ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
تصوف
روح الا عظم
- 1/5.0
- 2135
- 381
- 4 سال اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”روح الا اعظم (سوانح ۽ گفتار فقير فولادي علي قدس سره العزيز)“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. جڏھن تہ ٻيو (سڌاريل ۽ وڌايل) ڇاپو أي بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پيش ڪري رھيا آھيون. ٿورائتا آهيون حافظ گداحسين چانڊيو جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
1
(ڪُل 1 رائين آڌار)

Faique Ali
2 ڪلاڪ اڳ
روح الاعظم علم تصوف جي ساگر جو ناياب موتي آهي. جنھن ۾ سائين علي فولاد جن جي گفتار ۽ حڪايتون انتهائي سادي زبان ۾ وڏو مقصد، معنويت رکن ٿيون، ان کي سهيڙي تصوف جي پانڌيڙن تائين پهچائڻ جو اعزاز عطا حسين عطا فولادي فولادي جو آهي. هن ڇاپي ۾ "واڌاري" جي نالي تي جيڪا علمي خيانت ڪيئي وئي آهي جنھن کي ڪتاب جا پڙهندڙ آسانيءَ سان ڏسي ۽ سمجهي سگھن ٿا. اھو قدرت جو قانون ۽ آيت قراني جو مفهوم آهي ته هر شخص لاء اھو ئي آهي جنھن جي لاء هو ڪوشش ڪري ٿو.
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
ڪتاب بابت وڌيڪ:
- ليکڪ فقير فولاد علي
- ڇپيو ويو 2010
- ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 17/Jul/2020
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 381 ڀيرا