تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

مذهب ڇا آهي

بيت

مرا از قيد مذهبها برون آورد عشق او،
که چون خور شيد طالع شهد نهان گردند کوکبها

مون کي مذهبن جي قيد مان عشق ٻاهر ڪڍايو . جڏهن سج اڀريو ته ستارا ڇپي ويا.
جنهن جسم مان نڪري معراج ڪيو تنهن کي نه قبر محشر جو خوف نه دوزخ جو ڀوءُ نه بهشت جي اميد هوندي.
معراج جو رستو ڪو بند آهي ڇا، سنڌو بئراج انگريزن ٺاهيو هو سا پل به اڄ تائين آهي. ان تان اڄ تائين سڀڪو ٽپي ٿو. جيئن ان پل تان ٽپن جي ٽئڪس آهي تيئن هن معراج واري پل تان ٽپڻ لاءِ دم ڏيڻا پوندا آهن. جيڪو دمن جي ٽئڪس نه ڏيندو تنهن کي به آسمان ڏي لنگهڻ ڪونه ڏيندا. هي معراج جو رستو اصل دين الله ۽ اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَؕ. آهي. هن رستي وارن لاءِ سخت ڏک ۽ تڪليفون آهن جنهن ڪري مسلمان نماز وارو رستو اختيار ڪيو ڇو ته صبح جي نماز بعد اڍائي پهرالله ڏي وجهائين به ڪونه مگر هن معراج واري رستي ۾ فوت النفاس قتل الانبياءَ دم قضا ڪرڻ نبين کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي. اهڙو سخت حڪم آهي. جنهن ڪري عام اهو رستو ڇڏي ويا. مذهبن وارن وڃي اڙون ورتيون. هت به سٺا کاڌا ۽ مزا ورتائون ۽ آخرت ۾ به بهشت جا آسرا رکيون ويٺا آهن مگر ڪنهن به مذهب واري الله اثبات نه ڪيو.
حقيقي مسلمان اهوآهي جيڪو موتو قبلل انت موتو ٿئي يعني مرڻ کان اڳي مري. جيئري مرڻ واري مدت جي پويان حياتي آهي. عزرائيل. واري موت جي حد تحت الثريٰ آهي محبوب جي هٿان مرڻ سان نئين حياتي ملندي آهي. ان جي رهڻ جي جاءِ عرش برين آهي هو عزرائل کان لکين ڪوهه پري هليو ويو فقيرن ساهه ورتو به الله کان هو ته وري موٽائي به الله کي ڏيندا،
عام ماڻهو الله کي ساهه موٽائي ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿا. ان ڪري الله عزرائيل هٿان انهن کي گهرائي ٿو. جيڪو موچڙا هڻي وٺي ٿو وڃي.
آدمين کي الله هيءَ جسماني وارو دوڪان مسواڙ تي ڏنو هو. هو وري پنهنجو سمجهون ويٺا آهن الله کي مسواڙ به ڪونه ڏنائون. مسواڙ آهي عبادت الاهي سان به نه ڪيائون ان وجود واري دوڪان ۾ الله دمن واري روڪڙ رکرائي هئي ۽ حڪم ڪيو هئائين ته اها دمن واري روڪڙ منهنجي نالي تي هلائجو. هنن اها روڪڙ پنهنجي ڏيوالي نفس کي اوڌر تي ڏيئي ڇڏي ۽ عيش عشرتن ۽ ننڊن ۾ کپائي ڇڏيائون. پوءِ سڃو نڀاڳو نفس هضم ٿيل رقم ڪٿان ڏئين. گذريل دم ڪو وري ايندا ڇا. انهن کپايل دمن جي اڳاڙڻ لاءِ عزرائيل کي حڪم ملندو ته ان ڪُپتئي کي قيد ڪري في النار جهنم ۾وڃي ڇڏيوس. پوءِ اهو: قالُو يا وَيلَنا پيو چوندو ته ڌڻي منهنجا هن عذاب کان ته خاڪ ڪري ڇڏ.
مثال ۾ عام مشهور آهي ته مٽيارين جي شهر جي کوهه ۾ ٻلو ڪري پيو. ماڻهن وڃي قاضي کي ٻڌايو ته سائين کوهه ۾ ٻلو ڪريو آهي هاڻي ڇا ڪريون. قاضي چين ته کوهه مان سَوُ (100) دلا پاڻي ڪڍو پوءِ کوهه حلال ٿيندو. ماڻهن اهو پاڻي ڪڍيو پر ٻلو ڪونه ڪڍيائين ٻن ڏينهن کانپوءِ قاضي کوهه وٽان اچي لنگهيو ۽ کوهه ۾ ڏٺائين ته ٻلو پاڻي ۾ سڄو پيو آهي. پوءِ ٻلو ڪڍرايائين ۽ وري پاڻيءَ جا سَوُ دلا ڪي رايائين. تنهن کان پوءِ کين پاڻي پيئڻ جي اجازت ڏنائين.
مطلب ته رب العلمين آدمين کي چيو هو ته دل جي کوهه مان نفس جو ٻلو وَالذکُر رَبکَ فِي نَفسِکَ سان ٻاهر ڪڍجو. مسلمانن ان ٻلي نفس کي دل مان ڪڍيو ئي ڪونه ٻاهران تسبيحون پڙهيون پيا شوڪارين. دل کي ذڪر سان ٻلي نفس جي وسواسن کان صاف نه ڪيائون. جيڪو مِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ الْخَنَّاسِﭪ(۴)الَّذِیْ یُوَسْوِسُ فِیْ صُدُوْرِ النَّاسِۙ آهي سو دل جي کوهه ۾ پيو آهي. باقي مسلمان رڳو پيا ٿا مذهبن تي وڙهن، سڀڪو پنهنجي مذهب کي پيو پڏائي. وڙهندي عمريون گذري وين دمن وارو روڪڙو وڃائي ڇڏيائون.دوڪان ڦٽائي برباد ڪري ڇڏيائون وَهَوَ مَعَکُم اَينَمَا کُنتُم وَ نَحْنُ اَقْرَبُ اِلَیْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِیْدِ فَاينَمَا تُوَلُو فَثُم وَجه الله وارو الله نه سڃاتائون.جيڪڏهن هر هڪ دم سان ذڪر ڪن ها ته الله اکين سان ڏسن ها. القرآن. ان الله الشتريٰ من المومنين. يعني الله مومنن کان دم ۽ مال خريد ڪري ٿو ۽ عيوض ۾ بهشت عطا ٿو ڪري. مومن ٻنهي جهانن ۾ زنده آهي. المومن حِيَ في الدراين. وَ لَا تَقُوْلُوْا لِمَنْ یُّقْتَلُ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ اَمْوَاتٌؕ-بَلْ اَحْیَآءٌ وَّ لٰكِنْ لَّا تَشْعُرُوْنَ(۱۵۴) جيڪي خدا جي راهه ۾ ماريا وڃن ٿا تن کي مئل نه چئو پر هو جيئرا آهن پنهنجي پالڻهار وٽ مگر توهان کي خبر نه آهي جن جو دم ذّڪر کان خالي نه آهي انهن تي موت آهيئي ڪونه.
الله سائين جيڪو مال ٿو خريد ڪري اهو مال به نفس آهي جيڪو پٽن کان وڌيڪ پيارو آهي ان کي ذوالجلال جي اڳيان موليٰ علي عليه السلام جي هٿان قربان ڪرائي پوءِ رت جي درياهه مئون طالب تڙ ڪندو پوءِ هڪ سر ڏيندو ته ٻيو ملندس اهو سر به محبوب خنجر سان لاهيندس لکين ڪروڙين ڀيرا پيو ڪسندو ۽ جيئرو ٿيندو. هر دفعي ڪسڻ سان جام مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًاۚ پيو پيئندو. پوءِ انا انت فَاينَ اِني. يعني مان ته تون آهيان، مان ڪٿي آهيان. مان تون ۽ تون مان ٿي پوندو. عبديت وارو غير ختم ۽ گم ٿي ويندو. جيڪو هيو سو ٿي پوندو. صفات ۾ ذات ۾ ملي عين ذات ٿي پوندي صفات عدم ٿي ويندي. رسول الله ﷺ معراج واري جاءِ تي فرمائن ٿا ته لوا قتل في سبيل الله ثم احيا ثم اقتل. ثم اقتل ثم اقتل. مومنن لاءِ جيڪو بهشت جو انجام ڪيو ويو آهي سا مخفي ڳالهه آهي. بهشت آهي ذوالجلال جو سدائين ديدار پوءِ قيامت تائين اهو ديدار بند ٿيڻو ئي نه آهي. سرڪار جو چوڻ آهي ته بهشت به هڪ اوٽ آهي بهشت ته سندس ديدار آهي بهشت جي مالڪ جو ديدار ڪو بهشتن کان گهٽ آهي ڇا؟ اهو ديدار اڪبراعظم بهشت آهي حضرت رسول ﷺ عقبيٰ جي طالبن کي مئونث يعني مادي سڏيو آهي. الله جي طالبن کي پاڻ مذڪر يعني مرد سڏيو اٿن. اهو مئومن مرد مردانو آهي مومن جو روح ذات حق روح الاعظم ۾ ائين ملي هڪ ٿي وڃي ٿو جيئن درياهه ۾ ڦڙو ملي هڪ ٿي وڃي جيئن سج جون راسيون سج سان ڳنڍيل هونديون آهن. مومن به الله سان ائين ڳنڍيل هوندو آهي. حديث ۾ آهي ته روح االمومن الا تشد اتصالا به روح الله .مومن ۽ موحد اهو آهي ته جيڪو الله ۾ محيط ٿيل هجي ۽ ڪوبه دم خالي نه ڪري. هر هڪ دم اسم اعظم سان هلائي دم ۽ اسم اعظم سان سيني ۾ نظر ۽ خيال هجيس. اسم وارن لاءِ قرآن فرمايو آهي ته یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوا اللّٰهَ ذِكْرًا كَثِیْرًاۙوَّ سَبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًا. ذڪر جو ڪمائڻ ماٺ سان ٿيندو آهي. گفتگو گهٽ ڪري مگر خيال ذڪر ۾ هجيس قرآن ڪريم ۾ بار بار صبر جو تاڪيد ٿيل آهي. جڏهن ماڻهو اندروني طرح صبر ۾ هوندو ته صبر به ڪندو. مَن لاَ صَبَر لَه لا اِيمانَ له جنهن کي صبر نه آهي تنهن کي ايمان ڪونهي. راحته الانسان في حفظ السان.انسان جي راحت زبان جي حفاظت ۾ آهي. من صَمت نجيٰ. جنهن ماٺ ڪئي سو آزاد ٿيو. انسان جو مرتبو زبان جي حفاظت ۾ آهي.
بيت

لب به بندو گوش بندو چشم بند. گرنه بيني ذات حق برمابخند.
چپ ڪن ۽ اکيون غير الله کان بند ڪر. پوءِ جيڪڏهن ذات حق جو جلوو نه ڏسين ته اسان تي کلئون ڪجانءِ
اڳين نبين تي نماز پنجاهه وقت ۽ سٺ روزا ۽ زباني ذڪر مقرر هئا. جڏهن حضرت رسول الله ﷺ ٻنهي جهانن جي بادشاهي تي ويٺو ته پنهنجي نئين آئين جو اعلان ڪيائين. پهريائين رسول الله به اڳين نبين جي پيروي پي هلائي. هڪ ڏينهن پاڻ مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز جماعت سميت پڙهيون اوڀر منهن ڪيون ويٺا هئا ته اوچتو وٽن اوپرو ماڻهو آيو. جنهن جي اچڻ سان ڪچهري وارن نشي جو پرتو پئجي ويو. هو اچڻ سان رسول الله ﷺ جي گوڏن تي هٿ رکي اچي ويٺو. پاڻ به گوڏا ڀڃي ويٺو. گهڻي تائين پاڻ ۾ روحاني گفتگو ڪيائون. اها روحاني گفتار پاڻ ڪريم جن سمجهن پيا ٻيا ڪونه پيا سمجهن پوءِ اهو پيغام مڪمل ڪري هليو ويو. مسجد مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ غاعب ٿي ويو. پوءِ جڏهن جماعت تان هيبت لٿي ته محبوب مصطفيٰ کان پڇيائون ته آقا اهو ڪير هو. حضرت رسول ڪريم ﷺ جن ٻڌاين ته اهو اخي جبرائيل عليه السلام هو جيڪو پيغام کڻي آيو هو. هيءَ ڳالهه مشکوات شريف مان ورتل آهي حضرت رسول ڪريم ﷺ جن اها ڳالهه عام ماڻهن جي سمجهڻ لاءِ جبرائيل جو اولو ڪري بيان ڪئي آهي نه ته هو لم يزل بادشاهه پاڻ هو. ان کانپوءِ سچن طالبن کي ٻڌايائين ته جبرائيل عليه السلام چئي ويو آهي. انهن کي هي چار ذڪر سمجهاءِ جيڪي مون گنبذ مان ٻڌا آهن ته هي محمد ڪريم ﷺ کي چئو ته پنهنجن سچن طالبن کي چوي ته هي چار ذڪر دم سان ڪمائين ته جيئن مون وٽ اچن. اهو گنبذ مون کان مٿي آهي.
پوءِ اهي چارئي ذڪررسول الله ﷺ خاصن مسلمانن کي سمجهايا. عامن کي زبان سان ذڪر ڪرڻ ۽ خاصن کي دم سان ذڪر ڪرڻ جو حڪم ڪيائون. جنهن ڪري خاص الخاص اڄ تائين ان ذڪر وسلي عرش عظيم تي پهچن ٿا. قرآن ڪريم ۾پڻ ارشاد آهي ته اِنَا نَحنُ نَزلنا الذکرَ واِنا لَه لَحَافِظُون. اهي چارئي ذڪر حضرت رسول الله ﷺ جن تي نازل ٿيا. جن لاءِ الله پاڻ چوي ٿو ته انهن ذڪرن ۽ ذاڪرن جو مان پاڻ نگهبان آهيان. جو اڄ تائين اهو فيض آسماني هلندو پيو اچي جنهن مان فقيرن عارفن کي معراج ٿو ٿئي. ان ذڪر جي وسيلي صادقن فقيرن کي قيامت تائين اهو معراج ٿيندو رهندو. قلبي ذڪر وارن لاءِ اهو انعام آهي زباني ذڪر وارن لاءِ ناهي.
جنهن گنبذ مان جبرائيل عيله السلام آواز ٻڌي پيغام کڻي ايندو هو اسان چاليهن ورهين کان اتان اچون وڃون ٿا.جيترو پنڌ دنيا کان اهو گنبذ پري آهي اسان جي منزل ان گنبذ کان اٺوڻ پنڌ پري آهي. اتي ٻيو آسماني ملڪ آهي جنهن جي ڪابه حد ڪانهي آسمان ۽ عرش هيٺ آهن اسان جي رهت لکين ڪوهه پري آهي. اتان رات ڏينهن اچون وڃون ٿا. جيئن ماڻهو هتان آسمان کي ڏسن ٿا.اسان ائين هتئون سڀ ڪجهه ڏسون ٿا. اسان جڏهن چئني مالائڪن جبرائيل، اسرافيل، ميڪائيل ۽ عزرائيل وٽان لنگهندا آهيون ته عبرت وٺندا آهن ۽ چوندا آهن ته مار مرد هي آهن جيڪي اسان کان به اڳتي لنگهيا ٿا وڃن. اسان جيڪڏهن وار جيترو به مٿي چرون ته پر سڙي وڃن.
عزرائيل عليه السلام جي اک ته اهڙي آهي جو دنيا جا غوث قطب ۽ پير ڏسن ته کرڙيون هڻي مري وڃن، اسان ته مڇ ئي نه ڇڏينڊيسين. اسان کي درياه اعظم جي ڇڪ کنيون ويندي آهي ان ڪري هنن تي نظرئي نه ويندي ۽ نه اک ٻڏندي آهي ٻه سال اسان ان رستي سان ايندا ويندا رهياسين. ڇو ته ملڪ ملڪوت جي حد پورب ڏي پاسيري آهي. جبروت ان کان اوڀر طرف لاڙون آهي. لاهوت وري اڃا اوڀر آهي. بيحد ملڪ وري. انهن کان ٻئي پاسي آهي. ان ڪري شاهه اعظم اسان کي سڌ ڪرائيندو آهي. ۽ حجاب جا پردا ڦاٽي آهن. ان ڪري اسان جو اچڻ وڃڻ سڌو ٿيندو آهي. اڃا ڪي راز جون ڳالهيون آهن جيڪي ڪرڻ جهڙيون نه آهن. ان طرح ٻارهن مهينا لا ابالي گفتار هنن نفساني ڪنن سان ٻڌندا ۽ اکين سان ڏسندا هئاسون. معراج ڪئي کان پوءِ به ٻارهن مهينن تائين مدهوش هئاسون ۽ ماڻهن جو ڳالهائڻ نه وڻندو هو. اڃ بک ٻيئي ڇڏي ويون. پوءِ معرفت ۾ گهڻي رهڻ بعد ٿورو گهڻو کاڌو وڻيو پوءِ درجي بدرجي معدي کي هيرايوسين.
آباد شهر ۾ پڙهندا هئاسين اُن وقت ڏاڙهي لٿي پي، اتي مولوي مصريءَ ٽيپهريءَ جي نماز بعد واعظ به مشکوات شريف پڙهي مخدوم حبيب الله ۽ سندس پٽ غلام محمد اهو واعظ ڪرائيندا هئا. لطف الله ڪلهوڙي جي ڀر ۾ آباد جي ڏکڻ ۾ مخدوم جو ڳوٺ هو. ان واعظ ٻڌڻ سان ساري جماعت روئي ڏنو. اسان کي به حيرت لڳي.
هاڻي اسان سان بادشاهه لم يزلي اهڙي عنايت ڪئي آهي جو رسول الله جي اسم اعّظم واري سبق عنايت ٿيڻ سان ڏسون ٿا ته جبرائيل، ميڪائيل، عزرائيل ۽ اسرافيل ۽ جمله ملائڪ اڌ ۾ به نه آهن. اسان کي عشق شهنشاهه ايترو پري وٺي ويو. جاٿي حد ئي ڪانه جيئن مثال مٿي ست ماڙ تي ڪو محبوب شاهه حسن جو يا ڪا سهڻي زائفان روزانو صبح جو ناچ پيئي ڪري ۽ سروزن طبلن جا آواز به پيئي ڪري ته هزارين عاشق محلات جي ٻاهران اچي بيهندا
ڪي روئيندا پيا ته ڪي ڳچيءَ ۾ ڳارا وجهي حيران بيٺا هوندا ته مان اسان کي گهرائي سڀ ڪو حُسن جي سڪ ۾ پيو سڙندو ملن جي اميد ته سڀني کي هوندي مگر جنهن تي اهو محبوب پاڻ راضي ٿيندو ته ان کي هڪدم پاڻ وٽ گهرائيندو. پوءِ ان کي پاڻ وٽ رهائيندس. پاڻ سان گڏ ڪندس. وڌيڪ حقيقت نه لکبي.اَلعَاقِلُ تکُفِيتُه الا شارۃُ.عقل واري لاءِ اشارو ڪافي آهي. ولا يختص برحمته ولو شاءَ الله ذُولفضل الا عظيم

دنيا سڀ درياهه ڪو ڪو ڪوتارو تنهن ۾،
وهي لهر لوڀ جي آتشي آڙاهه
طالبن نٿانهن، موڙي چاڙهيون مڪڙيون.

دنيا جو جهان ڪلاچيءَ وارو ڪن آهي. هي بوتو مانگر مڇ آهي. ڪن ۾ اهومانگر مڇ روح کي وات وجهون ڳهون ويٺو آهي. جنهن شخص مرشد هٿان وذکر رَبکَ فِي نَفسِکَ واري تسبيح هٿ ڪري پڙهي. ۽ دم خالي نه ڪندو ته يڪدم ان مانگر مڇ جي وات مان ڇٽي پوندو. جيئن حضرت يونس تسبيح پڙهڻ سان مڇيءَ جي وات مان ٻاهر نڪتو هو. ڇٽڻ جي تياري ٿيندس ته آسمان مان الهام ٻڌندو. سڀئي ڪن سرلا ٿي پوندس. صفائي واري آئينه تي نظر پوندس. اهو آئينو دنيا جي جهان ۾نه آهي مگر آسمانن جي ستين حد تي آهي ٿورن ڏينهن ۾ منزل به منزل وڃي پهچندو. جتان آيو هو اتي وڃي پهچندو. ان جاءِ جي ٻولي عربي آهي پوءِ رڳو ذات ٿي پوندو. نعرو به اها ذات هڻندي. هي رهندو ئي ڪونه جيئن لوهه باهه ۾ وجهبو آهي ته سرڙاٽ ڪري پري کان پيو ساڙيندو. چوندو پيو ته مان باهه آهيان.پوءِ اهي لوهه به باهه وارو ڪم ڪري سگهندو. تپائي اڇلبس ته جهڳا ساڙي ڇڏيندو. انهيءَ کئون پري لک ڪوهه تهان پر ٻجهن پکا پنهوارن جا. لک عبادتون ڪري ته به دم واري ذڪر کانسواءِ جسم مان نڪري نه سگهندو.
هي طريقو حضرت رسول الله ﷺ حضرت موليٰ علي عليه السلام ۽ اهل بيتن جو اهل صفحه وارن خاص الخاص جماعت کي ٻڌايل هو. جيڪو اڄ تائين عارف عشاق ۽ اهل تصوف وارا هلائيندا پيا اچن. اهو ئي معراج وارو رستو آهي.
توحيد جو بيان
سڀئي آدمي فرنگي، يهودي، حبشي، پٺاڻ، ايراني، توراني، هندو، مسلمان، سيد ۽ برهمڻ، غوث قطب سڀني جا انگ عضوا هڪجهڙا آهن. سڀني جو کلڻ ۽ روئڻ کنگهڻ هيٺيان مٿيان وارو هڪ جهڙا آهن. نر ۽ مادي جو قالب به هڪجهڙو آهي. انسانن جون ذاتيون ۽ نالا رڳو سڃاڻپ لاءِ آهن. نه ته سهڻا ڪارا سڀ الله جو مّظهر آهن. زير بالا الله آهي. الله کانسواءِ زمين تي ٻي ڪابه شيءَ ڪانه آهي. آسمانن ۽ زمينن تي خواه زمين کان هيٺ به ان جي حڪمراني آهي. وَهُوَالله ُفيِ السمٰواتِ وَالارضِ .

بيت

هر جا آپ الله آهي شهنشاهه اوليٰ عبديت جي

اها ڳالهه مشهور آهي ته فرهاد نالي هڪ شخص ايران ۾ شيرين محبوبه جي دلاسي تي ڪاٺ جي ڪهاڙي سان جبل ٽڪي درياه وهايو.هو اها وادي اڄ تائين وهي ٿي.پيدائش ٿئي ٿي. ان فرهاد جي جسم ۾ ڪير هو جنهن جبل ڏاريو هو. آدمي جي بوتي جي ڪهڙي مجال آهي.
بهلول جو بيان
بهلول داناءَ پنهنجي مثنوي ۾ چيو آهي ته هڪ سائل پير مولا عليءَ کان پڇيو ته مٿي آسمانن ۾ ۽ بهشت ۾سج ۽ چنڊ آهن يانه پاڻ فرمائون ته هي سج ۽ چنڊ ڪثرت لاءِ آهن، اوڏانهن اونداهي آهي ئي ڪانه وري پڇيائونس ته آسمانن ۾ رهت ڪنهنجي آهي. جنهن تي موليٰ فرمايو ته بهشتن ۾ اهو آدم سردار آهي. ننڍا وڏا بهشت آدم سان ڀريا پيا آهن. جبرائيل، ميڪائيل، عزرائيل ۽ اسرائيل چارئي ملائڪ به آدم آهن. پر عرش ڪرسيءَ تي جيڪو الله ٻڌين ٿو سو به آدمي آهي. اها ئي آدم جي صورت آهي. وري فرمايون ته من عرف نفسه فقد عرف ربه جنهن پاڻ سڃاتو سو الله آهي نه سڃاتائين ته بيڪار آهي.
بيت

ازان تان اندران اشباه باشي.به معنيٰ چون رسي الله باشي
جيستائين شڪ ۾ آهين ته بخير آهين، معنيٰ واري ملڪ ۾بهتين ته الله آهين.

بهلول جو قول آهي الله ڪپه وانگر آهي. ڪپه جا به سوين نالا آهن ڪاٿي. پهرياڻ، ڪاٿي ڪوٽ، ڪاٿي صدري، ڪاٿي رئو ته ڪاٿي پوتي، ڪاٿي پٽڪو، ڪاٿي سوڙ، ڪاٿي تنبو، ڪاٿي گودڙي. اهي سڀ ڪپهه جا نالا آهن. الله به ڪثرت ۾ ائين آهي. جيئن ڪپهه هر شيءَ ۾ موجود آهي.
ڪنهن مولويءَ فقير کان پڇيو ته تنهنجو مرشد الله سڏائيندو هو سو ته مري ويو. فقير چيس ته هي جهان ڪنهنجو آهي مولوي چيس ته الله جو ڀلا هو جهان ڪنهنجو آهي مولويءَ وري پڇيس ته ٻيئي جهان الله جا آهن. فقير چيس ته پوءِ مرشد جي مرضيءَ جو مالڪ آهي جتي وڻيس اتي رهي جي الله ڀي سڏايائين ته رهڻ جو به اختيار اٿس. تو مئو ڪيئن ڏٺو
هت الله ٻيا رکائي آيو آهي. ماڻهو ڀلجي پيا آهن. هو آسمانن وارو جهان وحدت باڪثرت آهي خاص طرح سان. مگر هي جهان ڪثرت آهي. خاص الخاص نج وحدت پري آهي. اتي واحد آهي ۽ ڪثرت ۾ نالو جمع اٿس.
بيت

اتحاد معرفت کردم بيان، سروحدت کثرت کردم عيان
معرفت جي اتحاد جو بيان ڪيم، وحدت ۽ ڪثرت جو راز کوليم
آدم وحق هر دويک دان درنظر اين چنين داند مگر صاحب نظر.
آدم ۽ الله ٻيئي ڏسڻ ۾ هڪ سمجهه هي اهو ڄاڻندو جيڪو صاحب نظر هوندو.
نامها اندر جهان افسانه است، ليکه اين گشت ازيک اندانه است
دنيا ۾ نالا رڳو افسانه آهن.مگر اها ساري پرک ان داڻي تي آهي.
انبياءُ اولياءُ خاص وعام پست آن ياريگانه والسلام
انبياءَ اولياءَ ۽ خاص عام ماڻهو. اهو اڪيلو ۽ يگانو يار آهي.

عارف جيڪڏهن هر شيءَ ۾ الله چوندو ته ان تي ڪوگناهه ڪونهي ڇو ته هن اکين سان ڏٺو آهي. هو پاڻ ذات ۾ محيط ٿيو آهي. مگر ٻانهي تي ثواب ۽ گناهه آهي. عارف ٻانهپ کان آزاد آهي.
مثال بادشاهه سان ڪوپٽ يا ڪو همسفر تخت تي ويهندو ته هو خوش ٿيندو مگر ڪو هاري ناري يا ڪو ڄٽ ڄاموٽ تخت تي گڏجي ويٺس ته موچڙا کائيندو. گلاب جي ٻوٽي کي به گلاب چئبو آهي. مگر گل کي بادشاهه تخت ۽ اکين تي رکندا آهن. ٻوٽو هي بوتو آهي روح گلاب جو گل آهي. جيڪو هن نفس سان گڏ ويٺو آهي. هن جي خراب خصلتن جي ڪري هي به پليد ٿي پيو آهي. نفس جي بدصحبت ۽ شهوت جي تابعداري ۾ وٺجي ويو آهي. روح آهي ته پاڪ مگر نفس جي سنگت ۽ صحبت جي ڪري ڏوهاري ٿي پيو آهي. ان جي پاڪ ڪرڻ جو دوران ڪامل مرشد عارف با الله وٽان دوا وٺڻ سان ٿيندو. اهو دوران ذڪر آهي. جنهن کي شوق ۽ ذوق سان پرهيز سان ۽ اوجاڳن سان ڪمائيندو ته روح پاڪ ٿي پوندو. رڳو پرهيز نه ڪيائين. ته به پاڪ نه ٿيندو. پليد روح تي قبر محشر جو پڇاڻو ۽ مارڪٽ آهي.
پاڪ روح تي پڇاڻوئي ڪونهي ان نفس جي موذي مرض جي دوا حضرت رسول الله ۽ پير موليٰ علي عرش کان آندي هئي جيڪا هميشه پيئي هلندي.
سامونڊي ڳئون
هي جانور سمنڊ ۾ ٿيندو اهي هن جا سنڱ تمام تکا ٿيندا آهن. رات جو ٻاهر نڪري ڪناري تي چرندي آهي ۽ ڏينهن ٿيڻ سان سمنڊ ۾ هلي ويندي آهي هن جي فطرت ڇا آهي ته رات جو سمنڊ جي تري مان لعل چڪ ۾ کڻي ٻاهر ڪناري تي رکندي آهي ان جي روشنائي تي گاهه ڏسي کائيندي آهي پوءِ چور اکريون کڻي لڪي ويهندا آهن ۽ هڪدم کڻي لعل اکريءَ سان لڪائين ته ڳئون ڇرجي پوندي آهي ته اها روشنائي ڪنهن بند ڪئي. ڳئون گهڻو ئي ڦوڪٽ ڪري چور کي ڳولي مگر چور ڳئون جي تکن سڱن جي خوف کان لڪي وڃي وڻ تي چڙي، آخر ڳئون سمنڊ مان وڃي ٻيو لعل ڪڍي اچي روشنائي ڪري گاهه کائي.
سمنڊ جي ڪناري وارو گاهه سرهو خوشبودار ٿيندو آهي. ان ڪري ڳئون جو ڇيڻو به خوشبودار ٿيندو آهي. جيڪو عنبر ٿي وڪامندو آهي.
مطلب ته هي طالب وحدت جا الله جون سامونڊي ڳئون آهن اسم اعظم جو ذڪر اهي سمنڊ وارا لعل آهن. طالب جي سڪ محبت ۽ اوجاڳا خوشبودار گاهه آهن. توحيد جي گفتار عارف جو عنبر اهي چور اهو نفس اٿس جيڪو وهمن جون اکريون کڻي ذڪر لعل جي مٿان ٿو رکي جيستائين غير خيال ۽ وهم طالب جي دل تي هوندا تيستائين ذڪر جا ڦيرا نه هلندس. طالب لاءِ اهو وقت اوندهه ٿي پوندو. پر جيڪو خفتي طالب هوندو سو ڳئون وانگر ذڪر کان بس ڪونه ڪندو. چور نفس کي ذڪر جي تکن سڱن سان ماري وجهندو، نفس جي آزار کان آزاد ٿي پوندو.
بيت
گائو بحري همت اورابين تابه اين همت شوي ين اليقين
سامونڊڻ ڳئون جي همت ڏس، جئين ان همت سان عين اليقين ٿئين.
دم بدم گوهرز بحردل برآر. دزد را باشاخ ذکرش مرده دار
دم دم سان دڪ جي درياه مان موتي ٻاهر آڻ، چورکي ذڪر جي سڱن سان مار،
گاهه عشق ودرد حالت.رابه خور، اززبان توشود عنبر اثر.
عشق ۽ درد حال جو گاهه کاءُ تنهنجي زبان عنبر جي اثر جهڙي ٿي پوندي،
تاشور آزاد آسيب عيار، درغواص بحر جان شونامدار
جيئن چور جي اهنج کان آزاد ٿئين،اي نامدار هن جان واري بحر ۾ ٽٻي هڻ