه ٿيا آهن. اها ٽيڏائي مان ۽ تو ۾ آهي.
من وتو چون رفت ماننديک خدا غير حق گرد فنا ذاتش بقا
مان ۽ تون جڏهن وئي ته هڪ خدا وڃي رهندو غير فنا ٿيندو باقي ذات رهندي
احولي اين قيد جسم وجان بود چون رهد ازجسم پس يزدان شود
ثيڏائي هن جسم جو قيد آهي. جڏهن جسم جي قيد مان نڪتو ته الله ٿي پوندو
فاينما تولو فثم وجه الله بين توشوري بعد از لهو حق اليقين
جيڏانهن نهاريندي ته الله ڏسندين جسم جي بازي کانپوءِ حق اليقين ٿيندين۔
راند جسم جي مشغولي آهي. ان مان آزاد ٿيڻ بعد ئي حق اليقين ٿيندين.

مجنونءَ جو عشق

هڪ دفعي مجنونءَ چيو ته جيڪڏهن سارو جهان مون کي آفرين ڏئي ۽ رحمت وجهي ۽ ليلا مون کي گاريون ڏئي ۽ ڀونڊا ڏئي ته ٻين جي آفرينن ۽ رحمتن کان محبوب جون گاريون ۽ ڀونڊا وڌيڪ پسند پوندم. ڇو ته محبوب جي ملامت روبرو آهي. ديدار ته ٿيندو. لوڪ جي رحمت ۽ تعريف محبوب کان ته دوري آهي.
بيت

اين ملامت زين جهت آن عارفان برگزيده آن رحمت عاميان
عارفن جهان جي ملامت قبول ڪئي عامن جي رحمت کان وڌيڪ آهي.
اين ملامت جي آئينه شان اين ثنازنگ دل آن عارفان
ملامت دل جي آئينه کي صاف ڪندي آهي عامن جي تعريف عارفن جي دل کي ڪٽ چاڙهينديون آهن.
آن جفا معشوق باشد صد نفعا که آن زحق آيد بلانه بود عطا
معشوق جون جفائون به نفعو آهن. جيڪا به حق کان نه اچي اها بلا آهي عطا نه آهي

هڪ مست لا اُبال ۽ سڪندر بادشاهه

هڪ دفعي سڪندر بادشاهه ڪنهن مست کان اچي دعا گهري، سندس مطلب پورو ٿيو تنهن تي بادشاهه فقير کي چيو: جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر فقير چيس تون روءِ زمين جو بادشاهه آهي مهرباني ڪري مکين کي منع ڪر ته مون تي نه ويهن: اهو ٻڌي بادشاهه چيس ته فقير مکيون منهنجي حڪم ۾ نه آهن. فقير چيس ته تون ته مکين کان به هيڻو ۽ ضعيف آهين. پوءِ ٻيو توکي ڇا گهران.
مگر جيڪي باطن جا بادشاهه آهن انهن عارفن جي حڪم ۾ ڪوليءَ کان وٺي هاٿي ۽ شينهن جهڙا سڀ جانور سندن فرمان ۾ آهن.
بيت

اين حکومت چيست که آن باشد، ازمگس کمزور، باشند آن نحيف
اها ڪهڙي حڪومت جيڪا مک کان به هيڻي هجي ۽ مک کان به ڪمزور ۽ ڏٻري هجي
بين حکومت عارفان وعاشقان، درد مندان رادوا شد خاک شان
عارفن ۽ عاشق جي حڪومت ڏسو. جو انهن جي خاڪ به مرض لاءِ شفا آهي.
چشم بکشابين به طرف اوليا، خاک ايشان درد مندان رادوا
اکيون کولي اوليائن ڏانهن ڏسو جو انهن جي خاڪ به دوا آهي
وصل او مرزندگي تا ابد قرب معنيٰ ذات الله الصمد
انهن جو وصل ابدي زندگي آهي. الله بي نياز جي ذات معنيٰ جو قرب آهي.
وصل او خوشترازين هردو جهان. وصل اوشد بادشاهي دو جهان جاو دان.
ان جو وصل ٻنهي جهانن کان ڀلو آهي. ان جو وصل دائمي بادشاهي آهي.
وصل حضرت حق بود آب حيات وصل دنيا چيست آن زهر ممات
حضرت حق جو وصل آب حيات آهي. دنيا جو وصل موت جو زهر آهي.
هرکه واصل نيست او کافر بود، گرچه کارش نيات وخوش بافر بود
جيڪو واصل نه آهي سو ڪافر آهي. جيتوڻيڪ نيڪو ڪار هجي.
تاج وتخت وبادشاهه جهان، همچون کفش واصلان نه بود نيشان
دنيا جي بادشاهي يا تخت واصل جي جتي وانگر آهي جو جنهنجو نشان به نه هوندو آهي.
واصلان چون محواند درحق تعال. چشم ايشان بر غير نئي اولا ابال
واصلي حق تعاليٰ ۾ غرق هوندا آهن. انهن جي غير تي اک ئي نه هوندي آهي بي پرواه آهن.

حڪيم سقراط ۽ سڪندر بادشاهه

ڳالهه ٿا ڪن ته سڪندر بادشاهه حڪيم سقراط جي مئي خانه جي ٻاهران بيهي کيس ماڻهو موڪليو ته بادشاهه توهان سان ملڻ ٿو چاهي جنهن تي سقراط چيو. ته منهنجي ڪهڙي ڪم جو آهي. اهو ته اسان جي ٻانهيءَ جو پٽ آهي. قاصد واپس وڃي بادشاهه کي ٻڌايو. جنهن تي بادشاهه کي ڪاوڙ لڳي، پر سمجهو هو ۽ پاڻ فقير ڏي هليو آيو ۽ اچي پڇيائينس. سائين مون کي ايتروخسيس ڇو ٿا سمجهيو. فقير چيس ته دنيا اسان جي ٻانهي آهي، ۽ تون ان جو پٽ آهين. جيڪو الله بادشاهه جو فرمانبردار ٿو ٿئي ته پوري ڪائنات، هوا باهه پاڻي ۽ هر هڪ جاندار شيءَ ان جي تابع ٿيندي آهي. مگر جيڪو شيطان جو تابعدار ٿو ٿئي ته ان تي هر ڪا شيءِ حڪومت ڪندي آهي ان ڪري دنيا اسان جي تابعداري آهي ۽ ٻانهي آهي. توهين دنيا جا طالبگار آهيو. يعني سندس پٽ آهيو.
حڪيم جو اهو جواب ٻڌي بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو.۽ دعا گهرڻ لاءِ فقير جي پيرن تي هٿ رکيائين.جنهن دل ۾ الله سمائبو آهي ته اها دل لا احتياج هوندي آهي.
لاغرض باشند عاشق ذوالجلال تيغ بر آن لاطمع صاحب کمال
الله جا عاشق بي پرواهه هوندا آهن ترار وهائيندڙ بي طمع ۽ ڪمال جا صاحب هوندا آهن
سيف رحماني لسان عاشقان نئي خطر نئي خوف دارنداز جهان
عارفن جي زبان الله جي ترار آهي. کين دنيا وارن جو ڪوبه خوف و خطرو نه هوندو آهي.
پيش چشمش بادشاهه بز غالئه همچون هولان روز شب درناليه
انهن جي اڳيان بادشاهه به ڇيلاهوندا آهن چٻن وانگررات ڏينهن دانهن ۾ آهن
عاشقان چون شاهه شاهان لامکان نئي نگه دراند برهر دوجهان
عاشق لامڪان جا بادشاهه هوندا آهن. ٻنهي جهانن تي سندن اک نه ٻڏندي آهي.

اورنگزيب بادشاهه جا بوعلي قلندر ڏانهن تحفا موڪلڻ

اونگزيب ته بادشاهه خسروءَ وزير هٿان بو علي ڏانهن خط لکي موڪليو ته “ بردر دوريشان دربان نه بايد“ يعني درويش جي در تي دربان نه هوندو آهي. ان وقت حضرت بو علي قلندر جي در تي دربان بيٺل هو. جنهن خسروءَ کي اندر وڃڻ کان روڪيو. مگر آخر امير خسرو وڃي بو علي قلندر کي خط ۾ تحفه ڏنو. جنهن تي حضرت بو علي قلندر بادشاهه ڏي لکيو” اي خرزاده من اشياءِ که تو به خسرو فرستاد ئي به من رسيدند“ يعني اي منهنجي گڏهه جا کودڙا. جيڪي شيون تو خسروءِ هٿان مون ڏي موڪليو آهن. سي موکي پهتيون آهن. اهو خط ڏسي امير خسروءِ کي خوف ٿيو ته متان هي خط بادشاهه کي ڏيان ۽ چڙمان کي مارائي ڇڏي. تنهن ڪري اهو خط کڻي امير خسرو پنهنجي مرشد حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ کي ڏيکاريو. خواجا نظام الدين اولياءِ اهوخط ڏسي. امير خسروءَ کي تسلي ڏني ته حضرت بو علي قلندر بادشاهه تي وڏي مهرباني ڪئي آهي جو کيس پنهنجي گڏهه جو کودڙو سڏايو اٿس. پنهنجي گڏهه جو کودڙو به پيارو ٿيندو آهي.
فقير حقيقت چئي آهي ته هيءَ دنيا گڏهه جي مثال آهي. دنيا جا طالب دنيا کي گهڻو پيارو رکندا آهن تنهنڪري انهن کي گڏهه جا ٻچا يعني کودڙا سڏبو آهي ان ۾ ڪوبه ڏوهه نه آهي.
پوءِ امير خسروءِ اهو خط کڻي اچي بادشاهه کي ڏنو ۽ بادشاهه ناراض ڪونه ٿيو. مگر راضي ٿيو. جتي ذات حق سمايو ته انهن جو دماغ به ذاتي هوندو آهي. نه صفاتي هوندو آهي.
بيت
پيش چسم عاشقان وعارفان ماده خرزاده بود شاهه جهان
عاشقن ۽ عارفن جي اڳيان دنيا جا بادشاهه گڏهه جا کودڙا آهن.
پيش عارف هست دنيا بس حقير کره خربادشه داند فقير
عارفن جي اڳيان دنيا وارا حقير آهن. فقير بادشاهه کي به کودڙو سمجهندو آهي.
چيست دنيا خرصفت کوته نظر دم به دم افتدو آخرد رنطر.
دنيا گڏهه وانگر گهٽ نظر آهي. هر هر پيئي ڪرندي ته به نظر هيٺ هوندس
هر که اخر ديد نظرش دور تر، هرکه آخر نه ديد شد همچون خر
جنهن پڇاڙي ڏٺي ته ان جي نظر ڊگهي آهي. جنهن پڇاڙي نه ڏٺي ته اهو گڏهه وانگر آهي
کيست صوفي بر نيارا زماتوا، درنياز ان ماند باشدا وگدا.
صوفي اهو آهي جيڪو هن هن کان بي نياز آهي . جيڪو نياز ۾ رهيو ته اهو گداگر آهي.
کيست صوفي باخدا وم نشين آنکه شد عين اليقين حق اليقين
صوفي اهو آهي جيڪو خدا سان همنشين هجي ان ئي ڏس پڪ ڪئي ۽ پاڻ ٿي پيو.
صوفيءَ از خود جدا. گشته فنا چون نه مانداو ماند باقي آن خدا
صوفي اهو آهي جيڪو پاڻ مان نڪري فنا ٿيو جڏهن پاڻ نه رهيو ته باقي الله رهيو.
چون خدا ماند بود آن بادشاه هرچه خواهد کرداو راشد روا.
جڏهن خدا ٿيو ته پوءِ اهو بادشاهه آهي. اهو جيڪي به ڪندو ته ان کي جائز آهي.

اخلاق سڌارڻ لاءِ هدايت

حضرت رسول الله ﷺ جن کان وٺي بادشاهن تائين فقراءَ جي شناس هئي. پوءِ انگريز آيا. انهن فقيرن ۽ عارفن جي شناس وڃائي ڇڏي. مسلمان تصويرون خواه عادتون ختم ڪري ڇڏيائون. ماڻهن انهن جي پيروي ڪندي، ڏاڙهي مڇون ڪوڙائي مٿن ۾ ٽوپلا پاتا. مسلمان به حڪومت جي تقرقي سبب فئشن مٽايو. حضور پاڪ جن جي حديث ”قوم فهو منهم“ مطابق جيڪو جنهن قوم جهڙي تصوير رکندو اهو انهن مان محشر ۾ اٿندو اهڙا مسلمان به قبرن تي انگريزي پوشاڪ سان بيٺا هوندا.
بيت

اي مسلمان شرمداراز مصطفيٰ ازلباس فرنگ داري پوشها
اي مسلمانو حضور مصطفيٰ جو شرم ڪيو. فرنگين جا لباس ٿا پايو.
هين زتقليد فرنگي بي اثر خورده السلام راخون جگر.
فرنگين جي پوئلڳي بيڪار آهي تون پلين ته اسلامي جي کاڌي تي ٿو
تون فرنگين ميروي سوئي فرنگ کرده ناموس خود انابود ننگ
تو فرنگين وانگر فرنگين ڏانهن وڃي ٿو پنهنجي ناموس کي تباهه ڪري ڇڏيو اٿيئي.
چون توبر خيزي بر آن روز شمار کئي شوي ازدست احمد رستگار
محشر۾ اٿڻ وقت رسول الله ﷺ جي هٿان شفا ڪيئن لهندين
آن محمد مصطفيٰ سلطان ما. بادشاه انبيائو اوليا.
اهو حضرت محمد مصطفيٰﷺ اسان جو بادشاهه آهي انبيائن ۽ اوليائن جو به بادشاهه آهي.
زين مسلمان خدا شد سخت رنج ازبرائي تونها ده صد شکنج
ان مسلماني ڪري خدا توتي سخت رنج آهي ان ڪري تو لاءِ شو آزار تيار ڪري رکيا اٿئين
آمدي از کعبه ديول شدي خود مسلمان نيستي کافر بودي.
ڪعبه مان اچي ديول ۾ وئين مسلمان مان ڪافر ٿي پئين
اين نه دانستي همين جو روجفا سينه ات خالي زحب اوليا.
اهڙو ظلم سمجهه ۾نه ٿو اچيئي تنهنجو سينو اوليائن جي محبت کان خالي آهي.
هم ازين فيشن گرفتار آمدي دل سياهت گشت درنا آمدي
اهو فيشن گرفتار ڪرائيندءِ دل ڪاريءَ سان جهنم ۾ويندين.

مئل هي سسيءَ جي ڳالهه

هڪ ڪڙمي زمين تي ڪم ڪرڻ ويندي مقام مان لنگهيو مقام ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي سسي ٻاهر پيل هئي جنهن پڇيس ته ڪاڏي ٿو وڃين. ڪڙميءَ چيس ته زمين مان جهنگ ڪڍڻ ٿو وڃان سسيءَ ته سال ڪيتري پيدائش ٻنيءَ مان ٿيندي اٿيئي. چيائين ته ٻه ٽي خرار ٿيندا آهن،سسيءَ چيس ته تون هن وقت موٽي وڃ وڃي گهر آرام ڪر، مگر فصل جي مند تي تون 12 اٺ ڪاهي اچجانءِ مان ان جا ڀري ڏيندو سانءِ اهو ٻڌي ڪڙمي موٽي وڃي گهر ويٺو ۽ فصل جي مند ۾ 12 اُٺ ڪاهي مقام ۾ ويو. سسيءَ چيس ته ڪاڏي ٿو وڃين چيائين ته تو ان چيو هو اهو کڻڻ آيو آهيان سسيءَ چيس ته جيئرو هيس ته تو جهڙا هزارين ڀڙوا کاريا هئم تون ڇا آهين. مون وٽ ان ڇا جو مقام ۾ان پيل هوندو ڪڏهن ڪنهن کان ٻڌو اٿيئي. ماٺ ڪري هليو وڃ ته ماڻهو نه کلندئي اهوٻڌي لڄي ٿي واپس گهر وريو ۽ ٻارهن مهينا بکون ڪاٽيائين.
مطلب ته هي جهان مقام آهي.۽ نفس مئل سسيءَ مثل آهي. جيڪو ان ٿو کائي.آدمي ڪڙمي آهي هن مئل جي سسيءَ نفس ڪيترائي گمراهه ڪري ڇڏيا. اسم اعظم جو ذڪر ۽ دم ان جا خرار آهن. پوءِ نفس جي صلاح سان ڪيئي آدمي گمراهيءَ ۾ غرق ٿي ويا.
بيت

ان سرمرده بداني را، که بامرش توهمي ماني دوتا
هن نفس کي مئل سمجهه جوان جو فرمانبرداري ۾ ڪٻڙو ٿي ويو آهين.
صد هزارين طالبان گمراهه کرد زير فرمان کردار چاهه کرد.
ان هزارين طالب گمراهه ڪري ڇڏيا. تابعداري ڪري کوهن ۾ اڇلائي ڇڏيائين،
هر که امراونه گير شاهه شد دردو عالم چون منور ماهه شد
جنهن ان جو حڪم نه مڃيو سو شاهه ٿيو. ٻنهي جهانن ۾ چمڪندڙ چنڊ ٿيو.
سرفراز اين جهان وآن جهان. هر که تو من نفس کرده زيرران
هن هن جهان ۾ سرخرو ٿيو اهو جنهن پنهنجو نفس فرمان ۾ ڪيو
اي برادر نفس زن بدکار دان که بغير قتل نه دهندش امان
اي ادا نفس کي بدڪار عورت سمجهه قتل ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏينس .
رهزن راقتل سربهتر بود ،از جودش جان آن رادر رود
ڌاڙيل کي قتل ڪرڻ سٺو آهي جسم مان ساهه ڪڍي ڇڏجيس
بربه نزد شاهه ملکوت آسمان سرکند تاتاج او پير مغان
ملڪوت جي بادشاهه وٽ وڃ اتي پنهنجي مٿي تي مرشد تاج رکندو
وسقاهم جام نو شاندترا خلعت توحيد پوشاند ترا.
شرابا طهورا جام پيار. ئي ۽ توحيد جي پوشاڪ پارا وئي
تا ابد رسته شوي زين بد افعال زوبرو بيني جمال ذوالجلال .
هن بدڪار مان پڇاڙيءَ تائين ڇٽي پوين. ذات ذوالجلال جي سونهن به روبرو ڏسين.
اسم اعظم رابدان جام طهور ، هرکه اين جام خورد آنجايش نه دور
اسم اعظم کي پاڪ شراب سمجهه جيڪو هتي اهو جام پيئندو ته اتي به ان کان پري نه هوندو.
هرکه از جام طهورا خورد جام حال مستي من خدايم او مقام
جنهن طهورا جو جام پيتو.ان تي مستي جو حال ۽ من خدايم جو مقام هوندس
هرکه لذّت اسم اعظم رانه يافت ، اوبه في النار جهنم روزتافت
جنهن اسم اعظم جي لذت نه ورتي اهو قيامت ۾ جهنم جي باهه ۾ ويندو.
دامن اين ذکر گيري اي دلاتانه افتي اندرين چاهه فنا.
اي دوست ذڪر جي دامن وٺ ته فنا جي کوهه ۾ نه ڪرندين
ذوالفقار از براءِ نفس دون گير تايک قدم گردد هر دو کون
ڪميني نفس لاءِ ذوالفقار وٺ ته ٻيئي جهان هڪ قدم ٿيندءِ
گر گذّاري اسم اعظم جان من غرق گردي اندرين طوفان زمن
محبوب جيڪڏهن اسم اعظم کي ڇڏيندين ته زماني جي طوفان ۾ غرق ٿيندين.

بهلول داناءَ ۽ محمود غزنويءَ جو بيان

هڪ دفعي محمود غّزنويءَ بهلول داناءَ وٽ ويو. چيائينس: سائين مون ڪفرستان به ماري مڃايو سومناٿ مندر به ڊاٿو اٿم. منجهس پيل بت به سڀ ڀڳا اٿم. اوجاڳا. تڪليفون ڪري ذڪر فڪر به ڪيان ٿو. ته به الله تبارڪ وتعاليٰ منهن نه ٿو ڏيکاري ڇا سبب آهي جو ايڏن ڪمن تي به راضِي نه ٿو ٿئي.
بهلول داناءَ چيس. تو وٽ بادشاهي ۽ لشڪر دٻدٻو هجڻ ڪري تنهنجي نفس کي هستي آهي.تو ٻيا بت ته ڀڳا مگر جيڪو وجود ۾ وڏو بت لات نفس اندر ۾ اٿيئي ان ڪري تو وٽ خودي آهي. تون خوديءَ کي ختم ڪري نفس جو سڌون ختم ڪر ته الله پڌري پٽ ڏسين.

بيت

نفس اعظم بت بود اندر وجود جمله عالم ميکنندا ور اسجود
وجود آدمي ۾ وڏو بت نفس ويٺو آهي. سارو جهان ان کي سجدا ٿو ڪري.
ليکه ان صوفي که از خود شد جدا .از تيغ حق اور اکنداز تن جدا
صوفي اهو آهي جيڪو پاڻ مان نڪتو حق جي ترار سان نفس کي واڻ کان جدا ڪندو.
فاتح اکبر بود آن نفس کشت نفس کشته راز ندهم پاءِ وپشت
وڏو فاتح اهوآهي جنهن نفس کي ماريو وري ڪٺل نفس کي پادر به هنيائين
او بود تبريز رومي درجهان آنکه واصل گشت باحق جاودان
اهودنيا ۾ تبريز ۽ رومي آهي.اهو ئي هميشه حق سان وصل ۾ رهندو
اسپ معنيٰ اندرين ناتاخته من عرف را ائو هم نه شناخته
جيڪو معنيٰ جو گهوڙو هن رستي ۾ نه ڊوڙائيندو اهو من عرف جي مام کي نه سڃاڻيندو
مادر مادر بتت چون زندهه ماند جسم وروح باجيفه اندر گند ماند
تنهنجي بت جي ناني جڏهن جيئري آهي ته پوءِ جسم ۽ روح لالچ جي گند ۾ خراب ٿي ويا.
گرتو کشتي نفس اين ناپاک را. پاني همت برنهي افلاک را.
اگر تون پليد نفس کي ڪهندين ته همت سان آسماني تي پير پهچندءِ
لامکان پرواز گاهِ جائي تو لامکان ملجاءِ هم ماواءِ تو.
لامڪان تنهنجي پرواز جي جاءِ آهي. ته لامڪان ئي تنهنجي آرام ۾رهڻ جي جاءِ آهي

قريش بلا جي ڳالهه

گهڻو وقت اڳي عربستان ۾ قريش نالي هڪ بلا هئي جيڪا ماڻهن جا قافلا ماريندي هئي حضرت رسول الله ﷺجي وڏن گڏجي تيرن ۽ تلوارن سان اها بلا ماري هئي. ان ڪري قريشي سڏجڻ لڳا.ايڏيءَ پهلوانيءَ جي ڪري الله تبارڪ وتعاليٰ انهن کي انعام ۾حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن کي انهن جي اولاد مان نبي ڪري موڪليو جيڪو ڪائنات لاءِ هادي ٿي آيو.
حاصل مطلب ته اڄ قريش بلا هي نفس آهي. جيڪو سڀ ڪنهن جو دشمن آهي. الله کان روڪيون ويٺو آهي. ماڻهن جي دمن جا قافلا کپائي ڇڏيا اٿس.اڄ به جيڪو دم ذڪر جي ترار سان ان نفس کي ماريندو ان وٽان رسول خدا اظهار ٿيندو. فنا في الشيخ ۽ فنا في الرسول جي حڪم تي عمل ڪرڻ سان فقيرن ۽ محبتن کي سمجهائيندو ته هن طريقي سان الله ڏي هلبو رسول الله ﷺ به ته آدم زاد هو. آدمي ٿي آيو هو. مگر آدم جي پردي مان سمجهايائين، جنس جنس مان فيض وٺيندي آهي
بيت
کنندهم جنس باهم جنس پرواز کبوتربا کبوترباز باز
يعني جنس جنس سان گڏ اڏرندي آهي. ڪبوتر ڪبوترن ۽ باز بازن سان اڏاريندو
آدميءَ جي صورت ۾ هادي ٿي آيو. عارف عاشق به ائين الله خلق ڏي هادي ڪري موڪليا آهن جن کي فنا في الشيخ وفنا في الرسول جو درجو آهي. اهي به جنس جا هادي آهن.
بيت
نفس راهر کس که کرده اوفنا هادي خلق است ازراهه خدا.
جنهن پنهنجي نفس کي فنا ڪيو. سوئي خدا جي طرف کان خلق جو هادي آهي،
هر که کرده نفس خود راپئمال يعني باذڪر رخدائي ذوالجلال
جنهن پنهنجي نفس کي خدا جي ذڪر سان پائمال ڪيو.
اوست عارف واصل حق باليقين هادي راهه هديٰ حق اليقين
پڪ سان اهو ئي عارف ۽ حق جو واصل آهي حق اليقين جي سئين واٽ جو هادي آهي.
زانکه کوثر خورد اواز ذوالمنين گشت فاني درو صالش جان وتن
جنهن محسن خدا وٽان ڪوثر پيتو اهو جان تن سميت ان جي وصال ۾ فنا ٿيو.
شوفنا في الذات الله الصمد همچون روح پاک احمد با احمد
الله بي نياز جي ذات ۾ فنا ٿي احمد مصطفيِٰ جي پاڪ روح وانگر احد سان هڪ ٿيءُ
هر کر اديدي کوثر سرخرو اومحمد خواست پاکيز خو
جنهن کي ڪوثر سان فيضياب ڏسين اهو محمدي عادتن وارو آهي اتان خصلتون پرايون اٿس.

ٿريءَ جي ڳالهه

هڪ ٿريءَ ماڻهو عطر فروش کان مشڪ خريد ڪيو. هن ذري کڻي ڏنس.اها ذري وٺي وات ۾وجهي ڳهي ڇڏيائين ۽ پوءِ کٿو کڻي پٿاريائين ۽ مشڪ جي واپاريءَ کي چوڻ لڳو ته هيءَ ته جنس ڏيکاريئي هاڻي هڪ روپئي جو هن کٿي ۾ وجهه ان تي عطر فورش چلم مان نڙ ڪڍي ٻه ٽي وهائي ڪڍيس مار ڏيئي اٿاري ڇڏيائينس.
حاصل مطلب ته طالبن کي مرشد الله جو ذڪر ڏيو سو ٿريءَ وانگر جنس سمجهي کائي حضم ڪري ڇڏيائون هنن به کٿو کڻي پٿاريو ته ڪو وڏو سٺ هٿ ڊگهو وظيفو ملي جنهن تان کلا کائي موٽيا اسم اعظم ته سڀ ڪنهن جو ٻڌل آهي. ان تي ڄٽن کي اعتبار نه آيو.
بيت
گفت المعنيٰ هو الله شيخ دين ، بحر معنيٰ هاست رب العالمين
معنيٰ جي مالڪ دين جي بزرگ چيو ته الله جو نالو معنائن جو سمنڊ آهي.
جمله اطباق زمين وآسمان همچون خاشاک در آن بحر راون
آسمانن ۽ زمينن جا سڀئي طبقه ان وحدت جي وهندڙ درياهه ۾ ڪکن وانگر آهن
اسم الله مشک پر خوشبو بدان منزل او ازمکان تالامکان
الله جو اسم خوشبودار مشڪ سمجهه ان جي منزل مڪان کان لامڪان تائين آهي
شد معطر مشک نامش دوجهان زندگيءَ هردم عالم نام آن
ان جي نالي سان ٻيئي جهان سرها ٿيا اهونالو ٻنهي جهانن جي جان آهي
مشک نام پاک ذاتش اي غلام بئو خوش سرعارفان عالي شمام
اي ٻانهان ان جي پاڪ ذات جو نالو ئي مشڪ آهي. ها وڏي خوشبوءِ ته عارف آهن
مشک او خالص برائي دل دماغ قوت جان دل تئه همچون لاغ
دل دماغ لاءِ اهو خالص مشڪ آهي دل ۽ جان جي طاقت آهي اجايو نه آهي.
اندک داني اين مشک را، حيف باشد حيف برزين مرترا
تو هن مشڪ کي گهٽ سمجهيو آهي. ان تي توکي حيف آهي حيف آهي

هڪ صوفيءَ جي ڳالهه

هڪ شهر ۾ڪنهن واپاريءَ مٺاڻ پي وڪيو هوڪا پي ڏنائين ته ڏاڍي سهانگي ٿو ڏيان. هجي ڪو جو وٺي صوفي فقير چيس: ائين ڏئين ته وٺانءِ ان تي واپاري ڇڙٻ ڏيئي چيس: ائين ڪونه ڏيندس ان تي آسمان مان ذات حق الهام ڪيس ته يار اسان وٽ مڻين مٺاڻ موجود آهي.اسان ڏي اچين ته کارائينداسين. يعني رڳو گهرمان تنهنجو بنا قيمت جي سڄو سارو آهيان.
مطلب ته سرڪارلم يزلي اڻ ملهو ماڻهن تي عنايت ٿو ڪري مگر جيڪو ان جو ٿيندو ته الله به ان جو ٿيندو.
بيت

لطف حق بي رشوت وبي طمع بين مهربان چون هست رب العالمين
الله جي مهرباني بنا رشوت ۽ سواءِ لالچ جي آهي. رب العالمين اهڙو مهربان آهي
قصد کن درذکر حق خاموش م شو ازدرش لاتقنطو هاتف شنو
يقين ڪر حق جي ذڪر کان ماٺ نه ڪر ان جي در تان نا اميد نه ٿيو. جو هاتفي آواز ٻڌو
زود کن اين قلعه هستي شکن تابه بيني توجمال ذوالمنين
جلدي ڪر هي هستي جو ڪوٽ ڊاهه ته جيئن ذوالجلال جو حسن ڏسي سگهين،
پس به بيني بحر اعظم بيکران همچون قطره گم شوي تو اندران
پوءِ وڏو بي پايان سمنڊ ڏسندين. تون ان ۾ ڦڙي وانگر گم ٿي ويندين.
تونه باشي بحر باشد درميان موج برموج وتلا طم هرزمان
تو ان سمنڊ ۾ هوندين ئي ڪونه هروقت موج مٿان موج ۽ اٿل هوندي
اين وجودت چون صداقت است ني . درشکن اين تاتو باشي کامل
هي تنهنجو وجود سپ وانگر آهي هن جي ڀڃڻ سان ڪامل ٿيندين
اين صدف اعظم حجاب بحرتو . دست کن مقصود گوهر زين برو
هي سڀ تنهنجي بحر جو حجاب اولو آهي. ان مان مطلب جا موتي هٿ ڪر

بت پرست ڪافر تي لم يزلي بادشاهه جي عنايت

هندستان ۾هڪ هندوءَ بت کي سڏ ۽ سجدا پي ڪيا. جبرائيل عرش مان لبيڪ جو آواز ٻڌو. جبرائيل سرڪار کي عرض ڪيو ته ڪنهن کي ٿا لبيڪ چئو فرمان خداوند ٿيو ته هندستان ۾ هڪ هندو بت پرست آهي. ان کي ٿو سڏ ڏيان. اهو منهنجي گمان تي منهنجي محبت سان پوڄا ٿو ڪري مان ڄاڻان ٿو ته مون کي سڏ ٿو ڪري هندو اهو آواز ٻڌي مسلمان ٿي پيو.
حاصل مطلب ته ذات ذوالجلال کي ڪهڙيءَ به ٻوليءَ ۾ ويا ڪهڙيءَ به صورت ۾ سڪ سان سڏيندين ته سڏ ملندءِ جيئن ماءُ جا بُبا ٻار لاءِ سڱهجي پوندا آهن. ائين هوڏانهن به بي پايان محبت آهي جيئن ٻار ماءُ کي سارو ڏينهن امان امان ڪري پيو سڏي ته ماءُ جيءُ ابا! جيءُ ابا! ڪندي نه ٿڪبي. رب العالمين ساري جهان جو پالڻهار آهي.جهڙيءَ به طرح ۽ جنهن به ٻوليءَ ۾ ڪو سڏيندس ته ان کي لبيڪ چوندو.
حديث آهي ته:” الخلق عيال الله“ يعني ملخلوق الله جو عيال آهي.
بيت
بهر مادر گربه گريد طفل زاد مهربان مادر به گير ددر کنار
ماءُ لاءِ ننڍڙو ٻار جيڪڏهن روئيندو ته هڪدم مهربان ماءُ ڀاڪر ۾ کڻندس،
گربه گريه مادريک هست . تان به جوشد شيراز پستان الست
جيڪڏهن تنهنجي ماءُ روئڻ سان ويجهي ٿئي ٿي. تيئن الستي بُبن مان کير جوش ڪندو.
چون به بازي ميشود شغل طفل . مادرش پروانه دار دزان طفل
جيستائين ٻار راند ۾ رڌل هوندو ان ڪري تيسين ان جي ماءُ کي ڪابه پرواهه نه هوندي
مادرو دايه بهانه جو بود تانکه آن طفل نه گريان ميشود
ماءُ ۽ دائي بهانا ڳوليندي آهي. جيستائين اهو ٻار روئيندو ناهي.
نحن اقرب شير مادر باهمه است طالبان رازين روشن چه غم است
نحن اقرب وارو ماءُ جو کير سيني کي ويجهو آهي پوءِ طالبن کي اهڙي ورتاءَ مان ڪهڙو خوف آهي.
گربه گريه شير حق آيد قرين، وربگزري کور شوتا يوم الدين
جيڪڏهن روئيندن ته حق جو کير ويجهو ايندءِ اگر ڇڏيندين ته قيامت تائين انڌو هوندين.
پس به گريه کار گرد صواب. گريه کن دامن بگير اي ذوالباب
پوءِ روءُ ته تنهنجو روئڻ ڪارگر ٿئي. روئي دامن وٺ اي عقل وارا.
چيست دامن ذات حق اين ذکر هو، تاتوهم آغوش شوي هم روبرو.
حق جي ذات جو ذڪر دامن آهي. تڏهن تون ڀاڪر ۾ روبرو ٿيندين.
گريه از ذکر حق گرددمدام . ذکر رادر گير بيني والسلام
حق جي ذڪر سان دائمي روئڻ ٿيندو آهي. ذڪر کي وٺ ته الله ڏسين وسلام

نشئيءَ جي واڙي پوکڻ

هڪ نشئي ماڻهوءَ گدرن جي واڙي پوکي، هي نشو به ڪندو هو ۽ ڪنجوس به ڏاڍو هو. الله جي نالي تي ڪجهه به نه ڏيندو هو سندس واڙيءَ ۾ اچي گدڙ هريا. هن کي نشي جي پنڪي اچي ته گدڙ ڳاڙها گدرا کايون وڃنس. هي رڳو نشي ۾ پنڪيون پيو کائي. ان طرح پاڻ کي هڪ گدرو به نصيرب نه ٿيس. ٻج جا پئسا به ڪونه ڏنا هئاسين. ان به کڻي ڪيس ڪيس ۽ وري ڍل وارن وٺي وڃي جيل ۾ هنيس. پوءِ دته نشا به لهي ويس ۽ دانهون پيو ڪري.
مطلب ته هي آدمي اهونشي آهي. نشو هن کي به ان جو آهي واڙي الله جو ذڪر اٿس. ٻج ڏيڻ وارو الله ۽ رسولﷺ۽ مرشد اٿس. اهو نشو آهي. جو جنهن ذڪر وساري ڇڏيو اٿس. ٻوڙپلاءَ کايون صبح تائين ننڊ ۾ گوگهرا پيو هڻي جاڳ ئي ڪانه ٿئيس گدرا هن جا دم آهن گدڙ خبيث خيال اٿس. جيڪي گدرا کائي ٿا وڃنس جنهن مرشد ذڪر ڏسيو هيس سو به ڦهڪا ڪڍرائيندس. رسول خدا به دوزخ جي باهه وجهرائيندس ڍل جو صوبيدار غزرائيل هٿ ڪڙي هڻي ڪاري ڪوٽ ۾ وجهرائيندس پوءِ اتي قالو يا ويلنا جون دانهون پيو ڪندو.
بيت

اي زخوردن نان شدي گمراهه است غيرذ کرش کافروبت پرست
اي ميان ماني کائڻ سان گمراهه ٿيو آهين ان جي ذڪر کانسواءِ بت پرست ڪافر آهين،
جله عمر تو تباه از خواب شد خواڀ تواز حق همه حجاب شد
تنهنجي سڄي ڳمر ننڊ ۾ تباهه ٿي ويئي تنهنجي ننڊ حق کان اوٽ ٿي ويئي
واءِ بوتوزين خيال گمراهي همچون کو ران بيخبر اندر چهي
تنهنجي گمراهي واري خيال تي افسوس آهي انڌن وانگر بيخبر ٿي کوهه ۾ وڃي ڪرئين.
تراک افيون نان بگير اي هوشيار کن غذائي نور حق ليل ونهار
آفيم ۽ ماني کائڻ ڇڏي هوشيار ٿيءُ رات ڏينهن ذڪر جي نور جي غذا ڪر،
کم کم ازنان دست برداري کنيد، نفس دون رابرسردار کنيد،
ماني کان هوريان هوريان هٿ ڍور ڪريو. ڪميني نفس جو سر ڦاهي چاڙهيو.
گر خوري يک روزانو نور خدا نان حيواني کني يکدم رها
جيڪڏهن هڪ ڏينهن حق جي نور مان کائين ته هڪدم جانورن وارو کاڌو ڇڏين ڏئين،
از ازل چون قت توذکر حق است، از غذائي نفس گشتي زير دست
ازل کان تنهنجو کاڌو ذڪر حق جو آهي. مگر نفس جي غذا توکي زير دست ڪيو ڳيو آهي.
گرچه شوق نان نه بود شوق خدا، اندرين معنيٰ همي يابي بقا
جيڪڏهن ماني جوشوق نه هوندءِ ته خدا جو شق ٿيندءِ پوءِ هن معنيٰ ۾ بقا حاصل ڪندين
شُو چو طفل شير خوارو پاک جان، تاروي يکدم سوئي آسمان
کير پياڪ ٻار وانگر پاڪ جان ٿيءُ ته هڪدم آسمان ڏانهن پرواز ڪرين.
آسمان چه عرش زير پاءِ تو. ازمکان تالا مکان پس جاءِ تو.
آسمان ڇا عرش ته تنهنجي پيرن هيٺيان هوندو. مڪان کان لامڪان تائين تنهنجي جاءِ هوندي
اين شغال دزدرا گردن بزن، تيغ ذاکر الله دم اور ابزن
هن چورگدڙ جو ڪنڌ ڀڃ هن کي الله جي ذڪر جي دم جي ترار هڻيس

هڪڙي نواب جي ڳالهه

هڪ دفعي ڪنهن نواب جي رياست تي راجپوتن ۽ مرهٽن اڇي سوڙه رکي ان ڪري نواب پنهنجي وڏي بادشاهه ڏي دهليءَ مدد لاءِ ويو پوءِ اتان لشڪر وٺي اچي راجپوت ۽ مرهٽا ماريائي ناس ڪيائين پوءِ ڳڻتي لاهي دائمي آرام سان تخت تي ويٺو
مطلب ته طالب کي نفس جا خيالات راجپوت ۽ مرهٽا آهن ان ڪري ملڪوت ۾ دهلي يعني فريادي دل واري دبادشاهه وٽ وڃي ٿو پوءِ اتان اسم اعظم واري دم جي ذڪر جي توبن سان مرهٽا ۽ راجپوت ڪجهه ماري ٿو ۽ ڪجهه ڀڄائي ڪڍي ٿو. جنهن کان پوءِ آرام سان الڪو لاهي تخت تي ٿو ويهي.
بيت
نفس فاني کن بذکر ذوالجلال اين بود کافي سپاه لايزال
نفس کي ذوالجلال جي ذڪر سان فناءِ ڪر. هيءُ لازوال لشڪر توکي ڪافي آهي.
از سپاه ذکر وهم وغير خيال ازتفنگ فکر گردد پائمال
ذڪر لشڪر سان وهم خيال ۽ فڪر جي تيرن سان پائمال ٿي ويندا
لشکر کافر مرهٽا هاهما، بردر تودائما شد جنگها
انهن ڪافرن مرهٽن جو لشڪر سدائين توسان جنگ جوٽيون بيٺا آهن
نفس کافر راهمين ران يک نفس غير ذکر الله دان ديگر هوس
ڪافر نفس کي هڪدم هڪلي ڪڍ، الله جي ياد کانسواءِ ٻيوسڀ سڌون ڄاڻ
گريه قيد وهم ماني کافري، کافري چه بکه ازانها ابتري
وهم جي قيد ۾ آهين ته ڪافر آهين. ڪافر ڇا پر انهن کان به گهٽ آهين
زود شو شاه دل همراز باش، اتا انعامت هر دو عالم راشناس
جلدي ڪر دل جي بادشاه وٽ پهچ ته توکي انعام ۾ ٻئي جهان ملن

هڪ زائفان جي ڳالهه

هڪ زائفان مڙس کي ڏٺو ته پاڪي کڻي ٿوريءَ دير ۾ پاڻ به هيٺيان وارلاهي آئي زائفان چپٽين جي ايذاءَ کان بچڻ لاءِ پاڪيءَ سان هڻي هڪڙو ڪنوڪپي وڌو. جو سندس مڙس چيس ته اچ ته همبستري ڪريون اهو ٻڌي جوڻس سوسٽ ڪرڻ لڳي مڙس پڇيس ته ڇوٿي سوسٽ ڪرين. چيائين تنهنجي ريس تيا پاڪي کنئي هيم. سوهڪڙو پاسو ڪپجي پيو آهي مڙس.چيس رن توکي ڪنهن چيو ته چپپٽن جو پورهيو ڇڏي رڪ سان راند ڪر
مطلب ته رڪ سان راند دعشق جو پنڌ آهي ۽ ذڪر ڪمائڻ آهي عام عبادت چيپٽن جو پورهيو آهي چيپٽن جي پورهئي وارو رڪ جي راند جي ريس نه ڪري اهو پورهيو چڱو اٿس.
بيت

طالب العقبيٰ مونث همچون ،کئي رسدزين کا رپيش ذوالمنين
عقبريٰ جو طالب زائفان آهي ان ڪم سان حق جي اڳيان ڪيئين پهچندو .
اين عبادت عام او رابس بود تيغ مردانه به ريتس کئي شود
ان لاءِ عام عبادت ڪافي آهي.مرداني ترار ڪيئن وهائي سگهندو
موتراش زن چه دانداز تراش خانه مخفي راکند اوچاک فاش
زائفان پاڪيءَ سان وارن ڪوڙڻ مان ڇا ڄاڻي مخفي جاءِ کي ڪپي ڇڏيندي.
عشق همچون بازئي آهن بود. زاهد خائف هلان جان شود
عشق رڪ جي راند وانگر آهي زاهد کي سر وڃڻ جو خوف ٿيندو
عشق چون غازي بود غازي طلب اين ملايان کئي رسند در راه رب
عشق غازي آهي گهري به غازي کي ٿو هي ملان رب جي راه ۾ ڪيئن پهچندا
خائقان رابس بود روزو نماز اين ره پروانگان چون سوزو ساز
ڊڄڻ کي روزو نماز ڪافي آهي. پروانن لاءِ هي رستو غم ۾ خوشي جو آهي

سڪندر بادشاهه ۽ افلاطون وزير جي ڳالهه

حضرت رسول الله ﷺ جن کان اڳ هڪ جهنگلي جانور هو جنهن جو اکيون اهڙيون ته تيز هيون. جو جنهن ڏانهن به ڏسي ته اها شيءِ توڙي ماڻهو هجي يا جانور ڦٿڪي ڪري پون ۽ مري وڃن.پوءِ اها جانور ان کي کائي گذر ڪندو هو. اهو زمانو سڪندر بادشاهه جو هو ان تنگ ٿي پنهنجي وزير افلاطون سان صلاح ڪئي ته ڇا ڪجي. ان ڇا ڪيو. جو لوهه جي تختي کي روات سان روهڙي صاف ڪري آئينو بنايائين پوءِ اهو آئينو هڪ سپاهيءَ کي کڻايائون هوان کي ڪڙن ۾ هٿ وجهي پاڻ ان جي آڏو هلندو ويو هن جي جهنگ ۾ اچڻ سان اهو جانور نڪري آيو ۽ سپاهيءَ آئينو منهن ۾ ڏنس. ان تي نظر پوڻ سان اهو جانور پاڻ ڪري پيو. ۽ مري ويو. افولاطون چيو ته هي جانور ڪئي پاڻيءَ مان پيدا ٿيو آهي.
حاصل مطلب ته ذّات حق پاڪ سڪندر اعظم وانگر آهي. اهو جانور نفس آهي جيڪو دنا جي جهنگ ۾ ٿو رهي هن جي لذتن جي اک مان ماڻهو گمراهه ٿي ويا آهن حضرت رسول الله ﷺ جن افلاطون حڪيم آهن جنهن ان خطرناڪ جانور نفس جي مارڻ لاءِ اسم اعظم جي ذڪر جو آئينو ٺاهيو سو نفس کي ماري ختم ڪندو ۽ پوءِ نفس جي آزار کان آزاد ٿي پوندو جنهن اهو آئينو هٿ نه ڪيو ته ان کي اهونفس جانور ماري ختم ڪري ڇڏيندو.
بيت
چشم نفس گبرلذات جهان. جمله عالم راکرداو گمرهان
نفس گبر جي اکين ۽ دنيا جي لذتن سڄي جهان کي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي.
مرگ انسان جمله لذّات لطيف گرد خورد طالب همي گرد کثيف
سٺيون لذتون انسان جو موت آهن. جيڪڏهن طالب کائيندو ته اهو به ڪمينو ٿيندو
هين بياور زود داين آئينه را، تار هابي ازين جو روجفا.
ائين جلدي ڪر اهوآئينو کڻي اڇ ته انهن ڏکن ۽ مصيبتن مان جان ڇٽئي
زنگ آئينه زصيقل دور کن. جسم وجان راز ذکر پورنوز کن
آئينه جي ڪث ذڪر جي روات سان لاهه جان ۽ جسم کي ذڪر سان پر نور ڪر
اين را افلاطون محمد دان کرم که اوز سرتاپارءِ شد نور قدم
اهوافلاطون محمد مصطفيٰ کي سمجهه جو اهو سراپا نور آهي.
تا ازين حيوان يابي تونجات توشوي زنده واو گرددممات
ائين ان نفس جانور کان بچاءُ ٿيندءِ تون بچي ويندين ۽ هو مري ويندو.
گرنه بودي آن محمد مصفطيٰ طالبان راغير او کئي رهنما
جيڪڏهن محبوب مصطفيٰ.ﷺنه هجن ها ته طالبن جي ان کانسواءِ ڪير رهبري ڪري ها.
جهد کن در راه عشقش ازيقين تارسي در راه رب العالمين
عشق جي رستي ۾ يقين سان ڪوشش ڪر. تڏهن رب العالمين جي رستي ۾ پهچندين

ڪانوَ جي آني ۽ ٿريءَ جي ڳالهه

هڪ شهر جي ماڻهوءَ کي ڪانوَ جا آنا هٿ آيا ٿريءَ کيس ڏسي پڇو ته ڇا کنيو اٿيئي چيائينس: هُماءَ جا آنا آهن.ٿري ساوا آنا ڏسي هرکجي پيو ۽ ٿريءَ ان شهري کان هڪ آنو هڪ سئو روپين ۾ خريد ڪيو. اهو آنو گهر کڻي آيو ۽ ڏاڍي حفاظت ڪيائنس نيٺ ڦڙي پيو. ٻچو پالي وڏو ڪيائن ته ٻارن کان ٽڪر کسي پيو کائي ڍونڍ کائيندو پيو وتي گهر جي آڳر تي ٽپڪون ڏيندو پيو وتي اهو ڏسي ٿري عجب ۾پئجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته واهه هي ڪهڙو هماءُ آهي. جو ٻارن کان ٽڪر به کسي ٿو ۽ ڍونڍ به کائيندو ٿو وتي ڏاڍو ارمان ٿيس ته مان اجايو هن جي حفاظت ڪئي
مطلب ته هي دنيا جا ماڻهو هن بوتي کي هماءُ سمجهي پيا ٿا پالين جان ڦڙي پيو ته ٽان ٽان ڪندو وتي ۽ ڍونڍ به کائيندو وتي ٻار آهن غريب انهن جا مال ڦريندو وتي پوءِ ته پاليندڙ به ڏاڍو پيشمان ٿيندو.
بيت مثنوي
8

زاغ تن بيضه همي داني هما. اين همايت نيست زاغ پردغا
جسم جي ڪانوَ کي هماءَ جو آنو ٿو. سمجهين هي هماءُ نه اٿئي هي ته دغا باز ڪانءُ اٿي.
بيضه زاغ پروري دائم مدام خوردونوشش مي نه داني نئي حرام
هميشه هن جسم ڪانو جي آني کي ٿو پالين. هن کائڻ پيئڻ ڪونه ٿو سمجهين ته حرام ٿو کائي
اين هماءُروح راتودہ غذائي چيست هم ذکر خدا
هن روح هماءُ کاڌو کاراءِ اها غذا ڇا آهي ذڪر خدا جو.
تابه سپرد اين هماتالا مکان ،لامکان آشيان اونهان
ته اها هماءُ لامڪان تي پهچا وئي لامڪان ان جو ڳجهو آکيرو آهي.
آسمان وعرش ڪرسي يا قلم پيش پروازش همي گردد قدم
آسمان وعرش کرسي يا قلم ان جي اڏام اڳيان هڪ وک ٿيندا
سير روح پاک شد همچون هماءُ سير نفس خاک زاغ گند ها
پاڪ روح جو سير هماءُ وانگر ٿيندو ڪانءُ خاڪي نفس جو سير گندگي آهي.

هڪ ريڍار جي ڳالهه

هڪ ريڍار ٻڌايو ته مان مال ڪاهي سانگ سان ناري ويس. ان واهه کي اڳ بند ڪونه هو. اٿل سان سارو علائقو پاڻيءَ سا ڀرجي ويندو هو. ٻڌايائين ته مون رڍن جي واڙ هڪ لئي هيٺيان ٻاهران لوڙهو ڦيرائي ٺاهي هئي رات جو رڍون ان لئي هيٺيان ويهنديون هيون لئو ڪو پورو هو.هروز ڪونه ڪوگهڻو يا ڦر کاڌو پيوهوندو هو. پير کڻي ٿڪس. پر ڪاڏي به پير نه پيو نڪري هڪ رات ڇا ٿيو. جو پري کان گدڙن کڻي ڪوڪون ڪيون م ڄاڻ ته ان لئي جي پور ۾ گدڙ ۽ گداڙي ٻچن سميت رهيل هئا. جن ٻاهراين گدڙن کي ورندي ڏني. مان ڪوڪ ٻڌڻ سان لئي جي ان پور ۾ ٻيو. سڪو بند کڻي وڌو ۽ لئي کي کڻي باهه ڏنم ته گدڙ ٻچن سميت سڙي مري ويا.
مطلب ته هي جسماني دمن جي واڙ آهي. نفس گدڙان معدي واري ڍڍر ۾ ٻچا ڪيون ويٺو آهي. جو دمن جا گهٽا ماريون ۽ کايون ٿو وڃي. هي جهان ناري واهه وانگر آهي. هيءَ سڀ موجودات درياهه مثل آهي هتي هر هڪ آدمي ڪنهن سانگ تي آيو آهي. پوءِ طالب هن ريڍار وانگر بوتي جي پور وات ۾ صبر جا بنڊ وجهي بند ڪري کڻي الله جي اسم سان باهه ڏئيس ته دمن وارو ڌڻ بچي پوندس ۽ هڪ هڪ دم دريگانو ٿي پوندس
انسان ۾ چار عناصر آهن. اهي گدڙ جا چار ٻچا آهن. هوا. باهه پاڻي ۽ مٽي .اهي سڀ “ اَلعِشق نار وَيحرِک مَاسَوا المَحبوب. يعني عشق باهه آهي. جيڪا محبوب الله کانسواءِ ٻي سڀ غير شيءَ کي ساڙي ڇڏيندي آهي. پوءِ جو هيڙو سو ساڳيو ٿي پوندو. اسان به ساڳيا ٿياسين ۽ پاڻ کان وياسي

بيت مثنوي
نفس اندر جسم تو کرده وطن چون شغال خود بچه هايت به تن
نفس تنهنجي جسم ۾ گهر ڪيون ويٺو آهي. گدڙ وانگر تنهنجي دم جا ٻچا ٿو کائي
اين همه اوقات تو کردي تباهه خويش گوئي صوفيم نه بود صلاح
هي تنهنجا سڀ وقت تباهه ڪري ڇڏيائين پاڻ چوين ٿو صوفي آهيان لائق نه اٿيئي
صوفي اب الوقيت باشداي رفيق نيست فردا گفتن از شرط طريق
صوفي وقت جوپٽ ۽ دوست هوندو آهي. طريقت ۾ سڀاڻي جو شرط روا نه آهي.
آتش ذکرش بود اين رادوا ره درخت جسم رايابي رها.
ان جوعلاج ذڪر جي باهه آهي جسم جي وڻ کي باهه ڏي ته آزاد ٿئين
اندرين جوف تن بيکار را، آتش افروزو رهي زين جفا
ان بيڪار جسم جي لالچ ۾ باهه ٻار انهيءَ ظلم کان جند ڇٽئي
عشق نارو يحرک ماسوا غير سوزد ميشود باقي خدا
عشق باهه آهي. خدا کانسواءِ هر شيءِ ساڙيندو آهي. غير سڙي باقي خدا وڃي رهندو.
ذکريزدان کن شغالان رابسوز تاشب تاريک تو گردي چون روز
خدا جو ذڪر ڪري گدڙن کي ساڙ ته اونداهي رات مان تون لاءِ ڏينهن ٿئي
ورنه گردي اين شغالان راشکار ،عمر تو ضايع پيشمان درشمار
نه ته تون انهن گدڙن جو شڪار ٿيندين تنهنجي عمر ضايع ٿيندي ۽ پيشمانيءَ ۾ شمار ٿيندي

گدڙ جي سياڻپ

هڪ شڪاري چوڏهين جي رات بندوق کڻي شڪار تي ويو. شڪار نه لڳس آخر ٿڪجي اڇو بوڇڻ مٿان وجهي سمهي پيو بندوق ڪڇ ۾ پيل هيس. هن کي ستل ڏسي گدڙ هن جي مٿان ٽپي ويو. ائين ٻه ٽي دفعا ڪائين. گدڙ جو مطلب هو ته جيئرو هوندو ته جاڳندو جي مئل هوندو ته ڍو ڪنداسين پوءِ پير جي آڱوٺي ۾ چڪ وجهي ڏٺائينس شڪاري ڇانهر ڪئي. گدڙ کي پڪ ٿي ته مئل آهي. گدڙ پٺيرو ٿي ڪوڪ ڪئي. سنگتين کي گڏجي کائڻ لاءِ سڏ ڪيائين. شڪاري بندوق ڀريون ويٺو هو. گدڙ به اچي گڏ ٿيا. گدڙن جو ولر ڏسي ٺڪاءُ کڻي بندوق ڪيائين ۽ گدڙن جي ولر مان گهڻا ماري وڌائين جيڪي بچياسي ٺڪاءَ تي ڀڄي ويا.
بيت

غافلان را اين شغال نفس خورد علم حکمت فيض برکت هضم کرد
غافلن کي نفس جي گدڙ کائي ڇڏيو . سندس علم حڪمت فيض برڪت چٽ ڪري ڇڏيائين
کيست بيدار آنکه باذکر خدا اوزمکر نفس مي يابدر ها.
سجاڳ اهوآهي جيڪو خدا جي ذڪر سان آهي اهونفس جي مڪر کان بچي ٿو وڃي.
ديگران را خورد نفس بي شناس که روز حق غافل زذکرش بي قياس
ٻين کي بي شناس نفس کائي ڇڏيو جيڪي حق جي ذڪر کان غافل هئا.
گرتفنگ ذکر داري وار هي. ورنه داري مرده جان گمرهي.
جيڪڏهن ذڪر جي بندوق اٿيئي ته بچندين . جي نه اٿيئي ته مرندين ۽ گمراه آهين
ذکر حق گردد پناه جان تو. قلعه حق قوت ايمان تو،
الله جو ذڪر تنهنجي جان جي حفاظت ڪندو ذڪر حق جو قلع ۽ تنهنجي ايمان جي طاقت اٿيئي
ذکر حق اسلح شغال وهم را، که از خيال خام به رهاندترا،
حق جو ذڪر وهمن جي گدڙن لاءِ هٿيار آهي. جيڪو توکي اجاين خيالن کان ڇڏائيندو.
جمله عالم اين شغالان خوره است زنده آنکه شنا سداور امرده است،
سارو جهان گدڙن کائي ڇڏيو آهي. جيئرو اهو آهي. جنهن ان مئل کي سڃاتو.

هاٿيءَ جو هندوستان ڏسڻ.

هاٿيءَ جي پيدائش هندوستان جي مقبوضه ڪشمير ۾ ٿيندي آهي. جتان ماڻهو خريد ڪري دنيا جي ملڪن ۾ کڻي ويندا آهن.پوءِ جتي به هندو آهي ته وطن ياد پوڻ شرط نيئر ٽوڙايون سوارن کي ڪيرايون هندوستان ڏانهن هليو ويندو آهي. جهنگ جبل به آڙ ڪونه ٿينس.
سواسان جي هاٿيءَ به عرش اعظم يعني هندوستان ڏٺو تنهن ڪري مهن ڪري ملڪ ڇڏي سڌو هليو ويو. ڪاٿي ڪونه اٽڪيو. گڏهه کي وطن ياد ڪونه ايندو آهي. جتي ڇڏبس ته ڇٻر ۽ ڇتيون بيٺو چٻيدو. دنيا جا ماڻهو گڏهه آهن. پنهنجو وطن وساري دنيا جي ڍوريءَ ۾ ٿا چرن.
بيت مثنوي

فيل آنست آبکه از خود شد جدا، رفت اندر ملک اعظم در بقا
هاٿي اهو جيڪو پاڻ کان جدا ٿيو. بقا واري وڏي ملڪ ڏي ويو.
فيل آنست که آنکج ازخود رفت کرد معراج محمد ازدرست
هاٿي اهو آهي. جيڪو پاڻ کان ويو. حضرت محمد مصطفيٰ وارو صحيح معراج ڪيائين
پيلبانءِ نفس اول برکنيد خانئه بيگانه رابرهم زنيد
اول هاٿي جي سوار نفس جي پاڙ پٽ ان ڌارئين گهر کي ڊاهه
پس حجاب نيست در هندوستان اين وصيت راشنواي دوستان
پوءِ هندستان ڏانهن وڃڻ ۾ ڪابه اوٽ ڪانهيس اي دوستو هن وصيت کي ٻڌو
طالبان راجذبه جوش پيل وار، تار هنداز پيلبان اين ديار
طالبن کي هاٿي وانگر جوش ۽ جذبو هجڻ گهرجي تڏهن نفس سوار مان جان ڇٽندن
چون تو رستي دور نه بود آن ديار، عرش اعظم قرب وصل يار غار
جڏهن تون نفس مان ڇٽندين ته پوءِ توکي اهو ملڪ پري ڪونهي ۽
خرا گرهر جاکه بيند خس گياه ، ازوطن يادش نه باشدد هيچ گاهه
گڏهه جتي به گند گاهه ڏٺو ته وطن جي ياد وسري ويندس
اين خران اهل دينا وطن را ، کرد نسيان محو گشتند در گياهه
هنن دنيا جي گڏهن وطن کي وساري ڇڏيو ۽ گاهه ۾ گم ٿي ويا.
اهل دنيا رادهم تحفه همين لعنت الله عيلهم اجمعين
دنيا وارن کي هي تحفو ڏيان ٿو. مٿن سڀني تي الله جي لعنت هجي.

ملان جي واعظ جي ڳالهه

هڪ دفعي واعظ پي ڪيو ته جنهن شراب پيتو ته ان جو درگاهه الاهي ۾ سوال نه اگهامندو. اتي هڪڙو رند عارف ويٺو هو. تنهن چيس ته بيخبر ملان جنهن شراب پيتو تنهن کي سوال ۽ دعا جي ڪهڙي ضرورت. دعا جو حو پاڻ مالڪ ٿي پيو. پوءِ اهو ڪنهن کي به سوال نه ڪندو ۽ سوال ڪرڻ کي ڏوهه سمجهندو. شراب پيتل کي ڪابه پرواهه ڪانهي جنهن شراب نه پيتو سو رحمت الاهيءَ کان پري آهي. پري وارو برابر سوال ڪندو.
بيت مثنوي

هرکه از ساقي وحدت خورد جام رست از خود از سوال واين حرام
جنهن وحدت جي ساقيءَ هٿان جام پيتو اهو پاڻ کان ۽ سوال جي حرام کان ڇٽو
غين بي نقطه چوان اوشد جمله عين. اين سوال واين دعا اورا چون غين
نقطي کان سواءِ غين عين ٿي پوندو، سوال ۽ دعا گهرڻ ان لاءِ غين آهي.
سوال کردن خود دولي اور ابود ، چونکه او خود مالک مکه بود.
ان کي سوال ڪرڻ ٻيائي نظر ايندي. ڇو جو اهو مڪه جو مالڪ ٿي پيو.
شاهه راچه احتياج است بابيش وکم چونکه اوشاهه جهان او راچه غم،
بادشاهه کي ٿوري گهڻي جي ڪهڙي ضرورت جهان جي بادشاهه کي ڪهڙي ڳڻتي هوندي.
لاغرض ولا احتياج اوهست شاهه تخت قدسي جاءِ با چترو کلاهه
اهو بادشاهه لاغرض ۽ لااحتياج آهي. تخت قدسي جاءِ اٿس ۽ رنگين ڪلاهه اٿس
هر که ناخور ده خمر محرم شد نام اواز دفترش معدوم شد
جنهن شراب نه پيتو سو وسريل ٿيو. ان جو نالو دفتر تان ڊهي ويو
اوبود اندر دعا ود رسوال چون يقنيش نيست ناديده ذوالجلال.
اهو دعا ۽ محتاجي ۾ رهندو. جڏهن ته ان جو يقين ئي نه آهي نه خدائي ڏٺائين

ٿريءَ جي ڳالهه

هڪ ٿريءَ شهر ۾ تنبا ٽنگيل ڏٺا دوڪاندار کان پڇيائين ته اهي ڇا آهن دوڪاندار چيس ته اُٺ جا آنا آهن آخر هن هڪ تنبو سَوَ روپين ۾ خريد ڪيو دوڪاندار چيس ته هي آنا ٻارهين مهيني ڦٽندا آهن وڃي گهر ۾ رک ٿريءَ تنبو نوڙيءَ ۾ ٻڌي ٽنگي رکيو. نوڙي لڏي ڇڄي پيئي ۽ تنبو اچي هيٺ ڪريو. ۽ ڀڄي پيو. تنبي جي ٺهڪي تي سندس گهر جي ڪنڌيءَ سان لوڙهي مان لومڙنڪري وٺي ڀڳو ٿري به وٺي ان جي پويان ڀڳو آخر ڀڄندي ڀڄندي وڃي ڀُل ۾ کوهه ۾ ڪريو.
مطلب ته هي آدميءَ جو بوتو اهو آنو يعني تنبو آهي جنهن مان مرڻ مهل اهو لومڙ نفس نڪري پوندو ۽ ڊوڙي وڃي قبر واري کوهه ۾ ڪرندو حياتيءَ جا دم تنبي جي خدمت ۾ وڃايائين هن کي گمان هو ڪو اٺ پيدا ٿيندو مگر اٺ جي بجاءِ لومڙ نڪري پيو.
بيت مثنوي
اين کدوه مغز اُشترم دان نيست بيضه نيست اشتر اندران
هي ڪدو مغز کانسواٰءِ آهي ان کي اٺ نه سمجهه اهو نه آنو آهي نه وري اندر اُٺ اٿس
اين تن توچون کدوئي جوف خشک مشک دانسته م خراو هست پشک
هي جسم ڪدو جي تنبي وانگر سڪل کوکو آهي مشڪ سمجهي خريد نه ڪر مگر اها سڪل کل اٿيئي
عمر خود برباد کردي اندرو . که چه حاصل کردي ئي ناشته. رو؟
پنهنجي عمر ان ۾ برباد ڪئي اٿيئي منهن. بڇڙو ڪرڻ کانسواءِ ڇا مليئه
نفس تون چون روبه پر حيله ساز . ميز نداو مرتراد حرص وآز
تنهنجو نفس اٽڪلن سان لومڙ وانگر ڀريل آهي. اهو توکي حرص جي آڙاهه ۾ اڇليندو.
اين کدو بگذار سوني دل خرام، آنکه ذات اوکند باتو کلام
هيءُ تنبو ڇڏي دل خريد ڪر. ته اها ذات پاڪ توسان ڪلام ڪندي.
همچون موسيٰ تو کليم الله شوي طور سينا عرش اعظم برروي
موسيٰ وانگر تون الله سان ڳالهائيندين عرش اعظم ۽ طور سينا تي ويندين
شوق ذکر حق تعاليٰ پار کن خويش راتو اندران دربار کن
حق تعاليٰ جي ذڪر سان شوق رک . پاڻ کي ان دربار ۾ موجود ڪر.

توبچيءَ جي ڳالهه

هڪڙي توبچيءَ نَوَ شينهن ماريا هئا. هڪڙي جهنگ ۾ پاڻيءَ جي ڍنڍ هئي جتان جهنگلي جانور پاڻي پيئندا هئا . اهو توبچي چوڏهينءَ جي رات پاڻيءَ جي ڀرسان کڏو ٺاهي شينهن مارڻ لاءِ لڪي ويٺو توبچيءَ بندوق ڀري ويٺو ته جانورن جو ولر پاڻيءَ جي ويجهو آيو. ايتري ۾ هڪ انساني صورت ڳاڙهن ڪپڙن سان انهن جانورن جو اڳ ورتو حقيقت ۾ اهو جانورن جو رکوالو ملائڪ هو. ٻين جانورن کي ان ورايو. مگر نر جنس وارو هڪ جانور پاڻيءَ ڏي زوريءَ ڪري ڀڳو ۽ ورائڻ سان نه وريو ملائڪ چيس ته تون وڃ ته توکي فلاڻو توبچي ماري. جانور جيئن پاڻيءَ تي آيو ته توبچي بندوق هڻي ماري وڌس.
مطلب ته طالبن لاءِ مرشد اهو ملائڪ آهي. نفس به توبچيءَ وانگر لڪو ويٺو آهي جيڪو به الله جي ياد کان منهن موڙي انهن کاڌن پيتن ڏانهن ويندو ته اهو ماريءَ نفس هٿان مرندو.
ماريءَ ميرا ڪپڙا بغل منجهه بندوق
مرگهه نه ٿيو ويسلا لڪل اٿو نزديڪ
متان ڪشي ڪان قهر جو سٽي ڪريو سيخ
کلي کلي ڪندو سوڪ ۽ لحم گڏيندو لوڻ سان

اين صياد تو بچي لعين ديده دل راکشا اي بي يقين
هي. لعين نفس شڪاري اٿئي دل جون اکيون کول اي بي اعتبار
ورنه زين دشمن نه يابي توامان طمع کورت کرده تو درجهان
نه ته هن ماريءَ کان بچي نه سگهندين توکي لالچ هن جهان ۾ انڌو ڪري ڇڏيو آهي.
غفلت ولذت وعيش اين جهان چون تفنگ نفس دشمن رابدان
هن جهان جي غفلت ۽ عيش عشرت کي نفس دشمن جي بندوق سمجهه
اين عدوئ چند کشته زارزار چون تو گمراهه کرد مردم صد هزار
هن دشمن تو جهڙا هزارين ماري ڇڏيا آهن
توز نزديک او درو دور باش فرصت برتو نيا بر آن قلاش
تون ان کان پري ڀڄ نه ته ڪتي مان نه بچندين
در امان ذکر حق خلوت گزين تاشوي تو محو رب العالمين
حق جي ذّڪر جي پناري رهڻ گهرجي تون رب العالمين ۾ محو ۽ مصروف ٿئين
روبه پيش عاشقان ذوالجلال تاز فيض ذکر شان گيري کمال
ذات ذوالجلال جي عاشقن وٽ وڃ ته انهن جي فيض مان ڪماليت ملئي
در پناه مرشد روجاءِ گير تاشوي تواز سير شاهه مير
مرشد جي پناهه ۾ وڃي جاءِ ته تون شاهه جي سير جو امير ٿئين

هاٿيءَ جي ڳالهه

ماڙ جا ماڻهو پورهئي تي سنڌ ۾ آيا .هنن جي ڀرسان هاٿيءَ جا ٻچا گهمندا پيا وتن اتان جي ماڻهن هنن کي منع ڪئي ته متان ڪو هاٿيءَ جو ٻچو ڪهي کائو هڪڙي کي نصيحت ياد هئي ان نه کاڌو باقي ٻين هڪڙو ٻچٽ پڪڙي ڪهي کاڌو ايتري ۾ وڏي هاٿيءَ کي خبر پئي هڪدم پئل پئل ڪندو آيو. سڀني کي اچي سنگهيائين. جنهن نه کاڌو هو تنهن کي ڇڏيائين باقي ٻين کي ڪنڌ ۾ سونڍ وجهي آسمان ڏانهن اڇلائيندو ويو. ائين سڀني کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيائين
مطلب ته فقير عارف هاٿيءِ جا ٻچا آهن. ماڙ جو ملڪ آسمان آهي اهو داناءَ حضرت رسول الله ﷺ آهي هي آدمين جا روح اوڏانهون سانگ تي آيا آهن. اهي سڀ انساني جامون پائي هت ڪنهن واپار سانگي آهيا آهن. هاڻهوڪي زماني ۾ اسان به ان وڏي هاٿي جا ٻچا آهيون. اسان سان جيڪي به شهر وارا يا آفيسر لڙيا تن جو بنڊ کڻي ڇڏيائين. سڀني کي فنا ڪري ڇڏيائين .هڪ ئي ڪونه بچو. هي انصاف ان وڏي هاٿيءَ جو ٿو ليکجي ته ٻچن ته ڪيڏو نه مهربان آهي فقير ته خوش ويٺو آهي. پنهنجي مرضيءَ سان هت رهي ٿو. جڏهن وڃڻ جو رايو ڪيائين ته باز وانگر ڏور ٽوڙايون هليو ويندو .وڃي پنهنجي واهيري ۾ رهندو.
بيت

اوليا اطفال حق انداي انداي پسر ، در حضور غيب آگهه باخبر
اولياءِ حق تعاليٰ جا ٻچا آهن غيبي حضور کان واقف ۽ باخبر آهن
همچون بچئه فيل باشند عارفان آن عيال الله صوفي سالکان
عارف هاٿيءَ جي ٻچن وانگر آهن اهي سالڪ صوفي الله جو عيال آهن.
عارفان چون بچئه کلان حافظ آن ذات حق برجان شان
هاٿيءَ جي ٻچي وانگر اهو وڏو هاٿي انهن جي جسم جان ۾ جو نگهبان آهي.
درامان ايزدي آن جان بود. که اوبه ادب وخادم عارف شود
جيڪو عارفن جي ادب سان خدمت ڪندو ان جي جان پروردگار جي امان ۾هوندي
عارفان راحق بود پشت وپناهه برو جود عاران سايئه الله
عارفن لاءِ حق تعاليٰ ٽيڪ ۽ پناهه آهي. عارفان جي وجود تي الله جو سايو آهي.
دشمنان عارفان خوار تباهه تاقيامت در ندامت رو سياهه
عارفان جا دشمن خوار ۽ تباهه آهن، قيامت تائين شرمساري ۾ منهن ڪارو اٿن
تاتواني عارفان راشو غلام فائدهاين جا ورداني والسلام
جيترو ٿي سگهيئي ته عارفن جو غلام ٿي رهه. ٻنهي جهانن ۾ فائدو ۽ سلامتي ملئي

سُرندائي جي ڳالهه

سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ. سمنڊ جي ڪناري ڀرسان ڪافي جهنگ ۽ ٻيلو آهي. پوءِ ان ٻيلي ۾ ڪٿان ڪٿان جون مينهون اچي ٻيلي ۾ رهن. پوءِ اتي ٽاهڙ ٿي وڃن انهن جي پڪڙڻ لاءِ شوقين اچن ۽ دونهي ڪري هوريان هوريان مينهن کي هيرائي ڪاهي. اچن ۽ ڌارين ۾ هڪڙو لهڻو نالي شر هو. جيڪو سرندو به وڄائيندو هو. گهمندي گهمندي ان ٻيلي ۾ ويو. رات جو اتي هن ققنس پکيءَ جو آواز ٻڌو. آواز ٻڌڻ سان بيهوش ٿي ويو. ان آواز سان جهنگ جا پکي به اهڙا بيهوش ٿي ويا. جو هٿن سان کڻي وٺجن.جڏهن لهڻو هوش ۾ آيو ته ققنس پکيءَ جي آواز وارو نمونو سرندي ۾کڻي وڄائڻ شروع ڪيائين. هت اسان وٽ به آيو هو ۽ اچي ان طرز سان سرندو وڄايائين ته ساري ڪچهري زار زار روئڻ لڳي ۽ ذري گهٽ بيهوش پي ٿيا. ته کيس ڪچهريءَ وارن منع ڪئي پوءِ بس ڪيائين.
رب العالمين جيڪي آواز آسمان ۾ لڪايا آهن. جيڪڏهن اهي آواز هن جهان وارا ٻڌن ته مست ۽ چريا ٿي وڃن پوءِ هي ڪثرت جو جهان هلي نه سگهي جيڪي فقير ذڪر سان حق جو وصل ڪن ٿا. اهي اِهي آواز ٻڌن ٿا. تڏهن اهي فقير ظاهري آواز سان ذوق ٿا رکن ۽ دنيا تان هٿ کڄي ٿو وڃين. سروز اهڙي شيءَ آهي.جنهن لاءِ حضرت رسول الله ﷺ جن المساع معراج الاولياءَ فرمايو آهي.
بيت
هرکه ازخود رفت داند اين سرود کرد معراج الاهي از وجود
جيڪو پاڻ کان ويو سو ان کي سمجهندو ان وجود مان نڪري خدائي معراج ڪيو.
اوچه داند که اندرين جسم فنا . غرق باشد اونه شداز خود جدا.
جيڪو هن جسم ۾ فنا ٿي ويو اهو ڇا ڄاڻندو اهو غرق ٿي ويو ۽ پاڻ کان جدا نه ٿيو.
اين سرو داز لامکان نئي ازمکان، لامکان شد نغمه گاه عارفان
هي آواز هن جهان جو نه آهي لامڪان جو آهي لامڪان عارفن جي ڳائڻ جي جاءِ آهي.
از شنيدن نغمه گردند عاشقان نيم بسمل مرغ جان سالکان
ان راڳ جي ٻڌڻ سان عاشق اڌ ڪٺل پکي وانگر ڦٿڪن ٿا.
ازتپش او همچون ماهي درمثال از، سرود قدس ذات ذوالجلال
ان تاءَ کان مڇيءَ وانگر ٿين ٿا ذات ذوالجلال جي آواز ٻڌڻ سان
زاهد چون خشک جان بي اثر اوچه داند ذوق ذاتي بي خبر
زاهد سڪل جسم وانگر بي اثر آهن. اهي بي خبران ذاتي ذوق کي ڇا ڄاڻن.
زاهدان ديوار ريان بس چون جمود اونه گرده عبراز خاکي وجود.
زاهد بيٺل ڀت وانگر آهي انهن خاڪي وجود مان عبور ڪونه ڪيو آهي.

قُقُنس پکيءَ جي ڳالهه

هن پکيءَ کي چنهب ۾ سوراخ ٿيندا آهن انهن مان مختلف آواز ڪڍندو آهي. جن جي ٻڌڻ سان ماڻهو پکي توڙي جانور بيهوش ٿي ويندا آهن. اهو پکي ڇا ڪندو آهي جو ڪاٺيون گڏ ڪري آکيرو. ٺاهي اتي آنا لاهيندو آهي پوءِ آنن تي ويهي آواز ڪندو رهندو آهي ۽ زور سان پرن کي ڦڙڪائيندو به رهندو آهي. ان باهه ۾ پاڻ سڙي ويندو آهي. ۽ آنا ڦٽي پوندا اٿس. جيڪي ٻچا ڦٽن اهي ٽانڊا کائي وڏا ٿين هن پکيءَ جو گذارو ۽ حياتي ان طرح آهي
مطلب ته فقير عارف ان ققنس پکيءَ وانگر آهن اسم اعظم جو سروز وڄائيندي هن بوتي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏين دل واري آني تي جيڪو حجاب هين سو ڦاٽي پوين. ۽ روح جو ٻچو ڦڙي پوين. خام خوديءَ کان بيخودي ٿي پون. پوءِ روح پرواز ڪري. ملڪوت ۾ وڃي نڪري، ستين آسمان کان اورتي ڪونه بيهي پوءِ اصل قُقنُس ٿي پوي.
بيت
اي براد مرغ آن ققنس توئي نغمه ساز وحدت ومعنوي.
اي ڀاءُ اهو ققنس پکي تون ئي آهين. معنيٰ ۽ وحدت جو ساز وڄائيندڙ به تون ئي آهين
هين بر آواز نغمئه ذکر خدا، تاروي زين نغمه بر عرش عليٰ
هن طرح خدا جي ذڪر جو نغمون ڳاءِ ته جيئن ان نغمي سان عرش عُليٰ تي وڃين.
آتش ده بيضه دل رااي پسر تاکه پرده رد آئي بدر
ٻچڙا دل جي آني کي باهه ڏي ته جيئن پردو ڦاٽي پوي ۽ تون ٻاهر اچين
تاز آواز اين توحيد قال، از شيندن طالبانرا وجد حال
ان آواز ۽ توحيد جي ڳالهه ڪر ته ٻڌڻ سان طالبن کي وجد حال پوئي
هرکه اندر عشق حق بابد کمال پيس زبانش چون زبان ذوالجلال
جيڪو الله جي عشق ۾ ڪمال کي پهتو پوءِ ان جي زبان ذوالجلال جي زبان ٿي پوندي
يسمع وبصر وبي ينطق وجود سر بسر فاني بوداندر نمود
ٻڌندڙ ڏسندڙ ۽ ڳالهائيندڙ تنهنجي وجود ۾ آهي هي سارو جهان فاني آهي ۽ هو سمايل آهي.
گرچه گويد اين زبان او کلام، نيست آدم آن خدا دان والسلام
توڙي جو هي زبان سان ڪلام ٿو ڪري ته به آدم نه آهي ان کي خدا سمجهه

ٻڪرار ۽ سروزيءَ جي ڳالهه

هڪڙي سوزيءَ ساز پي وڄايا هي سٺوسروز وڄائيندو هو ۽ ان تي سندس گذران هو هڪ دفعي وٽس سوٽو نالي ٻڪرار آيو سروز ۽ راڳ ٻڌڻ لاءِ ٻڌڻ سان ٻڪرار روئڻ ۽ کرڙيون هڻڻ لڳو. جڏهن هن ساز وڄائڻ بند ڪيو ۽ هو به هوش ۾ آيو ته سروزيءَ سمجهيو ته ڪو وڏو انعام ڏيندو سروزيءَ پڇيس ته توکي ڪهڙي ڳالهه بيهوش ڪيو. چيائين ته منهنجو چانهون ٻڪر هو. اهو به جيئن توپي ڳايو ۽ ڏاڙهي به ڏڪايئه پي، تيئن منهنجو ٻڪر جڏهن ٻڪرين تي ٻڙڪندو هو ته ڏاڙهي به تو وانگر ڏڪائيندو هو ۽ آواز به تو جهڙو هوس هاڻي هو ٻڪر مري ويو آهي.۽ هيئر اهو ياد پيو. جنهن ڪري روئڻ آيو ۽ بيهوش ٿيس. اهو ٻڌي سروزيءَ کي حيرت وٺي ويئي.
مطلب ته زماني جي ماڻهن سان جيڪڏهن توحيد جي ڳالهه ڪبي ته ڄڻ سوٽي ٻڪرار اڳيان ساز وڄايوسين. ضرور هنن کي به ڪا رَنَ ياد ايندي يا ڪو ڏاند يا ڪو سٺو گهوڙو ياد ايندن. خدا ته ياد ئي ڪونه ايندن.
بيت
نغمئه توحيد از بزبان کجا نغمئه بلبل کجا از غان کجا
توحيد جو راڳ ڪاڏي ته ٻڪرار ڪاڏي .ڪاڏي بلبل جي ٻولي ته ڪاڏي ڪانو جي ڪان ڪان
آفتاب وشب پر ازهم جدا. اوبود روشن واور اتاريک جاءِ
سج ۽ چمڙو ٻيئي هڪٻئي کان ڌار آهن سج روشن آهي ۽ هواوندهه ۾ رهي ٿو.
خرچه داند قيمت قند شکر. پيش اوسر گين هر دم خوب تر.
گڏهه مٺائي ۽ کنڊ جوڪهڙو قدر ڪندو. جن سدائين زڪام هوندو آهي.
گرباب مي سرائي پيش ميش، اوچه داند ميگذار عمر خويش
جيڪڏهن رباب رڍ جي اڳيان وڄائبو.اها ڇا ڄاڻي تون عمر اجائي ٿو وڃائين
هر که او خواهد خدائي ذو الجلال اوبداند رمزاين توحيد حال
جيڪو الله گهرندو اهو ئي هن راز ۽ توحيد جي حال کي سمجهندو
بخت بالا اوست نزد عارفان. رفت اندر گوش صحبت سالکان
عارفن جي نظر ۾ اهو بخت وارو آهي.جنهن جي ڪنن ۾ سالڪن جي صحبت پهتي .
اين جهان وآن جهان اورا انعام هرکه اونو شيد زين ساغر کلام
ٻئي جهان ان کي انعام ۾ ملندا. جنهن ان وحدت جي پياله مان پيتو

حاتم طائيءَ جي لاش جي ڳالهه

حاتم جو لاش ڪنهن جبل جي نئين ۾ دفن ٿيل هو. پوءِ نئين وهڻ ۽ لاش لڙهڻ جي خوف کان کوٽي ڪڍيائون ته جسم ته ڇا هڏا به ڪجهه ڳريل هيس ۽ صرف سڄو هٿ صحيح سلامت هيس. جنهن سان سخا ڪندو هو. يعني جنهن هٿ سان الله جي نالي تي سخا ڪندو هو.
مطلب ته جن طالبن الله جي نالي ۾ دم هلايا ته انهن جي مشين خراب ۽ برباد نه ٿيندي، جيئن گهڙيال جو ڪانثو ڦرندو آهي ائين قيامت تائين پيئي ڦرندي اها ڳالهه اکئين ڏٺي ٿا ڪريون جيڪو اعتبار نه ڪندو ته قيامت تائين لعنت اٿس .
هر گزنه ميرد آنکه دلش زنده شديد به عشق
جنهن جي دل الله جي عشق سان جئري ٿي ته اهوهرگز نه مرندو
ثبت است برجديده ءِ عالم دو ام ما
ڪائنات جي ڪتاب ۾ اها هميشگي ثابت آهي .

بيت مثنوي
هرکه دم راخود دهد راه خدا کئي دم او مرده گرد ديا فنا
جيڪو دم خدا جي راهه ۾ڏيندوته ان جا دم نه مرندا نه فنا ٿيندا
ذکر حق دل مرده رازنده کند تابه ابد آن جانش پايند کند
حق جوذڪر مئل دل کي جيئرو ڪندو آهي آخر تائين ان جي جان بقادار ٿئي ٿي
ذکر حق کن تاپش حق حاضر شوي. تاجمال يا راناظر شوي
الله جو ذڪر ڪر ته الله جي اڳيان حاضر ٿئين.جيئن يار جو حسن ظاهر ڏسين.
زود گردبامراد خويش يار. هرکه ذکر حق راگير درکنار
جلد پنهنجي مراد کي حاصل ڪندين جيڪو به حق جي ذڪر کي ڀاڪر وجهندو.
گرهي خواهي وصال ذوالمنين ذکر کن هين ذکر کن هين ذکر کن
جيڪڏهن ذات حق سان ملڻ ٿو چاهين ته ذڪر ڪر هئين ذڪر ڪر هيئن ذڪر ڪر.

ڍنڍ ۽ پيئڻ پکيءَ جي ڳالهه

هي ڍنڍ جو اڇي رنگ جو پکي ٿيندو آهي ان کي ميربحر ڦاسائي کنڀن سوڌي کل لاهي. منڍيءَ سميت مٿي ۾ پائي.پوءِ اهڙن پکين جا ولر هٿن سان پڪڙيندا آهن انهن کي پاڻي ۾ سير ڏيندا اڇليندا ويندا آهن. هن پکيءَ ۾هلڪي ڇيلي جي گوشت جيترو گوشت ٿيندو آهي جيڪو ميربحر کائيندا آهن.
مطلب ته هي آدمي به ذات پاڪ جي جنس آهي. مگر هن کي پر ڪونه آهن مگر وڏي پکيءَ کي پر آهن ڏسو ته ميربحر ان کي ڪئين ٿا وٺن ۽ اڳ ۾ پاڻ وڃائي گم ڪن ٿا ۽ پاڻ پيئڻ پکي ٿا ٿي پون تڏهن ٿا ان درياهه جي پکي کي پڪڙي سگهن
هي آدمي جڏهن الله جي ذڪر ساڻ وڃائي گم ڪندو ۽ پاڻ ان پکيءَ جي نموني پوش پائي اهڙو ٿي پوندو تڏهن اهو وڏو پکي پنهنجي ويجهو اچڻ ڏيندس. هم جنس ٿيڻ کانسواءِ هو پکي به وٽ ڪونه ڏيندو هم جنس ٿيڻ کان پوءِ هي رهندو ئي ڪونه اها ساڳي جنس ٿي پوندو
بيت مثنوي
چون شوي تو مرغ آبي اي دلا ، تابه گيري مرغ آن ساکن بقا
اي دل جڏهن تون پکيءَ جي جنس ٿي پوندين تڏهن ملڪ بقا پکيءَ کي وٺي سگهندين
جنس برجنس است همد همنشين. جنس شوتا جنس حق راباز بين
جنس جنس سان ٺهندي آهي ساڳي جنس ٿيءُ ته حق جي جنس کي ڏسين
اسپ با است دائم در قرار . فيل بافيل است هر دم هوشيار
گهوڙو هميشه گهوڙي سان خوش ٿيندوآهي هاٿي سدائين هاٿيءَ سان هوشيار رهندو آهي.
ذکر حق کن تا شوي فاني چنان جنس توفاني وبا جنس آن
خدا جي ذڪر سان هيءَ جنس فنا ٿيندي ته هوءَ جنس بقا ٿيندي
قرب حق يابي وصل جاو دان. هم جنس گردي بذات بي نشان
حق جو وصل ۽ ميلاپ دائمي ٿيندءِ ساڳي جنس ٿيندين. ته بي نيشان ذات ٿيندين.
محو باشي تونه ماني درميان غير رفته اندرون بيرون همان
تون وچ ۾ گم ٿي ويندين تون رهندين ئي ڪونه غير ويو پوءِ اندر ٻاهر اهو آهي.

پٺاڻن جي ٿڪل گڏهه جي ڳالهه

لاڙ مان پٺاڻ لڏو کنيو پي آيا. سندن لڏ وارا اٺ ۽ گڏهه ڏاڍا ڏٻرا هئا جڏهن مکيءَ جي ٻيلي وٽان لنگهيا ته گاهه ڏسي اٺ ۽ گڏهه ٻيلي ۾ ڇوري ڇڏيائون
اهي جانورٻيلي جُڦو گاهه کائي بُنڊ ٿي پيا. ٻارهين مهيني اهو پٺاڻن جو لڏو اتان اچي لنگهيو.گڏهه انهن جي ٻولي سڃاڻي اٺ کي چيو ته مون هينگ ٿي اچي اٺ چيس ته ڏاڍا سکيا ٿا گّذاريون .هينگ نه ڪر جو ساڳيا بار ڍوئڻا پوندا. گڏهه نه مڙيو وٺي هينگ ڪيائين ته پٺاڻن چيو ته وارو ڪيو پروڪو ٿڪل گڏهه اڃا اتي موجود آهي آخر گڏهه ۽ اٺ کي هٿ ڪيائون .ساڻن ٻيو اٺ ٿڪل هو. ان جو بار به گڏهه تي کڻي رکيائون ته گڏهه ٿڪجي ويهي رهيو. وري جيڪو اٺ سنگتي هيس. ان تي بار۽ گڏهه رکيائون جڏهن روهڙيءَ پهتا ته اٺ گڏهه کي چيو ته يار مون کي ڪڏ ٿو اچي جيئن توکي هينگ پي آئي ائين چئي اٺ وٺي جو ڪڏ ڏنو ته گڏهه مٿئون جو ڪريو ته ٽن هنڌن تان گڏهه جي چيلهه ڀڄي پئي ۽ پٿرن تي اچي ڪريو سو ميڄالو به چٿجي پيس. ۽ مري ويو. ان طرح گڏهه ڳجهن ۽ ڪتن جو کاڄ ٿيو.
فارسي چوڻي: کردني خويش آمدني پيش
يعني ،جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.
مطلب ته هي جهان مکيءَ جو ٻيلو آهي. ان ۾ روح اٺ آهي ۽ گڏهه نفس اٿس ٻيئي گڏ ٿا رهن جڏهن ٿڪل گڏهه کي دنيا جا ڍو ٿا ٿين ته هو خوديءَ جي هينگ ٿو ڪري اٺ ويچارو به ان جي ڪئي ۾ ٿو لوڙي پوءِ جنهن مهل روح نفس جي بار کان تنگ ٿو ٿئي ۽ موت جي جبل تي ان نفس گڏهه کي ٿو اڇلي ۽ خيالات جا ڪتا ۽ ڳجهان کائي ٿا وڃنس

بيت
نفس تست آن لاغر خرنموي، گاهه خور ده احمق وجسم قوي
تنهنجو نفس ڏٻرو گڏهه آهي. گاهه کائي اڍنگو ۽ سگهو ٿو ٿئي
ازخودي آواز من من ميکند اندرون من جسم رابرهم زند
خوديءَ کان مان جي هينگ ٿو ڪري. ان خوديءَ سان جسم کي پرزه پرزه ٿو ڪري.
گرخرمسکين شود درمرغ زار، تاعمر نامش نه گيرند يار کنار
جيڪڏهن ساوڪ ۾ گڏهه مسڪين ۾ ماٺ ۾ هجي ها ته ساري عمر ڪير نالو ڪونه وٺيس ها.
هر کس برلا غر رحم کند. ور رودا اندر خودي ظلم کند
جيڪڏهن ڪو ڏٻري تي قياس ڪري چاريندس ته خودي ڪندو ۽ ظلم ڪندو
گرشود مسکين نه گويد کس اورا ليک هستي يش بگير اندز جا
غريب هوندو ته ڪير به نه چوندس. هستي ڪيائين ته ان جاءِ تان ڪيرائيندس
مي نه داني اين خرخواه را، رئو کئي بيني تووجهه الله را.
هن خودي واري گڏهه کي نٿو سڃاڻين ته پوءِ الله جو منهن ڪيئن ڏسندين
چونکه با اين خرخجل خو کردئي، زين سبب از ذات حق در پرده ئي
جڏهن جو گڏهه سان شرمساري واريون عادتون ڪيون اٿئي ان ڪري حق جي ذات پرده ۾ اٿئي
چون به ميري خرشوي تو لاابال ، خرنه باشد ماند باقي ذوالجلال
جڏهن مري نڪرندين جسم مان ته بي پرواهه ٿيندين پوءِ گڏهه هوندوئي ڪونه صرف ذات ذوالجلال هوندو.

هڪڙي پير جي ڳالهه

هڪڙي عارف زماني جي پير کي معافه ۾چڙهيل ڏٺو. سندس ٻاهران نوڪرن جي هٿ ۾ اگهاڙيون تراريون ۽ بندوقون. هيس عارف انهن کان پڇيو ته معافه ۾ ڪير آهي نوڪرن چيو ته پير صاحب آهي فقير عارف چين ته هي پير ڪٿي آهي. هي ته ڪو خوني ڌاڙيل آهي. جو چوڌاري هٿيارکنيون قيد ڪيون بيٺا آهيوس ته متان ڀڄي وڃي يا. ڪنهن سان وڙهي پير هجي ها. ته الله تي ڀروسو هجيس ها. ۽ بنا خوف جي گهمندو وتي ها هي ته قيدي آهي.
بيت
هر که برذاتش توکل کرده است، بي حفاظت غير عمرش برده است
جنهن ان جي ذات تي ڀروسو ڪيو آهي. ته ٻين جي حفاظت کانسواءِ عمر پوري ٿو ڪري.
اين اسيران جهان باشند اسير نام خود گويند مابا شيم پير
هي دنيا جا قيدي قيد ۾ آهن پنهنجي نالي چون ٿا ته اسين پير آهيون
هرکه تکيه ميکند دائم مدام ، اوز غير حق نه ترسد نزد عام
جنهنجو سدائين الله تي ڀروسو آهي اهو الله کانسواءِ ڪنهن کان به نه ڊڄندو.
آنکه بي تکيه است اوترسان بود. اوز مورو مگس خود لرزان بود
جنهن کي توڪل نه آهي اهو ڊڄندو وتندو اهو ڪولي ۾ مک کان به ڏڪندو رهندو.
هرکه بي خوف باشداز خدا. اوز نظر عام ميگردد جدا
جيڪو خدا کان نٿو ڊڄي سو عام کان به لڪندو وتندو
زنده است آنکه برحق تکيه کند اوبه هر دم غوطئه در حق زند
جيڪوالله تي توڪل ٿو ڪري سو زنده آهي سدائين حق ۾ ٽٻيون ٿو هڻي
مرده دل بيمار آن باشد کس. هر که مرد غير حق گذار دخس
مئل دل وارو ۽ بيمار اهو ماڻهو آهي. جيڪو خدا کانسواءِ ٻين کان مدد ٿو گهري

تمساح جانور جي ڳالهه

هي هڪڙو جانور آهي جيڪو دُڌڙ ۾ ليٽي وات ڦاڙي ٽنگون سڌيون ڪري جهنگ ۾ سمهي پوندو آهي. هن جي وات ۽ زبان ۾ ڪيئن وانگر برج ٿيندا آهن. هي جيئن وات ڦاڙي ستل هوندو آهي. تئين پکي هن کي مئل سمجهي ڪيئن کائڻ لاءِ هن جي وات ۾ گهڙي وڃن جڏهن سندس وات پکين سان ڀهرجي وڃي ته وات کڻي بند ڪري ۽ سڀ پکي کائي وڃي.هن جو گذرسدائين دغا بازيءَ سان آهي.
مطلب ته هي نفس به ان جانور وانگر آهي. هن جو وات حرص آهي ته ڪيڙا خيالات اٿس. پوءِ جيڪو به آدمي سندس خيالات جي لالچ تي هن جي وات ۾ حرص ۾ آيو ته سڄو سارو ڳهي ويندو پوءِ هن جو نڪرڻ محال ٿي پوندو پوءِ هي في النار جهنم ۾ وڃي پوندو.
بيت
نفس مکار دهن کردباز ، ميخور دار راکه فتش درمکار
نفس مڪار وات ڦاڙيون ويٺو آهي جيڪو ان جي وات ۾ ويندو سو کاڄندو
درد هانش حرص کرم هو سها. اوبرائي مکر اوکرده رها
ان جي وات حرص ۾ سڌن جي ڪيڙن جي خواهش ڪئي. اهو هڪ ساه سان سندس وات ۾ ويو.
ذودا وفي النار دوزخ شد رجوع ، چونکه اورا گمراهي کرده طلوع
اهو هڪدم دوزخ ڏانهن ويو. ڇو جوان ۾ گمراهي ظاهر ٿي آهي.
طالبان را آگهي يابندازين، صد هزارن خورد آن مکر لعين
طالبن کي ان کان هوشيار رهڻ گهرجي. ان لعنتيءَ سوين هزارين ٺڳيءَ سان کائي ڇڏيا.
زينها رازمکر او ايمن م شو. روپناهه نزد صاحب دل به جو.
ان جي ٺڳيءَ کان بي خبر نه ٿيءُ. وڃي ڪنهن صاحب دل مرشد جي پناهه هٿ ڪر

زماني جي بادشاهن جي حقيقت

زماني جي بادشاهن جو اهو حال آهي. جو سندن کاڌو تيار ٿيڻ کان پوءِ اڳ ۾ ڪتي کي کارائيندا آهن. متان زهر هجيس. اڳ ۾ ڪتي کاڌو ته سمجهيو ته ڪتي جي اوبر بادشاهه کاڌي.
غريب غربو سڀڪو بنا خوف جي ماني کائي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٽڪر ڪتي کي اڇلين. بادشاهه توڙي سڄي عمر زهر جي خوف کان احتياط ڪن ته به مري وڃن. بچندا ته ڪين آهن. ته به هنن کي اجايو خوف ويٺل آهي الله تي اصل ڀروسو ڪونه ڪن. ائين نه ڄاڻن ته سندن جيترا دم هوندا ته انهن کي ڪير به کٽائي نه ٿو سگهي. سارو جهان وقت تي تازي ماني کائي، هنن کي ان حڪومت مان ڇا حاصل ٿيو. غريب به ساڳيو ڪفن پائي قبر ۾ وڃن. ته هي به ساڳيو ڪفن پائي ساڳي زمين ۾ وڃن.
اڃا غريب بنا خوف جي گهمندا مگر هي هميشه هٿيارن جي پهري ۾ نڪري سگهندا. ڄڻ ته ڪو خوني قيدي آهي. مگر آهن ته هي به خوني جو پنهنجي روحن کي ڪهيون. ويٺا آهن. مگر نفس ۽ سڌن کي پاليائون تڏهن ته ٻاهران پهرا اٿن ته متان ڀڃي وڃن. اهڙي بادشاهيءَ کان ته ماڻهو سکڻو ڀلو جو ماڻهو آزاد ۽ بنا خوف جي ميلا ملاکڙا ڏسندا وتن مگر هي پاڻي ڊڄندي پيئن.
بيت
بادشاهان رابه بين حال عجيب خور دن ايشان بود کم از غريب
بادشاهن جو عجب حال ڏسو. جو انهن جو کائڻ پيئڻ غريبن کان به گهٽ آهي.
هر کس بي خوف خود طعام وشراب اوبه هردم خوف کرده در عذاب
سڀڪو سواءِ خوف جي کائي پيئي.ٿو بادشاهه سدائين خوف جي عذاب ۾ آهن.
خاص وعام ميخور د بروقت خويش، خوردن شاهان بود خود
عام وخاص ماڻهو وقت تي کائڻ ٿا. بادشاهن جو بي وقت کائڻ آهي.
خوف ميدار ندز مرگ آن مدام ميروند آنها همي ميرند تمام
هي سدائين مرڻ کان ڊڄن ٿا اهي مري ته اوئين به وڃن ٿا.
ليکه شاهان جي توکل روزگار ، خوف ميدارند آن ليل ونهار
مگر بادشاهن جو گذر توڪل کانسواءِ آهي. رات ڏينهن خوف ۾ ٿا رهن.
روزتوکل کن بذات ذوالجلال، اي شهاتا تو نصيب درو بال
وڃ ذات ذوالجلال تي توڪل ڪر، اي بادشاهه تنهنجو نصيب مصيبت ۾ آهي

پيئڻ بلا جي ڳالهه

ڪو شخص رات جو ستو پيو هو ننڊ م هن جي ارهه تي پيئڻ بلا چڙهي ويٺي هئي. اوچتو هڪ گهوڙي سوار اتان اچي لنگهيو بلا کي ڏسي سمهيل کي اٿاري گهوڙي جي اڳ ۾ ڪري لڪڻ هڻي ڊوڙيائيس هن سان بلا جي ڳالهه نه ڪيائينس. آخر هن ڊوڙي ڊوڙي الٽي ڪئي جڏهن سڀ زهر نڪتس ۽ آجو ٿيو. تڏهن هن سان ڳالهه ڪيائين.
مطلب ته هي آدمي گمراهيءَ جي ننڊ ۾ ستو پيو آهي. هن جو نفس پيئڻ بلا آهي جيڪو مٿان چڙهيو ويٺو اٿس. گهوڙي سوار هن جو مرشد آهي. جيڪو طالب کان الله جي ذڪر جي ڊوڙ ٿو ڪرائي جنهن ڪري هن جي اندر مان غير ۽ دوئي نڪري ٿا وڃن. جنهن کانپوءِهن کي ابدي حياتي ٿي ملي. هونئن ته پيئڻ جي کاڌل جو سج اڀرڻ سان ڪنڌ ڀڄي پوندو آهي. سج اڀرڻ آهي هن جي حياتي جا دم پورا ٿيڻ.
بيت

مار نفس آدمي کرده تباهه تا شکار موت گشته بي گناهه
نفس جي نانگ ماڻهوتباهه ڪري ڇڏيا ته موت جو شڪار ٿي ويا.
گربه مرشد مير سد طالب خدا زوداز زهر هوس گردد جدا.
جيڪڏهن خدا جي طالب وٽ مرشد پهچي ٿو ته هو جلدي هوسن جي زهر کان بچائيس ٿو .
ديگران را آن زهر مار گران ميند ازاد عارف لامکان
ٻين کي به ان وڏي زهر واري بلا کان لامڪان وارو عارف آزاد ٿو ڪري
ترک کردن غير را اين قئي بود ازفنائي جسم اوباقي شود
غير کي ترڪ ڪرڻ الٽي آهي. ان جو جسم فنا کان بچي ٿو پوي.
ورنه هريک مبتلا شد خاص وعام اندرين زهر نفس مرگ مدام
نه ته سڀڪو عام خاص ان ۾ ڦاٿل آهي. ان نفس جي زهر ۾ هر ڪو هميشه لاءِ مئل آهي
هر که شد آزاد زهر نفس دم بدم باذات حق شد هم نفس
جيڪو سڌن جي زهر کان آزاد ٿيو. سو سدائين ذات حق سان گڏ ٿيو

کوهه واري جي ڳالهه

هڪ شخص ڪنواٽيءَ تي پري کان کوهه مان پاڻي ڀريندو هو. آخر هڪ امين نالي ٽوٻي چيس ته گهر ۾ کوهه کڻاءِ پوءِ هن همٿ ڪري گهر ۾ کوهه کڻايو ۽ پري کان پاڻي کڻڻ جي تڪليفن کان بچي پيو. پوءِ ويچارو پيو ڪري ته مار پاڻي ته ڪو ونحن اقرب ويجهو هيو.مان ناحق پري پي رليس اڻ ڄاڻائي ۾ سڌ نه هيم ته ڪو پاڻي منهنجي گهر ۾ آهي. هي آدمي به ائين حج ۽ زيادتون ڪندو ٿو وتي ته ڪو الله ايڏاهون ملندو. پر الله ته ساڻ ۽ گڏ اٿس. وفي انفسکم افلا تبصرون ۽ اوهان جي جان ۾ آهي پوءِ ڇو ته ٿا ڏسو
بيت
همچون بر اسراغ غواص امين. چاهه دل رابر بکن اي مهه جبين
امين ٽوٻي جي ڏس وانگر اي سهڻا دل جي کوهه جي کوٽائي ڪر
تا ازين خاکي جسم آب بياب. تارهي از منت هرنا صواب
ان طرح من خاڪي جسم مان پاڻي هٿ ڪر ته سڀني جي ٿورن کان ڇٽي پوين.
هر دم چه کن ۾ شو آسائشي دلا. تاکه دريابي آب صفا
هر هڪ دم سان کوهه کڻ ساهي نه پٽ جيئن ان مان صاف پاڻي لهين
پس زمنت ديگران خود وار هي، چون به خانئه خويش دريابي چه
پوءِ ٻين جي ٿورن کان پاڻ بچاءِ جڏهن پنهنجي گهر ۾ کوهه لهي وڌءِ
غافل آب طالب که از چه ديگران آب بيارد کشند منت گران
جيڪو ٻين جي کوهه تان پاڻي کڻي سو غافل طالب آهي ۽ وڏا ٿورا ٿوکڻي
آب نحن اقرب رياد دار . تاشوي از آب خويش فرخنده وار
ونحن اقرب وارو ويجهو پاڻي ياد رک، ته جيئن پنهنجي پاڻيءَ سان سرخرو ٿئين

محمد عارف صوفي بهاولپوري

گولو شاهه نالي شاهاڻي مير سهراب خان جي حاضريءَ جو وڏو غلام هو. جيڪو هڪ دفعي وٽانئس ڪاوڙجي دائود پوٽو جج صاحب عرف صادق بادشاهه وٽ وڃي نوڪر ٿيو. هي شاهاڻي فقير. حضرت خويش خير محمد هيسباڻيءَ جو طالب هو. پاڻ هتي رياست ۾ فقير تاجن ۽ ڪلاهن ۽ گيڙوءَ جي پوشاڪن سان ڏٺا هئائين اتي ڪنهن کان پڇيائين ته هت بهاولپور ۾ ڪو فقير آهي. نوڪر چيس ته هتي محمد عارف نالي هڪ فقير آهي. فقيرمحمد عارف ڀلي پوشاڪ پائيندو هو. گهوڙي تي چڙهي گهمندو هو. مگر سندس نظر سيني ۾ هوندي هئي ڪيترا ماڻهو خوديءَ کان به نظر سيني ۾ ڪندا آهن. مگر فقير ائين نه هو گولا شاهه جڏهن کيس ڏٺو ته سمجهيائين ته هي ڪو دنيا جو ماڻهو آهي. جڏهن فقير محمد عارف ويجهو آيس. ته هي بيت چيائين.
دل به دست آور هرچه خواهي کن. حق نگهدار پس کج کلاهي کن
يعني دل تريءَ تي رک پوءِ جيڪي وڻيئي سو ڪر . حق نظر ۾ رک پوءِ ڏنگي ٽوپي ڀلي ڪر.
ان تي گولي شاهه چيس ته اسان کي اوهان جي ابتي پير ۽ رنگ جي خبر نه هئي معاف ڪجو ڪي فقير چشتي طريقي جا اهڙي اميراڻي لباس ۾ لڪل هوندا آهن.
اڳي سنڌ ۾ زاهدن ۽ عابدن کي به ماڻهو فقير چوندا هئا، پوءِ فقيرن بدناميءَ لاءِ گيڙوءَ جي پوشاڪ اختيار ڪئي مگر اندروني طرح اهي واصلي هوندا هئا. صوفي حيدري ظاهري پوشاڪ گيڙوءَ جي ۽ مٿي ۾ تاج پهريندا آهن. اڄوڪي وقت ۾ فقيري گيڙوءَ سان مشهور ٿي ويئي آهي. هاڻي جڳائي ته اڇو لباس پائجي اڇي لباس سان ڪوبه فقير ڪونه سمجهندو.

بيت مثنوي
دل چون باشد صافي از ذکار حق. همچون آئينه شود صافي دلق
دل اگر حق جي ذڪر سان صاف هوندي ته پوشاڪ به آئينه وانگر صاف هوندي
هرچه پوشد گوبپوش اورا روا اطلس وزربفت اورا شد سزا
جيڪو وڻيس سو پائي ان کي جائز آهي. پٽ ۽ ذري جي ڀرت سان به ڪپڙا ان کي لائق آهن
دل چون دست کلاه تاج دار. اوست شاهي گوبوداز دل نثار
دل تريءَ تي اچئي ته پوءِ ڪلاه ۽ تاج پاءِ پوءِ اهو بادشاهي جو مالڪ آهي توڙي دل تان قربان ٿيل هجي.
دل اندر دست نه آيد خرقه صوف شد خواري سرخ خلعت چون خوف
دل هٿ ۾ نه اچئي ته صوفي ڪپڙا يا ڳاڙها ڪپڙا خواري ۽ خوف کان اٿئي
سرخ رنگ بس نه آيد هيچ کار. دل بياور دل بيار
گيڙو پوشاڪ ڪنهن ڪم جي نه آهي. دل هٿ ڪر. دل هٿ ڪر دل هٿ ڪري آڻ
اي بغير دل بود بيکار جان نيست صوفي بيدرد اور ابخوان
اي ادا دل کانسواءِ جسم بيڪار آهي اهو صوفي نه آهي ان کي بيدرد سمجهه

جهنگلي باز جي ڳالهه

باز اونهاري جي موسم ۾ جبلن ۽ رڻن پٽن ۾ رهندا آهن. سياري جي موسم ۾ سانگ تي هتي ايندا آهن. باز هيٺين قسمن جا آهن .(1) شهباز ، (2) شڪرو، (3) لغڙ، (4) ذور، (5) بحري باز وغيره
بازدار انهن کي دام ۾ ڪڪر جو چوزو وجهي فاسائيندا آهن ڦاسڻ کانپوءِ انهيءَجون اکيون سبي بند ڪندا آهن ته جيئن ڏسي نه پوءِ رات جو هن کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا آهن ڏينهن جو هٿ تي ويهاريون ويٺا هوندس. ننڊ جيڪڏهن باز ڪندو ته هرندو نه هن ۾ جهنگلي عادتون ۽ ٽاهه موجود هوندو. پوءِ جڏهن صفا هري وڃن ته انهن کي گوشت کارائيندا آهن ڪانوَ جو کنڀ اڇلي باز کي شڪار ڪرڻ سيکاريندا آهن.
پوءِ جڏهن باقاعده هٿ تي هري به وڃي ۽ کنڀ به چنبي سان پڪڙي اچي جهوليءَ ۾ پوي ته پوءِ روزانو ٻارهن تيرنهن تتر ۽ تلورون پيو ماري پوءِ اهو باز بادشاهي ٻانهن تي پيو ويهارجي .ا يڏو هن جو شان ٿئي.
مطلب ته هن آدمي کي به مائٽن ۽ چلهه واريون عادتون آهن پوءِ مرشد هادي هن کي توحيدي گفتاران ٻڌائيندو ته عشق جي دام ۾ ڦاسي پوندو. پوءِ باز وانگر رات جو اوجاڳا ڏبس پوءِ سڀ گهرو عادتون ڇڏي ويندو. پوءِ اهو ساڳيو آدمي دلين جو شڪار ڪندو. هزارن کي پيو فيض ڏيندو. جيڪي فقيرن جو شڪار ٿيا. سي ٻين کي به پرواز ۽ شڪار پيا سيکاريندا پوءِ اهي پاڻ به عين باز ٿي پوندا ڏسو ته جهنگلي ماڻهوءَ جو پٽ پڙهي ۽ امتحان پان ڪندو ته آفيسر ٿي به ٿيو پوي.

بيت
هين بيا موز از بازان خصال تاشوي منظور ذات ذوالجلال
ائين بازن کان عادتون سکو ته ذات ذوالجلال کي منظور ٿيو.
شوتو دربيداري وذکر خدا تاکه علت خام تو گردو فنا
تون خدا جي ياد ۾ جاڳندو رهه ته تنهنجون خراب عادتون ختم ٿين
تاتو شهباز آن معنيٰ در شکار غير حق از تو شوديکدم فرار
جيئن تون شهباز وانگر معنيٰ جو شڪار ڪرين. ته حق کانسواءِ سڀ غير ڀڄي ويندو.
دمبدم بردست شهه ساکن شوي. جسم رابگذار در باطن روي.
هروقت بادشاهه جي هٿ تي هجين جسم کي ڇڏي باطن ۾ وڃ
هرکه باشهباز باشد همنشين اوشود همراز شهباز يقين
جيڪو شهباز سان رهندو اهو شهباز جو همراز ٿيندو.

اُٺ گاڏي واري جي ڳالهه

هڪ شخص اٺ گاڏي تي چاليهه مڻ بار کڻدو هو اوچتو سندس اٺ ڪاري واءُ جي بيماري سبب مري ويو.جت رڙيون ڪيون دير سان خيال آيس ته اٺ پيو ته سلامت آهي سڄو جسم جاچي ڏٺائينس ته سلامت پيو هو پوءِ سوچيائين ته هن اٺ ۾ڪو ٻيو هو جنهن بار پي کنيو ۽ پنهنجي جسم به پي کنيائين.پوءِ وڃي روئڻ کان بس ڪيائين.
مطلب ته هي جسم به اٺ وانگر آهي ان ۾ ڏها ذات ويٺي آهي جنهن جي طاقت سان بار ٿو کڻي جنگيون ٿو ڪري حڪومت ٿو هلائي مگر ان ذات نڪتي کانپوءِ ڪو ٻلو سندس نڪ چپ کائي ته به هڪل ڪونه ڏيندس،
اشتر تو اين وجود بار گير هر دم بار کشدت شدا سير
هي تنهنجو اٺ بار کڻندڙ آهي. هر وقت بار کڻڻ ۾ ڦاٿل آهي.
اين همه طاقت بوددر ذات حق بعد مردن بين وجود خود غرق.
هي سڀ طاقت حق جي ذات ۾ آهي. مرڻ کانپوءِ پنهنجو غرق ٿيل وجود ڏس
نيست طاقت مراوارا جنبش کند، گرچه اطفالش کس قتل کند
ان کي طاقت نه آهي جو چري سگهي توڙي سندس ڪو آڪهه کي قتل پيو ڪري
قوت ازحق بود اندر جسم هر که داني رائگان اورارسم
جسم ۾ اها حق جي طاقت آهي جنهن کي تون بيڪار ۽ عام رواجي ۽ بيڪار ٿو سمجهين.

درياهه جي آر جي ڳالهه

هڪ دفعي ڪچي جي شخص ڳالهه ڪئي ته سانوڻيءَ جي مند ۾ ٽيپهريءَ جي وقت مينهن جي چاري سان درياهه مان پاڻي وهي آيو. سندس گهر ان مال جي چاري جي ڀرسان هو. سندس مال ۽ سامان ڪڪڙ وغيره گهر ۾ هئا، ان گهر جي ڀر سان هڪ پراڻو پر مظبوط لئي جو وڻ بيٺل هو. ان لئي جي وڻ تي پيهو ٺاهي ان تي ويٺا هئاسون ۽ رات جو ان تي ستاسون. اڌ رات جون مون پاسو ورايو ته منهنجي ٻانهن پاڻيءَ ۾ ڇپڪو ڪيو. اٿي ڏٺم ته سڄو درياهه سير ڪري اسان ۽ لئي کي لوڙهيون ٿووڃي ڪڪڙ ڇپرن تي ويٺل هئاسي. به ڪکن تي ترندا ٻانگون ڏيندا پيا وڃن.
ڍور ڍڳا ان ۾ لڙهي ويا. ان شخص وٽ سيڻه هئي. ان تي تري نڪتو ٻار ٻچا به تر تي ڪڍياسون مگر سڀ اڌ مئا ٿي نڪتا. مطلب ته هيءَ انساني دل مينهن جي چاري مثل آهي آدميءَ جي وجود ۾ ذڪر اسم اعظم درياهه وانگر آهي. پوءِ جنهنجي وجود ۾ ذڪر گهيرو ڪيو.ته سندس وجود مان غير خيال جا وڻ پاڙئون پٽي کڻي ويندو پوءِ جنهنجي دل ۾ ذات ذوالجلال مهرو هنيون ته اتي پاڻي بڀڪيون ڪندو. اهي بڀڪيون انا الحق جو هونگان آهن.
بيت

هست انسان شاخ ره بحر عظيم ميز ند برموج آن لطف عميم
آدمي ان وڏي بحر جي شاخ آهي. اهو گهيرو ڪرڻ وارو موج تي موج هڻي ٿو.
مهره درياه اعظم بيکر ان غير حق فاني کند دريک دم آن
ان وڏي درياهه جو چاڙهه بي پايان آهي هو. هڪدم حق کانسواءِ غير کان فناڪري ٿو.
آن درختان غير وهم عبديت يک دم برکند ازا حديت
اهي وهمن ۽ ٻانهپ جا وڻ احديت سان پاڙئون ٿو پٽي اڇلي
نعره انا الحق زندارو برملا غير راچون غرق کرده رانا
اهو ظاهر ظهور انا الحق جو نعرو ٿو هڻي غير کي انا ۾ غرق ٿو ڪري.
آن انا بحر نزد خاکي وجود آن انا منصور دان تو اي عنود
اها ان خاڪي وجود لاءِ بحر آهي اي ظالم اها انا منصور سمجهه
پس بود آن بحر باقي دربقا در بقابا الله مانداز خود جدا
پوءِ بقا ۾ باقي درياهه آهي. پاڻ نه هوندو مگر بقا با الله ۾ رهندو.

ڪلهوڙي بادشاهه ۽ بلوچ جي ڳالهه

اڳئين وقت ۾ سڀ ڪنهن کي ترار چيلهه سان ٻڌ هوندي هئي. اهو رواج ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي حڪومتن تائين رهيو. هڪ دفعي ڪو ڪلهوڙو بادشاهه سوئر کي ڪارگر ڌڪ نه لڳو تنهن ڪري چپ ڪري ويهي رهيو. بادشاهه کيس ڏسڻ ويو ته مري ويو. آهي يا نه بادشاهه جڏهن وٽس ويجهو ويو ته سوئر دسي وڌس. نوڪر ۽ سپاهي ڊڳڙي باز ڏسي ڀڄي ويا.اتي جهنگ ۾ ڪو بلوچ مسڪين بيٺو هو ۽ ترار هڻي ماري وڌائين ۽ بادشاهه کي ڇڏيائين. ان ڪري بادشاهه هن کي گهڻو انعام ڏنو جاگير ۽ ڀلو گهوڙو به ڏنائين. بلوچ گهوڙي تي چڙهي گهر اچي ته جوڻس چيس ته مئا ڪنهن کي ماري ان جا ٽپڙ کڻي آيو آهين ڇا. زال کي چيائين ته نه اهو مڏيءَ ترار جو بخت ڦاٽو آهي پوءِ کيس سموري ڳالهه ڪري ٻڌايائينس.
مطلب ته روح آهي سو بادشاهه آهي. ان کي نفس سوئر دسيون ويٺو آهي. جيڪو لاجي ترار سان ان نفس کي ماري روح بادشاهه کي آزاد ڪرائيندو سو به اهڙو انعام حاصل ڪندو. عرش کان تحت الثريٰ تائين سارو ملڪ انعام ۾ جاگير ٿي ملندس هزارين ٻيا به هن جي فيض مان فيض حاصل ڪندا. براق لا ابالي هن کي کڻي عرش جو سير پيو ڪرائيندو.

بيت

تيغ دردست کن تولا حجاب تابه بيني ملک معنيٰ راعجاب
تون جي حجاب ٿي لاجي ترار کڻ ته تو معنيٰ جي عجب ملڪ کي ڏسين
تيغ لاداري زکس نصرت م خواهه تاشوي برتخت اعليٰ بادشاهه
لاجي ترار تو وٽ آهي. ٻئي کان مدد نه وٺ جيئن تون اعليٰ تخت جو بادشاهه ٿئين
نفس خود راقتل کن اين خوک را، تا حضور نور بيني بوملا
پنهنجي نفس سوئر کي قتل ڪر. ته نور جوحضور ظاهر ظهور ڏسين
تاپسند طبغ شاهه آئي دلا ناز انعام خدا يابي بقا
ائين ڪندين ته بادشاهه جي طبع کي پسند ايندين ۽ خدا جي انعام سان بقا حاصل ڪندين.
محو گردند جمله عصيانت همه چون به بيني شاهه راتو دم دمه
تنهنجا سڀ گناهه ميٽجي ويندا. جڏهن بادشاهه کي دم دم سان ڏسندين
بخت بالا توبرون ازحد حساب ، شاهه عاليجاهه باشي در لقاب.
تنهنجو بخت حد کان وڌي ويندو. پوءِ تنهنجو لقب شاهه عاليجاه ٿيندو.

بادشاهه جي گهوڙي جي ڳالهه

بادشاهه کي جيڪو گهوڙو پسند ايندو سوسوار کي ڏيندو ته هلت چلت ۽ خصلتون سهڻيون ڪري ٺاهي ڏئي. هن کي پوءِ سوار لُچائي کئون الياڻ ڏيندس. جڏهن گهمائي سوار کان تسلي وٺندو تڏهن بادشاهه گهوڙي جي ڪنن جي مٿان بندوق جوٺڪاءُ ڪڍندو ته جيئن جا چيس ته ڇرڪ ته ڪونه اٿس. جڏهن تسلي ٿيندس. ته پوءِ بادشاهه پاڻ چڙهي ڏسندس جڏهن گهوڙو ڪامياب ٿيندو ته پوءِ سوين سئنس گهوڙي جي خدمت لاءِ رکندو هن کي راتب پيا کارائيندا ۽ ٿان تي پيو لٽيندو ٻڌي پيو چرندو. مٿان جهل پيئي هوندس، ٻيو ڪوبه مٿس سواري نه ڪندو.
مطلب ته هي انسان گهوڙي مثل آهي، دنيا جو جهان بادشاهه جي گهوڙي جي تنبيلي مثل آهي. سوار مرشد مثال آهي. ڪامل مرشد جيڪو ڏها ۽ چاليها ڪڍرائيس ۽ صاف ٿو ڪريس. دم وارو ذڪر ڏسي هن جا سڀ عيب ثواب لاهي ٿو ڇڏي .لا جو لغام ڏيئي صحبت جي سواري هيٺ آڻي هن جا سڀ ڇرڪ ۽ ٿاٻا نابود ٿو ڪري رڳو اسم اعظم جي هڪ رفتار ٿو هلائيس. پوءِ بادشاهه هن تي هڪ ڀيرو سواري ڪئي. پوءِ سڄي عمر ويٺي هنڌ پيو کائي. آرام پيو ڪري پوءِ ٻئي ڪنهن جي سواري يعني نفس ۽ شيطان جي حرڪتن کان به بچي پيو.

بيت مثنوي
همچون اسپ شاهه کلي پاک شو، زير ران شاهه خوش خالاک شو.
بادشاهه جي گهوڙي وانگر سمورو ٿيءُ بادشاهه جي ران هيٺان چالاڪ ٿيءُ
ليکه اول پير راکن پيشوا ، خوبهائي بت کند بهتر دوا
پر اڳ ۾ مرشد کي رهبر ڪر.جيڪو تنهنجي جسم جي خوبين جي لاءِ سٺي دوا ڪري.
تاز خوئي خام وار سته شوي دل پسند شاهه عاليجا هه شوي
جيئن خراب عادتن کان ڇٽي پوين. بادشاهه جو من پسند ۽ وڏي مرتبه وارو ٿئين
يک سواري شاهه به از صد طواف تاکه کعبه هم کني اندر طواف
بادشاهه جي هڪ چڙهي سون طوافن کان بهتر اٿئي تان جو ڪعبه توکي طواف ڪري.
صحبت مرشد کند چندان پسر که گداراشاهه کردند سر بسر
پٽ مرشد جي صحبت ائين سمجهه جو گداگرکي سرسبز بادشاهه بنائي ڇڏي ٿي.

بادشاهه ۽ مولويءَ جي ڳالهه

هڪ مسلمان بادشاهه ڪچهريءَ ۾ شراب پي ورهايو. هڪ مولوي به ڪچهري ۾ ويٺو هو بادشاهه مولوي کي به جام ڀري ڏنو ته پيءُ . مولوي چيو ته مان مري وڃان ته به شراب نه پيئندس. آخر بادشاهه نوڪرن کي بڇ ڪري دسرائي مار ڏياريائيس. مار کانپوءِ چيائين ته ڏيو ته پيئان پوءِ ٻه ٽي جام پي ويو. پيئڻ کانپوءِ مولوي هاءِ هاءِ پيو ڪري ۽ چوي پيو ته مون کي شراب جي خبر ڪانه هئي مان رڳو ائين عمر گذاري ڇڏي.جيڪڏهن هتي ڪلال خانو هجي ته طواف ڪيانس. آخر ڪلال خاني تي ويو. اتي وڃي ڏٺائين ته مولوي قاضي ۽ مفتي سڀ مٽن جي پاڙ ۾ پيا آهن. اتي دانهن ڪري روئيندي چيائين ته هي اسان کي جهليندا هئا. پاڻ شراب جي مٽن جي پاڙ ۾پيا آهن. ساقيءَ کان پڇيائين هي ڇو هت پيا آهن. ساقيءَ چيس ته تنهنجو انهن سان ڇا آهي تون ماٺ ڪري شراب پيءُ پوءِ ساقيءَ ۽ شراب خاني کي طواف ڪيائين.
مطلب ته مولوي نفس آهي جيڪو وحدانيت جي شراب جوانڪاري آهي ساقي حوض ڪوثر حضرت مولا علي آهي. شراب آهي دم وحدانيت جو جيڪو مرشد جي هٿئون آخرت جي موچڙن جي ڀوَ کان پيتائين پوءِ اسم مان مزو آيس مرڻ ۽ جيئڻ جو. پوءِ ساقي کي به طواف پيو ڪري ۽ هر هر شراب پيو پيئي جنهن ساقيءَ هٿان شراب پيتو سو قيامت تائين زنده رهندو جنهن نه پيتو سو مرده ٿي مري ويو.
مردود ٿي مئا، ماهر ٿي نه مئا
حباب ئي هئا. انهيءَ واديءَ وچ ۾

بيت
همچون ملان نفس خود داني دلا،
که از شراب عشق شد مانع ترا

ادا نفس کي ملان سمجهه جو عشق جي شراب کان توکي منع ٿو ڪري

ماڪڙ جي ڄم جي ڳالهه

سانوڻيءَ جي برسات ۾ ماڪڙ هڪٻئي مٿان چڙهي لڳ ڪري نر ماديءَ کان جسم ۾ هلڪو ٿيندو آهي. لڳ کانپوءِ ٻارهين پهر واريءَ ۾ پڇ هڻي اهي آنا ڦٽي پون. هن جي ٻچن جي شڪل ماڪوڙيءَ جهڙي ٿيندي آهي. جيڪا رنگ ۾ وچولي ڪاري ٿئي. اهي ٻچا ٽيڪيون ڏيئي واريءَ مان نڪري گاهه ۽ ٻوٽن جا پن کائيندا وتن. ان وقت ۾ هنن جو رنگ گاهه جهڙو ٿيندو آهي. هنن جي پرن تي کوپي وانگر پردو چڙهيل هوندو آهي پوءِ اهي ٻچا پنهنجي مائن کي ڏسي وٺي ڀرڙاٽ ڪري اٿن ته سندن پردو ڦاٽي پوي ۽ پوءِ وتن سنگت ڪيو. گڏ فصل کائيندا.
مطلب ته طالب جي دل واريءَ جي دڙي مثل آهي. پوءِ دل تي سڪ ۽ محبت جو مينهن ٿو وسين پوءِ مرشد هن جي دل ۾ الله جي اسم جو ٻج ٿو وجهي اهوٻج سيني ۾ سمائجي سڌن ۽ هوسن جي پوکن کي وتي کائيندو. جڏهن طالب وٽان سڌن جي پوک کاڄي پڌري ٿي ۽ باقي وڃي ان رهيس. پوءِ مرشد شهنشاهه اچيس ته ان جي ڏسڻ سان وجود وارو کوپو ماڪڙ جي ٻچن وانگر ڦاڙي وجهي ۽ مرشد سان گڏ معراج تي اڏاڻو. هليو وڃي بوتي واروکوپو اتي هو آسمان جي مٿان عرش جي سير تي
حديث من عروج الروح تيز الفلڪ يمشي من الرائس بدون الااقدام جنهن روح عروج ڪيو سو آسمانن ڏانهن مٿي ڀر تيز پرواز ڪندو پيرن کانسواءِ وڃن آديسي اُڀَ سرا.

بيت مثنوي

گرهي خواهي رسي درمعرفت، ملخ بچه وار شودر تربيت
جيڪر چاهين ته معرفت ۾پهچان ته ماڪڙ جي ٻچي وانگي سکيا وٺ
تاتو فصل وهم رافاني کني، پس به سوئي اصل خود رجعت زني
جيئن تون وهمن جي فصل کي ناس ڪرين. پوءِ پنهنجي اصل طرف موٽ ۽ پرواز ڪرين.
پرده جسم صفاتي رابدار تابطرف ذات خود داري عبر
ظاهري جسم جي پردي کي ڦاڙ. ته پنهنجي ذات جي خوشبوءِ حاصل ڪرين
ڳرتو اندر پرده ماني خوار وزار، قوت هر مرغ شوي مرگ شي کرار
نه ته تون پردي ۾ ذليل رهندين. ۽ موت کان پوءِ هر پکيءَ جو قوت ٿيندين.
زود کن اين پرده برادري غلام. طائربالا فلک شود والسلام
جلد ڪرهي غلامي جو پردو ڦاڙ مٿئين آسمان جو اڏامندڙ پکي ٿي ۽ سلام

بي عقل شڪاريءَ جي ڳالهه

پکي مٿي هوا ۾ اڏامندو آهي ۽ بي عقل شڪاري تير ڪمان کڻي پاڇي کي تير هڻندو آهي. تيرن جي سموري ٿيلهي کپائي ڇڏيندو آهي. مقصد به حاصل ڪونه ٿيندو اٿس
مطلب ته هي آدمي به وڏي پکي جو پاڇو آهي. هنن ماڻهن جا دم تيرن مثال آهن. جيڪي هن جسم جي پاڇي جي خدمت ۾کپائي ڇڏيائون اصل وڏو پکي هٿ ڪونه آين ۽ نڪي ڏٺائون جي هنن جا تير صحيح نشان تي لڳن ها ته مقصد ٿئين ها. پر هنن اهي تير اجايا.هڻي غضب ڪري ڇڏيا.جيئن ڪتو پکيءَ جي پاڇي کي چڪ هڻندو آهي ته پکي ته وٺ ڪونه ڏيندو اٿس. اجايون ڀئونڪان ڪري عمر وڃائي ڇڏيندو آهي اهڙي طرح هنن ماڻهن به پاڇي پويان ڪتي وانگر ڊڪ ڊوڙ ۽ هل هلاچا ڪري ساري عمر غرق ڪري ڇڏي. مقصد اصل هٿ ڪونه آين.

ڀولي جي طمع جي ڳالهه

هندوستان ۾ ڀولا جام ٿيندا آهن. اتان جا ماڻهو ڀولي جي سامهون دلو زمين ۾ پورين ۽ هنن ڀولن جي سامهون ڀڳڙا ۽ ريوڙيون دلي ۾ وجهي پاڻ پري ڀڄي وڃن. ڀولو ڊڪ ڪري ٻيئي هٿ دلي ۾ وجهي مٺيون کڻي ڀري جيڪي دلي جي منهن ۾ ڦاسي پون. پوءِ جهٽ ڪري ماڻهو اچي ڪنڌ ۾ڳراهو وجهيس. هن جون مٺيون نه نڪرڻ ڪري ماڻهو دلو کڻي ڀڃي پوءِ ڪاهي اچي پنائينس.
مطلب ته هي آدمي جن کان الله وسريل آهي سي ڀولا يعني ڀليل آهن دلو هنن جو وجود آهي ڀڳڙا هي کاڌا پيتا ۽ مال متاع اٿن. ٻيئي هٿ ان ۾ وجهون ويٺا آهن. عزرائيل هنن جو شڪاري آهي. جيڪو هنن کي اچي ٻڌي کڻي ٿو وڃي توڙي بيمار ٿين ته به دلي مان هٿ نه ڪڍن هنن جي واتان زماني واري گفتار پيئي نڪري تان جو عزرائيل ٻڌي تحت الثريٰ ڏي اماڻين.

هنجهه پکي ۽ ڪوئي جي ڳالهه

ڪئو مينهن ۾ پسي پيو ۽ سيءَ کان ڏڪڻ لڳو هنجهه پکي هن کي ڏڪيندو ڏسي قياس ڪري چيس ته منهنجي پرن هيٺيان لڪي ويهه ته تنهنجو سيءُ لهي. ڪوئي ڇا ڪيو جو سندس پرن هيٺيان ويهي سندس پرڪترڻ لڳو.آخر هن جو کنڀڙاثيون ڪتري گوڙو ڪري ڇڏيائنس. ٿوري اُڏا ڪي پيو ڏئي ته منهن ڀر پيو ڪري.
مطلب ته اهو ڪوئو هي نفس آهي. روح اهوآسماني پرواز ڪندڙ هنجهه پکي آهي جيئن ڪوئي هنجهه جا پر ڪتري کيس اڏامڻ کان جڏو ڪيو.تيئن هن نفس شهوت ۽ کاڌي پيتي جي سڌن سان روح جا ڏامڻ وارا پرڪتري کوهي ڇڏيا آهن. ڇو ته نفس خاڪي آهي ۽ روح عرشي آهي.
هڪ دفعي سائينءَ ڏاند ڪاهي واڻين جي مندر ۾ وڃي ڪهي خيرات ڪيو ۽ مسلمانن کي کاريائين جنهن تي واڻيه مڇرجي پيا ۽ فقير تي وڃي فرياد ڪيائون. مئجسٽريٽ فقير کي گهرائي پڇيو ته فقير هي ظلم ڇو ڪيو اٿيئي. فقير چيس ته مون باس باسي هئي جيڪا مندر مراد پڄائي آهي. ۽ مان باسيل ڏاند ڏيئي آيو آهيانس .
واڻيه پاڻ اسان جي پيرن تي باسون ۽ پڙ ڏيندا آهن پوءِ مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو مون ته مندر ۾ سيسا ڪئي آهي اهوٻڏڌي فقير کي ڪيس مان آزاد ڪيو ويو.

خدا ۽ شيطان جي خيرات

هڪ دفعي فقير سائين ڇا ڪيو جو هڪ سگهو متارو ڏاند ڪاهي ان کي اوڀر منهن ڪري سير ڏياريائين ۽ ان ۾ چانورن جو پلاءُ تيار ڪرايائين ۽ وري ٻئي پاسي جوئر جو ڦڪو الوڻو ڀت تيار ڪرايائين پوءِ ڳوٺ جي ماڻهن کي دعوت ڪري اعلان ڪيائين ته هي ڏاند جي گوشت جو ٻوڙ ۽ پلاءُ مون شيطان جي نالي تي خيرات ڪيو آهي. هن پاسي الله تعاليٰ جي نالي تي جوئر جو ڀت خيرات ڪيو اٿم. اوهان کي جٿان پسند اچي اتاهون کائو
اطلاع باوجود ماڻهن خلاف شريعت ڏاند ڪٺل مان ۽ ان مان ٺهيل پلاءُ جو ذرو به ڪونه ڇڏيو. مگر الله جي نالي واري ڪيل ڀت مان ڪنهن آڱر به نه ٻوڙي.
ٻن ٽن ڏينهن گذرڻ بعد ڳوٺ جي ملن، ۽ مفتين، ۽ وڏيرن گڏجي فقير صاحب تي فرياد ڪيو.انهن ڏينهن ۾ مختيارڪار کي مئجسٽريٽ جا پاور هئا. مختيار ڪار صاحب فقير صاحب کي گهرايو ۽ پڇيائين ته فقير تو هڪ ۽ ڪعبه جي طرف منهن ڪرڻ بجاءِ اوڀر ڏي منهن ڪري ڏاند خيرات ڪيو ۽ خيرات وري ڪيوَ به شيطان جي نالي تي.
جنهن تي فقير صاحب جواب ڏنس. ته صاحب ڳوٺ وارا مون کي شيطان جو جماعتي سڏيندا هئا.ان ڪري انهن کي آزمائڻ لاءِ مون ظاهر ظهور شيطان جي ڪري کين دعوت ڪيم. ته ڏسان ته جي هي شيطان جي خلاف هوندا ته شيطان جي نالي واري خيرات ۽ پلاءُ ڦٽو ڪري الله جي نالي وارو جهڙو تهڙو ڀت کائي ويندا جو سڀ شريعتي ماڻهن ٿا سڏائين.مگر اسان کي بي شريعت سمجهندڙن خود پاڻ شيطان جي حرام خيرات کائي ختم ڪئي.
ٻيو ته شيطان الله جو دربان آهي. ڪنهن کي خوشيءَ سان الله ڏي وڃڻ يا سندس عبادت ڪرڻ نه ڏيندو آهي. ان کي ڏاند جي خيرات ۾ مصروف رکي اسان موقع وٺي سڌا وڃي الله تبارڪ وتعاليٰ سان ملاقاتي ٿياسون. اهو ڪم اسان انهن ٻن مقصدن کي نظر ۾ رکي ڪيو هو. اهو ٻڌي مختيارڪار کين ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.

باب ڇهون: روح رهاڻ

---

روح رهاڻ

جيستائين هي عاشق آهي تيستائين هي هلاڪ آهي. فراق ۽ سوز سان هن جي هلاڪي آهي هن مان نڪتو ته ملجوت ۽ جبروت ۾ ۽ لاهوت ۾به عاشق آهي. فنا في الله ۽ بقا باالله ۾ پهتي کانپوءِ هي ٻارهن مهينن تائين عاشقي ۽ بيقراريءَ ۾ رهندو ٻارهن مهينن تائين هن جي پڪاوت پئي ٿيندي پڪاوت کانپوءِ هن کي قرار ايندو ۽ هو بيقرار ٿيندو تنهن کان پوءِ هي معشوق هو عاشق ٿي پوندو. جيستائين هي عاشق آهي تيسائين ڪچو آهي ۽ مارجڻ جو خوف اٿس.
عشق نور به آهي. ته نار به آهي. سوز به آهي ته ساز به آهي.ڏک آهي ته سک به آهي عشق جو درد رڳو وصال آهي. عشق وصل به فراق ۽ درد آهي. وصل کانپوءِ سڀڪو آرامي ٿيندو آهي. مگر عشق وٽ وصل به هجر ۽ فراق آهي ۽ بي آرامي آهي. جيئن جدائي فراق آهي تيئن عشق جو وصل به عين فراق آهي. عشق ڏسڻ خود بي انتها درد آهي. جيئن عاشق عشق کي ويجهو تيئن درد ۽ فراق زياده ٿيندس. جيئن فراق ۽ درد تيئن لذات بي انداز.اها لذات ٻنهي جهانن جي بادشاهي کان وڌيڪ آهي جيئن جيئن لذت وڌندي تيئن تيئن جوش ۽ مستي زياده. جيئن جوش ۽ مستي تئين بيخودي ٿيندي ۽ نفساني بوتو نابود ٿيندو، عشق جي مستي، جيئن عشق جي مستي تيئن، عاشق پست ٿيندو. جيئن عاشق پست تئين عشق جوجوش وڌيڪ، جيئن عشق جو جوش تيئن عاشق نيست نابود ٿيندو وڃي.جيئن عاشق نيست ٿيندو تيئن ديدار جو ذوق وڌندو ويندس. جيئن ديدار جو ذوق وڌندو تئين حيراني ٿيندي، جيئن حيراني ٿيندي تيئن ساهه نڪرڻ کي ايندو. هي ڦڙو سخت ڪشش ڪري ته درياه سان گڏجان تيئن ساهه هيٺيئن ڌڙ مان ڇڏي هيٺين اڌ لُڪيءَ تائين اچي پهچي ساهه ظلم سان نڪرندو آهي پر هن ساهه نڪرڻ سان ايتري فرحت ۽ جاوداني عيش حاصل پيو ٿئي جيئن مڇي پاڻي ڪاڻ سڪي ۽ تڙپي جيئن لوهه مقناطيس ڏانهن ڏسي ڇڪجي لڙڪي پوي.
حقيقت جي وجود کي ٻه هٿ آهن. کٻو هٿ ۽ سڄو هٿ کٻو هٿ جلال آهي. ۽ سڄو هٿ خالص جمال آهي جلال ڪفر آهي ۽ جمال اسلام آهي. جلال نار ۽ جمال نور آهي جمال مسلماني آهي مگر ان ۾ نور ۽ نار مرڪب آهين مفر خالص جمال ۽ خاص الخاص مسلمان اهو آهي جنهن پاڻ مان نڪري محمدي معراج ماڻيو.
عشق ڇا آهي؟ جنهن هن وجود کي عشق ۾ فنا ڪيو الوهيت جي محبت ۾ هستيءَ کي ذڪر وحدانيت سان نابود ڪيائين عشق جي درد حال جي خبر ان کي هوندي نه ڪي زاهد عابد يا ملان کي هوندي زاهد عابد ۽ ملان شاهه جي ٻانهپ ٿا ڪن. مگر عاشق پاڻ شاهه ٿا بڻجن. ٻانهي کي شاهه جي ڪهڙي خبر. جزوي عقل منگل ڪوٽوار آهي. جنهن جي ڳالهه ٻڌڻ جهڙي آهي.
اسان جي حال جي وقت دوران ميرامام بخش خان لاءِاسان جي ڳوٺ جي اتر طرف دٻ شڪار گاهه ٺهيو.ان لاءِ منگل ڪوٽوار مير جي رسائي لاءِ 500 ماڻهو گڏ ڪيا. ان وقت ۾ رياست ۾ ڇيڙ ۽ بيگر جو رواج هو. بادشاهه جي اچڻ تائين اهي ماڻهو منگل ڪوٽوار جي حواله ۾ رهندا هئا. ڪوبه ڇيڙ ڀڄندو هوته ان کي منگل ڪوٽوار پڪڙائي مارائيندو هو.
هڪ دفعي منگل ڪوٽوار کٽ تي وٺيو هو ڏاڍي رعب تاب سان حڪم ويٺو هلائي. زميندار ۽ امير به سندس انتظار ۾ بيٺا هجن ٻڪر ڪڪڙ ۽ کير سڀ موجود هجن. ديڳيون چڙهيون پيون هجن. منگل ڪوٽوار کي اهڙي خوءِ هجي جو ڄاڻجي پيو ته ڄڻ بادشاهه ئي هي آهي. بادشاهه جي اچڻ کان ست اٺ ڏينهن ڪوٽوار رڻ ٻاري ڏنو.
جنهن وقت بادشاهه جو اڏام ڌوم سان اچڻ ٿيو ته ڪوٽوار اٿي ڀڳو. لَوَنِ ۾ لڪي کبڙن ۾ لڪي آخرڪار جهنگ ۽ واريءَ ۾ ڊڪي ڊڪي ساڻو ٿي پيو. جهنگ ۾ هرڻ ۽ ڦاڙها رهندا هئا سوبه پڌر پيو نظر اچيس. اتان به ڀڳو ته متان هت به ڪو ڏسي وٺي. هن جي لڪڻ جو سبب اهو متان بادشاهه جي انتظام ۾ ڪا ڪوتاهي ٿي هجي ۽ بادشاهه مار ڏياري رسائي ۽ انتظام نه ٿيل هو پر منگل جو نالو ئي ٻڌو هئائين.
آخر منگل ڇا ڪيو جون نار جي مالهه ۾ هٿ وجهي پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏنائين ۽ رڳو ناسون مٿي ڪري پاڻيءَ ۾ ويهي سارو ڏينهن پاڻيءَ ۾ ويٺو هو. بادشاهه جي وڃڻ کانپوءِ ڇڪي ٻاهر ڪڍيائونس.
بيت

عقل خود شخته است چون سلطان رسيد . شحنهءِ بيچارود رکنج خزيد
عقل سايئه حق بود حق آفطاب ، سايه رابا آفتاب اوچه تاب
عقل پاڻ ڪوٽوار آهي بادشاهه جڏهن پهتو ته ڪوٽوار ڪنڊن ۾ پيو لڪندو.
عقل حق جو پاڇو آهي ۽ حق سچ آهي. پاڇو سج سان ڪهڙو چمڪندو.

عشق جي جلال مان سج دوزخ ۽ درنده خواه زهري بلائون پيدا ٿيل آهن، ۽ سمنڊ ۾ ڪوڙو پاڻي به عشق جي جمال مان بهشت چنڊ ۽ ٻيا حلال جانور تارا ۽ مٽي پاڻيءَ وارو درياه ٺهيل آهن. آدمي جلال ۽ جمال جا مرڪب آهن. آدمي جو ڪفر ۽ گمراهي جلال آهي هدايت جمال آهي. عبادت الاهي سان آدمي جو جلال گم ٿي ويندو آهي. باقي رڳو جمال نوري ٿيو پوي.
بيت

از عبادت اين جلالت گم شود پس جمالت نور حق محکم شود
عبادت الاهي سان گمراهي واري جلالت گم ٿي ويندي آهي. پوءِ حق جي نور جو جمال مضبوط ٿيندو آهي.
شد جلالت نار نور حق جمال. زانکه نور حق شوي صاحب کمال
جلالت نار ۽ جمالت حق جو نور آهي ان حق جي نور سان ڪمال جو صاحب ٿيندين.
اين جلالت قرع اهل ضلال وآن جمالت حصه اهل ڪمال
هيءَ جلال گمراهن جي ڪُڻي ۾ آهي ۽ جماليت ڪمال وارن جو حصو آهي
جهد کن تان صاحب معنيٰ شوي همچون مجنون سئو ليليٰ خودي روي
ڪوشش ڪر ته معنيٰ جو صاحب ٿئين، مجنون وانگر ليليٰ جي طرف
فاذکروني اذکرکم رابه بين ، انيدرين معنيٰ شوي تو همنشين
پوءِ فاذکروني اذکرکم کي ڏس، هن معنيٰ جو صاحب ٿئين
خود که راآمد چُنين دولت به دست . قطره رابحر تقاضا گرشده است
اهڙي دولت پاڻيهئي ڪنهن کي هٿ ايندي، ڦڙي کي سمنڊ جي حوالي ڪري ڇڏي
همچون ماهي سوئي دريارو شتاب جستجوو الله اعلم بالصواب
مڇي وانگر درياه ڏانهن تکوڀڄ، الله جي ڳولا ڪر پوءِ والله اعلم بالصواب

جلالي جلال ۾ خوش ته جمالي جمال ۾ خوش ٿا رهن، يعني نوري. نور ۾ خوش ته ناري نار ۾ خوش. بهشتي بهشت ۾ راضي ته دوزخي دوزخ ۾جيئن بهشت وارو دوزخ وارن جي خلاف تيئن دوزخ وارا نيڪ عملن کان نفرت ڪن ٿا.
مَرَجَ الْبَحْرَیْنِ یَلْتَقِیٰنِۙ(۱۹)بَیْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا یَبْغِیٰنِۚ جي معنيٰ ۽ تشريح اها آهي اهل جلال ۽ اجل جمال ڪيئن سڃاڻجي. ڪرادار ۽ گفتار مان ولتغر فنهم في لحن القول انهن کي زبان جي لهجي مان سڃاڻي سگهي ٿو.
عاشقن جو درجو جلال ۽ جمال کان گهڻو پري آهي، ڇاڪاڻ ته هو عين وصال آهن. هن کي نه دوزخ جو ڀئو نه بهشت جي اميد جتي عاشق آهي ته اتي نه زمين نه عرش نه ڪرسي جي اٿئي مڙسي نه سڌ لهه ان سور جي. يان سِرَجي شفاعت جي به اميد به اهو رکندو جيڪو حق کان بيخبر ۽ ڏوهاري هوندو. اهو ئي دوزخ جو خوف ۽ بهشت جي اميد رکندو. اسان کي شفاعت جي به اميد نه آهي نه وري ضرورت آهي. صوبيدار ۽ حج جي ڪاڻ به اهو ڪڍندو جيڪو ڏوهاري هوندو.
بيت
توپاک باش برادرم دار از کس باک زنند جامه ناواک گازران برسنگ
اي ادا تون پاڪ رهه پوءِ ڪنهن کان به نه ڊڄ. کٽي به ميري ڪپڙي کي پٿر تي هڻندا آهن،
بيشت دوزخ آدميءَ سان ساڻ آهن. سينو ۽ دل بهشت اٿس معدو ۽ شهوت دوزخ اٿس. جو الله جي ذڪر سان سيني ۾ گم آهي سو بهشت ۾ جيڪو شهوت جو تابع آهي سو دوزخ بهشت ۽ دوزخ ٻيئي ڪثرت مان پيدا ٿيل آهن. بهشت به روحاني چڪلو آهي ۽ رنن جي جاءِ آهي فقيرن جو چڪلي سان ڪهڙو واسطو
اسان اتي وياسين جتي ڪثرت اصل مان ڪانهي. اتي جنن ملائڪن خواه انسان جي پهچ ڪانهي بهشت ۽ دوزخ صفاتي درجا آهن فقير ذاتي آهن اسان اتي ويا اهيون جتي رسول الله ۽ اهل بيتن کانسواءِ ٻيا سوا لک انبياءَ ۽ اولياءَ توڙي هٿ ڊگها ڪن ته به اسان جي پيرن کي به نه پهچن.
مڙس اهو آهي جيڪو ٻنهي جهانن تان ٽپو ڏيئي پرين ڀر لنگهي وڃي جيڪو جهانن جي حد ۾ آهي سو ڪثرتي آهي ڪثرت وارو شمار ۾ ڪونهي رسول الله ﷺ ۽ سندس اهلبيتن کانسواءِ ٻيا نبي سڳورا هنن ٻنهي جهانن جا گذراني هئا. مگر ٽئين جهان ۾ نه پهتا هئا. ڇو ته انهن کي عشق شهنشاهه دم وارو رستو نه ٻڌايو هو. زباني ذڪر ٻڌايو هئائين زباني ذڪر جي حد رڳو بهشت تائين آهي فاوحيٰ اليٰ عبده ما اوحيٰ.
ذات ذوالجلال من عرف وارو رستو خاص طرح سان حضرت رسول الله ﷺ جن لاءِ لڪائي مخصوص ڪري رکيو هو. جيئن پيءُ سوکڙي وڏن پٽن کان لڪائي ننڍي پٽ لاءِ رکندو آهي ۽ گڏ به ننڍي پٽ سان ٿيندو آهي.
پوءِ حضرت رسول الله ﷺ جن اهو رستو موليٰ عليه السلام ۽ پنجتن پاڪ ۽ اهلبيتن ۽ اهل صفحه وارن فقيرن کي عطا ڪيو.
مثال جيئن هڪ واپاري آيو. پهرين سال ٿوم بصر کڻي آيو جيڪي عام ماڻهن ۽ رنن زالن به خريد ڪيا. ٻئي دفعي اطلش جا ڪوٽ کڻي آيو. جيڪي ڪن خاص اميرن ۽ دنيا وارن ورتا. غريب نه وٺي سگهيا. ٽئين دفعي هيرا آندائين جيڪي بادشاهه ورتا. تيئن حضرت رسول الله ﷺ به وحدت جو سوداگر ٿي آيو دنيا ۾ تن قسمن جا سودا سامان آندائين. ٿوم بصر روزو نماز آهي اطلش جا ڪوٽ ورد وظيفا آهن ۽ تهجد ۽ ڏها چاليها آهن عشق الاهي هيرو آهي. جنهن بادشاهه دلين خريد ڪيو. انهن خريد ڪيو جيڪي الست بربکم قالو بلا وارو وعدو ڪري هت پهتا هئا.عشق به نفس لاءِ هيري جهڙو قاتل زهر آهي. جزوي عقل لاءِ به عشق الماس زهر آهي. جو هيري زهر جي گوري کان پوءِ پڇڙي نه چوريندو تيئن ڪانو عقل به عشق اڳيان دٻ ڪونه جهليندو آهي.
بيت
عشق الماس است زهر زاغ را، عقل جزوي ميشود کلي فنا
عشق ڪانو عقل لاءِ هيرو زهر آهي. جنهن ۾ جزوي عقل سڀ فناءِ ٿيندو آهي.
عشق الماس است بهر شاهه دل.مي خرند خاصاني حق اگاه دل.
عشق بادشاهه لاءِ الماس زهر آهي. دلين جي خبر وارا ۽ حق جا خاصا خريد ڪن ٿا.
سير بصل شد غذائي عام را. تا سهل گيرند هريک يک جدا.
بصر ٿوم عام جي غذا لاءِ آهي. ته جيئن هر هڪ وٺي سگهي
ليکه هربيوه زن شد دستياب برنماز و روزه دل اغتلاب
ان کي هر هڪ رن زال به وٺي سگهي ٿي نماز روزي تي دل غالب ڪر.
عشق شاهه است عشق راشاهان خرنڊ، آسمان عرش راپرده درند
عشق بادشاهه آهي.خريد به بادشاهه ڪندا. اهي آسمانن ۽ عرش جا پردا ڦاڙي ڇڏيندا.
مي پرند آن قرسيان در الا مکان، لامکان پرواز گاه عاشقان
اهي ملائڪن واگر لامکان ۾ اڏرن ٿا. لامڪان عاشق جي اڏرڻ جي جاءِ آهي
مرغ قدسي لامکان شاهباز طرفته العين مي رسند درملک ناز
اهي لامڪاني قدسي شهباز آهن اک ڇنڀ ۾ ناز جي ملڪ ۾ پهچن ٿا.
مي رسند آن جاکه جن وانس هيچ مخلوق بجز آن قدس نيست
اتي ٿا پهچن جتي نه جن نه انسان ئي آهن. ان پاڪ ذات کانسواءِ ٻي ڪابه مخلوق ڪانهي.
افسوس انهن مسلمانن جو آهي جيڪي پنهنجي نفس کي گناهن کان نٿا روڪين. ڄاڻي واڻي گناهه به ڪندا ٿا رهن خدائي ڪلام ۽ حديث نبوي جي منع هوندي به گناهه ڪري نفس کي راضي ٿا رکن ۽ رسول الله تي شفاعت جو به پڪو آسرو اٿن. چوريون . بڇڙايون حق غضبيون به ڪن پرارا مال به کائن ۽ چون ته اسان کي رسول الله بهشت ۾ موڪليندو.
اهڙن بد ڪمن جو بار پاڪ رسول الله ڏانهن اڇلائين. ته اسان جو بار رسول الله کڻندو. افسوس انهن جو آهي. جو هت به نفس کي مزا ٿا وٺرائين ۽ اوڏانهين به مزن جا آسرا رکن. قرآن ۾ آهي وَ مَنْ یَّقْتُلْ مُؤْمِنًا مُّتَعَمِّدًا فَجَزَآؤُهٗ جَهَنَّمُ جنهن آدميءَ روح جي ايماني وجود کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو. يعني پاڪائي ڪٺائين ان جي جهنم آهي.
بهشت ايزدي سرڪار جي اهڙي آسماني نعمت آهي جو رسول الله کانسواءِ ٻيا انبياءَ اولياءَ سڀ بهشت جي دروازي تي بيٺا آهن. دروازو بند آهي. رضوان نالي ملائڪ دروازي تي بيٺو آهي بهشت وارو دروازو قيامت جي وعدي مطابق سرڪار الاهي جي امر کانپوءِ کلندو.
دنيا ۾ ڏسبو ته جيڪو به بنا موڪل جي پرائي باغ ۾ لنگهيندو ته مالهي مار ڪڍي وٺي وڃي مالڪ وٽ پهچائيندس پوءِ مالڪ جي مرضي جيئن وڻيس تيئن ڪريس. هت ڪثرت ۾ ائين آهي مگر وحدت جي ملڪ ۾ ائين نه آهي ڇا؟ باغ جي مالهن مان جيڪو ايندو سو دربان جي ڪهڙي ڪاڻ ڪڍندو.

هڪ عبرت جهڙي ڳالهه آهي. هن وقت ياد آئي آهي ته سانوڻ جو مهينو هو ڍيڍ پهر ڏينهن جو هو. ان وقت آسمانن مان هاتفي آواز آيو ۽ ذات ذوالجلال مخاطب ٿي فرمايو ته ڏسين ٿو ته مان ڪنهن کي به ياد آهيان اسان به چيو ته تون ڪنهنکي به ياد نه آهن. پوءِ چيائين ته اهي منهنجي نعمتن ۽ بهشت ۾ڪهڙي اميد ٿا. رکن مان چيو ته رسول الله ﷺ تي ڀروسو ٿا رکن ته اسان کي اهو بهشت ۾ اماڻيندو. جنهنن تي پاڻ مثال ٻڌايائون ته پٽ پيءُ جي مرضي تي هلندو يا نه پٽ پيءُ جي اجازت کانسواءِ مال ۾ حجت ڪندو؟ اهو به پيءُ جي راءِ تي هلندو پيءُ جي برخلاف قدم نه کڻندو. مگر اجازت ۽ امر سان جيڪا پيءُ جي راءِ سان پٽ جي راءِ هوندي تيئن رسول الله به اسان جي راءِ کان ٻاهر نه ويندو اسان جي امر ۾هلندو نه ڪي برخلاف هلندو. قرآن ڪريم ۾به آهي ته مَنْ ذَا الَّذِیْ یَشْفَعُ عِنْدَهٗۤ اِلَّا بِاِذْنِهٖؕ-یَعْلَمُ مَا بَیْنَ اَیْدِیْهِمْ وَ مَا خَلْفَهُمْۚ يعني ڪير آهي جيڪو سندس اجازت کانسواءِ ڪنهنجي سفارش ڪري سگهي جيڪي انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي سندن پويان آهي تنهن سڀ کي ڄاڻندڙ آهي. ان آيت جي معرفت اها تقرير آهي.
مٿين حقيقت جي مناسبت سان هڪ ڳالهه آهي ته هڪڙي امير کي گهڻا پٽ هئا. جن ۾ اوچتو اچي بيماري پيئي.سڀ مري ويا. امير کي ڏک ڪونه ٿيو ۽ نڪي رُنو. زال چيس ته هيترن پٽن جي مرڻ تي ڏک ڪونه ٿيئه. نه وري رُني. ڇاجي ڪري. امير چيو ته چڱو جو مئا جو بي فرمان هئا جيڪا ڏاٺ سور ڪندي آهي سا ڪڍرائبي آهي نه ته ناسور ڪندي آهي اهي ناسوري عضوا هئا چڱو جو مئا شڪر ٿو ڪريان.

اهڙيءَ طرح حضرت رسول الله ﷺ کي به فرمانن جي جهنم ۾ سڙڻ جو ڏيک ڪونه ٿيندو پاڻ ڪريم جن به بي فرمانن مسلمانن کان بيزار آهن.قرآن ۾ آهي. لاتنفعهم الشفاعت الشافعين يعني انهن کي ڇڏائڻ وارن جو ڇڏائڻ فائدو ڪونه ٿيندو وَلٰا تَزرُو وِازرَت وزر آخُريٰ يعني ڪوبه هڪڙو ٻئي جو بار نه کڻندو. ان هوندي به قيامت ۾ شفاعت ڪندن به کڻي مگر تيستائين سزا ۾ پڳڙيون ٿي ويندا جيستائين قيامت اچي تيستائين ته سزا کائيندا.
عارفن ۽ عاشقن جو شفاعت سان ڪوبه ضرور ڪونهي. ڇو جو هنن الله اثبات ڪيو. فنا في الشيخ فنا في الرسول ۽ فنا في الله بقاالله جا چارئي درجه حاصل ڪيائون جڏهن پاڪ ٿيا تڏهن اهي درجه نصيب ٿين. پليدن کي اهي درجه ڪڏهن به حاصل ڪين ٿيندا. جيڪي پاڻ پاڻي ٿيا تن کي ٻڏڻ جو ڪهڙو خوف ٿيندو. جيڪو شخص پاڻ پاڻي ٿيا تن کي ٻڏڻ جو ڪهڙو خوف ٿيندو. جيڪو شخص پليد ۽ ڏوهاري هوندو اهو سفارش ۽ شفاعت جي گهر ڪندو.
فقرو: اگر قدرت قبول کردن، بجز خود الله گفتن ودر شفاعت اميد وار بودن نامردگي. بيهودگي وعين کفراست. يعني قدرت کي قبول ڪرڻ پاڻ کانسواءِ ٻيو الله چوڻ ۽ شفاعت جي اميد رکڻ عين ڪفر ۽ بيهودگي آهي.
بقابا الله جي درجي وارا عاشق عارف سڀاڻي قيامت جي ڏينهن پاڻ رسول الله سان گڏجي گنهگارن جي شفاعت ڪندا.
الحديث: الشيخ في قومه ک انبي في امته يعني ڪنهن به قوم ۾ عارف عاشق ائين آهي جيئن ڪو نبي پنهنجي امت ۾ هجي عارف ان کي چئجي جنهنجو الله اثبات ٿيل هجي.
بيت

حامل العرش عظيم ذوالجلال صاحب حال وجد صاهب کمال آهي
زات ذُولجلال جي عرش عظيم کي کڻندڙ آهن اهي وجد حال ۽ ڪماليت جا صاحب آهن ،
عاشقان کردند طواف ذات حق، مي کنند بر عرش وبرنهه طبق
ذات حق ۽ عرش پر نون ئي طبقن جو طواف ٿا ڪن عاشق
باررسول الله جا همراز اند آن ، در همه حالت مکان تالا مکان
رسول الله جا همراز آهن هر حالت ۾ مڪان کان لامڪان تائين
الفقر فخري حديث آن جناب از برائي عارفان آمد خطاب
رسول الله ﷺ جن جي حديث انهن عارفن لاءِ خطاب ۾ آئي آهي
با محمد درشفاعت هم درهند. ياوران بي کسان وگمرهند
حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ سان گڏجي بيواهن ۽ گمراهن جي شفاعت ۽ مدد ڪندا.
چون اويس عارف اندر ريمن با محمد جنت خو ليکن بي وطن
اويس قرني جهڙا يمن ۾ عارف عادتون مصطفائي هيس توڙي پرديسي هو.
زان سبب فرمود محمد مصطفيٰ ﷺ در شفاعت همره اويس را.
ان ڪري سرڪار اويس کي شفاعت ۾ همراهه فرمايو آهي.
زانکهه بيخود فاني في الله بود هستيش نابود حق آگاهه بود
هو بيخود هو ۽ الله ۾ فنا کاڌل هئس. هستي ناس هئي ۽ حق کان باخبر هو.
از اويس نام مانده درجهان ليکه بود دائم اندر لامکان
دنيا ۾ اويس جي نالي رهيل هو مگر هيو هميشه لامڪان ۾ رهندو هو
حضرت سليمان اول آتش پرست گشت مسلمان اهل بيت وحق پرست
حضرت سلمان فارسي اڳ ۾ باهه جو پوڄاري هيو. پوءِ مسلماني ۽ حق پرستيءَ سبب اهلبيتن مان ٿي ويو.
گشت سيد درجماعت سروران سيد وعارف شده فخر جهان.
سيدن جي ٽولي ۾ سيد ٿي ويو. سيد ۽ عارف ٿي جهان جو فخر ٿي ويو.
هر که عاشق شد جمال ذات را، اوست سيد جڪه موجودات را.
جيڪو الله جي ذاتي حُسن جو عاشق ٿيو اهو ئي ساري ڪائنات جو سيد آهي.

حضرت رسول الله ﷺ وري وري حضرت اويس قرنيءَ کي ياد ڪري تعريف ڪندا هئا هر وقت فرمائيندا هئا ته اني لوجه نفس الرحمان من طرف اليمين يعني مون کي خدا جي دم جي خوشبوءِ يمن جي طرف کان ٿي اچي هوڏانهن اويس جو اهو حال هو جو ڏاچون چاريندو هو ۽ اڻ پڙهيل هو. ڪوبه هنر ڪونه هيس پر لدني علم جو ماهر عاشق عارف فنا في الله جي درجي جو صاحب هو ۽ بقا باالله جي درجي وارو هو. ان ڪري رسول الله پنهنجو جبو پهرڻ وارو ۽ ڪمبل ۽ عصا وفات ڪرڻ کان پوءِ موڪلڻ جو حڪمن فرمايو هو ۽ کيس چورائي موڪليو هئائون ته منهنجي امت جي پارت هجئي جنهن تي حضرت اويس نياپي واري کي چيو ته بني حزرج جي قبيلي جون جيڪي رڍون آهن انهن جي وارن جيترا گنهگار مسلمان الله وٽان آءٌ ڇڏائينداسين،
ڏسو ته حضرت رسول الله ﷺ ظاهر ۾ اٺن چاريندڙ اويس قرني تي ڪيڏو ڪرم فرمايو، سبب اهو هو جو هو جسم مان نڪتل هو. معراج ڪيل هيس. اڄ به جيڪو اسم اعظم وسيلي معراج کي پهچندو اهو قيامت جي ڏينهن حضرت رسول الله ﷺ سان گڏ جي شفاعت ڪندو.
جنهن به الله اثبات ڪيو سو اويس آهي نه رڳو هو هڪ اويس هو. خالق اڪبر اڄ به اويس پيدا ڪري سگهي ٿو. اڄ ڪو ڪراڙو ته ڪونه ٿيو. آهي. کُل يَومِ هو في شان. روز بروز ان جو شان نئون آهي. يُحي ويميت آهي مارڻ خواه جيارڻ وارو قاعدو به ساڳيو اٿس ته پاڻ به اهو ئي ساڳيو آهي. جيڪڏهن دنيا جي وهنوار يعني موت ۽ زندگي ۾ ڪا تبديلي اچي ها ته ڪراڙو چئجي ها.
ٻيو ته ظاهري نبوت بند آهي ڇو جو الله جي جهڳي ۾ دين محمدي کان سواءِ ٻيو دين اصل ڪونه آهي. فقيرن کي الله جي جهڳي جي پوري پوري خبر آهي هن دين کانپوءِ ٻيو ڪوبه دين ٿيڻو ئي ڪونهي. الله جي گهر ۾ جيڪو تحفه رکيل هو سو حضرت رسول ڪريم جن کي عطا ڪيائين.
رسول الله ﷺ جن جو فيض اڄ تائين هلندو پيو اچي ان جي لاءِ عاشق عارف بقا با الله جي درجي وارا مقرر ٿيل آهن. جيڪي محمدي دين کي هلائيندا ٿا اچن.
فنافي الرسول جي درجي وارو عاشق عارف ٿيڻ ڪو سولو ڪونهي. جڏهن آدم اسم اعظم وسيلي جيئري ئي جسم مان نڪرندو.سوئي جبروت ۾ ويندو. ۽ ان درجي تي پهچندو جتان عاشق احد مان احمد ٿي آيو آهي. جبروت جبرائيل جي رهڻ جي جاءِ آهي. فقير عارف جبروت ۾ساڳيو رسول خدا ٿي پوندو آهي. لولاک جوڇٽ پائيندو آهي سلطان باهو ٿو چوي ته.


“ڇٽ لولاڪي سر تي آيا،
مئن تان اٿان باهو نام ڌاريا.”

فنافي الرسول کانپوءِ فقير فنا في الله جو الوهيت ۾ من خدايم جا نعرا هڻي ٿو سگهي. ساڳيو الله ٿي پوي ٿو.
ماڻهو ڪهڙا نادان آهن جو پيوندي ٻير به ساڳي ٿي پوي ٿي. ايسر مهاديو جو منڊ بلائڻ جي زهر ۽ اثر کي هٽائي ٿو سگهي نانگ جو وات به ان منڊ سان بند ٿي وڃي ٿو. باقي افسوس جو جيڪو اسم اعظم رسول الله ﷺ جسم وڃائڻ لاءِ ڏسيو آهي سو ايسر مهاديو جي منڊ کان به گهٽ آهي! جوان جو منڊ به اڃا هلي ٿو باقي رسول الله جو فيض بند ٿي ويو آهي؟
هي ذڪر الاهي به نفس لاءِ منڊ آهي جنهن کي رسول الله ﷺ جن جاري ڪيو آهي. جيڪو به وذڪر ربڪ في نفسڪ ڪمائيندو ته ان کي اها منزل ملندي جيڪي اهو ذڪر نه ٿا ڪمائين اهي نفس ۽ شيطان خواه شهوت جا تابع آهن نه الله جا اٺئي پهر شهوت پرستيءَ ۾ ٿا گزارين. تن کي هي عظيم ملڪ حاصل نه ٿيندو معنوي معراج ڪو سٿرو آهي ڇا معنوي معراج ان کي حاصل ٿيندو جيڪو اسم سان جلائيندو. پهريائين ان واڳون نفس جي وات مان نڪرندو پوءِ اهي نوَ آسمان ان لاءِ نوَ وکون آهن. ان کانسواءِ هزار ورهيهه نمازون ۽ قرآن پڙهي ته به عشق جي بوءِ به نه پوندس نه وري عشق جي ملڪ جي خبر پوندس. ڇو جو هن من عرف وارو رستو ته ورتوئي ڪونه طالب به فنا في الله جي درجي واري عارف جا سڌرندا. بي حاصل جا طالب به چٽ ته پاڻ به چٽ.
جيڪڏهن قرآن پڙهڻ ۽ نمازون قبول پيس ته به آسماني چڪلي وارين رنن جي پوءِ جي بوءِ ايندس سو به جيڪڏهن محبت ۽ پاڪائي سان پڙهيو ته دل وارو ڪلمون ڪم جو آهي. زباني ڪلمه مان ڪجهه به ڪونه ٿيندس زباني ڪلمون مائٽن کان سکيائون رسول الله ﷺ جي هٿئون سکن ها ته حقي مسلمان ٿين ها.
فنافي الله ۽ بقا باالله واري عارف هٿان وحدانيت جي ذڪر جو رستو پڇي الله جي طرف هلڻ گويا رسول الله جي هٿئون ڪلمون پڙهڻ آهي جنهن سان طالب معراج جي حد تائين پهچندو آهي. موليٰ جي ملڪ ۾ جو کٽي سوکائي.
قَالَ لَا یَنَالُ عَهْدِی الظّٰلِمِیْنَ(۱۲۴) يعني ظالمن لاءِ اهو وعدو نه آهي.
عشق جو رستو ۽ فقير لڳڻ ۽ ويامڻ نه آهي. جيڪڏهن لڳڻ ۽ ويامڻ سان فيض هٿ اچي ها ته سيدن ۽ پيرن کي هٿ اچي ها. پير سيد اهو رستو ڦٽو ڪري لذتن کي چنبڙي ويا. تڏهن انهن کان اهو حق وڃائجي ويو.
هاڻي فقير من عرف نفسه فقد عرف ربه جنهن پاڻ سڃاتو تنهن الله سڃاتو توڙي ڪنهن جا ابا ڏاڏا فقير هجن مگر پوين نفس کي نه سڃاتو ته فقير نه چئبا. اهي پيوندي ٻير جو کوکڙو آهن ڇو ته اهو بوکبو ته سنڌي ٻير ٿيندي پيوندي ٻير جي اک ۾ اثر هوندو آهي. کوکڙي ۾ ڪو به اثر ڪونه هوندو آهي.
عاشق جو ذڪر الاهي ڏسڻ معرفت جي اک آهي. اها اک جنهن کي لڳي سو پيوندو ٿيندو. شهوت جو ٻج به کوکڙو آهي جنهن مان سوڌو ۽ ساڳيو نه ٿيندو.
سيد جي ذات نه آهي جيڪو الله تي عاشق ٿيو سو سيد ٿيو. سيد جي معنيٰ آهي سڄي موجودات جو سردار. جيڪو دنيا جي ڪمن ڪارن تي عاشق ۽ غرق آهي سو سيد نه آهي. مگر اهو دنيا جو ڪتو آهي رسول الله جو فرمان آهي، اَلدُنيَا جِيفَتهُ وَطَالِبُهَا کِلَابُ ، يعني دنيا ڍونڍ آهي ان جا ڳوليندا ڪتا آهن. حضرت سلمان کي ڇو اهلبيتن ۾ داخل ڪيو. ۽ کيس سيد شمار ڪيو. حالانڪ هو اڳ ۾ آتش پرست يعني باهه جو پوڄاري هو.
اڄ به جيڪو دنيا ۽ شهوت جي باهه کان آزاد ٿي الله جي طرف ذڪر اسم اعظم سان هلندو ۽ گم ٿيندو سو مسلمان پارس وانگر سيد آهي.
بيت
هرکه عاشق شدبه ذکر ذات حق، اوست سيد درزمين ودر فلک
جيڪو ذات حق جي ذڪر تي عاشق ٿيو. اهو ئي آسمانن ۽ زمين تي سيد آهي،
هرکه بر دنيا ست عاشق شد العين همچون قارون رفت در قهر زمين
جيڪو دنيا تي عاشق ٿيو سو لعنتي ٿيو. قارون وانگر اهو زمين جي کوهه ۾ ويو.
اوسگ مردار خوار مسام هر که بر دنيا است عاشق والسلام
اسو سدائين حرام کائڻو ڪتو آهي. دنيا جي عاشق جو اهو حال آهي.
قطره چون دربحرمي افتادئا ين دريا گفتن اورا شد روا
ڦڙو جڏهن درياءَ ۾ ٿا اڇليو ته پوءِ ان کي درياه چوڻ جائز آهي.
چونکه قطره گم شده درياه شده عين بحر موج شده بيغم شده
جڏهن ڦڙو گم ٿيو ته درياه ٿيو موج ڪندڙ ساڳيو درياه ٿي پيو.
قطره راهر گزنه بيني رخ نما چونکه قطره از سراپا شد فنا.
اتي قطرو ظاهر ئي ڪونه هوندو. ڇو جو ڦڙو مڪمل فنا ٿي ويو.
قطره هر گز کئي بيابي اندر او کل شي هالک الا وجهه
ڦڙو ان مان ڪڏهن به لهي نه سگهندوء ان جي ذات کانسواءِ هر هڪ شيءَ هلاک ٿيندي آهي.

موحد اهو آهي جيڪو پنهنجي وجودي هستي کي ذات ذوالجلال جي ذاتي هستي ۾ پرواني وانگر ساڙي عين شمع بنجي پوي. اَلعِشق نَار وَيحرِک مَاسَوا المحبوب ، يعني عشق باهه آهي يعني عشق باهه اهي جيڪا الله کانسواءِ ٻي هر شيءِ کي ساڙي ڇڏيندي آهي عبديت جي وهمن ۽ صفاتي هستي کي ذاتي شمع ۾ پرواني وانگر ساڙيو هجيس. ان جي پنهنجي هستي جو نالو نيشان نه رهيو هجي. ملان مفتي قاضي هر روز پنهنجي هستي نفساني کي پاليندا خوش ڪندا ٿا رهن. علم مان رڳو پاڻ کي ڀلو ڄاڻن سکيا ٻيو سارو جهان خبيث ٿا سمجهن.
بيت

علم ظاهر جو پڙهي ٿئي ٿو ملان هر طرف کان ٿو ڏسي شيطان عيان
ٿو پڙهي لاحول هردم هرطرف علم مان حاصل ڪيائين هي شرف،
علم مان حق جي ڏسڻ کئون چشم بند رود لاحولي ۽ هستي ڪيئين بلند۔
نظر عالم جي قبر تائين ٿي پوي.عاشقن جي ديند عرشن کان ٽپي۔
زاهدن ملن جو آهي هي سفر، قبر کان پرتي ناهي. تن جوگذر،
آملان سيارو ارضي روز شب آسمانن طرف نٿو ٿئي منقلب پائي لنگ۔ وروح ان جو بي ذڪر محمد معراج کان هو بي خبر.

يعني ملان جو روح ذڪر کانسواءِ منڊو ٿيندو آهي.
عشق جي عالم جڏهن لدني علم جو امتحان فنا في الشيخ واري ملڪوت جي منزل ۾ حوض ڪوثر جي ساقي اڳيان پاس ڪيو ۽ جسم وارو پاليل ڍڳو اتي وڃي ڪهائي قربان ڪيائين. ان جو پوءِ غير ويو ۽ وڃي ذات رهي. جيڪا هميشه حيات هوندي پوءِ ان جي حد فاينما تولو فثم وجه الله آهي. پوءِ اهو جا ڏي نهاريندو ته ان طرف کان الله کي پيو ڏسندو سڀني چئيني مڪانن ۾ ساري عمر الله پيو ڏسندو. اهو ديدار قيامت تائين بند ڪونه ٿيندس. جيئن بادشاهه ڪنهن کي جاگير بخشي ۽ قيامت تائين واپس نه ڪريس. جيئن بقار جو علاقو شاهه جهان بادشاهه سيدن کي جاگير طور ڏنو هو. اها جاگير اڄ تائين قائم آهي کسڻ وارن تي لعنت لکي ڇڏيائين.
ان طرح جنهن فقير کي ان اعظم ملڪ جو ديدار عطا ٿيوته پوءِ عشق جو بادشاهه نفس ۽ شيطان کي کسڻ کان لعنت لکي ڇڏيندو. ان ڪري اهي به فقير کان اها عشق جي لقاءَ جي جاگير کسي ڪونه سگهندا نفس. ۽ شيطان به ذات ذوالجلال جي قبضه ۾ آهن فقي عاشق کي جيڪو ملڪ جاگير ۾ مليو ان جي حدن جا نالا هي آهن. (1) ملڪوت، (2) جبروت (3) لاهوت (4) باهوت (5) هاهوت (6) لامڪان. جيستائين فقير هن خاڪي جسم ۾ هوندو تيستائين سندس عروج نزول يعني اچڻ وڃڻ انهن ملڪن ۾ پيو ٿيندس اچڻ وڃڻ به جاڳندي پيو اکئين ڏسندو جنهن وقت به خياڪ ڪندو ته ات بيٺو هوندو جنهن به ساهواري شيءَ کي ڏسندو ته صاف طرح سان الله پيو ڏسندو . جيڪڏهن نفساني نظر سان ڏسندو ته ظاهري نفساني جسم پيو ڏسندو.
بيت
عارف عالم لدني علم جو تاجور. هر طرف کان حق ڏسي ٿو در نظر
عشق جو عالم جڏهن ٿئي باخبر. عرش اعظم جو ڪري سالڪ سفر
فاينما تولو فثم وجه الله کي دمبدم عاشق ڏسي الله کي ملڪ
سڀ ملڪوت ۽ جبروت جو ٿو. ٿئي علين مڪان لاهوت جو عيان محمدي معراج سان ٿئي سرفراز آه عاشق لامڪاني شاهباز.
الفقر لا احتياج الا الله. واقف حق راز مخفي بارگاه
مکِ جو پراوز ڇه شهباز جو چٻ ۽ عنقيٰ ۾ فرق پرواز جو
سير چٻ جو آه ويراني زمين، سير عنقا ۾ فرق پرواز جو۔
سير چپ جو آه ويراني زمين. سير عنقا ۾ فرق پرواز جو.
مک جا اڏري سگهي شهباز سان سير بيحد عرش اعظم جي پريان مک جو آهي سير مانيءَ جي مٿان. جاٿي کائي ڪور يا خاص طعام.

فقير جي توحيدي صحبت ۽ فيض مان هزارين فقير ۽ فيض وارا ٿي وڃن ٿا. جن مان ڪي بقا باالله جي درجي تائين پهچن لدني علم جي عالم عارف جي نظر ڪيميا جهڙي آهي. جيڪا خاڪ مان خدا ڪري وجهي.
ڪيميا گر ڪرتاهي هس ڪوطلا.
فقر ڪرتا خاڪ ڪو اعظم خدا.

ڪيمياگر چانديءَ جي هس کي سون ڪري ٿو وجهي، مگر فقير اهڙو اڪثير آهي. جيڪو خاڪ کي خدا ٿو ڪري وجهي. ظاهر جي عالم جي صحبت جو اثر ڪونه ٿو پوي سندس عزيز قريب لوفر چور زاني ٿين ٿا. پاڻ عالم سڳورا اصلوات جو لک پڙهي پنجن روپين تي وڪڻن يا ڪنهن ڪپڙي تي شوڪاري منهن بند ڪري ڏين. ۽ وٺندڙا ها ڪپڙي کڻي وڃي گهر ۾ کولي ته مان برڪت پوي.
اڪثر ڪري کهڙن جا عالم صلوات جو لک پڙهي ڪنهن طمع تي ماڻهن کي بخشي ڇڏيندا هئا. عام ملا ختمي جماڻي تي قرآن ڏاڍيان پڙهي ختمون ڏين ته جيئن ماڻهو اڳتي ٻيا به کين ختم لاءِ وٺي وڃن ۽ اهو سڄو ئي قرآن هڪ ڍو تي وڪڻي ڇڏين. پنهنجي قبر محشر لاءِ ڪجهه به بچائي ڪونه رکن. پوءِ جڏهن منڪر نڪير سندن اعمالنامون کين ڏيکاري.جنهن ۾ ڪارا اکر بديءَ جا ۽ ڳاڙها اکر نيڪيءَ جا هوندا آهن.ان نقشه کي ان وقت کوليو ويندو. آهي جنهن مهل ڪانڌي ميت کي قبر ۾پوري پاڻ گهر ويندا آهن پوءِ جن جو اهڙو اعمال نامون هجي يا جن الله گم ڪري پاڻ اثبات ڪيو. انهن لاءِ سرڪار منڪر نڪير کي انهن تي بڇ ڪرائيندي آهي. پوءِ انهن سان واويل ۽ عذاب شروع ٿيندو آهي.
هڪڙو عالم مولوي ۽ حاجي اسان جو سنگتي هو. بي حد شريعتي ۽ نمازي به اهڙو هو جو وقت به قضا نه ڪيو هئائين روزن جو وري اهڙو پابند هو جو اونهاري جي موسم ۾لابارو ڪندي به روزو نه گسائيندو هو مگر هن کي هڪ دعا هئي جو مردن کي تڙ ڏياري انهن جا ڪپڙا کڻي پاڻ پائيندو هو. اگر ڪو هن جي غير موجودگيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ملان ڪپڙا کنيا ته ان تي ڪيس ڪري ان کان به اهي ڪپڙا واپس ڪرائي پاڻ پائيندو هو. يا کائونس ڪپڙن جا پئسه ڀرائي وٺندو هو ٻيو ته حضرت امام حسين عليه السلام جي غم ۾ ماتم جي سخت خلاف هو.حضرت امام علي عليه السلام ۽ حضرت امام جعفر صادق جي بر خلاف ۽ منڪر هو. ختمن جماڻن ۽ مانين جو ڏاڍو شوقين هو. عمرائين گذريس.

سندس مرڻ جي حقيقت هن طرح آهي ته ٻيپهري وقت مري ويو. سندس مائٽياڻيون ۽ نياڻيون پٽڻ ۽ پار ڪڍڻ لڳيون ته حاجي صاحب مولوي ڏاڍو ڀلارو نيڪ بخت نمازي هو. ڇورون پال هو. انهن پارن ڪڍڻ وقت يڪدم ڏڪي ڏڪي اٿي ويٺو پاڻ پٽڻ وارين عروتن کي سمجهائي چوڻ لڳو ته ائين نه پٽيو هيئن چئو ته حاجي ڪونه هو مڪي ڪونه ويو هو. مگر گنگا ويو هو. رنن زالن جا حق کائيندو هو ۽ يتيم ڦريندو هو مسلمان هوئي ڪونه مگر واڻيه هو. رنن جڏهن ملان جي واتان اهي لفظ ٻڌا ته عبرت ۾ اچي ويون. مرد به حيرت ۾ اچي ويا. يعني جڏهن باطني ۽ سچ واري زبان کليس ته سرڪار الاهي عام ماڻهن جي عبرت لاءِ ۽ هدايت لاءِ هن کان زوريءَ چورايو. ائين چئي مولوي مري ويو. آخر ڪار ٻيپهري کان وٺي اڌ رات تائين مٿس مري وڃڻ ۽ جيئري ٿيڻ جي حالت هلندي رهي هر هر پٽيون ٻڌنس ۽ ڇوڙنس پيا. سرڪار الاهي جي طرفان سندس اها حالت ڏسي سندس سڀ مائٽ ڇڏي ڀڄي ويا. ات رات کانپوءِ سچيءَ طرح مري ويو. پوءِ وڃي دفن ڪيائونس.
هڪ دفعي هن جي قبرستان کا ن اڌ ميل کن پري اسان جو گذر ٿيو. اسان کي پري کان هن جي روح ڏسڻ جو خيال ٿيو. پري کان ڏٺوسين ته ان جو روح سندس قبر تي صفا اگهاڙو بيٺو هو. جان تي ڪابه اڳڙي ڪانه هيس .آخر هلي اچي سندس قبر تي پهتاسين.
ته به ساڳي طرح ڏٺو سين. اسان هندن جي مسڻن ۾ هندن جا ڪيترائي روح ڏٺا ته انهن ک به پوشاڪ به ڏسڻ ۾ آئي. مگر هن مسلمان مولوي ۽ حاجي صاحب کي ڪا به پوشاڪ نه ڏٺي سين. هندن، مسلمانن، يهودين ۽ فرنگين کي به پوشاڪ مليل آهي. اڃا به ڏٺوسي ته عرش اعظم تان آسمان هيٺيان مولوي جي قبر تي دم دم اچي ٿي ڪريا. جيڪي باهه جهڙا هئا. انهن اُلن لڳڻ وقت حاجي صاحب جهنم اسود ۾ وارد پي ٿيو. جهڙي طرح سڪي ڪاٺي پاڻيءَ ۾ اُڀي ڪري زور سان پاڻيءَ ۾ اڇلبي آهي ته يڪدم ٻاهر نڪري ايندي آهي آهڙي طرح مولوي جي اچ وڃ لڳي پيئي هئي کائونس پوشاڪ هن ڪري کسيل هئي جو لالچ تي ماڻهن جي اگهڙ ڏسندو هو. ان ڪري سرڪار الاهي کيس اگهاڙو ڪري بيهاريو هو. هن جي عبادت نماز روزا ۽ حج وغيره موليٰ علي عليه السلام جي بغض هئڻ ڪري ناقبول ٿيا.
اسان جي امت مسلمه ۾ حضرت علي عليه السلام جو مرتبو حضرت رسول ڪريم جن ظاهر ظهور ٻڌايو ته من کنت مولا فهذا علي مولا اللهُم وَال من والاه وعادمن عاداه دمک دمي ورو حک روحي وجسک جسمي انا وعليٰ من نور واحد
يعني جنهن جهن جو مان (رسول ) آقا ۽ موليٰ آهيان هي علي ان جو موليٰ ۽ آقا آهي. اي پالڻهار محبت ڪر ان سان جيڪو علي عليه السلام سان محبت ڪري ۽ دشمني ڪر ان سان جيڪو علي عليه السلام سان دشمني ۽ بغض رکي اي علي تنهنجو روح منهنجو روح تنهنجو ساهه منهنجو ساهه تنهنجو جسم منهنجو جسم آهي اي علي عليه السلام توهين ۽ آءٌ هڪ نور جي پيدائش آهيون. هيءُ باطني علم جي ۽ لدني علم جي ڳالهه آهي. هن ۾ ڪوبه ڪوڙيا حسد ڪونه آهي. ڇو ته باطن تي ڪوڙ هڻڻ سخت خراب آهي. ان ۾ جي ڪوڙ هجي ته لعنت الله علي الکاذبين ڪوڙن سان اهو وعدو آهي.
جزوي عقل ۽ ڪل عقل الله کانسواٰءِ ٻيو سڀ ڪجهه چاهڻ سڌ آهي. بهشت حوران قصوران گهرڻ عقبيٰ جي طلب يا دنيا جي ڪابه شيءَ گهرڻ سان سڀ نفساني عقل جو ڪم آهي. جزوي عقل پورهيت يعني ڪسبي آهي جيڪو مائٽن ۽ استادن جو سيکاريل آهي ليکي ڇوکي وارو سکڻو عقل آهي. الله کانسواءِ جيڪو به عقل آهي سو تابعدار آهي. ۽ جزوي عقل آهي، جيڪو مائٽن جي ڪيل ڪمن جي پيروي پيا ڪن. ان جزوي عقل کي زاغ يعني ڪانءَ به چئبو آهي جيئين ڪان جي نظر کاڌي ۽ فائدي واري شيءَ تي هوندي آهي قدرتي قانون سا جڏهن جزوي عقل جا ظاهري کنڀ يعني دم پورا ٿيندا آهن ته جيئن ڪانوَ جو پڇ پٽي ڪوڪو ڪبي آهي ته ڪانون جا هُل حشر ٿي ويندا آهن اهو پڇ پٽيل ڪانءُ به سنگت سان گڏ پيو دانهون ڪندو آهي ته اهو پڇ مان هُيس جيڪو هاڻي مري پيو آهيان ان طرح آدمي جو جسم به ڪانءُ وانگر هي به مٽن مائٽن سان گڏ روئيندو پٽيندو آهي. کٽ تي اهو پڇ پيو هوندو ۽ روح پيرانڌي کان هٿ وجهون روئيندو ويندو ۽ چوندو ويندو ته اهو مان آهيان ڇو ته مان به هن ڪانءُ عقل سان همرنگ ٿي ويو هُيس. ڪانوَ جي پڇ وانگر روح به پاڻ کي مئل پيو سمجهندو ڇو ته سڄي ڄمار روح به هن بوتي جي قيد ۾ رهيو. ٻاهر نڪتو محمدي معراج ڪونه ڪيائين. ونحن اقرب وارو الله جيڪو هن ۾ موجود هو ان کي ڪونه سڃاتو هئائين جيڪڏهن سڃاڻن ها ته ٻئي الله جي گهرئي ڪونه ڪن ها. نه سڃاڻڻ جي ڪري هنن پاڻ کي مئل سمجهيو ۽ سموري حياتي گنوائي ڇڏيائون.
حضرت موليٰ علي عليه السلام جزوي عقل ۽ ڪلي عقل لاءِ فرمايو آهي ته.
رايتُ العَقلُ عَقلَين مَطبُوع وَمَسمُوع ،لَم يَنفَعُ مَسمُوع اِذالَم يَکُ مَطبوع
يعني مون ڏٺو ته عقل جا ٻه قسم آهن.(1) جزوي عقل(2) ڪلي عقل جيستائين ڪلي عقل حاصل نٿو ٿئي تيستائين جزوي عقل ڪو به فائدو ڪونه ڏيندو.
بيت

سچ فرمايو آهي سلطان دين. شهسوار مرتضيٰ عالم يقين
عقل جزوي ۽ ڪلي کي ڪيائين جدا. تاجدار انبياءَ او اولياءَ
عقل سکتو ٻڌ وارو بي اثر لکيائين ان کي بي سودو بي خبر
عقل طبعي ڪل عقل زاغ البصر. نور توحيدي آهي ڪلي نظر
عقل ڪلي آهه درياه بيڪران عقل ذاتي شاهه اعظم لامڪان
عقل جزوي ڇا نلي درياه جي جاجزو آهي ڪلي درياهه جي
موجع طغياني نلي ڪهڙي ڪري. شهر بوڙڻ جو قلم ڪيئين ٿي ڌري

اهو سکتو ۽ ٻڌ وارو عقل جيئن شهرن م واٽر سپلاءِ وارو پاڻي جون ناليون هونديون آهن. انهن نالين م به پاڻي درياه جو هوندو آهي. مگر نليءَ جي پاڻي کي درياهه واري طاقت نه هوندي آهي ڪلي عقل درياهه آهي جزوي عقل نلي آهي اهو فقط نفس جي خدمت لاءِ آهي بس جيڪڏهن اهودرياه وارو آيل پاڻي نليءِ مان همٿ ڪري موٽي درياه ۾ وڃي پوي ته اهو به ڪڙڪا ۽ ڪن ڪندو ڪپڙن ۾ ڀيڙون ڏيندو. پوءِ اهو جزوي عقل به ڪل عقل سان ملي قل ٿي پوندو. پر ان جزوي عقل کي رڳو کائڻ پيئڻ جي ڳڻتي آهي. ساري جهان جي خلق کي ان جزوي عقل روليو آهي. ان جي سوچ آهي ته هتان ويندس ئي ڪونه هي هتان وڃڻ باسي ئي ڪونه ٿو. هتان جون نعمتون به بهشت آهن. انهن نعمتن جا مزا به جزوي عقل ماڻي ٿو. جزوي عقل جو وطن دوزخ آهي. ان هتان جا سڀ مزا ورتا آهن. تنهنڪري هنن بهشت وارين نعمتن کان جواب اٿس. ڪڏهن ڪڏهن آدمي کي خيال پوندا آهن ته هن دنيا مان اهو ڪجهه حاصل ڪري وٺجي جيڪو اڄ تائين هٿ نه آيو آهي.
آدمي لاءِ ضروري آهي حق جي طرف موٽي. الله جي عبادت ۽ ذڪر فڪر ڪري. ڇاڪاڻ ته اسان جا ابا ڏاڏا به ڪمائي ڪمائي مري ويا. دنيا مان ڪجهه به هٿ نه آين: وَ لَقَدْ جِئْتُمُوْنَا فُرَادٰى كَمَا خَلَقْنٰكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّ تَرَكْتُمْ مَّا خَوَّلْنٰكُمْ وَرَآءَ ظُهُوْرِكُمْۚ ترجمو: اوهين اسان وٽ اڪيلا اڪيلا آيا جيئن اسان اوهان کي اڳ ۾ پيدا ڪيو هو ۽ جيڪي اسان اوهان کي ڏنو هو سو پنهنجي پٺيان ڇڏي آيا.
ان مان ظاهر آهي ته آيا به اڪيلا آهيون ته وينداسون به اڪيلا اهي خيال پيا پوندن. اها اڳڻتي ڪل عقل واري. حصي کي ٿيندي آهي. جزوي عقل عشق جو منڪر آهي. ۽ حق کان بيخبر آهي. جزوي عقل الله جو به دشمن آهي. جيئن ڪانءُ ڪمان سان نفرت رکندو آهي.
مثال حضرت رسول الله جن به لڙاين ۾ پهلوانن کي ڪافرن ۽ مشڪرن جي مقابله لاءِ موڪليندا هئا. جيڪو جزوي عقل جو تابع آهي سو به خدا جو دشمن آهي ان روح کي اندران ڪفر جو جڻيو ٻڌل آهي. پوءِ ظاهر ۾ کڻي حاجي مولوي قاضي پير مخدوم ڇو نه هجي ۽ نمازي به هجي. آدمي جيستائين موتو قبل لن تموتو ٿي. ان جزوي عقل مان جند نٿو ڇڏائي تيستائين هن کي نفس جي حيوانيت جو جڻيو ٻڌل آهي ۽ اهو محض مشرڪ آهي. اهڙا آدمي رسول خدا کي نه الله کي هت دنيا ۾ يا قيامت ۾ ڏسي ڪونه سگهندا ڪوبه ديدار ڪونه ٿيندين.
من في هذه اعميٰ فهو في الاخرت اعميٰ، جيڪو هن دنيا ۾ڪجهه نه ٿو ڏسي سو آخرت ۾ به ڪجهه ڪين سندو. ”قرآن ڪريم“ مثال جيئن خلق جي ميڙ ۾ ڪو آدمي ڏٺل هوندو ته ان کي پري کان سڃاڻبو ۽ سندس ضرورت به ڏٺل پوري ڪندس. اڻ ڏٺل آن واقف ڪنهين ڪم نه ايندس اهڙي طرح قيامت جي ڏينهن ايڏي وڏي هجوم ۾ جتي نبيءَ ۽ مرسل ۾ امام وڏي شان ۾ شوڪت سان بيٺا هوندا. پوءِ هت جنهن الله ۽ رسول الله کي نه ڏٺو هوندو ته اهو اتي ڪيئن سڃاڻندو. اهڙي هل هجوم ۾ ڪو ڏٺل هوندس ته وڃي پاند لڳندس. مگر اڻ ڏٺل کان لڄي پيو ٿيندو پنهنجو اعمال نامون ڏسي شرم کان ڪهڙي منٿ ڪندو. منهن لڳي نه سگهندو .
ان جزوي عقل جي هڪ اکئين ڏٺي ڳالهه آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ هندو رهندو هو سندس نالو اڌو هو .هو مري ويو پوءِ هن کي مائٽ ٽٽيءَ تي مسڻ ڏانهن کڻي ٿي ويا. علي بخش ڊکڻ اسان وٽ ويٺو هو. واڻيا ميت سان ”رام رام سنگ هي“ چوندا ٿي ويا. ان ڊکڻ اسان کان پڇيو ته هن واڻيه جو ڪهڙو حال آحي جنهن تي فقير چيس ته ويجهو ٿي هو. ويجهو ٿيو ته فقير سندس سيني تي هٿ گهمايو ته متان ڏسي ڊڄي وڃي. پوءَ فقير چيس ته واڻيه جي ٽَٽيءَ جي پيرانديءَ طرف نهار. هن ڏٺو ته برابر اهو واڻيو مٿي اگهاڙو ڌوتيءَ جي لانگ گهلبي ٿي ويس ۽ ٻئي هٿ ٽٽيءَ جي ٻانهينءَ ۾ اٿس ۽ باباڙي بابا ڪيون ٿو پٽي. اهو سڀ ڪجهه ان علي بخش ڊکڻ اکين سان ڏٺو. اهو ڊکڻ اهڙو اسرار ڏسي حيران ٿي ويو ۽ فقير کان حق جو رستو پڇيائين پوءِ باقي عمر محبت الاهي ۾گذاريائين. آخر پنجين ڇهين سان گذاري ويو ۽ بلڪ هوشياريءَ سان دم پرواز ٿيس.
ڪوبه آدمي جيستائين حق ۾ فنا نه ٿو ٿئي تيستائين اهو حقيقي مسلمان نه آهي ڪوبه امير هجي يا بادشاهه ڪيڏو به داناءُ هجي ته به سمجهو ته فنا نه ٿيو آهي.جزوي عقل جي ٻانڌاڻ ۾ ٻڌو پيو آهي. سمجهو ته اهو نادان آهي ڇو ته هو توحيدي جي حال جو منڪر ۽ لذتن جو قائل آهي. ڇو ته فقيريءَ ۾ بک ڏک ۽ تڪليفون آهن ڪلي عقل اهو آهي جنهن کي سڪ پيدا ٿئي ته مان الله ڏسان. پوءِ جستجو ڪري ۽ عارفن جي صحبت شوق سان ٻڌي ڪنهن ڪامل عارف کان حق جو رستو پڇي. اسم اعظم ڪمائي يدخلون في دين الله وارو دڳ هٿ ڪري ڪلي عقل جا اثر اهي آهن ڪلي عقل واري کي دنيا ۽ دنيا جي لذتن مان ڍونڍ جهڙي بدبوءِ ۽ نفرت ايندي آهي ان ڪري هو انهن سڀني ڳالهين کان پري پيو ڀڄندو.
بيت

پشت پازان تخت کيکائوس را، به ده از کف مرده ناموس را.
ڪيڪائوس جي تخت کي به ٿڏو هڻ، سرتريءَ تي رک مگر ناموس نه ڇڏ
کل عقل شاهه است مازاغ البصر، عقل جزوي ميکند هر سونظر.
ڪل عقل بادشاهه آهي ان جون اکيون تيز آهن. جزوي عقل وائڙون وانگر هيڏي هوڏي ٿو نهاري.
کل عقل نوراست نولا مکان عقل جزوي منکر حق رابدان
ڪلي عقل لامڪان جو نور آهي جزوي عقل حق منڪر آهي
عقل کل باران است ابد آدمان عقل جزوي آب گنده نادان دان،
ڪل عقل آسماني ڪڪر جو پاڪ پاڻي آهي، جزوي عقل بيٺل ۽ ڪنو پاڻي آهي.
عقل کلي کري حق رابدان که برآن راکب شده شاه جهان
ڪلي عقل کي حق جي ڪرسي سمجهه جوان تي بادشاهه جهان جو سوار آهي
حضرت رسول الله ﷺ عقل جزوي کي ڪلي عقل کي پنهنجي حديث ۾ جدا ڪري ٻڌايو آهي.
اِن الله تعاليٰ خَلَقَ المَلائِکَت رَکَبَ فِيهُم العقلُ وخَلَقَ البَهَائِمُ رَکَبَ فيهُم الشهواِت وَخَلقَ الادَمُ رکب فيهم العَقلُ وَالشهواتِ فَمَن غلَبَتِ الشهواتِ عليٰ عَقله فَهُو ادنيٰ مِنَ البَهائِم.
ترجمو: بيشڪ الله تبارڪ وتعاليٰ ملائڪن کي پيدا ڪيو ته انهن کي صرف عقل ڏنائين ۽ جانورن کي پيدا ڪري انهن کي شهوت ڏنائين ۽ آدم کي پيدا ڪري انهن کي عقل ۽ شهوت ٻئي گڏ ڏنائين. پوءِ جنهن آدميءَ جي عقل تي شهوت غالب ٿي ته اهو جانورن کان به مرتبه ۾ گهٽ آهي. شهوت ۽ کائڻ پيئڻ جو سڌ جزوي عقل وارن حيوانن کي مليل آهي جيڪو ان جو تابع ٿيو سو به حيوان آهي ڪتو ڏسو جيڪو شهوت جي پويان ڦٽجي مارجي ٿو پوي.
آدمي ۾ اڌ حصو ملائڪ جو آهي اڌ حصو گڏهه جو آهي اگر آدميءَ ۾ ملائڪن واري ڪلي عقل زور ورتو ته اهو آدمي ملائڪن کان به افضل آهي جيڪڏهن گڏهه کي ٻڌي دسي وڌائين ته اهو جبرئيل کان به وڌيڪ آهي.
بيت مثنوي

آدمي نصف ملائک نصف خر. قدرت يزدان دران کرده اثر
آدمي اڌ ملائڪ آهي ۽ اڌ گڏهه آهي خدا جي قدرت ان ۾ اهڙو اثر رکيو آهي.
از بهائم شهوتش آميخته از ملائک عقل دروي ريخته
جانورن ۾ شهوت مليل آهي ملائڪن کي عقل مليل آهي
از ملائک اثر ذکر ذوالجلال از بهائم اثر شهوت راکمان
ملائڪن کي ذوالجلال جي زڪر جو اثر آهي جانورن ۾ شهوت جي اثر جو ڪمال آهي
ازبراکي امتحان اين کرده اند لائق مردم کفر ودين کرده اند
هي فقت امتحان لاءِ ڪيل آهي ماڻهن کي دين ۽ ڪفر جي لائق ڪيو اٿن
شهوتي ناراست نور عقل کل. عقل کل راگير تايابي وصل
شهوت باهه آهي ۽ ڪل عقل نورا اٿئي ڪل عقل هٿ ڪر ته وصل کي لهين
عقل کل راجبر ئيل شد غلام شاهه اعظم هست اين بس والسلام
ڪلي عقل واري جو جبرئيل به خادم آهي ڪلي عقل خود بس شاهه اعظم آهي
گرشود غالب شهوت خرتمام، آدمي رادر جهنم شد مکام
جيڪڏهن شهوت غالب ٿيس ته سمورو گڏهه آهي ان آدمي جي جاءِ جهنم آهي.

علم اليقين _ عين اليقين _ حق اليقين
ٻڌل ۽ پڙهيل ڳالهه تي فڪر اعتبار ڪرڻ کي علم اليقين چئبو آهي. ٻيو ته جيئن پري کان باهه جو کورو ٻرندو ۽ سندس دونهون ڏسجي ۽ پڪ سمجهي ته اهو به علم اليقين آهي روبرو وڃي ڏسجي ته ان کي عين اليقين چئجي پوءِ ٽپو ڏيئي باهه سان هم رنگ ٿي وڃجي ته ان کي حق اليقين چئبو آهي،
جيستائين طالب ويساهه سان حق جي رستي سان هلي ٿو تيستائين علم اليقين آهي پوءِ ذڪر سان هلندي خواب ۾ يا خليل ۾ مشاهدو ڏٺائين ۽ ان ملڪ جي خوشبوءَ آيس ته پوءِ عين اليقين ٿيو. مثال جڏهن خستوري واري تاتاري هرڻ جو پير کڻبو آهي ته ان کي به علم اليقين چئبو. پير کڻي جڏهن هرڻ کي اکين سان ڏٺائين عين اليقين ٿيو ۽ جڏهن هرڻ کي ڪنڌ ۾ هٿ وجهي هٿ ڪندو ته ان کي حق اليقين چئبو ائين ذڪر الاهي به ان کٿورئي هرڻ جو پيرو اهي جيڪو پيرمرشد کڻائيندو آهي پوءِ طالب اهو پيرو جهنگلن جبلن مان کڻندو وڃي نيٺ پهچندو. جهنگ ۽ جبل بکون ۽ اوجاڳا ڏها چاليها مجاهدا پرهيز ۽ مرشد ڏي پيادو پنڌ ڪري صحبٿ ٻڌڻ آهي. جڏهن انهن جهنگلن مان لنگهي پارپيو ۽ ان کٿوريئي هرڻ کي ديدين لاتائين ته ان اکئين ڏسڻ کي عين اليقين چئبو آهي پوءِ اهو جيڏانهن ڪيڏانهن هر طرف کان حق کي پيو ڏسندو. ان وقت فقير آسمان ڏانهن ڏسندو ته وجد حال پوندس ڀتين جبلن مان وجهه الله واري صورت پيو ڏسندو.
بيت

رفتن يک منزل بريئو ناف بهتراز صد مبزل وحج وطواف
کٿوري واري هرڻ جي پويان هڪ منزل هلڻ سوين حجن ۽ طوافن کان وڌيڪ آهي.
ديدن آهوئي معنيٰ اين بدان بهتراز صد سال طاعت انس وجان
هرڻ جي ڏسڻ جي معنيٰ هيءَ آهي جو انسانن ۽ جنن جي سئو سال عبادت کان وڌيڪ آهي.
اهوئي معنيٰ شده هفت آسمان وجهه الله چون گيرد عيان
هرڻ جي معنيٰ جو ملڪ ست آسمان آهن. پوءِ الله جي ذات پڌرتي ٿيندس
ميکند ديدار اوجان رافدا. از وجود خود بخود گردد جدا.
ان جو ديدار جان قربان ٿو ڪري. پنهنجي وجود مان پاڻ ٻاهر نڪري پوندو.
مطلب ته اڙڪانه ٿيندس. پورو هفتو اهو حال هوندس. هفتي کانپوءِ جسم مان نڪري جبروت مان لنگهي لاهوت جي منزل فنا في الله ۾ حق اليقين ٿيندو. منصور واري ملڪ ۾ من خدايم جو نعرو هڻندو. ملڪوت ۽ جبروت واري ملڪ ۾ فقير کي سڪ ٿيندي ته اهو الله وارو ملڪ ڪٿي آهي. آخر بيخودي واري فنا في الله جي ملڪ ۾ هن کي تسلي ٿيندي يعني عين الله ٿي پوندو. ذڪر سان هلندي شهود. وارو ملڪ ۾ طالب کي بخار ٿيندو. جوش جي حالت هوندس. ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو شهودن حاصل ٿيڻ سان هن کي حق جي طرفان شاهدي ملندي ۽ پڪ ٿيندس پوءِ مشاهدن جي آسري تي پيو هلندو ان کانپوءِ شهود به بس ٿي ويندس تکو ذڪر ڪاهيندو ته شهود به ٿيندس نه ته ڪونه ٿيندس ان وقت ۾ ذڪر جي ڍرائي کان طالب کي هوشياري ڪرڻ کپي ڍري طالب کي معنيٰ جو ملڪ هٿ نه ايندو

پيرن بزرگن جي معرفت ۽ منزل سڃاڻڻ

جنهن به پير يا بزرگ جي ڪچهري ۾ وڃجي ته پهريائين ماٺ ڪري ويهجي اگر ڪچهري ۾ الله جي اثباتيءَ جي ڳالهه نڪري ته ڄاڻجي ته اتي الله آهي جتي الله جي گفتار کانسواٰ ٻي گفتگو هلي ته اتي پڪ ڄاڻو ته نفس ۽ شيطان آهي ڪي راند فقير بقا باالله جي درجي وارا جن توحيد جا هوڪا ڏٺا ته عام خلق انهن تي ڪفر جا الزام هڻي ڪيس ڪندي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي فقير کي ڏسي لاحول ٿا پڙهن ته فقير ڪافر ٿي ويو آهي ڪافر جي منهن پياسون انهن کي فقير چوندو ته اوهان اهڙا انڌا آهيو جو خود الله رسول الله جي منهن پويوَ ته ان تي اعتبار نه ڪندئو
الحديث: ان اوليائي تحت قبائي لا يعرفهم غيري.

يعني بيشڪ اولياءَ منهنجي قبا هيٺان لڪل آهن انهن کي مون کانسواءِ ڪونه ڪونه سڃاڻندو. ان حديث مطابق جيڪڏهن حضرت رسول خدا هي جسم اختيار ڪري اچي ته هاڻوڪا عام مسلمان ساڻس وڙهندا ڇو ته انهن ڪوثر جو جام نه پيتو آهي. اهو ڪوثر وارو درياهه هر هڪ آدميءَ وٽ وهي ٿو. مگر انهن جا مرشد انڌا آهن جو مريدن کان ڏن وٺي پنهنجو پيٽ ڀرين مگر هنن مريدن کي ڪوبه رستو نه ڏسيو. پاڻ به انڌا ته سندن مريد به انڌا. مريدن کان پئسه وٺي ليپ پيا گهرائين پوءِ مريد جي گهر وڃي چونڊ ڀاتي تاڙي پوءِ مريد کي ڀڄائين ته وڃ جو فلاڻي هنڌ اسان جو کيس وسري ويو آهي. سو کڻي اچ مريد کي موڪلي پوءِ اهو ڏن وٺو مرشد گهر ۾ ڊيٻڪ هنيون ويٺو هوندو. پوءِ ساڻوٿيڻ کان پوءِ ٿڪان ايٺو اڇلي. لڄ کان تڙ به نه ڪري مريد پاڻي به نبيءَ جي ننهن ٿيڻ لاءِ مٿا پيئي ڏئي صبح جو نڪرڻ وقت مريد کان ڏن گهري. ڄٽ وٽ ان وقت ڏن ڏيڻ لاءِ ڪي به ڪونه هجي. پوءِ جنهن مريدياڻي ليپ جو مزو ورتو سان پنهنجي نٿ لاهي مڙس کي ڏئي ته وڃ ماريا مرشد کي ڪجهه ته ڏي جو نانگ به ٻارهين مهيني کل لاهيندو آهي. مرشد سائين ڪارو نانگ اٿئي پاڻ کي پٽائيندين ڇا. خليفو وري پير کي سارهيندو ته سائين هڪ دفعي ڳوهه مان پلو ڪري وڌو هو. اٺ جي ليڏڻن مان لڏون ڪيا هئائين نر اٺ ڏهي ان جو کير پاڻ پيتو هئائين. جنهن کي عام ماڻهو ڪرامت پيا سمجهن حديث: وجعلنا شيخ الناقص انسان کما جعلنا رجيم الشيطان.يعني اسان جوڙيا. آهن ناقص مرشد انسانن جا جيئن اسان تڙيل شيطان جوڙيو آهي اهڙي مريدياڻي جنهن پنهنجي نٿ لاهي مرشد کي ڏن ڏنو هو اها هر مهيني جو پهرئين سومر تي مرشد جي درگاهه تي پيئي ويندي يا ته ڇوڪر جي جهنڊ باسيندي بهاني سان پيئي ويندي. مڙس کي چوندي ته ماريا مرشد جي درگاهه تي منهنجو پنڌ باسيل آهي. نه هلندين ته نقصان ٿيندءِ پوءِ اهو مريد ڪتي وانگر درگاهه تي ٻڌو ويٺو هوندو. مريدياڻي ٻانهن هڻي حاويليءَ ۾ هلي ويندي پير. به لاهور وارا ليپ لايون ويٺو هوندو جيڪو مريدن جي ڏن مان گهرايو هئائين.
هڪ دفعي ڪنهن پير جي خليفي ڳالهه ڪئي ته هڪ سال ڪنهن مريد پير جي دعوت ڪئي پير. موٽر تي چڙهيل وٽس آيو. رات اچي مريدن وٽ ترسيو. مريدن ڏٺو ته شام جو سندس ڀرسان گلويون. سانڊا، نر گلويا، سانهه جن جا پيٽ چيريل هئا ۽ سڳن ۾ ٽنگيل هئا خليفه کان ڪنهن پڇيو ته جنهن ٻڌايو ته پير صاحب انهن گلوئن ۽ مينهن وسائڙن کي ترن جي تيل ۾ گڏي ليپ ٺاهي ڪنهن دنيادار مريدياڻي کي مزو وٺرائيدو. آهي پوءِ اها جيستائين جيئري هوندي تيستائين گهر جو سڀ مال ڳهه خليفه چيو ته پير سائين جي حوالي پيئي ڪندي آهي. ساري عمر گهمرو بند نه ڪندي خليفه چيو ته پير سائين جي حويليءَ ۾ ٻه بنگلا آهن هڪ گهر جي ڀاتين لاءِ ٻيو خاص مريدياڻين لاءِ ٺهيل آهي.
پير ٻانهيءَ کي سمجهائي ڇڏيندو آهي ته جيڪا دنيادار ۽ ڳهن واري مريدياڻي ڏسين ته ان کي پنهنجي خلاصي ڪمري ۾ موڪليندي ڪر. پير صاحب جي خلاصي ڪمري ۾ وڇايل هنڌ طول وهاڻان ۽ ڪوچ ميزون ۽ انهن تي کاڌي پيتي جو سامان رکيل هوندو آهي. مريدياڻي اچڻ سان وڃي آهلندي سندس مڙس اوطاق ۾ انتظار ۾ ويٺو هوندو آهي. نه ڪو سڏ ڪرڻ وارو نه سڏ ڏيڻ وارو. پوءِ پير ۽ مريدياڻي يعني ٻانهو ۽ ڌڻي پيا ڳن ڏين اها ڳالهه هڪ پڪي خليفي ڪئي جنهن ان حالت ڏسڻ بعد ان پير تان ويساهه کنيون. مگر اڃا به چيائين ته آسري ۾ هجون ته مان پير الله رسول جي ڳالهه ٻڌائي. آخر سمهڻيءَ جو پير وات کوليو. ۽ خليفي کان پڇيائين ته زائفان اڳ ۾ انزال ڪندي آهي يا مرد؟ خليفو چوڻ لڳو ته سائين زائفان. وري پير چيو ته زائفان جي ساري بدن ۾ شر شر ٿيندي آهي. انزال وقت. مريد چيو ته ٻڌڻ سان ٺري پياسون. جيڪو مون دعوت تي خرچ ڪيو هو سو به حرام ٿي ويو. ان کان پوءِ پير سمهي پيو صبح جو منهجي پٽن جون زالون سينگار ڪري پير کي پيرين پوڻ ويون موٽڻ مهل مون کانئن پڇيو ته توهان مان پير صاحب کي ڪهڙي وڻي. ڪنهن سان انجام رکيائين جنهن تي منهنجا پٽ مون سان وڙهڻ لڳا مون چيو مانه ته پير وٽ ڳالهه ئي جماع جي پي هلي.
صبح جو پير مان جان ڇٽي. موٽر تي چڙهي هيلو ويو.
حديث: قال الرسول من احب شيءَ فاکثر ذکره
يعني جيڪو جنهن شيءَ سان محبت ڪندو ته ان جي گهڻي ڳالهه ڪندو پير جي به جنهن شيءَ سان محبت هئي سا ڳالهه زبان مان ٿي نڪتس.
بيت

پير صاحب سڀ ڀلارا نيڪنام، قدرتن کي آهه مريدن جو تمام.
۽ مريدياڻن جا آهن غمسگار. قرب جا ڪوڏيا ڪيئي هن قربدار.
قبر محشر جو ذمون پيرن کيو، پوءِ ڄٽ جو ڇا زياده ٻيو ويو.
پير صاحب خوش مريدياڻي به چاڪ، ڄٽ به خوش چهڙو ٻاهر آ منجهه اوطاق.
پير صاحب سونهارا ۽ ڀلا، دير منهجهه مريد کائي ٿو کلا.
جا مريدياڻي سخي آهي صفا، روڪ روپئي جي نه ڏين ٿا هو جفا.
گس تي لانگهو ڪرن. ٿا واهه جو اصل کان رستو اٿن هن راهه جو.

پير صاحب ڪوڪا پنڊ به پڙهيل ٿين ٿا. جيڪا مريدياڻي پيرين پون ايندي ته ڪوڪا. پنڊ مان تاريخ ڪڍي هٿ ڊگهو ڪري پٺيءَ تي ڌڪ هڻندا. يعني پٺي ٺپوريندا.ٿوٻيءَ جي ڌڪن سان مريدياڻي جو ڪم لگهي ويندو. جيئن شنباڻي واپاري ٻڪريءَ جي رڳ جاچيندو آهي.اهي پير مريدياڻي کي مائي اصل نه سڏيندا نه وري سندن مٿي تي هٿ رکندا ٿوٻي تي ڌڪ هڻي چوندا ته مريدياڻي خوش آهين چڱي ڀلي نوبتي پوءِ اها مريدياڻي هر مهيني مڙس کي تنگ ڪندي ته ماريا ضرور سائين ڏي هل جو منهنجو پنڌ باسيل آهي جيڪڏهن مڙس نه هلندس ته گوگائي مرچ کي ڌاڳو ٻڌي ٻار کي مرچ ڳئي ۾ وجهندي ۽ ٻار روئڻ بند نه ڪندو. پوءِ چونديس ته ماريا ٻارکي دعا لکرائي ڏيون هاڻي ته هل پوءِ لاچار ڄٽ هلندو پير وٽان موڪلائڻ مهل مائي ڌاڳي کي ڇڪ ڏيئي مرچ کڻي ٻاهر ڪڍندي ۽ ٻار ماٺ ڪري ويندو. پوءِ مائي مڙس کي چوندي ته ماريا ڏس سائين ڏي آيو آهين ته ٻار به خوش ٿي ويو آهي.

پيريءَ کان پري ٿي. بزرگيءَ کان بيزار
گهيرا اهوئي گهڙ ته ملين تون مطلوب کي

حڪايت

هڪڙي پير جو ميرد مري ويو. پير ان رن زال کان ڏن وٺڻ آيو. مائي چيس ته سائين کٽڻ ڪمائڻ وارو هليو ويو مان ڪٿان ڏيان پير چيس ته گيش ڏي. مائي چيس ته مان در تي ڪونه آهي. پير چيس ته توسان ڪس ٿا کائون جو تون هڪ دفعي زنانو ڪم ڏن ۾ ڏي جاهل عورت انڪار نه ڪيو پيرکان ڪم لهرائي ويهي رهي هي ته پيرن جا ڪم اٿوَ اهڙن مرشدن کان شيطان به لڄي ٿو ٿئي،
انهن پيرن جو مثال گيدڙن وارو آهي. جيئن اهي گدڙن وٺڻ لاءِ لئي جي جهڳٽِي ۾ ويهي گدڙن واريون روڙون ۽ ڪڪڙن جي ٽان ٽان ڪندو ته گدڙ سمجهندو ته منهنجي سنگتيءَ ڪا ڪڪڙ ورتي آهي. جو مون کي ٿو سڏي پوءِ گدڙ انهن ٻولين ۽ آوازن تي ڇرجي اڏاڻو ايندو. پر اتي ته گيدڙي تازي ڪتا جهليون بيٺو هوندو گدڙ جي ڏسڻ سان گيدڙي ڪتن مان رسيون کڻي ڪڍندو. جيڪي يڪدم گدڙ کي پڪڙيندا. پوءِ گيدڙي گدڙ کي ڪهي ٻوڙ ڪري کائيندا. ان ۾ سنڌي گيهه وجهندا ۽ چوندا ته ڊالڊا حرام آهي جي وڌو سي ته گدڙ جو گوشت حرام ٿي ويندو.
مطلب ته گيدڙي اهي زماني وارن ڏن وٺو پير آهن خليفا تازي ڪٿا اٿن. گهڙيال ۽ گهنڊ اهي گيدڙن واريون روڙان ۽ ڪڪڙن واريون ٽان ٽان اٿن لئو هنن جو ڏيک ويک ۽ ظاهري ٺاٺ آهي ۽ الله هنڻ جي آڙ آهي. عام ماڻهو سمجهندا ته جيئن پير هت شان شوڪت سان آهي.الله وٽ به اهڙا قبول پيل هوندا. گدڙ اهو نئون مريد آهي جيڪو پير جي سٺن ڪپڙن ۽ سوارين کي ڏسي ويساهه ٿو ڪري پير وٽ پهچڻ سان تازي ڪتا يعني خليفا وڪوڙي ويندس ۽ پير جو ڪرامتون پيا ٻڌائينداسين ته سائين اهڙو آهي جو ڀنگ مان پلي ڪئي هئائين. جوئر جي سنگن مان واڱڻ ڪيا هئائين.
جيڪڏهن انهن پيرن ۾ ڪرامت هجي ها ته گهر ويٺي پيا کائن ها سوال ڪري نه کائن ها. السوال حرام ولو کان ابواه يعني سوال حرام آهي توڙي پنهنجي بابن کي ڪجي حضرت رسول الله ﷺ به پنڻ کا منع ٿو ڪري.
بيت

“ ڪتو ڪرٽي هڏيون تون جوان جگر کاءُ ”
الدنا جيفه وطالبها ڪلاب، هئي هيئن سين لاءِ سڄڻ جي ساڃاهه مون من مٿاهون ڪيو.
ڪن پيرن جو رواج آهي. ته جيڪو نئون مريد ايندو اٿن ته ان جي وارن جي چڳ ڪپي درگاهه ۾ٽنگي ڇڏيندا آهن پوءِ ان ڄٽ کي اڳئين مئل پير جي قبر تي وڃي هن جي ٻانهن وٺي چوندا ته هي نئون مريد ٿيو آهي هن جي پارت هجيوَ هيءَ ٻانهن پرتل اٿو. پوءِ مريدن وارو فتر يعني بدمعاشن جي لسٽ ۾ ان جو نالو لکندا. جنهن کانپوءِ ڄٽ هٿيڪو ٿيو. پوءِ اهي پير هن جون ست پيڙهيون پيا ڦريندا. خليفا هن کي مبارڪون پيا ڏيندا ته تنهنجا وڏا ڀاڳ آهن جو دفتر ۾ داخل ٿي وئين. مريد فخر ۾ اچي ويندو پير هن کي نه نماز نه روزو نه ڪوذڪر فڪر ئي ڏيندا. واپارين وانگي جيئن خريد ڪيل ٻڪريءَ کي ڪت وجهبو آهي. ائين چڳ وڍي چوندس ته تون اسان سان گڏ هوندين.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪوري پير جي پيرن تي ڪِري ڍنڍڪارا ڏيڻ لڳو ۽ کيس چوڻ لڳو ته هن گڏهڙي جي پارت هجيوَ پير چيس ته ڳڻيتي نه ڪر تون اسان سان گڏ هوندين پير جي جيڪا منزل هوندي. مريد به اتي ساڻ وٺيون ويندو. ٻئي تخت الثريٰ ۾ هوندا فَجَزَآؤُهٗ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فِیْهَا (النساء، تحت الآیۃ: ۹۳) انهن جي جزا جهنم هوندي ان ۾ پيا هوندا.
مثال: هڪ ٻهراڙي جي انڌي هوڪو ڏنو ته مون کان ڪو پنج روپيه وٺي ۽ رستي سان لائي شهري انڌي هن کان پنج روپيه وٺي چيس ته منهنجي پويان لڳو اچ. هن لٺ کان ورتس. شهري انڌو پئسن جي خوشيءَ ۾ تکو هليو. آخر بازار جي وڪڙ ۾ڪو کوهه هو ان ۾ وڃي ڪريو ۽ پويان بهراڙيءَ وارو انڌو به وڃي ڪريس. وَ مَكَرُوْا وَ مَكَرَ اللّٰهُؕ-وَ اللّٰهُ خَیْرُ الْمٰكِرِیْنَ۠ (اٰل عمران، تحت الآیۃ: )
شهري انڌا اهي پير آهن. ۽ ٻهراڙيءَ جا انڌا اهي سندن مريد آهن. جيڪي ڏن وٺيون مريدن سميت وڃي ٿا جهنم ۾ ڪرن ايشان را شياطين الانس الله تعاليٰ نام نهاد است اهي انسان شيطان آهن.
قرآن ۾ آهي ته لَا تَتَّخِذُوْا عَدُوِّیْ وَ عَدُوَّكُمْ اَوْلِیَآءَ
يعني منهنجي دشمن ۽ پنهنجي کي مرشد ڪري نه وٺو. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته نفس جا تابعدار منهنجا دشمن آهن. جيڪو انهن کي دوست ڪندو ته ڄڻ الله سان دشمني ڪيائين. انهن الله گم ڪري نفس کي اثبات ڪيو آهي نفساني خودي کي بلندي ڪرڻ انهن پيرن جي عادت آهي.
بيت
اي بسا ابليس آدم رئوهست پست به هردست نه شايد دادست
گهڻا ماڻهو شيطان جي مهانڊي آهن. پوءِ سڀ ڪنهن جي هٿ ۾هٿ نه ڏين گهرجي.
چون شغال گير ميگويند دعويٰ تاکه بگيرند شغلان رابه دغا
اهي گيدڙن وانگر روڙان ٿا ڪن. ته جيئن گدڙن کي ٺڳي سان ڦاسايون.
آن شغال بي خيربرجنس خويش ميرو دافتادو خيزان اوبه پيش
اهو بي خبر گدڙ پنهنجي جنس ڏانهن ڪرندو ٿاٻڙندو اچي ٿو پهچي.
اوهمي داند خروس يافت است اين عنايات خدا برتافته است.
اهو ٿو سمجهي ته ڪا ڪڪڙ لڌي اٿس. هيءَ ڪا خدا جي عنايت ٿي آهي.
درپس صياد سگ راچون کشاد آن شغال آمده بروئي فتاد
شڪاري جڏهن سندس پويان ڪتو کوليو ته اهو آيل گدڙ اچي هٿيڪو ٿيس.
آن بزر گان صيادو آن مرد. شدشکار آن برزر گان مزيد
اهي پير شڪاري آهن ۽ سندن مريدان پير جو شڪار ٿي ويا.
مثال تترن جو شڪاري جڏهن شڪار تي ويندو آهي ته اڳ ۾ پنهنجو ڌاريل تتر پڃري سميت کڻي جهنگ ۾ رکندو آهي پڃري جي ڀر ۾ تکڙان ۽ ديڙا اڏيندو آهي. پوءِ سينڍ وڄائي پڃري واري تتر کي ٻولائيندو آهي اوپري تتر جي لات ٻڌي ٻيا جهنگلي تتران جي وڙهڻ لاءِ ايندا آهن ويجهي اچڻ سان سڀ تتر ڦاسي پوندا آهن
بيت

چون صياد آرود بانگ ضغير تافريد مرغ را آن مرغ گير
جڏهن شڪاري سينڍ وڄائيندو آهي ته پکيءَ کي ڦاسائي وجهندو آهي.
شيخي پيري بزرگي هم رهزني است. اين خيال باطل ازباو مني است
پيري بزرگي ڌاڙيلائپ آهي. هي ڪوڙو خوديءَ جو آهي.

اهڙي طرح خليفن جي ڪرامتن ٻڌائڻ سان ماڻهن تي ڄڻ منڊ لڳي ٿو وڃي. چوندا آهن ته سائين درياه تان جتيءَ سوڌو ٽپي ويو. هوڏهن سائين اڏ به ڪونه ٽپندو هو، اهي پير مريدن کي عبادت جي هدايت اصل ڪونه ڪندا رڳو پيا چوندن ته تنهنجي قبر محشر جو آءُ ذميندار آهيان بهشت ۾ توکي اسان اماڻينداسون پير جي ٽيڪ تي ڄٺ چوريون بديون ڪندو وتندو. انهن لاءِ قرآن ٿو فرمائي ته اِنَّ الَّذِیْنَ كَذَّبُوْا بِاٰیٰتِنَا وَ اسْتَكْبَرُوْا عَنْهَا لَا تُفَتَّحُ لَهُمْ اَبْوَابُ السَّمَآءِ وَ لَا یَدْخُلُوْنَ الْجَنَّةَ حَتّٰى یَلِجَ الْجَمَلُ فِیْ سَمِّ الْخِیَاطِؕ يعني بيشڪ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته تڪبر ڪيائون. انهن لاءِ اسان آسمانن جا دروازا نه کولينداسون ۽ نه انهن کي ايستائين بهشت ۾ داخل ڪبو جيستائين سئي جي پاکي مان اٺ نڪري وڃي جيئن اهو ناممڪن آهي تيئن انهن ڪارفرن ۽ نه مڃيندڙن جو بهشت ۾ وڃڻ به نه ممڪن آهي. يعني جنهن حق جي نافرماني ۽ هٺُ ڪيو اهو بهشت ۽ آسمانن جي طرف وڃي نه سگهندو جيئن اُٺ سئي جي پاکي مان نه لنگهي سگهندو تيئن اهي پير پاڻ ئي نه لنگهي سگهندا ته مريدن کي ڪئين اماڻيندا. اهي پاڻ ئي نفساني هستيءَ ۾ غرق آهن. ڪنهن کي به پاڻ جهڙو نه ٿا ڀانئن. ساري عمر نفس پرستي بدي جماع ۽ ليپن ٺاهڻ ۾ گذري وين. الله کي واحد القهار ۽ ملائڪن جو بادشاهه ۽ سزا ڏيڻ وارو نه سمجهيائون سڄي عمر نفس جي خدمت ۾ گذاريائون قرآن ۾ آهي ته اَلْخَبِیْثٰتُ لِلْخَبِیْثِیْنَ وَ الطَّیِّبٰتُ لِلطَّیِّبِیْنَ يعني پليد پليدن لاءِ پاڪ پاڪن لاءِ آهن سوجهڙا پير تهڙا مريد پيرن کي ئي الله جي خبر نه آهي ته مريدن کي ڇا ٻڌائيندا. خدا جي قانون امربا المعروف ونهي عن المنڪر جي ٻنهي کي خبر ڪانه آهي نفساني خوءِ ايڏو ته بلند ڪين جو اٺن گهوڙن بجاءِ معافي جي سواري يعني ماڻهن جي ڪلهن تي چڙهن جيئن ڇهن مهينن جو ٻار يا ڪو بيمار پينگهي ۾ کڄندو آهي.
سوا لک انبيا ۽ اولياءَ ٿي گذريا آهن ته ڪنهن به ماڻهن تي سواري نه ڪئي آهي اهي پير هت عيش ٿا ڪن. مگر خدا جي درگاهه ۾ ناقبول آهن. ڇو ته انهن نفس جي فرمان ۾ حياتي گذاري ڇڏي الله اثبات ئي نه ڪيائون.
فقيرن جي آستانن تان هزارين آزاد ٿيا اچن مگر انهن پيرن وٽان هڪ به ڇٽيندو الله اثبات ڪرڻ وارن جا نالا ۽ خيالات قيامت تائين روشن آهن جيئن شاهه منصور. بايزيد بسطامي صاحب جنيد بغدادي شيخ شبلي رحمته الله عليه وغيره
والله باالله پيرن سان اسان جي ڪا به دشمني ڪانهي. ڇو ته اسان جو جوانيءَ جي عمر تائين انهن پيرن تي بي حد ويساهه هو. اسان پاڻ انهن پيرن تي ڪک به نه سهندا هئاسون . ته پير الله وٽ پهتل آهن.
هڪ دفعي اسان جي گهڙي دوست اسان سان پيرن جي مخالفت ۾ ڪي لفظ چيا. جنهن تي ڪي سال مون ان کان منهن ڦيرائي ڇڏيو. مگر جڏهن ذات ذوالجلال عشق شهنشاهه اسان کي معرفت علم ۽ آسماني سير عطا ڪيو تڏهن وڃي اک کلي ۽ نيڪ وبد سڃاتائون “ پي پيالو عشق جو سڀ ڪجهه سمجهيوسون ” پوءِ جو پيرن ڏانهن نهاريوسون ته اونداهه ۽ ڪاري رات لڳي پئي آهي الله جي ذڪر ۽ توحيد جي پيرن وٽ ڀينگ آهي هنن ساري عمر شهوت پرستيءَ ۾ گذاري ڪڏهن الله جوذڪر جو ڀيرو دل تي نه گهمايو اٿن نه وري عمل چڱا اٿن. روحاني اکين سان ڏٺو سون ته سندن نفس وڏو بزرگ پاليل اٿن.
بيت
کارشيطان ميکند ناميش ولي. گرولي اين است لعنت برولي
ڪم شيطاني ڪن ٿا ۽ نالو ولي ٿا سڏائين اگر هي ولي آهن ته پوءِ لعنت اٿن.
من احب شي فاکثر ذکره
هنن وٽان هميشه نفس ڪتن سوئر جي ڳالهه نڪرندي
بيت
اهل دنيا چه کهين وچه مهين لعنت الله عليهم اجمعين
ننڍا توڙي وڏا دنيا دار سڀني تي الله جي لعنت آهي.
اهل دنياکافران ومطلق اندر. روزو شب دربک بک ودرزق زق اندر
دنيا وارا پورا ڪافر آهن رات ڏينهن بڪ بڪ ۽ زق زق ۾ آهن
قبلئه باطن نيشان ذلو لمنين قبلئه ظاهر پرستان فرج زن
باطن وارن جو قبله الله آهي. ظاهر وارن جو قبله زائفان جو فرج آهي.
قبلئه دنيا ست پيران راسجود قبلئه عارف بود رب الودود
دنيا وارن جو قبله پيرن کي سجدو ڪرڻ آهي عارفن جو قبله الله راحمين آهي.
صادقان راصادق باشد مقال کاذبان راکاذبي شد قيل وقال
سچن جي ڳالهه ٻولهه به سچي آهي ڪوڙن جي ڳالهه بولهه به ڪوڙي
چيست دنيا گفتگو غير حق آدمي راميکند تيره ورق
آهي دنيا ڇا آهي حق جي ڳالهه کانسواءِ ٻيو ڳالهائڻ غير. حق واري گفتگو آدمي جي دل کي ڪارو ڪندي آهي.
نار دنيا ناريان راميکشد نور عقبيٰ نوريان ميکشد
دنيا جي باهه دوزخين کي ڇڪي ٿي عقبيٰ جو نور وارن کي ٿو ڇڪي
حب دنيا مي برداند مهيم حب موليٰ مي دهم عرش عظيم
دنيا جي محبت جهنم ۾ ٿي موڪلي موليٰ جي محبت عرش عظيم ڏانهن ٿي موڪلي
دنيا جو طالب مخنث پير ڪيڏي به شان شوڪت گاڏيون ڪارون پاجيرو تي چڙهيل هجي. باز ۽ ڪتا ساڻ هجنس ته به آدمي کي گهرجي ته ان ڏانهن نهاري به نه اهو پير نفس جي هستيءَ سان نفس جي فرمان ۾رهي ڪري جهنم ڏي ٿو وڃي.
بيت

سردرا ذوق ازغذار کروفر مرمخنث. رابود ذوق ذکر
مرد کي شوق غزا ۽ مردانگيءَ سان هوندو آهي کدڙي کي شوق مرداني اوزار سان هوندو آهي.
جز ذکر نئي اونئي ذکرُاو سوئي اسفل هي برد آن فکراو
اوزار کانسواءِ ان کي ڪنهن به ذڪر سان شوق نه آهي اهو فڪر ان جهنم جي طرف ٿو وٺيون وڃينس
گرهر آيد تافلک ازوئے م ترس که اوبه شوق سفل آموزيد درس
توڙي آسمان کان پيو اچي ته به ان کان نه ڊڄ ڇو جو هن ڪمينائي جو سبق سکيو آهي.
گر مخنث گے پرد خوف م کن کہ بہ ذوقی پشت شداورا کھن
توڙي کدڙو اڏري ته به خوف نه ڪر ڇو جو هن کي پُٺِ جو پراڻو شوق آهي.
دنيا جا طالب پير کدڙا آهن جيڪي خلق کي گمراهه ٿا ڪن ڇوته ماڻهو انهن وٽ الله تعاليٰ جي گمان تي اچن ٿا. انهن کي هدايت جي بجاءِ گمراهه ٿا ڪن. قرآن ۾ آهي ته يخدعون الا انفسهم جنهن معنيٰ مٿي ڏيئي چڪا آهيون اهي پاڻ ٺڳجي ويندا.
الحديث: الخلق عيال الله. احبهم الله من نفعهم لعياله آذاهم الله من اذاهم لعياله
يعني مخلوقات الله جو عيال آهي جنهن ان کي نفعو پهچايو ته الله ان سان پيار ڪندو. جنهن ان کي ايذايو ته الله به ان کي ايذاءُ پهچائيندو ظاهري نفساني طاقت تي اهي پير ماڻهن کي ايذائن ٿا ۽ بي انداز ظلم ٿا ڪن. رسول الله جي فرمان موجب اهي الله جا دشمن آهن. الله جي خلق سندس عيال مثل آهي جيڪو به ڪنهن جي عيال کي رنجائيندو ته مائٽ کي ضرور ڪاوڙ لڳندي ۽ ان جو دشمن ٿيندو. انهن لاءِ قرآن ۾ آيو آهي ته لم تقولون مالا تفعلون يعني جيڪي پاڻ چوندا آهن ائين پاڻ ڪندا ڪين آهن. اتامرون الناس بالبر وتنسون انفسکم ماڻهن کي نيڪي جو حڪم ڪندا مگر پاڻ کا اهو عمل وسريل هوندو. ماڻهن کي نيڪيءَ جو حڪم ڪندا مگر پاڻ کان اهو عمل وسريل هوندن
اسان وٽ مستي ۽ بيخودي جي اوقاتن ۾ اسان جي وڏن جو آهتي مرشد آيو. ان وقت اسان جي بوتي جا مائٽ چاچو ۽ مامون مري ويا هئا اچڻ سان پيرن اسان کان ڏن گهريو . پيرن جي اعمالن جي اسان کي اڳي خبر هئي ۽ عشق جي اثبات سان سڀ حقيقت سامهون آئي
بيت

قحط ده ساله به پيران ديده ام زان سبب برحال شان خنديده ام
پيرن وٽ ڏهن سالن جو ڏڪر ٿا ڏسون ان ڪري سندن حال تي کل اچي ٿي.
مي نه داني قحط معنيٰ نزد شان حب دنيا شهوت وطمع اندران
خبر نه اٿيئي ته انهن وٽ معنيٰ جو ڏڪر آهي انهن ۾ دنيا جي محبت ۽ شهوت جي لالچ آهي
خدا ۽عشق جي معنيٰ کان اڻ ڄاڻ آهن. سڀئي بي حاصل ۽ وحت کان بي اثر آهن.
کو رچشم کور جان وکور دل، درخودي مرده فتاده درغفل
اکين جان ۽ دل جا انڌا آهن خودي جي عفلت ۾ مئا پيا آهن
قوت ايشان حب دنيا احب جاه بي خبر باشندا ازکر الله
انهن جو وقت دنيا ۽ عزت جي محبت آهي. الله جي ذڪر کان اهي بي خبر آهن
ان آيل پير کي چيو سون ته اسان جا لاکيڻا مائٽ توڪوڙا دلاسا ڏيئي مارايا. جو تون چوندو هئين ته مون کي ڏن ڏيو ۽ پوءِ اوهان جي قبر محشر جو منهنجو ذمون آهي غريب هجڻ ڪري جي روڪ نه هين. ته وٽو ٿالهي به ڏن ۾ کنيون ويندو هئين. جڏهن هو بيمار ٿيا ۽ سڪرات ۾به تو ڪونه پهتين. جڏهن هو مري ويا ته اسان مقام جي لون تي چڙهي توکي سڏ ڪياسي اهي به تو ڪونه ٻڌا جي سڏ ٻڌين ها ته اچين ها. پر تون صم بکم عمي فهم لا يرجعون. گونگو ٻوڙو هئين پوءِ قبر ۾وٽن منڪر نڪير اچي پهتا تن ته ڏاڙهيون پٽي پڌر ڪري ڇڏيائون جيئن رڍَ کي گدڙ دسيندو آهي ۽ رڳي بجهڙ پيئي هوندي آهي.اسان جي مائٽن سان منڪر نڪير اهڙي تعدي ڪئي تو سکڻا دلاسا ۽ آسرا ڏيئي مڙس مارايا آهن تو انهن کي نه ذ ڪر فڪر نه ڪنهن عبادت جو ڏس ڏنو. هو ويچارا گمراهيءَ ۾مارجي ويا. تي تو پئسن تي مڙس ڇو ماريا؟ اهو ٻڌي پير ڀڄڻ لڳو. پر اسان ڀڄڻ ڪونه ڏنس. اسان ٻن ٽن پيڙهين تائين ابن ڏاڏن جي ڏنل ڏن جو ليکو ڪري ڏيڍ هزار روپيه پير ڏي قرض رقم روڪ هاڻي جو هاڻي ڏي يا ويهه ته جيئن منڪر نڪير اسان جي ابن ڏاڏن جو ڏاڙهيون کوهيون آهن تيئن تنهنجي ڏاڙهي به کوهيون هن ورتي صون جيڪا پئسن ۾ جهلي سون. جنهنجي بنياس مان اڄ تائين گهوڙيون بيٺيون آهن پوءِ ته پاڙي وارا به ڏن ۽ دعوتن کان ڇٽي پيا. پير وري اسان جي ڳوٺ ڏي منهن ئي ڪونه ڪيو.

عشق جي حقيقت

جيئن فراق بيشمار تيئن عشق بسيار. جيئن عشق بسيار تيئن ماشوق درڪنار، تيئن عاشق بيقرار، جيئن عاشق بيقرار تيئن عشق جو اسرار. جيئن عشق جو اسرار تيئن عاشق جو سربردار. جيئن عاشق سربردار تيئن معشوق رقص دار. جيئن معشوق رقص دار تيئن عاشق بي اختيار. جيئن عاشق بي اختيار تيئن عشق برقرار. جيئن عشق برقرار. تيئن عاشق دل افگار، جيئن عاشق دل افگار تيئن معشوق ڦيريدار جيئن معشوق ڦيريدار تيئن عاشق موجدار، جيئن عاشق موجدار تيئن معشوق غمگسار، جيئن معشوق غمگسار تيئن عاشق وصل وجد دار، جيئن عاشق وصل وجد دار تيئن عاشق حال زار، جيئن عاشق حال زار تيئن عجب عشق زورئون زور نئون وصال جيئن عشق جو وصال تيئن عاشق خسته حال، جيئن عاشق خسته حال تيئن عشق لا اُبال. جيئن عشق لاابال تيئن عشق جو حال، جيئن عشق جو حال تيئڻ عاشق بي حال، تيئن درد جو ڪمال، جيئن درد جو ڪمال تيئن عشق جو وصال جيئن عشق جو وصال تيئن درد جي ڌمال، تيئن عشق جي الٽي چال، تيئن تيئن توحيد جي مقال، توحيد جي مقال اهڙي جو سڄي عمربس نه ٿئي، هجر ته اوئين هجر آهي مگر عشق جو وصل به هجر جهڙو.
عشق جي بي پرواهي واري گفتار سان زمين زمن ملڪ فلڪ وڻ ٽڻ جهنگ جبل به ڏڪندا آهن. ڇڙو ڪوهه قاف کي حڪم ڪيائين ته ڪوئيٽا جو شهر ۽ سندس پسگردائي ناس ڪئي هئائين. عشق جي بي پرواهي جواهڙو حڪم آهي.
عاشق جو ڪهڙو حال آهي هر دم پيو مري ۽ جيئي. مرڻ ۽ جيئڻ ڇا جئين هجر تيئن وصل جيئن وصال تيئن هجر. توڙي وصال ته به ڦٽيل. هجر ۾ ته وڌيڪ ڦٽيل. هجر توڙي وصال ٻنهي ۾ نه سک آهي نه آرام آهي. ورئڻ به ٻن قسمن جو آهي هڪڙو روئڻ هجر جو ته ٻيو روئڻ وصال جو ٿيندو آهي. مثال جيئن ٻه وڇڙيل زالون پاڻ ۾ ملنديون آهن ته پاڻ ۾ ڀاڪرن پيو روئينديون آهن. هوڏانهن عين وصل ۾ هونديون آهن. گڏ واري وقت ۾روئڻ جو عجب آهي عشق وصل ۾ ڇو روئيندا آهن ڇو ته گذريل جدائي وارو ارمان ان وصل يعني ميلاپ ۾ ٿيندو اٿن ته ههڙي محبوب کان ڌار ڇو گذاريوسون.
دنيا عشق جو بت خانو عقبيٰ عشق جو ميخانو آهي. جيڪو ٻنهي کان نڪتو سو مردانو آهي. عشق جو طالب يگانو آهي. دنيا جو طالب بيگانو آهي دل عشق جو پيمانو آهي. جنهن دل وحدت جو شراب پيتو. سا دل آهي جنهن دل شراب وحدت نه پيتو سا دل نه پر گل آهي يعني خاڪ آهي.
بيت
دل بود مر آته جه ذوالجلال در دل صافي نمايد حق تعاليٰ
دل ذات ذوالجلال جو آئينو آهي صاف دل ۾ الله تعاليٰ ڏسڻ ۾ ايندو آهي
در حقيقت دل بود عرش عظيم که دارو ساکن بود رب العليم
حقيقت ۾ دل بود عرش اعظم ڇو ته ان ۾ رب اعظم رهندو آهي.
دل چه باشد لامکان يک گام او هر دم عالم گم شده در نام او
دل ڇا آهي جو لامڪان به ان جي هڪ وک آهي ٻيئي جهان ان جي نالي ۾گم آهن
دل بود مرعشق راجائي عجب، کاندر او آرام گير پاک رب
دل عشق جي عجب جاءِ آهي جو ان ۾ رب پاڪ آرام وٺندو آهي.
شرح دل رانيست گنجائش تمام . مي نه گنجد شرح دل رات قيام
دل جي تشريح جي اصل گنجائش نه آهي قيامت تائين دل جو بيان پورو نه ٿيندو.
شاهه دان دل راد گر رعيت بدان حکمران دل اندر او تالا مکان
دل کي بادشاهه ۽ ٻين کي رعيت سمجهه لا مڪان تائين دل جي حڪومت آهي.
قصه دل کوته دل رابيان پس به جوو الله اعلن بالصواب
دل جو قصه ۽ بيان مختصر ڪر.پوءِ وڃي ڳول وڌيڪ خدا ٿو ڄاڻي.
صوفي اهو آهي جيڪو دمن جي حفاظت ڪري، دمن جي حفاظت ڪندي جسم مان نڪري پوي عبد مان الله ٿي پوي. رسول خدا اسان جو هادي ۽ رهبر آهي اهو به صوفي هو جنهن ان احمد بلا ميم چيو يعني آءُ ميم کانسواءِ احد آهيان. موليٰ علي سائين به انا عرب بلا عين چيو يعني آءُ عين کان سواءِ رب آهيان شاهه منصور به انا الحق چيو. جو گهڻو مشهور آهي. بسطامي صاحب سبحاني مان اعظم شاني چيو يعني مان پاڪ ۽ وڏي شان وارو آهيان لوائي اعظم من لوائي محمد. يعني منهنجو جهنڊو مطفيٰ جي جهنڊي کان به وڏو هوندو هيءَ رمز جي ڳالهه آهي ڪو معنيٰ جو مالڪ ڄاڻندو بسطامي صاحب ان ڪري چيو جو فنا في الرسول جبروت کان مٿي عالم لاهوت ۾ فنا في الله ۾ وڃي فقير الله ٿي پيو. الوهيت جي منزل رسولي منزل کان هڪ درجو مٿي آهي. شمس الحق تبريزي صاحب اسجدوني چيو يعني مون کي سجدو ڪيو. قم باذني چئي مئي کي جيئرو ڪيائين. شيخ عطار نيشان پور ۾ من خدايم جو نعرو هنيو جنهن تي سندس سر لاٿو. ويو سر لهڻ کان پوءِ ڪاغذن جو دستو گهرائي پنهنجي رت مان قلم ٻوڙيندو بيسر نامون نالي ڪتاب لکيائين سر گوڏن تي رکي ڌڙ لکيو. اهو اثر رسول الله جي سبق ۾ هو جيڪو علم استاد ڄاڻندو آهي سو شاگردن کي سيکاريدو آهي. استاد عربي فارسي پڙهيل هوندو ته شاگردن کي به پڙهائيندو. دنيا سڀ درياه آهي جنهن ۾ لوڀ جي لهر ٿي وهي. طالبن تٿاهه موڙي چاڙهيون مڪڙيون جيڪو طالب هوندو سو. هن لوڀ کان بچي ويندو. نه ته ان دنيا جي درياه ۾ لکين وجود غرق ٿي ويا. جيڪو ٻڏو سو غرق ٿيو. جو تريو سو چڙهيو.

علم ۽ جهل جو بيان

فقيريءَ ۾ طالب کي علم جي سخت ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ڪجهه عارفن عاشقن جا فارسيءَ ۾ عربيءَ ۾ شعر آهن انهن کي پرهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ پڙهيل هئڻ ضروري آهي. علم کانسواءِ فقيريءَ ۾ سڌرڻ ڏکيو آهي. ڇاڪاڻ ته وحدانيت جي گفتار ڪتابن ۾ آهي. اهڙي ڪتابن پڙهڻ سان طالب جو يقين محڪم ۽ ڪامل ٿيندو. توحيدي ڪتاب طالب لاءِ جيتوڻيڪ مددگار آهن ته به گهڙو پڙهڻ نقصان آهن. ڇو ته گهڻو پڙهڻ سان همه اوست سکي پوندو ڪتابن پڙهڻ ۽ ڏسڻ کانسواءِ همه اوست ڳالهائڻ سخت ڏوهه آهي همه اوست واري ملڪ ۾ وڃڻ کانپوءِ مٿس ڏوهه ڪونه آهي رڳو ٻڌ ۽ ڪتابن پڙهڻ سان همه اوست نه چئجي همه اوست جي معنيٰ آحي ته هر شيءَ ۾ الله آهي ائين اڻ ڏٺو چوڻ ڪفر آهي اهڙي آدميءَ تي ملڪن فلڪن ۽ الله جي لعنت آهي . فقرو : اگر راز حق را محرم نيستي دروغ م گو که لعنت الله علي الکاذبين.يعني جيڪڏهن خدا جي ڳجهه جو واقف نه آهين ته ڪوڙ نه ڳالهاءِ جو ڪوڙن تي خدا جي لعنت آهي،
واصل عارف جيڪڏهن همه اوست ڳالهائيندو ته ان تي ڏوهه نه آهي ڇو ته هن ائين ڏٺو آهي جيئن چوي ٿو.
بيت
مرد واصل هر چه گويدا ودرست ناقص گر گويد بود گفتار است
واصل مرد جيڪا ڳالهه ڪندو ته اها صحيح آهي ناقص چوندو ته ان کي بيان چئبو.
زانکه ناقص بت گراست وبت پرست هست نادان کي ازوجود خودنه رست
ڇو ته ناقص بت ٺاهيندڙ ۽ بت پرست آهي. اهڙو نادان آهي جو پنهنجي وجود مان به نه نڪتو آهي.
مرد دانا کامل صاحب وصال آزدو عالم برکشيده پرو دبال
داناءَ مرد ڪامل ۽ وصال جو مالڪ آهي ڇو ته ٻنهي جهانن تان هٿ کينل اٿس
او سخن گوويد همچون جعفر . ناقص نارسته زين تن کافر
اهو جيڪا ڳالهه چوندو ته جعفر طيار وانگر چوندو ناقص جسم مان نڪتل ڪين آهي، انڪري ڪافر آهي.
عارف رسته قازو وجود خودبدر ناقص محبوس محکم جسم در.
عارف پنهنجي وجود کان ڇٽل ۽ ٻاهر آهي. ناقص وجود جو قيدي آهي.
عارف پرواز دارد لامکان ناقصان راسير آسمان
عارف لامکان جو پرواز ڪندو آهي. ناقص جو سير آسمان جي هيٺيان آهي.
عارف اندر گفتگو شد لاغرض. زان سبب توحيد او راشد فرض
عارف ڳالهائڻ لاءِ لاغرض هوندو آهي ان ڪري مٿس توحيد جي گفتار فرض آهي.
کاملان وعارفان هم شيراند ناقصان کل همچون موش
ناقصان ڪل ڪوئن وانگر آهن
شير غزان مي بر آرند جمله هوش
يعني گجندڙ شينهن سڀني جو هوش ختم ٿو ڪري.
موش دررتار کئي سوراخها. ميکنداڳ مکر ها وحيله ها.
ڪوئو اونداهن سوراخن ۾ رهندو آهي. اتي اٽڪلون ۽ حيلا بهانا پيو ڪندو آهي.
طالب لاءِ علم ضروري آهي جو فقيري ۾ مدد ڪندس. مگر گهڻو علم به نقصان آهي. جو وهمن ۽ خيالن ۾ غرق ڪندس سواءِ علم جي فقيري بيڪار آهي.
حديث: مَن تَزهَد بغير عِلمِ مَاتَ کافِرُ
يعني جنهن علم کانسواءِ زهد ڪيو ته ڪافر ٿي مرندو.
بيت
کس کو فقربي علم گير شود ديوانه يا کافر به ميرد
جيڪو علم کانسواءِ فقيري وٺندو ته يا چريو ٿي ويندو يا ڪافر ٿي مرندو.
علم ريءَ فقيري واريءَ منجهه پروڻ. هڪ اڳيئي پتري ويتر آيس ڌوڻ. لدني علم کانسواءِ جيڪو فڪيري ڪمائيندو ته ڪافر ٿي مرندو. مصرع في فقيري عل ٻاجهئون درد باشد لا دوا رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته اُطلِب العِلمُ ولو کان بالسين عِلم جي ڳولا ڪريو توڙي چين وڃڻو پويو. اهو لدني علم لاءِ چيل آهي عارف علم لُدني جا استاد آهن. اهڙا استاد ڪروڙين مان ڪو هڪ ملندو. ڇو ته سالڪ جي منزل رسول الله واري آهي سالِڪ فقير تي ماڻهن جو ويساهه گهٽ ٿيندو. هو سمجهندا ته اسان وانگر کائي پيئي ٿو. ڪپڙا به پائي ٿو ٻار به ڄڻي ٿو. مستين تي گهڻو ويساهه هوندو آٿن مگرمست سالڪن وارو فائدو ۽ فيض نه ڏيندا جيڪڏهن ڪنهن تي راضي به ٿيا ته پاڻ جهڙو چريو ڌاتورو ڪري ڇڏيندس ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ئي سالڪيءَ واري محمدي رستي سان هليل ڪين آهن. پوءِ ٻين کي اهو رستو ڪيئين ۽ ڪٿان ٻڌائيندا.
تلقيان ٻن قسمن جون آهن (1) تلقين ايزدي (2) تلقين محمدي جنهن کي ايزدي تليقين ٿيندي ته هڪ ٻن راتين ۾ ان جا ڪشف کُلي پوندا ۽ چريو ٿي ويندو. سالڪي نه رهندس محمدي تلقين مرشد کان ذڪر وٺي ڪمائڻ کي چئبو آهي ذڪر ڪمائڻ سان گهڻن سالن کانپوءِ حق کي پهچي معراج ڪندو ان کي سالڪ چئبو آهي. هن جو عقل سالم رهندو پوءِ ان کان جيڪو ان کان ذڪر پڇي ڪمائيندو ته اهو به اهڙو ئي سالڪ ٿي پوندو سالڪ عارف جون هي وصفون آهن ته ڪنهن کي به هٿ سان يا وات سان رنج نه ڪندو. نه ڪنهنجو مال کائيندو. هن جو ويٺي هنڌ روزگار پيو ايندو ۽ ساري عمر ۾ ڪنهنکي به سوال نه ڪندو توڙي بک تي ويٺو هجي. جهن شيءَ جي به ضرورت پوندس ته اها شيءِ پاڻيهئي اچي ملندس ڪنهن جي به جماڻي يا ختمه جي ماني نه کائيندو نه ڪنهنجي ڪاڻ ڪڍندو همهشه سُخن سِڌو ڳالهائيندو اٺئي پهر هن جي زبان مان توحيد جي گفتار پيئي نڪرندي عام ماڻهن جي گوڙ کان پيو ڪيٻائيندو عام خاص سان مٿاڇري دل سان ڳالهائيندو هن کي زماني جي ماڻهن جي اچڻ وڃڻ تان خار پيئي لڳندي پر جيڪڏهن وٽس فقير ۽ الله جا طالب ايندس ته خوش پيو ٿيندو انهن جي دل وجان سان خدمت پيو ڪندو ۽ انهن جي خدمت مان ٿڪبو ئي ڪونه
بيت
گرترا عشق است ازوي خواه نيز ، دست زين دامن م کن کوتا نيز
جيڪڏهن عشق اٿيئي ته اڃا به وڌيڪ گهر ان جي دامن مان هٿ نه ڪڍ
گربه شوق او دلت شد مبتلا مرگ برتو کئي بود هر هر گزروا
جيڪڏهن تنهنجي دل ان جي عشق ۾ متلا آهي ته پوءِ توتي ڪڏهن به مرش ورا ڪونهي
گوتو مردي طالبي وحق شناس بندگي کردن در آموز اياس
جيڪڏهن توحق شناس مرد طالب آهين ته اياز کان بندگي ڪرڻ سک
گرترا مشغول خلدو وحور کرد. تويقين دان آن زخويشت دور کرد
جيڪڏهن توکي بهشت ۽ حورن ۾ ريجهايائين ته پڪ سمجهه ته توکي پاڻ کان پري ڪيائين
هرکه درد عشق دارد سوزهم شب کجا يابدقرار وروزهم
جنهن کي عشق جو سوز ۽ درد هوندو ته ان کي رات ڏينهن بيقراري هوندي
تاکه نه گردي مرد صاحب درد تو در صف مردان نه باشي مردتو
جيستائين تون درد جوصاحب نه ٿيندين ته تيستائين مردن جي قطار ۾ نٿو بيهي سگهين

عشق جي ڳالهه

عشق شهباز آهي جنهنجو هر هڪ پر عرش عظيم کان تحت الثريٰ تائين آهي اک جي ماڻڪي مٿي ڪبي ته نظر لامڪان تي پهچي جي نظّر هيٺ ڪبي ته اهو پاڻ آهي. عشق اثبات ڪرڻ واري عارف جي اها منزل آهي.
عام ماڻهو چوندا آهن ته زمين اڍائي قدم آهي اهو سراسر غلط آهي مگر اسان لاءِ ته ڪل زمين هڪ قدم به نه آهي عاشق جي هڪ وک هٿ ته ٻي لامڪان جي تخت تي پهچي ٿي. آسماني حدون ۽ منزلون هي آهن.(1) فنا في الشيخ يعني ملڪوت ۽ عالم ارواح (2) فنا في الرسول يعني جبروت (3) فنا في الله يعني لاهوت اهي سڀ ڪثرت آهن. ڪنهن وقت کان پوءِ ڪثرت فنا ٿيندي ۽ باقي باالله رهندو. جا هميشه لاءِ آهي اهي ٽيئي منزلون عاشق جي دل تان بس ٿينديون آهن جيئن درياهه موج ڪري ٽن ڪوهن تان ٻيڙن کي مهاڻن سميت ڇڪي اچي ڪن ۾ غرق ڪندو آهي. پوءِ نه ٻيڙي رهندي نه مهاڻو رهندو. رڳو درياهه رهندو. ان طرح هي وجود ٻيڙي آهي. ملاح نفس اٿس تيئن بقا باالله جي منزل به عشق عظيم نه سج نه چنڊ آهي. اهو هڪ بيحد ملڪ آهي. اهو ملڪ عرش عظيم کان اٺوڻ پنڌ پري آهي. جنهن کي بيحد ملڪ چئبو آهي.
مصرح

“ من به مهر تيز درياه آمد . آمدم من درعجب جا آمد
يعني تيز تکي درياهه جي ڪن ۾ آيو آهيان مون کي حيرت آهي ته ڪهڙي عجب جاءِ تي آيو آهيان. قائم فقيري ان کي چئبو آهي ان منزل کانپوءِ هر هڪ شيءِ ۾ اها هڪ ذات پيو ڏسندو.
ڏسڻ ٻن قسمن جوآهي. (1) نفساني اکين سان نفساني صورت ڏسبي ذات وارين اکين سان ذات ڏسبي. جيڪو طالب جسم مان نڪري معراج ڪندو ته اها منزل ان طالب جي آهي. اها منزل لامڪان آهي.جيڪو طالب خاڪي جسم ۾ مئو ته اهو خاڪ ٿيو. جيڪو جسم جي قيد کان آزاد ٿيو سو پاڪ ٿيو. سچو فقير به اهو آهي جيڪو پاڪ ٿيو. مولاٰ علي عليه السلام سائين فرمايو آهي.ته من عرف نفسه فقد عرف ربه جنهن پاڻ سڃاتو تنهن الله کي سڃاتو پوءِ اهڙي فقير کي سجدو ڪرڻ سڌو سئون خداکي سجدو آهي ڇو ته ان جو وجود حقيقي ڪعبه آهي.
حديث: قلب المومنين بيت الله مومنن جي دل الله جو گهر آهي،
اسان جڏهن معراج تي وياسون ته پهريون قدم پنهنجي سر تي رکيوسون ته پريان مطلوب ذاتي مرشد پندرهن قدمن تي نظر آيو ڏسڻ سان اسان جو رنگ روپ مرشد جهڙو ٿي ويو. جڏهن سندس ويجها ٿياسون ته مطلوب چيو. ته آءُ ته هلون ” ائين چوڻ بعد مٿي وڃڻ لڳاسون جڏهن پهرئين آسمان تي پهتاسون ته آسمان مان لنگهڻ وقت ورق اٿلائڻ جيتري دير لڳي يا وک کڻڻ جيتري آسمان مان لنگهڻ وقت ايتري لذت آئي جو پنج سئو زبانون هجن ته به بيان ڪري نه سگهجي. هيءَ ته سندس هٿ سان ٺهيل آسمانن جي سير ۾ لذت آهي مگر انهن سڀني ۽ منهنجي جوڙيندڙ۾ ڪيڏي نه لذت ۽ خوشي هوندي جنهن وقت فقير فنا في الوجود يعني فاينما تولو فثم وجهه الله ٿيو ان حال ۾ کيس هڪ هفتو رهڻو پوندو. هفتي کان پوءِ طالب کي مطلوب ذاتي ڪامل مرشد وٺي وڃي معراج ڪرائيندو
فنا في الوجود ڇا آهي ست ڏينهن کاڌو پيتو بند ۽ ڳالهائڻ بند ٿي ويندو. ستين آسمان مان عشق جي هڪ متڪلم صورت پيدا ٿيندي جنهن جي ڏسڻ سان فقير تي وجد جي حالت طاري ٿيندي پکين يا ڪنهن ساز جي آواز سان به وجد ٿيندس.
معنوي صورت جي سونهن حُسن زيب ۽ دٻدٻو سندس تخت تاج ۽ پٿريڻن جي روشنائي اهڙي آهي جو هي دنيا وارو سج اڳيائنس لڄي پيو ٿئي جيئن بادشاهه اڳيان ڪوٽوار لڄي ٿيندو آهي. چنڊ جو حال ته گهڻو گهٽ آهي.
بيت
اُڀريو سج حقيقت جو، تارا ٿيا تباهه
وحدتي وصال جو. صاحب تاج ڪلاهه
ڪري آيو ڪاهه ڀڳائين ڪوٽ ڪفر جو

جڏهن مطلوب سان گڏ ٻيو آسمان طئي ڪيوسون ان وقت جيڪڏهن ڪو تکو اوزار ساڻ هجي ها ته يڪدم پاڻ ماري وجهون ها. ڇو ته سير آسماني وقت معنوي صورت به سامهون هئي ڇهه آسمان لنگهي ستين تي ٿي وياسين ته اتي اسان ٻنهي ان صورت جو اهڙو طواف ڪيو جو جيئن مشين ڦيٿا تيز ڦرندا آهن. پوءِ طواف ڪندي معنوي معشوق جي سيني ۾ اڳ ۾ مرشد غوطو هنيون پٺيان اسان به غوطو هنيون طواف ڪرڻ مهل جڏهن اسان سندس تخت اڳيان سجدو پي ڪيو ته ان محبوب اسان جو سر خنجر سان وڍي شرابا طهورا جو جام پياريو. هر دم ۾ هزار هزار جام شراب جا پيتاسون. هن جاءِ جي قرآن ۾ شاهدي ٿو ڏئي وَ سَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُوْرًا(۲۱)اِنَّ الْاَبْرَارَ یَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًاۚ يعني سندن پالڻهار انهن کي پاڪ شراب پياريندو. بيشڪ ڀلارا پياريا ويندا . پيالن ۾جنهن ۾ ڪافور مليل هوندو.
منجهان ڪيف ڪلال جي جنين پيتو جام
موتو قبل انت سولي تن سرجام
حسن جا هنگام تنين سر سنباهيا.

انهيءَ عشق جي ڪيف ڪلال جي منهن محراب ۾ هزار ورهين جي نماز ادا ڪئي سون. ان موقعي کان اڳ ۾ ايڪيهه ڏينهن ۽ راتيون ننڊ ختم ٿي ويئي هئي . رڳو ذڪر حقاني رهيو . طلب واري وقت ۾ اها ڪل ڪانه هئي ته ڪو فقيري جي پويان ڪو معراج ۽ ساقي ۽ ڪلال خانو به آهي هي حال جيڪو ڏسندو تنهن کي خبر پوندي. 21 رات جي ٽهائي باقي هئي ته هڪ آواز ٻڌم هاتفي جيئن ڪو ماڻهو سڏ ڪندو آهي آسمان کان آواز ٿيو ته اي فولاد علي توکي پير مولا علي جي دفتر ۾ داخل ڪيوسون. هاتفي آواز ٻڌڻ سان لئو لئو ٺري پيئي جيئن. ڪنهن اڃايل کي پاڻي ملي يا ڪنهن قيدي کي آزادي ملي. ان کان پوءِ پهر ڏينهن تي ٻيو آواز ٿيو ته پاڻ ۾ نظر ڪر.ان آواز ۾ اهڙو ته ڪواثر ۽ نشو هو جو زوريءَ اکيون بند ٿي ويون ستين آسمان تي معنوي صورت اڀري پيئي.پوءِ اکيون پٽي جاڏي پيو نهاريان تاڏي سڄڻ سامهون ڪيترو به اکيون ٻوٽيان يا ڪنهن جڳهه ۾ وڃان يا سوڙ وجهان ته به اها صورت آڏو هيم ان موقعي ته سلطان ابراهيم بن ادهم تي وڃڻ ٿيو ۽ اتي جبل جي غار ۾ وڃي ويٺس ته به اها صورت آڏ نه ٿي. ان معنوي صورت کي جڏهن طواف ڪندي سجدو بس ٿيو ته تڏهن مون منجهان ٻه صورتون نڪتيون. هڪ کٻي پاسي کان ۽ ٻي سڄي پاسي کان کٻي پاسي واري صورت کي هيڊي رنگ جي پوشاڪ ۽ سڄي پاسي واري صورت کي ڪاري پوشاڪ هئي ملڪوت واري بادشاهه فنا في الشيخ کان پڇيوسون جنهن فرمايو ته هيڊي پوشاڪ وارو ڪفر ۽ ڪاري پوشاڪ وارو دين آهي. اهي اڄ هتي ختم ٿيا. انهن جي پهچ هيستائين هئي ان وقت معنوي محبوب اسان کي سلطان العارفين جو لقب ڏنو ٿيا. دين ڪفر ٻئي دور ديدان دوست اڙايون. ساقي صاحب کي اڇي رنگ جو ڇٽ مٿي ۾ پيل هو. يعني اڇي تاج جنهن کي چانديءَ جي ڪلنگي هئي ان تاج جي چوٽيءَ ۾ اڇو پٽ جو گل لڳل هو. تخت به سفيد رنگ جو هو. دين ڪفر جي ڌار ٿيڻ بعد يڪدم نظر اٺين آسمان مان ٽپي مٿي ويئي .
بيت
عشق جي اوقات ۾ دين ڪفر ٿيو ڌار
محبتي مهندار سورهيه سوليءَ چاڙهيا.

ان بعد هو هوا ۾هڪ رفرف يعني ڏولي نظرآئي اول ان ڏوليءَ کان طواف ڪيم ان ۾ هڪ صورت هئي اها فنا في الرسول جي منزل هئي. جنهن کي جبروت چئبو آهي . پري کان اها صورت پي ڏٺي سين جڏهن ان ۾ ٽٻي هنئين سين ته اسان پاڻ هئاسون. دين ڪفر جي ڌار ٿيڻ وقت حيرت لڳي ته هيءَ ڪهڙو عجيب ڪرشمو آهي جو ڪڏهن اڳ ۾ نه ٻڌو هوسون نه ڪتابن ۾ پڙهيو هو سون نه ڪنهن عالم فاضل اها ڳالهه ٻڌائي هئي .
جبروت جي منزل ۾ اسان کي لولاڪ جو ڇٽ مٿي ۾پيل هو ۽ اسان ان حال ۾ ٽي هفتا اتي رهياسون. ان موقع ۾ اسان تي اهو حال هو جو دين اسلام تي سخت ڪاوڙ هئي ۽ بر خلاف هئاسونس. ۽ ڪفر جا لفظ نڪتا. اهي لفظ ڏسڻ ۾ ڪفر هئا مگر هئا عين دين ان تي زباني ڪلمه گو مسلمان اسان سان لڙيا. ان حالت ۾ اسان کليو اعلان ڪيو ته اولهه طرف واريون سڀ مسيتين ڊهرائجن ۽ اوڀر واري حقيقي ڪعبه کي سجدو ڪجي ۽ ڪرائجي. ڇاڪاڻ ته اسان لدني علم وارو جيڪو اسرار ڏٺو سو ٻنهي جهانن کي هلائيندڙ سوا پهر سج واريءَ جاءِ تي اوڀر طرف آهي. جو ٻيا سڀ طرف ان اوڀر طرف جا تابعدار آهن. عام ماڻهن جو ملامتون اسان جو قُوت آهن گِلا بدنامي ۽ خواري عشق جو زيور آهي. نيڪنامي نفس جو قُوت آهي. جيڪو فقير بدنامي کان ڀڄي ۽ نيڪنامي لاءِ ڪوشش ڪري ته اهو عشق بادشاهه وٽان تڙيل آهي جنهن فقير نماز پڙهي ته ان مان ڪجهه نه ٿيندو اهو عامي ماڻهن کان به پري آهي. ڇو ته هو ٻانهو آهي. ٻانهي مان نيڪي نه ٿيندي حديث ۾ آيو ته لاَ خَيرَ في عَبِده وَلَو کَانَ صَالِحَا، ٻانهو توڙي نيڪ هجي ته به ان مان چڱائي نه ٿيندي.
آدميءَ کان حضرت عشق ٻه ڪم ٿو گهري (1) عبديت(2) ربوبيت (3) يعني يا ته ٻانهپ جو حق ادا ڪيو يا مون منجهه محيط ٿيو. جيئن ڦڙو درياه ۾ پوي فقيري آهي درياه ۾ ڦڙو ملي هڪ ٿي وڃڻ عين درياه ٿيڻ.
ربوبيت آهي سئي مان ترار ٿيڻ عبديت آهي گسي گسي ترار مان سئي ٿيڻ، پوءِ جنهن فقير دم جو رستو ڇڏي نماز پڙهي ان جو حال به ترار مان سئي ٿيڻ جهڙو آهي.
بيت

روزو ۽ نماز آهي بهشت جي راهه
قرب جي ڪلاهه نه پائيندا نماز سان

رسول الله ﷺ جن نماز ان ڪري پڙهندا هئا جو عرب جا ماڻهو جهالت جي ڪري هٿ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪندا هئا. جن کي بت پرستيءَ کان روڪي حقيقي معبود جي سجدي ڪرڻ جي سکيا ڏنائين پاڻ ڪريم جن به ساڻن گڏجي نماز پڙهندا هئا. جئين استاد شاگردن کي الف به ياد ڪرائڻ لاءِ ساڻن گڏجي پڙهندو آهي نه ته استاد کي الف ب جي ياد ڪرڻ جي ضرورت ڪانه هوندي آهي تيئن حضرت رسول الله ﷺ کي به نماز پڙهڻ جو احتياط ڪونه هو. ڇو ته پاڻ فرمايو اٿن ته“ مَن رَانِي فَقد راءَ الحَقُ. يعني جنهن مون کي ڏٺو تنهن ڄڻ الله کي ڏنو.
عشق اصل لا ابال آهي. جڏهن جلوو ڪندو آهي ته اتان پراڻن رسمن رواجن کي چٽ ڪندو آهي ڇو ته جڏهن حضرت سرور ڪائنات ﷺ جن پنهنجو نئون دين ۽ قانون جاري ڪيو ته جيڪو اڳ ۾ اڪثر ڪري حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي دينن کان مختلف هو. جيڪو عربن کي ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو آخر ان عشق الاهي سڀني قوتن کي ناس ڪري نئون نغارو وڄايو. جيڪو اڄ تائين قائم آهي.
اهو محمد مصطفيٰ ﷺ جيڪوظاهري ۾ لکي پڙهي نه پيو ڄاڻي انکي عشق شهنشاهه لدني علم جو ماهر عالم ڪيو جو جنهن جي لکيل ڪتاب ۾ جيڪي حروف مقطعات ٿا سڏجن انهن جي معنيٰ ۽ نفسير لاءِ ساري دنيا جا فاضل اديب ۽ عالم اڄ تائين حيران ۽ پريشان آهن.ان هوندي به معنيٰ يا تفسير ڪير به ڪري نه سگهيو آهي.
عشق اهڙو شهنشاهه آهي جو جيڪڏهن ڪنهن ڪافر وٽ ايندو ته ان کان مسلمانيءَ جا هوڪا ميمبر تي چاڙهي ڏياريندو. اگر مسلمان وٽ ايندو ته ان جي زبان مان ڪفر جا ڪلمان چورائيندو. جيڪي گهڻو ڪري ظاهر ۾ دين اسلام جي ابتڙ هوندا.
بيت
محمد تاجدار هر دو عالم
محمد سپهدار هر دو عالم

يعني پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻنهي جهانن جا تاجدار ۽ بادشاهه آهن حضرت رسول الله ﷺ جن وَ مَاۤ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ(۱۰۷) ٻنهي جهانن جي گادي ۽ تخت تي ويهي نئون اعلان ڪيو. اڳين ۽ سٺ روزا رکڻا هئا ۽ زباني ذڪر ڪندا هئا. اڳين نبين جي دين مان هڪ هڪ جزو پنج وقتي نماز جا عادي ڪرايائين. يدخلون في دين الله جو آرڊر پاس ڪيائون واذکر ربک في نفسک تضرعا وخيفته دون الجهر يعني ذڪر ڪيو اله جي پنهنجي دم سان ڳجهو ۽ سواءِ پڌرائي جي فاذکر الله ذکرا کثير العلکم تُفلِحون. ذڪر ڪيو آلله جو ڪثرت سان جيئن توهان ڪامياب ٿيو. حديث: العلماءُ في امتي کاالا انبياءِ بني اسرائيل منهنجي امت جا عالم سڳورا ائين آهن جيئن بني اسرائيلن جا نبي هوندا هئا. عالم اهي جن کي علم ظاهري ۽ علم باطني ٻئي هجن. صرف ظاهري علم وارو عالم نٿو ٿي سگهي ڇو ته صرف ظاهري علم وارو باطني علم کان غير واقف هوندو آهي ڇو ته ظاهري علم سان حق حاصل نه ٿيندو آهي علم لدني کانسواءِ يدخلون في دين الله نه ٿي سگهندو. العلماءُ ورثه الا نبياءُ يعني عالم نبين جا وارث اهل الله ۽ عارف عاشق آهن. من عرف نفسه فقد عرف ربه وران عالمن لاءِ اها بشارت آهي.
حضرت رسول الله ﷺ ۽ حضرت موليٰ عليه السلام جن اهو خاص رستو اهل صفحه واري جماعت جن ۾اندازن چار سئو آدمي هئا. انهن کي سمجهايو هئائون. حضور سرڪار جن وٽ مسلماني لاءِ جماعتون انيديون هيون انهن جي سڀني ۾ نظر وجهندا هئا انهن مان جيڪا دل الله اثبات ڪرڻ جهڙي سمجهندا هئا ته ان کي خاص دَم وارو رستو ٻڌائي صفحه واري جماعت ۾ داخل ڪندا هئا ٻين کي توحيد جي اثباتي جي لائق نه هجڻ ڪري کين عام دين وارو روزو نما حج زڪوات ۽ ڪلمه قرآن وارو رستو سمجهائيندا هئا. ڇو ته هو عشق جي بار کڻن جهڙا ڪين هئا. هو ان عامي دين واري رستي تي خوش ٿي ويندا هئا.
حضرت رسول الله ﷺ جيڪو معرفت جو کير ولوڙيو هو ان مان جيڪو دين الله وارو مکڻ نڪتو سو موليٰ علي عليه السلام. اهل بيتن ۽ خاص صفحه وارن اصحابن کي کارايو هئائون. باقي لسيءَ ۾ ٻه ٽي مٽ پاڻيءَ جا وجهي عام سوالن کي ورهائي ڏنائون اها ورهاست عام آدمين کي ملي. عام آدمين کي عام رستو نماز ۽ روزي وارو سمجهايائون.
جيڪو قيامت جي گرميءَ ۽ باهه جو بچاءُ آهي عام رستو اٿئي روزو نماز خاص رستو اٿئي سوزو گداز.
اهو خاص رستو به سينه هلندو ٿو اچي. انهن اهل صفح وارن ۾ خليفه الله حضرت موليٰ علي عليه السلام هو ۽ ٻيا ابوذر غفاري سلمان فارسي، بلاول اويس قرني ۽ مقداد ۽ حبيب ابن مظاهر جن مکيه هئا.
حاصل مقصد ته حضرت رسول الله ﷺ جن تي ٻه ڪيفيتون هيون. عبديت جي ڪيفيت ٻي احديث جي ڪيفيت. حديث ۽ بيخوديءَ جي ڪيفيت ۾ جيڪي ڳالهايائيون سو ڪلام الله ۽ حديث ۽ قدسي چيو ٿو وڃي. عبديت واري ڪيفيت جي ڳالهه کي حديث نبوي ٿو سڏجي.
بيت
حال مخفي ڪيو. محمد خلق کان
وحي حق جي قلب جنهن ڪيو هي بيان،

جڏهن اوري اڌ ۾ رهيو هو جبرئيل
پوءِ پريان جي ڪئين ڪيائين قال قيل

وحي جو پردو ان ڪري ڪيائين جو قرآن ۾ اڪثر ڪري اِني انا الله جا نعرا هر هنڌ آهن. جيڪڏهن ڪلام پنهنجي کي ڪلام الله نه چون ها ته عرب گمان ڪن ها ته خدائي نعره ٿو هڻي. ۽ دعويٰ ٿو ڪري. هو ته بتن جا پوڄاري هئا. کين شڪ پوي ها. ته اڳ ۾ نبي سڏائي اڄ الله ٿو سڏائي. مٿن نبوت ۽ خلق جي پيشوائي جو بار به هيو. ان کان سواءِ محبوب جي راز جي ڳالهه هميشه خواب لهڻ يا ملائڪ جي اوٽ وٺي ڪبي آهي. قل جو لفظ قرآن ۾ گهڻين جاين تي آهي. ان جو مطلب هي آهي ته رسول الله جو مقدس روح جنهن من راني فقدراءَ الحق ۽ انا احمد بلا ميم جو دم ٿي هيو. سو بيخودي جي حالت ۾ محمدي وجود کان ٻاهر نڪري محمد مصطفيٰ ﷺ جي وجود کي پيو چوي ته اي محمد ﷺ مسلمانن کي ٻڌاءِ ته هو اسان جو حڪم مڃين. ڇو ته حضور پر نور جو پاڪ روح مقدس جسم جي قيد کان لاقيد هو. ٻيا روح انهن جي بوتن جا قيدي هئا هميشه دستور آهي ته قيدين جي مٿان حڪمران به قيدي هوندا آهن. پر سڀني قيدين لاءِ لاقيد جو حڪم ضرور مڃڻو هوندو آهي.
بيت
قيد اعظم جسم جهڙو ڪونه ٻيو. جو جسم جي قيد سو قيدي ٿيو
آهه محمد ۽ علي الله هڪ . آهه برحق ڳالهه هيءَ تنهن ۾ نه شڪ
ذات ايزد پوش احمد جو ڪيو. لئه سڌاري پوش چمڙي ۾ لڪو


آدمي ذات الاهي کان ڏاڍا ته ڪين هئا. مگر سبب هي هو ته ذات الاهي منزل مقدس ۽ مبريٰ جلواه دار روح آهي. جنهن جي تاب طور سينا جبل ساڙيو هو ۽ موسيٰ جهڙي نبيءِ کي خر موسيٰ صعقا مدهوش ڪيائين. جسم ظاهر آهي روح باطن آهي. ظاهر ۽ باطن ٻئي هڪ ٻئي جي خلاف آهن جيئن ڏينهن رات جي خلاف آهي پوءِ ان ڪري انبيائن عليه السلام جن جا روح ۽ وجود عام ماڻهن جي وجود کي هدايت ڪرڻ ۽ سمجهائڻ آيا. ڇو ته هميشه جنس جنس سان خوش ٿيندي آهي ٻڪريون ٻڪرين سان ۽ آدمي آدمين سان ٺهندا آهن، مثال جيئن طوطي کي سيکارڻو هوندو آهي. ته ان جو ٻچو هٿ ڪري ان جا ڪن ميڻ سان بند ڪبا آهن، پوءِ سندس آئينو اڳيان رکي ماڻهو لڪي وڃي لفظ اچاريندو آهي. طوطو آئينه ۾ پنهنجي جنس ڏسي ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي.
اهڙي طرح انبيائن اوليائن ۽ عارفن جي وجود ۾ ذات ذوالجلال لڪي گفتار ڪئي. عام ماڻهن مسلمانن رسول خدا کي محبوب خدا سڏيندا آهن. اها ڳالهه برابر سچي آهي معشوق لااحتياج هوندو آهي. عاشق کي احتياج هوندو آهي. معشوق وٽ عاشق هر وقت پيو ايندو معشوق عاشق وٽ قسمت سان ويندو آهي. جبرائيل جڏهن رسول الله جي بلند پراوازي وقت اوري اڌ ۾بيهي رهيو اهو ڪٿان ۽ ڪهڙا پيغام آڻيندو. جبرائيل پنهنجي مقام تان وار جيترو به چري نٿو سگهي. سُري ٿو ته سڙڻ جو امڪان اٿس. پوءِ جبرائيل جي ڪهڙي حيثيت جبرائيل ڇا آهي. جبرائيل ته اسان فقيرن جي اڳيان به ڪا حيثيت نه ٿو رکي مگر جيئن ڪوٽوار جي اڳيان هجي ته ڇا؟
رسول الله ﷺ خود حديث ۾ فرمايو آهي ته لي مع الله وقت لا يسمعني فيله ملڪ مقرب ولا نبيءُ مرسل. يعني اسان ڪنهن وقت الله سان هوندا آهيون ته مقرب ملائڪ ۽ مرسل نبي به عجب ۾ هوندا آهن،
حضرت رسول الله ﷺ ته اسان جو هادي رهبر آهي مگر اهي مقرب ملائڪ جبرائيل، اسرافيل، عزرائيل ۽ ميڪائيل عليه السلام عرش عظيم کان هڪ طبقو ٿا رهن. انهن يا ٻين مرسل نبين کي عرش تائين پهچ ڪانه آهي. اهو وقت هيڪڙائي جو هوندو آهي. جنهن ۾ اَنَا اَنت فَاَين اِني يعني مان ته تون ئي آهيان پوءِ مان جدا ڪٿي آهيان اهو آهي. وجداني حال. ٻن جي گنجائش آهي ئي ڪانه ته ٽيون جبرائيل ڪير آهي جو اتي بيهندو ۽ سمائبو
عارفن رندن قلندرن ڇو راز ظاهر ڪري من خدايم جا نعرا هنيا. شمس الحق تبريز قم باذني چئي مئو جياريو. اها الوهيت ۽ خدائي طاقت هئي نڪي آدميءَ کي اهڙي طاقت ٿيندي. ڇاڪاڻ ته انهن عارفن تي نبوت ۽ خلق جي رهبريءَ جو بار ڪونه هو. هو عاشق الاهي ۾ مست هئا ۽ مجذوب هئا. حديث: رفع العلم بالمجنون.
مگر ته به ظاهري بصيرت وارا نهن کي قتل ڪرائڻ کل لهرائڻ ۽ سوليءِ چاڙهڻ کان ڪين مڙيا. هو جسم ترڪ ڪري بحر اواگهه ۾ گم ٿيل هئا. ان ڪري هو عام جي رواج ۽ ٻوليءَ کان ابتڙ ۽ باطن بين هئا.
باطني توحيد جي زبان عامي نه سمجهيا. ان ڪري هنن سان وڙهيا. جيئن رسول الله کي عربن تڪليفون ڏنيون. ڇو جو اهي به عشق جي اُبتي ٻولي سمجهي نه سگهيا. کين مجذوبيءَ جا الزام پي ڏنائون. جنهن جي جواب ۾ بخوديءَ ۾ ڪلام الاهيءَ مان جواب ملين ته وَ مَا هُوَ اِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعٰلَمِیْنَ۠(۵۲) ۽ وَ قُلْ جَآءَ الْحَقُّ وَ زَهَقَ الْبَاطِلُؕ-اِنَّ الْبَاطِلَ كَانَ زَهُوْقًا(۸۱) جڏهن حق آيو ته باطل فنا ٿيو. تحقيق باطل يعني ڪوڙ تباهه ٿيندڙ شيءِ آهي. انبيائن کي ڏک پيش ٿيا ڇو جو اهي ڏک عشق پنهنجي دوستن کي ڏيندو آهي .حديث: ته اَلدنيا سِجنُ المومنينَ، يعني سڀني عاشقن کي تڪليفان پيش آيون مگر جن کي پاڻ زنده ٿو رکي تن جو نالو ڪيئن گم ٿيندو. مگر تصديع ڏيندڙن کي عشق اهڙو گم ڪيو جو سندن قبرون به گم آهن. الله وارن جا زيارت گاهه اڄ به قائم آهن انهن جي خاڪ به چمجي ٿي.
عشق شهنشاهه اهڙو آهي جو جنهن وات اچي ته تيليءَ مان ٿنڀ ڪريس گداگر کي بادشاهه بنائي.
بيت
عشق ڪري ٿو جيت روشنائي
دور ٿئي ٿي اتان اونداهي.

عشق آهي ۽ ٻيا سڀ در جا پناگر آهن بلڪ پناگرن جا به پنا گرن جا به پناگر آهن.
عشق جي گفتار ڪندي.اسان کي وري جبروت جي ياد آئي هن جا ٻه نالا آهن (1) مقام محمود (2) فنا في الرسول. اتي رسول الله ﷺ جن جي روح مقدس جي پاڪ تصوير هئي جيڪا احد مان احمد ٿي پر خاڪي وجود واري نه هئي. خاڪي وجود کي محاسن يعني ڏاڙهي آهي مگر هن پاڪ مقدس روح کي ڏاڙهي ڪانه هئي. رف رف ۾ويٺل جو نمونو ڏٺو سون. سو به ائين جيئن شينهن جو نقل ٻلي آهي. هڪ دفعو طواف ڪري ان رسولي روح جي سيني ۾ ٽٻي هنئين سون. غوطه هڻڻ کانپوءِ ان رف رف تي اسان پنهنجو پاڻ کي ڏٺوسين ان طرح ايڪيهه ڏينهن ان رف رف رهياسون. اتي اسان کي لولاڪ جو ڇٽ پٽيل هو. اها رف رف اٺين ۽ نائين آسمان جي وچ ۾هو ۽ هوا ۾هلندي ٿي رهي اهي ايڪيهه ڏينهن هر روز مٿي تي هٿ ڦيرائيندا هئاسون ته خاڪي هٿ ڇٽ کي لڳي ٿو يانه
ان وقت فقير کي نا احمد يا رسول خدا سڏائي سگهي ٿو. ڇا لاءِ ته ان وقت ۾ فقير جو روح ۽ رسول خدا جو روح هڪ آهي. ان حال ۾ فقير جي نظر نه اولياءَ تي نه انبياءَ تي مگر ڪنهن تي به ڪانه هوندي اٿس. زماني جو بادشاهه ته عام خلق وانگر خسيس ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پاڻ کي اولوالعزم بادشاهه لا احتياج سمجهندو رهندو. جبروتي منزل ۾ سڀني مقامن وارا مئل ماڻهن جا روح ڏسڻ ۾ ايندا آهن مڪمل روءِ زمين جو ڪشف حاصل ٿيندو. نيڪ توڙي گنهگار روح سڀ پيو. ڏسندو. گنهگارن جو حال هن طرح هوندو آهي. سندن ٽنگن ۾ ٻه ٿلهيون لوهه جون سنگهرون ٻن شاخن واريون هر ڄنگهه ۾جدا چيلهه کان مٿي هڪ ٿلهي زنجير جنهن جو ڪڙو ڳچيءَ ۾ پيل هوندن ۽ رڪوع جي حالت ۾ لاشي جي مٿان بيٺل هوندا ۽ نظر سيني ۾ هوندن. هر هڪ جو منهن اتر طرف هوندو. آهي ساري دنيا جي روحن جو منهن اتر طرف ڪرڻ جو قانون آهي. هيڏي هوڏي نهارڻ جي اجازت ڪانه هوندي اٿن. يٰسين: مبارڪ ۾ڳن جيڪو گنهگارن لاءِ اَغْلٰلًا فَهِیَ اِلَى الْاَذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ(۸).جي ها معنيٰ آهي. جيڪا اکئين ڏٺي سون اها حقيقت جبروت واري جاءِ ۾ کلندي آهي. رسولي منزل ۽ ملڪوت ۾ به اها حقيقت جبروت واري ظاهر ٿيندي آهي. ٻين چئن مقامن ۾ اهو حال سڄو سال تائين جاري رهندو. پوءِ اهو ڪشف گهٽ ٿي ويندو مگر چاهيندو ته ڏسندو.
حضرت آدم عليه السلام کان اڄ تائين ڪل انبياءَ اولياءِ ڏٺل ٻڌل اڻ ٻڌل سڀ اچي فقير جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. جيڪي پنهنجي روحاني زبان سان پنهنجو نالو ۽ احوال ٻڌائيندا .
رستم پهلوان جيڪو اوليائن جي قطار ۾ نه آهي سو به فقير جي حضوري ۾ اچي حاضر ٿيندو. نه رڳو مسلمان پر هندو فرنگي يهودي نيڪ توڙي بد سڀ اچي حاضر ٿيا.
بيت
عشق ان درياه اعظم بيڪران. بحر گونان گون بي پايا عيان،
هر دم عالم آهي. جنس خاشاڪ جيئن موج طغياني ۾ عشق پاڪ تيئن
عشق آهي لا يزال ۽ لم يزل بارنگي باچون باصورت مثل،
عامن لاءِ عشق بي رنگ آهي بي چون ۽ بي مثال آهي.

مگر خاصن لاءِ بار رنگ باصورت ۽ بامثال آهي .عامن کي باطن جي ڏسڻ جون اکيون ڪونه آهن. اهي ٻه اکيون ظاهري ته جانورن کي به آهن. جيڪي نفساني ۽ بيڪار آهن. جيئن بوتي کي اکيون آهن ائين روح ۽ قلب کي به اکيون آهن جيڪڏهن ڪنهن کي پڪ نه اچي ته ڪٺل جانور جي قلب کي ڏسي ته ان ۾ به ڪن ۽ اکيون آهن جيڪي مخفي آهن. جن جا ڇپر سج راسين وانگر روشن ڏسڻ ۾ ايندا. اهي وڏي ڪوشش سان ڏسبيون آهن. عام طرح ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن.
فقير ان کي چئبو آهي جنهن کي چار اکيون هجن ۽ چارئي کليل به هجنس. اهي چارئي اکيون سڀ ڪنهن کي هونديون آهن. مگر روحاني ٻه اکيون بند ٿيون رهن. جن جي کولڻ جو سرمون ۽ جوهري ڪجل. اسم اعظم آهي ان جي ڪمائڻ سان گهڻي وقت کانپوءِ کلنديون آهن.
ان جو مثال هي آهي ته جيئن انسان خواب ڏسي ٿو ۽ هوندو ستل ننڊ ۾ آهي انوقت ظاهري اکيون ڪن ۽ هٿ پير بند هوندا آهن. پوءِ جيڪو روح المقدس آهي جنهن جي حوالي دم آهي.اهو سير لاءِ نڪري ٿو ڇو ته جسم جي قيد ۾ بند رهڻ ڪري ماندو ٿو ٿئي. جيڪو خواب جي حالت ۾ پاڻ کي جسم سان گهمندو ڏسي ٿو. اهي ٻيون اکيون آهن جن سان ڏسي ٿو. خواب جي حالت ۾ ننڊ ستل کي جسم ياد ئي ڪونه هوندو آهي. ته ڪو مان فلاڻي جاءِ تي بيٺو آهيان ڪهڙي به سير تي هجي توڙي هزارن ڪوهن جي پنڌ تي هجي ته به سجاڳ ٿيڻ وقت يڪدم بوتي ۾ گهري ويندو. يقين ڄاڻو ته آدمي ۽ انسان ان جو نالو آهي جيڪو خواب وقت نڪري ٿو. هي جسم ته سندس پوشاڪ آهي. جيئن خواب ۾ جسم مان نڪري ٿو. ٿيئن جڏهن هن وجود کي اسم اعظم ڪمائڻ سان الوهيت جو نشو چڙهندو ته پوءِ سجاڳي هوندي به هن جسم مان نڪري معراج ڪندو. جيڪي آدمي جسم مان نڪري معراج تي نه ويا سي هن جسم جي قيد ۾ رهجي ويا. سي قيامت تائين قبر تي جسم جا قيد ٿيا رهندا. عام عربيءَ جي اعميٰ لفط مان ورتل آهي ته من کان في اعميٰ فهو في الاخرت اعميٰ. يعني جيڪو هن دنيا ۾ ڏسڻ کان انڌو آهي ته اهو آخرت ۾به انڌو هوندو.
اسان عشق شهنشاهه کي بارنگ ۽ باصورت ۽ بامثال پيا ڏسون ڇو ته جيڪڏهن بي رنگ بي صورت ۽ بي مثال هجي ها ته اسان کيس ڏسي ڪين سگهون ها. ان ڪري اسان عشق کي صورت سان ڏٺو. ان ڪري اسان باصورت ٿا. چئون مثال جيئن قالب مان سرنڪتي آهي. ساقلب جي مهانڊي ۾ همشڪل هوندي آهي. ٻيو ته فوٽو ٺاهڻ وارو ڏينهن ۾ هزارين تصويرون ويٺو ٺاهي. جيڪي آدمي جي شڪل تي ٺاهي ٿو. سندس جاءِ ۾ هزارين تصويرون ڀتين تي لڳل ڏسبيون آهن. اهڙيءَ طرح هي دنيا به عشق جو دوڪان آهي عشق پاڻ فوٽو گرافر آهي. حديث: خلق آدم عليٰ صورته يعني آدمي پنهنجي تصوير جي نموني تي ٺاهيائين،
بيت
عشق ۽ آدم ۾ تر جو فرق ناهه
عشق آدم ۾ سمورو غرق آهي.

فرهاد جو قصو مشهور آهي جنهن شيرين جي عشق ۾ ڪاٺ جي ڪهاڙي سان جبل ڀڃي پاڻي وهايو هو. جيڪا نهر اڄ تائين ان جاءِ تان وهي ٿي. جنهن جي ويڪر پندرهن فوٽ آهي. ۽ ايران ۾ آهي. ”قصو شيرين “ يعني شيرين جي محلات به اتي آهي هيءَ ته ظاهري صورت ۽ مجازي عشق ايتري طاقت هئي جنهن جبل ڀڳو باقي ذات ذوالجلال وارو حقيقي عشق ايتري طاقت وارو نه هوندو جو وجود جي جبل کي ذاتي عشق جي طاقت سان ڀڃندو. جسم جي ڀڄڻ مهل جيڪا وادي دنڪرندي سان اڀري عرش عظيم ۽ لامڪان تائين وهندي. جنهن جي عشق الاهي جي فيض ۽ توحيد جي گفتار سان آسماني برسات وانگر آبادي ٿيندي. ان پاڻي جي وهڪري کي ڪوبه بند نٿو ڪري سگهي. دم ڪوڏارو ۽ ڪهاڙو آهي. طالب حقاني فرهاد آهي. جبل هي وجود اٿس ڀڳيءَ کان پوءِ قيامت تائين ان جو نعرو بلند رهندو.
بيت

بحر وحدت مان اڀي جا نهر ٿي. تنهن جي آمد رفت شام وسحر ٿي.
عشق ڏيکاريو اسان کي لامڪان تخت يزداني بلندي آشيان.
هن ۾ جو چڙهيو ٿيو سو مرد آهه. صاحب المعراج عاشق خرد آه
نانءُ ان جو تاجدار دوجاهن حڪم ان جو تحت فوق لامڪان.

ملڪوت ۽ جبروت ۾ پهچڻ سان توحيدي ڪلامن ٻڌڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي ملڪوت ۾ بيقراري ۽ جبروت ۾ڪجهه قرار هوندو آهي. رسول الله ﷺ جن ان جاءِ جو نالو فنا في الرسول آهي. رسول الله ﷺ جن ان جاءِ تي بيخوديءَ جي حالت ۾ قدسي حديث: فرمائي آهي ته لولاک لما خلقه الا فلاک ۽ اول ماخلق الله نوري يعني پهريائين الله منهنجو نور پيدا ڪيو.برابر اهو نوراني چهرو ڪائنات ۾ پهريون نمبر آهي ڇا لاءِ ته نائين آسمان تي يعني عرش عظيم تي احمدي روح آهي. زمين تي وجودي حالت ۾ محمد نالو اٿس.
بيت


صاف صوفن حق سڃاتو احد احمد اهه هڪ
قول هي عارف چيو سچل جي قول ۾ ناهي ڪو شڪ

احد برعرش است احمد برفلک محمد برزمين زين نام يک
يعني عرش تي احد آسمان تي احمد زمين تي محمد ٿيو آهي ان هڪ نالي سان اسان جو ان جاءِ تي ايڪيهه ڏينهن لاڳيتو عروج ۽ نزول هو. هت به اچون پيا ۽ وري يڪدم ان رف رف ۾ وڃي پيا پهچون هيءَ اها جاءِ آهي جنهن لاءِ قرآن ڪريم فرمايو آهي ته اِنَ المُتَقِينَ علي رفرف بشڪ پرهيز گار رَفرَف تي هوندا.
ايڪيهين ڏينهن خيال ٿيو ته فنا في الله ۽ بيخودي جو ملڪ اڃا پري آهي
جنهن موقعي ۾ اسان کي چيائين ته پاڻ ۾ نظر ڪر. نظر ڪرڻ سان نشو پئجي ويو نشي ۾ ڏٺوسي ته ستين آسمان تي هڪ حقيقت جو سج اڀريو. ان کي سج چئجي يا صورت انساني چئجي. دنيا وارا سج چنڊ ان جي جتيءَ جو مٽ به نه آهن. جڏهن هفته گذرڻ کانپوءِ مطلوب ذاتي مرشد گڏجي اتي پهتو ته مرشد به ان ۾ گم ته اسان به گم ان ۾ ٿياسون سڄو هفتو اسان جو عروج ۽ نزول جاري هو. ڪنهن وقت جسم ۾ اچڻ ته وري واپس وڃڻ ان طرح غوطه پي لڳا . مرشد رڳو اسان کي وٺي واقف ڪيو پوءِ ساري سير ۾ مرشد ڏسڻ ۾ ڪونه آيو .پوءِ مرشد به پاڻ ٿي پياسون. ان حالت ۾ فنا في الوجود ۽ فاينما تولو فثم وجه الله واري واديءَ ۾ شاهه حسن واري صورت ڏسڻ سان ذڪر اسم اعظم هٽجي ويو. جيڪو اڳ ۾ زور سان هلندو هو. ذڪر مان هڪ آفت نڪتي ۽ جوهر پيدا ٿيو. ان کانپوءِ اسان جيڪڏهن اسم اعظم جو هڪ ڀيرو ٿي ڏنو ته اها ان جوهر واري شيءَ لک دفعا پي ڦري جنهن جو نالو فڪر آهي. جيئن ڪنهن دوا جي مڻن ڪاڙهڻ سان جوهر نڪرندو آهي. ائين فڪر ذڪر جو جوهر اهي جهنجي ڏسڻ سان ڏاڍي حيرت لڳي ان معنوي فڪر معنوي سج کي هڪ ڀيري ذڪر سان هڪ لک دفعا طواف پي ڪيوسي. سجدي ڪندي معنوي صورت اڳيان گوڏا ڀڃي پي ويٺاسون معنيٰ جي مالڪ کي هڪ انگريزي نمونه جو خنجر هٿ ۾ هو جنهن جو مٿيو ڳاڙهي رنگ جو ۽ پوئتي مڙيل هو اهو خنجر ترار جي اڌ جيترو هو هر. سجدي وقت اسان جو سر ان خنجر سان ڌڙ کان ڌار ٿي ٿيو. هڪ سر جي وڍجڻ بعد ٻيو سر پيدا پي ٿيو ۽ وحدت جو جام ٿي مليو.ان معنوي صورت جو هٿ گهڻي قتل ڪرڻ ڪري ڪارائي تائين رت سان ڳاڙهو ٿيل هو. اهو اهڙو ملڪ آهي جو پاڻيءَ جي هڪ ڍڪ لاءِ سر وڍرائيندا آهن اهي ست ئي ڏينهن قتل جي ڪار ۽ طواف ٻئي گڏ پي هليا. ستين ڏينهن معنوي صورت اڳيان ماٺ ڪري بيٺاسون ان کانپوءِ جبروت نظر آيو جبروت اُڀ سرا وياسون. جبروت يعني فنا في الرسول ۾ معنوي شاهه قرباني گهري. ان وقت ۾ اسان وٽ هڪ نئون ننڍو ڏاند هو جنهن لاءِ حڪم ٿيو ته جيڪو ان ڏاند جو گوشت کائيندو تنهن کي ابراهيم واري گهٽي جي گوشت کائڻ جيترو ثواب ملندو. مگرهن شرط سان ته ان قربانيءَ کي ظاهر ڪر ۽ ماڻهن کي ٻڌاءِ مگر مٿس. نالو شيطان جي ختمه جو رک شيطان جي نالي ٻڌڻ سان اسان کي ڏاڍو حذر پيدا ٿيو.ته اتي جبروتي احمد صاحب روح چيو ته تو حذر خوف ڇو ٿو ڪرين. هيترو آسماني سير ڪيو اٿئي توکي ڪو شيطان نظر آيو پوءِ يقين ٿيو. پوءِ اسان زور سان هوڪا ڏيئي چيو ته هي شيطان جو ختمون اٿو جيڪو شيطاني نالي جي اوٽ ۾ کائيندو اهو بهشت ۾ داخل ٿيندو. جيڪو نه کائيندو تنهن کي ٻه مهينا جيل ۾ 25 روپيا ڏنڊ پوندو. پوءِ اسان پلاءُ تيار ڪيو ويساهه وارن کاڌو بي ويساهن نه کاڌو نه کائڻ وارن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان جيل اچي ويو.
مصرع
مرا از گرد ابليس فشاندند
يعني مون کي شيطان جي پويان ڦٽو ڪيائون.
عشق جو معراج صاف دل ۽ صدق اليقين آهي جيئن ڪيو. معراج احمد عشق جو حق اليقين عشق ديان الٽيان بازيان اُلٽِ بازيگر ڪوئي ويکي.

جبروت کان عروج جو بيان

اهوشوق پيدا ٿيو ته اسان جي روح نائين آسمان تي عروج ڪيو.
حديث من عروج الروج تيزالفلک. شهودن شعاع عرش مٿانئون اڀريو. نائين آسمان جي ويجهو پهتاسون ته چار مقرب ملائڪ ڀر ۾ ڏٺاسون پهريون اسان جي کٻي پاسي ۾عذرائيل. اُن جي هي ڀر ۾ جبرائيل ۽ اسرافيل ميڪائيل هڪ هنڌ ويٺا هئا. سندن منهن جي صورت آدميءَ واري هئي . باقي وجود پکين وارو هو. دنيا ۾ اهڙو ڪوبه پکي نه آهي مگر نمونه اهڙو هين. پوءِ اسان عذرائيل جي ڀرسان لنگهياسون ڇو ته عرش عظيم ڏانهن رستو عزائيل جي ڀرسان ٿو نڪري جيڪو سندس سڄي پاسي کان آهي. عزرائيل اسان کي ڀرمان لنگهندي ڏسي حيرت مان چيو ته مار! مرد ته اسان کان به مٿي لنگهيا ٿا وڃن. عزرائيل جي اک اهڙي ته هيبتناڪ آهي جو جيڪڏهن نفساني آدمي ڏسي ته هڪدم ڦڦڪي مري پوي. پر هيءَ ذاتي اک هئي جنهن پرواهه نه ڪئي ۽ وجود به ذاتي هو جنهن کي خوف به نه ٿيو. عزرائيل کان اڳتي لنگهڻ ڪا چرچي جي ڳالهه نه آهي. عزرائيل جي پويان لوح محفوظ هو. جو فقير پڙهيو. ساري لوح محفوظ واري ڦرهي نظر آئي رسول الله ﷺ معراج واري وقت ۾ لوح محفوظ وارو نور عرش عظيم، هيٺيان ڏٺو هو. حديث: لايرفع الراس استحيا من الله خضوعا وخشوعا.
ان ڦرهي جو احوال آهي. اها ڦرهي سفيد رنگ جي نور جلال جي هئي. ان تي اک سونهري رنگ سان نور جمال جا لکيل هئا. ڦرهي جي منڍ ۾ اسم اعظم ۽ بعد ۾ قرآن ڪريم لکيل آهي. ان تي اسان جي عمر ٽيهٺ ورهيه لکيل هئي. هيئر اسان جي عُمرنوي ورهيه آهي جنهن کي وجودي ڄمار ٿا چئون. اسان پنهجي مرضيءَ سان هت رهيل آهيون اهو اسان کي اختيار آهي هتي رهون. يا هتي رهون. دنيا عقبيٰ ٻيئي ملڪ فقير جا آهن جيڪو فقير جسم مان نڪري معراج ڪري پوءِ ان کي پنهنجي حياتي وس ۾ اهي دنيا ۾ جيترو به رهڻ چاهي ته رهي سگهندو. ڇو ته جيڪو عزرائيل سڄي دنيا تي قبضه ڪيون ويٺو آهي. اهو فقير جو زيردست آهي. فقير ان جي مٿان حاڪم آهي. عزرائيل جي نظر هر وقت لوح محفوظ ۾ آهي ڇو ته ساري ڪائنات جو موت فوت لوح محفوظ ۾ ليکل آهن. لوح محفوظ ۾ هر ڪنهن جي موت جا وقت مقرر ۽ لکيل آهن. ان ڪري ان ۾ ويٺو ڏسي ته متان قانون الاهي جي ڀڃڪڙي نه ٿي پوي ڪنهن جي به عمر جي ڪابه گهڙي گهٽ وڌ نه ٿي پوي.
جبرائيل جي نظر وري عرش اعظيم جي باب العرش ۾ آهي جتان ايزدي احڪامات صادر ٿين ٿا. اهڙي طرح اسرافيل ۽ ميڪائيل به حڪم جا منتظر آهن. جبرائيل اوليائن، عابدن ۽ ذڪر ڪندڙن جيڪي اڃان جسم جي قيد ۾ رهيل آهن انهن ڏانهن ڏسي ٿو. جيڪي پاڪ دل آهن تن ڏانهن مهرباني ۽ دلاسي جا پيغام آڻيندو آهي. مگر جيڪي جسم مان نڪتل ۽ معراج شده هستيون آهن اهي جبرائيل جو احتياج ڪونه ڪنديون آهن. ڇو ته جبرائيل عاشقن جي اڌ ۾به نه آهي.جبرائيل جو اچڻ وڃڻ ڪنهن بند ڪونه ڪيو آهي جيئن ٻين ٽن ملائڪن وارو ڪم هلندڙ آهي. تيئن هن تان به پيغام جو ڪم بند ڪونه ٿيو آهي. نڪي اچڻ وڃڻ جو رستو بند ٿيو اٿس. عزرائيل اسرافيل ۽ ميڪائيل جوڪم بند ٿئي ها ته جبرائيل جو ڪم بند ڄاڻجي ها. رسمي مسلمانن ڪوجبرائيل کي ٻڌي ويهاريو آهي ڇا؟ مسلمانن جو خيال آهي ته جبرائيل جي چر پر بند آهي. ڄڻ ڪو ٻڌي ويهاريو اٿنس. جبرائيل ڇوڙائڻ لاءِ مسلمانن کي منٿون ٿو ڪري مگر جيڪڏهن مسلمان ڇوڙي وجهنس ته ضرور ڪوزيان ڪندو. مگر الله وارو جبرائيل ته پرواز به نٿو ڪري ۽ گهمي به ٿو.

عرش عظيم جي عروج جو بيان

عرش عظيم کي ٻاهران ڪوٽ آهي ڪوٽ کي لکين ڪنگرا آهن جڏهن نائين آسمان مان لنگهيا سين ته اهو ڪوٽ نظي آيو ان جي ڏسڻ سان هوش عقل عبرت ۾ اچي ويو. ان درگاهه عاليجاهه جوبيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي زبان کي طاقت نه آهي جو قيامت تائين بيان ۽ تعريف لکي نه سگهبي. ان کي منزل لاهوت چئبو آهي. هي مقام فنا في الله جو آهي عرش عظيم جي درگاهه جو فرش رنگين آهي. ان رنگ جي ڳالهه ڪرڻ به نامناسب آهي. عرش عظيم جي محلات کي ڪُنڊن تي ٻه منارا آهن. محلات به شهنشاهي آهي. ان محلات جي ٻاهران معراجي فقير هندو. خواه مسلمان فرنگي توڙي يهودي طواف ڪندا ٿا رهن. انهن جو تعداد ڪروڙين ۽ پدمن کان به ٻاهر آهي. اهي سڀ اسم اعظم جون پويون اڌ پڙهندي تمام خوشيءَ سان طواف ۽ رقص ڪندا ٿا رهن. اها ٻنهي جهانن جي بادشاهي جي جاءِ آهي ساري ڪائنات ان جاءِ کي سجدو ٿي ڪري. ۽ سڀ ان جي مخلوق آهن. جنهن کي عام ماڻهو الله تبارڪ وتعاليٰ ٿا چون پهرئين آسمان کان مٿي عرش عظيم تائين سج چنڊ ڪونه آهي اتي اهي هر وقت صبح صادق جي مهل آهي سج ۽ چنڊ دنيا جي طبقي لاءِ آهن. اهي ٻيئي قدرتي بتيون دنيا جي سوجهري لاءِ آهن. سج نور جلال ۽ چنڊ نور جمال مان آهي ٻئي ذاتي نور آهن ۽ ڪثرتي ڪاروبار لاءِ آهن. وحدت کي انهن جي ڪائي ضرورت يا گهرج نه آهي.
عرش عظيم کي طواف ڪندڙن سڀني فقيرن جي پوشاڪ سفيد ۽ نوراني هئي. انهن مان شيخ عطار رحمته الله اڳتي اچي مون کي هٿ کان وٺي عرش عظيم جو طواف ڪرايو طواف ڪندي جڏهن چوٿين دروازي وٽ پهتاسون ته ڏٺم ٿه ذات ذوالجلال الله تبارڪ وتعاليٰ سرخ رنگ جي هڪ عاليشان ڪرسيءَ تي وڏي رعب تاب ۽ حشت بادشاهيءَ سان ويٺو آهي. سندس سر مبارڪ تي هڪ سونو شاهنشاهي دو عالم جي تاجداريءَ جو ڇٽ پيل هو ڏسڻ سان شيخ عطار صاحب جي هٿ مان هٿ ڇڏائي انهيءَ ذات جي سيني ۾ پيهي ويس. جيئن ڦڙو درياهه ۾ پوي ۽ هڪ ٿي وڃي. فقير به ائين عين درياه ٿي پيو ڪرسيءَ جي هيٺان جيڪا هڪ عاليجاهه شيءَ پيل هئي ان جي ڳالهه نه ڪبي جڏهن ذات ۾ محيط ٿياسي تڏهن مان پاڻ کي انهيءَ وسع کرسيه السموات والارض تي ويٺل ڏٺو. ٻاهران پي ڏٺم ته الله تعاليٰ ويٺل هو. غوطي بعد مان پاڻ الله ٿيس. حديث: اذاتم الفقر فهو الله جي معنيٰ جي خبر پيئي ته اها جاءِ آهي. فقيري جي اها انتها آهي ٻانهي منجهنان الله ٿيڻ. اسان جي ذڪر بيهڻ جي اها جاءِ هئي. اتي اسان جو ذڪر هلڻ بند ٿي ويو. پوءِ جلد ئي عرش عظيم تي پهتاسين. اتي جنهن وقت گم ٿيڻ جي حالت ٿي ته وجود ۾هڪ آواز پيدا ٿيو اهوعربيءَ ٻولي جولفظ اناالحق هو جيڪو اسان جي لئو لئو مان جاري رهيو ٽي ڏينهن ٽي راتيون مون پاڻ کي ٻنهي جهانن جو بادشاهه پي سمجهيو. هتي مان جو لفظ ضروري آهي. ڇو ته اسان جو لفظ ٻيائي جمع آهي فقير جنهن به منزل جي ڳالهه ڪندو ته انهيءَ جاءِ تي بيهي ڪندو نه وري زماني جي تعريف لاءِ يا ماضيءَ ۽ استقبال جي فقير جي اڳيان ماضي ۽ استقبال آهن ئي ڪونه هيءَ جاءِ تمام زور واري آهي منصوري حد ۽ حلا جي حالت هن جو نالو آهي. هتي هستي ۽ بيخوديءَ جي بي انداز حال ٿيندو آهي. ان حال ۾ ڪنهن به آدميءَ جو اچڻ روبرو. برداشت آهي. اوجاڳي وارا پسندا ايندا اهن ڇو ته انهن حدن ۾فقير جي ننڊ پڻ ختم هوندي آهي. ايتري قدر جو ٻارهن مهينا ننڊ نه ايندي انا الحق واري حالت ۾ مان پنهنجي ڀاءُ کي رات جو اٿاريو هو ته ڳوٺ وارن روزازل واري ڏينهن مون کي سجدو نه ڪيو. هو ان ڪري کين وٺي اچ ته مان کي سجدو ڪن ڇو ته مان ٻنهي جهانن جو الله آهيان. منهجي نفساني ڀاءُ زماني واري سياڻپ سبب ماڻهن کي نه ٻڌايو ته متان ماڻهو ڪفر سمجهن.
بيت

عشق جنهن سر آئيو.تنهن سر ڏٺائين تاج وڪلاهه
دائما دارين جو ٿيو. شاهه عالي بادشاهه
عشق نار الله يحرک ماسوا الله ٿيو گواهه
پاڻ سڃاڻي پانهنجو اثبات ڪيائين الا الله
ليس في الدارين الا هو عشق آيو يڪ نظر

انا الحق واري موقع ۾ اهڙي طاقت ٿيندي آهي جو مئل کي قم باذني چئبو ته اهو جيئرو ٿي پوندو. حضرت شمس الحق تبريز به ان جاءِ تي بيهي قم باذني چيو هو . يعني اُٿُ منهنجي حڪم سان ائين چئي مئو جيئرو ڪيو هئائين. ان وقت جيڪڏهن فقير الوهيت وارو ڪم ڪندو ته سندس وجود جو سر وڍيو. مگر ان حالت ۾ سر جو سانگ ڪونه ٿيندو آهي جسم کان اهڙي بيزاري ٿيندي جو چوندو ته اڄ ۽ هاڻ قتل ٿئي ته بهتر آهي. اهي پورا ٽي ڏينهن مون کي انبيائن اوليائن طواف ڪيو. اهي ٽيئي ڏينهن مان عرش عظيم واري ڪرسيءَ تي الوهيت جي شاعري شان ۽ قوت سان ويٺو هيس. ان لاهوتي منزل ۾ ڪنهنجو به احتياج نه هو. انبياءَ اولياءَ زمينون آسمان سڀ پنهنجي هٿ جي ٺهيل مخلوق پي سمجهيم. بي انداز لاپرواهي هيئي هر وقت زبان تي انا الحق جاري هو.
بيت
من خدايم من خدايم من خدا. نيست ديگر غير من درود سريٰ
يعني مان خدا آهيان مان خدا آهيان مان خدا . مون کي سواءِ ٻنهي جهانن ۾ ٻيو ڪير به نه آهي،

ان حالت ۾ ان محلات ۾ جيڪي راز ڏٺم سي کولڻ جهڙا نه آهن، مگر هڪ شيءَ جيڪا مون کي اتي هٿ ۾هئي جنهن کي اسم اعظم جو ڀالو چئبو آهي. سو ظاهريءَ به مان ٺهرائي هٿ ۾ ڪيو. جيئن بيدل سائين فرمايو آهي. ته ڀالا. نفي اثبات والا جان جسم وچ کوڙين يار ٻيون به گهڻيون ئي شيون هيون پر مون کي نيزو پسند آيو ان وقت خاڪي وجود جي رڳن جي ڌمڪار مان ڪنهن تي به انا الحق انا الحق جو آواز پي آيو. ظاهري زبان به انا الحق جي آواز سان پي چري هن حالت ۾سڀني عاشقن اسجدني يعني مون کي سجدو ڪيو. جا هوڪا پي ڏنا. بسطامي صاحب لااِلا اَنا فاعبدني سبحاني ما اعظم شاني جو نعرو هنيو شاهه منصور نروار ٿي اناالحق جو دم هنيون جنهن تي رسمي مسلمان کيس. سوليءَ تي چاڙهيو. آخر باهه ۾ ساڙي خاڪ دجدلا ۾ڪجهه هوا ۾ اڏاريائون رسمي مسلمان عشق الاهي جي اثباتي جي اها عزت ڪئي.انهن کي عشق جو اهو قدر هو.رسول الله ﷺ انا احمد بلا ميم ۽ عمادُ الفَقَرُاَن يّکُون کُفراَ جون حديثون فرمايون فقيريءَ جي اڳيان ڪفر ڪهڙو آهي پاڻ گم ڪري الله اثبات ڪرڻ من خدايم جو نعرو هڻڻ. جنهن کي عام ماڻهو الله سڏائيڻ ڪري ڪافر ڪوٺيندا آهن.
بيت
عشق رابا کافري خويشي بود کافري خود عين درويشي بود
يعني عشق کي ڪافريءَ سان پنهجائپ هوندي آهي. عشق جي ڪافري خود درويشي آهي.
عشق جو هن ڪفر سان ناتو آهي. من منا عشق نار الله يحرک ماسوا. عشق باهه آهي غير کي ساڙي ڇڏيندو آهي هيءَ خودي جڏهن عشق ۾غائب ٿئي ٿي خدا خود عرش جو صاحب ٿيئي. جيئن ڦڙو درياهه ۾ ٿئي ٿو. غرق . ڦڙو خود درياهه آهي ناهي فرق
رسمي مسلمان تيستائين نالي جو مسلمان آهي جيستائين اسم اعظم جي طاقت سان پاڻ مان نڪري معنوي معراج نٿو ڪري
تيستائين حقيقي مسلمان نه آهي. دلي طرح مسلمان نه آهي هن کي اندران ڪفر جو جڻيو ٻڌل آهي.اهو نفس جوقيدي ۽ فرمانبردار آهي. تيستائين هر هڪ مسلمان جي روح جي ڳچيءَ ۾وجود جي رهڻ جو ڪافريءَ وارو جڻيو ٻڌل آهي. تازو مسلمان تڏهن ٿيندو جڏهن پاڻ مان نڪري معراج ڪندو. تيستائين هي مائٽن واري رواج تي ٿو هلي. اُهي ڪوري هئا ته هي به ڪوري ٿيو. ڪڙمي هئا ته هي به ڪڙمي ٿيو.اهو جڻيو تڏهن ڇڄندس جڏهن آسماني منزلون ماڻي عرش عظيم تي پهچندو. ٻانهپ کي درياهه اعظم ۾ ٻوڙيندو.جيئن پاڻيءَ جوڪوزو درياهه ۾ هارجي پوي. پوءِ ڪوزو ڪونه لڀندو درياهه ئي درياهه هوندو.
حديث قدسي: اَخَرِج بِصغَائي الا خلقي، مَن رَاک فَقَد راني من احبک فقد احبني،

انهن جي اها حد آهي جو انهن جو ڏسڻ الله جو ڏسڻ آهي. هن جي حب الله جي حب آهي ٻانهپ جو ٻيڙيون ٽثيس ته پوءِ اهو شاهه آهي. عرش اعظم جو مالڪ آهي. ان محلات ۽ الوهيت جي ڪرسيءَ جو به مالڪ آهي. پوءِ اهو فقير من اراد ان يجلس مع الله فليجلس مع اها.تصوف يعني جيڪو چاهي ته مان الله سان محبت ڪريان ته ان کي گهرجي ته اهل تصوف واري فقير سان صحبت ڪري ته گويا الله سان صحبت ڪيائين ان فقير جي صحبت خدا جي صحبت آهي.

دوئي ڇا آهي؟

مان به آهيان الله به آهي مان ٻانهو به آهيان ٻيو الله به آهي ته اها دوئي يعني ٻيائي آهي هي جسم ۽ ان سان رهت به دوئي آهي جيستائين جسم مان نڪري آزاد نٿو ٿئي تيستائين دوئي ۾ آهي هڪ هستي ٻانهپ جي ٻي الوهيت جي هوءَ فاني هستي آهي هيءَ باقي جي هستي ڪامل آهي.عبديت جي هستي ناقص آهي.
بيت
خودي ۽ خدا ڪين مائيندا من ۾
ٻن ترارين جاءِ ڪا هڪ مياڻ ۾

الوهيت جي بادشاهت هِنَ هُن ملڪ جي بقادار حڪومت آهي ان ملڪ ۾ ٻانهپ جي حڪومت نا مناسب آهي. ملڪ ۾ٻه بادشاهه نه ٺهندا آهن. سائين جي اڳيان ٻانهي جي ڪهڙي حيثيت هوندي. ٻانهي کي سائين ۾ گم ٿيڻ گهرجي.
مثال ڪنهن ٻيلي ۾ شينهن رهندو هجي ۽ جهنگ ۾ لومڙ به هجي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ لومڙ به شينهن سڏرائي ته شينهن هڪدم فناءِ ڪري ڇڏيندس.
اها وجودي ۽ نفساني هستي لومڙ آهي. جڏهن خودي خدا ۾گم ٿيندي ته پوءِ خدا جي گفتار شروع ٿيندي. خدا سان ڪنهن کي به شريڪ ڪرڻ کي مشرڪي چئبو آهي ٻن هستين جي پوڄا ڪرڻ مان ۽ الله ٻنهي جي ڄاڻ ۾شريڪ ڪرڻ ڪرستانين به ٻين هستين جي پوڄا ڪئي تڏهن مشرڪ سڏيا ويا.
هي اٺئي پهر نفساني هستي لومڙ آهي. جڏهن خودي خدا ۾ گم ٿيندي ته پوءِ خدا جي گفتار شروع ٿيندي.
هي ماڻهو اٺئي پهر نفساني وجود جي وڌ ۾ وڌ خدمت ۽ ٻانهپ ٿا ڪن هي صرف ليکي سان پنج وقتي نماز تي خوش آهن. هت ليکي جي جاءِ تي آهي ئي ڪانه وذڪر الله ذڪراڪثيرا کي ويجهائي ڪونه ٿا وڃن. اهي رسمي مسلمان پنهنجي ٻانهپ کي اسم اعظم سان غرق ڪري خوديءَ کي خدا ۾ گم ڪري وجهن ته جيڪر ان مشرڪي کان آزاد ٿي پون. موحد مسلمان ٿي پون. جنهن مسلمان الله اثبات ڪيو ۽ من خدايم جو نعرو هنيو. حقيقي مسلمان اهو آهي. ٻانهپ واري فقيري ۾به شڪ آهي جنهن ماڻهو مشاهدي معراج ۽ جسم جي ترڪ کانسواءِ جسم جي قيد ۾هوندي من خدايم جو نعرو هنيو سو سخت ڪافر آهي. ان لاءِ فَجَزائهم جَهنم وَهم فِيهَا خالِدون جو حقدار آهي. لعنت الله علي الکاذبين جو حقدار آهي. اهو درٻار الاهي مان تڙيل آهي ڇو ته هو بيخودي ٿيوئي ناهي. نفساني خوديءَ ۽ هستيءَ سان ٿو چوي .اهو فرعوني دم آهي. عاشق جيڪي به من خدايم جا نعرا هنياسي سڀ وحدانيت جي حالت ۾ چيائون. سو سچ آهي.منصوري دم ۽ بقادار آهي. جيئن سورته طٰهٰ ۾ موسيٰ سان خدا وڻ مان ڳالهايوهو فقال اني انا الله چيو هو. جنهن کي سڀ مڃين ٿا. الا نسان سري وا انا سره آدمي جي وجود مان الله جي گفتار نڪري ته رسمي مسلمان ان سان لڙائي ٿا ڪن. موسيٰ واري وقت ۾ الله کي جواني هئي هينئر شايد الله ڪراڙو ٿي ويو آهي. جو ڪنهن به وجود مان نٿو ڳالهائي سگهي قرآن ۾ آهي ته کل يومُ هو في شانُ. يعني هر روز سندس شان نئون ۽ تازو آهي.
مثال جڏهن ڪنهن به پردي واري عورت کي جن وٺندو آهي ته اها پردو ڀڃي پڌر ۾ لهر ڪندي آهي .ٻولي مٽائي ٻيون ٻوليون ڳالهائي راز ۽ ڳجهه پيئي ڳالهائيندي آهي ڏسو. ته جن کي به ايترو اثر آهي. باقي جيڪو انهن جنن توڙي انسانن جوخلقيندڙ آهي ڇا ان الله کي ايتري به طاقت نه آهي ڪنهن آدميءَ مان ڳالهائي سگهي ٻيو ته جيڪو شراب ٿو پيئي ان کي شراب به اثر ڪري ٿو. ظاهري شراب ۾ به نشو آهي.باقي معنوي شراب وحدت واري اسم اعظم واري کي ايتري طاقت نه آهي جنهن جو شان وسقا هم ربهم شرابا طهورا. آهي پوءِ ڪنهن عارف ۽ عاشق جي وجود مان گفتار ڪري ته ان کي ڪوڙو ٿا سمجهن. عام ماڻهن ۽ بي سمجهن جو ارمان آهي. هي آدمي جيڪڏهن اهڙو جڏو هجي ها ته فسجدو لادم جو حڪم ملائڪن کي نه ٿئي ها جو کيس ملائڪ سجدو ڪن ها. آدمي به اهو آهي جيڪو حضرت آدم جهڙو پاڪ ۽ صاف هجي.پوءِ اهو اڄ به ملائڪن جي سجود هجڻ جو لائق آهي.نڪي هرهڪ آدمي .جيڪو به جسم مان نڪتو سوئي پاڪ آهي. آدم ۾ اهو ڪير هو جنهن علم الاسماءَ کلها. جو بيان ڪيو.موليٰ علي السلام سلوني سلوني قبل ان تفقدوني فرمايو. جنهن آدميءَ الله اثبات ڪيو پوءِ ان کي ڇا سمجهي.
بيت

عشق آدم ۾ سڄو ڀرپور آهه
جنهن الله اثبات ڪيو سو نور آهه

نور ڇا پر عين ذاتِ ذوالجلال،
بيخوديءَ جي حال ۾جنهن ڪيو ڪمال

بيخوديءَ جو حال بيخود کي خبر
محمدي معراج عاشق جي نظر.

محمدي معراج حاصل ڪيو فقر،
تاج لولاڪي جا صاحب زيب تر.

شمع ذاتي جي اڳيان پروانه ٿيا.
مالڪ الملڪ و انا رحمان ٿيا.

جلوه خورشيد وحدت ۾ فنا،
عين خورشيد الاهي حق لقا.

ان مقام تي سڀڪو عاشق ٽي ڏينهن رهندو آهي. مگرشاهه منصور هن جاءِ تي ٻارهن مهينا رهيو هو. جنهنڪري سوليءَ تي چڙهيو.
ٽن ڏينهن بعد جيڪا صاحب منصور جي جاءِ آهي اتي چار اوزار ڏٺا ويا.(1) شمسير الوهيت (2) تبراعظم (3) نيزو (4) ڪلا به ڪلابه هڪ پٽ جي ڏور ۾پيل هو . ان محلات ڪٽهڙي واري طبقه جو نالو شمس الحقيقت ۽ سياهوت آهي. جيڪا مخفي جڳهه آهي عام مشهور نه آهي عرش اعظم جي چڙهڻ وقت اهي معنوي اوزارڪم آيا.محلات مان نڪرڻ وقت انا الحق جو آواز ختم ٿيو.وري هڪ عاشقيءَ ۾ معشوقيءَ جو دستور پيدا ٿيو. پوءِ ان معشوق اهي اوزار عاشق تي وهايا.
مصرع نيزا بڙڇيون تبر تراريون گهوٽڻ کي گهائن.ڪلا به کي جيڪا رنگين ڏوري هئي اها عاشق جي مٿي ۾ وجهي پنهنجي ٻاهران ڦيرايائين ان وقت فقير جي روحاني تصوير به وجود هئي. ڦرائڻ وقت روحاني تصوير جوهر جي پيدا ٿي. جنهن تي حيرت به عجب هئي. جو اسان جي ٻنهي ٻانهن جي هيٺيان سفيد نوراني پر پيدا ٿيا. جن جي سفيدي سج کان به وڌيڪ چٽي هئي.هر هڪ پرجي ڊيگهه عرش کان تحت الثريٰ تائين نظر آئي. عرش عظيم وٽ ٻنهي جهانن جو خاتمو هو. پوءِ بيحد ملڪ ڏٺو سي.جنهن کي ٽيون جهان چئبو آهي جنهن جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڳالهه ڪانه آهي. مگر قرآن ۾ جيڪي حروف مقطعات آهن انهن ۾ ٽئين جهان جي حقيقت اشاري طور ڏنل آهي اها حقيقت انهن اکرن ۾ آهي جن تي نڪتا نه آهن. ڪوبه عالم فاضل انهن نقطن کي سمجهي نه سگهندو. بيحد ملڪ کي بقا باالله ۽ لامڪان به چئبو آهي.عرش اعظم جو ملڪ حد وارو ۽ ڪثرت آهي .
پرن پيدا ٿيڻ سان ان بيحد ملڪ ڏانهن پرواز ڪيوسي. هن ڳالهه جي رسول الله ﷺ جي تائيد ڪندي فرمايو آهي ته کل مرءُ ذي بال يطير بهيمته باطني طرح اهي پر هر هڪ آدمي کي آهن. ان جو مثال اهو آهي ته ٻالپڻ ۾ بلوغت کان اڳي هر هڪ آدمي خواب ۾ خطري ۽ طوف کان يڪدم پرواز ڪري اڏري پوندو آهي. مگر پر ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا آهن جيڪي اسم اعظم جي قوت ۽ ذاتي عنايات سان کلن ٿا. ڇو ته پرن جي رعب ۽ دٻدٻي سان قلب ڦاٽڻ جو انديشو آهي. مگر اهي پر وجودي وهمن ۽ نفساني ڪمن سبب بند ٿي ٿا وڃن.جيستائين روح نفساني غلاظتن ۽ وجودي وهمن کان جند نه ڇڏائيندو تيستائين اهي پرڏسي ڪونه سگهندو. جڏهن جند ڇڏايائين تڏهن ٽنهي جهانن جو اُڀ سرو پرواز ٿو ڪري اهي پر بيحد ملڪ جي سير لاءِ خاص طرح سان آدمي کي ملندا آهن. ان ڪري فقير کي شهباز لامڪاني چئبو آهي. ان حد ۾ قلندر شهباز فرمايو آهي ته
شهباز لامڪانم، بيرون زڪون وڪانم
مسجود انس وجانم مطلب تو آشيانم

يعني لامڪان جو شهباز آهيان ڪون وڪان ٻنهي جهانن کان ٻاهر نڪري (ٽئين جهان ۾) ويو آهيان. انسان ۽ جنن جو مسجود آهيان مگر محبوب تنهنجي (اصلي رهڻ جي جاءِ) يعني اکيرن تي پهچڻ منهنجو مقصد آهي. عرش عظيم جي محلات مان اڏرڻ وقت اسان جي پرن جو اهڙو واڪو ٿيو جو نون آسمانن ۾ غلغلو مچي ويو. جيئن ڏوهه پندرهن جهازن جي گڏجي اڏرڻ سان واڪو ٿيندو آهي. حديث: موجب عرش عظيم جو پنڌ پنجاهه هزار ورهين جي پنڌ جيترو مفاصلو آهي فقير اهو پنڌ عشق جي عنايت ۽ طاقت سان طئي ڪن ٿا. ان پرواز سان هاهوت .باهوت ۽ هوءِ هواءِ جون حدون طئي ڪرڻيون ٿيون پون . اتي صرف هڪ منٽ ترسيا سون جو اتي صرف رقص جي سکيا هئي. ان کانپوءِ پورب جي طرف جيڪو عاشق جي دلين ڦرجڻ جو ملڪ هو اتي پهتاسون. ان جاءَ کي بقا باالله چئبو آهي جيڪو وحدانيت جو بادشاهه آهي سو ان اوڀر طرف جي پورب واري ڪنڊ طرف آهي.
اسان به پهريائين هوءَ هواءِ ان لنگهندي باهوت ۽ هاهوت کان پوءِ ڏکڻ واري پورب ۾ وياسون. انهن حدن ۾اسان جي ٻارهن مهينا آمدرفت ٿي. ان کي پورب يا آڻ حد به چئبو آهي. اها جاءِ دلين جي ڦرجڻ ۽ حسن جي حل هنگام جي ڳالهه آهي. جيئن بيدل فقير فرمايو آهي ته حسن دي هل هنگام ساڏا هوش گنوايا. اتي پهتي کان پوءِ ٻارنهن مهينن تائين ننڊ ختم ٿي ويندي آهي. اها فقير جي اتنها جي چوٿين. منزل آهي پوءِ الله عاشق ته فقير معشوق ٿي پوندو آهي. پوءِ جيڪا فقير جي مرضي ته الله جي به ساڳي مرضي هوندي آهي.
سنڌي عارفن به پورب جو بيان ڪيو آهي. شاهه صاحب فرمايو آهي.ته
پوربيا پوري ويا، آسڻ آڌيءَ رات.
سيم نه سناسين جون. پچارون پرڀات
ڪاجا جوڳيءَ ذات مِٽَ نه معذورين جا.

پورب پوري ويا. آسڻ اڄ صبوح
خستوري خشبوءِ آهي آدسين ۾.

عاشقن جو هميشه انهن ماڳن تي پيو اچڻ ۽ وڃڻ ٿيندوآهي چوٿين منزل وارن فقيرن کي راڳ ويراڳ ۽ سروزن ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق ٿيندو آهي. جو ان کان سواءِ بيقرار ٿيندي اٿن.ڇو ته انهيءَ حد ۾ حسن جا حملا ۽ ترانه سروز هر وقت هلندا آهن. پهچڻ سان ئي هن خاڪي وجود جي ڪنن سان اهي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. عاشق ائين پيو چوندو ته سدائين عروج ۽ پرواز هجي. وجود ڏي موٽجي ئي نه. جسم ڏانهن موٽڻ به وڏي وٿي آهي. ان وقت فقير کي ملامت ۽ خواريءَ جو اهڙو شوق ٿيندو آهي جيئن بادشاهه کي شڪار جو شوق ٿئي. دين تي ٽوڪان پيو ڪندو. ڇو ته دين به عشق جو پراڻو دشمن آهي جتي تسبين جا ٺهڪا ۽ نفل نمازون هونديون اتي عشق جو ڏس ئي ڪونه هوندوآهي. اتي رڳو مسلا مسائل جا دستور پيا هلندا آهن. ڇو ته عاشق ته دين کي اڌ ۾ ڇڏيندا آهن.
بيت
ٿيا دين ڪفر ٻئي دور. ديدان دوست اڙايون
عاشق ظاهر ۾ عملي دين جا مخالف هوندا آهن مگر باطن ۾ حقيقي دين الله سان ملحق هوندا آهن.
بيت
عشق جت آهه ڪفر ايمان ناهه، جت دين ايمان ناهه، اُت الله آهه.
عشق بازيگر وڌو هي ڀول آهي. عشق جو هي اصل الٽو ڊول آهي

شاهه اعظم آهه يڪا يڪ وحده، ڪفر ايمان آدوئي جت احده
لاشريڪ لم يلد جنهنجو لقب. دين ايمان عشق جي هٿ جو ڪسب،

لي مع الله وقت جوصافي بيان. ناهه گنجائش ملائڪ انس وجان
جت ڪنهن مخلوق جي ناهي ڪا جاءِ دين ايمان ڪيئن رهي ٿو وٽ خداءِ
ڪفر ايمان عشق آبازي وڌي . عام ڦاسن عشق کان ٿيا جي ردي.
عشق آهي عاشق لئه خاص جاءِ شاهه اڳيان عام آمد ناروا

عامي ماڻهو ۽ رسمي مسلمان لاءِ جن شين جي منع ٿيل آهي تنهن کي حلال ۽ خدائي امر ٿا سمجهن. ۽ جنهن ڳالهين جو حڪم ٿيل اٿن تنهن کي منع ۽ حرام ٿا سمجهن.عبادت ۽ اوجاڳن کان ڄڻ منع ٿيل اٿن. مگر چوري زنا خون ڌاڙا ڪوڙ. رياءُ ڪوڙا قسم کڻڻ. ڪوڙيون شاهديون. يتيمن جو مال دغا ۽ ٺڳي کي سڀ کي حلال ٿا سمجهن. نفس جي مخالفت ۽ حلال خوريءَ کان ڄڻ انهن کي منع ٿيل آهي.جو انهن ڪمن کي ويجهو ئين نٿا وڃن. حقيقت ۾ اهي احڪام آهي. جو انهن ڪمن کي ويجهو ئي نٿا وڃن. حقيقت ۾ اهي احڪام الاهي يدخلون في دين الله واري عشق جي دين ۽ اسلام جا آرڊر ٿيل آهن. مثال: ذکر الله ذکرا کثيرا. یاٰۤاَیُّهَا الْمُزَّمِّلُۙ(۱)قُمِ الَّیْلَ اِلَّا قَلِیْلًاۙ اوجاڳي ۽ ذڪر جا قانون ۽ قائدا آهن. دم قضا نه ڪرڻ لاءِ پڻ حديث: آهي ته فوت الانفاس قتل الانبياءِ بغير الحق. يعني دمن کي قضا ڪرڻ نبين سڳورن کي ناحق قتل ڪرڻ جي برابر آهي. کل نفس معدودت يعني سڀئي دم يعني ساهه ڳڻيل هوندا آهن . يخرج النفس بغير ذکر الله فهو ميت يعني جيڪو دم خدا جي ذڪر کانسواءِ خالي نڪتو اهو ڄڻ مئل آهي. واذکر ربک اذا نسيت. يعني ذڪر خدا جو جڏهن وسري وڃيئي. وَ مَنْ یَّعْشُ عَنْ ذِكْرِ الرَّحْمٰنِ نُقَیِّضْ لَهٗ شَیْطٰنًا فَهُوَ لَهٗ قَرِیْنٌ(۳۶). يعني جنهنجي دل خدا جي ذڪر کان خالي يعني غافل آهي. ته ان تي شيطان جو قبضو آهي. ۽ اهو ئي سندس دوست ۽ ساٿي اٿس. ڏسو ته خدا جي ذڪر جو ڪيڏو نه تاڪيد ٿيل آهي.
وَ اذْكُرْ رَّبَّكَ فِیْ نَفْسِكَ تَضَرُّعًا وَّ خِیْفَةً وَّ دُوْنَ الْجَهْرِ مِنَ الْقَوْلِ بِالْغُدُوِّ وَ الْاٰصَالِ وَ لَا تَكُنْ مِّنَ الْغٰفِلِیْنَ(۲۰۵) يعني ياد ڪر پنهنجي رب کي پنهنجي دم سان ڳجهو ۽ عاجزيءَ سان ظاهر نه متان غافلن مان ٿئين. ڪيڏا نه حق پاڪ عرش اعظم کان مشهور پيغام موڪليا آهن. وَ نَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوٰىۙ(۴۰)فَاِنَّ الْجَنَّةَ هِیَ الْمَاْوٰىؕ(۴۱) يعني جنهن پنهنجي نفس کي سڌن کان روڪيو ته پوءِ ان جي آرام سان رهڻ جي جاءِ آهي. جنت انهن حڪمن جي تابعداري ڪرڻ جو رسمي مسلمان وٽ ڏس ئي ڪونهي. محمدي مسلمان اهو آهي. جنهن ۾مٿي ٻڌايل سمورين خاصيتون هجن رسمي مسلمان ان سچي مسلمان اڳيان ائين لڄي آهن جيئن سج اڳيان چمڙو.جن عاشقن ۽ عارفن معراج ڪيو ته انهن جي مسلماني سچي آهي ڇو ته انهن عشق الاهي جي مٿي ٻڌايل حڪمن جي تعميل ڪئي پوءِ حق جي مدد سان حق کي رسيا. هن جسم جي جيفي کان آزاد ٿي. معرفت ماڻيائون.انهن کي رسمي مسلماني ۽ رسمي دين ڪيئن وڻندو. ڇو ته سوا لک انبيائن اها پنجاهه وقت نماز به پڙهي هئائون ۽ چاليهه روزا به رکيا هئائون. زباني ذڪر به ڪيو هئائون. ايتري نماز سان به معراج حاصل ڪونه ٿين. مگر رسول الله ﷺ ٻنهي جهانن جي گاديءَ تي ويهڻ بعد جيڪو اشتهار جاري ڪيو ان اشتهار جا جملا مٿي لکي آيا آهيون. اهي معراج واري رستي جا جملا آهن. وَالذکُر رَبکَ فِي نَفسِکَ جو نئون راهه ۽ اسم اعظم وارو اشتهار جاري ڪيائون.جنهن اسم اعظم ۽ دم ڪمائڻ جي وسيلي محمدي معراج ٿين نڪي زباني ذڪر ۽ زباني عبادت سان حديث. پاڪ آهي ته من قال الله لايحرف الله. يعني جنهن زبان سان الله چيو سو معرفت کي نه پهچندو. جنهن اسم اعظم لاءِ ملان قاضي حيران آهن. چوڏهن سئو ورهيه گذري ويا. آهن ته به کين هٿ نه آيو آهي. حالانڪ ڪيترن ئي هنڌن تي ظاهر آهي. ته به بي اعتباريءَ سبب پڙهڻ ڏسڻ کانپوءِ ڪين ٿا. سڃاڻن مگر فقيرن کي ته عشق شهنشاهه اهو اسم اعظم عنايت ڪيو آهي. جنهن جي طاقت ۽ همت سان معنوي معراج ڪري بيحد ملڪ جو پرواز ٿا ڪن . ملن ۽ قاضين عشق جي چاش نه چکي. مسئلن ۾ منجهي مري ويا. رسول الله ﷺ جي معراج جو رستو بند ڪونه آهي. فيض جو دروازو بند ڪونه ٿيندو آهي. مثال بغداد جي خليفي دجله درياهه تي پنهنجي لنگهڻ لاءِ هڪ پل ٺهرائي هئي جا اڄ تائين بيٺل آهي. جتان عام خاص ماڻهو جيڪي وڃڻ چاهين ٿا سي لنگهن ۽ اچن ٿا.ٻيو ته روهڙي کان انگريزن ريل جي لنگهڻ لاءِ سنڌو درياهه تي پل ٺهرائي هئي اتاهون به سڀڪو پيو لنگهي مگررسول الله جيڪا معرفت جي ملڪ ۾ پهچڻ لاءِ معراج واري پل ٺهرائي هئي سا ڪا بند آهي ڇا؟ زماني جي بادشاهن جون پليون به موجود ۽ ٺهيل آهن. باقي ٻنهي جهانن جي بادشاهه رسول الله ﷺ جيڪا پل ٺهرائي هئي سا ڪا ڊهي وئي آهي ڇا؟ اها پل اڄ به عاشقن ۽ خاصن لاءِ موجود ۽ ٺهيل آهي. جتان فقيرن جو رات ڏينهن عروج نزول يعني اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو. مگر عامي ۽ رسمي مسلمان لاءِ اها پل نه آهي جو هو ٽپي نه سگهندا. پر انهن عامن لاءِ تخت الثريءِ ۽ جهنم جو رستو جاري آهي.
ڪنڀرن ۽ ڪورين موچين جا دوڪان ۽ مڪان به قديم زماني کان وٺي هزارن پيڙهين تائين هلندا ٿا اچن. انهن جي دوڪانن مان به اڄ تائين ساڳيو سامان ملي ٿو. پر انڌير ڏسو ته رسول الله ﷺ جي فيض توحيد ۽ معرفت الاهي جو دوڪان بند ٿي ويندو ڇا؟ ان جي بند ٿيڻ جو ڪير به گواهي ڏيئي سگهندو.
مثال جيئن باغائي پيوندي ٻير جي اک سنڌي ۽ کٽي ٻير ۾ ياکٽي توت ۾هڻندو آهي. اها کٽي ٻير يا کٽو توت پيوندي ۽ مِٺا ٿي پوندا آهن، ان طرح جيڪو طالب رسول الله جي فيض معرفت ۽ اسم اعظم جي اک مرشد کان کٽي ۽ بيڪار وجود ۾ هڻائيندو ته اهو طالب به عرش عظيم جو شاهه توت ۽ معرفت جو مٺو وڻ ٿي پوندو. اهو وڻ سڀني وڻن جو بادشاهه وڻ ٿيندو يعني سڀني آدمين جو تاجدار مگر خود خدا ٿي پوندو. منجهس فيض الاهي ۽ معرفت جو مٺو ميوو پيدا ٿيندو. جنهن مان ڪيئي فيضياب ٿيندا. مگر کيس پهريائين موتو قبل انت موتو ٿيڻو يعني ملڪوت ۾پنهنجو سر وڍرائڻو پوندس. پوءِ مرشد هادي هٿان شرابا طهورا پيئندو. طالب کي هتي ناسوت ۾ نه بلڪه آسمان جي ستين طبق عالم الارواح . ۾ حاصل ٿيندو. پوءِ اهو جلد من خدايم جو طبق وڄائيندو. اهو هن کي جائز آهي ڇو ته هن جي خودي خدا ۾ گم ٿي ويندي آهي. فقير به ان جو لقب آهي. ان حال کانسواءِ ڪنهن به طالب جي فقيري الواڻي آهي.
ٻيو جيڪڏهن ڪميشن جو امتحان پاس ڪندو ته ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر ٿو سڏجي. ماءُ پيءُ وارو نالو ڊهي ٿو وڃيس. ان طرح هي اسم اعظم به الوهيت ۽ خدا ٿيڻ جو علم آهي. جيڪو به اهو لدني علم جو باب عشق جي اسڪول ۾ پڙهندو ۽ چار امتحان پاس ڪندو ته پوءِ آدم مان الله ٿي ويندو. سندس نالو هستي حق جي هستي ۾ گم ٿي ويندا. رسول الله جو فرمان آهي ته الفقر فخري فقير منهنجو فخر آهن
لدني علم جي تشريح هيءَ آهي ته اٺين آسمان في فنا في الرسول جبروت جو مقام آهي. اها رسول الله ﷺ جي جاءِ آهي. ان جي مٿان هڪ آسماني طبقو عرش عظيم آهي جا ذات ذوالجلال جي بادشاهت ۽ حڪومت جي درٻار آهي آدميءَ جو فخر ۽ عزت سر ۾ آهي مٿي تي جيڪا دستار يا تاج رکبي آهي سا عزت ليکبي آهي. تهڙي طرح رسول الله ﷺ جي حدفنا في الرسول جي حد کان هڪ درجو مٿي آهي. ان حد ۾ وصال حاصل ڪبو آهي. انهن فقيرن جي باري ۾ اها حديث آهي جيڪي ذات حق ۾ محيط ٿيا. ۽ مستغرق ٿيا. جيئن پروانو شمع ۾ سڙي عين شمع ٿي پوندو آهي. رسول جو فخر ۽ مٿي جي تاج به آهي فقير آهن. جن جو درجو فنافي الله آهي. رسول جو فخر ۽ مٿي جي تاج به آهي فقير آهن. جن جو درجو فنا في الله آهي. الفقر خزينته من خزائن الله فقير الله جي خزانن مان هڪ خزانو آهي يعني فقير جي دل الاهي خزاني جي هڪ ڪوٺي آهي. جتي اسم اعظم جي دنيا ۽ روڪڙ پيل آهي. فقير ان خزاني جا ڪنجي بردار آهن. جتان سخا هلي ٿي. اها سخا فيض معرفت ۽ توحيد جي محبت ۽ الله جو رستو جاري آهي. سائل خدا جا طالب آهن. جيڪي مرشد وٽان اسم اعظم جو دان وٺي قيامت تائين ڍاپي ٿا وڃن.
اِنَّا عَرَضْنَا الْاَمَانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ الْجِبَالِ فَاَبَیْنَ اَنْ یَّحْمِلْنَهَا وَ اَشْفَقْنَ مِنْهَا وَ حَمَلَهَا الْاِنْسَانُؕ-اِنَّهٗ كَانَ ظَلُوْمًا جَهُوْلًاۙ( ۷۲)اها امانت عشق جي امانت هئي. جنهن جي کڻڻ کان زمينن آسمانن ۽ جبلن انڪار ڪيو مگر آدم اهو عشق قبول ڪيو عشق اهڙي آفات آهي جو جنهن وٽ اچي ته درد بلا ۽ مصيبتون عطا ڪريس. مگر عاشق وٽ اهي ڏک ۽ مصيبتون هزارن عيدن ۽ خوشين کان وڌيڪ آهن. حقيقت ۾ڪوبه انبياءُ يا عارف انهن ڏکن کان بچيل نه ڏٺوسين. جن محبوب جو اهي مصيبتون ۽ ملامتون سٺيون سي مرد مردانه رند رندانه عاشق آهي جيڪو سک ۽ نيڪنامي چاهيندڙ سو نامرد آهي. عاشق اڳيان اهو پاڳل ۽ ٿوڪو آهي. اهو عشق جي درٻار مان تڙيل آهي. جن سُک ماڻيا سي ظاهر ۾ به هئا باطن ۾مئل آهن ۽ نا قبول آهن. جن ڏک ڏٺاسي ظاهر باطن زنده آهن. انهن بقادار حياتي حاصل ڪئي. اِنَّ الْمُتَّقِیْنَ فِیْ جَنّٰتٍ وَّ نَهَرٍۙ(۵۴)فِیْ مَقْعَدِ صِدْقٍ عِنْدَ مَلِیْكٍ مُّقْتَدِرٍ۠(۵۵) انهن جي جاءِ آهي عشق رڳو سوز گداز آهي درد آهي لاسمعيٰ في الارض ولافي السماءَ ولکن ليسفيٰ في عبدالمومن. اهو عشق جو فرمان آهي جو عشق جو بار آدم کنيو. جيئن ڪڪڙ اُٺ جي دعوت ڪئي. اُٺ اچڻ سان کڏي تي لت رکي کڏي ڀڃي وڌائين. ڪڪڙ جا سڀ آنا ٻچا لتاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيائين. سو هي آدمي به ڪڪڙ آهي ۽ حضرت عشق اُٺ آهي.
بيت
بديدم عشق راسر مست مي گفت بلايم من بلايم من بلايم
ڏٺم ته عشق مستيءَ مان پي چيو ته آءُ بلا آهيان آءُ بلا آهيان بلا آهيان بلا ڏک ۽ مصيبت،
هر آن کس کي اوبه ورزد عشق مارا جفايم من جفايم من جفايم
جيڪو ماڻهو منهنجي عشق کي قبوليندو ( ان لاءِ) مان جفا آهيان جفا آهيان جفا آهيان.
بهر جائيکه من آيم به رحمت عطايم من عطايم من عطايم
جنهن به جاءِ تي مان ٻاجهه ڪري اچان ته عطا آهيان مان عطا آهيان عطا آهيان.

مئو من جي وصف

مئومن اهو آهي جنهنجي دل الله جو آئينو هجي. جاڏي ڏسي ته الله پيو ڏسي. سندس نظر آسمانن مان ائين ٽپي جيئن تير ڍال مان ٽپي ويندو آهي. عرش عظيم کي ائين ڏسي جيئن هٿ جا ليڪا ڏسبا آهن سڀني آسمانن مان سندس نظر ائين پار وڃي جيئن اڇي ڪائي مان آر پارڏسبو آهي.
حديث: “الموءمن حيُّ في الدارين بل هم احياءُ عند ربهم”
مومن ٻنهي جهانن ۾ جيئرو آهي پر اُهي جيئرا آهن ۽ موجود ۽ حاضر رهن ٿا. پنهنجي پالڻهار وٽ “ الموءمن مرآت الرحمٰن” مومن الله جو آئينو آهي قرآن ۾ ڪيترا دفعا ياايُهاالَذين آمنو چيل آهي نڪي يا ايها المسلمين چيل آهي مومن سان ذات ذوالجلال مخاطب آهي نه مسلمان سان. ڇو ته ذاتي زبان کي به ذات جا ماهر سڃاڻيندا. جو مومن ايمان وار آهن. اهي هر وقت حق کي ڏسن ٿا. قرآن ۾معرفت الاهي جي مقامات ۽ منزلن ۽ معراج ۽ علم اليقين جون حقيقتون آهن.
جن مومن جون ڏٺل آهن سي انهن ڳالهين کي ڄاڻيندا ۽ قدر ڪندا آهن. جنهن به حد ياڪنهن آسماني منزل جو بيان ڪجي ته مومن اڳيان آئيني وانگر سامهون ڏسي مومن جو مثال ائين آهي جيئن ڪنهنجو ڪراچي شهر ڏٺل هجيس پوءِ ٻيو ڪو واقف شهر ياپار پتا پڇيس ته هڪ دم پار پتا ٻڌائيدس ۽ ڳالهه ٻڌڻ مان مزو پيو ايندس. بروهين جي ٻولي بروهي ڄاڻيندو سنڌي ڇا سمجهندو تڏهن الله تبارڪ وتعاليٰ ساري قرآن پاڪ ۾ يا ايها المسلمين. جو صيغو استعمال ئي نه ڪيو آهي. ان ڪري مومن ۽ مسلمان ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
رسمي مسلمان ڇڙو نماز پڙهي پوءِ ڪهڙا به گناهه ڪري ۽ جنهن مهل پوتي پٿاري نماز پڙهي پوتي ڇڊيندو ته جيئن پوتيءَ مان ڪل ڇٽي پون تيئن سندس سمجهه مطابق سندس گناهه به ائين ڇڻي پوندا. اها رسمي مسلمان جي نماز آهي صبح کان وٺي ٻيپهري تائين الله کي سينڍ به ڪونه ڏين صبح ۽ ٻيپهري جي وچ ۾ جيڪي گناهه ڪن سي سڀ پوتيءَ ڇنڊڻ سان ڪيرايون وڃن.مگر الله ڪو اهڙو ڀورو سمجهيو اٿن جو روزانو وارا گناهه ڦٽي ڪندو ويندن. هوڏانهن. فَمَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَیْرًا یَّرَهٗؕ(۷)وَ مَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا یَّرَهٗ۠(۸) يعني جيڪو به ذري جيتري چڱائي يا برائي ڪندو ته اهو قيامت ۾ ان کي ڏسندو.قرآن پاڪ ۾ واضع ٻڌايل آهي. ٻيا مڪر ۽ اٽڪلون نفساني آهن. ذات ذوالجلال اڳيان سڀ ڪجهه نيڪ روشن آهي. مڪر مڪر الله والله خير الماڪرين. کي ڏسڻ گهرجي وان کان مڪرهم لتزومنه الجبال. الله اهڙو ڪو اياڻو آهي جنهن جي اڳيان جبل به ضعيف آهن. رسمي مسلمان جيڪا نماز پڙهن سان به خيالن خطرن ۽ دينوي ياد گيريءَ يعني دل جي حضور کانسواءِ نماز ٿيندي ئي نه آهي اهڙا حڪم ٻڌي پوءِ به دل کي حق جي حضور ۾ حاضر نه ڪن پوءِ بوتو جيڪو الله جي آڏ ۽ آڙ اٿن. اهو سدائين خوش ۽ متارو هجين. سدائين پيو عيش عشرتون ڪرين. متان ڪا بيماري ٿئين ۽ متان ڪا سندن بوتي مٿان ڇپ نه ڪڙڪين ۽ ڪو بوتي کي ٽنگ نه ٿي پوين. اڀي اڱر کڻي آسمان ڏانهن گهمائن ته جيئن هميشه هت منڊل پيو ڪري اعداني وعدوک نفسک التي بين الجنبيک حديث قدسي اهو نفس منهنجو يعني الله جو ۽ اوهان جو دشمن آهي. جيڪو توهان جي پاسي ۾ اٿو . پوءِ ان دشمن لاءِ دعائون پيا گهرن. پنهنجي سڄي عبادت ان کي ڏاڍو ڪرڻ لاءِ کپائن .

روح جو کاڌو ذڪر الاهي آهي. سو هنن کي هٿ نه آيو اهو هنن کي سندن مرشدن ڏسيو ئي ڪين هو.اهي ئي خود الله جي ذڪر واري رستي کان انڌا هئا. من کان في هذءِ اعميٰ فهو في الاخرت اعميٰ. جيڪو هت الله جي ذڪر کان انڌو هوندو ته اهو قيامت ۾ به انڌو هوندو مرشدن پنهنجي مريدن کي رڳو نفس پروري ۽ دعائن گهرڻ جي عادت سيکاري ٽڪي جي نماز پڙهڻ ۽ الله کان وري بهشت گهرن ڇو ته جيئن هتي شهواني شوق ۾ گذاريائون ته اتي به ائين مزا وٺن. اهو خيال اٿن ته جيئن هت زالن سان جماع راني ڪيون ٿا ته هت به حوران ملن ته اتي به عيش ماڻيون.ان مان معلوم ٿيو ته اها نماز الله جي بندگي نه ڪيائون مگر بهشت جي آسري تي ۽ حورن ملڻ لاءِ مزدوري ڪيائون.
هاڻي بهشت ڏٺوسي ته اهڙي شيءَ آهي جو حضرت رسول الله ﷺ پير موليٰ علي عيله السلام پنجتن پاڪ ۽ ٻارنهن امامن کانسواءِ ٻيا سڀ انبياءِ ۽ قبول پيل عبادتي بهشت جا حقدار بهشت جي دروازي کان اٽڪل چاليهه قدم پري انتظار ۾ بيٺا آهن. اهو لقاءُ اسان آسماني سير وقت ڏٺو . انهن ماڻهن جو ايترو ميڙ هو جيئن ميلي ۾ خلق ۾ خدا گڏ ٿي بيهندي آهي. انهن کي به اڃا بهشت ۾ وڃڻ لنگهڻ جي بندش آهي. ڇو ته بهشت جو دروازو بند آهي جيڪو قيامت واري ڏينهن کان اڳ نه کلندو. بهشتي ٿيڻ به ڪو سٿرو نه آهي. گمراهن کي بهشت نه ملندو. جنس جنس سان ملندي لايموت اهل الجنه.
بهشت جي دروازي تي رضوارن نالي هڪ پاڪ نوراني صورت سان حسين ترين ملائڪ بيٺو آهي. هي دروازو حڪم کان اڳ نه کوليندو. بيٺل بهشتين کي بهشت جي باغ جي خوشبوءِ اچي ٿي ته هو دروازي جي ويجهو اچن ٿا. ته اهونوري ملائڪ کين موٽائي ٿو ڇڏي بهشت جو دروازو اولهه طرف کان آهي . ان باغ جي ڀت جو رنگ سفيد چوڏهين جي چنڊ جهڙو آهي. جنهن کي چاندي جي ڀت به چئي سگهجي ٿو. اندرين وڻڪارن انگريزي ٻوٽن وانگر ڪينچيءَ سان ڪتريل نظر ٿا اچن. حورن جي شڪل خوبصورت زالن جهڙي آهي.۽ سندن چپن جو رنگ مرجان جهڙو آهي. انهن جا وار ڊگها مگر پيچ پيچ ڇلن وانگر آهن. سندن مٿن وارين چادرن جو رنگ گلابي آهي جسم تي ڪپڙا بخمل ۽ ماهوت جا ڪارا ڪوٽ پيل اٿن. بهشت جي باغ ۾ ستر نهرون گهمنديون آهن. سندن وار پٺيان کيليل آهن.
حضرت عيسيٰ موسيٰ ۽ يوسف عليه السلام ڏٺاسي جي پڻ اجتماع ۾ گڏ بيٺل هئا. سڀني انبيائن مان ٻه نبي موسيٰ ۽ يوسف عيله السلام اسان جي تعظيم لاءِ اڳتي وڌي آيا. مگر ان نوري ملائڪ پاڪ جنهنجا ڪن وڏا ۽ چار پير اٿس انهن کي اسان ڏي اچڻ نه ڏنائين. ان وقت اسان به رضوان جي ڀر ۾ بيٺا هئاسون. رضوان جي نه ڇڏڻ تي ٻيئي نبي کلڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسان کي اهو ملائڪ تعظيم لاءِ دروازي جي ويجهو اچڻ به نٿو ڏئي يوسف عليه السلام کي باطن ۽ دنيا وارو حسن ڪونه هو معلوم ٿيو ته هن دنيا ۾حسن جو حصو ورتو هو. فقيرن جو سير بقا باالله جي درجي حاصل ڪرڻ کان ٻارنهن مهينا پوءِ ٿيو. جڏهن ڏکڻي پورب کان مٽجي اترئي بقادار پورب ۾وياسون تڏهن اهو سير ڏسڻ ۾ آيو. ائين هلندي سڀ ڪجهه ڏٺوسي. رضوان وٽان به هلندي هلندي نڪتا وياسون. ڇوته فقير کي بهشت جي طمع آهي ئي ڪانه وري ان تي نظر ئي پوندي ڇوته فقير طالب العقبيٰ مئونث نه آهن مگر فقير طالب الموليٰ مذڪر مرد آهن. اسان کي درياه اعظم عشق شهنشاهه جي درياه جي ڪن يا ٻار جي ڇڪ وانگر ڪشش هئي جو بهشتن ڏانهن خيال ڇڪ ئي نه ڪئي ٽنهي مڪانن فنافي الشيخ. فنافي الرسول ۽ فنا في الله مان اسان جو عروج ٿيو. پر ٻارهن مهينا اهوعروج ساندهه ٿيندو رهيو. آسمان وٽان سوا پهر سج واري جاءِ تان ڏکڻ پورب وٽان ٿيو. جڏهن اتر پورب بقا باالله ۾ عروج ٿيو ته اڳيئن ٽنهي مڪانن وٽان لنگهڻ بند ٿي ويو. پوءِ سڌو سنئون اترئين پورب ۾ اچڻ وڃڻ ٿيو. مگر جنهن وقت خيال ڪجي پيو ته هنن ٽن مڪانن جو به ديدار ٿئي پيو. وڪڙ ڪپڻ لاءِ سنئون سڌو رستو جاري ٿيو. ان وقت ۾ غلمانن وارو بهشت به ڏٺوسين غلمانن جي صورت تمام سهڻي نا بالغ نينگرن جهڙي ڊگهن وارن سان هئي. جيڪي سونن تختن تي ويٺا آهن. جن جي هٿن ۾سرود هئا جن کي وڄائن به پيا ۽ ناچ به پيا ڪن. انهن جي آواز مان اسم اعظم جو آواز پيو اچي. جو حضرت عشق شهنشاهه جي تعريف ۽ واکاڻ پيا ڪن. انهن تختن تي موتين هيرن ۽ لعلن جو جڙاءِ آهي. اهو بهشت فنا في الرسول جي منزل اتي رهت ٿيندي آهي. فنافي الشيخ وارن فقيرن جو پهريون بهشت آهي. عشق جي معراج وارن پنهنجو سر عشق جي اڳيان اڇليو .پوءِ عشق شهنشاهه جي مرضِي آهي. ته جن فقيرن کي بقا باالله جي درجي سان پاڻ وٽ گهرائي ۽ ڪن کي وري فنافي الرسول جي حد ۾ سڄي عمر رهائي ۽ ڪن کي وري سڄي عمر فنا في الشيخ ۾ رهائي وجهي اهي ٽيئي ذاتي حدون آهن. اهي حدون به وڏي طاقت واريون آهن جيڪو فنا في الله ۾ ويو ته هميشه ان حد ۾ نه رهندو. مگر ٽن ڏينهن کان پوءِ بقا باالله واري حد ۾ پهچندو بقا باالله جي درجي جي پهتل عاشق جسماني دم پوري ٿيڻ بعد عرش عظيم جي محلات وٽ رهندو. سندس روح هميشه گّذريل عاشقن سان گڏ طواف ۾رهندو.

باقي ڇهن بهشتن جو احوال

بهشت اهڙي نعمت آهن جن جي حقيقت ٻڌڻ سان معلوم ٿيندو ته انهن جوملڻ به ڏاڍو مشڪل آهي. جيتري نعمت الاهي آهي اوتري قيمت به آهي. جن جي لنگهڻ لاءِ سوا لک انبياءِ ۽ قبول پيل عبادتي به حيران آهن جن کي قيامت واري واعدي کان اڳ اندر لنگهڻ نٿا ڏين. بهشت به انهن کي ملندو جن جي چال چلت به انبيائن واري هوندي اها سڀ ڪنهن جي جاءِ نه آهي بهشت جي نعمت به اهڙي نعمت جي لائق ماڻهن کي ملندو. اهڙن ملن کي جيڪي ڀت خور ختمن جماڻن تي پيا ڌڪا کائڻ ڏيکاءَ لاءِ نمازون پڙهڻ ته جيئن ماڻهو ڏسي سندن تعريف ڪن. فارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته حلو خوردن را روءِ بايد” يعني حلوه کائڻ لاءِ به مهانڊو کپي. مسجد ۾گهرن ته هيڏي هوڏي پيا نهارين ته هن ڪو ڏسي نه نمازي آهي. نفس جي خوارڪ کائي الحمد الله چون ته شال اهڙو ڍو روزانو پيا ڪريون. الله جو صحيح شڪرانو ائين آهي. ته ذڪر اسم اعظم جي برڪت سان جسم مان نڪري معراج حاصل ڪري جتي عاشق عشق ۾ معشوق هڪ ٿئي.ته ذاتي شڪرانو اهو آهي. يا وري ڪو شهود يا رسول الله ﷺ جي زيارت ڪن جنهن کي روحاني خوارڪ چئجي.انهن آدمين کان ڍوَ تي شڪرانو ڀولو نفس ٿو ڪرائي. اهو بادر نفس وات بڇڙو اٽڪلي اهڙي شاڪر خان جي منهن ۾ لانگ کڻي مٽي ٿو. اهي اٺ ئي پهران مڪار باندر نفس کي ڏين. ان باندر نفس لاءِ قرآن ۾ نه ٻڌو اٿن ته قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاسِۙ . الله ايمان وارن کي ان باندر جي حرڪتن کان پناهه گهرڻ سيکاري ٿو. الْخَنَّاسِﭪ(۴)الَّذِیْ یُوَسْوِسُ فِیْ صُدُوْرِ النَّاسِۙ. اهو خناس آدمين جي دلين ۾ سنڏون ٿو ڪري اهي نفساني سنڌون گمراهيءَ جو منڍ آهي خداوند ڪريم ان جي سڌن جي تابعداري ڪرڻ کان پناهه گهرڻ ٿو سيکاري.
ونهن النفس عن الهويٰ فان الجنت هي الماويٰ. نفس کي سڌن کان بند ڪريو ته بيشڪ اوهان جي رهڻ جي جاءِ جنت آهي. نفساني سڌون بند ڪرڻ جو ايترو تاڪيد آهي. مگر اهي سڌون ذڪر کانسواءِ بن ڪونه ٿينديون. ذڪر الاهي ڪمائبو ته سڌان از خود بند ٿي وينديون. پوءِ سيني ۾ نور الاهي پيدا ٿيندو. ذڪر حق سان بي انداز روشنائي پيدا ٿيندي. سڌون معدي نفس باندر جي رهڻ جي جاءِ مان پيدا ٿينديون. آهن سڌن جي دونهين سان دل ڪاري ٿي ٿئي. جنهن ڪري آدمي جي دل خدا ڏسڻ کا انڌي ٿيو پوي. هاڻي ثابت ٿيو ته جيڪي حق جا ذاڪر آهن سڄي عمر تائين جسم جي قيد مان نه نڪتا ۽ معراج حاصل ڪري نه سگهيا. سي بهشت جا حقدار آهن. نڪي ٻيا جيڪي ان باندر نفس جا فرمانبردار آهن.
حضرت دائود نبيءَ کي حضرت عشق شهنشاهه سڌن کان بچڻ ۽ مخالفت جو تاڪيد ڪيو هو. ان جو به اهوئي سبب هو. یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلْنٰكَ خَلِیْفَةً فِی الْاَرْضِ فَاحْكُمْ بَیْنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ وَ لَا تَتَّبِـعِ الْهَوٰى.يعني اي دائود بيشڪ اسان توکي زمين تي پنهنجو نائب ڪري موڪليو آهي پوءِ تون ماڻهن ۾ انصاف سان حڪومت ڪر ۽ سڌن جي تابعداري نه ڪجانءِ. ان مان ثابت ٿيو ته نه رڳو عام ماڻهن کي سڌن ۽ گمراهي کان منع آهي. مگر نبين ۽ خاصن کي به سڌن جي تابعداري مان گمراهيءَ جو خطرو آهي. ڇو ته خداوند ڪريم دائود نبي کي صاف ٿو ٻڌائي ته توکي سڌن جي تابعداري گمراهه ڪندي. هر هڪ سڌ کي تصوير آهي.جنهن ڪم جي سڌ ٿيندي ان ڪم جي تصوير دل ۾ بت وانگر ٽڪاڻو ڪري ويهندي. پوءِ جنهن دل ۾ نفساني تصويرون جا بت موجود آهن ته ڄڻ ان آدمي انهن بتن جي پوڄا ڪئي. انڪري اهو آدمي مسلمان نه ليکبو مگر مشرڪ ڪافر بت پرست چئبو. پوءِ جنهن جي دل نفساني سڌن جو بت خانو هوندي ته اتي ذات ذوالجلال جي عشق پاڪ جي آمد ڪيئن ٿيندي. ان دل ۾ انبيائن ۽ اوليائن جو اچڻ به نه ٿي سگهندو.
عام آدمي انڌا ۽ عشق کان اوجهل ان ڪري آهن جو هنن جي دل ۾ غير حق جي محبت گهر ڪري ويئي آهي ۽ سڌن انهن جي دل جي آئينه کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. مثال ڪوبه آدمي جهاز ٿو هڪلي يا ٻڪريون ٿو چاري ته رات جو ننڊ ۾ سندس وات مان اهي هڪلون ۽ آواز پيا نڪرندا سڀاڻي حشر ۾ به اهي آدمي الله کي فيصله ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڪونه ڏيندا قبر ۾به ساڳيو بيان پيا ڪندا ۽ پڙهندا پيا هاڻي ٻڌايو ته اهڙن کي بهشت ملڻ مشڪل آهي. يا سولو . الله ڏسڻ ۽ ملڻ ته پري رهيو.
ڪهڙا نه مسلمان بيوقوف آهن. ائين نٿا سمجهن ته جيئن آسمان زمين ۽ بهشت ٺاهيا آهن ان کي به ڪو زيب زينت يا حسن هوندو ته جيڪو بادشاهن جو بادشاهه آهي. اڳ ۾ گهرجين ته ان جو ديدار طلب ڪن. پوءِ ڏٺي مختيار آهن پوءِ جي نه وڻين ته اسان تي مبارکن ۽ ساري عمر غير حق جي جيڪر گهر ئي ڪونه ڪن دنيا .عقبيٰ جي بادشاهه جي صورت ڏسي دنيا عقبيٰ کي ٿڪ هڻن رسول الله حديث فرمائي ته ان الله لا ينظر اليٰ صورکم ولکن الله ينظر عليٰ قلوبکم بيشڪ الله تعاليٰ اوهان جي تصويرن ۽ مال ملڪيت ڏي ڪونه ٿو ڏسي مگر اوهان جي دلين ڏي ڏسي ٿو.
آدمي جي قلب تي الله جي نظر ان ڪري آهي ته ڏسان ته ماڻهن جي دل ۾ منهنجي محبت ۽ يادگيري آهي يا نفساني سڌون ٿا رکن الله به دلين پرکڻ لاءِ اهو امتحان رکيو آهي.
قرآن ۾ آهي ته اِنَّمَا جَزٰٓؤُا الَّذِیْنَ یُحَارِبُوْنَ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ یَسْعَوْنَ فِی الْاَرْضِ فَسَادًا اَنْ یُّقَتَّلُوْۤا اَوْ یُصَلَّبُوْۤا اَوْ تُقَطَّعَ اَیْدِیْهِمْ وَ اَرْجُلُهُمْ مِّنْ خِلَافٍ اَوْ یُنْفَوْا مِنَ الْاَرْضِؕ-ذٰلِكَ لَهُمْ خِزْیٌ فِی الدُّنْیَا وَ لَهُمْ فِی الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ عَظِیْمٌۙ(۳۳) يعني جيڪي ماڻهو الله ۽ رسول سان وڙهن ٿا ۽ ملڪ ۾فساد پکيڙيندا ٿا وتن. انهن جي اها ئي سزا آهي ته قتل ڪيا وڃن سا سوليءِ تي چاڙهيا وڃن انهن جا هٿ پير وڍيا وڃن يا زمين تان ڪڍيا وڃن.انهن لاءِ دنيا ۾ اهائي رسوائي آهي ۽ انهن تي آخرت ۾به وڏو عذاب ٿيندو.
الله ۽ رسول ﷺ سان لڙائي ڪهڙي آهي خداجي زمين ۾ فساد ڪهڙو آهي اها لڙائي آهي الله ۽ رسول حڪتمن جي نافرماني ڪرڻ . ٻي طرح آدمي ذات ذوالجلال سان ڪهڙي جنگ ڪري سگهندو. اها بي فرماني آدمي جي وجدو مان پيدا ٿيندي آهي. ساسڀ نفساني سڌن جي تابعداري مان ٿيندي آهي.
هن مان ثابت ٿيو ته سڌن جو دل ۾رهڻ نفس جو چيو مڃڻ گويا الله سان ۽ الله جي رسول سان جنگ ڪرڻ برابر آهي. زمين ۾ فساد ڪرڻ زمين به اها دل آهي جنهن جو عرض الله واسعت لقب آهي ان ۾ فساد ڪرڻ به سڌن جي تابعداري ۽ پوڄا ڪرڻ آهي . نوراني دل کي وهمن جي دونهين سان ڪارو ڪرڻ معرفت جي روشنائي بند ڪرڻ دل الله جو تخت آهي ان کي نفس جي وهمن جي قبضه ۾ ڇڏڻ ائين آهي جيئن رسول الله جي تخت تي ابوجهل کي ويهارڻ.
حضرت سليمان جو تخت ۽ منڊي ديو جي هٿ ۾ اچڻ وڏي نامناسب ڳالهه آهي. پوءِ اهڙي جا هٿ پير وڍيا ويندا. سوليءَ تي لٽڪائي زمين تي ناس ۽ نابود ڪيا ويندا. انهن لاءِ دنيا عقبيٰ ۾ وڏو عذاب آهي.يعني انهن نفس پرستن ۽ هوس جي پوڄارين کي حالانڪه انهن کي آسماني سير لاءِ پرواز جا اوزار به مليل هئا.آخرت ۾ اهي ۽ سندن هٿ پير وڍيا ويندا. جيئن سندن روح به سير نه ڪري سگهي توحيد جي گفتار ڪرڻ وارو سِرُ سوليءَ تي چڙهيو.
سر ۾مکيه ٽي شيون رکيل آهن. ڪن اکيون ۽ زبان آهي روح جا مکيه دروازا آهن. جنهن سرکي روحاني طرح اندران گهٽو اچي ويو سو ڄڻ سوليءَ تي چڙهي مري ويو. ان جون اکيون ڪن ۽ زبان بند ٿيا. ڪن خدا جي الهام ٻڌڻ لاءِ آهن زبان توحيد جي گفتار ڪرڻ لاءِ آهي ۽ ذڪر الاهي ڪرڻ لاءِ اکيون عرش جي شهود ۽ ديدار لاءِ آهن اهي سڀ روح جا غضوا نفس جي تابعداري ڪري بند ٿي ويا آهن. ڇو ته جڏهن روح جو سفر نفساني هوسن ۽ سڌن جي ڪري لٽجي ويو. پوءِ مکيه عضون جي بيڪار ٿيڻ ڪري لاشو بنجي ويو.خَتَم الله عَليٰ قُلوبِهم وَعَليٰ سَمهعِم وَعَليٰ اَبَصارِهِم جو اهو مطلب آهي دنيا عقبيٰ ۾ ان کان ٻيو ڪوبه وڏو عذاب ڪونه آهي جو آدميءَ جو روح هٿن پيرن کان ٽنڊو گونگو ۽ ڪنن کان ٻوڙو ۽ اکين کان انڌو بنجي وڃي . اهوعذاب ڪافي آهي. وَ الَّذِیْنَ یَنْقُضُوْنَ عَهْدَ اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مِیْثَاقِهٖ وَ یَقْطَعُوْنَ مَاۤ اَمَرَ اللّٰهُ بِهٖۤ اَنْ یُّوْصَلَ وَ یُفْسِدُوْنَ فِی الْاَرْضِۙ-اُولٰٓىٕكَ لَهُمُ اللَّعْنَةُ وَ لَهُمْ سُوْٓءُ الدَّارِ( ۲۵). يعني جيڪي ماڻهو خدا جي وعدن کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ٽوڙين ٿا ۽ خدا تعاليٰ جي لاڳاپن جي قائم رکڻ جو حڪم فرمايو آهي انهن کي به ٽوڙين ٿا ۽ دنيا ۾ فساد ڪن ٿا. اهڙن تي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ هن جهان ۾ خرابي هوندي، ان آيت جو مطلب به اهو آهي. خدا جي نافرماني ۽ الست واري انجام کي ٽوڙڻ ۽ سڌن جي خيالن جي تابعداري ڪرڻ لاءِ سڀئي شرارتون پيدا ٿين ٿيون پوءِ ذات ذوالجلال انهن وهم پرستن کي پاڻ وٽان تڙائي جهنم ڏانهن ٿو موڪلي. بهلول داناءَ به دنياوارن کي چريو ڪوٺيو آهي. قرآن پاڪ به اهڙيون ثابتيون موجود آهن. اَلَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ تَطْمَىٕنُّ قُلُوْبُهُمْ بِذِكْرِ اللّٰهِؕ-اَلَا بِذِكْرِ اللّٰهِ تَطْمَىٕنُّ الْقُلُوْبُؕ(۲۸). يعني جن ايمان آندو تن جي دلين خدا جي ذڪر سان قرار حاصل ڪيو. خبردار الله جو ذڪر ۽ ياد سان دلين کي سڪون ۽ قرار ملندو آهي. خدا جو ذڪر قلب جوقرار آهي. حق جا ذاڪر قلبي قرار ۾ آهن ان مان معلوم ٿيو. ته خدا جي ذاڪرن کانسواءِ ٻين دنيا وارن آدمين جا قلب بيقرار آهن. چرين ۽ سودائن جي دل پريشان ٿيندي آهي.ڏسو ته دنيا وارن جوقلب رڳو نفساني خواهشن سان پريشان ٿيو. خدا جو ذڪر دانائي ۽ ذاڪر داناءَ آهن. وهم ناداني ۽ وهمن وارا نادان آهن.
رسول الله ﷺ قلب جي ڪس لاهڻ لاءِ فرمايو آهي. ته قلب جي ڪس ذڪر الاهي کانسواءِ نه لهندي ڇو ته قلب پاڪ جاءِ آهي جنهن ۾ ذات حق جي رهت آهي. ان ۾ پاڻي به وڃي نٿو سگهي ٻين عضون جي غلاظت پاڻيءَ سان ڏوپندي آهي مگر دل ۾ اگر ڦڙو پاڻي جو ڦڙو پئجي ويندو. آهي ته هڪدم هشڪ اچي ويندو آهي. قلب اهڙي نازڪ شيءِ آهي. جنهن ۾ شاهه اعظم جو آشيانو آهي.
ساهه هڪ جهلي وانگر آهي. جيئن بنگلن ۾ پکا هوندا آهن. ائين هي ساهه قلب جي ڪوئي ۾ هوائي جهلي آهي ته متان شاهه اعظم کي ان قلب جي ڪوٺي ۾ ڪا تڪليف ٿئي.
روح به ذات جو حصو آهي ان قلب جي صفائي لاءِ ذڪر الاهي ٺاهيل آهي جنهن جي ڪمائڻ سان قلب صاف ٿيندو. آهي.
حديث: لکل شيءِ صقاله الکدورت صقالت القلوب ذکر الله تعاليٰ. يعني هر هڪ شيءِ لاءِ ڪٽ ۽ زنگ لاهڻ لاءِ اوزار موجود آهي. دلين جي صفائي الله جي ذڪر سان ٿيندي آهي.
حديث قدسي: “انا جليس من ذکرني انيس و استانِسُ بي.” خدا جي ذڪر سان خدا همنشين رهي ٿو. جتي عشق آيو اتي سڀ ڪجهه حاصل ٿيو. من له الموليٰ فله الکل. جنهن پنهنجو پاڻ موليٰ جي حوالي ڪيو پوءِ سڀ ڪجهه ان جو ٿيو. مومن جو قلب ذات ذوالجلال جو تخت آهي. قلب الموءمن عرش الله تعاليٰ مومن اهو آهي. جيڪو ذڪر الاهي ۽ دم ڪمائڻ سان دل جي صفائي حاصل ڪري. ان جو قلب الله جو آئينو ٿئي. مومن ان کي چئبو آهي. نڪي رسمي مسلمان کي آدميءَ جو وجود ۽ قلب عرش اعظم جو نقشو آهي. جنهنکي هوسن جا پردا چڙهيل آهن. هر هڪ آدميءَ جي وجود ۾ نوَ پاسريون آهن. اهي پاسريون نون ئي آسمانن جو نقل آهن ۽ نون ئي آسمانن جو نقشو انهن ۾ آهي ساري دنيا عقبيٰ جو نقشو آدميءِ جو وجود ۾ آهي. جيئن ڪِن تسبين ۾هڪ ٻانگو هوندو آهي. جنهن ۾ مڪه مدينه ۽ ڪعبه جي تصوير لڳل هوندي آهي. ۽ نظر وجهڻ سان سمورين تصويرون ڏسبيون آهن. ان طرح آدميءَ ۾ به ڪثرت ۽ وحدت ٻيئي ڇاپيل آهن معدو ۽ شهوت اهي زمين وارا هيٺيان طبقه آهن معدي جي هر هڪ عادت زمين وانگر آهي، هوس، حرس، طمع، حسد، ننڊ، دغا ۽ خودي جن جي ڪري آدمي جسم جو قيدي ٿي زمين تي ٿو رهي ۽ وحدت جو سير نه ٿو ڪري سگهي .آدمي جي وجود ۾ شهوت تحت الثريٰ آهي. آدميءِ جي وجود ۾ نوَ کنڊ آهن. جيڪي سوراخن مثل اٿس.جيڪي هي آهن ڪنن جا ٻه سوراخ ٻه اکيون. ٻه سوراخ نڪ جا. ستون وات اٺون اڳيون سوراخ ۽ نائون پويون سُوراخ. جيڪو به انهن سوراخن جي حد ۾رهيو سو قيدي آهي. جيڪو انهن سوراخن جي حد ٽپي هليو سو شاهه ٿيو. اهو نون ئي آسمانن مان پار ويندو. جنهن لاءِ فقيرن چيو آهي ته.

لنگهي ويو نو کنڊ کان غازين جو غوغاءُ
من عروج الروح تيز الفلڪ سناسين ثناءُ
شهودين شماءُ. عرش مٿائون اڀريون.

لنگهي ويو نوَ کنڊ کان. مردن جو معراج
عاشق ويا اتاهين. پائي لولاڪي تاج
لاحد لااحتياج. ڀڳائون هن ڀول کي
( شاهه)
عاشق ٿيا. عشق ۾ آڌوتي عدم
جا ٿي دم نه قدم پهتا انهيءَ پار ۾

وڃي پهتاسون اتهين، نيهي ٿي نرواز
نڪو سج نه چنڊ ڪونه ڪو اور نه پار
نڪا ڌرتي نه آسمان نڪا هنَ هُن سنڀار
نڪو غوث نه قطب ڪو نه اولياءُ اوتار،

نڪو ذڪر ۽ مذڪور آهه نه ذاڪر ۽ اذڪار
نڪا جان جسم آهه نڪي قدم دلدار
نه الست ۽ قالو بليٰ . نڪا ڪن ڪوڪار
ڪثرت وحدت ڪانه ڪا، نڪي آدم ئي اظهار
هي هو ٻئي هڄي ويا منجهان پرت پسار
نه معشوق نه عاشق رهيو. نه طالب نه تنوار
صوفي منجهه سنسار نيهي گم ٿيا ناهه ۾.

جيڪو به فقير هنن نون کنڊن مان ٻاهر نڪتو ته عرش اعظم ان جو آشيانو آهي. ٽنهي جهانن ۽ بيحد ملڪ جو سير ان جي حواله آهي اهو ائين جو اک مٿي کڻندو ته بقا با الله جي ملڪ ۽ تخت تي پهچندو ۽ اک هيٺ ڪندو ته پاڻ کي ڏسندو. جيڪو صرف ذڪر سان هلندڙ آهي ۽ پرهيزگاري ۽ عبادت ۾ ٿو گذاري مگر جيئري جسم مان نٿو نڪري سگهي ته اهو انهن ملڪن ۾ نه پهچندو. مگر معراج ماڻي ڪونه سگهندو.
يقين ڄاڻو ته جيڪو جسم جو قيدي آهي سو هلاڪ آهي. جيڪو قيد کان آزاد آهي سوبي باڪ آهي. جيڪي آهي سو عشق ۾ آهي. جيڪو عشق جي راهه ۾ آهي سوبي باڪ آهي. آدمي عشق کانسواءِ نابود آهي. جيستائين طالب وجود جي نون کنڊن مان نٿو نڪري تيستائين الله جو عاشق آهي ۽ الله ان جو معشوق آهي. اگر ٻاهر نڪتو ته فقير ماشوق ۽ الله عاشق آهي جيسين الله جو عاشق آهي تيسين فراق جي باهه ۾ پيو سڙندو. معشوق جا ناز ڏک ۽ تڪليفون پيو سهندو. الائي جي ڪڏهن عاشق تي راضي ٿيندو. معشوق لاپرواهه هوندو ته عاشق نياز ۾ رهندو. طالب کي کپي ته اهڙي مردانگي ڪري وجهي جو الله کي پاڻ تي عاشق ڪري وجهي.جيتر عاشق آهي تيتر عاشق جو حال ڏکيو آهي. جڏهن جسم مان نڪتو ته سڀئي نفساني هستيون حق جي هستيءَ اڳيان نيست نابود ٿي ويندس. پنهنجو سر عشق ۾ نذرانو ڏيندو.
جسم مان نڪرڻ لاءِ طالب کي هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي. اٺن پهرن مان ڇهه پهر اوجاڳو ڪري. گفتگو گهٽ ڪري. صبر ۾گذاري، گهمڻ ڦرڻ وقت به نظر پنهنجي سيني ۾هجيس، هيڏي هوڏي نه نهاري. نهارڻ سان دم قضا ٿي ويندس. دنيا وارن جي گفتار ڪنن سان نه ٻڌي ڪچهري ۾ ويهي ته پاڻ کي اڪيلو سمجهي. گهر ۾ رهي ته مهمان ۽ مسافر وانگي رهي.ا لله کان سواءِ ڪنهن سان به دل نه لڳائي. ظاهري طرح معمولي مائٽي رکي. دنيا جي دوستن کان دوستي توڙي ڇو ته انهن مان گمراهي ٿيندس. ذات ذوالجلال جي دوستي سولي نه آهي. جڏهن دنيا جي سڀني دوستن سان دوستي ٽوڙيندو تڏهن ذات ذوالجلال جي ساڻس دوستي ٿيندي.
ڏسو ته رن جي دوستيءَ لاءِ ڪنهن عورت کي ڇڪ ڏيندا آهن ته هوءَ به اڳ ۾ قسم کڻائيندي آهي ته تنهنجي ڪنهن ٻي رن سان ته ياري نه آهي. جي آهي ته اڄ اُها ختم ڪر ته پوءِ اُها رن نيئن يار سان ياري رکندي. ڏسو ته دنيا جي رن به ٻيون سڀ دوستيون ختم ڪرائي پوءِ ٿي ياري رکي. ڪيڏا سوٺا ٿي کڻائي باقي جيڪو مالڪ الملڪ ۽ احڪم الحاڪمين آهي ۽ سڀني حسينن جو بادشاهه آهي جنهن جو لقب سلطان خوبان آهي. کل يوم هو في شان جنهن جو روزانو نئون شان آهي ۽ نئون حسن رکندڙ آهي. جيستائين دوستن جي دوستي ۽ مائٽن جي مائٽي دل ۾هوندس تيستائين حقيقي دوست دوستي ڪيئن ڳنڍيندو. هميشه هڪ ٿانوَ ۾هڪ جنس واري شيءِ پوندي آهي. يا دنيا جي دوستي دل ۾ رکي يا الله جوعشق دل ۾ رکي الله ۽ دنيا هڪٻئي کان خلاف آهن ۽ هڪٻئي کان ڌار آهن.
بيت
کيست ديوانه که دنيا وخد ، خواهدو گويد که يابم هر دورا
اهڙو ڪير آهي جيڪو چوي ته دنيا به هجي ته خدا به هجي، ٻئي گڏ هجن
جاهل است وبي حرد مرده عقل، که خداو دنيا به بيندد ريک محل
اهوجاهل بي عقل ۽ مئل وارو آهي. جيڪو خدا ۽ دنيا کي هڪ محلات ۾ڏسڻ چاهي.
عشق ازدنيا وعقبيٰ فارغ است، تخت لامکان برياد است.
عشقن دنيا کان آزاد آهي. عشق لامڪان جي تخت تي رهندو آهي.
عشق گويد جزخدا چيزم جو عقل گويد ماسوار راترک گو.
عشق چوي ٿو ته خدا کانسواءِ ڪجهه به نه گهر عقل چوي ٿو ته ماسو کي ڇڏي ڏي
عشق دارد جاءِ اندر لامکان عقل دارد جاءِ اندر اين جهان
عشق جي جاءِ لامڪان ۾ آهي عقل جي جاءِ هن دنيا ۾ آهي.
مصطفيٰ فرمود دنيا ساعت. هر که دروي رفت رانده رحمت
مصطفيٰ فرمايو آهي ته دنيا هڪ گهڙي آهي. جيڪو ان ۾ ويو ته رحمت کان محروم ٿيو.
عشق گيري عشق گيري عشق گير. ترک دنيا گير تابشي امير
عسق وٺجانءِ عشق وٺجان عشق وٺ دنيا ترڪ ڪر ته امير ٿئين.
وربه دنيا چيست ترک خويشتين، از جسم رفتن به پيش ذولمنين
دنيا ڇا آهي پاڻ کي ترڪ ڪرڻ آهي جسم مان نڪري الله وٽ حاضر ٿيڻ بهتر آهي.
همچون پروانه به پيش ذوالجلال، سوختن کلي وجود پرو بال
پروانه وانگر ذوالجلال اڳان سموري وجود کي کنڀن سوڌو ساڙڻ (بهتر آهي)
ترک گيري جان وتن راگرتمام، وهو معکم رابه بيني وسلام
جيڪڏهن جان جسم کي ترڪ ڪندين ته جيڪو توساڻ آهي ان کي ڏسندين.

ترڪ هن طرح ٿيندو آهي. معراج واري رات فقير جسم مان ائين نڪرندو آهي. جيئن نانگ کل لاهي ان مان نڪري ويندو آهي. کل به سوڌ نانگ جهڙي ٿيندي آهي. اکين وات ۽ مڇن سميت کل لاهيندو آهي. پوءِ کل ڪنهن گند ۾ پيئي هوندس ۽ پاڻ گهمندو وتندو. روح جو جسم مان آسمان ڏانهن نڪرڻ جيئڻ ترار مياڻ مان ڪڍبي آهي ۽ مياڻ جو مهانڊو به ترار جهڙو هوندو آهي. تيئن روح جي شڪل صورت به بوتي جهڙي آهي جسم مياڻ مثال آهي. روح ترار مثل آهي .ترار قيمتي آهي مگر جسم جي ڪابه قيمت ڪانه آهي. جڏهن جسم جي مياڻ مان روح جي ترار نڪتي ته ان کان پوءِ روح کي ستين آسمان کان اورتي ترسڻ ۽ ٽڪڻ نه ٿيندو اتي وڃي مئي خاني جي ساقيءَ ۾ غرق ٿيندو. جتي توحيد جي حسن جو حمام خانو آهي. فقير ان ۾ پنهنجي رت سان تڙڪندو سِر وڍرائنيدو. پِير مغان هادي حضرت رهنما علي اسا الله الغاب جي هٿان شرابا طهورا جو جام وٺندو. اها ملڪوت واري جاءِ موليٰ جي آهي. جيڪو ويندو ان کي خبر پوندي ته ويندو سو بيخبر آهي. ان جاءِ جوقرآن ۾ ذڪر آهي ته.

وَ یُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰى حُبِّهٖ مِسْكِیْنًا وَّ یَتِیْمًا وَّ اَسِیْرًا(۸)اِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِیْدُ مِنْكُمْ جَزَآءً وَّ لَا شُكُوْرًا(۹).
ترجمه: اهي ماڻهو خدا جي محبت خاطر غريبن يتيمن ۽ قيدن کي کاڌو کارائين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان اوهان کي فقط خدا جي رضامنديءَ لاءِ کاڌو کارايائون ٿا. اسين اوهان کان نه ان جو بدلو گهرون ٿا. نه شڪريو ٿا گهرون.اها خبر اٿو ته مسڪينن يتيمن ۽ قيدين کي موليٰ عليه السلام ڪهڙو کاڌو کارايو. ۽ الله جي منهن مان ڇا مراد ڪلام الله ٻه معنائون ٿو رکي ظاهري معنيٰ به اٿس ۽ ٻي باطني معنيٰ به اٿس نه رڳو هيءَ ظاهري معنيٰ اٿس. ٻي معنيٰ ته مسڪينن ڪير آهي طالب جو فقير آهي . جيڪو معرفت الاهي جو سوالي ۽ بکيو آهي. معرفت ۽ توحيد جو نوراني يزداني حسن جو طعام جنهن کي کارايائين سو ساري عمر اڍاپي ويو. مدينته العلم جي دروازي تان لدني علم جي طالب کي طعام مليو ۽ شرابا طهورا وارو جام به موليٰ علي عليه السلام وٽان ٿو ملي. يتيم به طالب آهي جيڪو الله کان ڌار ڇورو ٿي ٿو گذاري يتيم لاءِ پيءُ جو ملڻ ڏاڍو ضروري آهي. جو طالب کي حضرت شاهه موليٰ علي سائين ملڪوت مان جبروت ۾ حضرت رسول ڪريم وٽ پهچائي ٿو پوءِ اتان طالب کي رسول الله رسول الله ﷺ لاهوت ۾ ذات ذوالجلال وٽ رسائي ٿو. پوءِ يتيم طالب لاءِ عنايت آهي پوءِ هو لا احتياج ٿيو. جن کيس آسماني معراج ڪرايس ۽ سچي بادشاهي ڏيکايس انهن رهبرن جو ساري عمر احسان مند رهندو.
قيدي به حق جو طالب فقير آهي جيڪو هن ٻانهپ جي وجود ۾ قيد ٿيل آهي.قيديءَ لاءِ آزادي جهڙي ٻي ڪابه خوشي ڪانه آهي. شاهه اولياءُ حضرت علي ڪرم الله وجهه طالب جو ٻانهپ وارو قيد ڀڃي ٿو ۽ قيد کي آزاد ٿو ڪري محمدي معراج ۽ بادشاهي معرفت جي مسند عطا ٿو ڪريس ۽ طالب کي فنا في الله جو درجو وٺرائي ٿو. جنهن ڪري طالب ساري عمر ٻانهپ کان آزاد ٿوٿئي. جيئن مولانا جلال الدين روميءَ فرمايو آهي.
بيت
آنچه اندا خت به روئي علي، افتخار هرنبي وهرولي
مولا علي جي منهن مبارڪ ۾ هر هڪ نبي ۽ هر ولي جو فخر پيل هو
چون تويابي آن مدينه علم را. چون شعاع آفتاب حلم را،
جڏهن تون علم جي شهر کي لهندين، تڏهن تون بردباريءَ جي سج کي پهچندين.
باز باش اي باب رحمت تا ابد ابارگاه ماله کفوا احد
اي رحمت ۽ بارگاه رب العزت جا دروازا تون قيامت تائين کليل رهه
يُوفون بِالنذرِ ، اهو سر جي نذراني جو اشارو آهي. جو طالب ستين آسمان تي پنهنجو سر ميخاني جي ساقي ۽ توحيد جي اڳيان نذرانو رکندو آهي. سر جي نذراني جي عيوض وحدت جي مٽ منجهان جيڪو ساقي صاحب جي تخت جي سيرانڌيءَ واري پائي جي ڀرسان رکيل آهي. ان مان طالبن کي جام پياريو ويندو مُّتَّكِـٕیْنَ فِیْهَا عَلَى الْاَرَآىٕكِۚ-لَا یَرَوْنَ فِیْهَا شَمْسًا وَّ لَا زَمْهَرِیْرًاۚ ترجمه: پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. نه اتي گرمي ڏسندا نه سردي اها موليٰ علي جي تخت جي ڳالهه آهي. ان جاءِ تي سج چنڊ ڪونه آهي. اهو تخت مقام ملڪوت ۾ آهي. روزاول کان ان شرابا طهرا جي ساقيءَ موليٰ عليءَ جو روح ان تخت تي ويٺل آهي. وَ یُسْقَوْنَ فِیْهَا كَاْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِیْلًاۚ يعني انهن کي اهڙا شراب جا پيالا پياريا ويندا جنهن ۾ سنڍ مليل هوندي اهو پيالو رنگين ۽ پٽُ دار آهي. وَ یَطُوْفُ عَلَیْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَۚ يعني انهن وٽ اهي شيون اهڙا نيگر وٺيون پيا ايندا جيڪي هيمشه ڇوڪرائي رهندا. اهو شاهه حسن شاهه مردان ساقيءَ جي طواف ۽ حسين صورت جو بيان آهي. تخت تي پاڪ روح نابالغ بغير مهاسن جي حسين ويٺل آهي. اهي طالب ان تخت واري ساقيءَ کي طواف ڪري گهور ٿيندا آهن. وَ اِذَا رَاَیْتَ ثَمَّ رَاَیْتَ نَعِیْمًا وَّ مُلْكًا كَبِیْرًا(۲۰) ۽ جڏهن تون ان کي ڏسين ته توکي وڏي نعمت ۽ وڏي سلطنت ڏيکاربي.
بيت

مي روي اوبين کي اندر ان جهان فکرت پنهان است آن گردو عيان
اي هن جهان ڏي ٿو وڃين اندر ته ڏس. ته تنهنجي لڪل سوچ ظاهر ٿيندي.
يعني سردار دوجهان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جنهن رستي سان معراج تي پهتو آهي اها ستين آسمان واري وڏي بادشاهي ڏسندو ته يقين ٿيندو. ان مان معلوم ٿيو ته علي ۽ محمد جي عنايت سان طالب معراج تي وڃي سگهي ٿو. عٰلِیَهُمْ ثِیَابُ سُنْدُسٍ خُضْرٌ وَّ اِسْتَبْرَقٌ٘-وَّ حُلُّوْۤا اَسَاوِرَ مِنْ فِضَّةٍۚ-وَ سَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُوْرًا(۲۱) يعني انهن کي سنهي ريشم جا ڪپڙا هوندا ۽ ٿلهي ريشم جا ڪپڙا به ڇا لاءِ ته هر لباس ۾ لطف آهي ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ وڌا ويندا ۽ انهن کي سندن پالڻهار پاڪ شراب پياريندو. اها اُن تخت پٿرڻين ۽ چانديءَ جي ٻانهين جي ڳالهه آهي.
سلطان الا اولياءَ فقير محمد زمان ۽ فقير عبد الرحيم گروهڙي مرشد ساقي مولا علي سائين جي هٿان شراب پيئڻ جو احسان مڃيو آهي.
بيت

ساقي مئي خانه باشد صلاح ، گرخدا گوئيم ميگرد مباه
مئي خاني جي ساقيءَ کي سونهين ٿو. جيڪڏهن خدا چئونس ته به رواٿئي ٿو.
سوره هل عطيٰ سموري حضرت موليٰ عليه السلام جي تخت حوض ڪوثر ۽ بادشاهي جي بيان ۾ آهي. سورت دهر جو به ساڳيو مضمون آهي.
اسان فنا في الوجود ۽ فاينما تولو فثم وجه الله وارو عرصو چوڏهن ڏينهن چوڏهن راتيون حوض ڪوثر جي ساقيءَ سان گڏ ۽ همدم رهياسون. پوءِ غين جو نقطو ڊٺو ۽ نسورو عين ٿي پياسين.غين عبديت جي وجود آهي. جسم مان فقير نڪرڻ کانپوءِ عين ٿي پيو. هي ڳالهه اکئين ڏٺي ٿا ڪريون.
آدمي جو وجود روحاني ترار جو مياڻ آهي. جنهنجي وجود الله اثبات نه ڪيو ته ان جو روح ڪاٺ جي ترار آهي ڪاٺ جي ترار وارو جنگ جي سڌ ئي نه ڪندو. پهلوانن جي سامهون جنگ تي وڃي نه سگهندو جنگ آهي محشر جي جتي ڪاٺ جي ترار ڪم نه ايندي بي حاصل اتي ڪهڙي عزت لهندو. جتي انبياءَ ۽ عاشق جو هر دار ترارين سان بيٺا هوندا. ان ميڙ ۾ بي حاصل لڄي پيو ٿيندو. ڪاٺ جي ترار جنگ جو ڪم ڪانه ڏيندي مگر ٻارڻ جو ڪم ڏيندي. ڪاٺيءَ جي ترار آهي دنيا جو ماڻهو جيڪي جسم جي قيد مان نه نڪتا. انهن جي عزت ايستائين آهي جيستائين جيئرا آهن. مئي کان پوءِ انهن جي ڪاٺ جي ترار باهه ۾ پوندي ۽ مياڻ اڏهي کائي ويندي آدمي لاءِ باهه جهنم جي آهي وقود ها الناس والحجارتُ . يعني ان باهه جو ٻل ماڻهو ۽ پٿر آهن. جيڪي ماڻهو هوسن ۾ گذاري مرن ٿا. مئي کان پوءِ انهن جي قبرن تي ڪتا پيا مٽندا. آدمي جي سڄي عمر جو سڌون عرش عظيم جي هيٺيان هڪ جڳهه آهي اتي گڏ پيون ٿينديون. آهن. هر هڪ سڌ جي شڪل باهه جي الي وانگر آهي. جيڪي آدمي جو مرڻ کانپوءِ باهه جا الا ٿي ان ماڻهوءَ جي قبر۽ لاشي ۽ روح کي لڳن ٿيون هر هڪ سڌ الو بنجي تحت الثريٰ تائين پهچي وري نڪري ٿي. جيئن سڪي ڪاٺي اڀي ڪري پاڻيءَ ۾ زور سان اڇلبي ته تري تائين پهچي وري جلدي مٿي ٻاهر نڪري ايندي آهي. ان طرح ان سڌڙيئي ماڻهوءَ جي قبر تي الن جي اچ وڃ لڳي پيئي هوندي. جيستائين سندس سڌن جا کپندا تيستائين اهو آدمي سڪ لڳو بيٺو هوندو. مگر جن الله جو ذڪر ڪمايو تن لاءِ هر هڪ دم جو نور پيو گڏ ٿيندو. ذاڪر جي قيد مٿان نور جون بوندان پيون وسنديون هن جو روح سدائين خوش رهندو. الله نور السموات والارض جي حقيقت اها آهي.
جيڪڏهن ڪاٺيءَ جي ترار واري ڪامل مرشد عاشق بقا باالله واري وٽان رهبريءَ جي جوهر دار ترار هٿ ڪئي ته وڏو ڪم ڏيندس. ذڪر اسم اعظم هيري جي ترار آهي. اها مليس ته سڙڻ ۽ شرمساريءَ کان ڇٽي پوندو. فقيرن عاشقن وٽ هيري جي ترارن سان ڪوٺيون ڀريل آهن. جيڪو به مٽائڻ ايندو ته کيس ڪاٺ جي ترار بدران هيري جو ترار ڏني ويندي ۽ ورتي کانپوءِ جي اها هيري جي ترار نه وهايائين ته ڪٽجي ڪاٺي جي ترار کان به گهٽ ٿي ويندي. نه ڪمائڻ سان مرشد جو ڪوبه قصور ڪونهي. جيڪو طالب ذڪر ڪمائيندو ته انکي فائدو ٿيندو.
مرشد جي هٿ تي طلب وٺڻ سان طالب سندس در تي وڪامي ٿو وڃي عربيءِ ۾ بعيت معنيٰ وڪامڻ آهي. جنهن پاڻ کي وڪامڻ ڄاتو ته ان جو مطلب ٿيندو. جيڪڏهن ڄاڻي ٻجهي مرشد تان ويساهه گهٽ ڪيائين ته الله ڏانهن جبل جيترو وحجاب اچي ويندس. حيف انهن کي آهي جن ذڪر وٺي ۽ پوءِ ڪمايو نه هيري جي ترار بوتي جي مياڻ ۾ رکي رکي ڪٽي ڇڏيائون. جسم جي قيد مان نڪري عليين مڪان جو سير نه ڪيائون.
عشق جي اعظم درياهه کي موج آئي جنهن مان ڪثرت جو جهان ٺاهيائين جنهن موج ۾ مڇيون سير ڪرڻ لاءِ ۽ ٻي کائڻ پيئڻ لاءِ ٻاهر نڪتيون انهن مان سياڻيون مڇيون هن موج کي فاني سمجهي پاڻي جي ڪر ڏسي يڪدم واپس موٽي ويون ۽ وڃي درياه ۾ پيون. اهي مڇيون موت فوت کان آزاد ٿي بچي ويون ڇو ته درياهه جو پاڻي بقادار آهي اهي درياهه ۾ وڃي لايموت ٿي ويون. جيڪي اسم اعظم ڪمائي موٽي وڃي ساڳي درياه اعظم ڪمائي موٽي وڃي ساڳي درياهه اعظم ۾ گڏيا سي عزرائيل کان به لنگهي ويا. پوءِ انهن تي موت آهي ئي ڪونه.
بيت

عشق جي درياهه جنبش جوش مان موج طغياني ڪئي اندر جهان.
هي سڀئي پاڻي انهيءَ درياهه جو. هي سپهه سالار آ ان شاهه جو.
موج مستي عشق جي هي هو جهان شاهه اعظم ۾ آهه هر زمان
بحر گوناگون طغياني مثال، موج موجان عشق حضر لايزال.
جمله عالم وحدت وڪثرت تمام عرش ڪرسي آسمان سڀ تا قيام
بحر اعظم عشق ۾ ڪک جي مثال. جنهن ڏٺو درياهه معلوم تنهنکي حال
داٻ دهشت ساڻ درياهه ٿو وهي، بحر آ ڀرپور موجان ٿو ڪري
موج فاني ڪثرتي عالم عدم شاهه درياهه عشق جو زنده قدم

بيوقوف مڇيون نه موٽيون اٿل ۾ رهجي ويون موج جو پاڻي جڏهن سڪڻ لڳو ته مڇيون به اچي دٻن ۾ پيون آخر دٻن جو پاڻي به سڪي ويو دٻن جي ٻاهران گدڙ به انتظار ۾ ويٺا هئا. پوءِ هر هڪ مڇي کائيندا پيا وڃن. انهن کي پوئتي نه موٽڻ ۽ دُٻن ۾رهڻ جي اُها سزا ملي. هاڻي سمجهيو ته جن آدمين کي وساريو تن سان به اها حالت ٿيندي. حقيقت ۾هيءَ دنيا انجي موج آهي. آدمي جو وجود دٻو آهي. گدڙان جو نفس ۽ خيال آهن جن دنيا کي بقادار سمجهيو ۽ وجود ۾ رهجي ويا ذات وارو وطن وساري ويٺا. پاڻ کي وجود وارو دٻو سمجهي اصل روحاني وطن نه پروڙيائون. ڀائيائون ته اهو وجود سدائين رهندو. من عرف نفسه فقد عرف ربه جو قول ڪوڙو سمجهيائون. ايتري تائين انهن جو نفس انهن جا دم کٽائي کائي ويو پوءِ انهن مڇين وانگر موت گدڙ جو کاڄ ٿي ويندا پوءِ جيڪو آدمي ان نفساني خيالات جي گدڙن کاڌو، ته اهو دنيا عقبيٰ ٻنهي ۾ مري ويو ۽ ناز جهنم جي حوالي ٿيو.
بيت
مردود ٿي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا
حباب ئي هئا، انهيءَ واديءَ وچ ۾.

هن وجود کانسواءِ هر هڪ آدمي کي ٻيو وجود به آهي. اصلي وجود اهو آهي هي نقلي وجود آهي. هي وجود هن وجود جي پوشاڪ آهي. جيڪو هن پوشاڪ تي عاشق ٿيو سو مئو. آدمي کي هي وجود خاص الله جي ڳولي لهڻ لاءِ مليو آهي. جنهن هن کي وجود هوندي الله نه لڌو تنهن ڪي ڪين ڪيو. هي اکيون الله جي ڏسڻ لاءِ آهن جنهن اکين سان الله نه ڏٺو تنهن ڪجهه ڪونه ڪيو. جن اکين عشق نه ڏٺو سي اکيون انڌيون ڀليون. من کان في هذه اعميٰ فهو في الآخرت اعميٰ. آيت انهن اکين جي بيان ۾ آهي هي ڪن عرش اعظيم جي الهام ٻڌڻ لاءِ آهن. جن ڪنن هوندي به ذات ذوالجلال جو الهام نه ٻڌو سي ڪن ٻوڙا ڀلا. جنهن زبان عشق توحيد الاهي جو ذڪر نه ڪيو سان زبان گونگي ڀلي. ان زبان کان ڪتي جي زبان ڀلي جيڪو مالڪ جي در تي ڀوئڪي ٿو. جنهن سر ذات حق پاڪ کي روحاني سجدو نه ڪيو اهو سر سوليءَ تي لٽڪيل چڱو. جيڪي هٿ پير حق جي خدمت ڪرڻ کان منڪر آهن. اهي وڍيل ۽ ٺوٺا ڀلا. انهن جو وجود تي هئڻ بيڪار آهي. جن جو سينو عشق الاهي جي محبت نٿو رکي اهو سينو کوري ۾ سڙيل چڱو جنهن دل ۾ دنيا جي محبت ٽڪيل آهي اها دل شيطان جو تخت گاهه آهي. جنهن دل ۾ ذات ذوالجلال جو ذڪر جاري آهي اها دل ذات ذوالجلال جو تخت گاهه آهي. علامت حب الله ذڪر الله علامت بغض الله عدم ذڪر الله. يعني الله جي محبت جي نيشاني ان کي ياد ڪرڻ آهي. الله سان دشمني جي نيشاني کيس وسارڻ آهي.
قيامت ۾ ذات ذوالجلال جهانن جي سڀني آدمين کان پڇندو ته اوهان کي اکيون ڪن دل ۽ ٻيا عضوا ڏٺاسون انهن سان دنيا مان ڇا حاصل ڪيوَ دل اوهان کي ان لاءِ ڏني هيم ته ان ۾ منهنجي محبت ۽ ياد رکجو. اوهان ائين ڪونه ڪيو مگر دنيا جي محبت ۽ يادگيري رکيوَ ڀلا ٻڌايو ته دنيا جي محبت مان ڇا حاصل ڪيو؟ جيڪو آندو اٿو ته ٻڌايو۽ اوهان کي ڪن ڏنا هيم منهنجو عرشي الهام ٻڌو مگر اوهان دنيا جون ڳالهيون ٻڌيون.پوءِ اوهان کي دنيا جي بڪواس مان ڇا هٿ آيو؟ اوهان کي اکيون ڏنيون هيم ته مونکي ڏسجو پوءِ توهان مون کي ڪونه ڏٺو. دنيا دنيا مان ڇا ڏسي انڌيون ڪيو. ائين هر هڪ عضوي جي پڇا ڪندو ته مان اوهان کي عرش عظيم جا موتي ۽ تحفا ڏنا هئا اهي ڪيئن خرچ ڪيوَ اِنَّ السَّمْعَ وَ الْبَصَرَ وَ الْفُؤَادَ كُلُّ اُولٰٓىٕكَ كَانَ عَنْهُ مَسْـٴُـوْلًا (۳۶).بيشڪ ڪنن اکين ۽ دلين خواه سڀني عضون جي باري ۾ پڇا ٿيندي. جنهن بعد سڀ آدمي پيشمان ٿيندا. ڪوبه جواب نه ڏيندا. شرمساريءَ ڪري رڪوع ۾ بيٺا هوندا. ان وقت ذات ذوالجلال عشق بادشاهه کي اهڙي لاابالي هوندي جو سندس سخت ڌمڪين جي دٻدٻي سبب جبلن مان رت وهندو. انبياءَ اولياءَ ماٺ ۽ سڪوت ۾ اچي ويندا. پوءِ اهي آدمي رسول لله کانسواءِ بين نبين ڏي سفارش لاءِ ميڙ ٿي ويندا. حديث: يشفع يوم القيمته ثلثله انبياءُ ثم شهداءُ ثم الفقر. مگر ان هوندي به ٻيا نبي سڳورا چوندن ته هت اسان جي ڀيڻي ڪانهي تنهنڪري توهان حضرت محمد ﷺ ۽ اسد الله حضرت علي المرتضيٰ ۽ حضرت امام حسين ۽ اهل بيت ڪرام ۽ عاشق عارفن وٽ وڃو جيڪي سرڪار جي حاضري ۽ طواف ۾ ۽ حامل العرش آهن. يعني عرش کي ڪلهو ڏيئي کڻن ٿا. پوءِ اهي انهن وٽ ويندا. اهي انهن ويندا ۽ شفاعت ڪندن ۽ اهي آزاد ٿيندا جيستائين قيامت اچي تيستائين بي دريافاتا جيل ۾ پيا هوندا. ضامنن کڻڻ کان پوءِ سرڪار جيتري به سزا ٻڌين.
بيت
عشق لا پرواهه آهي بادشاهه تاجداري هر دو عالم رشڪ ماهه.
لايزالي عشق جي اهڙي آهي.عام کي ڪا ڪل اها اصلي ناهي.
عشق آدم کي تڙايو بهشت مان، زار رواريو رڙايو درد سان.
عشق ذڪريا کي چيرايو هو کڻي لاابالي عشق جي آهي گهڻي.
عشق يعقوب کي ڪيو دردي تمام، يوسف کي ڪيو مصري غلام.
عشق ابراهيم کي آتش ۾ وڌو، عشق اسمائيل لاءِ خنجر ڪڍيو.
عشق عيسيٰ لاءِ ڪئي سولي تيار، عشق لاءِ علي ڪيو سر اختيار.
عشق احمد کي ڏٺو معراج دين، وحدتي واصل ٿيو حق اليقين.
عشق حيدر جي جي هٿان خيبر ڀڳو، تلف ۽ تاراج قلعي کي ڪيو.
شهه حسن ڏس زهر سان ٿيو هو شهيد عشق جي هئي مدعا اصلي مزيد.
عشق ڪربل ۾ ڪيو درد عظيم هئي حسين ابن علي ابن ڪريم.
عشق ڪربل ۾ ڪئي قيامت قرار، شهه شهادت کي رسيا سڀ تاجدار.
عشق منصور کي ڪيو سوليءَ سوار، دار تي سورهيه ڪيو سر کي نثار.
شمس تبريزي سندو ملتان ۾، پوش لاٿائين مرد جو ميدان ۾.
عشق پيڙايو گهوٽ گهاڻي بلاول بينظير، عشق پيڙايو عشق جو عاشق اسير.
سر عنايت شاهه جو نيزي چڙهيو، عشق بلها شاهه بازر ۾ڪٺو.
عشق جا هي حال سڀ ٻڌندا وڃو، ڇا ڳڻيان ڪهڙا چوان سڻندا وڃو.
عشق جا مڙيئي ٻڌو احوال هي، جي پڇو ٿا عشق جي تان قال هئي.

عشق اهڙو بي پرواهه آهي. جن وٽ آيو تن سان هلتيون ڪيائين. انهن تي مصيبتن ۽ دردن جا طوفان کڙا ڪيائين. عشق ڏکن کان ڪنهن کي به واندو ڪين ڇڏيو ٻيا ته ٺهيو پر اسان جي اهل بيت گهراڻي تي ڪيترا ڏکن جا طوافان موڪليائين. پر انهن کي ڏکن ۽ قتل مان فرحت ٿي آئي عشق وٽ عاشق جو معراج تڪليفون آهن ته پوءِ عامن کي جيڪي سکن جا پليل آهن انهن کي هن درگاهه ۾ڪهڙي تعظيم ملندي.
هي نفس هڪ وڻ آهي جيڪو دل جي صحن تي خيالات جا پن ٿو ڇاڻي. جيڪڏهن دم دم سان خدا جو ذڪر ڪري پاڪ صحن تي ٻهاري ڏبي ته سڀ پن ٻهار جي ويندا. شاهه اعظم جو رهڻ به صاف دل ۽ پاڪ جاءِ ۾ ٿيندو. جنهن دل ۾ ذڪر جي ٻهاري نه هوندي ته اها دل نفس ۽ شيطان جو ٽڪاڻو آهي، جيڪو فقير جسم مان نڪري معراج تي ويو. ته ان نفساني هوسن وارو وڻ لاجي ڪهاڙي سان ڪپجي ويو ان کانپوءِ فقير کي ذڪر فڪر جي ضرورت نه رهندي پوءِ سڀني ٻانهپ واررين عبادتن کان آزاد ٿيو. ڇا لاءِ عبادت حقيقت جي شهر ڏانهن پهچڻ لاءِ هڪ رستو آهي. جيڪو حقيقت جي شهر ۾ پهتو ته ان تان پنڌ ڪرڻ معاف ٿيو. هو حقيقت جي شهر جو مالڪ ٿيو. اتي هن جو تخت گاهه آهي. حديث: من اراد العبادت بعد الوصول فقد اشرڪ بهي يعني جنهن وصال کانپوءِ عبادت جو خيال ڪيو ته ڄڻ ان معبود سان شرڪ ڪيو. پوءِ ان الله سان ملي اڃا ڪو ٻيو الله ڳوليندو ڇا. اهڙي کي ٿُڪ آهي جيڪو واصل به سڏائي ۽ عبادت به ڪري ته اهو ڪوڙو آهي. اهڙي جو طالب ٿيڻ تي نه کپي. جنهن جو معراج ڪيل هوندو ته اهو ڪهڙيون نمازون پڙهندو. يا حج ڪندو. ڦڙو درياهه ۾پوڻ کان پوءِ درياهه ٿي پيو پوءِ اهو ڪهڙي درياهه کي ڳوليندو. غلام مان چڱائي نه ٿيندي توڙي کڻي نيڪ هجي.
مراقبو انتظار آهي ۽ عبادت منٿون آهن، جيڪو پاڻ ئي منٿائو آهي ان کي فقير نه چئبو.
بيت
هر آنکه خويشتن گم است کرارهبري کند
يعني جيڪو پاڻ ئي گمراهه هو ته اهو پين جي رهبري ڪيئن ڪندو.
اهڙو ماڻهو ناقص آهي. سرور ڪائنات ناقِص کي ملعون سڏيو آهي.معراج جي صاحب جا طالب ازخود سڌري ويندا. ڇاڪاڻ ته ڪامل مرشد هر هڪ حد ۽ سندن رهبري پيو ڪندو رهندو ۽ توحيدي گفتار ذريعي کين آسمانن جي رازن کان کين واقف پيو ڪندو. ڪامل مرشد روحاني طرح رسول الله ﷺ واري منزل رکي ٿو ۽ فيض به ساڳيو رکي ٿو.
مرشد جي باري ۾ رسول الله ﷺ حديث فرمائي آهي ته
وَجعلنا شيخ الکامِل نافع اِنسانِ کما جعلنا نبي آخر زَمان. وَجَعلنا شيخ الناقِص الفاسِد الانسانِ کَمَا جَعلنا رَجيم الشيطان
يعني اسان جوڙيو آهي ڪامل انسان کي مرشد ڪري جيڪو ماڻهن کي نفعو پهچائي ٿو. ائين آهي جيئن نبي آخر الزمان هو ۽ اسان جوڙيو آهي ناقص انسان کي مرشد ڪري جيڪو ماڻهن جا نقصان ڪري ٿو اهو ائين آهي جيئن تڙيل شيطان آهي.
ڪامل ته رهبر آهي مگر ناقص مرشد جا طالب ڪيئن سڌرندا. جيڪڏهن هن جا طالب شهود ڏسندس ته کين کولي ڪين ٻڌائي سگهندو ڇو ته نمازي انڌو مدد جي بجاءِ نوراني تجلات کي شيطاني استدراج چوندو. ان ڪري هن جا طالب منجهي بيهي رهندا ۽ کين خشڪي ٿي پوندي. ۽ سودا ٿي پوندن. پوءِ دماغ خراب سان بڪواس ڪندا وتندا ۽ هو وري ڊاڙون پيو هڻندو ته منهنجا طالب مجذوب ٿي پيا آهن. ڇو ته هو خود ئي ڪامل نه آهي ته ٻين کي ڪمال تائين ڪيئن پهچائيندو. گهاڻي جي ڏاند وانگر سدائين ساڳي جاءِ تي پيا ڦرندا.
طالب هميشه محبت سان سڌرندو آهي ڪامل عارف وفات کان پوءِ به روحاني طرح طالب جي مدد ڪري سگهي ٿي. ان جو روح طالب سان گڏ رهي ٿو. آخر معراج لاءِ به طالب سان سونهون ٿي هلي ٿو. معنوي صورت ۾کيس ٽٻيون هڻائي ٿو. ناقص مرشد جا طالب سندس ائين شيطان کنيون پيو ويندو جيئن لوسي ڪتن اڳيان گدڙ واڙ مان گهٽا کنيون ويندو آهي.
مصرح: جاڏي کائي جهاز تاڏي گيڙَ ڳوڙهو ئي نه هڻي. يعني گدڙاتر گهٽي سوڌو پيو ويندو ته لوسي ڪتو وري ڏکڻ پيو پڇ لوڏيندو. ناقص مرشد جو اهو حال آهي اسان پاڻ به طالبي واري وقت ۾ هڪ طالب ڪيو هو. جنهن تمام گهڻو ذڪر ڪمايو هو. تيز دم ڪمائڻ سبب کيس ڪجهه ڪشف حاصل ٿيو. مگر هلندي هلندي کيس خشڪيءَ سبب سوداءُ ٿي پيو. اسان کي ته خبر ئي نه هئي ته ڪو سوداءِ جي ڪري ذڪر جي مَٽَ سَٽَ ڪبي آهي ۽ هو ويچارو مونجهه ۾ مري ويو.
هاڻي اسان کي جسم مان نڪتي کان پوءِ طالبن جي سڌرڻ جي خبر پئي آهي طالبي واري وقت ۾مرشد طالب کي سڌاري ڪين سگهندو. ناقص مرشد جسم جي قيدي کي چئبو آهي جيڪو به جسم مان نڪل نه آهي. ته ان کي طالبن ڪرڻ جو حق نه آهي. طالب کي کپي ته اڳ ۾ محمدي معراج جو مرشد کان پڇي. جيڪڏهن معراج ڪيل نه هجيس ته بعيت نه ڪريس.
نامور گادي نشين جيڪي عارفن جي گادي تي ويٺا آهن انهن وٽ الله جو ڏس ئي ڪونهي. قحط ڏڪر اٿن. ڀڙ ڀينگ ۽ ڪاري رات اٿن. معنيٰ ۽ توحيد جي خبر ئي ڪانه اٿن. جيئن ڏهن ورهين جي ڏڪر ۾ وڻ به سڙي سڪي ويندا آهن. اهي گادي نشين اڪثر ڪري عيش عشرت ۾ لڳل آهن. وڏن کي ساراهي ٽڪر پيا کائين. پاڻ نه ڪمايائون انهن لاءِ قرآن فرمايو آهي: فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ غَیًّاۙ(۵۹) يعني پوءِ سندن پويان پيڙهيءَ تي ويٺا جن نماز به ڇڏي ڏني ۽ سڌن جي پٺيان لڳا پوءِ جلدي کين سٺيءَ کوهه ۾ اڇلايو ويندو. اهي غيا دوزخ جا حقدار آهن. غيا ايترو اونهو آهي جو ان ۾ پٿر اڇلائبو ته پنجاهه ورهيه تائين به ان جي تري تائين ڪونه پهچندو. جنهن طالب اسم اعظم جي ٻهاري سان دل جي صحن جي صفائي ڪئي ته اهو جلد حق کي رسندو. معنوي معراج ڪري من خدايم جو طبل وڄائيندو. پوءِ اهو هميشه عليين مڪان ۾ رهندو. جنهن سڄي ڄمار اجاين خيالن ۽ وهمن ۾گذاري ته اهو هميشه سجين مڪان ۾رهندو. جتي يا ويلنا ۽ يا ليتني کنت تُرابا جون دانهون ڪندو. يعني مون سان ويل آهي جيڪر خاڪ ٿي وڃان پيو چوندو.
بيت
کڻ ڪهاڙو لاجو اي مرد خدا، وهم ٻانهپ کان ٿي هڪدم جدا.
ڏي ٻهاري عشق جي شام وسحر، هن ٻهاريءَ مئون پوئي حق جي نظر
تان ٿيئي معراج وحدت جو وصول، تاج تحت لامڪاني جو حصول.
معرفت منصب مقامِ من خدا تاج لالوڪي ٿيئي عاشق عطا.

اسان اڳيئي چئي چڪا آهيون ته رسول خدا پير موليٰ عليه السلام ۽ سندن خاندان حق جا رهبر ۽ استاد هئا. عام جي سمجهاڻي. ڪاڻ عبادت ۽ نماز پڙهندا هئا نه ته انهن کي نماز جي ضرورت ڪانه هئي. رسول الله ﷺ معراج کانپوءِ نماز ۽ ذڪر فڪر کان لااحتياج هئا مگر ٿين نبوت جو بار هو. رندن عاشق نماز جي ڪاڻ ڪانه ڪڍي حديث طلب الدليل بَعد الوصول ممنوع قبيع .وَصال بَعد دَليل جي طلب ڪرڻ سخت منع آهي. ڇو ته جيستائين هاريءَ جي پوک ننڍي هوندي آهي تيستائين خدمت ڪرڻ مٿس لازم آهي پيهي جي مند ۾جهار تڙندو آهي لاباري کانپوءِ ڳاهي صاف ڪرڻ ان کڻي اچي گهر ۾ رکندو.۽ پوءِ پيهو ڊاهي ڦٽو ڪندو آهي. ان کڻڻ کانپوءِ ڪلر پاڻي يا هور هور ڪيائين ته بيوقوف چئبو. الاهي عشق به محبت جي پوکي آهي. ان جي سار سنڀال ۽ خدمت مرشد ڪامل جي صحبت ۽ مجاهدو اٿس. پيهو ان جو وجود ۽ کانڀاڻي ذڪر نفي اثبات اٿس غير خيال جهار ٿس، غير خيال الوهيت جي ان جا دشمن آهن. جنهن طالب دل جي گنديءَ ۾ ذڪر الاهي جو ان وڏو . پوءِ اهو لقاءَ الاهي ۽ معنيٰ جون مانيون ويٺو کائيندو . پوءِ اهونماز جي هور هور کان آزاد ٿيو. پيهو به ڊاهي ڇڏيندو، وجود جي هستي فنا ڪيائين پوءِ هن تي نماز به لازم نه آهي ۽ ذڪر جي کنڀاڻي به ڦٽي ڪندو.
رسول الله ﷺ ٻانهو ان ڪري پي سڏايو ته عام ماڻهو ٻانهپ کان چڙهي احديت جي حد تي پهچي ڪين سگهندا. عرب آدمين جي عقل مطابق رسول الله ﷺ جو ٻانهو سڏائڻ موافق هو، ڇو ته تڪلمون الناس عليٰ قدر عقولهم. يعني ماڻهن سان سندن عقلن مطابق ڳالهايو. ماڻهن کي سمجائڻ لاءِ سندن عبديت واري جنس بنجي ڳالهايائين.جو کين ان طرح سان هدايت ٿي پي سگهي.خاص ڪچهريءَ ۾ سندن گفتار انا احمد بلا ميمي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به چئي ويندا هئا ته کبريائي ردائي عظمت ازاري، فمن ناز عني فدخله النار، مگر عام ماڻهن کان راز لڪائڻ لاءِ چوندا هئا ته ابا قدسي حديث اٿو. جيڪا رسول الله ﷺ جي زبان مبارڪ مان نڪتي قرآن به ته رسول الله ﷺ جي زبان مان نڪتو. جيڪڏهن. جبرائيل آڻي ها ته جبرائيل کي زبان ڪانه هئي ڇا، جو ماڻهن کان ڏهه ويهه قدم پري ويهي ٻڌائي ها. يعني استفت من قبلک لو افتاک المفتون.يعني توڙي مفتي فتويٰ ڏين تڏهن به دل کان فتويٰ وٺندا ڪريو. حق ناحق دل کان پڇو ان مان سمجهو ته رسول الله ﷺ ۽ ذات ذوالجلال ۾ ڪو فرق آهي. جنهن جي زباني گفتار الله جو ڪلام ٿي سڏجي.اها خبر ويساهه سان سمجهو.اهو شاهه اعظم خاڪي وجود جا ڪپڙا پائي چمڙا پوش ڪري ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ آيو هو. ماڻهن جا اهنج سهنج نيڪي. بدي معلوم ڪري کين هدايت ڪيائين. الله احمدي وجود جي آڙ ڪري عرب جي جاهل ماڻهن کي پڙهايو. کين توحيد جو ڪلمون سيکاريائين. بادشاهه توڙي پاڻ کي ٻانهون چوي ته به اسان ته کيس بادشاهه سمجهنداسون پاڻ کي جيڪڏهن ٻانهو چوايائين ته اهو ان جي قرب جوڳالهائڻ هو.
بيت
گر گويد شاهه خود رابنده ام، ليکه ما آن شاهه را دانده ام،
بادشاهه جيڪڏهن پاڻ کي ٻانهو چوي ته به سان کي بادشاهه سڃاڻون ٿا.
شاهه راجو لاهه گر گويد کسي، او سزايابد که او باشد خس
بادشاهه کي جيڪڏهن ڪو ڪوري چوندو ته اهو پاڻ خسيس آهي سزا کائيندو
عبد گفتن عام رانه بود روا، شاهه راجولاهه گفتن ناروا،
عام کي ٻانهو چوڻ نه گهرجي، بادشاهه کي ڪوري چوڻ روا نه آهي،
شاهه راجو لاهه گفتن شد گناه شاهه عاليجاه دائم بادشاهه
شاهه کي ڪوري چوڻ گناهه آهي.عزت وارو بادشاهه سدائين بادشاهه هوندو آهي.
چغد تاريکي کجا شد شاهباز ، اين حقيقت رابدان او راهه جاه
اوندهه واري چٻ شهباز ڪيئن ٿيندي.هن حقيقت جي رستي کي سمجهه
چغد رابا شد وطن ويرانئه شاهباز لامکاني لانئه
چٻ ويرانن ۾ رهندي آهي. شهباز ته لامڪان جو رهاڪو آهي.
شب پرتيره کجا عنقا کجا، جاءِ داردا وهيمشه در سما،
ڪاڏي چمڙو ڪاڏي عنقا باز، عنقا سدائين فضا ۾ رهندو آهي.
شب پرتاريکي وتيره فهير، نيست جنس مرغ نور مستطير
جيئن اونداهي رات چوڌاري پکڙيل هئي. پکڙيل نور ڪائنات تي ڪنهن پکيءَ وانگر نه آهي.
هڪ دفعي رياست جو والي مير علي نواز خان اسان وٽ موٽر تي چڙهي آيو. صحبت ڪندي چيائين ته مان اوهان فقيرن جو غلام آهيان مون ۾ جيڪو ڪم ڪار هجيوَ ته مان نياز مند حاضر آهيان. بادشاهه جيڪو غلامي جو لفظ استعمال ڪيو. سوهن پنهنجو قرب ڳالهايو غلام چوڻ ۾ غلام ٿي ڪونه پيو. ان چوڻ ڪري اسان بادشاهه کان ڪو غلاميءَ جو ڪم وٺون ها ڇا؟ چئونس ها ته اسان کي ڪاٺين جي ڀر ڪري ڏي يا دلا ڀري ڏي مگر بادشاهه پاڻ کي غلام چوڻ سان غلام ڪونه ٿيندو. ان طرح عام آدمي به جيڪڏهن رسول الله کي ٻانهو چوندا ته ڏوهاري ٿيندا. جيئن دنيا ۾ ڪو بادشاهه کي ڪوري سڏيندو ته ڪيتري ته ڪاوڙ لڳندي آهي رسول الله ﷺ کي به عبد يا ٻانهي سڏڻ تي ائين ڪاوڙ لڳندي آهي رسول الله ﷺ اهو چيو جيڪو قرآن ۾ آهي ته ” وما رميت اذ رميت ولکن الله رما“ موجود آهي جيڪڏهن رسول الله ﷺ کي ٻانهون ڪوٺيندا ته شفاعت جي ڪهڙي اميد رکندا. ٻانهو ڪهڙي شفاعت ڪري سگهندو ٻانهي کي شاهه اعظم جي اڳيان ڪهڙي طاقت آهي شاهه اعظم ڄاڻندس ته شفاعت ٿيندن نه ته شفاعت کان جواب اٿن.
هڪ دفعي ڪنهن عارف وٽ هڪ سوداگر مهمان ٿي اچي ٽڪيو فقير جي صحبت ٻڌي حيرت ۾ اچي ويو. چوڻ لڳو ته مان به ملڪ رليو آهيان سڄي عمر ۾ ههڙي خدائي صحبت ڪٿي به ڪانه ٻڌي اٿم، هي صحبت جي شوق ۾ ٻي رات به ٽڪي پيو فقير. کي چوڻ لڳو ته مون کي پنهنجي نالي ۽ ذات کان واقف ڪيو جو ٻئي دفعي اچان ته اوهان جو پڇائي اچي لهان. تنهن تي فقير چيس منهنجو سچو نالو آهي. ته مان الله آهيان ٻنهي جهانن ۾ جتي به ڳوليندين ته مون کان سواءِ ٻيو الله نه لڀندءِ
بيت
منم ذات بيچون ووحت نيشان مبرا زاد راک کون ومکان
منهنجي بيچون ذات آهي ۽ وحدت نيشاني آهي.مان سمجهه سوچ ۽ ڪون ومڪان کان مٿي ۽ پاڪ آهيان.
تقدس منزه مراشد کلام همان دور ازلي مرا است مقام
پاڪائي تقديس وارو منهنجو ڪلام آهي. روز اول کان منهنجو وجود قائم آهي.
همه عرش وکرسي زمين و زمان منم شد ساخت من شهم درميان
سڀئي آسمان ۽ زمين ۽ عرش ڪرسي مان ٺاهيا آهن ۽ انهن ۾ منهنجي بادشاهي آهي.
منم آنکه شاهنشاهه بينظير سميعم عليمم خبير م بصير
آءُ بي مثل شهنشاهه آهيان جيڪو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ ۽ خبر وارو ڏسندڙ آهيان
منهنجو سچو نالو اهو آهي جيڪو ٻڌايو مان ءِ ڪوڙا نالا ته دنيا جي ماڻهن گهڻا ئي رکيا آهن. هو منهنجي اصلي نالي کان بيخبر آهن، ڪو مون کي ڀاءُ ٿو چوي ڪو چاچو چوي. ڪي وري مامون ٿا ڪوٺين، ڪي پيءُ ته ڪي وري ڏاڏو ٿا سڏين، ڪي ٻائو چون ته ڪي منصور ته ڪي وري جنيد پيا سڏين ڪي جادوگر ته ڪي فريبي سڏين ڪي رحمان ته ڪي شيطان چون، ڪهڙو نالو ٻڌائي ڪهڙو ٻڌايانءِ
بيت
من ام در شهر کو ران کس مارانه ميبيند
مان انڌن جي شهر ۾ آهيان ان ڪري مون کي ڪير به سڃاڻي ڪونه ٿو.
ميروم جائيکه مارا به چشمانه مي بيند
آءُ ان جاءِ تي وڃان جتي مون کي ڪير به ڏسي ڪين ٿو، منهنجي سچي نالي جي ڪنهن کي به خبر نه آهي.توڙي فقير پاڻ پنهنجو نالو ٻڌاين ته به اعتبار نه ڪيائون.جي اعتبار ڪن ها ته منهنجي ڏسڻ سان ٻئي الله جي ضرورت ڪانه پوين ها. پر منهنجي پوشاڪ ۽ کاڌي پيتي ڏي ڏسي ڀلجي پيا. جن مون کي نه سڃاتو ته قيامت جي ڏينهن به منهنجي ڏسڻ لاءِ سڪندا، ۽ جن نه سڃاتو ته انهن کي جهنم ۾ اڇلائيندس مان هت آيو هيس ته جيئن مون کي سڃاڻن. ممبرن تي چڙهي هوڪا ڏٺم ته به نه سڃاتائون. اڳي جڏهن عرب ۾ ڄائو هُيس ته مون تي ڪلمون پي پڙهيائون توڙي ڪفرستان ۾ ڄائو هيس. هت ته هندوستان ۾ غريبن مسلمانن مان پيدا ٿيس ته اهي ساڳيا مسلمان جن مون تي ڪلمون پي پڙهيو سيئي لڙيا. رڳو صورت مٽائي آيس ته ڀلجي پيا.
بيت
جامان لک هزار پهريندڙ آءُ آهيان
ڪيم روپ اپار سير ڪيم صورت جو

ظاهر وارن جڏهن تصديق ۽ ثابتي ڪري مٿيان نالا رکيا ان ڪري مان به راز بند ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو. سمجهيم ته هڪ جي ڳالهه گهڻا ڪونه مڃيندا پنهنجي الوهيت واري نالي جو مان پاڻ شاهد آهيان.
بيت
من آنم که خود را دانم، ديگر کس نه مي داند
يعني مان اهو آهيان جيڪو پاڻ ٿو ڄاڻان ٻيو ڪري به نٿو سمجي
گهڻن نالن جي ڪري مون پنهنجو سچو نالو ظاهر ئي ڪونه ڪيو ڇو ته عام ماڻهو هن حال مان ڇا ڄاڻندا . ڏسو ته جيڪي رسول الله ﷺ جي طالبن جا طالب آهن سي به من خدايم جا نعرا ٿا هڻن ۽ قم باذني جا هوڪا ٿا ڏين. جيڪي رسول الله جي وحداني درياه جا واهه آهن. سي به اهڙيون موجان ۽ لهرون ٿا ڪن ۽ کنڊ ٿا وجهن باقي جيڪو محمدي درياه خود آهي ان ۾ موج طغياني نه آهي ڇا؟ ان ۾ ته عشق جي وڏي موج آهي. هيءَ وڏي عجب جي ڳالهه آهي ڏسو ان درياهه جي واهن جا ڪم. شاهه منصور شمس تبريز بايزيد بسطاني شيخ شبلي، شيخ جيندُ، اهڙا ڪيئي ٻيا عاشق فقير غلام حيدر منصوري دم ۽ در جي وارا ٻانهپ کان اهڙا بر خلاف هوندا آهن. جيئن مسلمان ڪفر جي جڻئي کان بيزار هوندا آهن. ڇو ته انهن عاشقن ٻانهپ وارو جڻيو ڇنو آهي ۽ عشق جو نئون تازو اسلام برپا ڪيو اٿن
علم جي عالم ۽ عشق جي عالم ۾ هي فرق آهي ته علم جو عالم منطق ۽ فقه پڙهي عالم فاضل مولوي ٿيندو ته ان کي علم مان اها روشني ملندي جو جڏهن ڪنهن آدميءَ تي نظر پوندس ته لاحول پڙهندو. ايتري علم مان شيطان جو ديدار نصيب ٿئيس. ٻين کي خبيث ۽ پاڻ کي ڀلو ڄاڻي فاينما تولو فثم وجه الشيطان ڏسندو، لاحول جو ورد زبان تي رکي اعليٰ ادنيٰ کي ڌڪاريندو وتندو. الله جي نالي بدران شيطان جو نالو هٿ آيس. هي جي سڃاڻي ها ته مشرڪ ۽ خبيث ته پاڻ کي سمجهي ها ڇو ته الله جي نالي کي گم ڪيون پاڻ کي اثبات ڪيون ويٺو آهي. شيطان به خود آهي ته ڪٽو ڪافر به پاڻ آهي ڇو ته سڄي عمر هن ڍڍرَ جي ٽهل ۽ خدمت ۾ ٿو گذاري بوتي جو غلام ٿي رهيو. ٻانهي جو ٻانهون ٿي گذاريائين. جي الله اثبات ڪري ها ته موحد ٿئي ها مگر هن پاڻ ظاهر ڪيو ان ڪري ملحد ٿي پيو.
موحد ۽ ملحد ڇا آهي؟ ملحد اهو آهي جيڪو هن بوتي ٻانهي جو ٻانهو ٿيو. سموارا دم ان بوتي جي خدمت ۾ تلف ڪيائين نفس کي پالي خوش ڪيائين . هي نفس الله جو ۽ اسان جو دشمن آهي. ان کي ڪڇ ۾ ڪري جيڪو پالي ٿو ان سان الله ڪهڙي مدد ۽ ٻاجهه ڪندو؟
اِنَّ مِنْ اَزْوَاجِكُمْ وَ اَوْلَادِكُمْ عَدُوًّا لَّكُمْ فَاحْذَرُوْهُمْۚ بيشڪ توهان جي اولاد ۽ زالن مان توهان جا دشمن آهن. انهن کان ڊڄو جو الله وساري ڄاڻي واڻي انهن جي خدمت ٿا ڪريو. الله جو ذڪر دم سان ڪرڻ وساري ڀولي نفس جي خدمت ۾ سڀئي ڳڻيل دم وڃائي ڇڏيو. اهي ان نفس ڀولي جا ائين خدمتي آهن جيئن رڇ کي پناگر سوٽيون هڻي پنائيندو ۽ نچائيندو وتندو آهي.
رڇ جو سارو ڏينهن حال اهو آهي جو در در تي لٺيون سوٽيون لڳنديس ۽ گهر گهر ڪري رلائنس، سانجهيءَ جو فقير چڱيون مانيون پنهنجي ٻچن جي اڳيان آڻي رکندو. رڇ کي پکي کان پري ڏر هڻي ڪنڌ ۾ سنگهر وجهي ڇڏيندس. رڇ جي اڳيان پاورٿا ۽ سڪل ٽڪر اڇلي ويندو هي رڇ انهن ٽڪرن کي ڏاڍي مشڪل سان چٻاڙي کائيندو.
رڇ آدميءَ جو وجود آهي جنهن کي حرص جي خيال جي نوڙي نڪ ۾ پيل آهي. نفس پناگر اٿس. سارو ڏينهن ڪمن ڪارن ۾ هت هت پيو پڇائيس ۽ نچائيس. سج لهڻ مهل هن جي حياتي جو پورو ٿيڻ آهي. زمين جي ڏر قبر اٿس. سڌن جي سنگهر سان قبر تي ٻڌو ويٺو هوندو. رڇ وانگر ساري عمر تباهه ٿي ويس.
بيت

حرص وارو آدمي رڇ جي مثال ٿو نچي در در اجايو بدافعال
ناچ جي مقصود رڇ وانگي خراب خوار، ظاهر ۽ باطن نه ٿئي هورستگار

ملحد اهو نفس آهي جيڪو ساري عمر رڇ وانگر بي سود نچي ٿو. موحد ان کي چئبو آهي جنهن پاڻ گم ڪري الله اثبات ڪيو. پنهنجي هستي حق جي هستي ۾ نابود ڪيائين. جيئن ڦڙو درياهه ۾ پوي ته عين درياهه ٿي پوي.

باب ستون: وحدانيت جي واکاڻ

---

وحدانيت جي واکاڻ

فقير عام ماڻهوءَ جي ماني نه کائيندو. جي کاڌائين ته دل تي بار ٿيندس. عام ماڻهو جي ماني کائڻ سان طالب جو ذڪر بيهي ويندو آهي. جاهل صوفي عالم ۽ ڪامل فقير سن حسد ڪندو. پر پٺ عالمن تي ٽوڪون پيو ڪندو. ڇو جو پاڻ جاهل آهي.
بيت : اکران دي وچ جوئي اڙيا. عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا.

اهو جاهل صوفي اکرن کي علم چوندو، معنيٰ کان بي خبي. اکر آهن دنيا جا وهم ۽ سڌون. جيڪو انهن ۾ اڙيو سو الله کان گمراهه ٿيو. مگر بي سمجهه کي اها خبر نه آهي ته عارفن جا توحيدي دفتر ۽ خدائي ڪلام به سڀ ڪلام الاهي آهن. جاهليت جي جملن چوڻ سان پنهنجو دين ايمان چٽ ٿو ڪري.
اهڙي جاهل صوفيءَ جي باري ۾هڪ هندوءَ ٻڌايو ته هالاڻيءَ ۾ان جو هڪ مريد هو. جڏهن هالاڻي ۾آيو ته مڙهيءَ ۾ ويو ۽ ٻه ٽي واڻيه به ساڻس گڏ هئا. مڙهيءَ ۾ مهاديوَ جي دڪي هئي جتي بت رکيل هئا. جيئن جواهو جاهل صوفي آيو ته مٿو ٽيڪي بتن کي اچي سجدو ڪيائين. واڻيه ڳالهه ڪئي ته مون کي پڪ هئي ته مسلمان جي مذهب ۾بتن کي سجدو ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي، مگر هن بتن جي اڳيان سجدو اسان کي ويساهه ڏياري مريد ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي. پوءِ مان سڃاتس ته هي ٺڳ آهي فقير نه آهي. جيڪڏهن خدا کي پهتل هجي ها ته مندر ڏي هلي ئي ڪين ها. اسان علم جو تاڪيد تڏهن ٿا ڪريون جو جاهل جي فقيري جو اهو حال آهي رسول الله ﷺ به اهڙن فقيرن لاءِ فرمايو آهي ته الفقر سواد الوجهه في الدارين. يعني اهڙي فقيري ٻنهي جهانن ۾ منهن ڪارائي آهي.
بيت
اول علم آموزو بعد ازان اين جابيا، جاهلان راپيش حضرت حق تعاليٰ نيست جا
اول علم پڙهه پوءِ هيڏي اچ ڇو ته جاهلن کي حضرت حق تعاليٰ اڳيان جاءِ ڪانهه ملندي
علم باطن همچون مسکه علم ظاهر همچون شير، کئي شود بي شير مسکه کئي شوبي پير پير
باطني علم مکڻ مثال آهي ته ظاهري علم کير وانگر آهي. کير کانسواءِ مکڻ نه ٺهندو ۽ مرشد کانسواءِ فقير ڪيئن ٿيندو.
اهڙي جاهل فقير جو مريد به جاهل ته ڪڪڙ بچن سوڌي انڌي عالم ۽ واصلي فقير جو طالب توڙي جاهل هوندو ته به صحبت مان چڙهي ويندو. ڇو ته مرشد کيس لامڪان کان تحت الثريٰ تائين واقف ڪيس. پوءِ اهڙو جاهل به علم وارو چئبو.
هڪ جاهل صوفي ڪنهن وڏي شهر ۾ واڻين مريدن ڏي ويو ساڻس پٽ ۽ پوٽا به گڏ هئا. پوٽن خواه پٽن کي سمجهايائين ته ڪپڙا واڻين جي دوڪان تان سٺا آڻجو جڏهن واڻيه ڪپڙا آڻين ته توهان پئسه مون کان گهرجو ته مان چوندس ته ابا پئسه ڪونه آهن. پوٰءِ پاڻهيئي پسئه مريد ڀريندا ۽ اوهان لاءِ سٺا ڪپڙا ٿي پوندا. آخر ڇوڪرن ڪپڙا آڻائي چيو ته ڏاڏا پئسه ڏي. پاڻ جواب ڏنائين ته ابا مسڪين فقيرن وٽ پئسه ڪٿا آيا. اهو ٻڌي ڇوڪرا روئڻ لڳا، جو سمجهايل هئا اها ڏسي مريد پئسه پنج سئو روپيه ڏنا هنن ويچارن کي خبر نه هئي ته اها ڪا گروءَ جي حرڪت هئي هوڏانهن پاڻ هزارن جو مالڪ هو. اهو آهي جاهل صوفيءَ جو ڇند ۽ مڪر.

بيت رومي صاحب
صوفيءَ دنيا پرست وناخلف، حب دنيا عمراو کرده تلف
دنيا جي طالب صوفيءَ نڀاڳي، دنيا جي محبت ۾ عمر تباهه ڪري ڇڏي
صوفيءَ مکار شد مردم فريب دام تزريزي کشيده مکر وفريب
مڪريل صوفي ٿيو ته ماڻهو ڦريندو. اٽڪل ۽ ٺڳيءَ سان ڦاهيون پيو اڏيندو.
تابدان سالوس دنيا راخرد ، بي خبر باخويشتين اين مکر کرد
تڏهن ته بيوقوف دين تي دنيا خريد ڪئي بي خبر اها ٺڳي ته پاڻ سان ڪئي
يخدعون الله ومايخدعون ، کل شيءِ يرجع اليٰ اصله
ٺڳي الله سان ٿا ڪن مگر پاڻ ٿا ٺڳجن، سڀ شيون پنهنجي اصل ڏانهن موٽن ٿيون.
اين جزائي في جهنم خالدين. بشنوو الله خير الماکرين
ان سزا سان جهنم ۾ ويندا، ٻڌو ته الله ٺڳن کان وڌيڪ سياڻو آهي.
صوفي روباهه گمرهه کرد خلق همچون گربه موش رابگرفت حلق
لومڙ جهڙي صوفيءَ خلق گمراهه ڪئي آهي. ٻليءَ وانگر ڪوئن کي نڙيءَ مان ٿي پڪڙي
همچون گربه ذاکر زيرد رخت : موش گر آيد زنددان سخت
جيئن ٻلي وڻ هيٺان ويهي ذڪر ڪندي آهي ڪئو ايندو ته سڪ چڪ وجهندي اٿس،
وان مريدان گويندا اين شيخ ڪهن در مراقب خلوتش باذاولمنن
اهي مريد چوندا ته هي وڏو پراڻو پير آهي. مراقبي ۾ خدا سان ڪچهري ٿو ڪري
چشم پوشيده است ازهل عوام بيخبر مردم کشوده است بدام
عام ماڻهن کا منهن ۽ اکيون ڍڪي ٿو اڻ ڄاڻ ماڻهو سندس دام ۾ ڦاسن ٿا.
شيخ کهنه شدو خودار اونه يافت لاجرم گشته مراکب ذڪر تافت
بزرگ ڪراڙو ٿي مگر پان کي نه لڌائين سندس مراقبه ۾ ذڪر اجايا ويا.
هرکه خود رايافت اوبي ذڪر شد نه براو خلوت نه چله فکر شد
جنهن پاڻ کي لڌو ته ذڪر بيهي ويندس انتي مراقبه يا چاليهي جي ڳڻتي نه هوندي
شيخ کهنه هست جويائي خدا. تاهنوار ذاکر است ودر فقا
شيخ ڪراڙپ تائين خدا کي ٿو ڳولي اڄ تائين هو جهد ۽ ذڪر ۾ بيٺل آهي.
چه مراقب غائب را انتظار ، ميکنده موش راد رختان شکار
مراقبو غائب جو انتظار آهي. اهو ڄڻ جهنگ مان ڪوئن جو شڪار ٿو ڪري.
شيخ شد کهنه مراقب درنماز دل بودرد جمع دنيا حرص آز
شيخ ڪراڙپ تائين مراقبي ۽ نماز ۾ آهي، دل دنيا جي گڏ ڪرڻ جي حرص ۾ اٿس.
انتظار است آن مراقب بهر حق، شيخ کهنه شدنه ديده مهر حق.
مراقبه ته الله لاءِ انتظار آهن. ڪراڙپ تائين الله جو ديدار نصيب نه ٿيس
چونکه نا ديده است حق را اونه ديده، زان مراکب زکروا دارد مزيد
جڏهن ته حق اڻ ڏٺل اٿس ڏٺوئي نه اٿائين، ان ڪري گهڻا مراقبا ۽ ذڪر ٿو ڪري.
چون خدا حاضر هي بيند فقير، نام بردن حاضر کار ضرير
فقير جڏهن خدا کي حاضر ڏسندو آهي ته پوءِ حاضر واري جو نالو وٺي سڏ ڪرڻ انڌي جو ڪم آهي.
شد مجاهد قطع که اوحق رابيافت، آفتاب معرفت بروئي بتافت
جنهن حق کي لڌوان تان مجاهدا معاف ٿيا، ان تي معرفت جو سج اڀريو.
ذکر باشد شمع بهر تيره شب، تاکه رهرو در رود راه رب
ذڪر اونداهي رات لاءِ شمع آهي ته جيئن واٽهڙو رستو وٺي سڌو الله ڏي وڃي.
چونکه خورشيد عنايت طلوع شمع شرمنده شده افگندر کوع
جڏهن عنايت جو سج اڀريو ته شمع لڄي ٿي نوڙي جهڪي پوندي.
پس غلط باشدبه جستن آفتاب باشمع بي عقل باشد درد باب
پوءِ سج کي اڀريل ڏسي ڳولڻ غلط آهي. روشني ۾ بتي کڻڻ بي عقل جو ڪم آهي.
از بهر خورشيد خورشيد گواه . شمع چه دهد گواهي شد تباهه
سج جو شاهد به سج ٿي ٿو سگهي شمع پاڻ ختم ٿي ويندي ڪهڙي شاهدي ڏيندي.
وان مريد ان چاپلوس وبي وقوف پيش مرشد نرم ميگويد حروف
اهي مريد خوشامدڙيا ۽ بوقوف آهن اڳيان جهڻيو پيا ڳالهائيندا.
ديگران را اوز گفتن لب گزند ، پس ز گفتن جمله خاموشي کنند
ٻين کي به ڳالهائڻ کان پيا چٻان ڏيندا. پوءِ جي ڪنهن ڳالهايو ته هي ماٺ ٿي ويندا.
هر کس راز يرلب آوازها، شيخ ما اندر ذکر در راز ها.
هر ڪنهن کي هوريان ڳالهائڻ لاءِ پيا چوندا. اسان جو مرشد ذڪر ۽ راز الاگي ۾ ويٺو آهي.
آن خوشامد گوو آن نا دان مريد شيخ ناقص را کنند همچون يزيد
اهي خوشامدي نادان مريد. ناقص پير کي يزيد جهڙو متڪبر بنائي ڇڏيندا.
وان مريد ان بردرش جمله خموش ، از بهر آواز شيخ گوش هوش.
اهي سندس مريد در تي ماٺ ۾هوندا ان جي آواز لاءِ ڪن ۽ ڌيان ڏيون ويٺا هوندا.
چون بدر آيدر خلوت شيخ نشين ، ميکند گفتار زير لب لعين.
اندر ويٺل پير جڏهن جو بيٺڪ مان ٻاهر ايندو ته اهو لعنتي هوريان پيو ڳالهائيندو.
نرم گفتار چون گربه حيله ساز، از برائي اثر مردم مکرباز
اٽڪلي ٻليءَ وانگر هوريان پيو ڳالهائيندو. ماڻهن کي اثر ۽ ٺڳڻ لاءِ
غره شيران حق چون رعد برقي، مي رود آواز شان برنه طبق
حق جي شينهن جو آواز گجگوڙ جهڙو ٿيندو آهي. انهن جو آواز نون طبق تي ويندو آهي.
مگر دنيا نرم گفتار بود، از بهر خود شيخ گفتار بود
دنيا جي مڪر جي گفتار نرم هوندي آهي. ماڻهن کي ٺڳڻ لاءِ شيخ جي اهڙي گفتار هوندي آهي.
آن مريد ان چاپلوس وياڙگو، درثنائي شيخ اندر گفتگو.
اهي خوشامدي ۽ بڪواسي مريد، شيخ جي تعريف ۾ مصروف هوندا آهن.
چاپلوس آن مريد ان کره خردست بسته جملگان افگندسر
اهي مريد کودڙا خوشامندي آهن. هٿ بڌيون سڀ سجده ۾ هوندس
شيخ مارا منزل لاهوت بس، هم بدين جاکس نه دارد دسترس
اسان جي مرشد جي منزل لاهوت آهي. سندس جاءِ تي ٻيو ڪير به پهچي نٿو سگهي.
اين نه مي داند اعميٰ شيخ را، که اندرون ناسوت گم گشته فنا
اهو نٿا سمجهن ته سندن مرشد انڌو آهي جيڪو هن دنيا جي جهان ۾ ئي گم ۽ فنا آهي.
طالب دنيا ست کافر ملحد آهي، کئي شود مردانهءِ حق مرحر
دنيا جو طالب ملحد ڪافر آهي. هي حق جو مرد موحد ڪيئن ٿي سگهندو.
از وجودنه مي آيدبدر ، بس کجا کرده بودسر سفر
هيءَ پنهنجي جسم مان ئي نه نڪتو آهي. پوءِ هن ٻيا سير سفر ڪٿان ڪيا آهن
چون که شد محبوس جا اوبه تن، همچون شب پر تيرگي دار وطن
جڏهن هي جسم ۾ قيدي آهي پوءِ ته چمڙي وانگر اوندهه هن جو ٽڪاڻو آهي.
ديگران راحق نمايد اوگهه حق راند ديده روبرو
اهو ٻين کي الله ڪيئن ڏيکاريندو هن ته ڪڏهن الله کي روبرو ڏٺو ئي ڪينهي.

هڪڙو جاهل صوفي ڪنهن ڳوٺ ۾ واڻين وٽ ويو. واڻيه وٽس حلوا پاپڙ ۽ پڪوڙا مصري مٺائي جا ٿالهه ڀري کڻي آيا ۽ ماني به کڻي ڏنائونس هٿ ڌوئاري چيائونس ته ماني پوءِ کائجو اڳ ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيو. سوال آڪاس لوڪ جو آهي ته روح نر آهي يا مادي، جواب ۾ چيائين ته مون کي خبر ئي نه آهي. مان پڙهيل نه آهيان. تنهن تي واڻين چيس ته تون فقير به نه آهين پيٽ پالو آهين. آڪاس وديا. يعني آسماني علم جي توکي خبر ئي نه آهي. جي خبر هجيئي ها ته ضرور ڪو جواب ڏئين ها. ائين واڻين سندس اڳيان پيل سڀ شيون کڻي ورتيون ۽ چيائونس ته توکي (رسوئي ماني ) کارائڻ به پاپ آهي. اسان ڀڳوان جي اڳيان لڄي ٿينداسون. ڇو ته تو جهڙي بيوقوف جي خدمت ڪرڻ به بيوقوفي آهي. ڏسو ته ان انڌي صوفيءَ کي واڻين به سڃاتو ته بي حاصل آهي. عام لاءِ ته سوال تمام ڏکيو آهي. هن سوال جو جواب ملان قاضي به ڏيئي نه سگهندا. مگر فقير عارف!
هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوءَ جاهل صوفيءَ کان پڇيو ته مست مجذوب گهڻو ڇو کلندا آهن، ته جواب ڏنائين ته مجذوب ٽهڪي جي منزل ۾ ويندا آهن جتي وڻن جو پاڙون مٿي ۽ لامون هيٺ ڏسندا آهن.تڏهن کلندا آهن. ٽهڪي جو مقام ۽ منزل نه ڪتابن ۾نه حديثن ۾ ڪنهن پڙهيو آهي ۽ نه ڪنهن ٻڌو آهي جاهل صوفيءَ جو جواب کل جهڙو.
رسول الله ﷺ ان ڳالهه جي جواب ۾ فرمايو هو ته مستن کي خدائي وصل جي خوشي آهي ۽ ٻيو ڪو به غم ڪونه اٿن ان ڪري کلندا آهن ڏسو ته ڪهڙو نه سهڻو جواب آهي.
ان جاهل صوفيءَ هڪ دفعو ڳالهين ڪندي چيو ته عاشق فقير سجين مڪان (دوزخ) ۾ رهندا آهن. تنهن تي سندس ڪچهري ۾ ڪو پڙهيل فقير موجود هو تنهن منهن ۾ هٿ هڻي چيس ته مان توکي ڪيترا دفعا سمجهايو آهي. ته عليين مڪان ( بهشت) چئو سجين جهنم کي چئبو آهي عاشقن تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو سجين ۾ ٿو وجهين چيائين ته مون کي سجين لفظ سولو ٿو لڳي عليين چوڻ ڏکيو ٿو لڳي. اهو حال آهي جاهل فقير جو.
هڪ دفعي هڪ جاهل صوفيءَ ڪنهن پڙهيل کان پڇيو ته مئي کانپوءِ هي هتئون واري محبت رهي ٿي يا نه؟ اهو پڙهيل فقيريءَ کان بي خبر هو ته به جواب ڏنائين ته روح کي جسماني واري محبت ڪانه هوندي آهي. باطن بي پرواهيءَ جو ملڪ آهي. ڏسو ته جاهل صوفيءَ کي ايتري به روشنائي نه هئي جو اها خبر به ٻين کان پيو پڇي.
هڪ دفعي ڪو درويش جي اولاد مان آدمي رنديءَ صحبت ٻڌڻ لاءِ بي حاصل صوفيءَ وٽ ويو ته من ان فقير کان ڪا باطني مدد ملي. جڏهن وٽس ويو ته اهو مريدن وارو فقير هن جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳس ته وڏن پکين جا کنڀ آهيو مون کي دعا ڪريو ته جنهن ٻيڙيءَ ۾ فقير چڙهيا آهن ته مان به چڙهان. ائين وري وري هن کان دعا پيو گهري. هن فقير جي ته رندي صحبت ٻڌل هئي دل ۾ چيائين ته مار مان ڪنهن کان مدد وٺڻ آيو آهيان. جو هي ته اڃا فقيري جي ٻيڙيءَ تي چڙهيو ئي نه آهي. ٻيڙيءَ تي چڙهڻ جي کيس پڪ به نه آهي. سندن عمر اسي ورهيه آهي ته به ٻين کان دعائون ٿو گهري. ويچار ڪيائين ته پنڌ ئي اجايو ٿيو، حق کي نه پهتل ۽ بي حاصل فقير جو اهو حال آهي.
هڪ دفعي خواجه ابو الحسن خرقانيءَ کان حاجين جي قافلي بَدونِ جي ڦر مار کان دعا گهري خرقاني صاحب چين ته اوکيءَ مهل مون کي سڏ ڪجو ته اوهان جي مدد ڪندس. پوءِ حاجين ائين ڪيو ۽ سڀ قافلو سلامتي سان موٽي آين. ڏسو ته عارفن جي ڪيڏي نه طاقت آهي فقير ۽ ڪوڙي مڪار ۾ڪيڏو نه زمين آسمان جو فرق آهي. هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ ٻين کي منٿون ٿو ڪري ۽ هيءَ صوفي ٻين جا ٻيڙا ٿو تاري. شمس الحق تبريز قم باذني ۽ اسجدني جا نعرا ٿي هنيا ۽ هيءَ جاهل صوفي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ ٻين کا دعائون ٿو گهري.
هڪ دفعي هڪ توحيد جي قائل فقير کي شوق ٿيو ته فلاڻي فقير وٽ وڃان. جڏهن وٽس ويو ته کائونس پڇيائين ته توهان جو دفتر الاهي ۾ ڪهڙو نالو رکيو اٿن. چيائين ته ڪٺل ٻڪري، اوچتو سندس پٽ ۽ پوٽا آيا جن کي ڏسي فقير چيس ته هي ڪٺل ٻڪريءَ جا ڇيلا آهن جيڪي ڪٺي کانپوءِ ڄڻيا اٿس. اها ڪٺل ٻڪري جڏهن مريدن وٽ وڃي ٿي ڪراچيءَ تائين پاپڙ پڪوڙا پر ساد سڱر لايون ڪرٽيندي ٿي وڃي. پوءِ فقير چيس ته افسوس جوتو هيترا ورهيه فقيري ڪمائي ۽ توکي لقب وري ٻڪري مليو. انسان مان ڦري حيوان ٿي پئين، عارفن جن الله اثبات ڪيو سي انسان مان الله ٿي پيا ۽ من خدايم جا نعرا هنيائون هاڻي ٻڌاءِ ته توکي ڪهڙي ٻڪري سڏيون ڪاري ڪٻري لاکي ياليڙي يا ٻٽي ٻڪري تون ٻڌاءِ ته توکي دفتر الا هي مان رنگ ڪهڙو مليو آهي. جنهن تي ناقص فقير وائڙو ٿي ويو. پنهنجي ڳالهه مان ڦاٿو. پيشمان ٿيو.
هڪ دفعي نبي بخش نالي زميندار اسان کي ٻڌايو ته مان مرحوم مير امام بخش جي وقت ۾ ڇيڙن سان گڏجي موچاري پوشاڪ سان هڪڙي نادان صوفي جي اوتاري ۾ ويس. مان فارسي به پڙهيل هُيس ڏٺم ته ان فقير وٽ هندو گهڻا ويٺا هئا. جن کي گيان جون ڳالهيون ٿي ڪيائين ته ابا هيءَ فقيري جيڪا اسان وٽ حي ان جي خبر رسول الله ﷺ کي به ڪانه هئي معاذ الله چيائين ته رسول الله ﷺ رڳو روزا نمازون ڄاڻندو هو. باطن بين فقير نه هو. مون کي نبي بخش فقير کي عبرت ٿي لڳي ته نڀاڳو دنيا لاءِ دين ٿو وڪڻي. هندو رسالت جا ته اڳ ۾ ئي سخت منڪر آهن. هي مسلمان به رسول الله ﷺ جي رسالت جو منڪر ٿي پيو آهي. قرآن پاڪ ۾ اهڙن صوفين لاءِ فرمان آهي ته اِنَّ الَّذِیْنَ یُؤْذُوْنَ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ لَعَنَهُمُ اللّٰهُ فِی الدُّنْیَا وَ الْاٰخِرَةِ وَلَهُم عَذَابُ اَليم. رسول الله جي شڪايت الله جي شڪايت آهي هاڻي ڏسو ته اهو صوفي محشر ۾ انهن ڪراڙن ڌوتي بندن جڻيون پائيندڙن کولرن سان گڏ اٿندو. من تشبه بقوم فهو منهم. اهو رسول الله جي روبرو ڪيئن اٿندو. اي مسلمانو! هن صوفي کي روسول الله جو طالب سمجهون يا گورک مڇيندر يا ايسر مهاديو جو طالب سمجهون اها ڳالهه نبي بخش هڪڙي رند عارف سان ڪئي جنهن تي فقير چيس ته افسوس تنهنجي مسلمانيءَ جو جنهن وقت ائين چيو هئائين ته ڏاڙهيءَ م هٿ وجهي کڻي دسينس ها ڏاڙهيءَ ۾ بج ئي نه ڇڏينس ها جو اها ڏاڙهيءَ واڻڪي هئي. پوءِ جي جيل وڃي ها ته به جاچ بعد آزاد ٿي وڃين ها. جو مسلمان حاڪم هئا
هڪڙي جاهل صوفي شاهه شرف بو علي قلندر جو بيت ياد ڪيو ۽ اهو بيت ڪنهن عارف بالله جي سامهون پڙهيائين ته ” شرف گرباد ورزد مائيه زلفش به برد، باد را نيز نزد زلفش وريدن نه دهم وي“ يعني شرف جيڪڏهن هوا لڳي ۽ محبوب جي زلفن مان خوشبوءِ کڻي ته مان هوا کي به سندس زلفن جي وجهو اچڻ به نه ڏيندس. تنهن تي عارف پڇيس ته ڇا انهيءَ محبوب کي زلف به آهن. تنهن تي چيائين ته هائو. وري عاشق آزمائش لاءِ پڇيس ته ڏاڙهي به هوندس. ته به جاهل صوفي چيو ته هائو اٺ اڱر ڏاڙهي به اٿس. وري ڏاڙي جو رنگ پڇيائين ته ڏاڙهي صفا اڇي اٿس. زلفن ۽ شيشون ٽنگيل اٿس، هڪ شيشيءَ ۾ شراب ته ٻيءَ ۾ ڪجل اٿس. جيڪو پائيندو آهي. پوءِ عارف چيس ته ڇا ڪراڙو ٿي ويو آهي ڇا جو سرمون ۽ ڪجل ٿو پائي پوءِ ته تيل به مکيندو هوندو. پوءِ معرفت واري فقير ٺٺولي ڪري چيس ته رنگ ته فقيري اٿئي باقي خبر ته ڪابه ڪانه اٿي. حقيقت ۾ ڏاڙهي عبديت جو نيشان آهي. احديت ۽ عبديت جا وار ڪين آهن. جڏهن هن ذات ذوالجلال تي ڪوڙ هنيو تڏهن ان فقير چيو ته آسمانن مان قدرت جي طرفان ٻه هٿ بُجَنِ وانگر لعنت جا لٿا جيڪي ان جاهل جي منهن ۾ اچي لڳا. جن جي ڏسڻ سان ان عارف فقير تي وجد حال پئجي ويو ۽ بيهوش ٿي ويو. اهو حال ڏسي اهو. جاهل شرمسار ٿيو. ڏٺائين ڪجهه به ڪونه جيڪو به ذات ذوالجلال تي ڪوڙ هڻندو ته اها تعدي ان سان ٿيندي لعنت الله علي الکاذبين ڪوڙن لاءِ آهي.
هڪ دفعي بيدل فقير جي ميلي تي وياسين ته اتي شڪارپور جي صوفين جو هڪ ٽولو ڏٺوسين جن جو حال ڏسي حيرت لڳي انهن فقيرن مان هر هڪ کي آئينو ۽ ڪجل جو آنڙو کيسي ۾پيل پوشاڪ هوائي گيڙو مٿي تي شودن وارو ڏنگڙو پٽڪو ٻڌل .
بيت
ٽرڙي ٽور تي ٺوشي پٽڪي اڱريان ڇهه ڇهه ڇلي
ظره ڇوڙ ميليان تي آون گانڊو ڪر ڪر گلي
ٻه رنان راٽيون ۽ بلبليون ساڻ هجنن اهي
به گيڙوءَ جي لٽن ۾ لعل هجن

نظارا پيا پچن، ڀنگ جو ڪونڊو پي ساري رات ڍيٻڪا پيا ڪن، جيڪو فقير غيرت ڪري ته ان کي چون ته هي فقير الله نٿو ٿئي رسول ٿو ٿئي. ڇو جو رسول الله گناهن کان پاڪ هو. ۽ چون ته الله کل شيءِ محيط آهي. افسوس جو الله جي محيطي واري معنيٰ ڊيٻڪي واري پاسي پيا ڪن اهڙا بي غرت ، اسان ٻئي هنڌ ڪٿي به اهڙي فقيري ڪانه ڏٺي.
حضرت رسول اللهﷺ جي وقت ۾ سعد اصحاب زال کي اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏٺو ان مهل ٻيئي ماڻهو قتل ڪري وڌائين. جڏهن رسول الله ﷺ کي خبر پئي ته پاڻ فرمايائون ته ان سعد غيوراَ وانا غيورا منه والله غير منيٰ يعني بيشڪ سعد غيرت وارو آهي. مگر اڄوڪن صوفين کي بيغرت بانيو آهي. معاذ الله کل شيءِ محيط جي معنيٰ اها نه آهي جيڪا هي ٿا ڪن. هو ڏهن فقيرن جو رهبر رسول الله فرمايو هو ته الزنا يخرج بنا يعني زنا پاڙون پٽيندي آهي.ذات ذوالجلا قرآن پاڪ ۾ بار بار فرمايو آهي ته قانتات طيبات يعني سڌ ۽ پاڪائي جا حاڪم آهن. هي فقير ڏنڊي ۾ڇير ٻڌي ٻه چار ڏنڊا مسٽندا گڏجي هر هڪ درگاه تي رنان نچائيندا وتن. رنن جي بوءِ تي ماڻهو ائين اچي گڏ ٿين جيئن وهريل ڪتيءَ تي ڪتا اچن. تئين هر لوفر فقري ويس. ڪري ٽولا ٺاهيون هلندا وتن. قرآن ۾ آهي ته قُلْ لِّلْمُؤْمِنِیْنَ یَغُضُّوْا مِنْ اَبْصَارِهِمْ وَ یَحْفَظُوْا فُرُوْجَهُمْؕ يعني (اي رسول ) چئو مومن کي ته پنهنجو ن نگاهون جهڪيون رکن ۽ اوگهڙن جي حفاظت ڪن. اهو سڀني مسلمانن لاءِ حڪم آهي.

بيت

جمله عالم زان غيور آمدز حق، برداز غيرت درين عالم سبق
سارو جهان حق تعاليٰ غيور وٽان آيو آهي. ان ڪري هن جهان ۾ غيورت جو سبق ورتو اٿن.
اوچون جان است وجهان چون کالبند، کالبنداز جان پزيرند نيک وبد
ذات حق ساهه آهي ۽ جهان جي مخلوق جسم آهي. اهي جسم مان نيڪي بدي اختيار ڪن ٿا.
غيرت حق برمثل گندم بود گاهه خرمن غير مردم بود
الله جي غيرت ڪڻڪ جي ان وانگر آه ۽ ماڻهن جي غيرت بهه مئل آهي.
اصل غيرت يا بندنداز الله، ان خلقها فرع حق بي اشتباه
اصلي غيرت الله وٽان آندي اٿن خلق ڏاريون آهي حق تعاليٰ جون بنا شڪ شهبي جي.
حوض راگر آب اوشيرين بود، آب شيرين هم لئو لئومي رود
حوض جو پاڻي چوڌاري مٺو آهي. مٺو پاڻي لئو لئو ۽ مرجان جهڙو آهي.
وري ڪي جاهل صوفي لسڙا ڇوڪرا ناچوڪيون نچائيندا وتن. اهي ڇورا ۽ رنون انهن بي حاصل صوفين جي آسري تي لڳا وتن . بد نظر ۽ بدفعلي لاءِ رات جو گڏجي سمهن. ڀنگون چرس. آفيم پيا پيئن، منجهن ڪابه الله جي بوءِ به نه هجين، انهن بي حاصلن جو مرشد پنهنجون ڪافيون ڪلام پيو چورائي، جنهن اهي فرن ۽ نعرن جون ڪافيون ٺاهيون ان کان هڪ ڪلام جي معنيٰ پڇي سي، ته هڪ حرف نه آيس. ائين سڪ ٿي ويو. جيئن گڏهه گپ ۾گچندو آهي “ خرد رگل بماند. وآن بار در آب انداخت” يعني گڏهه گپ ۾ ۽ بار پاڻيءَ ۾.
فقيري آهي وجد حال سان بنا وجد حال جي فقيري الوڻي آهي ڪنهن اهڙي فقير کان فقيري جي پڇا ڪئي سي جنهن ٻڌايو ته خير شاهه تي صلوات تنجينا جو لک پڙهيم .اتان فقير ٿي آيو آهيان. منهن به اهڙي نيمڪ هيس جو منهن مان ڇار پيئي ڇڻيس. فقير ان کي چئبو آهي جنهن جي منهن ڏسڻ سان الله ياد اچي وڃي. توڙي عام ماڻهو يا دشمن ڏسي . جيڪو به ڏسندس ته ضرور الله ياد اچي ويندس. بي حاصل کي ڏسي ٻين جو به روح پيو سرڪندو ته ڄنڊن کان وٺي پادر هڻونس. يعرف المجمون بسيماهم .يعني ڏوهاري پيشاني ڏسڻ سان سڃاتا ويندا. ڇو ته هو الله جي درگاهه ۾ ناقبول آهن. اهي نفس. جا فرمانبردار آهن.
مصرع
“ويچاري وجود کي، ڏک نه ڏيکاريو،
هڪ مارو رکيائين مانن تي، ٻيو ڳالهين ڳٽڪارو،
چڪيل ڪيئن لهي چارو، محبت جي ميدان ۾”

جن فقيرن الله اثبات ڪيو تن جي گفتگو رندي ۽ بي پرواهيءَ جي هوندي، ڪنهن جي غرض نه ڪڍندا فقير جي صحبت ۾ڪيئي عالم فاضل ۽ شاعر نالو مٽائي اچي ويٺا. گفتگو ٻڌڻ کان پوءِ ڪابه ورندي نه ڏنائون. ڪن پڇين ته فقير کي ورندي ڇو نه ڏنو.جنهن تي چيائون ته فقير قرآن ۾ حديث کان ٻاهر ڪونه هو. فقير جي گفتار آسماني آهي جيڪا ڪنهنجي بند ڪرڻ جي نه آهي. فقير عارفن جو قرآن گواه آهي. ته تعرف في وجهم نظرت النعيم. سندن چهرو چمڪندڙ آهي ٻيا صوفي حرامي بي انصاف جيڪي مرشد جو انصاف گم ڪن. چون ته اسان جي نظر ۾ امام حسين عليه السلام اُها هستي آهي جنهن دين محمدي زندهه ۽ روشن ڪيو. جيڪڏهن پليدَ يزيد جي بعيت ڪري ها ته ماڻهو اڄ سوڌو يزيد تي ڪلمون پڙهن ها. ڇاڪاڻ ته ان جي حڪومت سبب ماڻهو ان جي پيروي ڪن ها. يزيد فاسق فاجر ۽ زاني شخص هو. ۽ زنا زادو به هو. هن جو وطن دوزخ هو.

بيت رومي صاحب
نه داري معاويه را دوست هرگز که دشمن خدا وپنجتن بود
معاويه سان دوستي نه ڪج جو هو الله ۽ پنجتن پاڪ جودشمن هو،
هزار ان بار لعنت بريزيد است که مرتد ملحد و دوزخ وطن بود
هزار دفعا يزيد تي لعنت آهي جو هو مرتد ملحد ۽ دوزخ ۾ رهڻ وارو هو.
يزيد جي قبر تي باهه جو کورو آهي ان مان شيشو ٿو ٺهي، هن کي باهه جي بشارت آهي. حضرت امام حسين عليه السلام جي روضي جي زيارت ۾ ئي ستر حج جو ثواب آهي. سڪ ۽ محبت سان وڃي ۽ موٽي به محبت سان ۽ ساڻس سڪ رکي بد ڪم نه ڪري ، ستر حج جو ثواب انجي ڪري آهي. جو حضرت امام حسين عليه السلام ڪعبته الله جي عزت ۽ حرمت بچائي جو اڄ تائين جو طواف ۽ حج ٿو پڙهجي. نه ته ڪعبه مڙهي ٿي وڃي ها ڇو ته عرب اڳ ۾ به بتن جا پوڄاري هئا. يزيد جا وڏا معاويه لعنه ۽ سفيان هئا. هنن اسلام مجبوريءَ کان قبوليو هو. سفيان ڪيئي دفعه دين کان ڦري ويو هو. آخر جڏهن حضرت رسول الله ﷺ سفيان ۽ سندس زال هنڌ وحشڻ تي مارشل لا نافذ ڪئي. تڏهن سر جي خوف کان مسلمان ٿيا هئا، نه ته رسول الله ﷺ سان لڙيا هئا، ابو جهل جنهنجو اصل نالوعمر بن حشام هو، اهو سفيان ۽ معاويه مطلب ته يزيد جا سڀ وڏا بتن جي ڊهڻ جي ساڙ کان ڪيئي ڀيرا رسول الله ﷺ جن سان لڙيا هئا. مگر جڏهن پڄي نه سگهيا ته پوءِ مسلمان ٿيا. عمر بن حشام کي ته سرڪار دو عالم ابوجهل ڪري سڏيندا هئا. مجبورنَ مسلمان ٿيڻ جوهنن کي دل ۾ ڪنڊو بيٺل هو هنن جي دل اڃا به بت پرستي ڏانهن مائل هئي يزيد جا جيڪي وڏا رسول الله ﷺ ۽ موليٰ علي عليه السلام قتل ڪرايا هئا انهن جو ويريڪو هنن جي دل تي بيٺل هو. ڪعبته الله کي بتن کان پاڪ رسول الله ﷺ ۽ موليٰ عليه السلام جن ڪيو هو. جيڪي امام حسين جا هڪ نانو هو ته ٻيو بابو هو. نه ته ڪعبه اڳي ته ڇهن ستن سون ورهين کان بتن سان خوش هو. ان ڊگهي عرصي ۾ ڪيئن وڏا وڏا بادشاهه سلاطين ٿي گذريا انهن مان ڪنهن کي به ڪعبته الله دانهن ڪانه ڏني ته ڪو کيس بتن کان ڇڏايو وڃي . جو اهو ڇهه سوَ ورهيه ڪعبه مڙهي ٿيل هو
حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت کانپوءِ يزيد پليد چيو هو ته بدر ۽ احد جي جنگين ۾ جيڪي اسان جا وڏا حسين عليه السلام جي ناني ۽ بابي بيگناهه قتل ڪرايا هئا سي جي اڄ امام حسين عليه السلام کي ڪٺل ۽ اهل حرم قيد ٿيل ڏسن ته مون تي ڏاڍا راضي ۽ خوش ٿين ها. بابو ۽ ڏاڏو به خوش ٿئي ها.
ان ڪري جيڪڏهن حضرت امام حسين عليه السلام يزيد پليد جي بعيت ڪري ها ته ڪعبه به ساڳيو بت خانوٿي وڃي ها. ڇا لاءِ ته رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته الناس عليٰ دين ملوڪهم ، ماڻهو بادشاهه جي دين تي هوندا آهن. مثال مير علي مراد رياست جو حاڪم هو ۽ ڏاڙهي رکيل هئيس ته اڪثر ماڻهو ڏاڙهي رکندا هئا، وري مير علي نواز کي ڏاڙهي ڪوڙائڻ جو خيال پيو ته اڄ تائين آفيسر سپاهه ۽ زميندار خواه رعيت ۾ ساڳيو رواج پئجي ويو. ان ڪري يزيد جي فسق وفجور جي پيروي ضرور هلي ها. ۽ ڪعبه به مندر بنجي وڃي ها.

بيت خواجه معين الدين اجميري

شاهه است حُسين بادشاهه است حُسين.
دين است حُسين دين پناهه است حُسين.
سرداد نه داد دست دردستِ يزيد،
حقاکه بنائي لا اِله اِلا الله هست حُسين.

ترجمو: شاهه ۽ بادشاهه حسين آهي. دين به حسين آهي ۽ دين جو بچائيندڙ به حسين عليه السلام آهي. تحقيق ته ڪلمه جو بنياد به حسين عليه السلام آهي. سرڏنائين مگر يزيد جي هٿ ۾هٿ نه ڏنائين
اصل ۾ يزيد جي پڙ ڏاڏي حرب شڪار ڪندي خواجه عبدا لمطلب رسول الله ﷺ جي ڏاڏي جو پاڻي بند ڪيو هو، جو قافله وارن بيهوش ٿيلن کي پاڻي پياري هوش ۾ آڻي اٿاريو هو. ان وقت جيتوڻيڪ سفيان وٽ پاڻيءَ جي ڀريل مِشڪَ هئي ته به گهرڻ سان به نه ڏٺو هئائين اڃايلن کي بيابان ۾ ڦٽي ڪري هليو ويو. پاڻي بند ڪرڻ جو رواج اصل يزيد جي وڏن جو رواج هو. جنهن جي هن پوٽي پليد ابن الپليد پيروي ڪئي رسول الله ﷺ جو خاندان اصلها ثابت و فرعها في السماءِ يعني انهن جون پاڙون مضبوط زمين ۾ ڏار ۽ لامون آسمان ۾ هيون. اهو خاندان نبوت جو وڻ آهي. جنهن جي وڍڻ جي يزيد پليد لعن الله عليهم ڪوشش ڪئي مگر وڍي نه سگهيو. مگر پنهنجي بني اميه جي خاندان جو وڻ پاڙئون وڍي ڪڍيائين. جيڪو تا قيامت في السقر في النار ٿيو.
بيت
کرد اسمائيل قرباني خليل ، از بهر فرمان ذات حق جليل
حضرت ابراهيم خليل اسمائيل جي قرباني ڪئي، ذات حق جي فرمان موجب
کرد اسما عيل زنده فرمان حق، جمله عالم راهمين ذکر و سبق
اسمائيل حق جي فرمان کي زنده ڪيو. سڄي ڪائنات کي ان ياد ملهائڻ جو سبق آهي.
بل حسين آن خليل کربلا، اندرين رهه عشق جان کرده فدا
پر ڪربلا جي خليل امام حسين، ان عشق جي راهه ۾ جان قربان ڪئي
باهمه جمله صحابان باعيان گشت قربان به پيش ذوالجلال
سڀني دوستن ۽ عيال سميت، ذوالجلال جي خدمت ۾ قرباني پيش ڪيائين
بين فرينٰه بذبح عظيم ، ترکتم الآ خرين امر حکيم
ڏس ته ان کي وڏيءَ قرباني چيو ويو آهي. خدا جو حڪم پوين لاءِ ڇڏيوسون القرآن
سيد عاليجناب شه حسين آن محمد مصطفيٰ رانو عين
سيد سردار بادشاهه امام حسين اهو سرڪار محمد مصطفيٰ جي اکين جو نور هو.
کردا اندر کربلا ذبح عظيم شه حسين ابن الکريم اب الکريم
ڪربلا ۾ عظيم قرباني ڪيائين شاهه حسين سخي ابن السخي جو ٻچڙو هو
جمله فرزندان واعوان وتبار جملگان قربان راه حق نثار
سڀني پٽن يارن ڀائرن سميت، حق جي راهه ۾ قربان ڪيائن
آن نواسئه سيد عالم همم کرد قربان راه حق جان وجسم
ان ٻنهي جهانن جي سردار جي نواسه خدا جي راه ۾ جان ۽ جسم به قربان ڪيو.
کربلا دربين خليل الله را، اين خليل کشته مقتل گاه را
ڪربلا ۾ خليل الله کي ڏس. ههڙي خدا جي دوست کي مقتل گاهه ۾ ڏس
چون حسين آن خليل راپدر، نيست در عالم به بين کشانظر
اکيون کولي ڏس ته امام حسين ۽ سندس پيءُ جهڙو ڪائنات ۾ ڪو نه ڏسبو
نيست مادر، مراوار همچون حسين نيست مادر مادر چون قرت العين
حسين جي ماءُ جهڙي ڪنهنجي ماءٌ نه آهي نه وري ڪنهنجي ماءُ رسول جي اکين جو ٺار آهي.
نه بودش جدي چون ختم الانبياءِ نئي برادر همچون حسن المجتبيٰ
خاتم الانبياءَ جهڙو ڪنهنجو به نانو ڪونه آهي نه سندس ڀاءُ حسن المجتبيٰ جهڙو ڪنهنجو ڀاءُ آهي.
همچون اسد الله حيدر راپسري ، درهمه دنيا ۾ ڪنهنجي به پٽ کي اهڙو جگر نه ٿيندو.
اين مسلمان است زنده از حسين، ايستاد مسلمان ايستاد دين
هيءَ مسلماني امام حسين جي ڪري زنده آهي، مسلمان به قائم آهن ۽ دين به قائم آهي.
اين عمارت دين را معماراو ، کنبهءِ اسلام را سالاراو
دين جي عمارت جو اڏيندڙ به اهو آهي ۽ اسلام جي ڪنبي جو اڳواڻ به اهو آهي.
مافقيري از حسين آموختيم ، زان سبب ماجمله درها دوختيم
اسان فقيري به امام حسين کان سکي آهي. ان ڪري اسان ٻيا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن.
رهبر راه حسين ابن علي راه وحدت ميکنداو منجلي
عشق جي راه جو رهبر حسين ابن علي آهي. وحدت جي راه ۾ قبوليت به ان جي هٿ ۾ آهي.
عارفان وعاشقان اور اغلام، جملگان رابردرش ادب وسلام
عارفن ۽ عاشقن ان جا غلام آهن. سڀني کي ان جي دروازي جو احترام آهي
آن سير حرم وي آن تشنگي خنجرو شمشير جملگي
انهن اهل حرم جي قيد ۾ اڃ انهن سڀني جوقتل ۽ تير تلوارون ڏسو

ڪنڊياري جي بي خبر صوفيءَ جوبيان

هڪ فقير ان بي خبر صوفيءَ وٽ ويو. پنهنجو نالو ۽ ذات نه ٻڌايائينس. وٽس ماٺ ڪري ويهي رهيو. ان مجهول صوفيءَ وٽ حضرت پير امام حسين عليه السلام ۽ يزيد پليد جي باري ۾ گفتگو پي هلي گفتگو هلندي تي ان بي انصاف جواب ڏنو ته يزيد ۽ سندس ساٿي پڪا مسلمان هئا. اهو ٻڌي فقير ناراض ٿي اٿيو ۽ چيائين ته تنهنجي ڪچهري ۾ اچڻ لعنت جهلڻ جي برابر آهي.اوهاج جو امام به يزيد آهي تنهنجي جواب مان اهو ٿو معلوم ٿئي ته حضرت امام حسين عليه السلام ڪچو مسلمان هو. نعُوذ باالله من الشيطن الرجيم.
افسوس ته هن کي فقيري ۽ فيض ڪٿان مليو. شايد هي مريد به يزيد پليد جو آهي آخر هن پڇيس ته فقيري فيض جو دروازو حضرت پير موليٰ علي عليه السلام آهي، جنهن لاءِ حضرت رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته انا مدينته العلم وعليٰ بابها من کنت مولاء فهذا علي مولهٰ يعني آءُ علم جو شهر آهيان ۽ علي سائين ان جو درواز آهي. ۽ جنهنجو آئون موليٰ آهيان علي ان جو موليٰ آهي اللهم عاد منعاداه خذل من خذله والنصر من نصره يعني اي الله جيڪو علي جي مخالفت ڪري تون ان جي مخالفت ڪر ۽ جيڪو ان جي مدد ڪري تون ان جي مدد ڪر.پڪڙ ان کي جيڪو علي کي پڪڙي وٺي. چئبو ته تون حضرت پير موليٰ علي ۽ امام حسين کان بيزار آهين ته ڄڻ تون حضرت رسول الله ﷺ کان بيزار آهين.. پوءِ ته جن انسان ملڪ توکان بيزآر آهن. جنهنجي نماز تي توکي ڀروسوآهي . اهڙي نماز ته شيطان به ڇهه هزار ورهيه پڙهي هئي. جهڙو نماز ان کي فائدو ڏنو توکي به ايترو فائدو ڏيندي. تو ته الله رسول الله ﷺ جي خاندان جو پڪو دشمن آهين تو جيڪي لفظ چيا آهن، انهن جو نتيجو تون مرڻ مهل ڏسندين. اهو به يقين آهي جيڪي حضرت امام حسين عليه السلام سان لڙيا هئا . اهي به نمازي هئا ۽ قرآن جا قاري هئا. جن يٰس شوڪاري قرآن جي ورقن کي تير ٿي هنيا. تون به اڄ مولا امام حسين عليه السلام جي طرف اهڙا تير ٿو اڇلائين. صرف ڄٽن ۽ جاهلن تي اثر وجهڻ لاءِ يزيد پليد کي پڪو مسلمان ٿو سمجهين تنهنجي معنيٰ ته حضرت امام حسين کي ڪچو مسلمان ٿو سمجهين توکي خبر هجي ته رسول ڪريم ﷺ حديث فرمائي آهي ته
لَو اَنّ عبد عبدالله مثل واقام نوح في قومه وکان له مثل اُحدَ ذهبا فانفقه في سبيل الله وَمُرفي عمره حتيٰ يحج الف عام عليٰ قدميه ثم بين الصفا ولمروت قتل مظلوما ثم لم يواللک يا علي لم يشم راحته الجنته ولم يد خلها،
ترجمه: جيڪڏهن ڪو به شخص حضرت نوح عليه السلام جي عمر جيترا سال عبادت ڪري ۽ ان شخص وٽ احد جبل جيترو سون هجي ۽ اهو ان سون کي الله جي راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏي ۽ هزار حج پيادل ڪري ان کان پوءِ جبل صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ظلم سان بي گناهه قتل ڪيو وڃي اي علي ان شخص کي اگر تنهنجي دوستي منظور نه آهي ته اهو شخص هرگز بهشت جي خوشبوءِ سنگهي نه سگهندو ۽ نڪي بهشت ۾ داخل ئي ٿيندو .
رسول الله فرمايو ته اهڙي شخص جي عبادت حرام آهي . حديث يا علي انت اخي في الدنيا ولآخرت يعني اي علي تون منهنجو دنيا ۽ آخرت ۾ ڀاءُ آهين يا علي انت بمزلت هارون با الموسيٰ، تون مون سان ائين آهين جيئن موسيٰ عليه السلام سان هارون مشترڪ ۽ مليل هو.
افسوس هن زماني جا ماڻهو اهڙا بي نصيب آهن جو موليٰ علي جو نالو وٺڻ گناهه ٿا سمجهن. موليٰ علي اهو آهي جنهن احد بدر خندق خيبر، حنين جون جنگيون فتح ڪيون هيون. خندق جي جنگ فتح ڪرڻ بعد رسول ڪريم ﷺ حديث فرمائي هئي ته ضربته عليها يوم الخندق افضل من عبادت الثقلين يعني خندق واري جنگ جي ڏينهن عليءَ جي مرحب ملعون کي ضرب هڻڻ جو ثواب ٻنهي جهانن جي عبادتن کان وڌيڪ آهي.
جيڪڏهن خندق واري جنگ ۾ مسلمانن جي هار ٿئي ها ته ڪلمون ۽ دين ڪونه بچي ها. ساڳيو بت پرستيءَ وارو رواج پئجي وڃي ها. ڇو ته مشرڪن اها جنگ ئي بتن جي قائم رهڻ لاءِ ڪئي هئي ڪاٿي رهيو مڪه ته ڪاٿي رهيو مدينه ڪاٿائون هلان ڪري مسلماني کي ڊاهڻ آيا هئا. جنهن مولا جي اهڙن خطرن مان اسلام کي بچايو.اڄوڪن مسلمانن جي سامهون ان مولا جي نالي کڻڻ سان هنن جي منهن جي شڪل بدلجي ٿي وڃي. ڄڻ کين گار ٿي ملين. پوءِ اهي ماڻهو بهشت جي اميد ڇو ٿا رکن ڇاڪاڻ ته بهشت دوزخ ته عليءَ جي هٿ آهي جنهن کي وڻيس ته ڏئي جنهن کي وڻيس ته نه ڏئي رسول الله ﷺ به فرمايو آهي ته يا علي انت مني وانا منه يعني اي علي تو مون منجهان آهين ۽ مان تو منجهان آهيان جبرئيل عليه السلام وري فرمايو آحي ته انا منکما يعني مان به توهان منجهان آهيان. حضرت امام حسين اهڙي بادشاهه جو فرزند دلبند آهي.
بيت
جوئي ملن مهڻو سوئي مون سردار
پٺيءَ لائي پانهنجا ساقي ٿيو سوار
ڪلي وير ڪٽڪ ۾ حامي همٿ دار
زابر ذوالفقار، هر دم اٿس هٿ ۾.

اهڙي بادشاهه حضرت امام حسين عليه السلام کي جيڪو ڪچو مسلمان چوي تنهن تي هزار ڀيرا خدا جي لعنت آهي. قرآن ۾ آهي ته ان الذين يوذون الله ورسوله لعن الله في الدنيا والا خرت ولهم عذاب اليم. يعني بيشڪ جن الله ۽ ان جي رسول کي ايذاءُ پهچايو ته انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. اها آيت اهڙن ماڻهن لاءِ آهي. ائين چوڻ سان ان صوفيءَ الله ۽ رسول کي رنجايو. اهڙي مردود نمازيءَ صوفيءَ جو مرڻ به اهڙو ڏکيو سڪرات سان ٿيندو جو دنيا تماشو ڏسندس . قبر محشر ۾ موچڙا به لڳندس انڌي ائين نه سمجهيو ته الله جي شناس ۽ سمجهاڻي اسان کي عليءَ جي گهراڻي ڏني يا يزيد پليد معاويه جي گهراڻي ڏني؟ الله اسان کي رسول الله ۽ ان جي اهلبيتن سڃاڻايو نه ته اسان کي الله جي خبر ئي ڪانه هئي، ڇالاءِ ته اسان جا وڏا لات منوات ۽ عزيٰ جا پوڄاري هئا. معاويه ۽ پڻس سفيان ۽ ڏاڏس عمر بن حشام عرف ابوجهل ، عمر بن عبدود وارن جيڪي لڙايون ڪيون هيون سي سڀ بت پرستيءَ کي بچائڻ ۽ ڪفر کي محڪم ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون ته جيئن اهي بت ڪعبته الله ۾ عزت سسان پيا هجن متان ڪو انهن کي ڊاهي.
خندق واري جنگ جيڪا موليٰ عليءَ عليه السلام فتح ڪئي ان کانپوءِ جيڪي مسجدون آباد آهن ۽ ڪعبته الله کي متبرڪ ڄاڻي ان ڏانهن منهن ڪري مشرق کان مغرب تائين جيڪي نمازون ۽ عبادتون ٿين ٿيون سي سڀ موليٰ علي عليه السلام جي صدقه آهن جنهن بتن کي نابود ڪري اسلام کيروشن ڪيو. ان ڪري عليءَ ۽ اولاد عليءَ جي دشمن کي بت پرست ڪافر چئبو نڪي کيس مسلمان چئبو.

هڪ فاسق صوفيءَ جو نظارو ڪمائڻ

هڪ صوفي نادان ڪنهن مسافريءَ دوران ڪنهن مريد وٽ مهمان ٿي آيو ميزبان گهر جو ڪم ڪار لاهي دير سان اچي ان صوفيءَ جاهل کي زور ڏيڻ لڳو. زورن ڏيندي سندس بغل مان هڪ رن ڀڙڪو کائي وٺي ڀڳي جنهن تي ميزبان چيس ته ڇا هي توهان ظاهري ۾ طالب ٿا ڪريو ۽ رات جو زنا ٿا ڪريو اها ڪهڙي قسم جي فقيري آهي. فقيرجي فقيري زنا سبب تباهه ٿي ويندي آهي. حديث ۾آيو آهي ته الزنا يخرج بنا . يعني زنا پاڙ پٽيندي آهي جنهن تي صوفي صاحب ورندي ڏني ته يارهن تولا سئنکيئي جا کاڌا هئم. سي ڪيئن هضم ڪريان ان مجبوريءَ کان 360 رنون ڪم آنديون اٿم . اهو آهي اڄوڪن صوفن جو نظارو جنهن کي نظارو ٿا چون
هڪڙا فقير گادين وارا طالبن کي الله جو ذڪر دم سان ڏسن ۽ انهن مان ڪن کي وري دم ڪمائڻ سان نفساني خودي ٿيو پيو ۽ الله کان گمراهه ٿي وڃن ۽ ڪوڙا فرعوني دم هڻن. جنهن سبب بي حاصل ماران کائيندا وتن
بيت
صوفيان راخوار کرده آن گروهه گروري زيشان برو برقاف کوهه
ان ٽولي صوفين کي خوار ڪيو آهي. انهن ڏي وڃڻ بجاءِ ڪوهه ڪاف جبل ڏانهن وڃ
علت اينها کرده صوفيان، ظاهرا صوفيان به باطن کوفيان
انهن جي عادتن صوفين کي خوار ڪيو آهي. ظاهر ۾ صوفي مگر باطن ۾ ڪوفي آهن.
هي ڳالهه اسان خاص هدايت لاءِ ڪئي آهي نه ته اسان پاڻ به صوفي آهيون اسان صرف جهل واري فقيريءَ جي کول ڪئي آهي. الله ڏسڻ کانسواءِ ڪوڙي فقيري جو اهو حال آهي. ٻيو ته اسان ان لاءِ کول ڪئي آهي ته متان طالب ڀلجي ان کوهه ۾ ڪري مري نه وڃي.
بيت
اگر بينم که نابينا به چاهه است، اگر خاموش نيشينم هم گناهه است
جيڪڏهن انڌو کوهه وٽ ڏسجي ته ماٺ ڪرڻ گناهه آهي.
ذکر بخوان ذکر بخوان ، تارسي اي جوان در لامکان
ذڪر ڪر ذڪر ڪر ذڪر ڪر، ته اي جوان مرد لامڪان ۾ پهچين.
ان ڪري يا ته آدمي کي الله ڏيکارجي يا ته دنيا جي ڪم ڪار کان نه وڃي قرآن ۾ آهي ته کلو وشربو ولا تسرفو . يعني ڀلي کائو پئيو مگر اجايو خرڇ نه ڪريو . اها مولوين ۽ ملن جي معنيٰ آهي. مگر اسان فقيرن معنيٰ ڪئي آهي ته کائو خودي کي نفساني کي خودي ذڪر سان کاڄندي آهي. پيئو وحدانيت جو شراب يعني شرابا طهورا الله ته غني آهي ۽ ٻيا سڀ سندس محتاج آهن. الله سدائين شاهوڪار آهي. مولوين . سمجهيو ته گهڻي خرچ ڪرڻ سان الله جو خزانو کٽي نه وڃي نه ته ائين هر گز نه آهي.
شرابا طهورا ڪهڙو شراب آهي. قرآن ۾ اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَؕ. ڪو نه ٻڌو اٿو ته اهو اوهان جو دم ڪوثر آهي. جيڪا ڪوثر جي وادي اوهان وٽ سدائين وهندي رهي ٿي ان ۾ ذڪر ملايو ته اها ئي ڪوثر جي وادي اٿو جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام لشڪر سميت نيل نديءَ مان پاڻي پيئندا هئا، ته پاڻي صاف ۽ اڇو اجرو هوندو هو مگر فرعون ۽ سندس ساٿي ان نديءَ مان پاڻي پيئڻ لاءِ ايندا هئا ته ساڳيو صاف پاڻي رت جهڙو ٿي پوندو هو. انه ڪري فرعوني لشڪر اڃ پيو مرندو هو بل کائي اڃ سبب مري ويندا هئا. اهڙي طرح جيڪو آدمي نفس فرعون جو تابع آهي ته ان لاءِ اهو درياه ڪوثر وارو يعني دم جي وادي به رت جهڙي ٿيندي آهي. ۽ اهو ان مان ڪوثر پيئڻ کان محروم رهجي ويندو آهي.مگر جيڪو آدمي روح المقدس موسيٰ جو فرمانبردار آهي ته ان لاءِ اهو دم حوض ڪوثر آهي. ان واديءَ مان سدائين پيو سيراب ٿيندو.

بيت
هرکس که از حوض کوثر نوشيد جام، او محمد واردان اورا مقام
جنهن آدمي ان حوض ڪوثر مان جام پيتو نه ان جو مقام محمد وانگر آهي.
صحبتش بدار با اودم بدم ، تان رهي ازقيد جان واز جسم
هروقت ان جي صحبت ۾ رهه ته جسم جي قيد مان آزاد ٿئين
هرکه را از کوثر حق بئو نيست، بابه کوثر خوردن اورا روئو نيست
جنهن کي حوض ڪوثر جي بوءِ نه آئي آهي ته سمجهه ته ان جو ڪوثر پيئڻ جهڙو منهن ئي نه آهي.
او ابوجهل است کافر بو العجب دور است زين تن پرستي بي ادب
اهو ابو جهل ڪافر آهي حيراني ۾ پيل جسم پرستيءَ سبب پري ۽ بي ادب آهي.
جنهن هت دنيا ۾ دم واري واديءَ مان ڪوثر نه پيتو ته پوءِ ڪٿان پيئندو. پوءِ آخرت وارو آسرو اجايو آهي.سچي عمر شهوت جو تابع رهيو. ۽ پاڻي به شهوت جو پيتائين ته پوءِ ٻڌايو ته اهڙن ماڻهن جو حوض ڪوثر ۾ ڪهڙو حق آهي، اي آدميو حوض ڪوثر لاءِ ڪهڙي جان جلايوَ. اها دم واري حوض ڪوثر جي وادي سڄي ڄمار ۾ نفس فرعون جي فرمان ۾ خدمت ۾ گم ڪري ڇڏيوَ. ان واديءَ جي ڇڏائڻ لاءِ ڪهڙا توهان مان قتل ٿيا. اوهان جو حق دوزخ آهي. نفس جي ملڪيت جو جهنم آهي سو اوهان کي پنهنجي پيءُ نفس جو ورثو ملندو، راضي هجو توڙي رنج هجو.
حديث: رجعنا من جهاد الا صغراليٰ جهاد الاکبر
يعني اسين ننڍي جنگ وڏي جنگ ڏانهن موثيا آهيون.
ٻيون سڀ جنگيون ننڍيون آهن. وڏي جنگ نفس سان جنگ ڪرڻ آهي. اوهان ڪڏهن وڏي ننگ ڪئي آهي؟ جو ٽنگن کي تيل مکيون ڪوٽر پيئڻ لاءِ تيار ويٺا آهيو. ڪوثر جي مالڪ سان اوهان ڪڏهن ملاقات به نه ڪئي آهي. ڪا واقفيت اٿوَ جو اوهان جو لحاظ ڪندو ۽ اوهان کي کڻي ڍڪ پياري، قرآن ۾ اوهان کي ڪوثر جي مالڪ ٻڌايو ته به توهان ان جي چوڻ کي پٺي ڏيئي نفس ابوجهل جا لشڪر بينوء. نفس لاءِ جيڪو جاگير جو ٽڪرو مقرر آهي. سو اوهان کي ضرور ملندو. روح جي جاگير ملڪوت، جبروت، لاهوت، باهوت، هاهوت، ۽ لامڪان آهي.اهو روح حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جو آهي اوهان مسلمان رڳو روح جو نالو ٻڌو آهي. روح ڪا خسيس شيءَ نه آهي. پر روح وڏي آفت آهي. جيڪو روح کي ڏسندو ان کي خبر پوندي. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ وڏو فرق آهي. “ کردن و گفتن فرق دارد“ يعني ڪرڻ ۽ چوڻ ۾ فرق آهي. جنهن پنهنجو روح ۽ روح جي ملڪ جي حد ڏٺي ته پوءِ اهو ڪنهنجو به امتي نه سڏائيندو نه مسلمان چوائيندو نه ڪافر سڌائيندو. ان روح جي ڏسڻ واري جوشان اهو آهي ته “في الجمله کافر نه مسلمانم من در هرچه نظر ميکنم آنم من” يعني ته مختصر طور ته مان نه ڪافر آهيان نه مسلمان آهيان جنهن شيءَ کي ڏسان ٿو ته ان مان آهيان.
دم حوض ڪوثر جو پاڻي آهي. جيڪو وهندو ٿو رهي. ان کي وحدانيت جي پوک ۽ ذکر جي ڪم آڻيو. ولا تسرفو. اجايو خرچ نه ڪريو. يعني دم جو پاڻي ذڪر جي آبادي ۾ وهايو. آبادي کان ٻاهر وهايو ته ڏنڊ جو فارم ڀربوَ.جيئن ڪڙمي پاڻي زيان ڪندو آهي. ته عملدار ڏنڊ وجهندا اٿس. باقي باطن جا عملدار ڪي نادارن آهين ڇا ؟ اجائي وقت وڃائڻ جي منع جو ايترو تاڪيد آهي. وقت به دمن سيڪنڊن منٽن ڪلاڪن ۽ پهرن مان جڙي ٿو، قال رسول الله ﷺ فوت الانفاس قتل الانبياءُ هڪ دم قضا ڪرڻ هڪ نبي قتل ڪرڻ جي برابر آهي پوءِ ٻڌايو ته نبي جي قاتل کي معاف ڪري ڇڏيندا. احڪم الحاڪمين ڪو اهڙو آهي ڇا ته وقت وڃائڻ واري کي ڇڏيندو ؟
هڪ ڳالهه ته هڪ ڀاڳياڻي چمڙي جا ٻه مٽڪا گههِ سان ڀري ڪنواٽيءَ تي کڻي شهر ڏانهن وڪڻڻ ٿي ويئي ته جهنگل ۾ هڪ ڄٽ مليس تنهن چيس ته گهه لاهه ته مان ڏسي وٺانءِ مائي مٽڪا لاهي هٿن ۾ جهليا وري هن چيس ته اڳ ۾ چکي ڏسان پوءِ ٿو وٺان ائين چئي هن ڄٺ هڪ مٽڪي جي ٻجي لاهي پري اڇلي ۽ ٿورو چکيائين ۽ ڀاڳياڻيءَ ته هٿ وجهينس. هن ان جي منهن ۾ سڪ هٿ وڌو ڇو جو ٻجي ڪانه هيس. وري ڄٽ چيس ته ٻئي مان چکان. ائين چئي ان جو منهن به کولي ٻجي پري اڇلي ۽ ٿورو چکي ۽ وري چيائنينس ته هن ۾ به قابو هٿ وجهه ته گهه هارجي نه پوئي. هوءَ جا ٻيئي هٿ مٽڪن ۾ وجهي نوڙي بيٺي هئي ته ڄٽ ڀاڳياڻي جي پويان ڦري الله توهار ڪري ڏنس. تنهن ٿي ڀاڳياڻيءَ دل ۾ چيو ته جي مٽن مان هٿ ٿي ڪڍان ته ٻه اڍائي سئو روپين جو زيان ٿيندو. تنهن ڪري ڄٽ ڀلي ڇا پائي هليو وڃي.
آدمي به ان ڀاڳياڻيءَ وانگر آهن. جو اهي ربيع جي فصل ۽ خريف جي فصلن جي مٽڪن ۾ هٿ سڪ وجهون بيٺا آهن. پويان نفس جنبايون بيٺو اٿن. جي اهي فصل مان هٿ ٿا ڪڍن ته بک ٿا مرن. تنهن ڪري ڀاڳياڻي وانگر سهايون ويٺا آهن.
جيڪو ذات ذوالجلال جي سر جو نذرانو رکندو سو ذات ذوالجلال جي حضور ۾ حاضر ٿيندو. پوءِ هم تم هو ياتم هم هو يا قال عليه السلام بي يبصروبي يسمع وبي ينطق وبي يمشي يعني فان سان گڏ مان به ڏسندڙ ٻڌندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ۽ گهمندڙ ٿي پوندو آهيان. پوءِ جنهن ان ذات حق پاڪ ۾ فناءِ کاڌي ته پوءِ هيڪائي هڪ ٿيا.
جڏهن آدمي انساني فرض خدا جي ذڪر سان پورا ٿو ڪري ته پوءِ ذات ذوالجلال کي اهڙو ويجهو ٿو ٿئي جو الله جي فرمائي ٿو ته مان ان جي اک ٿي ٿو پوان جنهن سان هو ڏسي ٿو. مان ان جا ڪن ٿي ٿو پوان جنهن سان هو ٻڌي ٿو. مان هن جي زبان ٿي ٿو پوان جنهن سان هو ڳالهائي ٿو. بس ان جو جسم منهنجو جسم ٿي پوي ٿو جنهن سا هلي چلي ۽ ڪم ڪار ڪري ٿو. پوءِ عاشق غين مان عين ٿي ٿو پوي. جڏهن طالب ذڪر ۾ گم ٿيندو ته اٺن پهرن مان هڪ پهر ننڊ ڪندو.ڳالهائڻ کان زبان بند ڪندو. سوال جو صرف جواب ڏيندو. گهمندي ڦرندي هن جي نظر سيني ۾ هوندي. ڄڻ اهو فقير سدائين چاليهي ۾ آهي. ڇو ته اک جي نظر به خيال جو گهڻو حصو ڇڪي وڃي ٿي. بي خيالو ذڪر به ائين آهي جيئن بنا نظر ني بندوق هڻجي ته نيشان تي نه لڳندي بي خيالو ذڪر به وائڙو اٿس. خيال وارو ذڪر به ائين سڌو ويندو جيئن بندوق نظر جي نيشان تي لڳندي آهي. رات جو ذڪر جي اکرن ۾ نظر وجهڻ کپيس.
طالب کي رات جو ٻه چار سال دم جهلي سيني ۾ نظر وجهي ذڪر ڪمائڻ کپي. جيئن گهوڙي سوار کي جلد پهچي پيادو دير سان پهچندو آهي. دم جهلي ذڪر ڪمائڻ لاءِ ٻه وقت آهن (1) شام کان سمهڻيءَ تائين. ٻيو آڏيءَ کان صبح تائين ڏينهن ڪم ڪار ۾ جهلي نه سگهبو.
عام انڌا بي حاصل صوفي طالب کي ذڪر ڪرڻ وقت پنهنجي صورت دل تي پچائڻ لاءِ چوندا آهن. ان کي تصور چئبو آهي تصور پچائڻ وڏو ڏوهه آهي ۽ تصور نه ڪرڻ جو تاڪيد آهي. ڇو ته اها ان بي حاصل جي ٺڳي آهي. ڇو ته طالب تصور پچائڻ سان هن تي عاشق ٿي پوندو. پوءِ جا شيءَ لهندو. کيس آڻي ڏيندو. تصور پچائڻ واري کي ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو. اهي ڪوڙا ڏس انڌن جا آهن. جنهن مرشد جوتصور پچايو سو بت پرست آهي. مقوله التصور شيخ الکامل و ناقص مشرک عظيم وکفر کبير بنا تصور جي ذڪر ڪمائڻ سان ڪنهن مدت کانپوءِ ذڪر منجهان خواب خيال يا مراقبي ۾ مرشد جي صورت پيدا ٿيندي جا پاڻيهئي ذڪر ڇڪي آڻيندو. سا سچي صورت آهي. سابه ڪامل مرشد جي صورت طالب کي فائدو ڏيندي ناقص جي صورت فائدو نه ڏيندس . ناقص جي صورت ڏٺائين ته ڄڻ شيطان ڏٺائين

بيت
دست ناقص دست شيطان لعين ، دست کامل همچون رحمٰن ورحيم
ناقص جو هٿ تڙيل شيطان جي هٿ جهڙو آهي. ڪامل جو هٿ رحمن الرحيم جي هٿ وانگر آهي.
صورت ناقص چون شيطان رابدان طالبان رانصرت نه دهر نهان
ناقص جي صورت شيطان جي صورت سمجهه طالبن جي هر گز مدد نه ڪندي
صورت کامل بود نصرت عظيم ، رهرواي راميکند لطف عميم
ڪامل جي صورت وڏي مدد آهي. ويندڙن جي عام طرح مدد ڪندي آهي.
ذکر ومحبت هر دو راجاري کند، وجد وحالت بردلش طاري کند
ذڪر ۽ محبت جاري ڪندي ۽ طالب جي دل تي وجد جي حالت طاري ڪندي
ڪي ڪي ناقص صوفي تصور ڏسيندا آهن. جيڪو سخت غلط آهي آدمي جي دل تي حق جي ويهڻ ڪافي آهي قلب المومن عرش الله تعاليٰ به مومن جي دل الله جو تختگاهه آهي. ان تخت الاهي تي خاڪي وجود جي تصوير ٽڪائڻ سخت منع ۽ مشرڪ آهي. الله جي ذڪر کان خاڪي وجود وڌيڪ نه آهي مرشد جي خاڪي وجود جي تصوير الله جي اسم جي برابرنه آهي. مگر جيڪا ذڪر مان مرشد جي تصوير پيد ٿئي سا جبرائيل آهي. جيڪا اچڻ سان آسمان ڏانهن وٺيون ويندي اڳ ۾ پاڻ هلندو طالب پويان لڳو ويندو جيئن چوڻي آهي ته اڳ ۾ گرو ته پويان چيلا.
الله رڳو مسلمان ڪاڻ ڪونه آهي نه وري مسلمانن ٺيڪو کنيون آهي. قرآن ۾ الحمد الله راب العالمين آهي. يعني ٻنهي جهانن ۽ ارڙهن هزار جنسن جو خالق آهي. جيڪڏهن رڳو مسلمان لاءِ هجي ها ته رب المسلمين قرآن ۾ چوي ها. مسلمانن جو الله ڪعبه جي ڪوٺي تي ويٺو آهي. ڏاڪڻ ڪڍي يا اٿس. لهي نٿو سگهي. ان ڪري ٻارهين مهيني خرچ ڪري گناهن جو پٺارڪون کڻي وڃي اتي ڦٽو ڪري ايندا آهن. پاڻ خوش ٿيا موٽيا اچن ته اسان جا گناه لهي ويا. مگر الله رب المشرقين ۽ رب المغربين آهي. ۽ هر جاءِ تي هاضر ناظر آهي. مسلمان رڳو اولهه طرف الله ٿا سمجهن باقي ٽي طرف خالي ٿا ٻڌائين. افسوس انهن مسلمانن جو جيڪي الله کي ڪعبه جي ڪوٺي تي چاڙهي صرف هڪ طرف قابو ڪيون ويٺا آهن الله ڪو اهڙو اوڳو سمجهيو اٿن يا جيڪو ٺوٺن جي مٺ تي ٺهي پوندو. الله داناءُ آهي ۽ چوي ٿو ته فمن يعمل مثقال ذرت شرايره ومن يعمل مثقال ذرت خيرايره يعني جنهن ذري برابر به بدي ڪئي هوندي اهو ان کي ڏسندو ۽ جنهن ذري برابر به نيڪي ڪئي هوندي ته ان کي به ڏسندو ڪنهن کي به ترَ جيترو حق به ڪونه ڇڏيندو. هي مسلمان ٻارهن مهينا گناهن جو واپار ڪري گناهه گڏ ڪن ان آسري تي آئينده حج ڪري گناهه لاهي اينداسون پاڪ زيارتن تي پاڪ ٿي نه وڃن گناهن جو بار کنيون وڃن . پاڪ هجن ته وڃڻ جي ضرورت ئي نه ٿئين. گهر ويٺي الله ۽ رسول کي ويٺا ڏسڻ واري پاڪ جاءِ قلب آهي سو پاڪ نه ڪن مگر ٻاهران عضوا پيا ڌوئيندا رهن ونحن اقرب اليه من حبل الوريد ساهه جي رڳن کان به ويجهو گهرو الله ڏسن ئي ڪونه ان کان بيزار رهن، مگر پئسه گڏ ڪري ڀڄن ته الله ايڏانهن ويٺو آهي ڇو جو پراوا حق کاڌا اٿن اهي الله کان بخشائي اچن. اهي حق انهن حقدار ماڻهن کان بخشائن ته به ٺهيو الله جو پروان حق ۾ ڇا جيستائين حقدار نه بخشيدن تيستائين الله ڇو بخشيندن،
مثال تاتار به کٿوريو هرڻ ٿيندو آهي. جنهن کي سندس دن ۾ خوشبوءِ ۽ خستوري ٿيندي آهي جيڪا ڪڏهن ڪڏهن خود هرڻ کي به گاهه چرندي خوشبوءِ ايندي آهي . ان خوشبوءِ تي حيران ٿي ان جي ڳولڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڊوڙندي اٿس. نه لڀڻ ڪري پريشان رهندو آهي ۽ اها خبر نه پوندي اٿس ته اها خوشبوءِ پاڻ منجهه آهي.
اهڙي طرح آدمين سان به الله ائين گڏ آهي جيئن کٿورئي هرڻ ۾ خوشبوءِ پيل آهي. مگر ڪي ڪعبه ڏي ڀڄن ته ڪي گنگا ڏي وڃن ڪي هر دواري ڏي وڃي پهچن. هرڻ وانگر زيارتن تي ڊوڙندا وتن پاڻ کي نه سڃاڻن ته ڪو الله اسان سان گڏ آهي قرآن پاڪ جي ونحن اقرب تي ويساهه ڪونه اٿن مگر ” پنهنجو تون پاڻ سڃاڻ درشن ڪر تو دل ۾ ويهي “

بيت
حج کردن ديدن شد کعبه را ، نحن اقرب حج خاصان خدا
حج ڪرڻ ڪعبه ڏسڻ آهي. مگر نحن اقرب کي ڏسڻ خدا جي خاصن جو ڪم آهي
حج کردن زيارت خانه بود . حج رب اليبت مردانه بود
حج ڪرڻ ڪعبه جي زيارت آهي. مگر الله جي گهر جو ديدار مردن جو حج آهي.
حج عامان ديدن ديوار را حج. خاصان طواف کبريا.
عامن جو حج ڀت کي ڏسي اچڻ آهي. مگر خاصن جو حج ذات کبريا کي طواف ڪرڻ آهي.
حج بيروني بود کعبه خليل خانگي مردانگي حج جليل
ظاهري حج خليل الله جي ڪعبه جو آهي مگر خاص حج ۽ مردانگي ڪرڻ جليل اکبر جو ديدار ڪرڻ آهن
ليکه اعميٰ کور چشم. وغير بين مي نه دانند خويشين راغير طين
مگر انڌو ۽ انڌين اکين وارو غير کي ڏسندڙ پاڻ کي مٽيءَ کانسواءِ ڪجهه نٿو سمجهي
آن توئي بحر دو عالم قطره تست جمله موجودات عالم توبست
اهو ٻنهي جهانن جي درياهه جو ڦڙو تون آهين. سڄي ڪائنات تنهنجي ڪري قائم آهي.
هان هان خويشتن راندک م بين تونه لي خود راباز جوئي بازبين
هون هون تون پاڻ کي ٿورو نه سمجهه تو نه آهين ڇا.تون پوئتي پاڻ کي ڏس ته سهي
جيڪڏهن گهر وارو الله ڏسن ته پوءِ ڪعبه ڏي ڇا لاءِ وڃن جنهنجو گهرو الله ڏٺل هوندو اهو توڙي ڪعبه جي ڀرسان لنگهيندو ته به ڪنڌ ڦيرائي به ڪين ڏسندس جنهن قدسي ڪعبه جو طواف ڪيو اهو هٿرادو ۽ مٽيءَ جي ٺهيل ڪعبه ڏانهن ڪهڙو ڏسندو. حديث قلب المومنين بيت الله يعني مومن جي دل الله جوگهر آهي.

بيت
کعبه بنگاهه خليل و آذراست . دل نظر گاه جليل اکبر است
ڪعبه حضرت ابراهيم بن آذر جو ٺهيل آهي. مگر دل الله جو نظر گاه يعني رهڻ جي جاءِ آهي.
دل به دست آور که حج اکبر است . از هزاران کعبه يک دل بهتر است
دل قربان ڪر خدا وٽ ته اڪبري حج اٿيئي هزارين ڪعبن کان هڪ دل وڌيڪ اٿيئي
يڪ دل ان جو نالو آهي جيڪا الله سان هڪ ٿي پوي. بقابا الله جو درجو حاصل ڪري.
ڪعبه وارو الله جو ڪثرتي ميلو آهي الله جو وحد تي ميلو عرش عظيم تي آهي.
الله ۽ رسول گڏجي حضرت ابراهيم کان ماڻهن جي گڏجي لاءِ ميلي جو ٺام ٺاهيو

بيت
“ آيا شاهه نيارا پائي پُوش پيغمبري”
دنيا وارن تي الله ۽ رسول محصول مقرر ڪيو ته جيئن خرچ ڪري منهنجو ۽ الله جو ميلو اچي مچائين ٻيو ته عربستان ۾ اناج جوفصل ڪونه ٿيندو هو. نه وري ان ۾ ڪا پاڻيءَ جي ندي آهي. اناج ٻاهرن گهرائيندو آهن ان ڪري عربن جي پالڻ لاءِ الله اعلان ڪيو ته جيڪو ڪعبه ۾ اچي حج ڪندو ۽ روضئه رسول الله ﷺ تي حاضري ڀريندو ته ان جا سڀ گناهه معاف ڪنداسون. عربستان ۾ سرڪار پاڻي به پائيپن وسيلي ٻاهران آڻايو. آهي. جتان جا ماڻهو پاڻي مفت ٿا پيئن. ان ۽ ٻيون پيداوارون ٿا کڻن ان ڪري الله دنيا جي مسلمانن کان گناهه جي معاف ڪرڻ جي دلاسي تي اربين روپيه خرچ ٿو ڪرائي ان ڪري جو عرب جي بيابانن ۾ رهڻ وارن لاءِ الله روزگار جو بندوبست ڪيو آهي ان طرح سڀني عربن لاءِ روزگار جاري ڪيو اٿس. سڀني کي گهر ويٺي روزي پيو پهچائي. قرباني جي موقعي تي ٻڪرار ۽ ڌنار گهٽا ۽ ٻڪريون وڪڻي سڄي سال جي پورت ڪري ٿا رکن. حجم به حاجين جا مٿا ڪوڙي منڊيل پيا ڪن. سرڪار اعليٰ سڀني جو ڪار ساز آهي جو سڀني جا ڪم پيو ڪري مگر اوڀر جي هندن کي وري گنگا جو ڏس ڏنائين ته جيڪو گناگا ۾اشنان يعني تڙ ڪندو ته اهو پاپن کان پَوتر يعني پاڪ ٿي ويندو. ان ڪري هندو به هزارين روپيا خرچ ڪري وڃي گنگا ۾ اشنان ڪن ۽ تپشائون ٿا ڪن. پوءِ ڳوٺ موٽي اچي جڳ خيراتون ڪن ته اسان پاپن کان پاڪ ٿي آيا آهيون هندوستاني جي مندرن خواه مڙهين ۾ مسڪين ٻاوا ويٺا آهن. جيڪي نڪو هنر ڄاڻين نڪا پوک ڪن. انهن لاءِ الله روڪه پئسه پيو موڪلي جنهن مان اُهي پاپڙ پرساد ۽ پوريون پڪوڙا ۽ ڪورمان ويٺا کائين ٻاهر کان آيل واڻيه هنن کي مٿو ٽيڪي پيٺائون منتائون ۽ نذرانا ڏين. ته آسيا ( دعا) کين ٿئي گروجي آديس آسيا ۽ ديا ڪرپا پيا چون. ديا جي معنيٰ آهي. مهر ۽ دعا ڪرپا جي معنيٰ وڏي مهر روپئي سواتي ديا ڪن. هزارن روپين ڏيڻ کان پوءِ ڪرپا ڪن. سو به رڳو زبان سان ڪرپا چون ته ڄڻ انهن هندن تي ڪرپا ٿي ويئي. هوڏانهن اهي ٻاوا پاڻ بتن کي ويٺا پوڄين ۽ سوال ڪن حقيقي الله کي ڪون ليکين ته به رب العالمين اهڙو ٻاجهارو سرڪار آهي جو دشمن کي به پيو پالي.
ظاهر جي حاڪم وٽ جيڪڏ گهن ڪو نوڪر حاضري نه ڀريندو ته ان کي اهو حاڪم يڪدم نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندس. اسان جو حاڪم اهڙو آهي جو هاءِ جيڪي ياد ئي ڪونه ڪنس ته انهن کي وري ياد ڪندڙن کان وڌيڪ ٿو عطا ڪري ڏسو ته آدمي اهڙي پروردگار پاليندڙ کي وساريون ويٺا آهن اهڙن انسانن جيڪي خدا کي ياد نه ٿا ڪن ۽ نه وري ڪا بندگي ٿا ڪن ته انهن جي جنن انسان انبيائن ۽ اوليائن ۽ ملائڪن ۽ خود خدا جي لعنت آهي جيڪي اهڙي محبوب کي وساري رڳو نفس پرستي ۽ شهوت پرستي ۾ عمر ٿا گزارين اهڙي الله محبوب کان گمراهه رهن جو اهو کارائين پيارين به پيو ته ابه انصاف جو ان کي ياد ئي نه ڪن.
اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ملان جو گهر هو. اتفاق سان اسان جو ان وٽ وڃڻ ٿيو. ملان وٽ هڪ عرب اڳ ۾ ويٺو هو جنهن عربيءَ ۾ يا شيخ مرحبا مرحبا پي چيو. ان عرب پنهنجي ٿيلهي مان هڪ ڪاري غلاف جي اڳڙي ڪڍي ملان کي ڏني . ملان شوق مان ان غلاف جي اڳڙي کي بسم الله بسم الله پيو پڙهي، ۽ ذوق مان پنهنجي اکين تي اها ڪعبه واري غلاف جي اڳڙي گهمايائين. چمي چمي سيني تي رکيائين ۽ منهن تي به ڏاڍو مهٽيائين. آخر اها اڳڙي اسان ڏانهن هٿ ڊگهو ڪري رجوع ڪرڻ لڳو ته اسان هٿن کي ڌڪو ڏنس جو اها اڳڙي وڃي زمين تي ڪري چوسونس ته پري ڪر اها اڳڙي جو اسان جو منهن ان اڳڙي کان به زد آهي ڇا. قرآن ۾ آهي ته وَ لِلّٰهِ الْمَشْرِقُ وَ الْمَغْرِبُۗ-فَاَیْنَمَا تُوَلُّوْا فَثَمَّ وَجْهُ اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ وَاسِعٌ عَلِیْمٌ(۱۱۵) اسان جي منهن سامهون هر طرفان الله آهي. الله کي ڇڏي اڳڙيءَ ڏي ڇو نهاريون. الا نسان سري وانا سره به اسان جي شان ۾ آهي ونفخت فيه من الرُوحي اسان جو شان آهي. خلق الادم علي صورت به اسان جي عزت ۽ مرتبو آهي . اسان جو منهن ان اڳڙيءَ کان وڌيڪ آهي گهٽ نه آهي جو گهمايون ۽ ان اڳڙيءَ کي چميون. هي منهن ان حقيقت ۾ فناءِ کائي هڪ ٿي ويو آهي. اڙي انڌا ملان اسان جو منهن اهي اڳڙيون ڪونه چميندو. اهي اڳڙيون اهي چمندا جيڪي آفتاب حقيقت کان غير واقف ۽ انڌا هوندا. اکين وارا انهن اڳڙين کي ڇا ليکيندا. بيخبر ملان اهو ڪعبو سندس ڀت ۽ ڇت به اسان ٺاهي آهي. ڪعبه کي عزت به اسان بخشي آهي. نه ته ڇهه سئو ورهيهه بتن سان ڀريو پيو هو. بتن سان به خوش ويٺو هو. ڪعبه جا ٺاهيندڙ به اسان ئي آهيون. ابراهيم لاءِ آڙاهه مان باغ به اسان ئي ڪيو هو. آدم ڏي رڍن جا ولر به اسان موڪليا هئا. ٻئي ڪنهن نه هيءَ اڳڙي به رڍن جي ان مان ٺهيل آهي. جيڪا منهن جي مخلوق ڪتي ۽ پوءِ اڻاوت ڪري ڪعبه کي غلاف ڍڪايو هئائون. اهي ساڳيا ان جي غلاف کي ٽڪري ڪري چئن آنن تي جيڪي اتان جي عربن وڪيا آهن انهن کي اسان چميون بيهي ڏيون. طائف ۽ يمن ۾ جيڪي رڍون آهن سي به اسان جو موڪليل آهن. پوءِ انهن رڍن جي ان مان غلاف ٺهيل آهي ان جي ڳڙي اسان جي منهن کان ڪيئن وڌيڪ آهي. ابراهيم کي به ڪعبته الله ٺاهڻ لاءِ اسان موڪليو هو ته جيئن سڀئي مسلمان هڪ عبادت گاهه ڏانهن منهن ڪري عبادت ڪن ته جيئن گڏجي عبادت ڪرڻ سان منجهن يڪجهتي پيدا ٿئي. ان لاءِ اسان حج به مقرر ڪيو هو ته هڪ مقرر ڏينهن تي پنهنجي ئي گهر ۾ ويهي پنهنجي ساراهه گهڻن آدمين جي گهڻي انداز ۾ ٻڌون ۽ ڏسون. اسين سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي سگهون ٿا. هتان واري پنهنجي مخلوق کي تسلي ڏيڻ لاءِ ڪعبه ٺهرايو سون. جنهن لاءِ ابراهيم خليل کي حڪم ڏنوسون ته هڪ پاڪ جاءِ ٺاهه ڇاڪاڻ ته سڀ ماڻهو اسان وٽ عرش عظيم تي پهچي نه سگهندا. انهن جو طواف هت دنيا ۾ اچي منظور ڪيوسون. جن جون جيڪي به اميدون ۽ اراد هجن ٿا. پوءِ انهن جا ڪم خواب خيال جي روپ ۾ پيا ڪريون. نبين جي صورت ۽ جامون پائي انهن جون تڪليفون لاهيون پيا ۽ سندن حاجتون پوريون ٿا ڪريون، ڇو ته هي دنيا عقبيٰ جو ملڪ اسان جو آهي ٻنهي ملڪن ۾ ايندي ويندي نڪا تڪليف نڪو ڀوءَ ٿئي ٿو. يا هت ڪنهن ٻئي جي حڪومت آهي. هيءَ رياست ٻيئي اسان جون آهن. هُتِ به اسان جي بادشاهي ته هت به اسان جي شهنشاهي آهي هِت اسان جي حڪومت هن خاڪي وجود کانسواءِ آهي. مگر هِتِ دنيا ۾ به پيا اچون وڃون. هتان جو سڌ سماءُ به لهون دنياوي حڪومت ڪنهن کان به کسيون يا ڪنهن کي ويهاريون يا تڙيون سڀ اسان جو اختيار آهي. ان ۾ ڪنهن کي به پڇڻ ۽ ڇو ۽ ڇا لاءِ چوڻ جي طاقت نه آهي. تازو ڏسو ته انگريزن کي ڪياڙي ۾ ڌڪو ڏيئي ڪڍيوسون. وري پوءِ هندوستان ۽ پاڪستان جو نمونو ٺاهيوسين. مسلمانن ۽ واڻين کي لڏايوسون. پاڪستان ۾ مسٽر جناح ۽ هندوستان ۾ مهاتما گانڌي کي حڪومت ڏني سون. اهي سڀ تبديليون ڪم هلائڻ لاءِ پيا ڪريون ڪعبه کي بتن کان صاف ڪرڻ لاءِ احمد ۽ عليءَ کي موڪليوسون. محمد يتيم کي طاقت ڏيئي ڪعبه پاڪ ڪيوسون. بتن وارو پراڻو دين ناپسند هو. نفي اثبات سان نئون دين جاري ڪيوسون. بتن واري مذهب کي لا سان نفي ڪري الا الله اثبات ڪيوسون. توحيد جي ڪلمه کي طاقت ڏني سون. جنهن سان نئون نغارو وڄائي احمدي دين اظهار ڪيوسون. سچو دين يدخلون في دين الله ۽ فاوحيٰ عليٰ عبده ما اوحيٰ وارو مشهور ڪيوسين. هي قدسي ڪلام آهي. هيءَ عبديت جي زبان نه آهي هيءَ الهويت جي زبان جي گفتگو آهي.

بيت

گهه به وجوديم گهه بي وجود ، گاهه نمودار گهه بي نمود
ڪڏهن وجود سان آهيون. ڪڏهن سوا وجود جي ڪڏهن ظاهر آهيون ڪڏهن لڪل
گاهه بود عبد گهه احده گاه بود واحد دروحده
ڪڏهن ٻانهو آهي ته ڪڏهن شاهه اڪيلو ڪڏهن واحد اڪيلو ته ڪڏهن ان جي وحدانيت ۾گم
گاه انا احمد بلا ميم گفت گاه انا عبده رابشگفت
ڪڏهن ٿي چيائين ته آءُ احمد آهيان مگر ميم کانسواءِ ڪڏهن ٿي چيائين ته آهيان
ولقد کر منا بني آدم جعلنا هم في البرو البحرو رزقنا هم من الطيبت وفضلنا هم عليٰ کثير من من خلقنا تفضيلا.
يعني بيشڪ اسان آدم جي اولاد کي شرف ڏنوسون کين برن ۽ دريامن ۽ سوار ڪيوسون ۽ کين سٺين شين مان پاڪ روزي ڏني سون ۽ جيڪي خلقياسون تن مان گهڻن کي گهڻن کان فضيلت وارو ڪيوسون آدمي کي ساري موجودات ۽ مخلوقات ۾ مشرف ڪيوسون. هڪ مثال : بدڪ جا آنا ڪڪڙ جي هيٺيان رکي ڦوڙائبا آهن ته بدڪ جا ٻچا به ڪڪڙ جي چوزن سان گڏ گهمندا وتن. بدڪ جو ٻچو جڏهن پاڻي ڏسندو آهي ته هڪدم ڪڪڙ کي ڇڏي وڃي پاڻي ۾ پوندو آهي هن کي پنهنجي اصليت ڇڪيندي آهي ڇو ته هن جي ماءُ بدڪ پاڻيءَ جي رهاڪو آهي. پوءِ ڪڪڙ بدڪ جي ٻچي لاءِ دانهون ڪري کيس ٽڪ ٽڪ پيئي ڪندي ته هاءِ ٻڏي ويندين.
ان طرح هي آدمي به بدڪ جو آنو آهي. جيڪو نفس ۽ بوتي ڪڪڙ هيٺان ڦڙيو آهي ۽ پيلو آهي. هن آدميءَ کي اصليت واري ڇڪ روحاني وحدانيت جي درياه ڏي آهي مگر هن نفس ڪڪڙ جو لاڙو دنيا جي خشڪي ۽ رڃ ڏي آهي. جيڪو ڪڪڙ کي ڦٽو ڪري درياه ۾وڃي وڏي ماءُ سان مليو تنهن کي موت جي باز جو ڪو ڀوءُ ئي ڪونهي جنهن آدمي کي حقيقت جي درياه ۾ ترڻ کان ڪڪڙ نفس روڪي وڌو سو به ڪڪڙ آهي، جنهن کي عزرائيل جو گدڙ سيٽ وڄائي کنيون ويندو. ڇاڪاڻ ته گدڙ جي سيٽ ٻڌي ڪڪڙ وڻ تان ڪري اچي گدڙ عذرائيل جي اڳيان ڪرندي آهي پوءِ ان ڪڪڙ کي گدڙ في السقر في النار جهنم ۾ وڃي ڇڏيندس . لَا یَسْتَوِیْۤ اَصْحٰبُ النَّارِ وَ اَصْحٰبُ الْجَنَّةِؕ يعني يعني جهنم وارا ۽ جنت وارا هڪ جهڙا ناهن.
وَ لَقَدْ كَرَّمْنَا بَنِیْۤ اٰدَمَ .۽ انسان ذات کي اسان عزت وارو ڪيو. اهي به آدمي آهن جيڪي وحدانيت جي اعظم درياهه ۾پهتا.جيڪي خشڪي تي رهجي ويا سي ڪال گدڙ جو قوت آهن. سڀني مخلوقن ۾ شرف وارو اهو آهي جنهن پاڻ سڃاتو.
جمله آدمين جا ٽي قسم آهن. هڪڙا آدمي حيوانن جهڙا ٻيا آدمي ملائڪن جهڙا ٿيان نبين جهڙا. جن آدمين تي شهوت غالب آهي ۽ ان جي حڪم ۾ رهيا ۽ کائڻ پيئڻ ۽ عيش عشرت ۾ گذاريائون پاڻ کي نه سڃاتائون ته اسين ڪير آهيون ڪاڏهن آيا آهيون ڇا لاءِ آيا آهيون ۽ ڪاڏي وينداسين. پنهنجو وطن وساريائون انهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ بشارت انهن لاءِ آهي ته اهي حيوان آهن. اُولٰٓىٕكَ كَالْاَنْعَامِ بَلْ هُمْ اَضَلُّؕ-اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْغٰفِلُوْنَ(۱۷۹). يعني اهي جانور جهڙا آهن پر انهن کان به گهٽ آهن ۽ واٽ ماريل آهن. اهي گڏهه آهن جيڪي دنيا جي ڍوري ۾ پيا چرن گڏهه کي جتي به ڇڏيو ته اتي خوش ۽ سڪ لڳو پيو هوندو. وطن کي ياد ڪري ايندس ٻيا جانور (اُٺ) هاٿي ڪتو وغيره پنهنجي وطن کي ياد ڪري ضرور ڪڏهن نه ڪڏهن ڀڄي وڃي پهچندو. الحب الوطن من الايمان، يعني وطن جي حب ايمان مان آهي هي. آدمي به عرش عظيم مان لهي هت دنيا جي ڍري ۽ ڇٻرائي ۾ آيا ۽ سڪ ٿي ويا. گڏهه وانگر پنهنجو اصل وطن وساري ڇڏيائون. پوءِ عزرائيل جو قوت ٿيا.
ملائڪن جهڙا اهي آدمي آهن جيڪي رات جو جاڳي زباني ذڪر ڪن نمازوڻ پڙهن روزا رکن. خدا جي بندگي ڪن. پرهيزگاري ۽ خدا جو خوف دل ۾ رکن. پرائو حق نه کائن ڪنهن کي ايذاءُ نه پهچائن. اهي آدمي اهل بهشت ۽ ملائڪن جهڙا آهن.
انبيائن جهڙا اُهي آدن جيڪي هميشه عشق الاهي ۽ توحيد جي محبت ۾ گذارن ۽ عشق موليٰ ۾ گم رهن. شهوت کي قيد ٿا ڪن. اهي ڏسڻ ۾ آدمي معنيٰ ۾ جبرائيل آهن.

بيت

نقش آدم ليلک معنيٰ جبرئيل رسته از خشم وهوا وقال قبل
اهي صورت ۽ آدمي مگر معنيٰ ۾ جبرائيل آهن شهواني ۽ نفساني سڌن کان آزاد آهن.
مثال: بادشاهه طوطو ڌاريو هو ۽ ان سان ذوق هوس. هڪ دفعي خيال ٿيس ته هن پکيءَ کي پڃري مان ٻاهر ڪڍجي جيئن پنهنجي سنگتي طوطن سان گهمي ڦري پاڻيهي موٽي ايندو. ٻاهر ڪڍڻ سان جڏهن اڏري وڃي طوطن سان گڏيو ته اهي ڀنگ جون گنڍيون کائيندا هئا انهنجو نشو پڪل هو. هن اڻ هيراڪ جڏهن ڀنگ کاڌي ته نشي ۾ وٺجي ويو. اتان اڏري اچي کٽيءَ جي لٽن ۾ ٽنگڻ وريءَ رسيءَ ۾ لٽڪي پيو. بادشاهه ڳولرائي آخر اچي لڌس بادشاهه پڇيس ته رسيءَ ۾ ڇو لٽڪيو آهين. جواب ڏنائين ته مون کي رسيءَ قابو ڪري وڌو اهي بادشاهه چيس ته رسيءَ توکي قابو ڪونه ڪيو آهي تون رسيءَ ۾ چنبڙي پيو آهين. تون رڳو چنبا ڍرا ڪر. طوطي جيئن چنبا ڍرا ڪيا ته آزاد ٿي آڏاڻو هليو ويو.
اهڙيءَ طرح هن ساري جهان جا آدمي به طوطا آهن ذات ذوالجلال بادشاهه آهي. اهي سڀئي عرش عظيم جي مهلات جا رهاڪو هئا. قرآن اِنْ كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَیْهَا حَافِظٌؕ(۴) ترجمون اهڙو ڪوبه ساهه وارو ڪونه آهي جنهن تي ڪوبه نگهبان مقرر نه هجي هن سڀني آدمين جو ذات ڪبريا نگهبان ۽ مالڪ آهي مگر هي آدمي عرش عظيم جي محلات مان نڪري اچي دنيا جي سير ۾ پهتا جتي هنن کي مائٽن اهو کاڌو کائڻ سيکاريو. ان اکل وشرب سڪر عظيم. يغفل من ذڪر الله تعاليٰ کاڌي پيتي جو وڏو نشو آهي. جيڪو خدا تعاليٰ جي ياد کان غافل ٿو ڪري نفساني لذات ۽ شهوت کٽيءَ واري رسي آهي. جنهن ۾ آدمي طوطي وانگر لڙڪيو پيو آهي نفساني دنيا جي رسي ڪنهن کي به الله کان ڪانه ٿي روڪي مگر هي آدمي پاڻ سڪ لڳو پيو آهي جنهن ان حرص جي نوڙيءَ مان چنبا ڪڍي آزادي هٿ ڪئي سو ساڳي عرش عظيم ۾ بادشاهه وٽ پهچندو حديث: ” ترک الدنيا راس کل عبادت “ يعني دنيا جو ترڪ ڪرڻ سڀني عبادتن جو منڍ آهي ”حُب الدنيا راس کل خطيئته ” يعني دنيا جي محبت سڀني خطائن جو منڍ آهي.
ماڻهو روح جو نالو ننڍ پڻ کان ٻڌي ٻڌي بي ويساها ٿي پيا آهن. جيئن ماڻهو سج کي ڏسي هاڻي کيس خسيس ٿا سمجهن. جيڪڏهن رات جو خواب ۾ ڏسڻ ته چريا ٿي پون. خواب وارو ڏسڻ سچو ۽ روح جو آهي خواب ٻن قسمن جا آهن(1) روحاني خواب (2) نفساني خواب روح سان خواب ۾ سچ ڏسڻ چريو ڪري وجهندو آهي. ڪوبه آدمي چئي وڃي ته مان خواب ۾ سج ڏٺو يا چوڏهينءَ جو چنڊ ڏٺو آهي. ڪوبه آدمي خواب ڏسندو ته صبح جي مهل ڏسندو. سج ۽ چنڊ ڪونه ڏسندو آهي. انهن ماڻهن سج کي نفساني اکين سان ڏٺو آهي نه روحاني اکين سان سو به روزانو ڏسي ڏسي اعتبار ڀڄي پيو اٿن. ان طرح روح جو به نالو ٻڌي ٻڌي خسيس ڪري ٿا سمجهن ائين نه ٿا سمجهن ته ڪو روح به وڏي شيءَ آهي. رات جو اهو روح ننڊ ڪرڻ مهل دم جي جهلي کي چاٻي ڏئي مقرر ڪيل وقت جي انداز تي سير لا هزارين ڪوهن تي هليو وڃي ۽ پويان بوتي ۾ جهلي پيئي هلي مقرر وقت تي روح موٽي اچي پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪيئي ماڻهو کائي پي سمهن ۽ پوءِ ستي پيئي مري وڃن. اهو ڪهڙو سبب جو نه بيماري هجين نه نانگ کائين . پوءِ اهي ڇو مئا. ماڻهو ان کي مفاجاتي موت يعني اوچتو موت چوندا آهن ان جو سبب اهو آهي جو هن وجود ۾ ٽي روح (1) روح المقدس جيڪو دم جي حفاظت ٿو ڪري.(2) روح منزح جنهنجي حواله ننڊ آهي.(3) روح مقناطيس مرداني روح جو نالو آهي ۽ زناني حسن واري روح الحديد يعني لوهو روح چئبو آهي مردانو روح کاڌي پيتي ۽ حسن تي تمام حيران ٿي پوندو آهي. ۽ روح الحديد يا زنانو روح سو به ساڳي طرح مقنا طيس روح کي چنبڙي پوندو آهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي روحن کي حسن واري يا ڪابه لذيذ شيءَ وس ۾ نه ملي ته ان کي نظر ۽ خيال سان نقصان پهچائي وجهندو آهي جنهن کي نظر لڳڻ چئبو آهي.
مثال جيئن رسول الله احد واري جنگ ۾ زخمي ٿي پيو هو. جنهن تي الله کي چيائين ته مون کي هيءَ تڪليف ڇو پهتي جو تو مون سان فتح جو وعدو به ڪيو هو الله چيس ته ڪافرن توکي نظر هيئن آهي.
قرآن : وَ اِنْ یَّكَادُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لَیُزْلِقُوْنَكَ بِاَبْصَارِهِمْ لَمَّا سَمِعُوا الذِّكْرَ
۽ بيشڪ جڏهن قرآن ٻڌندا آهن تڏهن توکي پنهنجي تکين اکين سان ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
جنهن وقت مقدس روح سير تي ويندو آهي دمجي ڪهلي کي چاٻي ڏيئي منزه يعني ننڊار کي روح کي ننڊ مان اٿاري جهلي جي پارت ڪري پوءِ پاڻ سير تي ويندو آهي. جنهن وقت چاٻي وارو مقرر وقت پورو ٿي وڃي ۽ مقدس روح واپس نه اچي ته يڪدم دم واري جهلي بند ٿي ويندي آهي ۽ هي بوتو مري ويندو آهي. بوتي جا ٽِٽ نڪري ويندا آهن صبح جو سڪي ٻاند ٿي ويندو آهي پوءِ هلو حشر ۽ ڀنڻ ٿي ويندو آهي. اهو بوتو روح جو ڪانوَ وارو پڇ آهي. پوءِ ان پڇ تي ڪانون جا ڪانگيڙا ٿي وڃن. سڀڪو ڪانءِ ڪو وڻن مان ڪو گهرن مان ٽان ٽان ڪندا ايندا آهن. ڪو ڪهڙي بات پيو ڪهي ته ڪو ڪهڙي پوءِ وڃي پوريندس.
حقيقت ۾ اهي ٽيئي روح ان روح الا عظم جا جزا آهن. خاص ان درياهه جا واهه ۽ واٽر آهن جيئن درياهه موجان ڪندو آهي تئين اهي واهه ۽ واٽي به وقت تي کنڊ وجهندا آهن. ڇو ته انهن ۾ به درياهه واري موج جي عادت آهي. حتي المقدور اهي واهه ۽ واٽر به اصليت واري هير پوري ٿاڪن. ان طرح روح به جنهن مهل ڪاوڙ ۽ جلالي ۾ اچي ٿو ته کنڊ وجهي ٿو يعني ڪنهن ٻئي بوتي کي ڊاهي ٿو وجهي. روح به ڪن حالتن ۾ قوت وارو ۽ خودمختيار آهي.
هيءَ ڳالهه ڪتابي آهي مگر علم لدنيءَ ۽ معرفت جي ڳالهه آهي. هن حقيقت ۽ عامن جو نه خاصن جو علم آهي. جنهن کي ڄاڻندا آهن. جيڪو دنيا جي ڇٻر واري ڍوري ۾ گڏهن وانگر رهندو سوهن ڳالهه کي نه سمجهندو. هن لدني علم پڙهڻ لاءِ صرف هڪ لفظ آهي. جيڪو پڙهندو سو سدائين حسن جي هل هنگام ۽ حسن جي حمام خاني ۾ رهندو هي عرش عظيم جو علم آهي. حيف ۽ ٿُڪ هيجو جو اي بي ثي پڙهيو لدني علم نه پڙهيوءُ. جيڪڏهن هي علم پڙهو ها ته ٻنهي جهانن جو احتياج ڪونه ڪڍو ها.
اوهان جا استاد به انڌا ٻوڙا ۽ گونگا هئا اهي پاڻ ئي هن علم کان صم بکم هئا. جن اوهان کي صرف گهڻو کائڻ پيئڻ. گهڻو ڳالهائڻ ۽ شهوت پرستي جو سبق ڏنو. هيءَ جيڪا به دوزخ جي حقيقت بيا ڪئي سون اها سڀ قرآن پاڪ جي ٻن آيتن جي تشريح آهي(1) وفي انفسکم افلا تبصرون. (2) ونفخت فيهم من روحي جي توحيد جي تقرير آهي.
مثال: هڪ طاقت وارو ماڻهو هو. جنهن پنهنجي پٽ کي گهوڙن جي تنبيلي ۾ نوڪرن ڳوٽ ڇڏيو. ڇو ته غربت سکي ۾ ڪم مان تنگ ٿي. من ڪوهنر سکي پوي. اتي رهندي تنبيلي جي جماندار گاهه ڪرڻ وارن کي چيو ته هي شينهن جو ٻچو آيو آهي. ان کان اهڙو ڪم وٺو جو جيئن توهان جي منهن ۾ سدائين لڄي هجي. متان سڀاڻي بادشاهه ٿي توهان کان گاهه ڍوئائڻ ۽ لڏ ڪڍرائڻ کي ياد ڪري توهان تي ظلم ڪري. پوءِ هنن ڇا ڪيو جوهن ڇوڪرکي نشو کارائين ننڊ ۾بدفعلي ڪيائنوس . انهن کي اهو ڏس ڪڙهه جي جماندار ڏنو جو آخر هن خاندان کي ان بدعادت تي هيرائي وڌائون. پوءِ سڄي عمر انهن جو ڪاڻيارو ۽ لڄي رهيو. هنن جي منهن تي ڪڏهن به زور نه ڀريندو هو ۽ هميشه هنن جي راءِ تي هلندو هو قرآن الا نسان حريص بتمام
ان طرح هي آدمي جو روح به روح الاعظم زابر بادشاهه جو ٻچڙو آهي جنهن هن دنيا جي تنبيلي ۾ ڇڏيو. خيال ۽ روح وهم سڀ گهوڙن وانگر آهن. ان تنبيلي جو جماندار نفس آهي. حرص. طمع چار عناصر ۽ حواس هن گاهه ڪرڻ وارا آهن. جيڪي هن کي اناج جو نشو کارائين ننڊ سمهاري گهڻي ڳالهاڻ ۽ گمراهيءَ جي بدفعلي جي هير ٿا. وجهن جنهن سان اهو روح سدائين لڄي پيو ٿيندو. اهو روح حق جي طرف هلي ٿو ڪونه سگهندو نه وري عرش اعظيم تي پيءُ جي روبرو وڃي سگهندو. اتي ان تنبيلي ۾ گاهن دٻدٻو ڦٽو ڪيون ويٺو هوندو. دال تي خوش پيو گذاريندو.

بيت
روح باشد هر دو عالم را اصول ، ديگر عالم چون امت رسول
روح ٻنهي جهانن جو بنياد آهي، ٻي ڪائنات امت ۽ هو رسول وانگر آهي.
روح راجائي بود درلامکان ، منزلش بس ازبرون کون مکان
روح جي جاءِ لامڪان ۾ آهي. ان جي منزل جي حد ڪون ومڪان کان ٻاهر آهي
روح چون از اصطنبل آزاد شد، از وجود رست او دلشاد شد
روح جڏهن ان دنيا جي تنبيلي مان آزاد ٿيو ته اهو وجود مان نڪتو ۽ خوش ٿيو.
هر که در اسپان بود خدمت گذار ، روح اوشرمنده شد خوار تزار
جيڪو گهوڙن يعني وهمن ۽ خيالن جو خدمتگار ٿيو ته ان جو روح لڄي ۽ خوار خراب ٿيندو.
هر که در اين اصطنبل محبوس شد. درد وعالم کا را معکوس شد
جيڪو هن جسم جي تنبيلي جو قيدي ٿيو ته ٻنهي جهانن ۾ ڪارناما اوندها ٿيا.
پيش سائسيان دوتا پست نگون ، آبروئي ريخت شاهي درجنون
اوسئنس اڳيان ڳئي اگهاڙو ٿي نوڙي بيهندو عزت ۽ شاهي چريائوپ ۾ وڃائي ڇڏيائون
روح اپرواز جولان چون کند ، چون شب تاريکش افسون کند
ان جو روح پرواز جا جولان نه ڪري سگهندو . اونداهي رات وانگر پريشان هوندو.
چون پرش در گل بمانده شد خجل، رفتن پيش خدائي عزو جل
جڏهن ان جا پر مٽيءَ ۾ لوئاڙجي ويا. پوءِ اهو رب پاڪ وٽ ويندي لڄي پيو ٿيندو.
شد مقام روح ناپاکان سڃين برد ايشان راسوئي قصر زمين
انهن پليدن روحن جي جاءِ سجين دوزخ آهي، پوءِ انهن کي ملائڪ زمين جي تهه خاني ۾ نيندا
تو ازهل بادشاهه اعظم . ننگ دار راز علت نامحرم
تون ته بادشاهه اعظم جي خاندان مان آهين غير واقفن کان لڄ بجاءِ انهن سان گڏ نه ٿيءُ
هي ازهل وهم اسپان خيال، کردسر گين اسپ تورا پائمال
وهمي ماڻهن جا خيال گهوڙا آهن، جن جي سرگين زڪام تنهن جي گهوڙي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
خواب غفلت کرده است عافل تمام ، کرده ءِ نسيان ذکر حق ازان
غفلت جي ننڊ اهڙو ته غافل ڪيو اٿس. جنهنڪري الله جو ذڪر وساريو اٿس
عرش اعظم جاءِ روح پاک را، زير پايش ملک نه افلاک را،
پاڪ روح جي جاءِ عرش اعظم آهي نوَنِ آسمانن جو ملڪ ان جي پيرن هيٺان آهي.

بادشاهه جي ڳالهه

هڪڙي بادشاهه اعلان ڪيو ته مان سڀاڻي لڪندس. جيڪو مون کي ڳولي لهندو ته ان کي سارو ملڪ انعام ۾ ڏيندس. ٻئي ڏينهن تي صبح جو سوير بادشاهه وڃي پنهنجي باغ ۾ لڪو. باغ جي دروازي وٽ ڪـڃريون سازن سروزن سان ڌڪڙن ڌمانن سان راڳ ۽ ناچ پيون ڪن. دوڪان لڳل هجن جن تي حلوه ۽ ڪباب ۽ ٻيو کائڻ جو شيون موجود هجن مطلب ته تماشو اهڙو هجي جو ڪابه ڪمي ڪانه هجي. جيڪو به بادشاهه کي ڳولڻ پيو اچي سو ان تماشي تي بيهي پيو وڃي. پر هڪڙو بادشاهه وزير هو سوانهن تماشن مان ٻسٽ باغ ڏي هليو ويو ۽ وڃي بادشاهه کي لڌائين.بادشاهه انب جي ٿڙ جي پور ۾ويٺو هو. بادشاهه هن کي ڏسڻ سان کڻي ڀاڪر وڌس ۽ چيائينس ته هم تم هويا تم هم هويا. ان طرح بادشاهه لم يزلي به هن دنيا جي باغ ۾ آدمي جي وجود ۾ اچي لڪو.
بيت
راه خدا تعاليٰ در قلب مومنين است، درزمين وآسمان اور اگنجائش نيست
خدا جو رستو مومنن جي دلين ۾ آهي زمين ۽ آسمان ۾ اهو ماپي نٿو سگهي
حديث: لايسفي في يسعي ارضي ولا سمائي ولاکن في القلوب المومنين. الومن حي في الدارين بل هم احياءُ عند ربهم
جنهن جي دل ذڪر اعظم سان زندهه آهي اهو هتي هتي جيئرو آهي. اهو الله جو مومن ۽ وزير آهي. فقير الله جا وزير آهن. عاشق ۽ عارف آهن جيڪي هن بوتي جي ڍڍر مان الله کي ڳولي ٿا لهن. دنيا جي لذتن ۽ تماشن ڏي نٿا نهارين. ونحن اقرب اليه من حبل الوريد جي معنيٰ ۽ شرح اها آهي.
جيڪو دنيا جي تماشن کي ترڪ ڪندو. اهو ان بازار مان ٻسٽ شاهه اعظم ڏي ويندو. ۽ اهو ئي نحن اقرب وارو الله لهندو.

بيت
عارف آنها که خدارا يا فتند ، از تماشاءِ جهان روتا فتند
عارف اهي آهن جن خدا کي لڌو دنيا جي تماشن کان منهن موڙيائون
آن نديمان الاهي در جهان، درد وجد يا فتند آن ذوالمنان
اهي دنيا ۾ الله جا همنشين آهن. انهن پنهنجي وجود مان ذوالجلال کي لڌو
از درخت جسم خود آن شاهه را، يافتنداز وصلتش کارو گياه
پنهنجي وجود جي وڻ مان ان شاهه کي لڌائون ان جي وصل سان سندس مطلب ٿي ويا.
من طلب شيءُ چون جستند آن خدا . عاقبت جو بنده يابنده سزا
جنهن کي ڪنهن شيءِ جي گهرج هوندي آهي ته ڳوليندو آهي. آخر ڳوليندڙ لهندو آهي اهو دستور آهي.

توحيد جي پڄاڻي توحيد جو انڪار آهي يعني جيڪا ڳالهه توحيد جي آهي سا سڀ ڳالهه فقير پنهنجي چوندو. اهي سڀ گفتاران منهنجون آهن منهنجي دل جي دفتر تان هليون آهن. قرآن حديث يا عارفن جا ڪلام پنهنجي گهر جي ڳالهه پيو سمجهندو. اهي امر نهي ۽ مخلوقن کي سمجهاڻيون ۽ هدايتون به منهنجون ٿيل آهن توحيد جون حديثون ۽ آيتون به پنهنجون پيو سمجهندو. توحيد جي پڄاڻي اها آهي ته جنهن ملڪ جي گفتار يا ڳالهه ٿيندي ته اهو ملڪ ۽ منزل فقير روبرو پيو ڏسندو. جنهن به حد ملڪوت جبروت يا لاهوت جي ڳالهه ڪندو ته جيئن بادشاهه جلسي ۾ ڪرسيءَ تي ويهي خطاب ڪندو آهي تيئن عارف به ان حد ۽ منزل تي پهچي ۽ اتي بيهي ڳالهه ڪندو.
وجد جي حالت ٽن قسمن جي آهي (1) وجد هجر جا ٻه قسم آهن ٽيون وجد وصل ۾ ٿيندو آهي. هڪڙو وجد طالب کي سبق پڙهڻ سان ٿيندو آهي، دلين جا ٻه قسم آهن. ڪن دلين ۾ وجد ٺڪاءُ ڪري گهري پوندو آهي پر اهو وجد اڃا فراق جو آهي، ڇو ته ذڪر جي جوش ۽ جذبه سان ۽ ذڪر جي وهڻ سان طالب جو وجود تڙپي بل کائيندو آهي. ان وجد ۾ طالب ڪجهه به ڪين ڏسندو مگر سندس روح ذڪر تابش ۽ سازن سروزن جي آواز کي برداشت نه ڪري سگهندو آهي جو پنهنجي ملڪ جي ڳالهه ٻڌڻ سان ڳچ ڳري ٿا پون. تمام بيحال ٿو ٿئي.
ٻيو وجد اهڙو آهي جنهن ۾ جسم نه تڙپندو آهي توڙي هجر هجي يا فراق يا وصال هجي. مگر سندس چهري ۾ تبديلي ايندي آهي. اکين تي نشو پئجي ويندس. مگر معراج نه هوندس. سندس اکيون هتون لامڪان پيو ڏسنديون دل جا پردا ڦاٽي پوندس. مگر پاڻ نه ويندو
وجد جو ٽيون قسم اهڙو آهي جو سبق پڙهڻ سان هن جي وجود ۽ قلب ۾ ڄڻ بندوق جو ڇرو اچي لڳندس. اکين تي نشي جا مڻ چڙهي ويندس. اکيون زورن سان به کلنديس. ان وقت طالب عاشق جي وجود ۽ عبرت پيدا ٿيندا آهي ان سخت بيحاليءَ ۾ فقيرجي وجود تي ڪوبه هٿيار نه وهندو . عاشق جو وجود عرش اعظم ٿي پوندو يا. خود عرش جو مالڪ رئيس پاڻ ٿي پوندو. اثباتي جي ڀاڱي جي ضرب پيدا ٿيندي. جنهن ۾ بي انداز نشو ٿيندو. ٻن پيرن سان اهو وجود عين وصل آهي وصل جو مدار سيني تي آهن جن تي اهو وصل وارو وجد پوندو آهي. اهڙيون خاص دليون به عشق شهنشاهه ٺاهيون آهن. عام دلين تي اهو وجد نه پوندو آهي مگر پوءِ به ڌڪ لڳندو اٿن. جيئن پکيءَ کي گز ڪيرائي وجهي. ڪي پکي به گز جهلي اڏريا ويندا آهن.
عشق شهنشاهه وجد وارين دلين جا ٻه قسم ٺاهيا آهن
حديث: الوجد ثلاثته الاقسام قسم الاول وجد العام قسم الثاني وجود الخواص،قسم الآخر وجد الخاص . وهوو وجد يوصل لقاءَ الله تعاليٰ
خاص الخاص صوفيءَ کي معراج ٿيندو آهي جيڪو جسم مان نڪري عين ٿي پوي ٿو. اهو رسول الله وارو معراج چئبو آهي. وجد ڇو پيدا ٿيندو آهي. خاڪي وجود ۽ روح عشق جي شينهن اڳيان هرڻ وانگر تڙپندو آهي. عشق شينهن جي اڳيان هرڻ جي هستي رئي ٿي ويندي آهي.

بيت
پيش شير آهوئي بيهوش شد. هستيش درهستي او روپوش شد
شينهن جي اڳيان هرڻ بيهوش ٿيندو آهي شينهن جي اڳيان ان جي هستي لڪي ويندي.

بيت
اونها وري جو دوڙا الايو. عشق آرام نه ڏيندا. عشق جنهن کي بيدار ڪيو سو ملڪ فلڪ ۾هوشيار ٿيو.هن جسم جي قيد کان بيزار ٿيو. اهو سر سوڌو بردار ٿيو. پوءِ ان جوهت اختيار ٿيو. عاشقن جي فوج جوسالار ٿيو. پءِ ان کي دائما ديدار ٿيو. اهو عاشقن ۾ اظهار ٿيو. عشق عجب آفات نه ڪشف نه ڪرامات نه طالب نه درجات. عشق رڳو الا الله اثبات عشق اتي اُتي جتي ڏينهن نه رات، ظاهر عشق جي صفات، باطن عشق جي ذات عشق جي اُلٽي چال ۽ الٽي بات، دنيا عقبيٰ عشق جو ظهور آهي. سج چنڊ عشق جي بتي جو نور آهي. جيڪو دنيائي روشنائي لاءِ دستور آهي. عقبيٰ جو طالب مزدور آهي. عشق جو طالب مخمور آهي. دنيا جو طالب بي نور آهي نفس جو طالب حق کان گهڻو دور آهي، جو عشق کانسواءِ جدا آهي سو مهجور آهي عاشق عشق جو منصور آهي عارفت هِتي هُتي منظور آهي. جيڪو هن کان بيزار ٿيو سو عشق ۾ اظهار ٿيو. جنهن هن کي نه ڄاتو تنهن عشق کي سڃاتو. جنهن عشق کي سڃاتو تنهن سڀڪجهه سڃاتو ۽ پاتو. عشق نه ڪافر نه مسلمان آهي عشق کي نه دين نه ايمان آهي. عشق جو نه شيطان نه رحمان آهي. عشق جي موج هي هو جهان آهي. عشق ٻنهي کان نرالو آهي. عشق جو پنڌ سخت ڪشالو آهي. عشق ۾ مرڻ ۽ جيئڻ آهي. عشق ۾نه تقويٰ نه دين نه ايمان آهي. عشق حقاني اسلام ۽ امام آهي. دين ۽ ڪفر عشق جي دام آهي. جيڪو مئي وحدت پيئندو سو قيامت تائين نه مرندو. نه اتان نشو لهندو. جنهن تي وحدت جي مئي جو نشو چڙهيو سو عمر تائين هوشيار نه ٿيندو ۽ ڪثرت کان بيزار رهندو. هِن هُن جهان ۾اهو نه بيهندو. جسم جي قيد کان آزاد رهندو. ڪڏهن هِتِ ته ڪڏهن هُتِ رهندو. جيئن ڪو درياهه جي ڪن ۾ پوندو آهي ته ڪڏهن تري ۾ ته ڪڏهن مٿي ترندو آهي. جيڪو درياه جي تيز گرداب ۾ يعني ڪُن ۾ ايندو ته ان جو ڪهڙو حال هوندو. عشق سان درياهه جو مثال ان ڪري ٿا ڏيون ته جيڪو طالب ان رحمت جي درياهه ۾ ويو ته مئي وحدت جي نشي سبب اهو فقير پاڻ اصل ڪونه رهندو رڳو درياهه هوندو.

بيت

من به درياه تيز مهر آمدم، آمدم من در عجبها آمدم
مان درياهه جي تيز ڪن ۾ آيو آهيان، آيو آهيان عجيب حيرتن م آيو آهيان
ساري دنيا جو حسن ان درياهه اعظم جو ڦڙو آهي. هو دهشتي درياهه آهي. هڪڙو فقير ٽن ڪوهن تان پنڌ ڪري مصرع جي معنيٰ پڇڻ آيو ته ”دليان ڪي ميداني اوپر ڪونتل عشق ڪڏا ويگا“ هي مصرع سچل فقير جي ڪافي جو آهي. امير به ويٺل هئا جيڪي فقيري جي دعويٰ ڪندا هئا وجد حال وارا هئا. عمر فقيري ۾ گّذاري هئائون ان مصرع جون پنج ست معنائون ڪري ٻڌايائون جنهن تي پير ڳوٺ جي عليٰ بخش فقير انصاري چين ته توهان جي هڪ به معنيٰ دل کي نه لڳي تنهن تي ان خان فقير پڇيو ته هي ڪنهنجو طالب آهي. ماڻهن چيس ته فولاد علي فقير جو.
پوءِ علي بخش فقير اسان وٽ معنيٰ پڇڻ لاءِ آيو. اسان کيس معنيٰ نه ٻڌائي ڇو ته قرآن پاڪ ۾ به خاص راز مخفي آهن. قرآن جي حد لوح محفوظ تائين آهي هيءَ ڳالهه عرش عظيم کان به پري جي آهي. هيءَ بيحد ملڪ جي ڳالهه آهي قرآن ۾ به اُهي ڳالهيون لڪل آهن. هن مصرع ۾ ذات منزه جي حقيقت بيان ڪيل آهي. فقير کي اها ڳالهه ٻڌائڻ ڏوهه آهي علي بخش کي چيوسون ته توکي اسان رستو ڏسيو آهي. ان دڳ سان هلندو رهندين ته وڃي اتي پهچندين .جنهن تي رنج ٿي ويو. ته مان ڪيڏو پنڌ ڪري آيو هُيس ته به معنيٰ نه ٿا ٻڌايو جنهن تي اسان مثال ٻڌايس ته جيئن خرار مان جنس لاءِ ڪڻا ڏيکاربا آهن چيوسونس ته تون ڪراچيءَ ۾ زناني ناٽڪ ۾ رقص ۽ ناچ ڏسڻ سان ڪرسيءَ تان ڪري بيهوش ٿي پيو هيئن اهو حُسن اعظم جو ڦڙو ڏٺو هيئه جيڪڏهن دهشتي درياه جو حسن ڏسنين ته تنهنجو الائي ڪهڙو حال ٿئي.جيڪر بچي ڪونه سگهين هاڻي توکي درياهه جي ڦڙي جو ڏس ڏنوسين. هاڻي ان ٻڌايل رستي سان پنڌ ڪري پاڻ وڃي ڏس ته دلين جو ميدان ۽ شهر ڪٿي آهي. هي ملڪ جسم جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ ڏسبو آهي. رسول الله به جسم کان ڌار ٿي پوءِ ملڪ ڏٺو هو. اهو موت نه آهي مگر دائمي حياتي آهي. وري موت ان تي هرگز نه ايندو حديث الموت جسر يوصل الحبيب الي الحبيب، موت پُل آهي جيڪا دوست کي دوست سان ملائيندي آهي.
عشق هڪ مشهور نانءُ آهي جيڪو سڀ ڪنهن کي اچي ٿو، ان نالي کي رسول الله ﷺ به قرآن ۾ لڪائي ڇڏيو آهي. عام ماڻهن خواه عالمن فاضلن غوثن قطبن کي انهيءَ عشق جي حقيقت. صورت ۽ حد جي خبر ڪانهي عشق جي خبر ان کي آهي جيڪو جسم مان نڪري معراج ٿو ڪري جنهن نون آسمانن کي پيرن هيٺان ڪيو. عرش اعظم کان به پري ويو. ان ڳالهه جي اشاري مان سمجهو ته عارفن ۽ عاشقن جيڪي شعر چيا. آهن انهن ۾ هر هنڌ عشق جو نالو آيل آهي. ان ڪري عشق جي خبر معراج وارن عاشقن کي آهي. ٻين کي صرف عشق جو نالو ٿو اچي مگر جيڪي حلال کائن ٿا ۽ زباني ذڪر ڪن ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا ته انهن جي دعا ۽ پِٽ لڳي ٿي. غوث ۽ قطب بهشت جا خواهشمند آهن. نفس پرور آهن. ۽ عشق جا مُنڪر آهن. ڇو ته عشق ۾ ڏک آهن. نفس لاءِ بکون اوجاڳا ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ ڏکيا آهن. عاشقن جو ڪم پاڻ کي ڄنگهه ۾ رسو وجهي ٽنگڻ وارن ۾ رسو وجهي ٻڌڻ وهندڙ پاڻي ۾ ڪرڻ يا ڪٻي وڻ تي ويهڻ ننڊ اچڻ مهل پاڻي ۾ ڪرڻ اهي تڪليفان ڏيئي عاشق پاڻ مان نڪرندا آهن ذڪر جي وسيلي هن پائخاني جي ڪوٺي مان روح کي ذڪر جي وسيلي ڪڍيندا آهن. جاڏهن جا آيل آهن اوڏانهن موٽندا آهن. پوءِ اصلي موج ماڻيندا آهن.
اها خبر نه ٻڌي اٿو ته شيخ شبلي جيستائين جسم جي قيد ۾ هو ته تيستائين نفس جي اکين ۾ لوڻ وجهندو هو.ڪتاب شيخ شبلي جي باري ۾ لکندا آهن ته ننڊ وقت فقير اکين ۾ لوڻ وجهي ننڊ ڦٽائيندو هو. موليٰ عليه عليه السلام جو فرمان آهي ته جنهن پنهنجي پاڻ کي سڃاتو ڄڻ الله کي سڃاتو.

بيت شيخ عطار رحه
م درادره بود قالين بود، زيرپهلص خشتها بالين بود
طالب مردانه کي سمهڻ لاءِ تڏو به قالين يا غاليچو آهي. وهاڻي بدران مٿي هيٺان سرون هونديون آهن
غوث قطب سڀ جسم جي قيد ۾رهجي ويا. جسم مان نڪري معنيٰ جو معراج نه ماڻيائون نفس دشمنن جي خدمت ڪندي مري ويا. رڳو بهشت جي اميد ۽ ڳڻتي م رهجي ويا. اسان عاشقن فقيرن کي نه بهشت جي اميد نه دوزخ جو ڀوءُ ٻنهي کان بيزار آهيون. ڇو ته اهي ٻيئي مخلوق آهن اسان وڃي ان جي خالق کي لڌو ۽ ان سان همدم ٿياسون اهوئي بهشتن ۽ دوزخ جو مالڪ آهي. دوست ان محبوب جو جلال آهي ۽ بهشت جمال اٿس. اسان ٻنهي کان آزاد آهيون.اتي مخلوق ۽ مخلوقيت جي ڪا به طاقت نه رهندي آهي جيئن رسول اللهﷺفرياموآهي ته روايت ربي بيعن ربي. يعني اسان الله ج کي الله جي اکين سان ڏٺو آهي هي آدمي جو روح وڏي دراياه جو ڦڙو آهي. ڦڙو درياه ۾ پوڻ سان ملي هڪ ٿي ٿو وڃي ٻي غير جنس آهي روح ان جو ذاتي جزو آهي .پاڻي جا جانور پاڻيءَ ۾ رهن ٿا. ڇو ته پاڻي هنن جو روح آهي. اهو پاڻيءَ ٻيا خشڪي جا جانور به پيئن ٿا. ان لاءِ پاڻي حياتي آهي پر جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ڪرن ٿا ته ٻڏي مري ٿا وڃن. مثال جيئن ٻيڙيءَ لاءِ پاڻي حياتي به آهي ته موت به آهي. ڇو ته جيڪڏهن پاڻي هيٺان اٿس ته حياتي اٿس. پر جيڪڏهن منجهه گهري پيس ته موت اٿس،
تيئن نفس کي به ذات جو پاڻي قدر آهر مليو ته پيئي ٿو. مگر هي پاڻي کان غير جنس آهي ڇو ته خشڪيءَ جو رهندڙ آهي. هن کي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ جو خوف آهي. ان ڪري ذات الاهي پنهنجو ديدار روح تي مقرر ڪيو آهي. ڇو ته روح عالم بالا جو جزو آهي اوڏاهون هت آيل آهي نفس مٽيءَ مان ٺهيل آهي. ان ڪري ان کي زمين تي ڇڏيائين.ذات وئي ذات ۽ صفات ويئي زمين يعني مٽيءَ ڏي نفس روح لاءِ سواريءَ جو گڏهه آهي. جيڪڏهن ڪو بادشاهه ڏي ايندو ته سواري ته سامهون نه ايندو مجال نه اٿس. وهٽ پري ٻڌي پوءِ ادب سان ايندو. وهٽ سوڌو وٽس ايندو. ته پادر کائيندو.رايت ربي بعين ربي جي اها تشريح آهي.
ذات ذوالجلال جي درٻار جو ڪتو ۽ دربان حضرت عزرائيل آهي ان کي حڪم ڪيائن ته ڪير به ماڻهو منهنجيءَ درٻار نفس ڪتي سوڌو لنگهڻ نه ڏجانءِ مثال ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي گهر ۾ ڪتي سميت ويندو ته گهرو ڪتو ماڻهن کي ڪونه چوندو مگر ڪتي کي وڃي دسيندو.
سرڪار اعظم جي ڪتي جو خوراڪ ٻڌو ته ڪنهن ملان قاضي يا زاهد عابد کان شهواني خواهه گمراهي جو ڪم ۽ حق غضبي ۽ ناحق ڪرائيندو ته پوءِ ڄڻ خوراڪ کاڌائين. پوءِ ٻارهن مهينا ان کي ڍئو هوندو ۽ آرام ۾ پيو هوندو. وري به جڏهن بک لڳندس ته جاچي ڪنهن زاهد عابد جي واٽ ماريندو. شهواني ڪم ڪرائيندس هميشه کان وٺي هن جي اها چال آهي. اهو ڪتو مالڪ جو بي فرمان نه آهي. ڇو ته جيڪو به نفس ڪتي سوڌو درگاهه ۾ وڃڻ جي سڌ ڪندو ته ان کي ماريندو ۽ وڃڻ نه ڏيندس.حديث: ان نفسڪ کلاب بيشڪ توهان جو نفس ڪتو آهي. اسان حضرت عزرائيل کي محبوب جي در جو ڪتو ان ڪري سڏيو آهي جو در جو ڪتو به مالڪ کي پيارو هوندو آهي جيئن مجنون جي محبت جو ڪمال هو جو ليليٰ جي در جي ڪتي جا پير چمندو هو.

بيت
پاءِ سگ بوسيد مجنون خلق گويد اين چه گاه گاه اين سگ در کوئي ليليٰ رفته بود
مجنون ڪتي جا پير پيو ته ماڻهو پيا چون ته هي ڇاجي ڪري ٿو ائين ڪري جنهن تي پاڻ چيائين ته هي ڪتو ڪڏهن ڪڏهن ليليٰ جي گهٽي ۾ ويندو آهي.
سارو جهان ان نفس ڪتي جو تابع آهي چئو ته ڪنهنکي به الله جي محبت يا ڪو يادگير به آهي؟ قرآن قليل ما تئومنون واڪثر هم الفاسقون ڪي ٿورا مومن آهن مگر گهڻا فاسق آهن ساري جهان ۾ نهاري ڏسو ته ڪو گهر ڪتي کان خالي آهي. شهرن ۾ يا برن ۾ هندن ڪولهين يا ڀولائن جي هر هڪ گهر ۾ ڪتو آهي. دنيا جي مال جي حفاظت به اهو نفس ڪتو ٿو ڪري. جهيڙا فساد زمين ملڪيتن تي ڪڙين ڪسين تي تڪرار به اهو نفس ڪتو ٿو ڪري سڀڪو ٿو چاهي ته اهي منهنجي حواله ۾ هجن اها سڌَ ان ڪتي نفس جي آهي. روح جي خواهش عروج سير معرفت ۽ ديدار الاهي آهي.هر ڪو پنهنجي اصل ڏانهن ڇڪي ٿو. مثال نفس جي نسبت ڪتو ڏسو جو اٺ يا هاٿيءَ يا ڪيڏي به ٻئي وڏي ڍونڍ تي ايندو ته اتان ڪانوَ ۽ ٻيا ڪتا تڙيندو وتندو. .جيئن اهو سڀ مان کاوان، ٻيو ڪير به ڀائوار نه ٿئي. تيئن دنيا جا ماڻهو به ان ڪتي نفس جا تابع آهن ته جيئن سڀ ڪجهه اسان کائون ٻئي ڪنهن کي به نه ڏيون، قرآن پاڪ ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ دائود نبيءَ کي فرمائي ٿو یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلْنٰكَ خَلِیْفَةً فِی الْاَرْضِ فَاحْكُمْ بَیْنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ وَ لَا تَتَّبِـعِ الْهَوٰى فَیُضِلَّكَ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِؕ- : يعني (اي دائود عه) توکي اسان زمين ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪيو آهي پوءِ حق سان حڪمراني ڪجانءِ سڌن جي تابعداري نه ڪجانءِ اهي سڌون توکي الله جي رستي کان گمراهه ڪنديون. دائود جهڙي نبيءَ کي به رب العالمين سڌن جي تابعداري کان منع ڪئي اها منع جملي انبيائن ۽ عاشقن عارفن کي وقت تي ٿيندي رهي آهي. افسوس آهي جو ان هوندي به سارو جهان انهن سڌن م گم آهي. خدا جيڪو نيڪيءَ جو حڪم ڪيو ماڻهن ان کي منع سمجهيو، جنهن بديءَ کان منع ڪيائين ان کي حڪم ڪري سمجهيائون . القرآن” ونهن نفس عن الهويٰ فان الجنت هي الماويٰ “ سڌن کان نفس کي بند ڪيو ته بيشڪ اوهان جي رهڻ جي جاءِ بهشت آهي. ڪيڏو نه نفس جي تابعداريءَ کان بچڻ جو تاڪيد آهي رسول الله کي به ذات ذوالجلال تعليم ٿو ڏئي ته مسلمان کي سمجهاءِ ته خناس نفس جي وسوسن کان مون کان پناهه گهرن يعني قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاسِۙ(۱)مَلِكِ النَّاسِۙ(۲)اِلٰهِ النَّاسِۙ(۳)مِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ الْخَنَّاسِﭪ(۴)الَّذِیْ یُوَسْوِسُ فِیْ صُدُوْرِ النَّاسِۙ(۵)مِنَ الْجِنَّةِ وَ النَّاسِ۠(۶) يعني چئو ته مان پناهه گهران ٿو ماڻهن جي پالڻهار کان ماڻهن جي بادشاهه کان ۽ ماڻهن جي معبود کان ان خناس نفس جي وسوسن کان جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وجهي ٿو. ائين ذات ذوالجلال به سيکاري ٿو ته ان خناس نفس جي وسوسن مون کان پناهه گهرو.ڏسو ته وهمن ۽ الوسوٰس جو ڪيڏو تاڪيد ٿيل آهي جنهن جي عام مسلمان پوڄا ۽ پيروي ٿا ڪن جيئن نفس چوين ٿو ائين ڪن ٿا ڪلام الله ۾ ڪيڏو تاڪيد آهي.
اسان هڪ دفعي هنگورچه شهر ۾ وياسين جو سيد غلام مرتضيٰ شاهه اتان جو رهاڪو فقير هو ان سان اسان جي محبت هئي. ان وقت اهو گذاري چڪو هو. سندس گاديءَ تي سيد صوفن شاهه اسان رات ترسياسون. اسان جو ٻڌي سڀ سيد جي ڪچهري ۾ گڏ ٿيا. انهن ۾ سيد محرم علي شاهه به موجود هو. ان ڪا ڳالهه ٻڌي هئي ته فقير فولاد علي شيطان جي خيرات ڪري کيس ختمون ڏنو آهي. انهن جي سمجهه ۾ ته فقير ڪو غلط ڪم ڪيو آهي. ان ڪري سيد محرم علي شاهه طعنه هڻي. قرآن جي آيت پڙهي ته يا بني آدم ان لا تعبد الشيطان ان لکم عدو مبين. ۽ چيائين ته فقير جڏهن شيطان آدمين جو پڌرو دشمن آهي پوءِ توهان ان کي ختمون ڇو ڏنو. جنهن تي اسان چيس ته سيد محرم علي شاهه قرآن ڪلمون ۽ نبوت امام توهان سيد تي لٿا اسان شرن تي کاٽ جا رنبا ۽ ڍڳن چورائڻ لاءِ رسا لٿا. جي چوين ته اسان توکي پنهنجي وڏن جي ورثي وارو ڪم ڪري ڏيکاريون. مگر قرآن توهان جو ڪتاب آهي ان آيت جو تفسير تون ڪري ٻڌاءِ ۽ شيطان اسان کي به ڏيکار ته ان جي تابعداري نه ڪريون محرم شاهه ته چپ ڪري ويو. پوءِ اسان چيس ته توهان چئو ٿا ته شيطان جا ڪم بڇڙا آهن، جنهن تي چيائين ته هائو. وري اسان چيس ته سيد اهڙي ڪا ثابتي اٿو ته شيطان ڪنهن جي گهر ۾ رات جو آيو ۽ ڪنهن پڪڙي به وڌس يا ڪتن پوڇاٽي کاڌس. چڱو هلو ته ميرڻا جيل ڳوليون ۽ انگريزن واري حيدرآباد واري جيل ۾ ڏسون ته ڪٿي شيطان ٻڌل آهي. فقير توسان ڪاري پاڻي تائين ٻڌل آهي هلو ته اتي ڳوليونس جيڪڏهن ڪم بڇڙا اٿس ته ڪاٿي ضرور واڙيل هوندو. قرآن ۾ جيڪي بني آدم جو صفو استعمال ٿيل آهي سو سڀني آدمين لاءِ آهي. اسان به آدمي آهيون ۽ توهين به آدمي آهيو. اوهان کي جيڪڏهن شيطان جي خبر آهي ته ٻڌايو ته اسان به سندس تابعداريءَ کان بچي پئون ۽ ڏيکاريو ته ان جي ويجهانه وڃون.
جي نه ته اسان توکي چوريءَ وارو ڪم ڪري ڏيکاريون. کاٽ هڻي ڪنهن جي جاءِ جا ڀاڻانڍا لاهي ڏيکاريون. اسان پنهنجي وڏن وارو ڪم اڄ به ڪري سگهون تون سڏائين نبيءَ جي اولاد ٿو ان ڪري اسان کي شيطان جي صورت ڏيکار ته ان کي ڏسي کائونس اسان سڃاڻي پري پري رهون جنهن تي محرم شاهه ماٺ ڪري ويو. مگر ان جاءِ تي هڪ قاضي پڙهيل ماڻهو ويٺو هو. جنهن چيو ته شيطان بي مثل آهي. جنهن تي فقير چيس ته ليس کمثله شيءُ ڪنهن جو لقب آهي قاضيءَ چيو ته الله جو . اسان چيس ته الله به بي مثل ۽ شيطان به بي مثل پوءِ ته الله جو سئوٽ چئبو يا ڀاءُ چئبو. وحده جي ڳالهه کي هنن ته ڊاهي وڌو. جنهن تي سڀ لاجواب ٿيا. اسان چيس ته ڪلام الاهي دو معنيٰ خدا جو ڪلام ٻه معنائون رکندو آهي. هڪ ظاهري معنيٰ ته ٻي باطني معنيٰ. اوهان کي ته ظاهري معنيٰ جي به خبر ڪانه آهي ته لدني معنيٰ ڪيئن ڄاڻندو؟ آخر محرم شاهه ۽ حاضر مجلس وارن منٿون ڪيو ته توهان ٻڌايو ته چوٿون عنصر آتشي آهي ان جو تابع شيطان رکيل آهي. جيڪو آدمي ان آتشي عنصر يعني شهوت جو تابع آهي سو شيطان آهي. هوس پرستي جيڪا به آهي باغ رکڻ زمين گڏ ڪرڻ عزت جي تمنا رکڻ مرتبه لاءِ ڪوشش ڪرڻ بهشتن جي اميد رکڻ مطلب ته خدا جي ذڪر کانسواءِ ٻي هر هڪ سڌ يا هوس شهوت پرستي آهي. جنهن آدمي جا اهڙا عمل هجن ته پوءِ ان آدمي کي شيطان انسان چئبو آهي. شياطين الانس اهڙن آدمين کي چئبو آهي قرآن ۾ به هر جاءِ تي ان هوسي انسان جي فرمانبراديءَ کان منع ڪئي آهي. تان جو نبين کي به منع ڪيائين. يسٰ ۾پڻ بني آدم جو خطاب آهي. جنهن سان به آدمين کي شيطان جي تابعداريءَ کان منع ڪيائين ميلن. يا جلسن جهنگلن جبلن ۾ ڪوبه انسان شيطان کي ڳولي ڏيکاري ۽ هٿ رکي منادي ڏئي ته اجهو شيطان ٻڌو اٿم ته ان کي هزار روپيه روڪ ۽ چاليهه ايڪڙ زمين انعام ۾ ڏينداسون. ڏسون ته جهنگلن ۾ جبلن ۾ به اهي انسان آهن.
مثال رحيم هنڱورو خوني ۽ رهزن ماڻهو هو پراوا حق کائيندو هو ۽ پاڪستان جي رياست ۾ رهندو هو . ان جي وٺڻ ۽ پڪڙڻ لاءِ به انعام رکيل هو. هو ان کي به پڪڙي وڌو هئائون ۽ انهن کي ظاهر جي حڪومت انعام ڏنو هو. اسان به شيطان جي وٺڻ واري کي انعام ڏينداسون.
ڏسو ته جيستائين آدمي نابالغ آهي ۽ ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته تيستائين حڪومت به هن کي صغير سمجهي سزا معاف ٿي ڪري ۽ کيس ڇڏيو وڃي ٿو. جڏهن منجهس شهوت پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ ان کان جيڪو به ڏوهه ٿئي ٿو ته ان جو قصاص کائونس ورتو وڃي ٿو. هاڻي ڏسو ته جڏهن انسان تي چوٿون شهواني عنصر غلبو ڪري ٿو ته خيانت جا ڪم ڪري ٿو.ان جي فرمانبرداريءَ جو نالو شيطان آهي. کيس سجدو ڪيو. ان جي حقيقت هيءُ آهي ته آدمي جا جيڪي عضوا امر ۾ آهن اهي ملائڪ آهن جاڏي چاهي ته پيو ڦيرائي، مگر شهوت آدميءَ جي امر ۾ نه آهي، شيطان جو آدم کي سجدو نه ڪيو ته الله ج، عليک لعني ليٰ يوم الدين چئي کيس ڪاڏي تڙي ڇڏيس. جيڪڏهن ڪاوڙيو. آهي ته کيس ڪاڏي تڙي ڇڏيس ها. بادشاهه به ڪنهن تي ڪاوڙيو آهي ته کيس نيڪالي ڏيندو آهي. جيڪڏهن ڪاوڙيو هيس ته ڪوهه قاف جي پرينءِ پر ڪاري پاڻي ۾ ڇڏيس ها. دنيا جو ملڪ ته آدمين جي رهڻ جي جاءِ آهي . لعنت جي معنيٰ آهي بيزاري، بيزاريءَ جي معنيٰ آهي تڙڻ جي تڙيو هئائين ته آدمين ۾ ته نه ڇڏيس ها.
قرآن ۾ قَالَ رَبِّ فَاَنْظِرْنِیْۤ اِلٰى یَوْمِ یُبْعَثُوْنَ(۳۶) پوءِ اهڙي تڙيل کي ڊگهي حياتي فَاِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِیْنَۙ(۳۷) جي اجازت ڇو ڏنائين. الله ۽ شيطان جون پاڻي ۾ اندروني ڳالهيون ٿيل آهن. سجدي وقت شيطان کي اک ڀڳي هئائين ته ٻيا ڀلي سجدو ڪن تون آدم کي سجدو نه ڪجانءِ الله ۽ شيطان جو پاڻ سٽل يا صلح ٿيو هو. ائين نه هجي ها ته آدم جو وجود چوٿين عنصر آتش کانسواءِ نه بنجي ها. سندس وجود تڏهن ئي ته مڪمل ٿيو الله جيڪڏهن آدم کي سجدو نه ڪرڻ تي شيطان تي ڏمريو هو ته ضرور کيس فاسيءَ تي چاڙهيس ها. يا قتل ڪرائي ڇڏيس ها. الله وٽ ڪو مظبوط هٿيار نه هو ڇا جو کيس هڪ ڌڪ سان ماري وجهيس ها. ايتري بي فرماني به ڪيائين پوءِ کيس جيئرو ڇو ڇڏيائين؟ عرش اعظيم کان وٺي تحت الثريٰ تائين سمورو ملڪ ته الله جو آهي. پوءِ شيطان کي ڪاڏي تڙي ڪڍي ڇڏيائين. ڀلا اتي ڇڏيس ها جتي آدم نه هجي ها سڀڪو عالم فاضل چوي ٿو ته آدميءَ ۾ شيطان آهي ونفخت فيه من الروحي. الله به اتي آدم ۾ آهي ته شيطان به اتي پوءِ چئبو ته شيطان به الله جي ڀرسان وَرُ ورَ تي چاڙهيون ويٺو آهي. هن ڳجهارت کي اهو ڀڃندو جيڪو جيئري جسم مان نڪري عرش عظيم تي ويو هوندو. ساري خبر ان کي هوندي. جڏهن شيطان آدم کي سجدو به نه ڪيو هو ۽ الله کيس تڙي به ڇڏيو هو. ظاهر بين چون ٿا ته الله کيس آسمانن مان تڙي ڪڍيو هو.واعتدنا رجوع ما الشياطين يعني جيڪڏهن شيطان تڙئي کانپوءِ آسمانن جي طرف لنگهندو ته ان کي ستارا آسمان مان اماڙيون ٿي لڳندا. اها ڪهڙي ڪنڊ آهي جيڪا الله ۽ ملائڪن کان غفلت سبب رهجي ويئي آهي. جو اٺين آسمان تي لنگهي وڃي بيبي حوا ۽ آدم کي داڻو کارايائين. الله کي غافل به نه چئبو. ان مان ڄاڻجي ٿو ته هم صلاحي هئا. آدم جي داڻو نه کائي ها ته غفار ۽ غفور جي درياهه مان پاڻي جي لپ ڀري ڪونه پئي ها عاشقي ۽ معشوقي جو درياهه اظهار ڪونه ٿئي ها نه وري دنيا ۾ آبادي ٿئي ها. الله کي هت آدم اظهار ڪيو نه ته الله جو نالو ڪير وٺي ها. الله جو دٻدٻو ۽ سياست ڪيئن اظهار ٿئي ها. هڪ ناچيز انسان فرهاد نالي خاڪ جي پتلي ڪاٺ جي ڪهاڙي سان جبل ڀڃي نهر وهائي آيو جنهن تي لکن ڪوهن ۾ آبادي ٿئي ٿي ۽ جيڪا نهراڄ تائين ڪصرِ شيرين وٽان وهي ٿي هي ته شيطان هو جهن آدم کي داڻو کارايو ۽ پوءِ آدم مان ڪهڙا نه ڪم ٿيا. هزارين آباديون ٿيون ۽ هزارين مزا ٿيا. سوا لک انبياءَ ۽ اولياءَ پيدا ٿيا، جنهن کي حضرت عزرائيل ڏاڏي شيطان داڻو کارايو. جنهن سان ڪيڏو نه اسرار پيدا ٿيو. موسيٰ عليه السلام جي لٺ ۾ ڪيڏي نه حڪمت پيدا ٿي، جو ازدهان ٿي پيئي فرعون جهڙي جابر بادشاهه کي سيهڙ جي هٿئون مارايائين. ڏسو ته ڪهڙيون نه ڀلايون ٿيون جو لوڌيل جي صلاح مان ڪيڏا ڪم ٿيا آهن جنهن کي عام مسلمان لوڌيل ٿا چون.
جيڪڏهن پيءُ پٽ تي ڪاوڙيو ته جلال هٿ سان پٽ تي چڙ ڪندو ۽ جمال هٿ سان پٽ کي ڀاڪر پائيندو. پيءُ کي توڙي ڳالهائيندو به هجي ۽ ان جي ريس تي سندس پٽ کي ڪو ٻيو ڳالهائيندو ته پٽس ان سان وڙهي پوندو ۽ چوندو ته منهنجي پٽ کي هن ڇو ڳالهايو. هن ڇو بيعزتي ڪيس پوءِ عام مسلمانن کي شيطان کي ڳالهائڻ ۽ لعنتون وجهڻ جو ڪهڙو حق آهي، هي پاڻ شيطان کان ڇا ۾ معتبر آهن؟ شيطان به ان کي اک ۾ رکندو ۽ اهڙو بڇڙو ڪم ڪرائيندس جو ڇٽي نه سگهندو.
مثال: هڪڙو پير هميشه شيطان کي ڳالهائيندو هو. هڪ دفعي پنهنجي مريدن ۾ هڪ حسين مريدياڻي ڏٺائين جيڪا ڪنواري به هئي. هي ان تي حيران ٿي پيو. اتفاق سان مريدن جي گهر کي باهه لڳي. مريد هئس جاهل پير کي چيائين ته اسان تان هيءَ باهه ٽار جو جهڳا ساڙي ڇڏيائين. ڪتاب کولي کين چيائين ته اوهان تي وڏي شامت آهي جيڪا ان نيگريءَ جي رهڻ جي ڪري آهي. ان ڪاٺ جي صندوق ۾ وجهي درياهه جي ڪناري تي ڇڏي اچو. درياهه جي ڀر تي ويٺل هئا پوءِ هنن ڄٽن پير صاحب جو فرمان مڃيو. ٻيڙي هلائڻ وارو مير بحر ٻيڙي ڪاهيون پي آيو، انهن اچي صندوق ڏٺي جان کڻي کولين ته ان ۾ حسين زائفان هئي اها ڪڍي پاڻ سان کنئي ۽ صندوق ۾ لنگور ڀولو وجهي ڇڏيون هليا ويا. لنگور مير بحرن وٽ ڌاريل هو. هي لنگور وجهيون زائفان کنيون ٻيڙي ڪاهيون هليا ويا . هوڏانهن پير صاحب جي دل ۾ جک جک هئي ته جلدي وڃي صندوق مان زائفان ڪڍي اچان. پوءِ پير صاحب خليفي سميت وڃي اها صندوق بنگلي تي کڻي آيو بنگلي جا دروازا بند ڪرائي ڇڏيائين ۽ اندر بنگلي ۾ پيتي کڻي کوليائين ته هڪدم لنگور ٽپ ڏيئي نڪري پيو. ڇراڻيل هو يڪدم پير کي کڻي نڙيءَ ۾چڪ وڌائين. ۽ نه ڇڏيائينس ڏاڙهيءَ ۾ڪوبج . سندس لٽا ڪپڙا به ليڙون ۽ ٿڳڙيون ڪري ڇڏيائين. پير کي اندر گهڻي دير ٿي ويئي. خليفا جان کڻي در کولين ته پير صاحب جي اسهالن سان سارو بنگلو ڀريو پيو آهي. در لهڻ سان لنگور ٻتڙ ڪوڏيون ٻاهر هليو ويو ۽ پير صاحب جو دم به ڪڍيون هليو ويو. پير صاحب کي شيطان جي ڳالهائن مان اهو فائدو پيو. اهڙو ڪم ڪرايائينس جو مرندو مري ويو مگر قيامت تائين خواري ڪانه لٿس.

بيت
اول ابليس مرا استاد بود بعد ازان ابليس پيشم بادبود
ابليس پهريائين اسان جو استاد هو. پوءِ ابليس. منهنجي اڳيان هوا ٿي ويو يعني ختم ٿي ويو.
معلوم هجيوَ ابليس ۽ آدم ٻيئي ڀائر هئا. وڏو شيطان هو ۽ ننڍو آدم هو. اهو دستور آهي ته پيءُ ننڍي سان گڏ ٿيندو آهي. الله وٽ مال ملڪيت ٻن قسمن جي آهي.هڪ لعنت ٻي رحمت اٿس، ٻيئي ٽپڙ شيطان ۾ آدم جي اڳيان رکيائين. ٻنهي ۾ معنيٰ هئي. لعنت جي معنيٰ ڏک ۽ تڪليفون ۽ مشڪلاتان آهن. سڀڪو هن کي بڇڙو چوي ۽ ملامت پيو ڪريس. محبوب تي جيڪو عاشق ٿيندو آهي. ته اندروني طرح محبوب هن تي راضي هوندو آهي پر ٻاهران تعديون پيو ڪرائيندس.
رحمت جي معنيٰ سک ۽ آرام آهي. بهشت جي جوڙ آهي مگر الله کان لک ڪوهه پري ۽ ڌار آهي. ڪڏهن ڪا جوڙ جوڙيندڙ جو مٽ نه ٿيندي . يعني مخلوق خالق جي همسر نه ٿي سگهندو. هر گز نه رحمت اندروني طرح ڌار ٻاهران زيب ۽ زينت جيئن ٽامي کي قلعي ڳلي.
وزير اعظم ۽ بادشاهه ٻيئي گڏبا گورنر ۽ ڪليڪٽر پر ڳڻن تي رهندا آهن. بادشاهه جي اڳيان ايندي ڀوَ کان ٽٽ پيا ڇڏيندا آهن. ڪڏهن به خوشيءَ سان سامهون اچي نه سگهندا آهن تيئن عشق جي درٻار ۾ لعنت ۽ ملامت وزير اعظم آهي ۽ رحمت هيٺان نوڪر آهي.

بيت لطيف سائين
عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا.
ورتائين عشق الله جو ڪيائن آدم ڏانهن اُليل
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو

آدمي اڄ تائين مرندا ٿا رهن باقي شيطان ڪونه مئوئ. جي مري ها ته ضرور ڪاٿي قبر يا درٻار هجيس ها. مسلمان چون ٿا ته مڪه ۾ شيطان جون ٽي قبرون آهن. شيطان ته هڪڙو آهي پوءِ ٽي قبرون ڪنهنجون آهن. مئو هجي ها ته کيس ڳالهائڻ ڪونه ها، مئل هجي ها ته حاجين سان گڏيو ڪيئن اچي ها. واپار چوريون ٺڳيون زنا فساد ڪرڻ. دنگن تي ماها ڪرڻ پرايون رنان ڀڄائڻ سڀ ڪم حاجين کان پيو ڪرائي هي ته جيئرو چئبو مئل ته ڪونه چئبو. پٿرن سان به ڪين مئو.
مثال گڏهه ۽ ان جو چارڻ وارو سرڪاري تنبيلي ۾ گڏ رهندا آهن تنبيلي ۾ سرڪاري گڏهه سان ڇڌيل هوندو آهي جيڪو خچرن پيدا ڪرائڻ لاءِ گهوڙين ۽ ڀلين گڏهين تي ميڙڻ لاءِٰ بيٺل هوندو آهي. پوءِ جڏهن سئنس ميڙڻ لاءِ ڇوڙيندو اٿس ته اهو گڏهه ائين اوزار ڪونه ڪڍندو آهي. پوءِ سئنس ان گڏهه جا پاسا ۽ پيٽ سوٽيءَ سان ڪٽيندو رهندو آهي. پوءِ ڌڪ ڌڪ سان ويندو اوزار ڪڍندو تان جو ڏيڍ هٿ اوزار ڪڍي ڦنڊائي بيهاريندو آهي. پوءِ جنهن تي ميڙڻو هجيس ته ان تي ميڙي اها گڏهه جي اصليت آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن گڏهه گڏهه تي ارهاٽيندو آهي ته گڏهه کيس. اٽان ۽ ارهه ۾ لتان هڻندي اٿس. ان ڪري گڏهه لتن تي اوزار ڪڍندو آهي.
ان ڪري جيڪو حاجي شيطان کي پٿريون ٿو هڻي ته شيطان ته ساڻس گهر تائين گڏيو ٿو اچيس. شيطان لاءِ اهي پٿريون لتان ۽ اٽان آهن شيطان به انهن پٿرن سان هوسن جي اوزار کي ڦنڊائيندو وڃي . آخر ڪيترن حاجين جا هوسن سان ڪم لاهيندو وڃي الْخَنَّاسِﭪ(۴)الَّذِیْ یُوَسْوِسُ فِیْ صُدُوْرِ النَّاسِۙ(۵) واري تابعداري ڪن، ڇو ته پٿرن هڻڻ سان هنن سان گڏجي هڪ ٿي وڃي ۽ هنن سان گڏيو اچي. مِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ الْخَنَّاسِﭪ سحر مستمريحکم في القلب. هي دنيا جي رحمت ۽ لعنت جي حقيقت.
مثال جيئن ڪو ماڻهو دنيا جي حسين زائفان تي عاشق ٿئي. عشق به پاڪ ۽ سچو هجيس ته جاڏهن ڪاڏهن ڏسڻ ڪاڻ حيران هوندو. جيئن فرهاد شيرين جي مرجھ جوٻڌي پاڻ به مري ويو هو ۽ وري شيرين به فرهاد جي مرڻ جو ٻڌي پاڻ به مري ويئي هئي جيڪا ڳالهه ساري جهان ۾ مشهور آهي. پوءِ سمجهو ته همدم ۽ ٻيئي هڪ وجود هئا. تيئن عاشق ۽ معشوق به هڪ آهن.پوءِ اهو زائفان جو عاشق به جتئون به لنگهيندو پيو ته سارو جهان ڦٽڪار پيو ڪندس ۽ ڌڪا پيو ڏيندس . محبوب جا بجا ۽ گاريون به فرحت پيو سمجهندو هن کي ايتري فرحت پيئي ايندي جيتري اڃايل کي پاڻي ملڻ سان ايندي آهي.
شيطان به ذات ذوالجلال تي عاشق آهي. جو محبوب جون لعنتون رحمتن کان وڌيڪ پي ڄاتائين مگر محبوب کان منهن پاسي نه ڪيائين، لعنت جو بار خوشيءَ سان کنيائين ٻئي پاسي نه نهاريائين الله چيس ته آدم کي سجدو ڪر ته جواب ڏنائين ته توکان منهن ڦيرائي ٻئي ڏانهن ڪونه نهاريندس. اها جاءِ عاشقيءَ ۽ معشوقيءَ جي امتحان جي هئي. ملائڪ امتحان ۾ نابالغ ڇوڪرا ٿي پيا جو حق کان منهن موڙيائون. اتي گسي پيا. ۽ امتحان ۾ ڪچا ٿي پيا. ڇاڪاڻ ته شهوت عقل جو منڍ آهي. نفعي نقصان ۾ دور انديشي جي خبر بلوغت کان پوءِ پوندي آهي ملائڪن کي شهوت ڪانه هئي تنهن ڪري ڇوڪرا ليکبا شيطان جي آئي کانپوءِ آدمي مرد ليکبو آهي. نه ته ڇوڪرو چئبو آهي هر هڪ آدميءَ تي عبادت ۽ گناهن جو بار بلوغت کانپوءِ هوندو آهي. ڏسو جنهن کي ظاهر ۽ شهوت نه هوندي آهي ته ان کي مخنث يعني کدڙو چئبو آهي يا نامرد چئبو اٿس.
عشق محبت ۽ عبادت ۽ ديدار جو ذوق به شهوت ۾ آهي. جيئن اسان هڪ کدڙي کان پڇو سون ته تون اميرن ۽ خاندانن جي گهرن ۾ ويندو آهين پوءِ جي اتي سهڻي زائفان ڏسين ته وڻندي اٿئي. جنهن تي کدڙي چيو ته ڪيڏي به حسن واري زائفان هجي ته به اسان کيس پٿر جو بت سمجهندا آهيون جنهن مان اسان کي ڪوبه مزو ڪونه ايندو آهي. اسان کي نه حسن وڻي نه گفتار نه پوشاڪ ڇو ته اسان جي شهوت جي نيڪال کي ليپو ڏنل آهي. يعني شهوت آهي ئي ڪانه
ان مان سمجهو ته شهوت ئي محبت جو مصدر آهي. آدمي جو چوٿون عنصر شهوت وارو شيطان آهي. اهو نه هجي ته عبادت به قبول نه پوي جڏهن اونداهي آهي ته روشني جو قدر آهي. گمراهي آهي ته هدايت جو قدر ۽ عزت آهي. جيڪڏهن گمراهي نه هجي ها ته هدايت جو قدر ئي نه هجي ها.
اها شهوت رحم به آهي ته قهر به آهي. نور به آهي ته نار به آهي هدايت به آهي ته گمراهي به آهي. جيڪڏهن بي فرمان شهوت بند ڪري حق جي عبادت ۽ محبت سان رجوع ٿيو ته پاڻ تي رحم ڪيائين. جيڪڏهن شهوت جو چيو وٺي گمراهي ڏي ويو ته پاڻ تي قهر ڪيائن شيطان ذات حق پاڪ جو مالهي آهي جيڪو خبيث ۽ پليد خيال جو وڻ سمجهي ٿو ته هن مان خراب ميوو پيدا ٿيندو ته ان کي پاڙئون پٽي ٿو ڇڏي ڇاڪاڻ ته ذات الاهي هن کي نيڪ ۽ بد جي سڃاڻ ڏني آهي جنهنجي وجود ۾ سڌن جو وڻ پيدا ٿيندو ته ان جي واٽ ماريندو. جنهن صرف الله جي ديدار لاءِ عبادت ڪئي ٻي ڪابه اميد نه ڪيائين ته ان جي وڻ جي سنڀال ۽ پالنا ڪندو. هيءَ دنيا الله جو باغ ۽ آدمي ان ۾ وڻن مثال آهن. جنهن آدمي عزت مرتبي غير خدا ۽ بهشت جي سڌ ڪئي ته اها سڌ خودي آهي. اها عبادت نفس لاءِ يعني خوديءَ لاءِ عبادت ڪيائين. پوءِ شيطان ان خوديءَ واري وڻ کي پاڙئون پٽي ڪڍندو. يعني حق جي امر جي نافرماني ڪرائيندس پوءِ هن جو بندگي وارو ذوق مري ويندو. پوءِ سمجهو ته اهو شيطان جو ماريل آهي دل ۾ چوندو ته پاڻ کي مزو وٺرايان نفس کي پاڻ رسول خدا ته اڳيئي موچڙا پسايون ويٺو هوندس.قبر ۾ ايندو ويندو ته دسبو ويندو. اسان اڳي ٻڌائي آيا آهيون ت لم يزلي ۽ لايموت بادشاهه جو شيطان دربان آهي. جيستائين بادشاهه ۽ درٻار هوندي ته دربان به جيئرو هوندو بادشاهه کي دربان جي ضرورت هوندي آهي هي دربان ذات حق پاڪ جو سچو عاشق آهي دربان به عجب جهڙو ۽ ڍولڻ آهي هر هڪ بادشاهه پنهنجي دل گهرئي دوست کي دربان بيهاريندو آهي. نه ڪي دشمن کي دربان ڪندو آهي.

بيت

هست شيطان باغبان باغ حق. هست خمخانه وآن صباغ حق
شيطان حق جي باغ جو مالهي آهي. شراب خانه جو مست ۽ حق جو کٽي آهي
هر درخت نيک وبرابو کند. آن درخت خبث رابيخ برکند
هر هڪ نيڪ ۽ بد وڻ کي سنگهندو آهي، پوءِ پليد وڻ جي پاڙ پٽي ڇڏيندو آهي
هر گل دروئي که بوئي حق بود. ماسو الله جنس او مطلق بود
جنهن گل ۾ حق جي سرهاڻ هوندي ، الله کانسواءِ ٻي سڀ جنس کان پري هوندي
پرورش اوراکند گيرد کنار، مي نواز دمي شناسد آن سيار
ان کي ڀاڪر ۾ جهلي پالي ٿو، پوءِ ان کي نوازي ٿو ۽ سڃاڻي به ٿو جو گهڻو گهمندڙ ڦرندڙ آهي.
هست شيطان عاشق ذات ذوالجلال ، هم ازاو آدم همي گيرد کمال
شيطان ذات ذوالجلال جو عاشق آهي. آدمي به ان کان ڪمال حاصل ٿو ڪري
باخودان رادشمن اوبادل وجان، بيخودان راهست دوست اي جوان
اهوخودي وارن جو دل وجان سان دشمن آهي. مگر بيخود وارن جو دوست آهي
اين خودي پيش خدا مردود شد ، بيخودي راپيش حق بهبود شد
هن خوديءَ وارن کي خدا پاڻ وٽان تڙي ڇڏيو. بيخودي خدا جي اڳيان چڱي ۽ بهتر آهي.

موسيٰ عليه السلام طورسينا تي رب العالمين کي عرض ڪيو ته مان ڪهڙو مرشد وٺان. جنهن تي حڪم ٿيس ته اي موسيٰ شيطان کي مرشد وٺ.نبي کي ان ڏانهن وهم حجاب ۽ انڪار هو.ان ڏانهن موڪليائين ته ان کان وڃي رهبري وٺ.جڏهن شيطان وٽ بهتو ته شيطان چيس ته مون کي ته لعنت جو طوق پيل آهي. تو جهڙو رحمت وارو نبي مون ڏي ڇا لاءِ آيو آهي. پر چڱو جو آيو آهين. هاڻي هي نقطه ۽ سبق ياد رکجانءِ ته مون وانگر مان نه ڪجانءِ متان مون جهڙو ٿئين.
رسول خدا کي حڪم مليو ته بتن کي ڀڃو ۽ سندن سجدي کان ماڻهن کي منع ڪريو تان جو ڪعبه کي بتن کان خالي ڪيائون. ۽ نعرو هڻي چيائون ته الله اکبر، الله اکبر، أَشْهَدُ أَنّ لَّا إِلَٰهَ إِلَّإ الله يعني هڪ الله کي مڃو جنهن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي. الله وحده لاشريڪ له جي بندگي ڪريو. بتن جي پوڄا سان مشرڪ ٿيندوء. اهڙي طرح موسيٰ عليه السلام سامري وارو گابو لت ڏيئي کڻي ڪُٺو. هاڻي به جيڪو نفس واري معبود گابي کي لا جي ترار سان ڪهندو ته ان جو روح موسيٰ وانگر عروج ڪر ي عرش عظيم تي يعني طور سينا تي پهچي ڪليم الله ٿيندو. هاڻي ڏسو ته غير جي تابعداري بت پرستي ۽ ڪافري آهي. اليس الله بکاف، القرآن يعني ڇا الله ڪافي نه آهي؟ پنهنجي ٻانهن لاءِ ڏسو ته شيطان حد ڪري ڇڏي جو آدم جي بوتي کي سجدو نه ڪيائين. پنهنجي عشق کي مڪمل ڪيائين. عاشقي جي درجي کي پڪو ڪيائين لعنت کان به نه ڊنو. لعنت به محبوب جو ٿورو سمجهيائين پاڻ کي بت پرستي کان بچايائين. اهو موحد ويچارو شيطان ئي هو ملائڪن بت پرستي ان ڪري ڪئي جو عشق جو بار نه کنيائون. شيطان کيون ِ ڪو ٿورڙو حصو آدم کي به هٿ آيو. بسطامي صاحب کي ايزدي سرڪار جو حضور حاصل ٿيو ته چيائينس ته بسطامي منهنجي لاءِ ڇا آندو اٿيئي. ڇيائينس ته عبادت ڪيم.سرڪار چيس ته عبادت ڪيئه ته ان جي عيوض تنهنجي لاءِ بهشتن ۾جايون ٺاهيم. سخا ڪيئه ته تنهنجي مال ۾ برڪت وڌم، باقي منهنجي لاءِ ڇا آندءِ ؟ بسطامي صاحب عرض ڪيو ته سرڪار تو وٽ ڪهڙي شيءِ جي ڪمي آهي جو مان آڻيان چيائين ته يتقرب . يعني ويجهو ٿيءُ ۽ ٻڌ. مون وٽ خواري ۽ ملامت ڪانه آهي. سڀڪو منهنجي تعريف ٿو ڪري تنهنڪري پاڻ تي خواري ۽ ملامت کڻ ته ڄڻ مون لاءِ تحفه آندءِ ان کان پوءِ بسطامي صاحب خواري ۽ ملامت کڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو.
هڪ دفعي بسطامي پنهنجي ڳوٺ جي معتبرن جي اوطاق ۾ لنگهي ويو. ان هنڌ چيڙاڪ آدمي ويٺو هو. ان ويٺي سارنگي وڄائي. اتي بسطاميءَ سمجهيو ته اڄ موقعو آهي اڄ منهنجي نفس کي هن وٽان ضرور مارڪٽ ملندي،هڪدم سارنگي وڄائڻ واري تي لاحول پڙهيائين. چيائينس ته بي دين آهين جنهن تي هن ڪاوڙ جي مٿي ۾ ٺڪاءُ سانگي ڪيائينس جو سارنگي ڀڄي پيئي. بسطاميءَ جو مٿو به ڪجهه زخمي ٿيو ۽ رت وهڻ لڳس. بسطامي خوشيءَ مان گهر موٽيو. ٻئي ڏينهن بسطامي سانگيءَ جي رقم پنجويهه روپيه ۽ حلوه جو ٿالهه ڀري موڪليائينس ته جيئن سارنگيءَ به نئين وٺي ۽ حلوه کائڻ سان ڪاوڙ به لهيس،
ان ڏينهن کان پوءِ جنهن ڏينهن بسطامي صاحب کي مار نه ملندي هئي ته سرڪار ايزدي کي چوندو هو ته ياالاهي ماني ته ڏنوءِ مگر ڳنڌڻ ته ڪونه ڏنهءِ يعني معنيٰ جو ملڪ ته عطا ڪيهءِ پر نفس لاءِ جُٺ ڦٽ ڪانه ڏنهءِ ايترو ملامت هٿ ڪرڻ جو شوق هوندو هيس. ملامت عشق ۽ عاشق جو قوت آهي. تعريف ۽ نيڪنامي نفس مڪار جو قوت آهي نيڪنامي تحت الثريٰ ڏانهن اڇليندي آهي. مگر خواري ۽ بدنامي عشق جي ملامت عرش عظيم ڏانهن ڇڪيندي آهي. ملامت واري فقيرکي باطن ۽ سلطان العارفين ۽ قلندر لقب عطا ٿيندا آهن،

بيت
ملامت صيقل زنگار عشق است، ملامت شخنهءِ بازار عشق است
ملامت عشق جي ڪٽ لاهڻ لاءِ روات آهي. ملامت عشق جي بازار جو ڪوٽوار آهي
ملامت قوت باشد عاشقانرا. بودنيکي سلاسل فاسقانرا.
ملامت عاشق جو قوت آهي، نيڪي سراسر فاسقن لاءِ آهي،
ملامت من خدايم طبل باشد ملامت شير معنيٰ اصل باشد
ملامت من خدايم جو نعرو آهي، ملامت اصلي معنيٰ جو شينهن آهي
بودرو باهه نيکي پيش شران بود نيکي قوت اين اسيران
نيڪي شينهن اڳيان لومڙي آهي.نيڪي دنيا جي قيدن جو قوت آهي
عشق رابنياد بريد نامي است، هر که ازوئي سر کشداو خالي ست
عشق جو بنياد بدنامي تي آهي جيڪو ان کان منهن موڙيندو سو خالي آهي
نام من بوده است سلطان العارفين برهمه گويند شاه عاشقين
منهنجو نالو عارفن جو بادشاهه آهي. سڀئي مون کي عاشقن جو شاهه چوندا آهن

جيڪو جسم مان نڪري ملڪوت ۾ ويو ته اها جاءِ ڪائنات جي موليٰ پير موليٰ علي سائين جي آهي اتي فقير فنا ٿي ساڳيو علي المرتضيٰ ٿيندو آهي سلطان العارفين لقب ملندس جيڪو لقب پڻ موليٰ سائين جو آهي. انهن فقيرن کي فنا في الشيخ چئبو آهي. ڪي ڪي فقير مرشد جي صورت پچائي چوندا آهن ته اسان فنا في الشيخ ٿي ويا آهيون. اهي سڀ ڪوڙيون دعائون آهن مرشد جي نفساني صورت بچائڻ غلط آهي اهي ڪوڙا ڪسبي آهن سچي مرشد جي صورت اها آهي جيڪا آسماني معراج ڪرائي. هيءَ ڳالهه معراج جي آهي. جيڪو ڪوڙ ڳالهائيندو تنهن تي به لعنت آهي ۽ جيڪو نه مڃيندو ته ان تي به خدا جي لعنت آهي هي الاهي سخن آهي بشري زبان نه آهي.

بيت
نان دهند نانستان ونان پاک، هرسه امور گرد خاک
اوطاقي اوطاق ۽ پاڪ ماني ٽيئي خاڪ ٿي ويندا آهن
يعني مرشد نان هنده ماني ڏيندڙ آهي.نان ستان مسافر خانو ۽ مسافر يعني بکيو طالب پاڪ ماني ذڪر الاهي طالب. طالب ۽ مطلوب ٽيئي ملڪوت واري بادشاهه ۾ غرق ٿيندا آهن اتي طالب کي سلطان العارفين لقب ملندو آهي

بيت
بعد ازان اين دوبه بيهوشي روند والد مولود آنجايک شوند
ان کانپوءِ اهي ٻئي بيهوشيءَ ۾ ويندا آهن. پيءُ ۽ پٽ اتي هڪ ٿي ويندا آهن. ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته راجا ۽ راڳي هر دوئي هڪ ٿيا. فنا في الشيخ کانپوءِ طالب مٿي اٺين آسمان تي فنا في الرسول جي مقام تي طالب مطلوب ۽ رسول خدا ۾ هڪ ٿيندا. اتي طالب رسول خدا سڏائيندو. فنا في الرسول جي حقيقت اها آهي
عام ائين چوندا آهن ته جيڪو گهڻي صلوات پڙهندو اهو فنا في الرسول آهي اهي ڪوڙا آهن. جيڪو فنا في الرسول ٿيو اهو پاڻ تي صلوات پڙهندو. ڇو جو هو رسول ته پاڻ ٿي پيو.
مير علي مراد کي ٻڌايائون ته خدا بخش فقير چريو ٿي پيو آهي جو پاڻ تي صلوات ٿو پڙهي. آخر مير علي مراد گهرايس ته پري کان پاڻ تي صلوات پڙهندو پيو اچي مير پڇيس ته فقير پاڻ تي صلوات ٿو پڙهين، مير کي چيائين ته پاڻ تي نه پڙهان باقي پڻهين تي پڙهان صلوات ته لٿي ئي مون تي آهي مان فنا في الرسول جي منزل ۾ ويو آهيان مون کان سواءِ ٻيو ڪهڙو رسول آهي جو ان تي صلوات پڙهان رسول خدا مان آهيان جنهن تي ڪلمون پڙهيو اٿئي. مير صاحب حيرت ۾ اچي ويو ۽ تعظيم ۽ عزت ڪيائينس.
فنا في الرسول کانپوءِ فقير فنافي الله ٿيندو جاٿي من خدايم جو نعرو هڻندو. جنهن تي هن کي عام ماڻهو ڪافر سڏيندا ۽ ملامت ڪندس جيڪو من خدايم جي ملڪ ۾ ويو سو ملامت کي شوق سان کڻندو. ملامت من خدايم جو ڍُڪ آهي. پوءِ اهو ظاهري طرح دين ۽ نماز جي ابتڙ هلندو. اندرئون دين ۽ محمدي اخلاق هوندس رڳو ملامت پيو ڳوليندو. رسول الله فقراءُ جي شان ۾ جيڪا حديث فرمائي آهي ته کيف آيات الوصل المعرفت الحق تعاليٰ : يعني الله تعاليٰ جي معرفت کي پهچڻ جو ڪهڙيون نشانيون آهن وکيف آيات العشاق. يعني الله جي ديدار حاصل ڪيل عاشق فقير جو ن ڪهڙيون نشانيون آهن القاءُ الله والفقير.
آيات ثلاثه: ٽي نشانيون آهن: (1) فتو العلماءُ بالکفر يعني هڪ ته عالم مٿس ڪفر جو فتوائون ڏيندس. (2) فتو العلوام بالقتل يعني عوام مٿس قتل جو فتوائون ڏيندا هجن. وکثر الملامت الخلق، ۽ خلق جي مٿس گهڻي ملامت هوندي. ڇو ته حضرت رسول الله ۽ پير موليٰ عليه السلام جن تي به اهڙيون حالتون گذريون هيون. ان زماني جي عالمن ۽ عوام سندن قتل جو تياريون ۽ مٿن ملامتون ٿي ڪيون. اڄ به جيڪو الله اثبات ڪندو ان لاءِ اڄوڪا آدمي سندس قتل لاءِ تيار ٿيندا، ۽ عالم مٿن ڪفرجون فتوائون ڏيندا. مٿس مالامت به ڏاڍي ڪندا. شيخ شبيليرحه وفات جي وقت جڻيون ٻڌو هو. پڇيائونس ته جڻيو ڇو ٻڌو اٿيئي. جواب ۾ چيائين ته عشق جي ملامت وارا سڀ ٽپڙ شيطان وٺي ويو اسان کي صرف ڪمال عشق مان ڪو ذرو پروز مليو آهي. جڻيو ان ڪري ٻڌو اٿم ته مان شيطان جي عشق اڳيان ڪافر آهيان ۽ ريس ٿي اچيم.
آدم عليه السلام کي جڏهن سرڪار پيدا ڪيو ۽ شيطان سندس سجدي کان انڪار ڪيو. ان وقت شيطان ذات حق پاڪ جي حضور ۾ عرض ڪيو ته هن آدم جي اولاد مان سچن ۽ ڪوڙن جي پرکڻ جو ڪو پنجوڙ مون کي ٺاهي ڏيو ته مان انهن کي ڦاسائي ڏسان ۽ پوءِ ڏسان ته ڪهڙا ٿا توڏي اچن ۽ ڪهڙا مون وٽ ٿا ترسن. جيڪي مون ڏي آيا سي توڏانهن ڪوڙا آهن. ۽ اهي منهنجا رعيتي آهن. جيڪڏهن مون ڪو اهڙو پنجوڙ نه ٺاهي ڏيندين ته تنهنجو جهان نه هلندو. ڇو ته تنهنجا واقف آهيون آهن توکان اوري ڪونه بيهندا.
ان ڪري قدرت سان ڀليون مينهون ۽ وڏن اوهن واريون ڳئون اٺ گهوڙا سونن سنجن سان ۽ رڍون ٻڪريون پيدا ٿيون. اهو ڏسي شيطان چيو ته آدمي اهو پنجوڙ ڇنائي ويندا ۽ توڏي ڀڄي ايندا. وري قدرت جي حڪم سان بادشاهي بنگلا ۽ محلاتيون باغ پيدا ٿيا. جنهن تي شيطان چيو ته اهو پنجوڙ به مزي جهڙو نه آهي. پوءِ قدرت جي ڦوهاري سان ڪرڙين پدمين سٺين پوشاڪن سان حورون پرين جهڙيون سهڻيون عورتون پيدا ٿيون. جنهن تي شيطان گهڻو خوش ٿيو. ڪو وقت ته جهمر پي هنيائين ۽ بئسري وڄائي چيائين ته هي بهترين پنجوڙ آهي. عام آدمي ان پنجوڙ ۾ سڪ ٿيندا. هاڻي ڏسو ته سارو جهان انهيءَ ۾گم آهي ڪو ڪو الله جي طرف نه مڙئي خير آهي.
مثال هڪ طرف قرآن جو واعظ ۾ مسجد ۾ نماز هجي ٻئي طرف ڪڃري پيئي نچي ۽ ملاکڙو ۽ رڇ ڪتي جي بڇ ۽ ويڙه هجي ته ننڍا وڏا ڪراڙا به لٺ تي هلي تماشو وڃي ڏسندا. قرآن جي واعظ ۾ مسجد ۾ نماز تي ڪير به ڪونه لڙندو نه وري فقير عارف جي صحبت ۽ گفتار ٻڌڻ لاءِ ڪو ايندو. الله جي طرف خلق صرف هڪڙو ڀاڱو آهي ٻي عام خلق ته بي سمجهيءَ ۾ شيطان ڏي آهي. ڏسو ته ڪيتري خلق شيطان ڦاسائي ورتي آهي.

بيت

سگ برآن آدمي شرف دارد که دل مرد مان پيازارد
اڄوڪي آدمي کان ڪتو شرف ٿورکي. ڇو جو مالڪ کانسواءِ ٻئي کي اچڻ نه ٿو ڏئي
اين سخن راحقيقي بايد تا معنيٰ به دل فرود آيد
هن ڳالهه جي حقيقت گهرجي ته جيئن معنيٰ جي خبر پويئي
آدمي باتودست در معلوم ، سگ زبيرون استانه محروم
ماڻهو توسان گڏ کائي ٿو. مگر ڪتو ته چائٺ جي ٻاهريان نا اميد آهي
حيف باشدکي سگ وفادار آدمي دشمني روادارد
حيف آهي جو ڪتو وفادار آهي ۽ آدمي گڏ کائڻ واري سان به دشمني ٿو ڪري
نظر پاک توان در رخ جانان. ديدن، که در آئينهءِ نظر جزبه صفانه توان کرد
پاڪ نظر سان محبوب جي منهن ۾ ڏسجي. ڇو جو آئينه ۾ صفائي کانسواءِ شيءِ نه ڏيکاربي
به جزآبروئي تو محراب دل حافظ نيست طاعت غير تودر مذهب مانه توان کرد
تنهنجي ڀرون کانسواءِ حافظ جي دل جو محراب ڪونهي. تو کانسواٰءِ اسان جي مذهب ۾ ٻي عبادت جائز ڪانه آهي،
حديث قدسي
اني ما خلقت السماءِ المبنيته ولا ارضا مدحيته، ولا شمسا مضيته، ولا قمرا منيرا، ولا فلک يدور، ولا بحريجري ولا فلک تسري الا في ضحبته هٰوءُ لاءِ الذين هم تحت الکساءِ
ترجمو: بيشڪ مان آسمانن کي پڌرو نه بنايان ها ۽ نه زمين کي وڇاڻو نه ڪيان ها ۽ نه سج کي روشن ڪيان ها، ۽ چنڊ کي نواز وارو ڪيان ها ۽ نه ڪهڪشان کي ڦيريان ها ۽ نه درياه جاري ڪيان ها ۽ نه خشڪ بيابان خيقيان ها سواءِ هنن جي محبت جي جيڪي اهي ان چادر جي هيٺان آهن.

فقير جا سهڻا سخن

---

فقير جا سهڻا سخن

1. عشق جي بسم الله جو نيشان آهي عاشقان جو پهريان ڪسڻ، پوءِ اهو حلال ٿيندو.
2. دوست کي سر ڏيڻ وڏي رحمت آهي، جنهن سر ڏنو پوءِ اهو وري نه مرندو،
3. جنهن دشمن کي سر ڏنو تنهن تي لعنت آهي ۽ ان کي باهه جو ڪفن ملندو اهو في السقر النار ٿي ويو.
4. هاءِ هاءِ نه سڃاتائون جو مسجدن محرابن ۽ ٽڪاڻن ۾ خواه مڙهن ۾ اهو هڪ ويٺو آهي.
5. ٻيئي طالب ۽ مرشد ڀلجي پيا. ونحن اقرب وفي انفسکم ۽ وهو معکم تي اعتبار نه آندائون مرشد به آنڌاهين جن هنن کي جهنگ ڏي منهن ڏنو. اهي پاڻ ئي بي حاصل هئا.
6. جيڪو اسان وٽ ايندو ته ان کي هٿ ڏيڍ جيتري چوٽي ڇڏرائبس جڻيو ٻڌرائبس ساري عمر زبان سان الله جو نالو اصل نه وٺندو.
7. اسان کي پاڻ عشق جو جڻيو ٻڌل آهي. ٻين کي اهو جڻيو ٻڌرائبو. اسان پاڻ عشق جا ڪافر آهيون ٻيو به جيڪو ايندو ته ان کي به ڪافر ڪنداسون. مسلمان ته اصلي هئاسي. هاڻي عشق جا ڪافر ٿيا آهيون. هي ڪفر اصل خاص ايمان آهي.
8. هن ڪفر جي خبر قلندرن ۽ منصورن کي آهي مسلمان کي خبر ئي ڪانهي.
9. عشق جي ڪفر ۾ اهڙي طاقت آهي جو ٻنهي جهانن کان ٽپائي وجهندو آهي.
10. ٻيئي جهان ڪثرت آهن ٽيون جهان وحدت آهي. جيڪو وحدت ۾ ويندو سو هميشه زنده رهندو. اهو رسمي دين کان آزاد ٿي وحدت جو دين هٿ ڪندو
11. الله جو ذڪر سڪ ۽ محبت سان ڪندو ته اڏريو هليو ويندو بنا سڪ جي اتي پيو جهليندو.
12. جنهن جي دل الله جي ذڪر سان جيئري نه آهي ته اهو قبر جو قيدي آهي، ڪاڏهن به نڪري نه سگهندو.
13. ڪتي جي جيتري عمر ڊگهي ٿيندي ته اوترا گهڻا ڍونڍ کائيندو. دنيا جي ماڻهوءَ جي عمر به ائين آهي جو ساري عمر وهانون ۽ ختمن تي پيو ڊوڙندو.
14. ذڪر وارو ماڻهو صوفي عام ماڻهن کان ائين پري ڀڄي جيئن ماڻهو ڇتي ڪتي کان ڀڄندا آهن.
15. دنيا جي ماڻهوءَ کي توحيد ٻڌائڻ ائين آهي جيئن ٻوڙي کي دهل ٻڌرائجي.
16. نفس مٿئون ترار اولاريون بيٺو اٿيئي، غافل ٿيندين ته هڻي ڪڍندءِ هوشيار رهه ته هوشيار کي ڪوبه ڌڪ نه هڻي سگهندو.
17. نفس سان جنگ ڪرڻ وڏي جنگ آهي. اها جنگ ڪرڻ غازين جو ڪم آهي.
18. دنيا جي طالب کي توحيد ٻڌائڻ ناداني آهي هن جي دل ۾ دنيا جي محبت آهي سو توحيد ڪانه وڻندس
19. زماني جا بزرگ نمازي ۽ ملان رڳو جسم جي مالش ۽ صفائي پيا ڪندا. قلب کي الله جي ذڪر سان صاف نه ڪندا. ڌوڙ بوتي کي پيا ڌوئيندا. انهن کي مُڇان ڪترڻ ڊگهيون ڏاڙهيون رکڻ ڪلا ۽ دستارون هٿ آيون.
20. عشق جو ڪمال اهو آهي ته نفس کي پير مغان جي هٿان اسم اعظم سان ڪهائي.
21. جنهنجو نفس لاجي ترار سان ڪٺل آهي ته ان جي قبر کي به طواف ڪجي. ظاهري صورت ۾ هجي ته به طواف ڪجيس ڇو ته ان جو طواف الله جو طواف آهي، جيڪو خود پرست ڪافر هوندو اهو طواف نه ڪندو.
22. جنهن نفس ماريو آهي سو طواف جي لائق آهي.
23. فقير جو ساڙيل ائين آهي جيئن پارو وڻ کي پاڙن تائين ساڙي ڇڏيندو آهي جو ڦٽڻ جي اميد ئي نه هجيس. باهه جي ساڙن جو دونهون ڏسبو آهي هن جو دونهون به ڪونه ڏسبو.
24. دنيادار کي دنيا تي ائين خوشي ٿيندي آهي جيئن چور کي ٻيڙين لڳڻ تي خوشي ٿيندي آهي. ته مان نالي وارو چور آهيان.
25. اسم اعظم جون پهريون اڌ ملڪوت ۾ ترار آهي. اگر عارف ٻڌو ته يڪدم وجد پئجي ويندس ۽ اها ترار لڳي ويندس.
26. عاشق جڏهن ٻنهي جهانن کان مٿي ويو ته شاهه حسين جي ملڪ ۾ پهچي ڦر جي ويندو.
27. هي آسمان به ذات حق جي بازيگري آهن. آسمان ڪثرت با وحدت آهن.
28. آسمان شاهه اعظم جو دٻدٻو ۽ سياست آهن، اسان جڏهن آسمانن مان لنگهياسون ته اهڙي لذت آئي جو پاڻ کي گهات ڪري وجهجي. شاهه اعظم جي صورت ۾ ته ڪا وڏي لذت آهي جنهن جي بيان ڪرڻ جي زبان کي طاقت نه آهي.
29. آسان نوَ ورهيه ذڪر ڪيوسي، هڪ دم به وسئون قضا نه ڪيوسي. ڀوَ کان ننڊ به ٿوري ڪندا هئاسون. اهڙي سرجوشي ڪئي سون. تڏهن عنايت عشق ڪئي تڏهن پاڻ لطف ڪيائين نه ته اسان کي ڪهڙي مجال.
30. جنهن فقير کي روزگار جي ڳڻتي نه هجي ته ان کي ماني کائڻ حلال آهي ۽ حلال به تڏهن اٿس جوهر هڪ گره خدا جي ذڪر سان اماڻي.
31. غافل جي ماني مردار آهي.
32. جنهن کي مالڪ الملڪ تي اعتبار نه آهي اهو انڌو آهي جيڪو سيمُرغ کي چاليهه هاٿي هر هڪ ويلي تي کارائي ٿو سو هن جي ماني ۾ کٽي پوندو ڇا.
33. جيڪو اسم اعظم ڪمائيندو ته ان جي سيني ۾ حقيقت جو سج اڀرندو.
34. بهشت تي ناز نه ڪريو جو بهشت ۾ دغا بازي اٿوَ. اوهان جي ڏاڏي آدم سان به الله بهشت ۾ دغا ڪئي هئي. بهشت گهرندو ته دغا بازي اٿو. خوش نه ٿيو.
35. ڪاٺ جي ترار کي سونو مياڻ هجي ته به ٻرڻ جي ڪم ايندي دنيا جا پير بزرگ ڏسو ٿا يا ملان قاضي وغيره انهن جو ظاهري جسم سٺين پوشاڪن سبب ٺهي ٿو مگر اندران هنن جو روح ڪاٺ جي ترار آهي جيڪا ٻرڻ جو ڪم ڏيندي.
36. جوهر دار ترار ڀلي ته پراڻي مياڻ ۾ هجي ته به مالڪ جٿان هڻندس ته پار ويندي. فقيرن عارفن جو روح جو هردار ترار آهي. انهن کي ٻاهران زيب ڪونهي اندارن سارو معرفت جو نور آهن.
37. هر هڪ ڏوهي ڇٽي سگهي ٿو. مگر لالچ جو قيدي جنبي جيل ۾ آهي عمر ڪونه آزاد ٿيندو.
38. ڏيئي جي تيل ۾ پاڻي پوندو ته ڏيئو وسامي ويندو.ائين الله جو طالب به زماني جي ماڻهن سان صحبت ڪندو ته ذڪر بيهي ويندس.
39. ڪوبه عاشق حال محرم ڪونهي جنهن سان توحيد جي گفتار ڪجي. عام ماڻهوءَ سان توحيد جو بيان ڪرڻ ائين آهي جيئن پاڻي تي ليڪو.
40. توحيد جي ڳالهه ٿا ڪيون ته ڪو ڪونه ٿو سمجهي ڄڻ بتن سان ٿا ڳالهايون ڇو ته اهي توحيد جي ملڪ ۾ ويل ئي ڪونه آهن.
41. ننڍو ٻار مائٽن کان ڌار ٿيندو آهي ته دانهون ڪندو آهي پوءِ ڪا نه ڪا وسنوَ هن کي کڻي وڃي مائٽن سان ملائيندي اٿس.
42. هي مسلمان حرامي آهن. جو پنهنجو لاکيڻو مائٽ وڃايون بس ڪيون ويٺا آهن. رڙيون ڪن ته ڪونه ڪو اچي ٻانهن کان وٺي پيءُ وٽ پهچائين. الله ۽ رسول خدا رڃ ۾ وڃايون ويٺا آهن. دنيا جو جهان رڃ آهي. مائٽن جي ڳڻ ئي ڪانهين.
43. جن کي رهبر نه مليو ۽ بي خبريءَ ۾ گناهه ٿا ڪن تن کي بخشي ڇڏيندا.
44. جيڪي نماز تي فخر ٿا ڪن ۽ بوتي کي سينگارين ٿا ۽ پاڻ کي بهشت جو حقدار ٿا سمجهن ۽ هستي ٿا ڪن تن جي جاءِ جهنم ۾ آهي.
45. جيڪو الله جو طالب دنيا وارن سان دوستي رکندو ته مئي کان پوءِ ان کي ڪنڌ کان وٺي مسڻ جي باهه ۾ وڌو ويندو. جيئن واڻيا ساڙيا آهن. الله کان غافل ڪافر آهن. انهن پنهنجو مالڪ نه سڃاتو.
46. جنهن فقيريءَ کان ماڻهو ٽهن ٿا سا فقيري ابراهيم بن ادهم تخت هزارو ڏيئي ورتي هئي. 118 زالون ڦٽي ڪيون. هئائين بادشاهي سميت. دنيا جي درياهه مان تري نڪتو. ٻيا ڪيترائي بادشاهه ٻڏي ويا. هڪڙو هي نعرو هڻي تري نڪتو.
47. پاڻي کي به اڃايلن جو قدر آهي. جيڪو ڳوليندو سو لهندو.
48. هتان جي ماڻهن کي اڃ ئي ڪانهي. هادي شهنشاهه چيو هو ته طالب جي دل جاڏي چاهي ته وڃي اگر نه چاهي ته نه وڃي ڇو ته نقصان ٿيندس.
49. نفس چور ڪتو آهي، جيڪو طالب کي ويسلو ڪري چوريءَ چڪ هڻندس.ڪاڏهن نه ڪاڏهن ڪيرائيندس. هر وقت خيال جي نظر ذڪر ۾ هجيس، جي خيال نه هوندس ته ڏاڙهي وجهندس.
50. جنهن وٽ ذڪر جو خزانو هوندو ته ان سان نفس نه وڙهندو. چور به شاهو ڪار گهر کي کاٽ هڻندو آهي.
51. جيڪو ڪيترا به حج ڪري مگر پاڻ کي نه ڏٺو اٿس ته ان جا حج اجايا آهن.
52. جيڪو دنيا جي ماڻهوءَ جي خدمات ٿو ڪري ته اهو مسلمان نه آهي مگر ڪفر جو جڻيو ٻڌل اٿس.
53. ڳالهين ڪرڻ سان معراج نه ٿيندو آهي. جيڪو معراج وارو ڪم ڪندو سو معراج ماڻيندو.
54. اهوجيڪو زبان سان نفيل ٿو وڄائين سو وڃي ڪنهن ٽڪاڻي ۾ ٽنگ.
55. جنهن نفس کي ماريو تنهن ڄڻ سومناٿ جو مندر ڊاٿو. اهوشاهه محمود آهي.
56. جيڪو الله جو ذڪر ڪمائيندو اهو ٻانهي مان بادشاهي ٿي پوندو.
57. جيڪڏهن توکي موسيٰ ٿيڻو آهي ته نفس فرعون کي دم جي درياهه ۾ ٻوڙي بادشاهي جو نعرو هڻ نه ته توکي ٻوڙي ماريندو.
58. آب حيات اڪيلائي ۽ جاڳڻ ننڊ نه ڪرڻ ۾ آهي. رات جي جاڳڻ سان ملندو آهي.
59. جيڪو نفي اثبات جو سرمون پائيندو تنهن جي نظر ٻنهي جهانن مان ٽپي ٽيئن جهان ۾ وڃي پوندي.
60. جيڪو خلق کان بيزار ٿيندو سو معنيٰ جي محبوب جي روبرو ٿيندو.
61. ظاهر جا بادشاهه جو فقيرن کان دعائون گهرندا آهن ان مان پڪ ڄاڻو ته دعا جا مالڪ فقير آهي.
62. دنيادارن لاءِ دنيا پوڄا جي مڙهي آهي. جو اتي مٿو ٿا ٽيڪين، ائين پهر ان مڙهيءَ جو تعريف ٿا ڪن.
63. فقير عارف شب قدر آهي. تارو لاٽ ڪري ته ان گمان ۾ ڀليل آهن. حقيقت ۾ شب قدر ان لاٽ ۾ لڪل آهي. فقير عارف کي به جيڪو سوال ڪندو ته ان جو مطلب ٿيندو.
64. هلندڙ طالب کي همٿ هجي ته دم جي ڦوڪڻي تيز ڪري ته يڪدم الله وٽ پهچندو الله ته پري آهي ئي ڪونه الله ڪاڏي ويندو. لوهه تپي ڳاڙهو ته پوءِ خود باهه ٿي پوندو. ائين دل تتي ته الله پڌر تي آهي.
65. بي همت جي دل پراڻو کل جي ڦوڪڻي وانگر آهي، هزارين ڇِنَ ۽ سوارخ اٿس. ان جو لوگگ ڪونه تپندو. نه ڳارهو ٿيندو.
66. طالب جيستائين ترڪ نه ڏيندو تيستائين حق کي نه پهچندو. ترڪ جي دوا اسم اعظم آهي. ترڪ اندرئون ڏئي نه رڳو ٻاهرئون نه دنيا جو ترڪ ترڪ آهي پاڻ کي ترڪ ڏيڻ.
67. جنهن دنيا سان محبت ڪئي تنهن ڄڻ زهر کاڌو هنڌان هنڌان ڦاٽي پوندو. بوتو به خراب ٿيندس. عاقبيت به خراب ٿيندس. بڇڙو ٿي مرندو.
68. آدمي جو زيب ۽ زينت اسم اعظم جي ذڪر ۾ آهي. سواءِ ذڪر جي آدمي بي حاصل ۽ ڏوهاري آهي. جنهن کان الله وسريو اهڙو خراب ٻيو ڏوهه ئي ڪونهي.
69. دل هڪ ٿانءُ آهي ان ۾ يا الله رهجي يا دنيا رهائجي. ٻه شيون گڏ نه رهي سگهنديون.
70. صوفي کي سوال ڪرڻ ڏوهه آهي. سوال ڪرڻ وارو خوار آهي صوفي نه آهي.
71. موت قبل موت سدائين حياتي آهي. نه الله ئي مرندو نه اهو فقير مرندو.
72. جنهن شخص کي دنيا جي محبت آهي ته اهو غافل ۽ جيئري ئي مئل آهي.
73. دنيا جي عزت توڙي مال ملڪيت توڙي عقبيٰ ۽ حوارن الله کانسواءِ عذاب آهن.
74. لوڻ پاڻي ۾ اڇلبو ته پاڻي ٿي ويندو.لوڻ ظاهر ئي ڪونه هوندو. صرف پاڻي رهندو.
75. هي آدمي به جيڪڏهن الله ۾ ائين گم ٿئي ته آدمي رهندو ئي ڪونه صرف الله هوندو.
76. ٻنهي جهانن ۾ احمد ۽ عليءَ کانسواءِ ٻيو ڪونهي سڀ نالا انهن جا آهن. اهي صرف جاين جا نالا آهن نه ته هڪ آهن.
77. چوٿون بادشاهه به آهي لڪائي ڪئي اٿس. اسان کي به عيان آهي مگر ان چوٿين جو نالو نه وٺبو جو اهو فقير تي گناهه آهي.
78. جتي نفساني خودي آهي اتي خداءِ جو ڏس ئي ڪونهي.
79. طالب ۾ جيستائين خودي آهي ڪوٽ ۾ ڦاٿل آهي. جنهن مهل ڪوٽ ڀڳائين ته ملڪ ماهي اٿس.
80. جنهن مهل طالب عشق جو الهام ٻڌو تنهن مهل سر جو سانگ پاڻهي کڻندو.
81. جيڪو ڪلال خاني ۾ مٽن جي پاڙ ۾ ويٺو ته ان جو ثواب ثواب ستر حج کان وڌيڪ آهي.
82. جنهن وهو معکم وارو الله ڏٺو ته عمر هوش ۾ ڪونه ايندو هن جو ڳالهائيندو ته به عالم فاضل به نه سمجهندس.
83. جيڪو ڪلال خاني ۾ ساقيءَ وٽ ويو ته مستيون مڙهيون تسبيون مصلا هر شيءَ اتي ڳهه رکي شراب پيئندو.
84. ظاهري شراب توڙي وحدت جي شراب پيئندڙن کي عام ماڻهون گمراهه سڏيندا آهن. شراب ۾ ڪو اهڙو اثر رکيل آهي.
85. ڪلال خاني وارو صاحب ماڻهن کي ڪن ۾ باطني ڦوڪ ڏيندو آهي ته جيئن انهن تي ماڻهن جون ملامتون ۽ خواري هجي ته جيئن يڪا مون ڏي رجوع هجن. ٻنهي شرابن ۾ اهو اثر رکيل آهي.
86. دين ايمان جو دشمن آهيان. ڪفر جا جڻيا ٻڌا اٿم. مسلماني کان ڦري ويو آهيان. ٻي ڪار ئي ڪانهي.
87. شراب ملين ۽ قاضين جو دشمن آهي. اسان جي بوتي ۽ روح ۽ جان جو نيپاج آهي شراب آب حيات آهي مئي کي ويجهو ته جيئرو ٿي پوندو.
88. آذر وٽان ابراهيم پيدا ڪيوسي. مريم مان عيسيٰ بنا يوسي.
89. جڏهن هن کي مرايم ته دائمي حياتي ڪيم وري ته مرندس.
90. فقير عارفن جي فرمان ۾ سواءِ چهڙي ڏڦيڙ جي ٻيون سڀ شيون اينديون.
91. جيڪوعاشق الاهي سان هڪ ٿيو ته ان جون سڀ سڌون مري وينديون باقي سندس بوتو جيئرو هوندو.
92. جيڪڏهن صوفي بوتي سميت مري ته پوءِ معنيٰ جي موج ڪير ماڻيندو.شاهه حسن جي ديدار جو ذوق ڪير ماڻيندو. بيخودي جو نعرو ڪين هڻندو.
93. جيڪو ساري جهان کان لڪل آهي. ان جي عين عيان ٿيڻ جي موج بوتو ماڻي ٿو. پوءِ ان ڄڻ سڀ ڪجهه حاصل ڪيو.
94. اوهان کي خبر آهي ته دنيا جا ڪيترا ماڻهو مون ٿا. اهو مرڻ ٻئي قسم جو آهي.
95. اهو موتو قبل وارو مرڻ انهن کي هٿ نه آيو. اهو مرڻ ائين آهي جيئن نانگ جا ڏند ڪڍي ڇڏجن پوءِ مارڻ جي ضرورت نه آهي. ائين ان عارف جي حياتيءَ مان هزارين فيض پيا وٺندا. عارف وٽ توحيد جي گفتار پيئي هلندي.
96. جنهن جو نفس زنده هوندو سو نماز پڙهندو. ظاهر جي دين جا ٽپڙ پيو هٿ ڪندو ته متان محشر ۾ موچڙا لڳن.
97. عام خاص زور ڏيئي چون ٿا ته رسول خدا ۽ پنجتن پاڪ نماز پڙهي هئي. فقير ڇو نه ٿا پڙهن. اهو ان ڪري ته رسول خدا جي وقت ۾ بتن جي پوڄا هئي. ان ڪري رسول خدا جي وقت ۾ بتن جي پوڄا هئي ان ڪري رسول خدا مان احمد چيو انا احمد بلاميم چيو. من رآني فقد راءَ الحق چيو ته ان تي نماز ۽ بندگي جو ڪهڙو حق هو. اسان ته ان جي طالبن جا طالب آهيون ته به اسان جي به نماز تي اک ئي ڪانه ٿي ٻڌي.
98. جيئن استاد عالم فاضل هوندي ٻارن سان گڏ الف به پڙهندو آهي. پوءِ ائين ته نه چئبو ته نٿو ڄاڻي. مگر هنن جي سيکارڻ لاءِ الف به پڙهي ٿو. رسول الله خدا به خلق جي سيکارڻ لاءِ نماز پڙهي ۽ پڙهائي نه ته رسول الله تي نماز جو حق ڪونه هو. خلق کي جو تازو بتن کان موڙيو هئائين. تنهنڪري پاڻ جاهلن جي سيکارڻ لاءِ بي پڙهيائين ته متان موٽي اڳين پيروي ڪن.
99. جيئن عارف ختمي جي ماني کان پرهيز ڪندو آهي. عارف فقير ڪري ڪري يا نه ڪري مٿس لازمي نه آهي پر طالبن جي سيکارڻ لاءِ ڪندو آهي ته متان مون کي ڏسي ڪِري ڀڃي وجهن ۽ گمراهه ٿين ۽ سندن دل متان ڪاري ٿي پوي.
100. جيڪڏهن فقير عارف گناهه جو ڪم ڪري وجهي ظاهر وارا هن کي گناهه ليکين مگر گناهه نه هوندو. ڇو ته عارف کان ٻيو ڪير پڇڻ وارو ڪونه آهي. جيڪڏهن عام ڪندو ته ڏوهي ٿيندو.
101. جيڪو فقير مڃوتي جو قائل ٿيندو سو انڌو ٻوڙو گونگو ٿي اٿندو. مئي کان پوءِ ان جي جاءِ جهنم آهي. متان ڪوطالب مڃوتي جي هوس ڪري.
102. هزار ورهيه توحيد جون ڳالهيون پڙهي ۽ ٻڌي مگر ذڪر ڪمائڻ کانسواءِ ڳالهين مان الله ڏسي ڪونه سگهندو.
103. جن فقير سان حسد ڪيو ۽ صحبت ۾ نه آيا تن کي ڪالَ جو گدڙ کائي ويو.
104. هي جهان ۽ هو جهان عشق جي موج آهن. جيئن درياهه جي موج جو پاڻي وڻ پٽيندو ويندو آهي. پر درياهه جي موج کي به فناءِ آهي جو پاڻي جهٽ سڪي ويندو آهي.
105. هي ڪثرت جو جهان ۽ منجهس سڀ ساهواريون شيون به ان دراه اعظم جي موج مان پيدا ٿيا آهن. جن کي فناءِ آهئ
106. عشق کي بلڪل رنگ روپ مگر عامن لاءِ برابر هو بيرنگ آهي. خاصن لاءِ بارنگ ۽ باصورت آهي مگر دنيا ۾ ان جو مثال ڏيئي نٿو سگهجي.
107. فقير ٿجي ته فقير ٿجي نه ته زماني جي ونڊيءَ کان نه ته وڃجي.
108. فقيري پراڻي لوڙهي لت آهي لوڙهو هي جسم آهي جيڪو هن جسم تي لت رکندو. سو هن ڀر ٽپي وڃي وحدت ۾ پوندو.
109. حقيقت ۾ زماني جي سڃاڻپ دوزخ آهي. جنهن ۾ بي ويساهي آهي.
110. حقيقت ۾ سياڻا ۽ ڪل عقل اهي آهن جن الله ياد ڪيو.
111. رسول ڪريم جو ديدار طلب جي رستي کان اڳ ڏٺوسي. پوءِ نوَ ورهيه ذڪر ۾ هياسي جڏهن معراج ٿيو ته فنا في الرسول ۾ وياسي جتي احد مان احمد اها ذاتي صورت آهي.
112. مگر صفاتي جامون جيڪو حضرت جن هن جهان ۾ پائي آيا هئا اها صورت وصل کانپوءِ ٻارهين مهيني مدينه ۾ ڏني سي. گهمندي ڦرندي مدينه ۾ وڃي نڪتاسين. اتي ڏٺوسين.
113. الله جو رنگ ڪهڙو آهي. صبغته الله ومن احسن من الله صبفته کٽي جيئن ڪپڙا رنگيندو آهي ۽ ڪپڙن جي ڳرئي کانپوءِ به انهن تان رنگ نه لهندو آهي
114. الله جو اسم ڪمائڻ ائين آهي جيئن صفات کي ذات جي ڪن ۾ ٻوڙجي عشق جو ڪن نه سمجهيو مگر اها خود ذات آهي.
115. الله به صوفڻ ٻير وانگر آهي. جيڪو هن سڌي صفات جي ٻير جو لامون يعني خيال ڪپي ۽ ان ۾ باغائي اک هڻي ان کي پاڻي پيو ڏيندو ته آخر اها اک ڪامل ٿيندي پر جيڪڏهن سڌن جي ڀيل ۽ خيالات جي جهولي کان بچيائينس ته ٿي ويندي نه ته لڳل اک به سڪي ختم ٿي ويندي ڪن جي اک ٻڪري کائي ويئي ۽ ڪن جي اٺ پاڙئون ڀڃي ويو.
116. جيڪا اک جهولن کان بچي سامائي ته ساڳي ٿيندي ۽ ان کي ظاهر ۾ آدمي پيو ڏسبو باطن ۾ جبرائيل کان پري جون خبرون پيو ڏيندو. اهي ڳالهيون حال محرمن کانسواءِ عامن کي نه ٻڌائيندو.
117. عشق اهڙي باهه آهي جيڪا هن خاڪي بوتي کي لعل ڪري ٿي ڇڏي جيئن ڪا لوهه جي شيءَ کوري ۾ وجهي ڪنهن جهنگ اڇلجي ته جهڳا ساڙي ڇڏيندي.
118. هي فقير وحدانيت جي گفتار سان ماڻهن جي نفس جا جهڳا ساڙي ڇڏيندو سڙئي کان پوءِ ساڳيو سر ۽ نسوري ذات ٿي پوندا.
119. صوفي اهو آهي جيڪو هن جسم مان ائين نڪري جيئن ترار مياڻ مان نڪرندي آهي اسم اعظم سان ائين نڪري ملڪوت ۾ رهائش ڪري.
120. ڪجهه ڏينهن ملڪوت ۾ ۽ ڪجهه ڏينهن جبروت ۾ ۽ پوءِ لاهوت مان وڃي سڄي عمر بيحد ملڪ ۾ رهي.پوءِ پاڻيهئي پيو ايندو. ويندو ڄڻ سڀئي امتحان پاس ڪيائين.
121. جنهن ان معنيٰ جي ملڪ جو معراج ڪيو اهو منصور يا قلندر آهي جي ذات حق چئبس ته به ڀوَ ڪونهي.
122. جيڪو صوفي پاڻ مان نه نڪتو سو ڪوڙي ڪوڙي جو پٽ آهي. اهو نفس جو قيدي آهي. جي ذڪر به ڪمايائين ۽ برا ڪم نه ڪيائين ته بهشت جو حقدار آهي. باقي الله جو حقدار نه آهي.
123. جيڪو دنيا ڳوليندو تنهن کي دنيا ملندي جيڪو آخرت ڳوليندو تهنهن کي آخرت ملندي جيڪو الله ڳوليندو تنهن کي الله ملندو.
124. الله به سهڻو آهي. ڳولي به سهڻين دلين وارن کي ٿو جنهن کي يقين نه آهي سو گمراهه ٿيندو
125. طالب لاءِ ويساهه ٻيڙي آهي جنهن سان هو تري ويندو.
126. جبرئيل سميت اسان جي اڳيان چارئي ملائڪ جهرڪي به ناهن اسين شهباز آهيون جتي اسان وياسون اتي جبرئيل ڪهڙي شيءِ آهي.
127. آدمي جو وجود وڻ مثل آهي. هڪڙا وجود نفس جي سڌن جا وڻ آهن لکن مان ڪي ٿورڙا عشق جا وڻ آهن.
128. عشق جي وجود جي ڇانوَ توحيد جي گفتار آهي. ان وڻ جو ميوو انا الحق آهي. ڏار ملڪوت جبروت لاهوت ۽ بيحد ملڪ اٿس.
129. علم وار فقير ٿيو ته ڄڻ هاٿي حلال ٿيو. جاهل فقير ٿيو ته ڄڻ جهرڪي حلال ٿي . هاٿي حلال ٿيڻ سان لکين فيض پائيندا جهرڪي ته هڪئي کائي ويندو.
130. فقير عاشق لامڪان جو طائوس يعني مور پکي آهي.
131. فقير عاشق صبر ۾ هجي ته مرضي اٿس هت رهي يا هُتِ رهي ڳالهائڻ مهل لامڪان ۾ ياهت رهندو.
132. فقير عاشق توحيد جي گفتار مهل جتان جي ڳالهه ڪندو ته ان منزل ۾ بيهي ڳالهه ڪندو. جسم ڇڏيون اتي پيو ڳالهائيندو عام ماڻهو سمجهندا ته هت ٿو ڳالهائي.
133. فقير جو صحبتي سمجهندو ته ڪٿي ٿو ڳالهائي
134. اسم اعظم جو ذڪر هڪ ڪوٽ آهي، جنهن کي ملڪوت جبروت ۽ لاهوت کيسا آهن
135. اهو ڪوٽ اسم اعظم جو طالب کي نفساني سرد هوا ۽ سئي کئان بچائيندو.
136. انبيائن. اوليائن عارفن عاشقن جا ديدار به کيسا اٿس، ڪشف القبور يا ڪشف القلوب جا به ان ڪوٽ ۾ کيسا آهن. سمنڊن جبلات دريائن ۽ شهرن جي سير جا ۽ ٻيا لکين ڪروڙين کيسا اٿس. ڪي ٻڌل ته ڪي اڻ ٻڌل شيون ان اسم اعظم جي کيسن مان نڪري پون.
137. ملڪوت جي صورت تمام جلوه دار آهي جبروت واري صورت به سهڻي آحي. لاهوت واري صورت جو درجو اتم آهي. مگر بالا ترين صورت بيحد ملڪ واري آهي. جيڪا دلين جي ڦرجڻ جي ڳالهه آهي جيڪو ان ۾ ويندو ته ڦرجي ويندو وري دنيا ۾ ڪين رَلِبو.
138. اسم اعظم ۾ درد فراق گريو ۽ زاري سڀ ڪجهه موجود آهي.
139. اسم اعظم حصار الله يعني الله جو قلعو آهي. جيڪا طالبن جي حفاظت جي جاٰءِ آهي.
140. اسم اعظم عرش عظيم جي ڏاڪڻ آهي. ان ڏاڪڻ وسيلي جيڪو ان قلعي ۾ پهتو ته نفس جي دشمنيءَ کان امان ۾ رهندو.
141. جنهن آدميءَ کي ڪتو ڇتو ڏاڙهيندو آهي ته ان کي ڪتي جو زهر به اثر ڪري ٿو جو اهو ڪتي وانگر ڀئوڪان ٿو ڪري.
142. جنهن آدمي پنهنجي وجود ۾ ذڪر ڪمايو ته ان کي خدا جو ذڪر اثر نه ڪندو ڇا . ڪنهن ڏينهن ضرور ان مان من خدايم واري گفتار نڪرندي.
143. ماڻهن جي سمجهه جو ارمان آهي جو صوبيدار ننڊ پيو هوندو آهي ته به ان جي وات مان بڇان پيو نڪرنديون آهن ته وٺ فلاڻي کي نه ڇڏ.
144. ڏسو ته ماڻهو ڪهڙا نه نادان آهن جو جن جي دل ۾ سالن جا سال اسم اعظم جو ذڪر هلندو پوءِ ان جي زبان مان انا الحق جو نعرو نه نڪرندو؟
145. اهو ملڪ عظيم آهي جنهن ۾ فقير وڃي ٿو. ان ملڪ جو ذڪر ئي انا الحق آهي. جيڪو عاشق جي زبان مان زوريءَ نڪرندو. جيترو وقت ان ملڪ ۾ رهندو ته ان اعظم ولايت جي اها ٻولي آهي ان ملڪ ۾ سڀڪو ويندڙ ٽي ڏينهن رهندو آهي وڌيڪ نه رهندو. شاهه منصور ان ملڪ ۾ هڪ سال رهيو هو ته ڦاهي چڙهيو هو.
146. ان ملڪ جي اها حالت آهي جو عرش ڪرسي وڻ ٽڻ هر ذري ذري مان انا الحق جي گفتار هوندي آهي. پوءِ عشق بيوس آهي.
147. ان اعظم ولايت انا الحق جو اهو حال آحي جو جيئن سيڻهه وارو درياهه ۾ ترندو وڃي ۽ وچ ۾ سيڻه ڦاٽي پويس ۽ هو غرق ٿي وڃي. پوءِ رڳو محيط درياهه پيو ڏسبو.
148. عاشق جي جڏهن عبديت ختم ٿيندي آهي ته پوءِ ان مان انا الحق جي بڀڪي نڪرندي آهي صفات ڳري وڃي ذات رهي پوءِ ذات جي گفتار اها آهي.
149. هونءَ ته سڀ ڪنهن کي پنهنجو خالق ڪونه ٿو سُجهي مجال آهي جو انا الحق چئي سگهي. ٻانهو بادشاهه ڪيئن سڏائيندو. جڏهن ٻانهو رئي ٿي ويندو تڏهن بادشاهه ڳالهائيندو.
150. رسول الله به انا احمد بلا ميم چيو ته موليٰ علي به انا عرب بلا عين چيو بسطامي بايزيد سبحاني ما اعظم شاني چيو. اها ڪا عبديت کي طاقت آهي ڇا؟ اها سڀ الوهيت جي طاقت آهي. جيڪا ذات ٿي ڳالهائي ٻيو ته ڪوچئي ڏيکاري.
151. هيءَ عشق جي ڳالهه انڌن گونگن ۽ ٻوڙن جي ٻڌڻ جي نه آهي جن جااندروني ڪن سرلا هجن سي ٻڌندا. مصرع“ کرمادر زاد را بانالئه وسر ناچه سود” يعني ڄامڙو گونگي کي سڏن ڪرڻ ۽ سر شرناءِ ٻڌائڻ مان ڪهڙو فائدو؟
152. جيڪي هَوَسَن انڌا ۽ ٻوڙا ڪيا آهن. انهن لاءِ توحيد جي ڳالهه ائين آهي جيئن مئي کي مڇ کان وٺي وات ۾ پاڻي وجيهس ته واڇن کان وهي ويندس.
153. جيڪي نفس ۽ شهوت جا مريل آهن انهن جي اندر ۾ هيءَ ڳالهه نه لنگهيندي قرآن ڪريم ۾ به آهي ته لاتسمع الموتيٰ ولا صم الدعاءِ.
154. هن ڳالهه جو قرآن ۽ رسول ڪريم ﷺ شاهد آهن ته سڌن جو تابع سخت گمراهه آهي. ان ڪري ڪابه هدايت اثر نه ڪندي من اضل من التبع هواه.
155. جنهن کي رب العالمين گهري ته کيس رسول ڪريم وارو معراج ڪرائي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي جو نبي کڻي چئجيس. سُبْحٰنَ الَّذِیْۤ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ . القرآن گواهه آهي.
156. حضرت موسيٰ کي ذات ذوالجلال چيو ته جيڪو توکي اسان حڪيم ڪيو آهي ان تي قائم رهه يعني ذڪر کي قائم ڪجانءِ خبردار متان سڌن جو تابعداري ٿئين سڌان ذڪر کي وڃائينديون آهن فَاسْتَقِمْ كَمَاۤ اُمِرْتَ ولا تتبع اهواءَ هم (قرآن).
157. شريعت جي معنيٰ آهي سڌن جي تابعداري نه ڪرڻ جنهن سڌن جي تابعداري ڪئي نه انهيءَ شريعت قائم نه رکي ثُمَّ جَعَلْنٰكَ عَلٰى شَرِیْعَةٍ مِّنَ الْاَمْرِ فَاتَّبِعْهَا وَ لَا تَتَّبِـعْ اَهْوَآءَ الَّذِیْنَ لَا یَعْلَمُوْنَ. القرآن).
158. هر هڪ سڌ بت آهي جيئن ڪافر بتن کي پوڄيندا هئا. ائين هي مسلمان هاڻي سڌن جا بت ٿا پوڄين جيئن ڪعبه ۾ بت رکيل هئا. تيئن مسلمان جي دل واري ڪعبه ۾ سڌن ۽ خيلات جا بت رکيل آهن. ان ڪري هنن کي حقيقي مسلمان نه چئبو مگر ڪافر آهن. جيڪي ذڪر نٿا ڪن انهن جون اکيون ۽ ڪن انڌا آهن. اوهين انصاف ڪريو ته اڄ جا مسلمان الله ۽ قرآن جي حڪم تي هلن ٿا. اَفَرَءَیْتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰهَهٗ هَوٰىهُ وَ اَضَلَّهُ اللّٰهُ عَلٰى عِلْمٍ وَّ خَتَمَ عَلٰى سَمْعِهٖ وَ قَلْبِهٖ وَ جَعَلَ عَلٰى بَصَرِهٖ غِشٰوَةًؕ-فَمَنْ یَّهْدِیْهِ مِنْۢ بَعْدِ اللّٰهِؕ-اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ(۲۳)) پاره 25)
159. قرآن ۾ دم جي ذڪر ڪمائڻ لاءِ حڪم آيل آهي. قال الله تبارک وتعاليٰ واذکر ربک في نفسک يعني خدا پنهنجي کي دم سان ياد ڪر.
160. زباني ڪلمه ۽ رسمي مسلمان لاءِ قرآن چوي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن. انهن جي دلين ۾ ايمان ڪونه داخل ٿيو آهي. قَالَتِ الْاَعْرَابُ اٰمَنَّاؕ-قُلْ لَّمْ تُؤْمِنُوْا وَ لٰكِنْ قُوْلُوْۤا اَسْلَمْنَا وَ لَمَّا یَدْخُلِ الْاِیْمَانُ فِیْ قُلُوْبِكُمْؕ.. يعني عرب چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي. تون چوين ته توهان ايمان نه اندو آهي ائين ته مسلمان ٿيا آهيو. ڇو ته توهان جي دلين ۾ ايمان داخل نه ٿيو آهي.
161. ايمان آڻڻ جو نيشان اهو آهي ته ان جي دل ۾ خدا جو ذڪر هلي اهو آهي دل جو ايمان. اهي ئي حقيقي مسلمان ۽ ايمان وارا آهن.
162. دل جي ذڪر وارو حقيقي مسلمان آهي. باقي ٻيا رسمي مسلمان آهن.
163. رسمي مسلمان تاڙي ڦوڪ تي ڀڄي ويندو. رسمي مسلمان مرشد هادي کان به ڦري ويندو. منافق ٿي ويندو مگر دل جي ذڪر وارو نه ڦرندو.
164. قرآن پاڪ جي هي آيت گواهه آهي ته جن کان دم وارو ذڪر وسريل آهي اهي شيطان جو لشڪر آهن. اِسْتَحْوَذَ عَلَیْهِمُ الشَّیْطٰنُ فَاَنْسٰىهُمْ ذِكْرَ اللّٰهِؕ-اُولٰٓىٕكَ حِزْبُ الشَّیْطٰنِؕ .. يعني انهن تي شيطان غالب آهي. ان کانئن الله جي ياد گيري وساري ان ڪري اهي شيطان جي جماعت آهن.
165. ذات ذوالجلال قرآن پاڪ ۾فرمايو آهي ته جن جي دل ۾ الله جو ذڪر ٽڪندو ناهي اتي شيطان رهي ٿو. قال الله تعاليٰ : وَ مَنْ یَّعْشُ عَنْ ذِكْرِ الرَّحْمٰنِ نُقَیِّضْ لَهٗ شَیْطٰنًا فَهُوَ لَهٗ قَرِیْنٌ(۳۶)
166. رب العالمين ڏوراپو ڏيئي چوي ٿو ته افسوس مان اوهان سان گڏ آهيان مگر ڏسو نٿا ڇاڪاڻ ته هي ڪل آدم زاد الله جي اولاد آهن. حديث: القلق عيان الله جو پٺي ڏينو وتن پنهنجا ڪم ڪندا. ونحن اقرب اليه منکم ولٰکن لا تبصرون.
167. علم اليقين عين اليقين ۽ حق اليقين اهي ٽيئي نالا جيڪي فقير ڪم ٿا آڻين سي ڪلام الله مان آهن. نڪي ٺاڪو مل وٽان آندا اٿن. ان هذا لهو الحق اليقين. فسبح بحمد ربک العظيم. اهي ٽيئي نالا معراج واري ملڪ مان آندل آهن. اهي حدون ذڪر اسم اعظم سان ۽ حق جي منظوريءَ سان حاصل ٿينديون آهن.
168. جيڪي ذڪر سان نفساني عزت ۽ دنيا حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن انهن کي معراج جي حدن عين اليقين ۽ حق اليقين کان جواب آهي. ڇو ته هنن جو ذڪر باهه ۽ دونهين سان گڏ آهي نج نه آهي.
169. جيڪي ذڪر صرف ديدار الاهي لاءِ ڪمائن ٿا انهن جو ذڪر نج باهه آهي پوءِ اهي حدون به انهن کي حاصل ٿينديون فاالسبح باسم ربک العظيم يعني الله جي نالي سان سندس عظمت بيان ڪندا رهو.
170. جن کي الله گهري ۽ جيڪي الله کي خاص سڪ ۽ محبت سان گهرن پوءِ الله به انهن جو آهي وڏا ڀاڳ انهن جا آهن جن کي پنهنجو لقاءُ ڏيکاري. جن تي پنهنجي رحمت ڪري قال الله تبارڪ وتعاليٰ: رفيع الدرجات ذولعرش. يلقي الروح من امره عليٰ من يشاءُ من عباده.
171. فقير عاشق الله جا قاصد آهن. جيڪي خدا جا پيغام کڻي آڻي هن مخلوق کي ٻڌائن ٿا.
172. ڪلام ربي ۾ حڪم آهي ته جيڪو فقير عاشق وٽ صحبت لاءِ وڃي ته اهو ڪجهه نه ڪجهه تحفه يا نذرانو فقير لاءِ کنيون وڃي. هٿين خالي نه وڃي ٻيو ڪجهه نه هجي ته کبڙن جا پن يا ڏندڻ فقير لاءِ کنيون وڃجن. ان ۾ طالب جو فائدو آهي. یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِذَا نَاجَیْتُمُ الرَّسُوْلَ فَقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیْ نَجْوٰىكُمْ صَدَقَةًؕ-ذٰلِكَ خَیْرٌ لَّكُمْ وَ اَطْهَرُؕ.
173. حضرت يوسف توڙي بادشاهه ٿيو ته ان وٽ ننڍائي جو يار آيو هو ته ان کان تحفه گهريو هئائين. هن تحفه ۾پنهنجي ۾ پنهنجي آئيني ڪڍي ڏنس ۽ چيائينس ته جنهن مهل ڏسندين ته مان ياد ايندو سانءِ
174. رسمي مسلمان حسد کان فقير جي خلاف آهن ته سندس گلا ڪري سندس روشنائي گهٽايون. مگر گهٽايون. مگر گهٽجي نه سگهندي.
بيت
اگر گيتي سراسر ياد گيرد، چراغ مقبلان هر گزنه ميرد
جيڪڏهن ساري دنيا هوا هلائي ته به قبول پيلن جو ٻرندڙ ڏيئو ڪونه وسامندو
یُرِیْدُوْنَ اَنْ یُّطْفِـٴُـوْا نُوْرَ اللّٰهِ بِاَفْوَاهِهِمْ وَ یَاْبَى اللّٰهُ اِلَّاۤ اَنْ یُّتِمَّ نُوْرَهٗ وَ لَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ(۳۲)
يعني انهن جو ارادو آهي ته اهي الله جي نور کي پنهنجي وات جي ڦوڪن سان وسائن مگر الله پنهنجو نور ڪامل مڪمل ڪندو توڙي جو ڪافرن کي پسند نه هجي.
175. الله جو ذڪر بيخودي جي علم جو سبق آهي، جيڪو اهوسبق پڙهندو ته اهو بيخوديءِ جو ڪاليج پاس ڪري انا الحق جو نعرو هڻندو.
176. جنهن پاڻ مان نڪري معراج نه ڪيو هوندو سو ٻئي کي ڪهڙو معراج ڪرائيندو.
177. هي آدمي درياهه تي اڃ ٿا مرن. اهو دم درياهه اٿن. اهو درياهه ڇڏيون دنيان جي رڃ ڏي ڀڳا ٿا وڃن.
178. الله جو ذڪر الله جو دين آهي، نماز ۽ روزو وغيره نبيءَ جو دين آهي.
179. جيڪو الله جي دين سان هلندو سو الله ٿي پوندو.
180. هر هڪ انسان ۾ معرفت جو سج موجود آهي. مگر گناهن ۽ حرام کاڌن ان کي پردو ڏيئي ڍڪي ڇڏيو آهي.
181. جيئن مينهن جو ڪو هيڙو سج کي ڍڪي ٿو تيئن دل وارين اکين کي هوسن ۽ حرام کاڌن جون دونهون رَوَ چاڙهي ٿو ڇڏي.
182. طالبن مان يا ڪير به درد وارو جنهن مهل به سڏ ڪندو ته اسان فقير مسڪين جي ماڙ آهيون ۽ ويچارن جا واهرو آهيون. اُن وٽ پهچي ان جو درد دفع ۽ سندس ڪم آسان ڪنداسون.
183. دل وجان سان سڏيندڙ طالب يا سائل توڙي کڻي لکن ڪوهن تي هجي ته به فقير ان جي مدد ۽ واهر آهي.
184. اسان هت ماڻهن جون روحاني اکيون ڪرڻ ۽ مشڪلاتون لاهڻ آيا هئاسون.
185. طالب کي مرشد سان کاڌي پيتي يا سواري جي ريس نه ڪرڻ گهرجيس ڇو ته هو بقا با الله جي درجي وارو آهي.
186. عاشق جو کاڌو پيتو توحيد جي گفتار لاءِ آهي. فقير تي ذڪر فڪر يا عبادت لازم نه آهي.
187. مگر طالب کي ذڪر فڪر ڏهو چاليهو ۽ عبادتون لازم آهن.
188. هيءَ ڳالهه درد واري دل کي گهاءُ ڪندي ۽ جنهن کي ذڪر الاهي جو لاله گل وانگر دل تي داغ هوندس ته ان کي پسند ايندي.
189. هي ڳالهيون ۽ هن ڪتاب جا حرف ان کي پسند ايندا جيڪو ڪنهن عارف جو صحبتي هوندو. ٻيو جيڪو بقا الله جي درجي وارو هوندو اهو هن ڪتاب کي اکين تي رکندو.
190. جيڪو هن ڪتاب کي ناپسند ڪندو اهو ڪم نصيب آهي ان جي منزل في السقر في النار آهي. جيڪو هن راز جو واقف نه هوندو سو هن ڪتاب کي ڏسي نه سگهندو.
191. هن ڪتاب ۾معراج جي اکين ڏٺي حقيقت بيان ٿيل آهي.
192. رموز عاشقان عاشق بداند، رموز عاشقان فاسق چه داند؟
عاشقن جي رمز کي عاشق ڄاڻندو.عاشق جي رمز کي فاسق ڇا ڄاڻندو؟
193. هي ڪتاب عاشقن جي ڪتابن جي معنيٰ ۽ شرح آهي. جيڪو پڙهندو تنهن کي معنيٰ سمجهه ۾ايندي
194. سنڌ ۾ قيامت تائين جيڪو فقير ٿيندو ته هن کان وڌيڪ ڳالهه نه ڪندو.
195. هي سنڌي ٻوليءَ ۾ گفتار آهي جيڪا عشق جي دفتر ۽ معراج جي معنيٰ ۽ حقيقت آهي.
196. هن ڳالهه ۾ نه ڪوڙ نه وڏائي نه فخر نه هستي آهي. لعنت الله علي الکاذبين.
197. پيري بزرگي جي گفتار جي ڊوڙ بهشت تائين آهي جا نفس جي مراد آهي.
198. اسان نفس جي نامراديءَ جي ڳالهه ڪئي آهي. بهشت حوران اسان جي ٽوڪ جي جاءِ آهن.
199. هيءَ ڳالهه بهشتن جي ٺاهيندڙ جي روبرو جي ڳالهه آهي.
200. اسان جڏهن هادي شهنشاهه جي روبرو ويهندا هئاسون نه سائين جن توحيد جي گهڻي ڳالهه ۽ گفتار ڪندا هئا ۽ اسان کي چڙ لڳندي هئي ته ذڪر ڇو نه ٿو ڪري پوءِ جڏهن پاڻ معراج تي وياسون تڏهن خبر پئي ته اها اسان جي غلطي هئي.
201. وصل کان پوءِ عاشق عارف جي عبادت توحيد جي گفتار آهي مصرح : بو علي بيچاره راطاعت بجز تو نيست
يعني ويچاري بو علي کي توحيد جي گفتار کانسواءِ ٻي ڪا عبادت ئي ڪانهي.
202. جن کي به ساري سنڌ ۾ ڪٿي ههڙي گفتار هلندڙ ڏسڻ ۾ اچي ته اتان دست بيعت ٿين.
203. جنهن ڪچهري ۾ الله جي ڳالهه نه آهي ته اتي نفس ويٺو آهي. ان ڪري اتي ويهڻ حرام آهي.
204. اهڙي ڪچهريءَ تي الله پاڪ ۽ رسول خدا لعنت ٿا وجهن.
205. اسان جڏهن بيحد ملڪ ٽئين جهان ۾ وياسون ته ٻه ڪافيون لکيون سين. جنهن تي ذات ذوالجلال چيو ته تون به ڪلامن ۾ ڦاٿين جيئن سچل بيدل بلا شاهه ۽ ٻين عارفن ڳالهيون ڪيون آهن. ائين ڪندين تنهن ڪري تون ڪلام نه چئو مگر انهن عارفن جي گفتار جي پنهنجي گفتار ذريعي شرح لک. هيءَ شرح معراج کان چاليهه سال پوءِ لکيوسون.
206. جنهن دل ۾ الله جو ذڪر نه آهي سا دل برباد آهي.
207. جن کي عزرائيل ماريو آهي تن جون قبرون برباد ۽ تباهه آهن.
208. جن عزرائيل کي مات ڏني ته انهن جي قبرن جا هزارين محتاج آهن.
209. هڪ دفعي مقام جي ڀرسان لنگهيا ته قبرن ۾ پاسريون ۽ لاشن جا هڏا ٻرندا ڏٺاسي. اها هوسن جي باهه آهي جيڪا قيامت تائين نه وسامندي
210. جن الله ياد نه ڪيو ۽ هوسن جي قيد ۾ مري ويا تن جي قبرن ۾ باهه پئي ٻرندي
211. ڪامل عارف کي کپي ته جتي نفساني خودي هجي ته اتي بيخودي ڪرڻ نه کپي بيخودي جو قدر اکين وارن وٽ هوندو آهي.
212. جيڪي نفساني خودي سان انڌا هجن ته اتان هيٺاهين ڪري جند ڇڏائجي.
213. گڏاڻي ٻروچ هڪ دفعي چيو ته فقير تون الله ٿو سڏائين اسان کي الله ڇو نه ٿو ڏيکارين.
214. اسان چيس ته تون مڇي وانگر آهين رهين به پاڻيءَ سان گڏ ٿو ۽ پاڻي کي ڳوليندو ٿو وتين.رهين به الله سان گڏ ٿو ۽ سڃاڻين به نه ٿو.جي سڃاڻين ته الله ته پڌر تي آهي.
215. زماني جي ماڻهن کي الله جي گهر ئي ڪانهي هنن کي صرف دنيا کپي انهن کي گفتار به دنيا جي وڻندي.
216. گڏهه کي مشڪ جي قدر جي ڪهڙي خبر ته هن ۾ ڪهڙي خاصيت آهي.
217. جيڪو شخص ذڪر الاهي کان غافل ۽ هوسن جوپو ڄاري آهي سو ڏوهاري آهي.
218. جيڪو اهڙي ماڻهوءَ جي تابعداري ڪندو سو به ڏوهاري ليکبو.
219. جنهن جي دل ۾ الله جو ذڪر هلندڙ آهي ته ان کان گناهه جو ڪم نه ٿيندو ڇو ته هن جي دل ۾الله رهندڙ آهي. حديث انا جليس من ذکرني انيس من استانيس بي.
220. گمراهي سڀني خطائن جو منڍ آهي جنهن جي دل ذڪر کان خالي آهي سو هوس جي تابعداري ڪندو. اهڙي شخص جي تابعداريءَ کان قرآن پاڪ منع ٿو ڪري ته لاتطع قلبه اغفلنا عن ذکرنا.
221. سڌن جا تابعدار شيطان جا سپاهي آهن انهن کان الله بيزار آهي. قرآن چوي ٿو ته اُولائِکَ الَّذين طَبَعَ اللهُ عَليٰ کُلوبِهم وَتّبِعُو اهوائهم
222. دنيا جا ماڻهو حضرت رسول الله ﷺ جن خواه بين انبيائن کي چريو ۽ جادوگر چوندا هئا. پنهنجي بتن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. چوندا هئا ته محمد ڪريم ﷺ اسان کان ابن ڏاڏن وارو دين ڇڏائي نئون دين ٿو سيکاري.
223. رسول الله ﷺ انهن کان لات منوت ۽ عزيٰ جون پوڄائون لوهه جي ترار سان ڇڏيائون ۽ جڏهن رسول الله ﷺ هن وجود کي ڇڏي عرش تي ويو ته هتي اسان لاءِ لاجي ترار ڇڏي ويو.
224. دنيا جا ماڻهو ۽ انهن جا نفس شيطان ۽ دنيا بت آهن. هاڻي جن لاجي ترار نه وهائي ۽ ذڪر نه ڪيائون اهي لات منوت ۽ عزي جا پوڄاري آهن.
225. هڪڙي فقيرعارف با الله وٽ ٻه ڄڻا طالب ٿيڻ لاءِ آيا. ٻنهي کي چيائين ته مون تي ڪلمون پڙهو. مان هڪ شخص چوڻ لڳو ته مان توتي ڪونه پڙهندس ۽ هليو ويو . ٻيو شخص روئڻ لڳو ۽ روئيندي مرشد کي چيائين ته موکي گمان هو ته تون الله ج آهين پر لهي رسول ٿي پيو آهين جنهن تي مرشد آفرين چيس پوءِ ذڪر ڏيسائيند. ويساهه سبب واصل باالله ٿيو.
226. گادين وارن وٽ رڳو ڪوٽومل ويٺو آهي. انهن سڄي عمر رڳو خواب ۾به رسول ڪريم ﷺ ڪونه ڏٺائون جيڪر ڏسن ها ته الله جي خبر پوين ها.
227. گادين وارن کي خوديءَ ماري ڇڏيو.اهو گاديءَ وارو سيٽيو ويٺو هوندو آهي ۽ ٻيا سڀ سندس اڳيان ڪٻڙا ٿيا گهمندا وتندا آهن. انهن کي رڳو سکڻي وڏائي آهي. خواب ۾ان سائينءَ ڪڏهن شيطان به ڪونه ڏٺو آهي جي ڏسي ها ته سمجهي وڃي ها.
228. طالب ڪيترا به فقير هجن ته به سندن نفس رڳو فائدي جون ڳالهيون پيو پڇندو ته جيڪر گدرن جي واڙي پوکيان يا رائي يا ڪمند پوکيان جنهن مان دنيا پيدا ٿئي.
229. اڙي اها واڙ ي ۽ پوک ڇو نه ٿا پوکيو جنهن جا گل شهود آهن ۽ ميوا ۽ گدرا انا الحق جانعرا آهن. جو جڏهن اهو ڀڄي پوي ته سارو ملڪ کستوري ٿي پوي .
230. واصلي کي ذڪر جو ڀيرو ڪمائڻ گمراهي آهي وصل کانپوءِ ذڪر بيهي رهندو.جيئن نار ٺهڪڻ بيهي وڃي.
231. ذڪر غائب کي سڏ آهي. حاضر جو نالو نه وٺبو آهي. وصل وارو توحيد جي گفتار ڪندو جنهن مان ٻيا به ٻڌي فيض پيا پرائيندا.
232. فقير ڪماليت ۾پهچڻ کان پوءِ ٻه سال ماٺ ۾ رهندو آهي. پوءِ تمام گهڻي گفتار ڪندو.
233. فقير عارف جي ڳالهه جي اظهاري تي ماڻهو ساڻس جهيڙو ڪندا توحيد جي گفتار تي ماڻهو فقير سان فساد ڪندا.
234. ڇو ته ماڻهن هيءَ ڳالهه ٻڌي نه آهي. دنيا ۾ توحيد جو ٻڌائيندڙ ڪونهي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ به ڪونهي. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ وڏو فرق آهي.
235. فقير الله جي توحيد جي ملڪ ۾ وڃڻ وقت پاڻ گم ٿي ويندا آهن ۽ رڳو درياهه ٿي پون.
236. صوفي اهو آهي جيڪو ڇوليءَ مان ٻاهر نڪري جيئن رسول خدا ﷺ معراج ڪيو ائين هي به پرن کانسواءِ معراج تي اڏاڻو وڃي.
237. صوفي اهو آهي جيڪو الله سان زبان سان نه مگر روح سان ڳالهائي.
238. صوفي اهو آهي جيڪو پاڻ الله ٿي پوي ٻيو الله نه ڌاري جنهن جو الله ٻيو آهي اهو نفس جو قيدي آهي. مرد اهو آهي جيڪو پاڻ ٿي پوي
239. الله جي درگاهه ۾ ٻه پوشاڪون آهن (1) ڪرامت (2) ملامت.
240. اسان ملامت کنئين ڪرامت عشق جو حجاب آهي. نفس جو ڍئو آهي. ملامت سان الله پڌر تي آهي.
241. جيڪو توحيد ۾ گم ٿيو ته ان کي سڀڪو ڪافر ملحد سڏيندو . هن کي اهو ڍڪ هوندو. ان طرح هو عام خلق کان بچيل رهندو.
242. عشق شينهن آهي جيڪو ذات ۽ صفات کي کائي ٿو ڇڏي ظاهر ۽ باطن کي به کائي وڃي. هجي ڪو جيڪو ان معنيٰ کي سمجهي.
243. عشق اهڙي آفات آهي جو نه فراق نه وصال نه حال آهي. نه قال نه طالب نه مطلوب نه عاشق نه معشوق نه ذاڪر نه مذڪور.
244. نفس هن وجود ۽ معدي جو نالو آهي جيڪو ان جو چوڻ نه وٺندو اهو الله کي ويجهو ٿيندو ۽ الله ان کي ويجهو ٿيندو.
245. آدمي ذڪر سان محڪم ٿي پوي ته ڪوبه ڀوءُ ڪونهيس
246. جيڪڏهن ذڪر وسريل اٿس ته ڪو نه ڪو ڀوء اٿس.سڀني گناهن جا ڪم الله کي وسارڻ جي ڪري ٿين ٿا.
247. طمع خطائن جو منڍ آهي. طالب طمع ۾ ويو ته اونداهي ۾ ڪرندو.
248. صوفي جڏهن ڪمال کي پهتو ته سوال ۽ دعا گهرڻ کئون دنگ اٿس.
249. صوفي ملڪوت ۾ ويو ته پوءِ سڀئي حدن ۾ دعا گهرڻ ۽ ماڻهن کي سوال ڪرڻ بند ٿي ويندو.
250. هن بوتي جي اولي ۾ ڪتو نفس به ويٺو آهي ته ملائڪ به ويٺو آهي سڀڪو پنهنجي طرف ٿو تاڻي. ڏسجي ته ڪهڙو ٿو زور وٺي.
251. جي ڪتي نفس زور رتس ته پنهنجي ڳوٺ تحت الثريٰ ڏي گهلي ويندس جي ملائڪ زور ورتس ته عرش عظيم ڏانهن کڻي ويندس.
252. ساري جهان کي ان ڪتي نفس غرق ڪيو آهي مس ڪنهن ڪنهن وڃي ان کان جند ڇڏائي آهي.
253. هيءَ ڳالهه جيڪو دل سان ٻڌائيندو ته ان جي دل الله ڏي مائل ٿيندي ۽ ذوق وڌندس.
254. جيڪو ههڙي ڳالهه ڪنهن فقير جي واتان ٻڌي ته گوڏا ڀڃي الله جو ڏس پڇيس نه ته فقير جي تربيت کي طواف ۽ سجدا ڪري ته اتان فائدو ٿيندس.
255. هي عبديت جو چولو لوهه آهي. ان کي دل جي کوري ۾ وجهي اسم اعظم جني وڏاڻ سان ڪٽبو. دم جي ڦوڪڻي سان محبت جي باهه مچائبي پوءِ باهه جي جوش سان هن جو غير سڙي ويندو ۽ ڪٽڻ سان غير ڇڻي ويندس. پوءِ جڏهن غير صاف ٿيس. ته اهو لوهه فولاد ٿي پوندو.
256. فولاد مان لاجي ترار ٺهندي اها جنهن کي هڻبي تنهن مان پار ويندي غير کي ڪپيندي آسمانن مان به ڪونه اڙندي.
257. پوءِ فولاد نجي ذات آهي صفات ۽ غير خيال سڙي ويندس. باقي هڪ خيال ذات جو وڃي رهندو.
258. ٻيو به جيڪو ٻانهپ جي لوهه کي دل جي کوري ۾وجهي وڏاڻ مست ڪٽيندو ته اهو به فولاد ٿي پوندو. عرش ۾ به اڙيو نه رهندو.
259. فولاد مان جيڪا تار ٺهندي آهي ته ان جو آواز به ٻين کي مست ڪري وجهندو آهي.پوءِ اها تار هن بوتي جي تنبوري تي چاڙهي خيال جي آڱر هڻندس ته ٻڌڻ سان ٻيا به بيهوش ٿي پوندا
260. عبديت ۽ احديت جي حقيقت اها آهي ته جيڪو سڪ ۽ محبت سان ذڪر ڪندو ته اهو لوهه مان تار ٿي پوندو.لوهه عبديت آهي. فولاد احديت آهي. پوءِ طالب ٻليءَ مان شينهن شير خدا ٿي پوندو. ذات وڃي رهندي صفات سڙي ويندي.
261. فولاد جي تار مان اهڙو سُر پيدا ٿيندو جيڪو گرنار جي ڪوٽ تي وڃي پهچندو. گرنار جي ڪوٽ عرش عظيم آهي طالب جڏهن مدينته العلم جي دروازي تي اها تند وڄائيندي ته پوءِ اهو طالب مطلوب يعني مڱڻهارٻيجل آهي جيڪو سر کانسواءِ خالي نه موٽندو.
262. جيڪو طالب اها تند وڄائيندو سو راجا جو سر وٺندو.پوءِ راجا ۽ راڳي هر دوئي هڪ ٿيا. اتي طالب مطلوب ٻيئي پاڻ ۾ هڪ ٿي ويندا.
263. طالب جي ذڪر جو هر هڪ ڦيرو عرش عظيم جو طواف آهي يقين جاڻو اها اکئين ڏٺي ڳالهه آهي.
264. اسان هينئر توڙي هٿ ويٺا آهيون ته عرش ۽ عرش عظيم کي طواف ڪندڙ سڀ عاشق ۽ عارف هتان ڏسون ٿا.
265. عرش عظيم جو فرش اهڙو رنگين آهي. جو ان جي ڳالهه نه ڪبي.
266. عشق جي ڳالهه اهڙي آهي جو جيڪڏهن سربستي ڳالهه ڪبي ته زبان ڏري پوندي.
267. هڪڙي اسان جي صحبتي فقير کي ملان ڏس ڏنو ته زباني ذڪر ڪر. پوءِ هو زباني ذڪر ڪرڻ لڳو. ان کي لاابال مست آندل فقير چيس ته اڙي اندرئون وهه جو فائدو اندرئون ٿيندءِ.
268. اوهان جي حياتي بنا ذڪر جي به ختم ٿي ويندي. جيڪڏهن ذڪر ڪمائيندو ته پاڪ حياتي حاصل ٿيندوَ
269. جيڪڏهن ذڪر ڪمائندوء ته عرش عظيم به اوهان جو تخت آهي.
270. آدمي جي حياتي ائين آهي جيئن پاڻيءَ ۾ پتاشو ڳري وڃي. يا پيٽ مان هوا نڪري وڃي.
271. تون پاڻ ته سنڀار ته ڪاٿئون جو آهين ۽ ڪاڏي ويندين.
272. دل کي اسم اعظم جو راوات هڻ نه ته تنهنجي ترار ڪٽجي ويندي.
273. اڃايل کي ننڊ نڀاڳا بي حاصل ڪندا آهن.
274. الله جي سڀاڻي ڏسڻ وارو دلاسو صفا ڪوڙو اٿو جيڪڏهن ڌسڻو اٿو ته هت ڏسو سڀاڻي اهو انڌو، الله کي ڪيئن ڏسندو.
275. هي آدمي وڏي درياهه جا ڦڙا آهن. انهن جي سمجهائڻ لاءِ پنهنجو وزير موڪليائين.
276. وزير صاحب مدينه ۾ ميٽنگ ڪئي. سڀني کي گهرائي هدايت جو رستو ٻڌايائين.
277. هڪڙن کي عام رستو نماز روزي وارو ڏسيائين ۽ ٻين کي خاص رستو اسم اعظم رستي معراج ڪرڻ وارو رستو ٻڌايائين. جيئن سان پاڻ ذات ذوالجلال وٽ ايندو ويندو هو.
278. ڪي خاص ان رستي سان هليا ۽ حق جي درٻار ۾ وڃڻ ۽ عرش عظيم جا حقدار ٿيا، عامن مان به ڪن اهو چوڻ ورتو ته ڪن نه ورتو جن نه چوڻ ورتو سي دوزخ يعني تحت الثريٰ جا حقدار ٿيا.
279. مدينه ۾ وزير صاحب جيڪا اصلاحي ڪاميٽي جوڙي ان جو مک سربراهه پير موليٰ عليه السلام کي مقرر ڪيائين جنهن اهو خاص رستو چالو ڪيو.
280. عام رستي جا سنڀاليندو خليفا به مقرر ڪيائين.
281. عام رستي ۾ کائڻ پيئڻ اڇا ڪپڙا پائڻ حلال آهن. پنج وقتي نماز جي سنڀال خليفا ڪندا هئا.
282. خاص رستي تي هلڻ لاءِ اهل صفح وارا رهندا هئا. جن جي شادي قرآن پاڪ ۾ موجود آهي. ته للفقراءِ الذين احصرو في سبيل الله. الخ اهي اٺين پهر کاڌو کائيندا هئا اٺن پهرن مان ننڊ به هڪ پهرڪندا هئا.
283. انهن اهل صفحه وارن جي سار سنڀال ڪندا هئا ته ان کي پاڻ معراج به ڪرائيندا هئا. اهو پاڻ مان نڪري ملڪوت ۾ويندو هو.
284. انهيءَ خاص الخاص اهل صفحه واري جماعت کي هميشه ڪوڙ ٺڳي زنا چوري ۽ گمراهي ۾ گهڻي ننڊ جو روزو هو. هنن جو خيال سدائين سيني ۾ هوندو هو. هو ڏهاڪي يا چاليهي ۾ رهندا هئا.
285. جيڪو آدمي وجود جو ڍڳو ساقيءَ ڪوثر وٽ قربان ڪندو. اتي ان جو دين ڪفر به ان کان ڌار ٿيندو. پوءِ ذات حق وٽ ان جو عروج نزول پيو وٿيندو. فقير به ان کي چئجي.
286. حضرت رسول الله فرمايو آهي ته روزو ٽن قسمن جو آهي (1) عام (2) خاص )(3) خاص الخاص. عام روزو ظاهري روزو آهي اهو روزو سج جو پائبند آهي.هو روزو ته جهنگلي جانور به رکن ٿا، جو ڏينهن جو چار ئي پهر ستا پيا هوندا آهن ۽ اونداهه مهل نڪرن کائي پي وري باک ڦٽل مهل وڃي جهنگل ۾لڪن.
287. خاص روزو آهي ڪوڙ ٺڳي زان چوري کان پري هرڻ امر انهي تي قائم رهڻ.
288. خاص الخاص روزو اهو آهي ته ڪوبه غير خيال دل ۾ نه آڻڻ . دم دم سان الله جي ذڪر جي سنڀال ڪرڻ. دم قضا نه ڪرڻ.
289. جيڪو اهو روزو رکندو سو جسم مان نڪري جلد معراج ڪندو. صفات مان نڪري ذات وڃي ذات سان ملندي اها انتها آهي. ان کان وڌيڪ ٻيو ملڪ ڪونهي.
290. زماني جا ماڻهو ڍئو ڪري شڪرانا ڪن ۽ شاڪر خان بنجن پر انهن جي منهن ۾ نفس لانگ کينون مٽي ٿو. ڇو ته کاڌي تي شرانو نفس جي کاتي آهي.
291. حقيقي شڪرانو اهو آهي ته دم دم الله جي ذڪر سان هلي. اهو آهي الله جي نعمت جو شڪرانو دم نعمت الاهي آهي. هر هڪ دم ذڪر سان هلائڻ صحيح شڪرانو آهي.
292. ڍَوَ تي شڪرانو ڪرڻ جي معنيٰ اها آهي ته روزانو اسان کي اهڙا ڍَوَ ڪراءِ ته جيئن اسان جو نفس کائي پڃ ڪري. پوءِ اهو نفس جو شڪرانو آهي.
293. سڀني ماڻهن کي هوسن جي دال کائڻ ڪري ڀرتي ۽ بندش آهي جيڪڏهن انهن جي دل ۾ الله جي ذڪر جو حقنو ڪرائجي ته بندش کان ڇٽي پون ۽ حياتي به وڏي ٿئين.اهي جيڪڏهن حاذق حيڪم وٽ ايندا ته صبح يا شام مري ويندا.
294. اهو نفس بيابان جي چٻ آهي. ان ڪيترن جا پاڪائي جا لنگ ڦاڙي ڇڏيا ۽ کين گمراهه ڪري ڇڏيائين.
295. اهونفس ڪوري آهي جيڪو بوتي ۾ سڌن جي جوڙي ٿو اڻي هرهڪ تند سان عرش مان شاهه اعظم لعنتون ٿو وجهيس.
296. مرڻ کانپوءِ دنيا وارن کي اهو لعنت جو ڪفن ملندو. پيشماني جي ٽاڪن سان سبيل پائيندا. اهڙي پوشاڪ ۾ ويڙهي سيڙهي جهنم ۾ اڇلائيندن.
297. جيڪو اسان جو طالب سڏائي نفس جي تابعداري ڪندو ته اهو اسان جي درٻار مان لوڌيل آهي.
298. اسان مرشد ان جا ۽ هادي آهيون جيڪو اسان جي چوڻ تي هليو. ۽ پاڻ سڃاتائين.
299. جيڪو اسان جو طالب ٿي نفس جو تابعدار رهندو ته خبر نه اٿو ته اسان جو نالو واحد القهار آهي. ان کي جهنم ڏي موڪليو.
300. اهو نفس اولاد ۽ ٻچن جي تابعداري سيکاريندو آهي ۽ عارفن جي صحبت کان منع ڪندو آهي ۽ چوندو اٿن ته اهي سڃا آهن اوهان به انهن وٽ ويندوءِ ته سڃاٿي ويندوء.
301. نفس کي سمجهي ٿو عارفن وٽ منهنجي ڪهڻ جو هٿيار آهي تنهنڪري جهليندو اٿن ته جي انهن ڏي ويا ته منهنجي ٻيڙي ٻوڙيندا.
302. صوفن جي صحبت ۾ منهنجا ختما جماڻا ۽ عيش عشرتون بند ٿي وينديون.گهڻو کائڻ گهڻو ڳالهائڻ گهڻي ننڊ ۽ زال سان روزاني همبستري ڪرڻ به بند ڪرائيندا.
303. جيڪڏهن ان نفس کي ڪتا بڇائي مارائجي ته به ڪو گناهه ڪونهي ثواب آهي.
304. جيڪڏهن ڪٽو ڪافر ان نفس کي بي گناهه ماري وجهي ته به ان کان پلاند نه وٺجي.
305. اڃا به هن کي سٺو کاڌو يا حلوو کارائجي ته چڱو ڪيائين.
306. اهو نفس معدي جي مس ڪپڙي ۾ زير نافن جو نائو وجهي وهمن جي قلم سان دل جي پاڪ دفتر تي خراب ليڪا ٿو ڪڍي.
307. ان مس ۽ اکرن مان ڍونڍ جي ڌپ پيئي اچي انهن اکرن ۽ مسن تي مکين جا جهوم اچي ٿا گڏ ٿين. دل ۽ روح هن جي ڌپ کان دانهون ۽ فرياد ٿا ڪن.
308. هن جي لکڻ مان راڄ قيد ٿي ويا. جو اڳ ڪنهن ڪونه ورتس.
309. اهڙي حراميءَ ۾ جيڪو چڱائي جي اميد رکندو سو به حرامي آهي الخبيثٰت للخبيثين.
310. جيڪو ان مان پاڪائي جي اميد رکندو سو ڪڏهن به مسلمان نه ٿيندو. قلم لتن سان ڇٽي ڇڏيوس.
311. جيڪو ان به حوض ڪوثر جي ساقي جي ڀر وٺندو ته بچندو نه ته ان جي مڪرن راڄ گنوائي ڇڏيا.
312. اهو نفس ڍيڍ آهي جو حلال به کائي ته حرام به کائي ڪنهن ۾ اڙيو نه رهي. ان کي سئنکيي جي ٽڪي ڏجي ته ڀل ڳري مري وڃي.
313. جيڪو ان جو چيلو ٿيندو ته ان کي ويد شاستر ۽ نوڌکرڙا پيو پڙهائيندو.
314. رات جو به پنهنجي کنڌئي کان چيچن تي پيو ليکا ڪرائي.
315. مطلب ته هي جيئرو ڇڏڻ جهڙو نه آهي ڪنهن شهر ۾ قتل ڪرائي چوسول ۾ لٽڪائي خاص مردانو عضوو وڍي وات ۾ڏيئي ڇڏجيس ۽ پويان ڪِلو لنگهائجيس.
316. نفس جو منهن ڪارو ڪري شهر جي چئني ڪنڊن ۾ عضوو عضوو ڪري ٽنگي ڇڏجيس.
317. جيڪڏهن ماڻهو پڇن ته هي ڪير آهي ته چئجي ته هي ٻائو ٻڌ ٻٻوڪ جتي ستي جاهومل حرامي نفس آهي.
318. ڪامل مرد تڏهن ٿو ٿئي جڏهن هو حق جو وصال ٿو ماڻي.
319. ارمان آهي جهان جي ماڻهن جو جيڪي کائن پيئن الله جو ۽ چيو مڃين ان نڀاڳي نفس جو .
320. جڏهن اسم اعظم جي لذت آئي ته سڀ خلق کان بيزار ٿياسون. برادري جي اچڻ وڃڻ ختمن وهانون هندن جي طعامن ڌامن کان قسم کڻي ڇڏيوسين.
321. دنيادارن جو موت ڦڪڙي خواري ۽ سڪرات سان ٿيندو.هتان به وارنٽ سان ويندا ته اڳيان به اهوحال اٿن دنيا ڪابه مدد ڪانه ٿي ڪرين.
322. آدمي عرش تان لهي آيو آهي مگر اچڻ سان واڳونءَ جي وات ۾اچي پيو آهي.
323. هي نفس واڳونءَ مثل آهي ساروجهان ان جي وات ۾ غرق آهي.
324. هي لذات مزات عيش عشرتون سڀ واڳونءَ جو وات آهن
325. خاص ڪري ظاهر وارا پير بزرگ شيخ المشائخ ان واڳونءَ جي وات ۾ آهن ڪجهه غريب غربا به مطلب ته سڀني کي هن نفس ڳهي ڇڏيو آهي.
326. الله جي ذات بي پرواهه آهي. هت سيد يا ڪنهن به ذات جي پرواهه ڪانهي. مولاجي ملڪ ۾ جوکٽي سو کائي .جيڪو ان کي ياد ڪندو هو ان جو آهي.
327. جيڪو پوکيندو سو لڻندو. جيڪو پوکيندو ئي ڪونه سو لڻندو وري ڪٿان.
328. جنهن نه پوکي سو پنندو ته به لپ ان جي ملندس. پنڻ مان پوري. ڪانه پوندس.پوکي ها ته جيڪر هن جدر تان ٻيا اچي بنن ها.
329. الله جو ذڪر دم سان ڪمائڻ به هڪ قسم جي پوک آهي. ان جي پيدائش وصال حق جو حاصل ٿيڻ آهي.
330. الله جو دم سان ڪمائڻ ڪو جبرائيل جي گهوڙي جي سنبن واري مٽيءَ کان به گهٽ آهي ڇا جو ان مٽيءَ مان سامري گابو ٺاهيو هئائون اهو به ڳجهه جون خبرون ڏيندو هو.
331. جتي الله جو ذڪر هلندو اتان الله نه ڳالهائيندو ڇا ۽ اهو آسمانن جون خبرون نه ڏيندو ڇا؟
332. جيڪو عارف هڪ دفعي جسم مان نڪر اسم اعظم ذريعي نڪري معراج ڪندو ته اهو هري ويندو پوءِ هر دم ان کي معراج آهي.
333. جيڪو ان ڪماليت تي پهتو ته ان جي اک غوثن قطبن تي به نه پوندي. هاءِ هاءِ اهو فقير اهڙو لا پرواهه آهي.
334. ڪامل فقير اهو آهي جيڪو جسم مان نڪري حضرت رسول ڪريم جن وانگر معراج ڪري پوءِ ساري عمر اک ڇنڀ ۾ پيو ايندو ويندو.
335. سيد به ان ملڪ جي واقف کي چئبو آهي.اصلي ساداتن جو حق به اهو ملڪ آهي. مگر پوين. ٻوڙ پُلاءِ کائي عيش عشرتون ڪري اهو حق وڃائي ڇڏيائون.
336. حضرت رسول الله ﷺ جي فقيريءَ جو رستو ڏاڍو سولو ٺاهيو آهي. دم ته ائين به هلي ٿو. مگر صرف ذڪر جو خيال رکڻو ٿو پوي. زماني جي ڪم ڪار سان به پيو هلندو.
337. ڪن سالن کانپوءِ جڏهن طالب کي وصال ويجهو ٿيندو ته زماني تان از خود هٿ کڄي ويندس. قائم فقيري اها آهي.
338. چرين سودائن وانگر نه مگر هوش هواس سلامت هوندس. مگر معرفت جي وصال حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي في الحال ڪثرت کان آجو رهڻو پوندو.
339. جڏهن ڪماليت کي پهتو ته پوءِ اهڙو داناءُ ٿي پوندو جو زماني جي سموري بادشاهي هلائي ته به پرواهه نه هوندس.
340. اي طالب تون سڄو ذڪر ۾ گم ٿيءُ جوان مڙسي وارا چرچا ڀوڳ ڇڏي ڏي ته توتي حق جو راض ٿئي.
341. دنيا جي محبت ۽ دنيا لاءِ ڊوڙڻ ۽ دنيا وارن سان دوستي رکڻ سوئر سجي شڪار وانگر آهي جو شڪاري ڪتا به ڊوڙائن تڪليفان به ڪن. سوئر به مارائن مگر موٽڻ مهل سکڻا هٿين خالي گهر ڏانهن موٽن.
342. دنيا گڏ ڪرڻ جو اهو حال آهي جو گڏ ڪندڙ کي ان مان ذرو به نصيب ڪونه ٿيندو.
343. دنيا اها حلال آهي جيڪا خدا جي راهه ۾خرچ ٿئي پاڻ به کائي مسڪين يتيم به کائن.اها دنيا ٻيڙيءَ لاءِ پاڻي جي مثال آهي ڇو جو پاڻيءَ کانسواءِ ٻيڙي تري ڪين. سگهندي مگر اهو ئي پاڻي اگر اندر گڏ ٿيئس ته ٻوڙي ماريندس نه ته پاڻي ٻيڙي جو بچاءُ ۽ حياتي آهي ۽ موت به اٿس.
344. ٻيڙي هيءَ دل ۽ وجود آهي. دنيا به پاڻيءَ مثال آهي. خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيائين ته تاريندس جي صرف بند ۽ گڏ ڪيائين ته ٻوڙيندس.
345. اي ڪتاب جا پڙهندڙوء ۽ ٻڙندڙو عارفن جهڙوڪ بيدل فقير سچل فقير عطار ۽ حافظ سڀني عاشقن حُسن جي تعريف ڪئي آهي. ان مان ائين نه سمجهو ته ڪو مخلوق يا زائفان يا ڪنهن ڇوڪري تي تعريف ڪئي اٿن. اهي سڀ تعريفان ان شهنشاهه جون آهن جنهن هي جهان جوڙيو آهي. هي حسن وارا آدمي انهيءَ اعظم درياهه جا ڦڙا آهن .
346. فقيرن عارفن جي ڪيل تعريف سڀ ان سمنڊ جي تعريف آهي. هي جهان جي خلق سرون آهن ۽ هو قالب آهي.
347. عارفن عاشقن سر مارئي سسئي پنهون. هير رانجهو يا ليليٰ مجنون وغيره جا قصا پنهنجي نموني سان ڳايا آهن تن ۾ صرف پنهنجي سڪ جي ڳالهه ڪئي اٿن. انهن دنيا جي ظاهري عاشقن جي لڪ ۾ سسئي مارئي يا هير پاڻ ٿيا آهن پنهون ۽ رانجهو ذات ذوالجلال کي نسبت ڏني اٿن. کيڙا ڀيڙا ۽ سسئي کي منع ڪرڻ واريون سهيليون نفس ۽ نفساني خيالات آهن.
348. اُٺ هي دم آهن. ننڊ ۽ غفلت وارن دمن سان پنهون هليو ٿو وڃي. هي به جيڪڏهن سسئي وانگر ننڊ ڪندو ته الله هن کان به هليو ويندو.
349. جنهن ماڻهوءَ هماليه جبل ۽ درياهه ڏٺو هوندو سو هر هنڌ پاڻيءَ کي سڃاڻندو ڪڙئي کي ٻه درياهه چوندو.
350. جيڪو اسم اعظم ڪمائيندو سوئي هماليه جبل ۽ درياهه ڏسندو.
351. جنهن جوانيءَ ۾ پيريءَ ڏي خيال ڪيو سو يڪدم الله لهندو.
352. چاليهه ورهيه ٿيا آهن جو ذاڪر مان ڦري بي ذڪر ٿيا آهيون.
353. وصل کانپوءِ هڪ دفعي ذڪر ڪرڻ جي سڪ لڳي ۽ ذڪر جو هڪ ڀيرو ڏنو سون ته يڪدم عرش مان هڪل آئي ته توکي اڃا ٻيو الله ڏسڻو آهي ڇا جو اڃا ذڪر ٿو ڪمائين.
354. پر هلندڙ طالب ذڪر نه ڪمائيندو ته گمرارهه ٿيندو ۽ الله لهي نه سگندو.اسان هيءَ ڳالهه وصل تي پهتي کان پوءِ جي ڪئي آهي.
355. جيڪو ذڪر ڪمائيندو سوالله ڏسندو.جيڪوڳوليندو سو لهندو.
356. طالب کي پنهنجن سان به چريائي ڪرڻ کپي ته پوءِ ٻيا به لحاظ ڪندا.
357. اصلي اهڙو ڇو نه ٿجي جو جاجڪ کي به جواب ڏجي ته ٻانڀڻ کي به جواب ۽ اهڙو ڇو نه ٿجي جو سائين ٿي پئجي هي سڄو الله ٿي پوي
358. الله جو ذڪر قلب کي ائين صفا ڪندو آهي جيئن ڪهاڙي روهي تي تکي ڪبي آهي. ته پوءِ جتان هڻبي تتان پار ويندي.
359. الله جو ذڪر عرش جي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي.
360. ذڪر کانسواءِ هزار زاريون ڪندو ته به رسول الله ﷺ به ڏسي ڪو نه سگهندو. ذڪر الاهي رستو آهي.
361. رسول جي معنيٰ نياپو آڻيندڙ آهي. فقيرعارف الله جا قاصد آهن.
362. هي آدم سڄو حجاب آهي. اسم اعظم هن کي بي حجاب ڪري ٿو نه ته آدمي لاحجاب ڪونه ٿيندو.
363. آدمي جڏهن هن حجاب کان نڪرندو ته سڀ آسمان پڌر ٿي پوندس شاهه اعظم به پڌر تي ڏسندو.
364. اسان عشق جي ڪعبه وارو احرام روزازل کان به اڳي ٻڌو آهي. روزازل وارو ڏينهن به پوءِ ٿيو آهي.ان کان 300 ورهيه اڳي اسان اهو احرام ٻڌو هو روزازل ڪالهه ٿيو.
365. حقيقت ۾ انبياءَ ۽ اولياءَ ستار آهن. معرفت جو سج اهو ذات ذوالجلال آهي.
366. جڏهن طالب عارف جي دل ۾ اهو معرفت جو سج اڀريو ته ان دل تان ستارن جو آسرو محو ٿي ويندو. ان سج اڳيان ستارن جو نالو ئي نه رهندو.
367. جڏهن کان اسان جي دل ۾ اهو معرفت جو سج اڀريو ته اسان جي دل ۾ رڳو ان سج جي صحبت وڃي رهي آهي. ستارن جو احتياج ئي ڪونهي.
368. اي طالبو جيئن توهان هتان چوڏهين جو چنڊ ڏسندا آهيو تيئن اسان هينئر به اهو لم يزلي بادشاهه ظاهر ٿا ڏسون. توڙي توهان سان ڳالهائڻ ۾ مصروف آهيون.
369. زمين کان جيڪا اڳي ڪڪري هئي جنهن لاءِ حضرت رسول الله ﷺ حديث فرمائي آهي اها هاڻي به اسان ظاهر ٿا ڏسون.
370. ان ملڪ ۾ جنهن ۾ اسان ويا آهيون ان ۾ طرف اطراف ڪونهي. مگر به نسبت هن دنيا جي ان ڪڪري ءَ کي چوڌاريءَ احاطو آهي. اولهندي کان دروازو پايه پايه نموني اٿس.
371. جڏهن زمين آسمان ڊهي ويندا ته به اها ڪڪري ۽ ان جو مالڪ رهندا. بهشت دوزخ عرش ڪرسيءَ ۽ آسمان سڀ ڊهي فناءِ ٿي ويندا. كُلُّ مَنْ عَلَیْهَا فَانٍۚۖ(۲۶)وَّ یَبْقٰى وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلٰلِ وَ الْاِكْرَامِۚ . جو قرآن گواهه آهي.
372. جيئن جيئن طالب جي دل تي اسم اعظم وهندو تئين مرشد جو ادب وڌيڪ ٿيندس. جنهن مهل طالب جو ذڪر ڍرو ٿيندو ته طالب گمراهه ٿيندو. گمراهه آدمي بي ادب آهي.
373. اصل ۾ ادب عشق سيکاريندو آهي. جنهن وٽ عشق الاهي آهي سو اديب آهي.
374. خبر اٿو ته عشق الاهي ڇا آهي؟ اهو ذڪر الاهي خود عشق آهي.
375. اسان جا ويجها مٽ مائٽ اسان جي عشق جي فيض کان محروم آهن. جيڪي ويجها آهن سي پري آهن. جيڪي پري آهن سي ويجها آهن.
376. حقيقت ۾ اسان جا مائٽ به اهي آهن جيڪي ذڪر الاهي ۾ گم آهن غافل اسان جا مائٽ نه آهن.
377. ويجها پري ۽ پري ويجها ٿيا آهن. جيئن درياه جي ڀر ۾ نار چڙهندا آهن ۽ پري درياهه جو پاڻي به موڪ لائيندو آهي.
378. انبيائن ۽ اوليائن کان سندن مٽ مائٽ ان ڪري پري ٿيا جو هو حجتي ٿي پيا مائٽ ڪري سمجهيائون. روزانو ڏسي بي اعتبار ٿي پيا.
379. جيڪو عشق جي اسڪول ۾ ويو تنهن جو ڪثرت کان هوش کڄي ويندو دنيا سان ڪونه رلبو.
380. عشق جا ٻه اسڪول آهن(1) دهقاني يعني ڳوٺاڻو اسڪول ان جو استاد فقير عارف آهي.(2) ملڪوت ستين آسمان تي، جتي طالب وڃي مرشد سان گڏجي وڃي عشق جو امتحان ڏيندو آهي. پوءِ اتان من خدايم جي سندَ ملندس.
381. جيڪو مرشد واري عشق جي اسڪول ۾ ويندو سو ملڪوت ۽ عرش عظيم ۾ ويندو جيڪو دهقاني اسڪول ۾ نه ويو سو مٿي ڪيئن ويندو. جاهل ڪهڙا امتحان ڏيندو.
382. ماڻهو گهوڙا ته ڌارين ٿا. اٺئي پهر هنن جي خدمت پيءُ کان به وڌيڪ ڪن ٿا. اڙي اهو براق لا اُبال ڇو نه ٿا هٿ ڪريو جيڪو عرش جو سير ڪرائيوَ.
383. اسان جو ظاهري بوتو هت ٿا ڏسو مگر اسان جو براق لااُبال عرش کان به پري جولان ٿو ڪري. اسان جي براق جو عرش کان تحت الثريٰ تائين سير آهي.
384. غوث قطبن جي حد وڌ ۾ وڌ بهشتن تائين ٿيندي مگر عاشقن جي حد تمام پري آهي جتي ڪثرت اصل ڪانهي. فقير جتي ويا اتي بهشتن جو ڏس ئي ڪونهي.
385. قطب ستارو به اونداهي معمولي رهبري ٿو ڪري مگر سچ اڀرڻ کان پوءِ اهو به رئي ٿو ٿي وڃي.
386. ڀنگ ۽ نشيدار شين کان طالبن کي پري رهڻ گهرجي ڇو ته اهي خبيث عادتون آهن.
387. طالب کي جڳائي ته اندريون عادتون هٽائي ائين نه ڪري جو ٻاهريون عادتون به پاڻ ۾ وجهي.
388. وڏي واهه مان ترڻ لاءِ ڪپڙا لاهبا آهن ڪپڙن سوڌو وڃبو ته ٻڏي وڃبو.
389. هي بوتو به روح جو ڪپڙو آهي آسمان به عرش جي وحدانيت جا درياه آهن روح جو ڪپڙو بوتي وارو لاهبو ته تري وڃبو ته نه ٻڏي ويندو. هن ڀَرِ عشق جي ملڪ ۾ ٽپي نه سگهندو.
390. بوتي جو ڪپڙو اسم اعظم ڪمائڻ سان لهي ويندو آهي. بنا ذڪر جي اهو لهڻ سولو ڪونه آهي.
391. ورد وظيفا ۽ نمازون ۽ روزن سان اهو به بوتو ٿلهو ٿيندو ويندو. مگر لهندو ڪونه
392. ٻيا ذڪر به گهڻائي آهن مگر انهن مان هڪ سردار ذڪر آهي. جنهنجو نالو اسم اعظم آهي. اهو اسم اعظم الله هٿ ڪرڻ ڪاڻ ائين آهي. جيئن مڇيءَ ڪاڻ ڄار آهي.
393. اهو ذڪر ڪنهن ڀاڳ واري کي هٿ ايندو جنهن مان هو واصلي ٿيندو.
394. اسان ذڪر ڪمايو ته ان جي حد اتي ڏٺي سين جتي ساري ڪائنات جو دفتر آهي.
395. مرد عارف به اهو آهي جيڪو اسم اعظم جي حد ڏسي ۽ اهو ملڪ ماڻي.
396. هڪڙي بي خبر صوفي کان پڇيوسون ته تون اسم اعظم سان هوندي؟ تنهن تي چيائين ته مان اهو ذڪر ٻالڪپڻ ۾ ڇڏيو آهي. اسان چيس ته تو ته ذڪر کي ڇڏيو آهي. مگر اسم اعظم توکي ڪٿي ڇڏيو. اها حد ٻڌاءِ يا جَتَ جي پٽ وانگر تو ڪتابن جو کوڙ ڪري مٿان ٽپي ويو آهين. ۽ ماڻهن کي پڻهين ٻڌائي ٿو ته منهنجو پٽ سڀني ڪتابن مان ٽپي ويو آهي.
397. جڏهن طالب جو روح ذڪر سان واڳجي پيو ته ننڊ ۾ به ذڪر پيو هلندس.
398. طالب لاءِ رات جو زمين تي ويهڻ ۽ مراقبه ڪرڻ تمام فائديمند آهي. هيٺ ويهڻ سان نفس ذليل ٿئي ٿو ۽ روح طاقت ٿو وٺي ۽ آسمانن ڏانهن پرواز ٿو ڪري.
399. هيٺ ويهڻ سان ذات ذوالجلال کي تمام گهڻو رحم ٿو پوي.
400. طالب جو نفس بڇڙائي ڪري ته بک ڏجيس ۽ هيٺ ويهارجيس ۽ پنهنجي ويلي واري ماني ڪنهن ٻئي کي ڏئي ڇڏجي ته پوءِ نفس نرم ٿيندو ۽ سڌو ٿي پوندو.
401. طالب تي راءُ تڏهن راضي ٿيندو. جڏهن طالب جي ذڪر جا سڏ الله جي عرش کي تپائيندا. پوءِ عرش مان ذات ذوالجلا ل مقام محمود جي مالڪ رسول الله ﷺ کي حڪم ڏيندو ته ان طالب جي سڏن تپايو آهي. ان کي هيڏانهن گهرايو ڇو ته اوهان جو مسلمان امتي آهي.
402. پوءِ اهو حڪم جبروت مان رسول الله ﷺ جي روح مان نڪري ملڪوت واري بادشاهه ڏي ايندو پوءِ اهو ملڪوت وارو صاحب طالب جي مرشد کي گهرائي حڪم ڪندو ته ان طالب جو توتي ويساهه آهي. ان ڪري تون هيڏي درگاهه الاهي ۾ وٺي اچينس. پوءِ هن کي مرشد وٺي ويندو.
403. پهريائين هڪ هفته اڳ ۾ طالب کي فاينما تولو فثم وجه الله ذات جي صورت اظاهري ٿيندي پوءِ مرشد وٺي هن کي خوني درياه ۾ غوطا هڻائيندس.
404. پوءِ جيڪو ان ملڪ ۾ويو سو ڪڏهن ڪونه مرندو. قيامت تائين جيئرو رهندو.
405. جيڪو به آدمي اسان جي صحبت ۾ ايندو ته اهو به قيامت تائين نه مرندو.
406. جيڪو اعتبار ڪري ته ائين آهي. جتي اسان ويا آهيون اتي موت جو ڏس ئي ڪونه آهي.
407. جيڪڏهن ريڌا ويٺا آهيون ته واهه نه جيڪڏهن هوڏي خيال ٿا ڪريون ته رڳو اک جي ماڻڪي مٿي ٿا ڪريون ته لامڪان جي تخت تي ٿا ڪريون.
408. اسان عرش کي ائين ٿا ڏسون جيئن هٿ جا ليڪا چٽا ٿا ڏسون.
409. جنهن وقت کان معراج ٿيو آهي. تڏهن کان جنهن به عارف جي مقبري وٽان لنگهڻ ٿيندو آهي. ته اهو ميل کن پنڌ اڳتي اچي استقبال ڪندو آهي اهو ڪو عشق جو اصلي قائدو آهي.
410. اڙي جبرائيل ته هت عرش جي اوريئون آهي. اسان فقير اتي ويا آهيون جتي عرش ڪرسي به نه آهي. فقير بيحد ملڪ ۾ ويو آهي. ان ملڪ جي نالي جي ڪنهن کي به خبر نه آهي ۽ ان ملڪ جي حد به نه آهي.
411. جيڪي جسم جي قيد ۾ رهجي ويا سي هت به قيد ۾ ته هت به قيد ۾ ۽ الله جي ديدار کان بي حاصل هوندا.
412. جيڪي جسم جي قيد مان نڪتو سو لاقيد آهي.
413. مڙس اهو آهي جيڪو ٻه ڀيرا ڄمي حضرت رسول الله ﷺ حديث ۾ فرمايو آهي ته هڪ دفعي ڄمڻ ماءُ جي گرڀ مان نڪرڻ آهي. ٻيو دفعو ڄمڻ اسم اعظم جي طاقت سان جسم مان نڪرڻ آهي. بوتي مان نڪري آسمانن ڏانهن عروج ڪرڻ آهي. ٻن دفعن وارو ڄمندڙ امير آهي.
414. جيڪو ٻه گهمرا نه ڄائو ۽ هڪ گهمرو ڄائو سو اسير آهي.
415. جنهن جي پويان ڄڃ هلي اهو گهوٽ آهي.
416. گهوٽ کانسواءِ ڄاڃي تماش بين هوندا آهن.
417. نفس ٻهراڙيءَ جي ڪتي وانگر آهي. جيڪو لٺ سان وٽائنس لنگهيندو سوجان ڇڏائي ويندو. جنهن کي لٺ ساڻ نه هوندي ته ان کي ڏاڙهي کائي ويندو.
418. ان ٻهراڙيءَ جي ڪتي لاءِ ذڪر الاهي لٺ آهي جيڪو ذڪر کانسواءِ آهي سو بنا لٺ جي آهي کاڄي ويندو.
419. جن فقيرن معراج محمدي ڪيو آهي تن جي صحبت ڪرڻ خودي الله جي صحبت آهي.
420. دين اسلام جون ڳالهيون تمام سوليون آهن جيئن ٽي ڪاسا ان هڪ روپئي ۾ ملي مگر آسماني معراج تمام اوکو آهي. حقي مسلمان به اهو آهي جنهن معراج ڪيو آهي نه ته ٻيا زباني مسلمان آهن.
421. وهم ۽ دليل سڀ الله جي اڳيان منڊا آهن مگر اهو جواب ڪير ڏيندو ته احد احمد ۽ محمد ڪهڙي حد وٽان جدا ٿيا.
422. آدمي جيستائين ٻانهو آهي تيستائين موچڙن هيٺ آهي.
423. هڪ دفعي ريل گاڏيءَ ۾ مريدن وارو سيد مليو پڇيوسونس ته ڪير آهين چيائين ته سيد آهيان چيوسونس ته سيد ٿي آهين يا نه سمجهو هو چيائين ته نه.
424. جيڪو الله تي عاشق آهي اهو صحيح سيد آهي جيڪو عاشق نه آهي سو سيد نه آهي.
425. مرشد وٺڻ جي لائق به اهو فقير آهي. جنهن جسم مان نڪري رسول ڪريم ﷺ وانگر معراج ڪيو هجي
426. هڪڙو اکين جو حڪيم آيو پڇيوسونس ته ماڻهن جو اکيون تون ٺاهيندو آهين چيائين ته هائو پڇيوسونس ته آسمانن کان پرتي عرش عظيم تائين ڪهڙي حقيقت آهي. زبان بند ٿي ويس چوڻ لڳو ته مون کي خبر آهي پوءِ چيوسونس ته جي تنهنجون اکيون ئي تکيون نه آهن ته ٻين جو اکيون ڪهڙيون ٺاهندين.
427. اسان چيس ته فقير تي اهڙي عنايت آهي جو اسان کي عرش جا منار ۽ حاطي جا ڪنگرا هتان ڏسڻ ۾ ٿا اچن چوين ته ڳڻي تعداد ٻڌايونءِ
428. عاشقن عارفن جو قتل ٿيڻ ٻن قسمن جو آهي. هڪ آسماني ستين طبقه تي ملڪوت ۾ موتو وارو روحاني قتل جسم ۾ ڪارگر شيءِ روح آهي. جو هزار دفعا مري ۽ زنده ٿئي ته به باطن وارو اهو ئي هوندو.
429. ٻيو قتل جيڪو فقير عارف کي ڪو ظالم بوتي ۾ قتل ڪري وجهي.پوءِ اهو ظاهر باطن قتل ٿيو.
430. عاشق عارف سچل بيدل ۽ ڀٽائي صاحب وغيره ٻڌو ٿا اهي باطن ۾ قتل ٿيا جو اڄ تائين جيئرا آهن.
431. هتان وارن ماڻهن کي عشق جي ڳالهه ٻڌڻ تي عجب ٿو لڳي جو هنن ڪا شيءَ اڳ نه ڏٺي آهي نه ٻڌي آهي.
432. افسوس جو اهي غير علائقه وارا ماڻهو به سنڌ جي ڳالهه ٻڌاندا آهن مگر هتان جي ماڻهن کي عرش جي ڳالهه جي به سڪ ئي نه آهي.
433. جيڪو ڏينهن جو جنهن ڌنڌي سان هوندو ته رات جو به انهيءَ ئي خيال سان هوندو.
434. جيڪو ڏينهن جو به ذڪر سان رهندو ۽ سومهڻي مهل ذڪر اسم اعظم هلائي هلائي سمهندو ته ان جو روح به ننڊ ڪئي کانپوءِ به ذڪر ڪندو رهندو.
435. جيڪو بوتي مان آواز ٿو ڪري سو روح جو آواز آهي جيڪڏهن اهو آواز بوتي جو هجي ها ته مرڻ کانپوءِ به بوتي مان آواز اچي ها.
436. هڪ دفعي اسان جو طالب اسان وٽ رات رهيو. اڌ رات مهل ڏٺوسون ته هن کي ننڊ هوندي سندس سيني مان ذڪر اسم اعظم جو آواز پي آيو جيئن ڏاڍيان زبان ذڪر ڪبو آهي.
437. اڙي اوهان اسانکي شَرُ ڪري سمجهيو آهي.بوتو ڏسي نه ڀلجو. لامڪان وارو ملڪ اسان کي آئينو آهي عرش ڪرسي به اوري آهن اسان جو عروج پري آهي.
438. اڙي اوهان ذات ڏسي نه ڀلجو ڇو ته رسول الله ﷺ بت پرستن وٽ نه پيدا ٿيو هو ڇا؟ مگر الله اثبات هيس. انا احمد بلا ميمي جو نعرو هنيون هئائين.
439. چاليهه ورهيه ٿيا آهن ته ڪوبه ذڪر ڪونه ٿا ڪمايون جو ذاڪر مان ڦري مذڪور ٿيا آهيون عبد مان معبود ٿياسون. ذڪر ۽ مراقبو عبد تي لازم آهن.
440. جيستائين طالب عبد آهي ته ذڪر لازم اٿس.ذڪر مان انتها تي پهتو ته الله ٿي پيو. پوءِ الله ڪنهنجو ذڪر ڪندو.
441. طالب جڏهن دوئي مان آزاد ٿيو ته زير بالا عرش ڪرسي دنيا عقبيٰ ۾ الله آهي. جيسين ٻيو هو تيسين ٻيو پي ڏنائين.
442. جيڪڏهن ڪنهن سان اٽو به هجي ۽ پچائي نه کائيندو ته بک ڪانه لهندس. طالب به ذڪر نه ڪمائيندو ته سيني وارو پيل ذڪر ڇاڪندس.
443. جيئن ڪوبه هٿيار ساڻ به هجي ۽ استعمال نه ڪبو ته ڪهڙو فائدو ڏيندو.
444. جيئن ڪنهن سان سئنکيي جا ٻه تولا کيسي ۾ پيا هجن ۽ کائيندو نه ته زهر اثر ڪونه ڪندس نه ڪي زهر جي ذائقه جي خبر پوندس.
445. اهڙي طرح اسم اعظم جو ذڪر به نفس لاءِ زهر آهي، جيڪو کائيندو تنهن جو نفس مرندو. پيئي هنڌ زهر اثر ڪونه ڪندس.
446. هي آدمي الله جو پاڇو آهي. پاڇي جي شڪل به آدمي جهڙي هوبهو هوندي آهي.
447. آدمي الله سان ائين گڏ آهي، جيئن ماڻهوءَ سان پاڇو گڏ آهي.
448. طالب جو ذڪر ڍور ٿيندو ته مئي نفس کي ساهه پئجي ويندو.
449. مئو نفس اٿيو ته پرهيز ڀڃي وجهندس.
450. اهو نفس اٿيو ته چوندس ته کلو گهٽ يا وڌ ٻئي راڄ سنئون کائي وينداسين ۽ پاڻهيئي رسول الله ڇڏائيندو.
451. نفس جا دلاسا اهڙا آهن ڄڻ دستاويز لکي ٿو ڏئينس اهڙي پڪ ڏيئي بڇڙا ڪم ڪرائي وجهندس.
452. اسان طالبن کي الله جو رستو ڏسيون ٿا سندن مئل دل فڪر الاهي سان جيئري ٿي پون ٿي. پوءِ به جيڪڏهن جهنگ ڏانهن هليو وڃي ته وڃي گمهراهه ٿئي ۽ وڃي بگهڙ کائنس پوءِ پاڻ ڄاڻي.
453. اسان جو اهو انجام آهي ته جيڪو به اسان جو طالب آهي پوءِ کڻي غافل به ٿي پوي مگر زنا نه ڪري ته مرڻ مهل اسان ان جي حمايت ڪنداسين. ان وٽ حاضر ٿي کيس قبر جي پڇاڻي ۽ کلن کان ڇڏائينداسونس. ذڪرڪمائيندو ته الله ڏسندو نه ته به قبر ته آزاد ٿيندس.
454. جيڪو طالب جسم مان نڪري ملڪوت واري منزل ۾ هفته تائين طواف ڪندو ته اهو پروانو آهي ۽ ملڪوت شمع آهي.
455. ملڪوت ۾ پروانگي ڇٽي پوءِ جبروت ۽ لاهوت ۾ هڪ هڪ دفعو طواف آهي جوپرواني مان شهباز ٿي پوندو ۽ سندس هر هڪ پر عرش کان تحت الثريٰ تائين ٿئي ٿو عاشق جي انهن پرن جو واڪو اهڙو ٿئي ٿو جيئن ڏهن پندرهن جهازن جي گڏجي اڏرڻ سان ٿيندو آهي.
456. ماڻهو ڪتابن يا معراج جي ڳالهه پڙهي ڏکي ٿا سمجهن مگر اسان کي هيئر به آئيني وانگر اکين اڳيان آهي. هتان ويٺي ٿا سڀڪجهه ڏسون.
457. جيڪو ڪنهنجي ملڻ لاءِ وڃي سندس دڳ تي وينهندو ته اهو ساڻس ضرور ملندو.
458. اسم اعظم ڪمائڻ ائين الله جي دڳ تي ويهڻ آهي. جيڪو نه ڪمائيندو ته اتي پيو ٿاٻا کائيندو،
459. اي طالبو ارمان ڇو ٿا ڪريو. اهو ملڪ ڪو پري آهي ڇا. مڙس اهو آهي جيڪو وڃي ڏسي .
460. جيڪو رن جي انجام تي وڃي ويهندو آهي ته اها زائفان ترارن مان به ان وٽ اچي نڪرندي آهي.
461. جيڪو سڪ ۽ صدق دل سان الله جي ڪاڻ ويهندو ته الله ان سان نه ملندو ڇا. هو الرحمان الرحيم ۽ ارحم الراحمين آهي سو طالب وٽ ڪيئن نه انيندو.
462. خبر اٿو ته الله جو طالب سان انجام ڪيل آهي ته ونحن اقرب اليه من حبل الوريد وفي انفسکم افلا تبصرون. وهو معکم اَينَ مَاکُنتُم. پوءِ اهڙو ويجهڙو سڪ وارن طالبن سان ملندو ڇا؟
463. طالب رات جو جاڳي ذڪر سان ٿو رهي ته ڄڻ اهو خزانو ٿو گڏ ڪري. پوءِ جڏهن اهو سندس خزانو زور وٺندو ته اڀري وڃي عرش واري خزاني وٽ پهچندو. پوءِ ڦڙو درياهه ۾ ملي درياهه ٿي پوندو.
464. چٻ اڏامڻ جي ڍري آهي مگر رنگ روپ باز جهڙو اٿس. هن جو شڪار ڪوئا آهي.
465. عارفن جا گادي نشين پوشاڪ به عارفن جهڙي ٿا پائين مگر هو پاڻ سدائين چٻ وانگر سڌن جا ڪوئا ٿا مارين ۽ نفساني خيالن ۾گم آهن.
466. مريد ايندن ته چوندن ته فلاڻي اُٺ ڏنو فلاڻي مينهن ڏني. اهڙا اثر وجهي انهن کان به ڏن وٺندا آهن وري بنگلو يا ڀت اڌ ۾ رنڊائي ڇڏيندا آهن ته ابا پئسو ڪونه آهي ائين پيا غريب ڦريندا ۽ نفس کي پيا پاليندا.
467. اهڙن گادي نشين جي مريدن مان طالبن کي ڪوبه چاڙهو ڪونه ٿيندو.
مصرع
اوخوشين گم است که رار هبري کند
هو پاڻ ئي گمراهي جي کوهه ۾ پيل آهن ٻين کي ڪهڙو ڪڍي سگهندا.؟
468. فقيريءَ جا پنج اصول آهن (1) خلوت دراجمن، فقير ڪچهري ۾ هجي ته به ڄڻ اڪيلو آهي. پاڻ م گم رهي. (2) سفر در وطن گهر رهي ته به مسافر ٿي رهي(3) هوش در دم دم جي ذڪر ۾ خيال هجيس (4) نظر در قدم صرف کڏ کوٻي کي نظر ۾ رکي رستي وارن ڏانهن به نه نهاري (5) ياد کرد باز گشت ٻيو سڀ ڳالهيون وساري صرف خدا جو ذڪر ياد ڪري. خدا ڏي موٽي پوي ۽ حق سان واصل ٿئي.
469. صوفي اهو آهي جيڪو جيئن الله ڏانهون پاڪ آيو هو تيئن الله ڏي پاڪائي سان موٽي وڃي.
470. اسان نوَ ورهيه طلب ۽ ذڪر سان رهياسين ته هڪ دم به قضا نه ڪيوسي. تڏهن مقصد کي بهتاسي. نوَنِ. ورهين ۾جنهن ڪتاب کي به نه پڙهيوسي. ان عرصي ۾ اسان جا ڪتاب اڏايهي کائي ويئي مگر وصل کان پوءِ سڀني عارفن جا ڪتاب سرڪار ايزديءَ ڏياري موڪليا. پوءِ جنهن ڪتاب ۾ کڻي ڏسون ته اسان جي ڏٺل ملڪ جي ڳالهه هئي.
471. علم واري کي الله ڏي هلڻ سولو آهي. ڇو ته ظاهري علم کيو ته باطني علم مکڻ آهي.بنا کير جي مکڻ نڪرڻ محال آهي.
472. ظاهري علم واري کي مرشد جي شناس ۽ معرفت ٿيندي ظاهري علم مونجهه ۾ طالب جي مدد ڪندو. عارفن جا ڪتاب پڙهندو ته مدد ملندس.
473. ان الله جي ذڪر ۾ عرش جي نوراني وڄ پيل آهي. جنهن جي ڪري درد حال ۽ وجد پيدا ٿيندو آهي.
474. طالب کي کپي ته ذڪر هلائيندو رهي ته پاڻيهئي ڪثرت سان هٿ نڪري ويندس. پاڻ نه ڇڏي جي شروعات ۾ ڇڏيندو ته ساڳيو لڙي پوندو ۽ پشيمان ٿيندو.
475. ڳالهين ڪرڻ سان سڌون بند ڪونه ٿينديون آهن. مگر ذڪر ڪمائڻ سان ختم ٿينديون آهن. ذڪر الاهي اندرئون سڌن کي پيو ڪپيندو.
476. فقير جڏهن وصل ۾ ويو ته ڳالهائڻ کائڻ ۽ خلق جي رغبت پاڻهئي ڇڏي ويندس.ضرورت جو کائيندو ضرورت جو ڳالهائيندو.
477. هي نفس الله جي ذڪر کان اهڙو گوسڙو آهي جيئن ڪلهوڙي بادشاهه جت کي سئو موچڙن هڻڻ جو حڪم ڪيو کيس موچڙن هڻندڙ اسي تائين پهچي ته ڦٿڙائي وڃي . وري پوڇاٽي. وٺي اچنس ته وري ساڳيا منڍ کان موچڙا هڻڻ شروع ڪنس.
478. توحيد ڳالهائڻ ان کي جائز آهي جيڪو وحدانيت جي درياهه ۾ ٽٻيون هڻندڙ هجي. جو هر هڪ ٽٻي سان موتي ڪڍندو هجي ان جي ڳالهه به اثر واري هوندي ٻئي جي اثر نه ڪندي.
479. عشق جو ملڪ ٽيون جهان آهي اتي ڪي کاهوڙي ايندا. کاهوڙي ان کي چئبو آهي جيڪو الله جي پنڌ ۾ جان جلائي.
480. پاڪائي سان نماز پڙهڻ ملائڪن وارو درجو آهي. اهي نمازي ٻئي جهان جا رهاڪو آهن.
481. آدمي بنا عبادت جي گڏهه آهن. ڇڙن ته دوگارا هڻي گڏَهِنِ جي پويان ڊوڙندا وتن.
482. شاهوڪار ماڻهو موتي ۽ لعل ڀاڻ جي ڍير ۾ پوريندا آهن. حديث: اِنَّ اُولِيَائِي تَحتَ قِبَائِي لاٰيع رفُهُم غَي رِي” يعني منهنجا پيارا چادر ۾ڍڪيل آهن. انهن کي مونکان سواءِ ڪير نه سڃاڻي يعني پياري شيءَ لڪل هوندي آهي. اتي لڪائبي جتي ڪنهنجو گمان به نه وڃي.
483. صوفي فقير ڪافور وانگر آهي. جيئن ڪافور کي موڪليائون ته هوا کي وٺي اچ. ڪافور ويو ته پاڻ هوا ٿي ويو. صوفي به الله کي ڳولي ٿو پر جنهن وقت الله کي ڏسي ٿو ته پاڻ ڪافور وانگر گم ٿي وڃي ٿو پاڻ لڀي ئي نه ٿو.
484. جنهن صوفيءَ کي ان ٻڌل ڪافر نفس جو چڪ پيو ته ڪونه اسرندو. ذڪر واري ترار به ڇڏائي ويندس. صوفي کاڌن پيتن ڏي لڙيو ته نفس جو چڪ پئجي ويندس.
485. جيئن ڪي ماڻهو ٻيلي ۾ سوئر جوگهٽ جهلي بندوق سان ماري ڇڏيندا آهن ائين جڪيو به نفس جي تاڙ ۾ رهي ذڪر جي بندوق سان ماري وجهندس ته اهو عاشق عارف آهي.
486. صوفي اول خواه آخر الله آهي. ماڻهن جي نظر رڳو بوتي جي چولي تي ٿي پوي.
487. جنهن جي دل دم واري ذڪر سان روشن آهي تهنجو وجود به روشن آهي.
488. سوئر جو ٻچو ضرور ڦاٽ کائيندو ٻي ڪهڙي ٻولي ڪندو دنيادار نفس جي اولاد به اهڙي هوندي ٻي ڪهڙي ٿيندي.
489. معراج کانسواءِ جيڪو فقيري جي دعويٰ ڪندو سو ڪوڙو ۽ لعنتي آهي.
490. اسم اعظم جو ذڪر ائين آهي جيئن ڀاڻ جي کوڙ ۾ چڻنگ پي ته ڊانڍ ٿي پوي. طالب جي وجود ۾ ذڪر سان مچ ٿي پوندو آهي.
491. جيڪو ساري رات جو جاڳي ٿو سو نيٺ وڃي حق جي ويجهو ٿيندو.جيڪو ساري رات سمهي ٿو سو گمراهه ۽ ڪافر آهي.
492. کوري ٻارڻ لاءِ هزار گاڏيون ڪاٺ جون هجن، ۽ مزدور هوريان هوريان ڪاٺي ڪاٺي ڪري کوري لاءِ به سئو گاڏيون ڪاٺ جون هجن ۽ اهو ٻل برجستا همراهه اٺ پهر لڳاتار ٻاريندا ته کوري مان باهه ٻاهر نڪري پوندي کورو به پچي لال ٿي پوندو.
493. هي دل به کورو آهي جيڪو طالب هوريان هوريان دم ڪمائيندو ته ان کي ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو. اهو طالب رحمن الرحيم جو لائق آهي مگر الله جو لائق نه آهي .
494. اگر طالب دم تيزيءَ سان ڪمايو ته اٺين ڏهين ورهيه طالب الله پوندو.
495. سوال طالب امين فقير جيڪو” راقم الحرف جو بابو هو“ چوي ٿو ته کوري جي ڀت ڇڄي ڏاريون ڏاريون ڪري وجهي ۽ ڀت جو پنهن جي سر تي ڪرڻ جو خوف هجي ته ڇا ڪجي؟
496. جواب ته اهڙي ڇنل کوري جي ڀت کي عارف عاشق جي صحبت جون پشتيون هڻائجن ته ڀت ڏاڍي ٿئي، ۽ کورو به پچي پوندس.
497. دم جي وڄائڻ وارو سروز سڀني جو سردار آهي. سروزن ۾ نڙ بادشاهه آهي ۽ الغوزه يعني وزير اٿس.
498. حضرت رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته ساري جهان جا آدمي آب حيات ۾ ٽٻيون ٿا هڻن. مگر ڪنهن کي به اتان ٻڪ ڀري پيئڻ جي طاقت نه آهي. جيستائين مرشد ڪامل جي هٿئون نه پيئندو. تيستائين بي نصيب رهندو.
499. شريعت ڇا آهي اونداهي جهڙي رات آهي. جيڪو ان ۾ ٿوهلي ته ساري عمر ڍومان ۽ ٿاٻا کائيندو ٿو وتي. جڏهن نراڙ ۾ ڪو بنڊ لڳس ته رت وهائيندو وتندو. اهو بنڊ ڇا آهي. اهو مذهب جو ٿڏو آهي جيڪو خدا کان غافل ۽ گمراهه ٿو رکيس.
500. طريقت ستارا آهن. جيڪو انهيءَ سان هلندو ته آخر حقيقت جو چنڊ ڏسندو. اگر اڃا به محنت سان تکو هلندو ته معرفت جو سج اڀرندس. سج اڀريو ته جند ڇٽي پوندس. پوءِ اهو لاخوفهم عليم ولاهم يحزنون رهندو. سج اڀريس ته وري قيامت تائين نه لهندس.
501. دنيا جو جهان درياهه آهي هن ۾ طالب سيڻه تي ترڻ وارا آهن جيڪي دم سان سيڻه ڦوڪي هن درياهه مان تري ٿا وڃن.پوءِ جيڪو سيڻه ڦوڪي درياهه مان هلندو ته پار ٽپي ويندو. جنهن کان ان سيڻه جي نڙي وات مان نڪري ويئي ته سيڻه جي هوا نڪري ويندي ۽ هو پاڻ ٻڏي ويندو.
502. دنيا جي ماڻهن کان دم واري سيڻه ڦوڪڻي خالي ٿي ويئي آهي سو مئي کان پوءِ جلد فناءِ ٿي ويندا. هنن جو نالو ئي گم ٿي ويندو. شيخ مشائخ پير بزرگ جيڪي ڏسو ٿا انهن جو اهو حال آهي ذڪر جو وسرڻ سيڻه جو خالي ٿيڻ آهي. دل سيڻه جي مثال آهي.
503. وذکر ربک في نفسک اهو دم وارو ذڪر ئي دل کي ڦوڪي ڀريندو آهي جنهن اسم ڪمايو سوئي معنيٰ جو معراج ماڻيندو ٻيا مڏي مري ويندا.
504. تکي ذڪر ڪمائڻ واري طالب جي معراج جو مرشد ضامن آهي. جيڪو ذڪر کي وساريندو. ته ان جو ضامن سندس نفس آهي. جنهن الله جو ذڪر پڇي پوءِ پٺيءَ پويان اڇلي ڇڏيو ته ان کي نفس تحت الثريٰ ۾ اڇليندو.
505. حقيقت ۽ مجاز پاڻ ۾ ڀائر آهن. وڏو ڀاءُ حقيقت ۽ ننڍو ڀاءُ مجاز آهي جيئن ڪنهن جو شينهن ڏٺل نه هجي ته ٻليءَ کي ڏسي ڇو ته ٻلي به شنيهن جي مهانڊي آهي. هيءَ ڳالهه اهو سمجهندو جنهن محبوب هٿان جام پيتو هوندو.
506. سوناري ڪنهن به ڳهه مان ٺاهڻ لاءِ چانديءَ کي پهريائين نالي ۾وجندو آهي جنهن مان الف ٺهي پوندو آهي. جنهن کي ڪرسي چوندا آهن پوءِ الف مان هزارين زيور ٺهي پون ۽ محبوبن جي سينگار جي ڪم اچن طالب به ذڪر اسم اعظم سان جڏهن الف ٿي پوندو ته پوءِ هر صورت ۾ سمائجي ويندو. جاڏي ڪاڏي زمين زمين عرش ڪريسيءَ ۾ پاڻ کي ڏسندو.
507. جيئن پاڻي ڄمي برف ٿيندو آهي تيئن الله به پاڻي وانگر ڄمي پيو. پوءِ نالو آدم ٿي پيس. اهو ذات حق پاڪ وڏو بادشاهه ذات ڪبريا جيڪو آهي سوبه آدم جي هر صورت آهي. پر ان وڏي شاهه کي خاڪي وجود جو هٿ پئجي نه سگهندو آهي جيئن ماڻهو جو مرڻ وقت دم يا روح نڪري پوي ته ان کي به هٿ وجهي جهلي نه سگهندو.الله عامن لاءِ بي مثل آهي خاصن لاءِ با مثل آهي.
508. ڄميل برف ٻوريءَ ۾ کڻبي ته گهٽ ڳرندي هن برف جو ٻورو بوتو آهي. بوتي کانسواءِ پگهري پاڻي ٿي ويندي.
509. ننڍو ٻار چئن پنجن سالن تائين ڪشف پيو ڪندو آهي مگر جڏهن نفس ٿواچيس ته سڀني ڳالهين کان اوندهه ٿي وڃينس ٿي . انهن چئن پنجن سالن تائين ٻار جو ملائڪن وارو درجو هوندو آهي. پوءِ جيئن وڏو ٿيندو ويندو تيئن سندس نفس به وڏو ٿيندو ويندس. جيئن نفس وڏو ٿيندو ويندس تيئن باطن ڏانهن اونداهه ٿيندي ويندس ۽ ڍڪ ايندو ويندس.
510. جيئن بکئي کي پيٽ سان مانيون ٻڌجن ته ڍئو ڪونه ٿيندس.يا مانيون کٽ تي پٿاري مٿان سمهارجيس ته به بک ڪانه لهندس. جيستائين ماني کائيندو نه نماز جو حال به اهو آهي ڄڻ بکئي کي پيٽ سان ماني ٻڌل آهن. دوا به بيمار کائيندو ته اثر ٿيندس. ٻاهرئون دوا جو مک بيمار کي ڇا ڪندو. نماز به ائين آهي. نفس تي نماز جواثر ئي نه ٿيندو آهي.
511. ٻيائي ڪهڙي آهي هي. وجود ٻيائي آهي. ماڻهو هن معنيٰ کي نه ٿا سمجهن جو هي جسم الله جي اڳيان ڀت ۽ اوٽ آهي. هن وجود جي ڀت مان هت ڪڍن ته پوءِ خود الله ٿي پون. هي جسم ته هر حالت ۾ ڇڏڻو اٿس. جو عزرائيل اچي ڇڏائيندس. پوءِ جو زور سان ڇڏي ان کان ذڪر اسم اعظم سان هن بوتي کي ڦٽو ڪري ته ٻيائي رئي ٿي ويندس. پوءِ هيڪا هيڪ ذات وڃي رهنديس. اصل ٻيائي بي بوتو آهي. جيڪو الله کي ڏسڻ کان جهليون بيٺو آهي.
512. دنيا واري جو ڇيهه اهو آهي. آخري نتيجه لذات ۽ مزا اٿس. روزانو سٺا کاڌا هجن. پڪل گوشت تيار ڪرائن. اهي سڀ کاڌا پنهنجي سخت دشمن قرآن ۾ ٻڌايل نفس کي ٿا کارائين. ان جو نتيجو ننڊ ۽ شهوت پيدا ٿيندس. جيڪو جهنم جو سامان آهي. سو ان جي کاڌي مان تيار ٿئي. سٺا طعام کائيندڙ سڌا جهنم ڏي ويندا.
513. پوءِ اهي نفس ناريءَ کي پاليندڙ ڪيئن ٿا بهشت جي خواهش ڪن.
514. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ولر ڌيئن جو ويٺل هوندو. ڪو خدا جي نالي تي ان کان گهرندو ته به الرحمان الرحيم جي نالي تي نه ڏيندو. پوءِ الرحمان الرحيم به الله جو سئوٽ ڀاءُ آهي. بهشت به انهن کي ڏيندو جيڪي پنهنجا هوندس ۽ جيڪي الله جو ذڪر ڪندا ته الله جو ديدار ڏسندا. الرحمان الرحيم به ان جي هٿ ۾ آهي.
515. هن روح جي زڪوات ڏيو. روح گويا سئو روپيا سمجهيو. ان جو بوتو اڍائي روپيه آهي. جيڪو آدمي ملڪوت ۾ انا مدينته العلم وَٽِ اهي بوتي وارا اڍائي روپيه ڏيندو تنهنجو سئو روپيه گم نه ٿيندو. نه وري چور نفس ۽ شيطان چوري ڪندس.
516. هي سارو جهان روح جو سئو روپيه وڃايون ويٺو آهي. ساري جهان کي نفس چورائي ويو آهي. ماڻهن جا روح نفس چورائي دوزخ ۾ وڃي ڦٽا ڪيا آهن. نفس جي ديهه دوزخ آهي. نفس وڏو خوني آهي. خوني جي سزا ڪارو پاڻي آهي. ڪارو پاڻي يعني دوزخ جيڪا نفس جي جاگير آهي.
517. جيڪو فقير پنندو ته ان جو ذڪر نه هلندو. پنڻ ۽ سوال ڪرڻ سان صوفي جو منهن ڪارو آهي. حلال جي ڪمائي سان ذڪر زور وٺندس.
518. جنهن ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اگهاڙي ترار هوندي ته ان کي ڪنهن به دشمن جو ڀوءُ ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن بنا هٿيار جي هوندي ته مارجي پوندو.
519. تلوار ڇا آهي. خدا جو ذڪر وڏو هٿيار آهي.
520. ياد رکو ته اهو دم شرابا طهورا اٿو. جنهن مرشد جي هٿان اسم اعظم جي لبيڪ ورتي اهو ئي ملڪوت ۾ وڃي ساقيءَ جي هٿان شرابا طهورا پيئندو.
521. پڪ ڄاڻو ته ان دم کي رنگ روپ ۽ صورت آهي. اهو دم بي صورت نه آهي، صورت الاهي ان دم جي آهي. جنهنجي سيني ۾ ذڪرالاهي هلي ٿو ته واهه نه ته غافلن جي سيني ۾ ڍورن ڍڳن ۽ ڪتن ٻلن جون تصويرون آهن.
522. فقير اهڙا آهن جو الله کي ڪرسيءَ تان لاهي پاڻ ڪرسيءَ تي چڙهي ٿا ويهن.
523. فقر اهڙا آهن جو الله جي بنگلي مٿان چڙهي ناچ ٿا ڪن.
524. الله وٽ چار اوزار آهن (1) نيزو (2) تلوار (3) ڪهاڙي (4) سولي. شاهه منصور سولي کنئي. حضرت امام حسين عليه الصلوات والسلام سڀ اوزار کنيا جيڪي صرف تلوار کڻندا ته انهن جو ظاهري جسم شهيد ٿيندو.
525. الله واري فقير جو جسم پڃرو آهي. پڃري ۽ عرش وارو طوطو ويٺل آهي. سو ان جو نالو مرشد آهي. اهو سدائين جيئرو آهي مرڻ وارو نه آهي.
526. جيڪو ان پڃري جو ادب ۽ مراد ڪندو ته فيض وارو ٿيندو، جيڪو ان عرش واري طوطي کي سڃاڻندو ته اهو به ساڳيو مرشد ٿي پوندو.
527. هزار اٺ ڪتابن جا پڙهي هزار حج ڪري ته به سروز ۽ نڙ جي معنيٰ جي خبر نه پوندس. اها خبر ان کي پوندي جنهن رسول اللهﷺ وانگر معراج ڪيو هوندو. نه ته هزار قرآن ۽ ڪتاب پڙهي ته به ڪل ئي نه پوندس. ڇو ته قرآن ۽ ڪتابن ۾ ٻن جهانن جي ڳالهه آهي نڙ ۾ٽئين جهان جي ڳالهه آهي.
528. قرآن به رسول الله ﷺ جن جي قاعدي جو ڪتاب آهي.
529. جيڪو پوک ڇڏي بازاريون گهمندو انجي پوک گڏهه نفس کائي ويندو. سو به اهڙي کائيندس جو وري ڦٽڻ جي اميد نه رهندس.
530. ذڪر اسم اعظم به ڪنهن ڀاڳ واري کي هٿ ايندو.جنهن سان معراج ڪندو.
531. اسان عرش اعظم ته اڳ ڏٺو هو هاڻي ان کان اٺوڻ پنڌ پري هڪ ڦُرجي ملڪ ۾ پهتا آهيون جتي نه جن نه انسان ۽ نه ملائڪ ئي پهچي ٿا سگهن.
532. هماءُ به اسان جي پرواز اڳيان حيران آهي. ۽ نه وري عنقا کي مجال آهي.
533. وهم ۽ خيالات فرهاد وارو جبل آهي جيڪو ڪهاڙو لا جو کڻي جبل ٽڪي درياهه وهائي ايندو. اهو درياهه عرش اعظم کان به ٽپي ويندو. اهو قيامت تائين نه سڪندو. بهاريون ۽ آباديون ڪندو.
534. هي نفس ناري جي ٽاهڙ ڍور وانگر آهي. جيئن انهيءَ کي ڊڪائي وٺي ڪنهن وڻ سان ٻڌندا آهن. جڏهن هن جي جهنگ واري مستي مرندي آهي تڏهن ڪم ۾ لائبو اٿس. ائين نفس کي به ذڪر جي وڻ سان سڏبو ته پوءِ ٽاهه ۽ مستي ڇڏيندو. پوءِ چوڻ تي سڌو ٿي رستي تي هلندو.
535. آسمانن ڏانهن به وسنوَ آهي. اهي خالي ٺهيل ڪين آهن. ڪو ڀاڳ وارو انهيءَ ملڪ جو معراج ڪري من خدايم جو طبل وڄائيندو. نڀاڳو اتي ٿڪان پيو جهليندو.
536. مياڻ سوڌي ترار جهنگ ۾ ڪم نه ايندي جڏهن ترار مياڻ مان سرڙي ٻاهر ڪڍبي ۽ پوءِ جتان هڻبي تتان پار ويندي.
537. هي آدمي جيستائين ذڪر اسم اعظم جي وسيلي جسم مان نٿو نڪري معراج ڪري تيستائين ڄڻ روح وجود جي مياڻ ۾ پيل آهي، جنهن وقت روح جي ترار جسم مان ٻاهر نڪتي، ته نوَن آسمانن مان ڪانه اڙبي. پوءِ ان عارف جي گفتار به وڍيندڙ ترار آهي.
538. ڳجهه توڙي آسمانن ڏانهن اڏري ته به هن جي نظر هيٺ ڍونڍ ڳولڻ لاءِ هوندي. وردن وظائفن ۽ نمازي پيرن بزرگن ڪشف ڪرامات وارن جي نظر ۽ مقصد ڳجهه جي اڏامڻ وارو آهي.
539. اسان کي کڻي قرآن مٿي تي رکو ته اها ڳالهه اٿو ته عرش عظيم وارو الله هن آدم ۾ اچي لڪي ويٺو آهي. پوءِ جنهن روح کي اصلي وطن جي ڪشش ٿي ۽ ڪامل عارف مرشد کان ذڪر اسم اعظم وٺي ڪمايائين ته اهو ساڳي عرش عظيم جي ڪرسي تي ويهي من خدايم جوطبل وڄائيندو.

ضميمون

---

چند طالبن جو احوال

[b]سجاده نشين فقير علي گوهر فقير
[/b]
سندن اڪيلو فرزند سن 1337 هجري مطابق 1918ع تاريخ 14 محرم الحرام ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ تولد ٿيو. سندن پالنا ۽ پرورش سندن والد بزرگوار حضرت فولاد علي فقير جي نظر هيٺ ٿي. پاڻ سنڌي فائينل جو امتحان شڪارپور سينٽر مان پاس ڪيائون. بعد ۾ فارسي زبان جي تعليم لاءِ ٽڳڙن جي مدرسه ۾ داخلا ورتائون. جتي مرحوم قاضي غلام محمد تعليم ڏيندو هو. فارسي علم جي تحصيل سڪندر نامونگار دانش ۽ بهار دانش تائين ڪيائين. اردو به ٽڳڙن ۾ پڙهيا. عربي ڳوٺ جي مولوي فيض محمد شر کان حاصل ڪيائون. ان سان گڏ گرمکي شاستري ۽ علم سمندرڪ يعني پاميسٽري يا وديا ريکا هندوستان مان آيل هڪ پنڊت کان سکيائون.
پاڻ علم تصوف يا ويدانيت جا يگانا ماهر هئا. دور قريب جا پاڻ واصل با الله بزرگ هئا پاڻ پنهنجي والد بزرگوار جا دست بيعيت طالب هئا. جنهن جي برڪت سان کين معرفت جو معراج حاصل هو. سندن به ڪيترائي طالب آهن. سماع ٻڌڻ جا بيحد شوقين هئا. سماع ٻڌڻ سان مٿن وجد حال طاري ٿيندو هو. پاڻ خود به موسيقي جي علم کان بيخوبي واقف هئا. ڳائڻ ۽ طلبه نوازي سندن ماهرانه مشغله هو.
سندن تصويرخواه تشبيه سندن والد بزرگوار سان ملندڙ جلندڙ هئي. البت قد وقامت ۾ ڪجهه ننڍا هئا. پاڻ محاسن ۽ مٿي جا وار رکرائيندا هئا. نفس کي ملامت جو بار رکڻ لاءِ هڪ دفعي روئي تراشي به ڪرائي هئائون.
پاڻ گيڙوءَ جو پهرياڻ ڪڏهن الفي به پهريندا هئا. خاص موقعن تي گلابي رنگ جي پوشاڪ ۽ مٿي ۾ ڪڏهن ڪلاهه ته ڪڏهن چانديءَ جو ڇٽ جيڪو هادي شهنشاهه فولاد علي فقير سائين لاءِ سندن طالب نور علي فقير سومرو محرابپوري ٺهرايو هو پهريندا هئا. جڏهن دستار ٻڌندا هئا ته دستار جي پلاند سان منهن تي نقاب ڏيندا هئا. هر وقت حال خيال فقيراڻو هون. ڪڏهن ڏسبو هو ته توحيد جي گفتار سان طالبن کي تلقين ويٺا ڪندا هئا. ڪڏهن ڏسبو هو ته پاڻ ويراڳ ڳائي محفل پيا سينگاريندا هئا
پاڻ بلند پايه جا شاعر هئا. سندن شعر سنڌي، سرائيڪي، عربي، فارسي ۽ هندي ۾ آهن. پاڻ شعر جي سڀني صنعتن تي طبع آزمائي ڪندا هئا. پاڻ شاعريءَ جا هيٺيان بياض ترتيب ڏنائون.
(1) خادم القرآن (2) روشن جهان،(3) ابيات سلطاني (4) يڪرنگ، (5) بيرنگ،(6) عشقيه (7) جوهر الامڪان (8) ابيات عشق، (9) صوفيءَ جي سيرب I،(10) صوفيءَ جي سيرب II، (11) عربيءَ ۾ انشاءَ الله (12) شبد گرمکيءَ ۾(13) طوفان البکاءُ. (14) ابيات توحيد (15) ابيات معرفت (16) بياض ڪافين جو جنهن ۾ جمله ڇهه سئو ڪافيون آهن،(17) شمس العارفين.
سڀ ڪتاب سندن تصنيف ڪيل آهن. اڳ ۾ شعر ۾ ٻيا تخليق بيخود وغيره استعمال ڪيا هئائون. پڇاڙيءَ ۾ سڀني شعرن مان اهي تخلص ڪٽي علي گوهر نالو لکيو هئائون. هاڻي سندن جمله شاعري سندن نالي سان آهي. جيڪو مرتب جو والد ماجد هو.
مثال

ڪافي I
عشق ۾ سر ڏيڻ ڪاٽي سخاوت هن کي چئبو آهه
مرڻ اُن جي محبت ۾ شهادت هن کي چئبو آهه
ڪري جو عشق جي دعويٰ خوديءَ کان ٿئي اول خالي
انا الحق ورد آه ان جو تلاوت هن کي چئبو آهه
تصور يار جو هردم رکڻ آهي رياضت هيءُ
ڏسڻ ديدار دلبر جو عبادت هن کي چئبو آهه
عشق جي انتها ڇاهي پڇو منصور کان يارو
جلائي سر ڏيڻ سجده شجاعت هن کي چئبو آهه
عشق جي آهي حالت هيءُ سدائين سوز آه تازو
عشق ۾ جان پرزه ٿيڻ عنايت هن کي چئبو آهه
عشق آ ”علي گوهر“ مدامي محو معشوقن
آئينه ذات دل ان جي بصارت هن کي چئبو آهه


ڪافي 2
عشق جي موج مستيءَ ۾ سوين نالا سڏاياسي
مڪمل موج منصوري صورت سڀ ۾ سماياسي
منارا عرش جا جوڙي عرش ڪرسي بناياسي
ڪري ڪم ڪار ڪثرت جو آدم حوا ٿي آياسي
ڪڏهن عيسيٰ ڪڏهن موسيٰ اهي نالا ڌراياسي
ڪڏهن احمد ڪڏهن حيدر عرب ۾ هل مچاياسي
ڪڏهن منصور ٿي پياسي. انا الحق دم الاياسي
ڪڏهن ملتان ۾ مستي مئا جيئرا ڪراياسي
ڪڏهن فولاد فائز ٿي عشق جا بار چاياسي
ڪڏهن هن رمز رنديءَ سان نجا نعرا لڳاياسي
علي گوهر بات وحدت جي سچل کي ڀي سکاياسي
ڪڏهن غلام حيدر ٿي شرن ۾ رنگ رچاياسي

سائين جن کي ڇهه فرزند هئا سندن سجاده نشين فقير شاهه مردان سائين آهي اسدا لله ۽ سلام الله سائين جن جي حياتيءَ ۾ گذاري ويا هئا. باقي فقير علي شير مستوار ۽ فقير شمس الحق ۽ احمد جام تعليم يافته نوجوان آهن جيڪي درگاهه جي فقراءَ جي سڀئي گڏجي نگهداشت ۽ سار سنڀار ڪندا ٿا اچن. سائين شاهه مردان جو وڏو فرزند سائين ياسين علي آهي. جنهن جو پڻ درگاهه جي خدمت ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي.


[b]ميان دوست علي فقير
[/b]فقير سائين فولاد علي شهنشاهه جي وڏي ڀاءُ محمد خان جو اڪيلو فرزند 1330 هجري ۾ پيدا ٿيو. سندن ننڍپڻ کان پيءَ جو سايو مٿانئن لهي ويو. سندس پالنا فقير سائين جن پاڻ ڪئي.
پاڻ جڏهن ٻارهن سالن جا ٿيا ته هادي سائين فولاد فقير کي جام وحدت عطا ڪيو مگر ذڪر ڏيڻ وقت کين فقير سائين غلام حيدر گودڙيه جن جي روضه پاڪ ۾ وٺي آيا ۽ کين ڪجهه وقت اتي ويهي مراقبه ڪرڻ لاءِ چيائون ڪجهه وقت مراقبه ۾ ويهڻ بعد ٻاهر ڊوڙندي اچي مرشد پاڪ کي چوڻ لڳا ته سائين ڏاڏي غلام حيدر گودڙيه سائين مون کي ڀاڪر پائي چيو ته تهنجي فقيري قبول ڪئي سون. توکي مبارڪ هجي. اهو ٻڌي فقير سائين ڏاڍو خوش ٿيا.
فقير دوست علي اڪثر ڪري رياضت ڪندا هئا پنهنجي زمين پاڻ آباد ڪندا هئا. جنهن مان درگاهه جي ننگر جو پورائتو ٿيندو هو، هٿ ڪار ۾ دل يا رڏي هوندي هين. ذڪر کان غافل نه رهيا. هر وقت حال جي ڪيفيت ۾ رهندا هئا.
هڪ سال ڏاڍيون برساتيون پيون ماڻهن جا فصل ختم ٿي ويا ۽ ڳوٺ وارن مان هڪ ماڻهو وٽن دعا گهرڻ آيو ته جيئن مينهن بند ٿين. اهو ٻڌي پاڻ ڪجهه وقت ماٺ ۾ ويهي رهيا ۽ پوءِ ان شخص کي چيائون ته ابا حضرت رسول الله جي حضور ۽ عرض ڪيم جيڪو قبول ڪري تسلي ڏني اٿن ته آئينده سڄو سال ميهن ڪونه وسندو. پوءِ ٿيو به ائين جو سڄو سال مينهن ڪونه وٺو.
محمد صالح نالي ذات جو ڀيو اڀريءَ جو ويٺل هتي تپيدار ٿي آيو هو، جيڪو فقير سائين وڏي جو طالب هو. ان کي پٽ جو اولاد ڪونه ٿيندو هو. هڪ دفعي دوست علي فقير کي سوال ڪيائين ته فقير دعا ڪر ته پٽ جو اولاد ٿئي. ان تي دوست علي فقير چيس ته توکي درگاهه الاهي مان پٽ وٺي ٿا ڏيون جن جا نالا علي نواز ۽ شاهنواز رکج. پوءِ فقير جو قول پورو ٿيو ۽ ٻنهي پٽن جا نالا اهي رکيائين.
فقير دوست علي چوڏهين محرم سن 1364 هجري مطابق 20 ڊسمبر 1944 ۾ سموري فقراءَ کان موڪلائي چادر پائي سمهي پيا ان طرح سان دم پرواز ڪري ويو. سندن مزار شريف فقير سائين فولاد علي جن جي ڀرسان اوڀر طرف روضي ۾ آهي.

[b]حضرت ساماڻو فقير مست
[/b]هي مست بادشاهه ڳوٺ ڊيڍاڻو تعلقه ٺري ميرواهه جو ويٺل هو. فقير ابتدا ۾ مال چاريندو هو. پاڻ فقير حضرت فولاد علي سائين جن جو طالب ٿيو طلب پڇڻ سان ئي ذڪر سان لڳي ويو. دنيا جا سڀ لاڳاپا ترڪ ڪري ڇڏيائين.ائين مٿس مستي جي ڪيفيت اچي ويئي خوراڪ خوشيون سڀ ختم ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجي نفس تي قهار ٿي ويو. ايتري قدر جو پاڻ دونهين دکائي ويهندو هو ۽ پاڻيءَ جو دلو باهه تي رکيل هوندو هيس جنهن وقت به اڃ لڳندي هيس ته ان دلي مان گرم پاڻي پيئندو رهندو هو. ماني ۽ ڀاڄي ۾ ڪچو ۽ دلي وارو پاڻي ملائي پوءِ کائيندو هو. پاڻ هميشه هڪ جاءِ تي ڪونه رهندو هو. ڪي مهينا گهنڊ ۾ رهيو پوءِ ٿڌو عرف غلام علي زوار شاهنواز ۽ زوار نجف علي وٽ رهندو هو. پوءِ خدا بخش شر جي ڳوٺ ۾ ديدار احمد ۽ محمود شر جن وٽ رهيو.
ان بعد محراب پور فقير الله رکيو خاصخيلي وٽ رهندو هو. اتي وٽس خدمت لاءِ فقير الله بخش مير بحر درازن وارو ۽ صديق فقير سهتو عنايت علي فقير نوناري حاضريءَ ۾ رهندا هئس.
ان کانپوءِ سيد قلندر شاهه وٽ گمبٽ ۾ رهندو هو اتي به محراب پوري فقير خدمت ۾ ايندا رهندا هئس مگر سندس خاص خدمت سيد قلندر شاهه ۽ سندس فرزند دلبند ڪندا هئا. فقير وٽ روزانو ڪيترائي سوالي ايندا هئا. انهن وٽان جيڪو نذر ملندو هيس ته انهن پيسن مان قرآن شريف خريد ڪندو ويندو هو. کيس قرآن شريفن گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. سَون جي تعداد ۾ قرآن شريف گڏ ڪيائون. پاڻ پئسو ڏيندڙ کان هٿ ۾ نه وٺندا هئا. کيس چوندا هئا ته زمين تي رکيون هليو وڃ ڪجهه دير بعد انهن پئسن مان قرآن شريف آڻائي رکندا هئا.
سندن پوشاڪ تمام سادي ۽ اڪثر ڪري گوڏ ٻڌندا هئا. سدائين رلي ويڙهي ويهندا هئا. گمبٽ ۾ سندن خدمت سيد قلندر شاهه ۽ سندن فرزند سائين علي گوهر شاهه گمبل شاهه سائين غلام شاهه عرف ڏاڏا سائين سيد غوث علي شاهه جن خوب چاڪري ڪئي. پاڻ سائين ڏاڏا عرف غلام شاهه کي پنهنجي ڀاڱي جو سمجهندا هئا.
جمله سادات فقير صاحب جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا ۽ فقير صاحب جو به ساڻن ڏاڍو پيار ۽ محبت هئي. فقير سائين گمبٽ شهر ۾ تاريخ 22 مهينو رجب سال 1970ع ۾ وصال ڪيو سندن مزار شريف سيد قلندر شاهه ۽ سندن خاندان جي مقبرن ڀرسان آهي مٿن هڪ ئي هال ٺهيل آهي. هڪ دفعي ڪنهن سيدن مان فقير سائين سان اعتراض ڪيو ته تون شر ٿي سيدن جي حاويليءَ ۾ ٿو وڃين اهوصحيح ته ڪونه آهي. پاڻ کيس جواب ڏنائون ته ابا اسين به مديني مان سيد ٿي آيا آهيون.

[b]مرحوم امين محمد فقير
[/b]هي فقير ڇٽي جو ٽيون نمبر پٽ هو. مرحوم عبد الواحد فقير ۽ مرحوم غيبي فقير سندس وڏا ڀائر هئا. هن جو ذهن ننڍائي کان تيز هو ۽ پاڻ صورت ۾ به دلڪش هئا. جنهن ڪري پاڻ پيءُ کي گهڻو پيارا هئا. پاڻ صرف سنڌي ٽي درجه پڙهيا هئائون.ڇو ته ان وقت هن ڳوٺ ۾ وڌيڪ تعليم جو ڪوبه بندوبست نه هو. ڳوٺ مينگهو فقير جا ويٺل هئا.
بعد ۾ فارسي حضرت فولاد علي سائين وٽ تار نامي تائين پڙهيا ۽ فقير هادي پاڪ کين ڪجهه حصه مثنوي مولانا جلال الدين ۽ ديوان آشڪار پڙهيائون. ان مختصر تعليم سان سندن ذهن کلي پيو ۽ اڳتي سمورو مثنوي پاڻ پڙهيائون.
قرآن پاڪ ناظران مرحوم محمد اسماعيل جلباڻي وٽ پڙهيائون فقير سائين صحبت ۾ رهڻ ڪري سندن طبيعت تصوف ڏي مائل ٿي پيئي. مگر فقير صاحب سان ان وقت ۾ ڳوٺ وارن جي سخت مخالفت هوندي هئي. ان وقت ۾ جيڪو به فقير صاحب وٽ صحبت لاءِ ويندو هو ته ان کي به سڪون سان رهڻ ڪونه ڏيندا هئا. فقير جي صحبتن کي به ڪافر چوندا هئا مگر ان هوندي به پاڻ مرشد هادي جي صحبت ۾ ننڍي هوندي کان رهندا آيا. عارف ڪامل جي صحبت ۾ رهڻ ڪري پاڻ به زماني جي هر برائي کان امان ۾ رهيا. هادي سائين سندس عقيدت ۽ احترام ڏسي کيس جام وحدت نوش ڪرايو. پاڻ سڄي ڄمار ان اسم سان محو ۽ مستغرق رهيا.
پاڻ سفر خواه حضر ۾ هادي سائين سان گڏ هوندا هئا. هادي سائين سان هم صحبت رهڻ ڪري سندن گفتار ۾ اهڙي ته رواني هئي جو هر وقت حاضر جواب هئا. کين ڪيترائي مثال آيات قرآني احاديث نبوي ﷺ بر زبان ياد هونديون هيون.
هادي سائين وٽ ڪيترائي پري پري کان مولوي بحث لاءِ ايندا هئا ته مرحوم امين محمد فقير سندن زبان بندي ڪري ڇڏيندا هئا.
پاڻ قد جا پورا پنا جسم ڪڻڪ رنگو منهن ويڪرو اکيون ڪاريون ۽ نڪ ڪنڍو هين. ڏند گهاٽا هين. منهن ۽ مٿي جا وار رکيل هئن. محاسن مڪمل رکيل هين.
لباس ۾اڇو پهريان ۽ سلوار پهريندا هئا. پهراڻ مٿان الفي ۽ دستار گيڙوءَ رڱيل پائيندا هئا. پير ۾هٿ جي موچڪي جتي پائيندا هئا. ڪلهن تي به چادر گيڙوءَ جي پائيندا هئا.
سندن گذر گذران رياضت تي هو. ڪڏهن به ڪنهن کي سوال نه ڪندا هئا. هميشه سادو کائيندا هئا. سموري زندگي سادگي ۾ گذاريائون. رات جو پهريون پهر ننڊ ڪانه ڪندا هئا. ۽ جاڳي مراقبو ڪري ذڪر اسم اعظم ڪمائيندا هئا. بعد ۾ شاهه شمس الحق تبريز حضرت بو علي قلندر . حضرت قلندر لعل شهباز ۽ سيد ثابت علي شاهه جا منقبت ۽ مناجاتون وڏي آواز سان پڙهندا هئا.
ڪڏهن حضرت سچل سرمست جي ڪافي “مانَ اچن اُهي ڪائون موهي ويا جيڪي ماري” چوندي روئي ڏيندا هئا. سموري ڄمار پنهنجي مرشد هادي جي محبت ۽ صحبت ۾ گذاريائون. ڏينهن ۾ صرف ڇهه ڪلاڪ گهر جو ڪم ڪار ۽ سار سنڀال لاءِ گهر ايندا هئا. نه ته سمورو وقت هادي جي صحبت ۾ رهندا هئا.
پاڻ ڇهين مارچ سن 1966ع مطابق 11 ذوالقعد سن 1386 هجري ڏينهن جمع وقت 11 بجي منجهند جو شاهه عبدالطيف ڀٽائي جا بيت پڙهندي هن دارالفنا مان دارالبقا ڏي راهي ٿيا. پاڻ شعر ۾ خاصي طبع آزمائي هين. جنهن مان هيٺ ڏنل ٽيهه اکري تمثيل طور ڏجي ٿي.

ٽيه اکري
786


الف حق اظهار اظهر نور نافع نامور، آهي اسد الله غالب انما اطهر علي،
ب برابر بادشاهه عرش اعظم متکيٰ، بربام بالا دائما در دست حق دفترعلي،
ته تنهنجي توڪل جو ترهو طالبن کي تار ۾، هيڻن جو همراهه همدم منجهه قبرمحشر علي،
ث ثنا قرآن ۾ ڪئي پاڪ حق پروردگار، من کنت مرسل ڪيو بيان عرب وعجم اظهر علي،
ج جاني جان جانان طالبن مطلوب تون، جنهن جي جيءَ ۾ جاءِ جانب ذڪر تنهن اڪثر علي،
ح حيات جاودان ۾ جيڪو عاشق لايموت، تنهن چکيو ترار طالب سراڏي خنجر علي،
خ ڪري خوشنود خوشتر جام جوجانا ڏئي، جو پئي هر دم جيئي آن باده برتر علي،
دال دل ۾ جنهن هجي ديدار دلبر جي مدعا، شد مدينه مصطفيٰ آن باب حق حيدر علي،
ذال آهي ذوالعليٰ حق نام تنهنجو عرش تي، آهه ڪرسي قرب تنهنجو زيب زيباور علي،
ري ربوبي راز حق جي بخش سائل کي ردا، ذوق محبت شوق شاهي برهه حق برتر علي،
زي زور آور زير بالا ناهه مثلث مرتضيٰ، شان شوڪت شاهه مردان شير يزدان نر علي،
سين سرور دو جهان ڪيو لحمک ولحمي عيان، انت مني وانامنه. شد برهه آن برسر علي،
شين شد شبير خدا اعليٰ علي مرتضيٰ، چون يدا الله فوق باشد ساقئي ڪوثر علي،
صاد صاحب صورت ومعنيٰ ۾ مالڪ دين جو، ظاهر وباطن همه هوڪو حقي حيدر علي،
ضاد ضارب ضرب سان ضايع ڪيا اهلِ فتن، بت شڪن يا ڪو بهادر مرتضيٰ مظفر علي،
طويٰ طه يٰس مزمل ڪهيعص، ڪل ۾ڪئي تعريف تنهنجي ڪل ڪفيٰ قادر علي،
ظوي ظهور ظاهر باطن همه يڪتا توئي، نور نافع درد دافع ثاني پيغمبر علي،
عين اعظم عشق تنهنجو آهه جڳ ۾ آشڪار، سمجهه تونمن راست گويم اول و آخر علي،
غين غرق اندر بحر شوتان پيس تون عاشقا، آهه ان درياهه اعظم جو سچو گوهر علي،
ف فنا فاني جهان سڀ فرقتِ حباب آهه، ٿي بقا جنهن کي لقا ديدار حق دلبر علي،
ق قرآن قرب ڪامل حيدر ڪرار جو، مخزن اسرار موليٰ معنوي مصدر علي،
ڪ ڪعبه ۾ ولادت آهه جنهن ڪعبه صدف، ٻئي نه ڪنهن اهڙي عنايت شهنشاهه اکبر علي
لام لاحد لامڪان جوشان شاهان شهسوار، عرش اعظم پاڪ جو موليٰ اُتم افسر علي،
ميم موليٰ مومنن مهندار ناصر انبياءَ، هم نفس نورِ نبي روز شفا محشر علي،
نون نافع نور نرمل ناز پرور نيڪنام، معراج واري ملڪ ۾ نورالهديٰ همسر علي،
واو وارث وصل والي عاشقن جو پيشوا، مرتضيٰ مختيار هِت هُت باطن وظاهر علي،
هه هميشه هر دور عالم ۾ علي آهه تاجدار، تاجدارِ شهنشاهان مرتضيٰ مقرر علي،
لا حق لولاک لما خلقت الا فلاک چيو، شاهه جو واهه شان اعليٰ قدرت علي،
ء تنهنجي امر ۾ برق ومطر آب وهوا، هر همه حيوان شجر جن وانس آمر علي،
ي يقينا برد رت ساجد شده محمد امين، پرت جو پيالو پيار خون آب مئي خاور علي،


[b]سجان فقير هندو
[/b]هي فقير لاڙڪاڻو جو ويٺل هو. فقير سائين فولاد علي قدس سره فقير غلام قادر انڙ وٽ لاڪاڻي ويندو هو. جيڪو سندن صادق طالب هو. سجان فقير به سائين جو ٻڌي اتي اچي سندن طالب ٿيو. طالب وٺڻ بعد هن پنهنجو دوڪانداريءَ وارو ڌنڌو ڇڏي ڏنو. جيڪڏهن مائٽ کيس دوڪان هلائڻ لاءِ تنگ ڪندا هئا. ته هي گراهڪن کي اڻ توريو ساماڻ کڻي ڏيندو هو. ان ڪري مائٽن کيس دوڪان هلائڻ کان منع ڪئي ۽ هي گهران نڪري وڃي جهنگ ۾ گذارڻ لڳو ۽ مست ٿي ويو.
هڪ دفعي فقير سائين. وٽ آيو ته پڇيائونس ته سجان فقير طلب ورتي کانپوءِ ڪو ديدار ٿيو اٿيئي. پاڻ چوڻ لڳو ته قبلا حضرت پير موليٰ عليه السلام جو جوڙو ڏٺو اٿم. ته فقير سائين پڇيس ته پوءِ ڪيئن ڏٺئه جنهن تي چيائين ته سائين ڇا ٻڌايانوَ ننڍو صاحب جور آهي يعني زور آهي وڌيڪ آهي.
ٻئي دفعي سجان فقير محفل ۾ويٺو هو ته فقيرسائين ڪنهن ٻئي طالب کان پچيو ته ابا الله ياد ته ڪريو ٿا. الله ڏٺو اٿو. ان تي سجان فقير جوش ۾ اچي ويو ۽ يڪدم چوڻ لڳو ته سائين مون کان پڇو ته مان سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ٻڌايانوَ. ان تي فقير سائين کيس ٿڌو ڪيو ته ابا توکان ته پڇان ئي ڪونه ٿو. ائين نه ڪر راز ظاهر ڪرڻ ڏوهه آهي. مان اڻ واقف کان ٿو پڇان تون ماٺ ڪري ويهه.
سجان فقير يڪتارو وڄائيندو هو جيڪو اڄ تائين محراب پور ۾ علي نواز فقير جي مئي خاني تي موجود آهي.


[b]شاهه علي فقير دشتي
[/b]هي فقير هنڊياريءَ جي ڀرپاسي ۾ ويٺو هو. سندس پويان اڄ تائين ان ماڳ تي ويٺا آهن. سندن پوين جي اڻ پڙهيل هئڻ ڪري سندس جنم جي تاريخ ملڻ ناممڪن آهي. فقير جوانيءَ ۾ هارپو ڪندو هو. ڏاڍو ڪمائيندڙ هو. جوانيءَ ۾ فقير سائين کان سن 1336 هجريءَ ۾ وحدت جو رستو پڇيائين. هن جي ذڪر هلڻ جو اهو انداز هو جو سندس هر هڪ دم سان سندس سيني مان نڙ جي آواز جهڙو سريلو آواز نڪرندو هو. سندس منهن سواءِ ڪنهن تيل وغيره جي سڻڀو پيو لڳندو هو. ذڪر جي شوق ۾ ڇير جامون پائي مرشد جي اڳيان اچي نچندو هو نچڻ وقت سندس زبان مان بي اختيار بيت نڪرندا هئا. جن مان صرف هڪ بيت ملي سگهيو آهي.
مونکي من جو محرم ملي ملي ساري خلقت ڀلي پئي کلي کلي
درگاه تي فقراءَ لاءِ سرَنِ جا ٽوٽا ٺاهيندو هو. سندس زبان مان جيڪا دعا نڪرندي هئي سا قبول پئجي ويندي هئي. ڪنهن کان به ڪجهه ڪونه گهرندو هو. ايتري قدر جو کاڌو به ٻن ٽن ڏينهن تائين گهري ڪين کائيندو هو.
ميلي جي موقعي ۾ به هادي سائين طالبن کي تاڪيد ڪندا هئا ته ابا شاهه علي فقير کي ضرور ننگر ڪرائجو جو هو گهري ڪين کائيندو آهي.
هڪ دفعي گهر ۾ويٺو هو سندس ڀاءُ ٺريءَ وڃڻ لاءِ سنبريو. فقير کيس چيو ته ادا ميڏي ڪاڻ ڪفن دا ڪپڙا ڳڌي آوين. متان ٻيا پنڌ ڪرڻا پووئي. اسان ڪن قاصد آيا هي. اڄ شام مين آپڻي اصلي وطن تي ويسان.اهو ٻڌي سندس ڀاءُ کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳس ته ادا خوش ٻيٺا هين ۽ ڳالهيان ول ڪفن ديان پيا ڪريندا اين. خير گُهر ميڏا ڀِرا ”
آخر هو شهر هليو ويو. مگر ڪفن لاءِ ڪپڙو ڪونه آندائين جڏهن ٽيپهري ٿي ته فقير پنهنجي کٽ تي چادر پائي سمهي پيو. ٿوري وقت کان پوءِ جو چادر اٿلائي ڏسن ته فقير ته وصال ڪري ويو هو. اهو سال 1978ع هو.


[b]فقير الله رکيو خاصخيلي
[/b]هن فقير جي والد صاحب جو نالو نبي بخش فقير هو. ذات خاصخيلي ويٺل محراب پور شهر هو. صرف سنڌي چار درجه پڙهيل هو. زمين جو ڪم ڪار ڪري گذر ڪندو هو. ان کانسواءِ درزڪو ڪم به ڪندو هو.
فقير جوانيءَ ۾ ارڏو هو. مگر طالب ٿيڻ بعد سڀ ارڏايون ڇڏي ڏنائين. ذڪر سان محو رهندو هو ۽ مرشد سان ڏاڍي محبت. هيس هادي سائين ڏانهن طلب لاءِ کيس سندس ڀاءُ. رجب علي فقير وٺي آيو.
هادي جي صحبت لاءِ بار بار پيرين پيادو. محراب پور کان درگاهه تي ايندو رهندو هو. ۽ سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي ڏنائون. پاڻ محراب پور کي ڇڏي پير انڙ جي مقام ڀرسان وڃي آستانو اڏيائون. سندن آخري آرامگاهه به اتي آهي. جتي 17 شعبان سندن فرزند فقير علي نواز فقرائي ميلو لڳرائيندو آهي.
سندن ڪلام
پڪ رکيل کلي آهه الا، جنهن وڏو ڪوٽ ڪفر جو ڊاهي الا
فاذکروني اذکرکم جو ڏس ڏنو ڪنهن ڏاهي الا
من عرف واري مام موچاري سچو سخن سو آهي الا
انا احمد بلا ميمي مام مرشد سمجهائي الا
هاديءَ مرشد ياد رکيل چاهه منجهان ٿو چاهي الا

فقير علي نواز سندن مسند نشين آهي سندن درگاه جا ڪيترائي طالب آهن. فقير علي نواز پڻ طريقت جو رستو ٻڌائيندو ٿو رهي. هر سال هادي پاڪ جي ميلي جي موقعي تي ٽنڊي آدم مان بهترين زربفت جي چادر تيار ڪرائي اچي چاڙهيندو آهي ۽ سموري طالبن جي سنگ سميت اچي پنهنجي ڪافي جوڙي محفل ماچيندو آهي. فقير علي محمد لاڙڪ به هر سال تاج نئين جوڙائي اچي عرس تي چاڙهيندو آهي.

[b]فقير نور علي سومرو
[/b]سندن اصل نالو نور الله هو. مگر سندن هادي پاڪ سندن نالو نور علي فقير رکيو. سندن والد صاحب جو نالو در محمد هو. ذات جا سومرا ويٺل شهر محراب پور آهن. 1947ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائون، سندن جنم 22 مارچ 1932ع آهي. تعلقه ميهڙ ضلع حيدرآباد ۾ سيد علي اڪبر شاهه جي جامع عربيه مان فقه ڪنزقد وري ۽ مشڪوات شريف تفسير بضاوي پندرهن سيپارن تائين پڙهيا ۽ هدايت نحو پورو ڪيائون. مئٽرڪ جو امتحان پرائيويٽ طرح پاس ڪيائون 1949ع ۾ پرائمري ماستري ملين جيڪا ترڪ ڪيائون تپيداري ۾ سليڪٽ ٿيا مگر ٽريننگ اڌ ۾ ڇڏي گهر موٽي آيا.
1963ع ۾ بي اي پاس ڪيائون، بعد ۾ ايم اي به ڪيائون 1971ع ۾ بي ايڊ پاس ڪيائون آخر نئشلائيزڊ مڊل اسڪول ۾ تعمير ملت ۾ ايس اي ٽي مقرر ٿيا. 1971ع ۾ هائي اسڪول ميوو سيال عرف سيال آباد ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيا. پرائيويٽ اسڪول 1972ع ۾ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سرڪار پنهنجي ذمه کڻي سرڪاري ملازم قرار ڏنو. 1992 ۾ ملازمت تان رٽائر ڪيائون هادي شهنشاهه جو مٿن گهڻو راض هو. کين عشق جو مولوي ڪري ڪوٺيندا هئا. فقير الله رکيو خاصخيلي جو مٿن مجازي نظارو هو.سندن ڪمپائونڊري ڪورس به پاس هو. جنهن ڪري يوناني حڪمت به ڪندا هئا.
آخر ستين صفر 1429 هجري 2008ع جي ڊسمبر مهيني ۾ مختصر علالت سبب دارالبقا ڏانهن راهي ٿيا سندن آخري آرامگاهه هادي شهنشاهه جي درگاهه ۾ پيرانديءَ وٽ موجود آهي.

[b]زوار عطا حسين عرف عطا فولادي فقير
[/b]عطا حسين ولد محرم امين محمد فقير جي گهر ۾ ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ تاريخ پنجين شعبان 1392 هجري پنجين آگسٽ 1942ع برزو ڇنڇر ڏينهن پيدا ٿيو. پيءُ کي پهريون پٽ ڄائو مگر پيءُ کي ٻين پٽن ڄمڻ بعد هن کي پنهنجي ڀاءُ فقير عبدالواحد جي حواله ڪري ڇڏيائين ڇو ته هو هن جو چاچو لا ولد هو. مگر اهو به 1950ع ۾ گذاري ويو. هن سنڌي ست درجه ڳوٺ جي مينگهو فقير شر اسڪول ۾ پڙهيا بعد ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ گهنڊ عرف رسولپور جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. جتان پهرين ٻيون ۽ ٽيون درجه انگريزي پاس ڪري هاءَ اسڪول ٺريءَ مان مئٽرڪ پاس ڪيائون 1963ع ۾ 1964۾ ماستري مليس. 1966ع ۾ سندس والد وصال ڪري ويو ۽ هي ست ڀائر هئا جن مان هي وڏو هوس ۽ باقي ٻيا سڀ ننڍا هئا.
ماستريءَ جي پگهار مان گهر پورت به ڪندو هو ۽ ننڍن ڀائرن کي پڙهائيندو به هو. جن مان حاڪم علي هائي اسڪول ٽيچر آهي ۽ عضنفر علي پرائمري ماستر ۽ سر احمد علي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ٿيو.
1975ع ۾ بي اي پاس ڪيائين ۽ 1978ع ۾بي ايڊ ڪيم ۽ 1987 ۾ ايڇ ايس ٽي ٿيس.مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪيائين 1990ع ۾ ايم ايڊ ڪيم ۽ ايم اي سنڌي به پاس ڪيائين ۽ باالآخر 2003ع ۾ رٽائر ٿيو.
هادي پاڪ جي صحبت ۾ اچي ڪري 1963 ۾ سندن طالب ٿيا. سائين فولاد علي شهنشاهه جن جي گفتار دوران فارسي سکي ورتائين ۽ ڪجهه مطالعاتي ڪوشش سان عربيءَ جي به ڄاڻ پيس. ناظران قرآن پاڪ مختلف استادن وٽ پڙهيو ۽ مئٽرڪ ۾ آپشنل سبجيڪٽ طور به فارسي جو سبجيڪٽ کنيو ۽ پڙهيو هئائين. جنهن ڪري فارسي سٺي سمجهه ۾ اچي ويس. ايتري قدر جو فارسيءَ ۾ آزادانه گفتگو به ڪري سگهندو آهي ۽ ڪجهه فارسيءَ ۾ شعر وشاعري به ڪري ٿو.
هادي سائين فولاد علي طريقه حيدري ۾ تلقين ڪيس ان ڪري حب علي تو رحمت الله بغض علي تو لعنت الله جو عقيدو رکندو آهي.
شاعري اردوءَ. سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۽ هنڌيءَ ٻولين ۾ به ڪئي اٿس. جيڪو پنهنجو بياض ڪليات عطا فولادي نالي پنهنجي ڪتب خانه ۾ قلمي صورت ۾ موجود اٿس.
1990ع ۾ هادي سائين فولاد علي سائين جي روح الاعظم مان چونڊ اقتباس ڪڍي گنجينهءِ فولاد نالي ڪتاب پنهنجي خرچ سان ڇپرايو هئائين. 2000ع ۾ ايران ۽ مشهد پاڪ ۽ قم شريف جي زيارت ڪيائين ۽ 2004 ۾ ايران کان ٿيندو عراق موليٰ ڪربلا معليٰ ۽ نجف اشرف جي زيارتن جوشرف حاصل ڪيو هئائين.
هاڻي به محترم علي نواز گهانگرو روشني پبلڪيشن جي مالڪ محترم آيت الله عرف عاجزي لغاري جي رهنمائي سان ڪتاب مڪمل چپرائڻ جو وعدو ڪيو آهي جنهنڪري صحت جي ساٿ نه هجڻ هوندي به هي بياض روح الاعظم جو لکي پورو ڪيو اٿس. درگاههِ رب العزت ۾ آسرو آهي ته ڪتاب انشاءَ الله تعاليٰ ڇپجي منظر عام تي ايندو ۽ آءُ محبوب حقاني مرشد ذات سبحاني حضرت فولاد علي سائين. ۽ حضرت علي گوهر فقير شمس الحق فولادي جن جي حضور اڳيان حاضر ٿي خوش بابا ٿيندس. آمين ثم آمين

فقط عطا فولادي
28 اپريل 2009ع


شعر عطا فولادي
استدعا فارسيءَ ۾

يا رحيمي يا کريمي يا غفار، بخش کن عصيان ماريا ستار.
من سيه روپرز عصيان نابکار، درکرم لا تقنطو اميدوار.
آهه وه وزاري گريه ماراشنو، کيست در ديگر شگا ماربگو.
وي خدائي لم يزل ولايزال، دراجابت خويش کن مسکين سوال
درميانِ دوجهان ناصر توئي، ما گنهگاران راغا فرتوئي.
مرد مان ميخوا ستند مال بنون، شادماني جاودان حرفت فنون.
زير سائيه کرم خود مارا به نه زره دردت دِلِ عطآبده.
عطا فولادي

[b]قبله سيد محمد علي شاهه ثاني
[/b]قبله سيد محمد علي شاهه ثاني ولد قبله سيد علي حيدر شاهه جن جو جنم سن 1337 هجري مطابق 1914ع ۾ پير ڳوٺ لڳ ڳوٺ منگهر جي ۾ ٿيو. سندن تعليم سنڌي فارسي پنهنجي والد بزرگوار کان پهريائون. جواني جي عمر ۾ هادي پاڪ حضرت فولاد علي سائين جن جي دست بعيت ڪري جام وحدت حاصل ڪيائون.
سندن نشست برخواست خانداني طريقه موجب فقراءَ سان رهندي ٿي اچي. پاڻ اهل ذڪر صوفي سدائين ذڪر صوفياڻي لباس ۾ ملبوس ۾ رهندا آهن.
پاڻ قبله سيد ومرشد هادي شهنشاهه سيد محمد علي شاهه جن جا پوٽا ۽ سندن مسند نشين آهن. پنهنجي درگاهه جي سار سنڀال ۽ خدمت پنهنجي هٿن مبارڪن سان ڪندا پيا اچن. پاڻ درگاهه جي چوڪنڊي ۽ اڏاوت مزار مبارڪ جي به پاڻ ڪرائي اٿن.
سندن درگاهه تي هر سال تاريخ ستين صفر ۾ فقرائي ميلو لڳندو آهي. جنهن عارفانه ڪلام ڳايا ويندا آهن ۽ پاڻ مرشد جي درگاهه تي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ايندا رهندا آهن ۽ ڪڏهن به سائينجن جوميلو نه گسايو اٿن. درگاهه تي به سندن احترام طور کين کٽ تي بستر ڏنو ويندو آهي.

[b]فقير محمد پريل
[/b]فقير خواجه محمد پريل ولد ڌڻي بخش ذات مڱريه ويٺل لڳ ڪنڊيارو شهر. تعليم نه هجڻ ڪري پاڻ رازڪو ڊکاڻڪو تعميرات جي نقش نگار ۾ بيحد ڪاريگر هئا. ڪامل مرشد جي جستجو ڪندي کين هادي حضرت شاهه فولادي علي فائز جي صحبت نصيب ٿين ۽ گوڏا ڀڃي جامِ وحدت ورتائون طلب بعد اهڙي ته سندن دل روشن ٿي جو شعر وشاعري به ڪيائون.
مرشد سان عقيدت ۽ حق جي راهه ۾ جهد ڏسي ڪيترائي ڀرپاسي جا عشق جا اڃارا سندن چشمئه فيض مان سيرآب ٿيا. پاڻ عاشق مزاج هئا حسين صورت ڏسي مصور ڏانهن متوجهه ٿيندا هئا. حديث پاڪ به آهي ته المجاز قنطرت الحقيقت. يعني مجاز حقيقت جي ڏاڪڻ آهي.
م تاب از عشق روِء گرچه مجازي است
که از بحر حقيقت کار سازي است،
رومي صاحب
يعني مجازي عشق کان منهن نه موڙ توڙي جو مجازي آهي. ڇو ته حقيقت جي مقصد کي اهو ئي پڄائيندو آهي.
فقير هر وقت محو ذڪر هوندا هئا.مرشد سان عقيدي جي پختگي ڪري روضه پاڪ جو ڪم پاڻ ۽ شاگردن ۽ طالن جي مدد سان مڪمل ڪيو هئائون.روضه پاڪ جي تعمير ۽ چٽسالي هڪ شاهڪار نمونه جي آهي ڪم ڪرڻ جي ڪابه مزدوري ياڪو معاوضو نه ورتو هئائون.
پاڻ سن ۾ وصال ڪيائون جو سندن آخري آرامگاهه سندن ڳوٺ آهي. سندن شاعري مان مثال طور ڪافي هيٺ ڏجي ٿي.
شعر ۾ تخلص پياسي ڪم آندو اٿن.

ڪلام
ٿلهه: ومست قلندر لعل. هادي ڪر ڀلايون ڀال
داتا دهر و دان ڏيارج. سڻ صدائون سوال
پُر پيالو مئي جو پيارج. هٿئون پنهنجي حال
رندن جو سرتاج تو آهين لاهوتي لڄپال
ساڻي ٿي تون سيد سهڻا نرمل نور نهالٺ
هر دم هادي فيض فياضي ڪلنگي دار ڪلال
پياسي آهيون در تنهنجي جا جَرُ پيارج جال


[b]فقير محمد حسن قريشي
[/b]سندن والد جو نالو محمد اشرف ذات قريشي ويٺل ڪنڊيارو شهر جي لڳ ڏکڻ طرف آهن. سندن ڄم تاريخ ٻه مارچ 1934 آهي. تعليم ڪنڊياري شهر مان سنڌي فائينل پاس ڪيائون بعد ۾ فارسي پڙهڻ لاءِ محترم استاد مولوي غلام محمد بلوچ وٽ اچي فارسي گلستان تائين ۽ قرآن ڪريم ناظران پورو ڪيائون.
1952ع ۾ سنڌي ماستر مقرر ٿيا. پنهنجي ذهانت ۽ ديانت سبب تعليم کاته ۾ حاضر نالو ڪڍريائون. 1982ع ۾ رٽائر ٿيا.
پاڻ پير شيخ احمد جي درگاهه جا سجاد ه نشين آهن 1950ع ۾ فقير پاڪ فولاد علي سائين کان عشق جو جام ورتائون. پاڻ محو ذڪر رهندا آهن. مگر شاعري ڏانهن سندن طبيعت مائل نه آهي.
” هن سال ميلي دوران ميان خادم حسين جي صحبت جي توسط سان بلوچستان جي شوريءَ واري ڳوٺ مان حاجي عبدالستار خان شر ۽ رئيس سمندر خان شر هادي سائين جي مزار لاءِ زبفت جي عمدي تاج ۽ چادر جوڙائي کڻي آيا ۽ اچي پنهنجي مشفق هٿن سان مزين ڪيائون”

[b]ميان سچل فقير لاڙڪ
[/b]ميان سچل فقير ولد محمد موريل فقير لاڙڪ ويٺل ڳوٺ ڪنڍا کاهي ضلع نوشهرو فيروز جا آهن. سندن والد صاحب به هاديءَ جي هٿ تي بعيت ڪئي هئي.
1955ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري 1956 ۾ سيڪنڊري استاد مقرر ٿيا مگر مرشد کان جام وحد جو جام وٺڻ سان دنيا جي ڪارو وهنوار تان دل کڄي وين. ۽ 1960ع ۾ ملازمت کي ترڪ ڪيائون ۽ کاڌو به گهري ڪيئن کائيندا آهن. گهڻو ڪري مٿن مجذوبيت جي ڪيفيت هوندي هئي. هاڻي سالڪئي ۾ ٿا رهن ۽ طب نبوي تحت حڪمت ڪندا آهن.
سادي خوراڪ ۽ پوشاڪ اٿن. ڪيترائي سندن به طالب آهن شعر به چيو اٿن.
فولاد عليءَ کان فيض مليو، تڏهن خيال خاطر کان غير ويو
سچل ساقيءَ جام پياري خوف خطر سڀ وهم نيو
اچي عشق هادي امام ٿيو، ٿي مرشد جي آهي ماڙسدا.

[b]فقير محمد صالح عرف فقير بو علي سائين
[/b]فقير محمد صالح ولد عبدالله ذات جا ڪوريجا (قريشي) آهن. سن ڄمڻ جو سال 1928ع آهي.
ابتدائي تعليم شهر ڏيپارجا ضلع نوشهروفيروز ۾ حاصل ڪيائون سنڌي ست درجه پڙهيائون ان کان پوءِ پوليس کاته ۾ سپاهي ڀرتي ٿيا. ڪجهه وقت کان پوءِ استعيفا ڏنائون. 1958ع ۾ڏاڏا پير کين ڪلامن لکائڻ لاءِ هادي شهنشاهه حضرت فولاد علي فقير ڏانهن موڪليو. سائينجن سان صحبت ۽ ملاقات بعد پاڻ قرب جي ڪمند ۾ ڪڙجي ويا جو ڪلامن لکڻ يا نه لکڻ جي موٽي پير کي ورندي به ڪونه ڏنائون . هادي پاڪ جي قدمن ۾ڪري پيا. سائينجن کان وحدت جو جام وٺي الاهي عشق ۾محو ۽ مست مگن ٿي ويا. هادي پاڪ سندن سچائي عقيدو ۽ احترام ڏسي مٿن بو علي فقير نالو رکڻ فرمايو. اڄ تائين عام وخاص کين ان نالي سان ٿو ياد ڪري.
پاڻ بي ريا ۽ بي باڪ رهندا هئا. پاڻ درگاه معليٰ جي مرمت جو ڪم جمله فقراءَ جي تعاون سان 1994ع ۾ ڪرايائون ۽ روضه پاڪ جي ٻاهران ڪمپائونڊ وال ۽ فرش بنديءَ جو ڪم مضبوطيءَ سان ڪرايائون.
ساڻن هٿ ونڊرائڻ ۾ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ بظاهر غلام الرسول فقير چانڊيو فقير نور الله مشوري. صاحب ڏنو فقير اُڄڻ ۽ شوق علي فقير چانڊيو هر وقت حاضر خدمت هوندا هئا. عام ماڻهن سان سندن طبيعت نه لڳندي هئي. مگر خاص طرح سان سيد مسڪين شاهه مست ۽ سائين جاويد احمد فقير چاچڙ محراب پوري سان سندن طبيعت مانوس رهندي آهي.
عشق شهنشاهه جي اوقات ۾ پاڻ کي ڄاڻي واڻي ڪيترائي ڀيرا گدوءَ واري چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ماڻهن جي ميلاپ کان ڪناره ڪش ٿيڻ جو ن ڪوششون ڪيون اٿن ته جيئن کين ماڻهو چريو سمجهي سندس واسطن کان واندا ٿين.
پاڻ جسم جا قداور سڌا سنوان هئا. ڏاڙهي کي تراشي ڏياريندا هئا. ظاهري طرح ڪوبه ٽڳويا خرقو ڪونه پائيندا هئا. پوشاڪ صاف سٿري ۽ اميرن وارو اٿڻ ويهڻ هين سندن اولاد مان فقير غلام مصطفيٰ ساڳي فقيرائي حال تي گامزن آهي ۽ فقير غلام سرور به محبوب اٿن ۽ غلام حيدر فقير صوم صلوات جو پائبند ۽ خاد الفقراءُ آهي.

[b]ختم ڪتاب
[/b]
الله سائين جا لک احسان ۽ مهربانيون جنهن مون ناچيز لاءِ پنهنجي مدد ۽ توفيق جون سڀ راهون کولي ڇڏيون. ان ڪري هي صخيم ڪتاب روح الا اعظم حضرت هادي پاڪ شهنشاهه فولاد علي سائين جو گويا که الوهيت جي گفتار آهي. جيئن مولانا جلال الدين رومي صاحب فرمايو آهي ته
گرچه قرآن از لب پيغمبر استر
هر که گويد حق نه گفته کافر است

يعني جيتوڻيڪ قرآن محبوب الاهي مصطفيٰ سرڪار جي زبان مان نڪتل الفاظ آهن مگر جيڪو ان کي الله جي زبان نه چوندو سو ڪافر آهي. وانگر اڄ 11جمادي الاول 1430 هجري، مطابق 7 مئي 2009ع بروز خميس هيءَ ڪاپي قلمي مسودو ڇپرائڻ لاءِ لکي پورو ڪرايم. ڪتاب لکندي منهنجو سارو وقت ذوق آرام ۽ خوشيءَ ۾ گذريو. جيڪڏهن مان انهن الله وارن مان نه آهيان ته به ڪم ازڪم عارفن جي مڪمل احوال کي ته ڪتابي شڪل ڏني اٿم. ان جو صِلو مان پنهنجي مرشد حقاني فياض رباني تي ڇڏيان ٿو. جن جو لطف لاحد ۽ ڪرم بي ڪنار آهي.

پيغام

جيئن ته فقير شمس الحق فولادي هي ڪتاب ڇپرائڻ جي اجازت ڏيڻ فرمائي. ڪٺن ڪم ڪيو آهي. جنهن جي ذريعي عام آدمي تصوف ۽ وحدانيت کي آساني سان سمجهي سگهندو. جنهن لاءِ اسين اهل تصوف سنڌ سندس حياتِ جاودان ۽ عشق محبت لاءِ دعاگو آهيون.

[b]فقير محمد بخش ضامن
[/b]سجاده نشين درگاهه منٺار فقير
کاڻي راڄپر کپڙو فقير پيارو خان شر ۽ ساٿي
تڳيو سر تعلقه کپرو


[b]پيغام[/b]

محترم فقير شمس الحق فولادي
حق موجود
اسان ٻڌو آهي ته توهن ڪتاب روح الاعظم تصنيف حضرت فولاد علي فقير جن جو ڇپرائي رهيا آهيو، جنهن لاءِ اوهين مبارڪ جا مستحق آهيو.
اسان صرف فقير صاحب لاءِ ڪي ڳالهيون ٻڌيون هيون. مگر ڪتاب ڇپجڻ بعد فقير جو مڪمل فلسفو ڀليءَ ڀت پرکي ۽ پروڙي سگنداسون.
اوهان جو دعاگو

[b]فقير عاشقان علي جلالاڻي.
[/b]۽ فقير شمس الدين جلالاڻي.
سجاده نشين درگاه نصير فقير جلالاڻي
تعلقه ڪوٽ ڏيجي
فقير منٺار علي شر محمد حسن شر فقير در محمد شر فقير نذير احمد شر ڌارو فقير شر ۽ سنگت بهرام خان جمالي طالب ۽ مريد درگاه سائين نصير فقير جلالاڻي.

[b]پيغام[/b]

مانوار فقير شمس الحق فولادي
حق موجود
اسان ٻڌو آهي ته اوهين روشني پبليڪيشن طرفان فقير فولاد علي صاحب جن جو ڪتاب روح اعظم شايع ڪرائي رهيا آهيو. ان نيڪ ڪم ۾ خدا وندا ڪريم توهان جي مدد ڪرڻ فرمائيندو. جو ان ڪتاب جي اڄ جي اڻاٺ جي دور ۾ اهم ضرورت آهي. جيڪو تصوف جي گائيڊ طور عالمن اديبن ۽ تصوف جي جاکوڙيندڙن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. اسانجو دعائون توهان سان رهنديون.

[b]سيد سجاد الرسول شاهه
[/b]سجاده نشين درگاهه عاليه سيد اعجاز علي شاهه راشدي
نيو سعيد آباد، حيدرآباد

[b]پيغام[/b]

مهربان ۽ مهذب فقير شمس الحق فولادي
اسلام عليڪم حق موجود
اها ڳالهه اسان جي علم ۾ آئي آهي ته اوهين ڪتاب اڳ ۾به فقير فولاد علي صاحب جن جي باري ۾ ” گنجينئه فولاد “ ڇپرايو هو ۽ هاڻي به اصل روح الاعظم جو ضخيم ڪتاب روشني پبليڪيشن طرفان پڌرو ڪرائي رهيا آهيو. جنهن لاءِ اسان جي طرفان دلي مبارڪباد قبول ڪندا.

[b]فقير غلام حيدر ابڙو
[/b]ڪراچي
فقير ممتاز علي ابڙو
ڪراچي
فقير غلام ياسين ابڙو
ڳيريلو لاڙڪاڙو
فقير امتياز علي ابڙو
ڳيريلو لاڙڪاڙو
فقير غازي محمد ايوب
سڪندري آبادي

[b]سنيهڙو[/b]

ادا فقير شمس الحق فولادي
حق موجود! اميد ته باخيريت هوندا.
احوال ته اوهان ٻڌايو آهي ته ڪتاب روح الا اعظم تصنيف حضرت فولاد علي فقير ترتيب ڏيئي ڇپرائي رهيا آهيون. اهو ٻڌي بيحد خوشي ٿي آهي ڇو ته اهڙي عظيم هستي کي ڪتابي شڪل ڏيئي توهان قابل تحسين ڪم ڪيو آهي. جنهن لاءِ اوهين مبارڪ جا مستحق آهيو


ديگر خيريت
[b] فقير خادم حسين عباسي
[/b] مهتتم درگاه حضرت نانڪ يوسف
اڳڙا تعلقه گمبٽ