تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

ڏينڀوءَ جي ڳالهه

هت ڏينڀوءَ جو قسم گهريتڙيءَ نالي ٿيندو آهي. هن کي ڏنگ به ٿيندو آهي. هي سانوڻيءَ جي موسم ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ گم ٿي ويندو آهي. هو ٻچا هن ريت ڪندو آهي.پاڻيءَ جي ڀرتان آلي مٽي وات سان کڻي گهرن جي ڀتين ڇتين ۽ ڪامن ۾ گهر ٺاهيندو آهي. سندس گهر ۾ خانا ٿيندا آهن. هر هڪ خالي مان سائي گاهه جا ڪيئان آڻي ان گهر ۾ بند ڪندو آهي آخر انهن ڪيئن مان هڪڙو ڪيئون ٻين ڪيئن کي کائي وڏو ٿي ٽُنگ ڪري ٻاهر نڪري ويندو آهي. جنهن کي ننڍو ڏينڀو يا گهريتڙي چئبو آهي.
صوفي فقيرن جي شروعات به رسول الله ﷺ مسجد نبوي جي صفحي ۾ چار سئوفقيرن کي دم جو رستو ٻڌائي رهائڻ سان ڪئي هئي. اهي فقير رسول الله ﷺ جي مئخانه ۾ رهندا هئا. سڀني کي رسول الله ﷺ پنهنجي مبارڪ زبان سان اسم اعظم جي ڦوڪ ڏني هئي. انهن کي بند ڪري مسجد جي صفحي ۾ ويهاريو هئائون.
سچا دام وارا صوفي ان وقت کان وٺي اڄ تائين دم ڪمائين ٿا. جان ٿا جلائن اهي هن ٻانهپ وارو ڍوري جا بنا پرن جي ڪيئان آهن. جن کي رسول الله ﷺ جي سبق جو اهڙو اثر ٿيو جو اهي ساڳيو رسول الله ٿي پيا ۽ ساڳيو معراج ڪيائون. هوا ۽ پرواز ڪيائون. عرش اعظيم تائين پيا اچن وڃن. افسوس انهن مسلمانن جو جيڪي رسول الله ﷺ جي فيض کي نه ٿا ڄاڻن. پاڻ انڌا آهن. تڏهن ٻين فقيرن کي به پاڻ جهڙو ٿا سمجهن.
بيت
“سڌيون ڏين سماوَ جون ڳجها سر سلن
نامردن ڏين مردي، صحت مريضن،
ملان سڃان ۽ سکڻا هو ڪرامتون ڪن”

عام ماڻهن اهو نه ڄاتو ته فقيرن ۽ اسان ۾ زمين آسمان جيترو فرق آهي. اهي فقيرن عارفن جي خلاف تڏهن آهن جو انهن کي پاڻ جهڙو ٿا سمجهن. مگر جن سڃاتو سي وڃي حق جا واقف ٿيا. جن انبيائين ۽ اوليائن کي پاڻ جهڙو سمجهيو سي گمراهه ٿيا. انهن جو مثال اڪ جي وڻ ۽ انب جي وڻ وانگر آهي ڇو ته ٿوهر ۽ اڪ به اهو پاڻي پيئن ٿا جيڪو انب ۽ ٻيا ميويدار وڻ پيئن ٿا. پاڻي ٻنهي قسمن جا وڻ ساڳيو پاڻي ٿا پيئن مگر انهن جي ميوي ۾ ڪيڏو فرق آهي.
ان طرح دنيا جا ماڻهو ۽ فقير کاڌو پيتو ساڳيو ٿا کائن مگر انهن ۾ فرق اهو آهي ته فقير جي کاڌي مان ذڪر حق جو نور الاهي وحدانيت ۽ اثباتي جو گفتگو پيدا ٿي ٿئي. جنهن مان سوين ماڻهو فيضياب ٿين ٿا. جيئن موات مان ۽ ڪمند مان ڪيتريون ئي مٺيون شيون ٺهن ٿيون. مگر عام ماڻهن جي کاڌي مان زنا چوري ظلم خونريزي ۽ فساد ٿين ٿا. انهن مان گفتگو به خراب ٿئي ٿي. انهن جي کاڌي مان نفس طاقت ٿو وٺي ۽ شهوت وڌي ٿي. جيئن ٿوهر ۽ اڪ مان رڳو ڪوڙاڻ ۽ زهر ٿو پيدا ٿئي.
هرڻ به ٻن قسمن جا آهن. گاهه ۽ پاڻي به ٻيئي ساڳيو ٿا کائن. هڪڙي جي پيٽ مان ڀاڻ ۽ گندگي نڪري ۽ ٻئي جي پيٽ مان مُشڪُ ۽ خستوري نڪري جيڪو بادشاهن جي ڪم اچي. جنهنجو ذرو ڪچهري ۾ کلي ته سڄي ڪچهري ۾ هٻڪار ٿي وڃي.
عارف جي ڪچهري مان توحيد ۽ اثباتي جي گفتگو پيئي ٻڌبي جيڪا مُشڪ ۽ خستوريءَ مثال آهي. عامن جي زبان مان دنيا جي ڳالهه پئي هلندي جنهن مان دنيا جي ڌپ ۽ ڍونڍ پيئي ايندي. انهن لاءِ رسول اللهﷺ فرمايو آهي ته دنيا ڍونڍ ۽ ان جا طالب ڪتا آهن.
بيت
ڪُتو ڪرٽي هڏيون، تون جوان جگر کاءُ
الدنيا جيفته وطالبها کلاب هي ته هيئن سين لاءِ.
سڄڻ جي سڃاهه مون من مٿاهون ڪيو.

عامن ۽ خاصن ۾ اهو فرق آهي.