تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

فقير صاحب جو حليو ۽ پوشاڪ

فقير صاحب جسم ۾ قداور ۽ برجستو هو. منهن ويڪرو،کليل پيشاني، اکيون وڏيون ۽ سدائين نينهن جي نشي ۾ مخور هونديون هيون. سندن نڪ ڊگهو ۽ ڪنڍو هو. ڏند سفيد ۽چمڪندڙ. گفتگو دوران پر معنيٰ ۽ پر لطف جملا استعمال ڪندا هئا. سندن جسم الف اشباع وانگر سنئون سڌو هو.رنگ ڀورو هون. سندن محاسن مبارڪ جا وار رکيل هوندا هئا.
پوشاڪ گيڙوءَ جي مٿان الفي به گيڙوءَ جي پائيندا هئا.مٿي تي سائي يا اڇي رنگ جي ڪلاه پائيندا هئا. سلوار موڱي ۽ڪلهن تي گيڙوءَ رنگ جي چادر ڍڪيندا هئا. هٿن ۾ هڪ ٻه چانديءَ جا جون فيروزي ٻڙن واريون منڊيون پائيندا هئا. پيرن ۾ موچيءَ کان جتي ٺهرائي پائيندا هئا.
سندن گفتگو بظاهرته اڍنگي هئي، مگر حقيقت ۾ حق جي گفتار هئي،جيڪا عام ماڻهو سمجهي نه سگهندا هئا. مگر سندن حال جا واقف ته پري کان پنڌ ڪري اچي گفتار ۽ توحيد جي تلقين ٻڌندا هئا. سفر وقت هٿ ۾ هڪ ڊگهي ڳن سان نيزو کڻندا هئا، جيڪو مير علي نواز کين تحفي ۾ ڏنو هو.
روايت آهي ته هڪ دفعي پاڻ طالبن ۽ مريدن سان سفر تي نڪتا. کين هٿ ۾ اهو نيزو هو. رستي ۾ هڪ شخص کين ڏسي پڇيو ته سائين جن جو نالو؟ پاڻ چيائين ته الله ج. وري پڇڻ واري پڇيو ته رهو ڪٿي؟ پاڻ کيس ٻڌايائون ته ديڳ ۾. پڇڻ واري عجب مان چيو ته مار اسان نه پهتا سون. فقير چيس ته ابا دير سان آيو آهين. ائين چوندا اڳتي هلندا رهيا ۽ هو بيهي رهيو. پاڻ ڪجهه اڳتي ويا ته سندن طالب امين محمد فقير کانئن پڇيو ته قبلا هن شخص ڇا ٿي چاهيو توهان کيس ڪهڙا جواب ڏنا فقير فرمايس ته هن شخص مون کان سائين جن جو نالو پڇيو. مون کيس چيو ته سائين جن جو نالوالله جل شانه آهي. وري پڇيائين ته رهو ڪٿي. مون چيومانس ته رهو يعني شورو ديڳ ۾ هوندو آهي. مون ساڻ ته ڪونه آهي. جنهن تي هن چيو مار اسان نه پڳا سين. مون چيومانس ته جي تون ڀاڄيءَ تي نه پهتو آهين ته پڪ دير سان آيو هوندين. اُهو هو سندن گفتگو جو انداز. اڃا به اهڙا سوين مثال اٿن.