فقير صاحب کي وصال حق حاصل ٿيڻ
اهو ٻڌي مست فيريون ڏيڻ لڳو جو سندس مٿي واري سر به ڪري پئي ۽ چوندو رهيو ته بيشڪ ٿيندو، بيشڪ ٿيندو جيئن توهان چاهيو ٿا انشاءَ الله تعاليٰ ائين ٿيندو. اهو ٻڌي فقير صاحب واپس هلڻ لڳو ته مست کين رات ترسڻ لاءِ چيو ۽ فقير به ترسڻ لاءِ راضي ٿيو. مگر اوچتو مست سيد جي نظر وڻ سان ٻڌل گهوڙيءَ تي پئي ۽ فقير کي چوڻ لڳو ته افسوس توهان سان ڦڪڙي ساڻ آهي. توهان ڀلي وڃو. توهان جو مقصد پورو ٿيندو.
فقير صاحب مست کان موڪلائي صدر جي ڀٽين ۾ لال بخش ڀٽيءَ وٽ اچي رات ترسيا. .فقير لال بخش ڳائڻ ۾ ڪمال رکندو هو. جيڪو صرف توحيد ئي ڳائيندو هو. ان دفي فقير صاحب لال بخش ڀٽيءَ کي ساڻ ڪري مرشد جي درٻار ۾ وڃي محفل ڪرائي محفل شروع ٿيڻ سان سندن طبيعت تي عشق الاهي جو اهڙو ته جزبو پيدا ٿيو جو پاڻ روبرو راڳ ٻڌي نه پيا سگهن ۽ بنگلي کان ٻاهر نڪري وڃي ويٺا ۽ اتان ڪلام ٻڌندا رهيا. محل ۾ احمد فقير ۽ شهمير فقير ڪلام ڳايا. آخر لقمان جو ويٺل عبدالرحيم فقير ڳائڻ شروع ڪيو. سندس پهرين ڪلام جو مطلع هو ته
“رخ رانجھن دا ڪعبه قبلا عشق دا ٻَڌ اِحرام ميان”
اُن ڪلام ٻڌڻ سان مٿن وجد طاري ٿي ويو. عارفن جو معراج آواز ڪلام ذريعي ٿيندو آهي ۽ ان طرح ئي روح عروج نزول ڪندو آهي. پاڻ ان وجداني ڪيفيت ۾ پَٽ تي سمهي پيا ۽ مٿن وحدانيت جو نشو طاري ٿي ويو.
سندن چوڻ مطابق ته، ان مدهوشيءَ ۾ ڏٺائون ته سيد الله اوباهيو شاهه اچي سندن مٿان بيٺو ۽ کين چوڻ لڳو مٿي ته نهاريو. .پاڻ جيئن جو مٿي نهاريائون ته ڪعبت الله شريف ۽ چوڏهن معصومن جا رضا ظاهر ظهور پيا ڏسجن. سڄي رات مدهوش رهيا صبح جو جڏهن بيدار ٿيا ته فقراءَ کان آواز ڪلام جو پڇيائون. کين ٻڌايو ته آواز ڪلام پورو ٿي ويو آهي. اهو ٻڌي پاڻ گهوڙيءَ تي چڙهي ڳوٺ روانا ٿيا مگر موڪلايائون ڪون. جان کڻي ڏسن ته سڄو فقراءُ سندن پويان پيو اچي. کين هادي بخش فقير عرض ڪيو ته سائين هنن کان موڪلايو ته سهي توهان لاءِ ٿا اچن. فقير صاحب جواب ڏنو ته هينئر مون کي ڪير به هٿ نه لائي پري کان ڀلي موڪلائين. سيد بخش علي شاهه جيڪو لقمان شهر جو ويٺل هو ۽ پڻ سيد محمد علي شاهه جو طالب به هيو. اهو ماڻهن کي چوڻ لڳو ته هن وقت فقير تي مستي جو حال آهي کيس ڪير به هٿ نه لائي. اسان جي هادي پاڪ سيد محمد علي شاهه کي به ساڳيو حال پوندو هو.
پاڻ اتان نڪري مراد جسڪاڻيءَ وٽ ڪوٽ ڏيجي ۾ اچي ترسيا ۽ ڪجهه وقت لاءِ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائون. سندن چوڻ مطابق کين مستيءَ جي حال ۾ ڏسي سيد الهه اوباهيو شاهه روحاني طرح مگرجيءَ کان سندن ڳوٺ تائين گڏ آيو ۽ پوءِ کانئن موڪلائي موٽي ويو. وڃڻ وقت ائين چيائين ته جيڪڏهن مان توهان سان گڏ نه اچان ها ته توهان مجذوبيت ۽ مستيءَ ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو ها. هاڻي ڳوٺ پهچي چڪا آهيو ۽ وجداني ڪيفيت به جهڪي آهي. سيد وڃڻ وقت کين تسلي ڏني ته توهان جلد الاهي عشق جو معراج ماڻيندئو. ان بعد فقير صاحب ماڻهن سان ميل ميلاپ ڇڏي ڏنو. ويهه ڏينهن ۽ ويهه راتيون هڪ جاءِ تي ويهي ذڪر ۾ مشغول رهيا.
آخر ايڪيهين رات سندن جسم ۾ سجود پيدا ٿيو. جاڏي به منهن هجين ته ان طرف سجدي ۾ ڪري پيا پون. ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄڻ ڪو شاه عاليجاه سندن اڳيان بيٺو آهي جنهن کي سجدو ٿا ڪن.ا ن رات جي پوئين حصي ۾ کين آواز ٻڌڻ آيو ته توکي حضرت علي المرتضيٰ جن جي دفتر ۾ داخل ڪيوسون علي فولاد تون پاڻ ۾ ته نظر ڪر. اهو ٻڌي سندن ظاهري اکيون ٻوٽجي ويون ۽ مٿن نينهن جو نشو غالب ٿي ويو. سندن چوڻ مطابق آسمان جي طرف هڪ صورت ظاهر ٿي.جيڪا کين چوڌاري نظر اچڻ لڳي. جا ڏي پيا منهن ڦيرائن تيڏانهن سندن سامهون ساڳي صورت پيئي ڦري. “فاينما تولو فثم وجه الله ” پيا ڏسن. ان حال ۾ سندن ننڊ ختم ٿي ويئي. پورو هفتو مٿن اهو وجد حال طاري رهيو. آخر هڪ ڏينهن سندن اک کلي، مئيخانه مان ٻاهر نڪتا. ٽپهريءَ جو وقت هو. پاڻ جيئن گهٽيءَ مان هلندا ٿي ويا ته سامهون سندن مرشد حضرت سيد محمد شاهه جي صورت کين ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ آئي جيڪو ڇهه سال اڳ دنيا مان رحلت ڪري چڪو هو. پاڻ جيئن سندن ملڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته کين فرمايائون ته آءُ ته هلون. ائين چئي سيد صاحب مٿي ڀر آسمان ڏانهن هلڻ لڳو مِشَما من راسِ من دون الا قدام . (حديث پاڪ) يعني آءُ مٿي ڀر آسمان ڏانهن ويس سواءِ پيرن جي. پاڻ به مرشد جي پويان هلڻ لڳا. تان جو آسمان مان پار ٿيڻ وقت ڪتاب جي ورق اٿلائڻ جيتري دير ٿي لڳي ائين ستئي آسمان لنگهي ويا. آخر ستين آسمان تي کين شاهه آعظم ذات حق پاڪ ويٺل نظر آين. ڏسڻ سان مرشد سميت ان ذات کي طواف ڪيائون. اهو سڀ ڪجهه روحاني طرح هو. “جسم برخاڪ وجان بر آسمان. يعني جسم زمين تي ۽ روح آسمان تي” طواف پورور ڪري سجدي ۾ ڪري پيا. ان وقت ساقي صاحب سان ترار جي اڌ جيترو رنگين ڳن سان هڪ خنجر هو. سجدي ڪرڻ وقت اهو خنجر اسان ٻنهي کي هنيائون ۽ اسان جا سر دڙ کان ڌار ٿي پيا. شاهي تخت جي ڀر سان شراباَ طهورا جو ڳاڙهي رنگ جو دُنگ ڀريل هو. ان مان اسان ٻنهي کي پنهنجي هٿ مبارڪ سان جام ڀري پياريائون. ايتري ۾ اسان ٻيئي زنده ٿي پيا سون. اسان وري سجود ڪيو ۽ وري اسان جا سر ڌڙن کان ڌار ڪيا ويا ۽ وري جام پياريا ويا ۽ اسان جيئرا ٿيا سون. ان طرح اسان سوين ڀيرا قتل ۽ سوين ڀيرا جيئرا ٿيا سون. (حديث پاڪ) لَوردت قُتِلَ فِي سبِيل الله“ ثُمّ احيا ثُمّ اقتل ثُمّ احيَا ثُمّ اقتل” ان جو نالو ملڪوت آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن به ان جاءِ جو بيان ڪيو آهي. ان جاءِ کي فنا في الشيخ چئبو آهي. جتي طالب مطلوب ۾ فنا ٿيندو آهي. پورو هفتو اتي رهيا سون. پوءِ اسان طواف بند ڪيو ۽ اڳيان ٿي بيٺا سون ته منهنجي وجود مان مون جهڙا ٻه شخص هڪ کٻي پاسي ۽ ٻيو سڄي پاسي نڪري بيهي رهيا. کٻي پاسي واري جي پوشاڪ پيلي رنگ جي، سڄي پاسي وارو ڪارن ڪپڙن سان هو. اسان حيرت مان کين ڏٺو ته هي ڪير آهن. ايتري ۾ خبر پئي ته پيلي رنگ جي پوشاڪ وارو ڪفر ۽ ڪاري پوشاڪ وارو دين هو. ان منزل جو بيان حضرت فقير غلام حيدر گودڙيه رحمته الله عليه هن طرح ڪيو آهي. ٿيا دين ڪفر ٻيئي دورديدان دوست اڙايون.
ان کان پوءِ سندن نظر مٿئين طبق تائين ويئي. جتي کين رف رف نظر آئي ان رف رف تي کين هڪ عظيم صورت ڏسڻ ۾ آئي جنهن کي هڪ ڀيرو طواف ڪيائون. ان جڳهه جو نالو مقاماَ محموداَ آهي. جنهن لاءِ قرآن ڪريم۾ آيل آهي ته فبعث اللهُ مَقَاما محمُودا. هن جاءِ جو نالو فان في الرسول آهي. اتي ٽي هفتا رهيا سون. بعد ۾ مٿي ويا سون جتي لوح محفوظ ڏٺوسين. ان ۾ پنهنجي عمر ڏٺي سون ته 63 ورهيه لکيل هئي. هن وقت اسان جي عمر 90 سال آهي. اهو اسان جي رهڻ جو اختيار آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن سان بادشاه راضي ٿيندو آهي ته پوءِ هو پنهنجي مرضي به هلائيندو آهي.
اتان اڳتي وياسون ته جنت الماويٰ ڏٺي سون. ان محلات جي چوڌاري چار ئي مغرب ملائڪ ويٺا هئا، اسان جو وڃڻ حضرت عزرائيل عليه السلام وٽان ٿيو. ان تي حضرت عزرائيل عليه السلام چوڻ لڳو: مار خدا جا مرد اهڙا به آهن جيڪي اسان کان به اڳتي ٿا وڃن. جيئن حضرت فقير غلام حيدر گودڙيه رحه فرمايو آهي
عاشق ويا اوڏهين جت جاءِ نه جبرائيل
محبت جي ميدان ۾، ماڳ نه ميڪائيل
آڌوتي اڳي لنگهيا، ڇڏي اڌ ۾ عزرائيل
غلام حيدر گودڙيا، نيا سڪ سبيل
اٺئي پهر عليل، عاشق گم الله ۾
جڏهن ان منزل کان اڳڀرو هلياسون ته عرش عظيم جو حاطو نظر آيو. عرش عظيم جو سمورو منظر حيرت ۽ عبرت جهڙو هو. جنهن جو بيان ڪري نٿو سگهجي. عرش عظيم جي ٻاهران روزازل کان اڄ تائين جا سڀئي عارف طواف ۾ مصروف آهن. طواف ڪندي سڀئي تسبيح ۽ تقديس ڪندا رهندا آهن. جنهن جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ آهي”حوله العرش يسبحون الملا ئکته“ انهن عارفن مان حضرت شيخ عطار رحمته الله عليه مون کي هٿ کان وٺي عرش عظيم جو طواف ڪرايو. جڏهن چوڌاري ڦيرو پورو ٿيو ته منهنجي نظر سامهون نوراني بحر تي پئي، ان ڏسڻ سان شيخ عطار رحمته الله عيله کان منهنجو هٿ ڇڏائجي ويو ۽ مان ان بحرنور ۾غوطو هنيو ٻاهر نڪتس ته ذڪر بند ٿي ويو. اسان جي لنئو لنئوءَ مان نعره انا الحق بلند ٿيو. منهنجو وجود ان وحدت جي درياه ۾ گم ٿي ويو ۽ مان خود درياءِ ٿي پيس.
“ قطره چون دريا فتاده نام قطره نا پديد
جملگي درياه شد گم قطره گرديدانوران”
يعني ڦڙو جڏهن درياءِ ۾ پيو تڏهن گم ٿي ويو ۽ درياه سان سمورو عين درياه ٿي پيو.
ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان ڪڇيان ته ڪافر
انهيءَ وائيءَ ور، ڪو سمجهي سچينڏو ڇوي
(سچل)
جر ٿر تِک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي
سڀئي شيءِ ٿيا. سوريءَ سزاوار
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهين
(سچل)
فقير صاحب جي انا الحق جي نعري هڻڻ تي ماڻهن جي مخالفت
جيئن ڪنهن جهنگ ۾ شينهن رهندو آهي ۽ لڪل هوندو آهي ته جانور مرون ۽ ماڻهو خاموش هوندا آهن، مگر جڏهن نڪري گجگوڙ ڪندوآهي ته سندن چوڌاري ڪانو، ڪٻريون، هيڙها ۽ ڦيڪاريون به ڦشري ڪري ڌاڙڌاڙ ۽ دانهون ڪري سڄي سنسار کي سجاڳ ڪندا آهن. ته متان هي شخص ڪنهن مهل ڪو حملو ڪري، ڪنهن کي نقصان نه پهنچائي وٺي. اهڙي طرح فقير عارف جي نينهن جو نعرو به شينهن جي گجگوڙ جهڙو آهي. جڏهن ڪو رند عارف پنهنجي منزل مقصود تي پهچي خود مقصود ٿي ويندو آهي ته پوءِ گداگر مان شاه ٿي پوندو آهي. اهو شاه ته ڪنهن جي جهل سان جهلجڻ جو نه هوندو آهي. هو پاڻ کي انا الحق جي اعلان وسيلي ظاهر ڪري وجهندو آهي. جيئن ان بادشاهه لم يزلي حضرت موسيٰ عليه السلام سان پاڻ کي وڻ مان ظاهر ڪيو هو ۽کيس هدايت ڪري فرعون ڏانهن موڪليو هئائين. ان ڳالهه کي هر هڪ عالم تسليم ٿو ڪري. مگر جيڪڏهن فقير عارف مان پاڻ ظاهر ٿو ٿئي ته دنيا سندس دشمن ٿيو پوي.
ماڻهو ته شاهه منصور حلاج کان به ڪونه مڙيا. ان کي به سوليءَ تي چاڙهي باهه ۾ ساڙيائون. شيخ عطار جو سر نيزي تي چاڙهيائون. شاهه سزمد جو سر ڪاٽيائون. ائين ڪرڻ سان مسندون برباد ته ڪون ٿيون. هو ته هميشه زنده ۽ تابنده آهن.
هڪ ڳوٺ ۾ جنهن جو مٿن عشق شهنشاهه جي عنايت ٿي ۽ منصوري مقام حاصل ٿيو ته ڳوٺ وارا سندن سخت مخالف ٿي بيٺا. ڪن ته جنگ کڻي جوٽي. کين خوف ٿيو ته متان ماڻهو ظاهري مڃوتيءَ وارن ماڻهن کان ڦري فقير جا پوئلڳ نه ٿي پون . ان ڪري هر هڪ ڪونه ڪو بهانو. بنائي شرارت شروع ڪئي. ڪن فقير تي ڪوڙا ڪيس ڪيا ته ڪن مٿن ڪفر جا الزام هنيا.
هڪ دفعي انگريزن جي مارشل لا واري وقت ۾ هڪ شخص فقير صاحب هي مئخاني جي لوڙهي ۾ ڏورواري بندوق لڪائي وڃي ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ فوج کي اطلاع ڏنو ته فقير چوريءَ جا هٿيار ٿورکي. مگر خدا جي قدرت جڏهن هو اتي پهتو ته اول ته هن کان تلاشي ورتائون ۽ تلاشي دوران هن جي کيسي مان هڪ خط نڪتو. جنهن ۾ فوج خلاف حُرن کي همٿائڻ ۽ ڀڙڪائڻ جو مضمون لکيل هو. چوندا آهن ته آيو شڪار لاءِ مگر خود شڪار ٿي ويو. يعني گرفتار ٿي ويو ۽ آخر سزا ڪاٽي واپس موٽيو .
هڪ دفعي فقيرجي طالبن لوڙهي مان ڪاٺيون ڪندي رکيل بندوق ڏسي ورتي اها بندوق کڻي اچي فقير صاحب کي ڏنائون، جيڪا مثيءَ ۾ ڪٽجي ۽ کاڄي ويئي هئي. جڏهن ان شخص کي بندوق لڀڻ جي خبر پيئي ته ڏاڍو پشيمان ٿيو. ڇو ته ان بندوق فقير کي نقصان بجاءِ خود رکڻ واري کي مارائي وڌو هو.
ڳوٺ وارن فقير صاحب کي اڻ ڳڻيون تڪليفون ڏنيون هيون ڪڏهن ته کين مارائڻ لاءِ به ماڻهو تيار ڪري موڪليائون. هڪ دفعي فوٽي چانگ، جيڪو هڪ ڌاڙيل هجڻ ڪري مشهور هو. ان کي انعام اڪرام جون لالچون ڏيئي. فقير جي مارڻ لاءِ تيار ڪيائون.
ان ڪري هڪ هن رات فقير جي مئخاني ٻاهران بيهي رائفل سان فقير صاحب تي فائر ڪيو، مگر قدرت جو ڪرشمو، جو نه آواز ٿيو ۽ نه گولي ٻاهر نڪتي.ناليءَ مان پاڻيءَ جا ٽيپا وڃي هيٺ ڪريا. ان وقت فقير صاحب رات جي پوئين حصي ۾ مراقبي ۾ ويٺا هئا.هن همراه ٻيو به فائر ڪيو، تڏهن به ساڳيءَ طرح سان ناليءَ مان پاڻي نڪتو. اهو ڏسي هي حيران ٿي ويو ۽ هي ڏڪڻ لڳو. سندس هٿ مان رائفل ڪري پئي. ڪِرڻ سان رائفل جي نالي ڏنگي ٿي ويئي. هي ويتر ڊڄي ويو ۽ خوف مان اتان ڊوڙندو وڃي پنهنجي دوست گهنڊ جي ويٺل سيباڻي شر وٽ پهتو ۽ کيس سموري حقيقت ٻڌايائين. جنهن تي سيباڻو خان شر هن تي ڪاوڙجي پيو ۽ کيس ڏاڍي تنبيه ڪيائين ته توکي جرئت ڪيئن ٿي جو اسان جي شر فقير کي مارڻ لاءِ هليو هئين. ان تي هن ٻڌايس ته، کيس ڳوٺ جي مولويءَ ۽ چڱن مڙسن تيار ڪيو هو ته هي هڪ لاغرض ماڻهو آهي ۽ پيرن فقيرن کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائي خدا ٿو سڏائي، ان ڪري ڪافر ماڻهو آهي. هن کي مارڻ ثواب جو ڪم آهي جنهن ڪري مان کين مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو هوس مگر پشيماني کانسواءِ ڪجهه حاصل ٿيو ئي ڪين. سيباڻو شر سمجهي ويو ته هن کي ڳوٺ وارن تيار ڪيو آهي ۽ فقير صاحب به معجزانه طور سلامت آهي، ان ڪري هن کي رات ٽڪائي موڪلي ڇڏيائين.روايت آهي ته هڪ دفعي ڳوٺ وارن فقير صاحب تي فرياد ڪيو ته فقير صاحب مسجد شريف جي بي حرمتي ڪئي آهي.ان وقت مختيارڪارالله بخش خاصخيلي هو. جيڪو ڪوٽ ڏيجي جو ويٺل هو. ان فقير صاحب ڏانهن حاضريءَ جو نوٽيس موڪليو، جنهن ڪري فقير صاحب سواري نه هجڻ ڪري اڳواٽ وريل داس هندو، جيڪو هيڊ منشي ۽ فقير صاحب جو طالب هو، وٽ رات وڃي ترسيو. صبح جو فقير صاحب ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته مختيار ڪار صاحب فقير کان پڇو ته ڇا توهان مسجد شريف جي بي حرمتي ڪئي آهي؟ فقير صاحب تي ان وقت مستيءَ جو حال هو. جواب ۾ چيائين: مسجد ڪنهن جي آهي، صاحب چيو: مسجد خدا جو گهر آهي. وري فقير پڇيس: مان ڪنهنجو آهيان،مختيار ڪار چيس :خلقيل ته توهان به خدا جا آهيو. تڏهن فقير چيس: جڏهن مسجد به خدا جي ۽ مان به خدا جو ته پوءِ هنن فريادين تي ڪهڙو بار پيو آهي.جو مون تي فرياد ڪيو اٿن. تنهن تي مختيارڪار چيس: تون اڍنگا جواب ٿو ڏئين. تون ته سزا جو لائق آهين. فقير چيس: اگر اختيار هجيس ته هندو به سزا ڏيئي ٿوسگهي پوءِ ته مسلمان ۽ هندوءَ ۾ ڪهڙو فرق ٿيو. افسوس جو توهان هنن شرپسندن ماڻهن جي غلط بيانيءَ کي صحيح ٿا سمجهو. مان اهل علم، اهل ذڪر، خرقه پوش طالبن وارو ماڻهو آهيان. هي ڪم ته هڪ جاهل ۽ غير مسلم ماڻهو به نه ٿو ڪري سگهي، مان ڪيئن ڪندس.
مگر صاحب ٻڌي ڇڏ ته علم ٻن قسمن جو آهي. (1) علم ظاهري(2) علم باطني. توهان ۽ هنن ماڻهن ظاهري علم ته پڙهيو آهي. هي سڀ باطني يعني روحاني علم کان جاهل آهن. ان مان معلوم ٿيو ته جسماني بصيرت هوندي به توهان جي روحانيت انڌي آهي. اهو ٻڌي مختيارڪار فقير صاحب کيس ڪيس مان بري ڪيو فريادين کي متنبهه ڪيو.
هڪ دفعي ڳوٺ جي مخالفن فقير تي فرياد ڪيوته هي دين اسلام کي گاريون ٿو ڏئي، حالانڪه فقير صاحب خود دستار بند عالم فقيه ۽ علم حديث ۾ ماهر هو. آخر فقير صاحب ڪورٽ ۾ ويو ۽ کائنس پڇا ٿي جنهن تي فقير صاحب ڪجهه ٻڌائڻ بجاءِ ڪورٽ ۾ جاڏي ڪاڏي نهارڻ لڳو۽ چوڻ لڳو ته ڪورٽ ۾ مان جوابدار ته پهتو آهيان فريادي به شاهدن سميت آهن مگر جنهن دين کي مون نقصان پهچايو آهي سو ڪٿي آهي. ان کانسواٰءِ اوهان ڪيس ڪيئن ٿا هلايو؟
مختيارڪار اهو ٻڌي في الحال ته سوچڻ لڳو ته واقعي دين پاڻ ته انساني صورت ۾ موجود نه آهي جو جوابدار مٿس جرح ڪري. مگر پوءِ چيائين: دين ته اسلام جو نالو آهي. ان کي انساني صورت ۾ ڪورٽ ۾ ڪيئن ٿو آڻي سگهجي. ان ڪري توهان تي هڪ سئو روپيه ڏنڊ آهي، جيڪو فقير صاحب ڀري ڏنو.
ٻي روايت ۾ آهي ته ڳوٺ جو ملان. جيڪو فقير صاحب جو سخت مخالف هو ان جي شخصي دوستي هئي رياست جي وڏي وزير حسن جان پٺاڻ سان. ان وٽ ملان شڪايت کڻي ويو ته فقير شريعت جي سخت خلاف آهي ڪفر جا ڪلمان ٿو چوي من خدايم جا نعره ٿو هڻي. حسن جان پٺاڻ پاڻ به ملان ماڻهو هو تنهن ڪري کيس جوش آيو ان ڪري هن حڪم جاري ڪيو ته فقير صاحب کي سخت سزا ڏني وڃي. اهڙو حڪم نامون وٺي ملان هٿو هٿ اچي گل حسن پٺاڻ ۽ محمد ابراهيم پٺاڻ جن کي ڏنو. جن هڪدم تعلقي ميرواه جي پوليس آفسيرکي حڪم ڪيو ته فقير کي گرفتارڪيو وڃي.ان وقت پوليس آفيسرسيد محمد شاهه آڳڙا شهرجو ويٺل هو. اُن صاحب فقير صاحب تي هڪ فاحش عورت کي زوريءَ زنا جي ڪيس ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. مگر ان عورت زور ڀريو ته کيس فقير ڏيکاريو جيئن ڪورٽ ۾ کيس سڃاڻي سگهان. ان ڪري فقير کي مائيءَ جي روبرو ڪيائون . ان وقت فقير صاحب جي عمر 50 سال هئي. جڏهن هن عورت پيرسن فقير الفي پوش ۽ سفيد ريش کي ڏٺو ته دانهون ڪري چوڻ لڳي ته آءٌ گنهگار ضرور آهيان مگر مون کان هي نه پڄندو جو فقير هڪ پيءُ جيترو آهي ۽ گيڙوءَ پوش ۽ سفيد ريش آهي ان تي مان نا حق الزام مڙهيان.
صوبيدار مجبور ٿي وزير کي چيو ته سائين هيتري ڪوشش باوجود فقير تي ڪوبه ڪيس نه ٿو بيهي. ڪيئن ان پيرسن فقير کي گرفتار ڪريان. اهو ٻڌي وزير وري حڪم ڪيس ته فقير کي هٿرادو تر جا زميدار شاهد بيهاريو ته فقير پاٿاريدار آهي. چوريون ٿو ڪرائي. ان تي صوبيدار کي اهڙا خوشامدڙيا ماڻهو ملي ويا جن سندن چوڻ تي فقير صاحب تي ساک کڻي بيان ڏنا ته فقير چورن جو مک ۽ اسمگلر به آهي جيڪو جوڌپور جيسلمير مان مال آڻي ڪچي موڪليندو آهي. جنهن کانپوءِ فقير کي چالان ڪري موڪليائين. ان وقت ڪورٽ گمبٽ ۾ هئي ۽ جج صاحب الله بخش ڀرڳڙي هو. ڪيس هليو ۽ ماڻهن ڪورٽ ۾ به ساڳيا بيان ڏنا. هنن سڀني ظاهري حاڪمن کي خوش ڪرڻ لاءِ عاقبت جو خوف وساري ڇڏيو.
آخر فقيرصاحب کي جج چيو ته توهان شاهدن تي جرح ڪريو. مگر فقير صاحب جج صاحب کي چيو ته جڏهن توهان فيضگنج ۾مختيارڪار هئا ۽ مان به فيض گنج ۾استاد هوس توهان منهنجي اسڪول ۾ به آيا هئا. ڪڏهن منهنجي شڪايت توهان کي ملي هئي يا توهان ڪجهه مون کي غلط محسوس ڪيو هو. هن وقت ته مان پيرسن آهيان. مگر توهان جي سامهون هنن مخالفن مون تي الزام هنيا آهن. توهان ڀلي بالا حڪام ۽ هنن ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ سزا ڏيو.اهو ٻڌي جج صاحب کين ٻارهن مهينا سخت پورهئي سان سزا ڏني. فقير صاحب کيس چيو ته حضرت يوسف عيله السلام کي به ماڻهن ڪوڙا الزام هڻي جيل موڪليو هو مون کي به اهڙي يوسفي سزا قبول آهي. مگر الزام ڪوڙا آهن. اسان عشق الا هي قبول ڪيو آهي پوءِ محبوب جي هٿان اهو بدلو ٿو ملي ته اکين تي آهي.
فقير صاحب کي گمبٽ جيل موڪليو ويو. جن ماڻهن صاحب تي بيان ڏنا هئا اهي موٽندي ريل گاڏيءَ جي فرسٽ ڪلاس ۾ ڀلجي ويٺا، جنهن تي ريل جي عملي کين گرفتار ڪري ٽي ڏينهن جيل ۾ رکيو ۽ هر هڪ تي ويهه ويهه رپيا ڏنڊ به وڌائون. هوڏانهن ان جج صاحب جي گهر کي کاٽ لڳو ۽ ان ساڳئي رات سندس 2500 ( ٻه هزار پنج سئو جو سامان چوري ٿي ويو جنهن تي جج صاحب پشيمان ٿيو ته هڪ بزرگ فقير کي سزا ڏيڻ ڪري مون کي به خدا سزا ڏني آهي. مگر بعد ۾ فقير کي پڪي جيل ڪوٽ ڏيجيءَ موڪيلو ويو جتي فقير صاحب کي پنج مهينا قيد ڪرڻ بعد کيس سزا معاف ڪري آزاد ڪيو ويو.
نائب وزير گل حسن پٺاڻ جيڪو پاڻ کي شريعت جو پابند سمجهندو هو ان جو پٽ آغا غلام نبي پٺاڻ پيءُ سميت فقير جي ملاقات لاءِ آيا ۽ کين گل حسن پٺاڻ چوڻ لڳو ته توهان الله سڏايو هو هاڻي استغفار پڙهو ته بخشش ٿئوَ.
فقير صاحب کيس چيو ته اسان سواءِ ساهي جي الله جو ذڪر ڪيو هو. ان ذڪر جي عيوض هتي پهتا آهيون. هاڻي اسان الله جي نالي وٺڻ کان به توبه ٿا ڪريون ۽ هي فارسي بيت پڙهيائون :
مطلوبہ نہ طلبیم کہ طلب حرام است
اللہ نہ گوئیم کہ در شرک بہ مانیم
يعني، اسان ٻيو مطلوب نٿا گهرون ڇو ته ٻي گُهر حرام آهي. الله ٻيو نه چونداسون ڇاڪاڻ ته شرڪ ۾ پونداسون.
آخر گل حسن پٺاڻ کي مير علي نواز. علي بخش چانڊئي کان سخت ڌڪ هڻايائين. سندس مٿو فاٽي پيو.
جڏهن گل حسن پٺاڻ فقير صاحب جي ملاقات تي آيو ته فقير صاحب کيس ائين نه چيو ته تون به خوش نه ٿي ته هڪ صوفي فقير کي سزا ڏيڻ سان تصوف بند ٿي ويندو. خود تنهنجي پٽ غلام نبيءَ کي تصوف ۾ آڻي کيس گيڙو پارائينداسون. هن وقت توکي صوفي لفظ کان نفرت آهي مگر اڳتي به تولاءِ سزا تيار آهي.
ان تي غلام نبيءَ پٺاڻ پيءُ کي چيو ته بابا قهر درويش برجان خويش يعني فقير تي ظلم ڪرڻ پاڻ تي ظلم ڪرڻ جي برابر آهي.
هڪ هفتي کان پوءِ آغا غلام نبي درازن ۾ وڃي سخي قبول محمد اول جو طالب ٿيو ۽ پوشاڪ گيڙوءَ جي پاتائين. سندس پيءُ ڏاڍو سمجهايس مگر ڪجهه به نه هليس.
هڪ دفعي آغا غلام نبي شراب جا دُنگ ڀرائي اچي فقراءٌ جو نذر رکيو. هن کي نه پئسي جي ڪمي هئي، نه وري ڪو روڪڻ وارو، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ وزير هئو. پاڻ به فقراءٌ سان شراب خوب واپرايائين. اوچتو گل حسن وزير ميلي ۾ اچي پٽ جو حال ڏٺو. ڏک سهي نه سگهيو ۽ دل جو دورو پئجي ويس ۽ مري ويو.
هوڏاهن وزير ابراهيم به سکيا ڏينهن ڪونه ڏٺا. مير علي نواز خان خود به تصوف جو قائل هو ۽ فقير صاحب جو طالب به ٿيو هو. مير علي نواز کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن سندس آفيس ۾ پاڻ روبرو هلي آيو ۽ کيس آفيس مان مٿي ۽ پيرين اگهاڙو ڪري ڪڍيائين ۽ وڃي اسٽيشن تان گاڏيءَ ۾ چڙهيو. مير صاحب اڙدائن کان لعنتون ڪرايس. ان حالت ۾ هي ڳوٺ پهتو ۽ پهچڻ شرط هن هيرو کاڌو ۽ مري ويو. اهڙي طرح سندس عاقبت خراب ٿي. چوندا آهن ته ڊڄ فقيردي مار ڪنون. جنهن دي لفظ تکي تلوار ڪنون.
فقير صاحب مئيخاني ۾ ڪجهه شاگردن کي پاڻ وٽ رهائي،کين عربيءَ فارسي جي تعليم ڏيندا هئا ۽ وٽس علم ڏسي ماڻهو فيض وٺڻ لاءِ گڏ ٿيندا ويا. اهو ڏسي ڳوٺ وارن کي حسد ٿيو. ان ڪري هڪ ماڻهو موڪلي کيس چيائون ته تون فقير تي ڪو بهانو تيار ڪري اچ ته جيئن مٿس ڪو ڪيس ڪري سگهون. جيئن ماڻهن جو توجهه هٽائي سگهجي
اهو ٻڌي اهو ماڻهو فقير صاحب وٽ آيو ۽ موٽي ويو. جمعي جو ڏينهن هو. جمعي نماز تي وڃڻ ڪري هن. مسجد ۾ وڃي ڌاڙ گهوڙا ڪئي ته ههڙو قهر جو فقير فولاد علي رحمته الله مسجد ۾ قرآن شريف تي چڙهيو ويٺو هو ۽ قسم کڻي اها ڳالهه ڪرڻ لڳو.
اهو ڏسي ان پيش امام سان گڏجي ٻئي صبح جو ٺري ميرواهه جي مختيارڪار گيهي رام هندوءَ وٽ وڃي فرياد ڪيائون ۽ سزا ڏيارڻ لاءِ صاحب تي سياسي زور بار به وڌائون. آخر فقير ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. مختيارڪار فقير کي فقيري پوشاڪ ۾ ڏسي اُٿي بيٺو ۽ فقير کي ويهڻ لاءِ ڪرسي ڏنائين. مختيارڪار ان ملان کي چوڻ لڳو ته افسوس آهي جو ههڙو فقير آهي ته به اوهين نه ٿا مڙو. هي فقير جيڪڏهن هندو ساڌ به هجي ها ته اسان مٿس سر قربان ڪريون ها. هي ته اوهان جو مسلمان فقير آهي. موکي پڪ نٿي پوي ته هن فقير ڪا قرآڻ پاڪ جي بي حرمتي ڪئي هوندي. آخر هو هڪ ماڻهوءَ کي مڻ بصرن جو ڏيئي شاهدي لاءِ وٺي آيا مگر فقير جي سامهون اهو به ڦري ويو.
آخرمختيارڪار فقير صاحب کان پڇيو ته سائين جو نالو؟ پاڻ چيائون ته الله، وري پڇيائينس ته توهان جي عمر ڪيتري آهي؟ پاڻ چيائين ته عمر جو آند پاند ئي ڪونهي. عمر اُن جي ليکبي آهي جنهن تي موت هجي. آءُ ته هميشه حيات آهيان. وري فقير کان پڇيائين ته ڇا ڪندا آهيو؟ فقير چيو ته آءُ ماريندو جياريندو آهيان ۽ ٻئي جهان هلائيندو آهيان.
مختيارڪار سمجهو هو، تنهن چيو ته فقير تي هن وقت ايڪانت ۽ ويدانيت جو جوش آهي. هن وقت فقير کي تڪليف ڏيڻ ايشور سان اهنج ڪرڻ جي برابر آهي. ٻي تڪليف کان بچائي فريادين کي ٽارڻ لاءِ فقير صاحب تي ٻه روپيه ڏنڊ وڌائين جيڪي فقير صاحب ڀري ڏنا.