تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

شريعت طريقت حقيقت ۽ معرفت جي تشريح

شريعت ۽ طريقت ڇا آهي. شريعت گمراهيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ روشن چراغ مثل آهي. ان تي عمل ڪندي طالب ڪامل مرش جي امر تي هلي ته اها طريقت آهي. شريعت ۾ حلال حرام نيڪ ۽ بد جي سڃاڻ ٿئي ٿي. مگر طريقت سان هلندي جڏهن عشق جي شهر ۾ پهتو ۽ سڀ ڪجهه اکين سان ڏسندو ته اها حقيقت آهي. جڏهن ان شهر ۾ ويو ته شهر جو مالڪ ٿي پوندو. ان شهر ۾ ٽي ڏينهن رهندو اتي بيخودي جو دم هڻندو ان بيخوديءَ جي تختنگاهه ۾ اهڙو اثر آهي جو زمين ۽ وڻن مان هڪ ساڳي ٻولي پيو ٻڌندو.
سڀئي آدمي ان شهر جا حقدار آهن پر ڇا ڪجي جو شرالوسواس الخناس نفس خلق کي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي. ان نفس ۽ روح جون ٻه مختلف فوجان آهن جيئن ٻن بادشاهن جون سرحدن تي فوجون بيٺل هونديون آهن. ائين عام ماڻهن وٽ نفس جي فوج طاقت واري آهي. تنهن ڪري سندن روح ڪمزور آهي. جنهن ڪري سندن روح حق کي نٿو پهچي سگهي. جيڪڏهن ڪو لڪي دمن واري فوج کي زور وٺرائي ته نفس کي شڪست ڏئي وجهندو ۽ پاڻ اها ذات ٿي پوندو عشق جي شهر جو مالڪ پاڻ ٿي پوندو،
جڏهن عارف بيخودي جو نعرو هڻي ان محلات ۽ تخت کي ڇڏي ٻاهر نڪتو ته پريان معرفت جوسج اڀريل آهي. ان جو نالو معرفت آهي. عربيءَ ۾ مقوله آهي ته لَو ظهَرت الحَقَائِق ُبِظلمت الشرايع. يعني حقيقت ظاهر ٿي پيئي ته شريعت لڪي ويندي. شريعت مثال آهي ڏيئي جي جڏهن سج اڀريو ته ڏيئو ختم شرمسار ٿي ويندو بتي جي روشنائي اونداهي ۾ ڪم جي آهي مگر سج اڀرڻ کانپوءِ بتي ڪهڙي ڪم جي. جيستائين آدمي جسم ۽ نفس جو قيدي آهي تيستائين مٿس شريعت لاڳو آهي. جسم جي قيد مان نڪتي کان پوءِ ساڻس شريعت جو ڪوبه واسطو ڪونهي. پوءِ هو عين ذات آهي ذات حق بادشاهه آهي شريعت ڪوٽوار آهي. بادشاهه تي ڪوٽوار جو ڪهڙو حڪم هلندو. ذات نه هندو نه مسلمان

“الله نه سمون سومرو نڪي منجهان سيدن
وحده الشريک له جهڙو ڪونه چون”

جنهن پاڻ ته ان جو آخري نعرو انا الحق آهي جنهن پاڻ سڃاتوڳ ته ان جي آخري منزل هن آيت مطابق ياليتني کُنتُ تُرابا آهي.