تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

هڪ فاسق صوفيءَ جو نظارو ڪمائڻ

هڪ صوفي نادان ڪنهن مسافريءَ دوران ڪنهن مريد وٽ مهمان ٿي آيو ميزبان گهر جو ڪم ڪار لاهي دير سان اچي ان صوفيءَ جاهل کي زور ڏيڻ لڳو. زورن ڏيندي سندس بغل مان هڪ رن ڀڙڪو کائي وٺي ڀڳي جنهن تي ميزبان چيس ته ڇا هي توهان ظاهري ۾ طالب ٿا ڪريو ۽ رات جو زنا ٿا ڪريو اها ڪهڙي قسم جي فقيري آهي. فقيرجي فقيري زنا سبب تباهه ٿي ويندي آهي. حديث ۾آيو آهي ته الزنا يخرج بنا . يعني زنا پاڙ پٽيندي آهي جنهن تي صوفي صاحب ورندي ڏني ته يارهن تولا سئنکيئي جا کاڌا هئم. سي ڪيئن هضم ڪريان ان مجبوريءَ کان 360 رنون ڪم آنديون اٿم . اهو آهي اڄوڪن صوفن جو نظارو جنهن کي نظارو ٿا چون
هڪڙا فقير گادين وارا طالبن کي الله جو ذڪر دم سان ڏسن ۽ انهن مان ڪن کي وري دم ڪمائڻ سان نفساني خودي ٿيو پيو ۽ الله کان گمراهه ٿي وڃن ۽ ڪوڙا فرعوني دم هڻن. جنهن سبب بي حاصل ماران کائيندا وتن
بيت
صوفيان راخوار کرده آن گروهه گروري زيشان برو برقاف کوهه
ان ٽولي صوفين کي خوار ڪيو آهي. انهن ڏي وڃڻ بجاءِ ڪوهه ڪاف جبل ڏانهن وڃ
علت اينها کرده صوفيان، ظاهرا صوفيان به باطن کوفيان
انهن جي عادتن صوفين کي خوار ڪيو آهي. ظاهر ۾ صوفي مگر باطن ۾ ڪوفي آهن.
هي ڳالهه اسان خاص هدايت لاءِ ڪئي آهي نه ته اسان پاڻ به صوفي آهيون اسان صرف جهل واري فقيريءَ جي کول ڪئي آهي. الله ڏسڻ کانسواءِ ڪوڙي فقيري جو اهو حال آهي. ٻيو ته اسان ان لاءِ کول ڪئي آهي ته متان طالب ڀلجي ان کوهه ۾ ڪري مري نه وڃي.
بيت
اگر بينم که نابينا به چاهه است، اگر خاموش نيشينم هم گناهه است
جيڪڏهن انڌو کوهه وٽ ڏسجي ته ماٺ ڪرڻ گناهه آهي.
ذکر بخوان ذکر بخوان ، تارسي اي جوان در لامکان
ذڪر ڪر ذڪر ڪر ذڪر ڪر، ته اي جوان مرد لامڪان ۾ پهچين.
ان ڪري يا ته آدمي کي الله ڏيکارجي يا ته دنيا جي ڪم ڪار کان نه وڃي قرآن ۾ آهي ته کلو وشربو ولا تسرفو . يعني ڀلي کائو پئيو مگر اجايو خرڇ نه ڪريو . اها مولوين ۽ ملن جي معنيٰ آهي. مگر اسان فقيرن معنيٰ ڪئي آهي ته کائو خودي کي نفساني کي خودي ذڪر سان کاڄندي آهي. پيئو وحدانيت جو شراب يعني شرابا طهورا الله ته غني آهي ۽ ٻيا سڀ سندس محتاج آهن. الله سدائين شاهوڪار آهي. مولوين . سمجهيو ته گهڻي خرچ ڪرڻ سان الله جو خزانو کٽي نه وڃي نه ته ائين هر گز نه آهي.
شرابا طهورا ڪهڙو شراب آهي. قرآن ۾ اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَؕ. ڪو نه ٻڌو اٿو ته اهو اوهان جو دم ڪوثر آهي. جيڪا ڪوثر جي وادي اوهان وٽ سدائين وهندي رهي ٿي ان ۾ ذڪر ملايو ته اها ئي ڪوثر جي وادي اٿو جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام لشڪر سميت نيل نديءَ مان پاڻي پيئندا هئا، ته پاڻي صاف ۽ اڇو اجرو هوندو هو مگر فرعون ۽ سندس ساٿي ان نديءَ مان پاڻي پيئڻ لاءِ ايندا هئا ته ساڳيو صاف پاڻي رت جهڙو ٿي پوندو هو. انه ڪري فرعوني لشڪر اڃ پيو مرندو هو بل کائي اڃ سبب مري ويندا هئا. اهڙي طرح جيڪو آدمي نفس فرعون جو تابع آهي ته ان لاءِ اهو درياه ڪوثر وارو يعني دم جي وادي به رت جهڙي ٿيندي آهي. ۽ اهو ان مان ڪوثر پيئڻ کان محروم رهجي ويندو آهي.مگر جيڪو آدمي روح المقدس موسيٰ جو فرمانبردار آهي ته ان لاءِ اهو دم حوض ڪوثر آهي. ان واديءَ مان سدائين پيو سيراب ٿيندو.

بيت
هرکس که از حوض کوثر نوشيد جام، او محمد واردان اورا مقام
جنهن آدمي ان حوض ڪوثر مان جام پيتو نه ان جو مقام محمد وانگر آهي.
صحبتش بدار با اودم بدم ، تان رهي ازقيد جان واز جسم
هروقت ان جي صحبت ۾ رهه ته جسم جي قيد مان آزاد ٿئين
هرکه را از کوثر حق بئو نيست، بابه کوثر خوردن اورا روئو نيست
جنهن کي حوض ڪوثر جي بوءِ نه آئي آهي ته سمجهه ته ان جو ڪوثر پيئڻ جهڙو منهن ئي نه آهي.
او ابوجهل است کافر بو العجب دور است زين تن پرستي بي ادب
اهو ابو جهل ڪافر آهي حيراني ۾ پيل جسم پرستيءَ سبب پري ۽ بي ادب آهي.
جنهن هت دنيا ۾ دم واري واديءَ مان ڪوثر نه پيتو ته پوءِ ڪٿان پيئندو. پوءِ آخرت وارو آسرو اجايو آهي.سچي عمر شهوت جو تابع رهيو. ۽ پاڻي به شهوت جو پيتائين ته پوءِ ٻڌايو ته اهڙن ماڻهن جو حوض ڪوثر ۾ ڪهڙو حق آهي، اي آدميو حوض ڪوثر لاءِ ڪهڙي جان جلايوَ. اها دم واري حوض ڪوثر جي وادي سڄي ڄمار ۾ نفس فرعون جي فرمان ۾ خدمت ۾ گم ڪري ڇڏيوَ. ان واديءَ جي ڇڏائڻ لاءِ ڪهڙا توهان مان قتل ٿيا. اوهان جو حق دوزخ آهي. نفس جي ملڪيت جو جهنم آهي سو اوهان کي پنهنجي پيءُ نفس جو ورثو ملندو، راضي هجو توڙي رنج هجو.
حديث: رجعنا من جهاد الا صغراليٰ جهاد الاکبر
يعني اسين ننڍي جنگ وڏي جنگ ڏانهن موثيا آهيون.
ٻيون سڀ جنگيون ننڍيون آهن. وڏي جنگ نفس سان جنگ ڪرڻ آهي. اوهان ڪڏهن وڏي ننگ ڪئي آهي؟ جو ٽنگن کي تيل مکيون ڪوٽر پيئڻ لاءِ تيار ويٺا آهيو. ڪوثر جي مالڪ سان اوهان ڪڏهن ملاقات به نه ڪئي آهي. ڪا واقفيت اٿوَ جو اوهان جو لحاظ ڪندو ۽ اوهان کي کڻي ڍڪ پياري، قرآن ۾ اوهان کي ڪوثر جي مالڪ ٻڌايو ته به توهان ان جي چوڻ کي پٺي ڏيئي نفس ابوجهل جا لشڪر بينوء. نفس لاءِ جيڪو جاگير جو ٽڪرو مقرر آهي. سو اوهان کي ضرور ملندو. روح جي جاگير ملڪوت، جبروت، لاهوت، باهوت، هاهوت، ۽ لامڪان آهي.اهو روح حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جو آهي اوهان مسلمان رڳو روح جو نالو ٻڌو آهي. روح ڪا خسيس شيءَ نه آهي. پر روح وڏي آفت آهي. جيڪو روح کي ڏسندو ان کي خبر پوندي. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ وڏو فرق آهي. “ کردن و گفتن فرق دارد“ يعني ڪرڻ ۽ چوڻ ۾ فرق آهي. جنهن پنهنجو روح ۽ روح جي ملڪ جي حد ڏٺي ته پوءِ اهو ڪنهنجو به امتي نه سڏائيندو نه مسلمان چوائيندو نه ڪافر سڌائيندو. ان روح جي ڏسڻ واري جوشان اهو آهي ته “في الجمله کافر نه مسلمانم من در هرچه نظر ميکنم آنم من” يعني ته مختصر طور ته مان نه ڪافر آهيان نه مسلمان آهيان جنهن شيءَ کي ڏسان ٿو ته ان مان آهيان.
دم حوض ڪوثر جو پاڻي آهي. جيڪو وهندو ٿو رهي. ان کي وحدانيت جي پوک ۽ ذکر جي ڪم آڻيو. ولا تسرفو. اجايو خرچ نه ڪريو. يعني دم جو پاڻي ذڪر جي آبادي ۾ وهايو. آبادي کان ٻاهر وهايو ته ڏنڊ جو فارم ڀربوَ.جيئن ڪڙمي پاڻي زيان ڪندو آهي. ته عملدار ڏنڊ وجهندا اٿس. باقي باطن جا عملدار ڪي نادارن آهين ڇا ؟ اجائي وقت وڃائڻ جي منع جو ايترو تاڪيد آهي. وقت به دمن سيڪنڊن منٽن ڪلاڪن ۽ پهرن مان جڙي ٿو، قال رسول الله ﷺ فوت الانفاس قتل الانبياءُ هڪ دم قضا ڪرڻ هڪ نبي قتل ڪرڻ جي برابر آهي پوءِ ٻڌايو ته نبي جي قاتل کي معاف ڪري ڇڏيندا. احڪم الحاڪمين ڪو اهڙو آهي ڇا ته وقت وڃائڻ واري کي ڇڏيندو ؟
هڪ ڳالهه ته هڪ ڀاڳياڻي چمڙي جا ٻه مٽڪا گههِ سان ڀري ڪنواٽيءَ تي کڻي شهر ڏانهن وڪڻڻ ٿي ويئي ته جهنگل ۾ هڪ ڄٽ مليس تنهن چيس ته گهه لاهه ته مان ڏسي وٺانءِ مائي مٽڪا لاهي هٿن ۾ جهليا وري هن چيس ته اڳ ۾ چکي ڏسان پوءِ ٿو وٺان ائين چئي هن ڄٺ هڪ مٽڪي جي ٻجي لاهي پري اڇلي ۽ ٿورو چکيائين ۽ ڀاڳياڻيءَ ته هٿ وجهينس. هن ان جي منهن ۾ سڪ هٿ وڌو ڇو جو ٻجي ڪانه هيس. وري ڄٽ چيس ته ٻئي مان چکان. ائين چئي ان جو منهن به کولي ٻجي پري اڇلي ۽ ٿورو چکي ۽ وري چيائنينس ته هن ۾ به قابو هٿ وجهه ته گهه هارجي نه پوئي. هوءَ جا ٻيئي هٿ مٽڪن ۾ وجهي نوڙي بيٺي هئي ته ڄٽ ڀاڳياڻي جي پويان ڦري الله توهار ڪري ڏنس. تنهن ٿي ڀاڳياڻيءَ دل ۾ چيو ته جي مٽن مان هٿ ٿي ڪڍان ته ٻه اڍائي سئو روپين جو زيان ٿيندو. تنهن ڪري ڄٽ ڀلي ڇا پائي هليو وڃي.
آدمي به ان ڀاڳياڻيءَ وانگر آهن. جو اهي ربيع جي فصل ۽ خريف جي فصلن جي مٽڪن ۾ هٿ سڪ وجهون بيٺا آهن. پويان نفس جنبايون بيٺو اٿن. جي اهي فصل مان هٿ ٿا ڪڍن ته بک ٿا مرن. تنهن ڪري ڀاڳياڻي وانگر سهايون ويٺا آهن.
جيڪو ذات ذوالجلال جي سر جو نذرانو رکندو سو ذات ذوالجلال جي حضور ۾ حاضر ٿيندو. پوءِ هم تم هو ياتم هم هو يا قال عليه السلام بي يبصروبي يسمع وبي ينطق وبي يمشي يعني فان سان گڏ مان به ڏسندڙ ٻڌندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ۽ گهمندڙ ٿي پوندو آهيان. پوءِ جنهن ان ذات حق پاڪ ۾ فناءِ کاڌي ته پوءِ هيڪائي هڪ ٿيا.
جڏهن آدمي انساني فرض خدا جي ذڪر سان پورا ٿو ڪري ته پوءِ ذات ذوالجلال کي اهڙو ويجهو ٿو ٿئي جو الله جي فرمائي ٿو ته مان ان جي اک ٿي ٿو پوان جنهن سان هو ڏسي ٿو. مان ان جا ڪن ٿي ٿو پوان جنهن سان هو ٻڌي ٿو. مان هن جي زبان ٿي ٿو پوان جنهن سان هو ڳالهائي ٿو. بس ان جو جسم منهنجو جسم ٿي پوي ٿو جنهن سا هلي چلي ۽ ڪم ڪار ڪري ٿو. پوءِ عاشق غين مان عين ٿي ٿو پوي. جڏهن طالب ذڪر ۾ گم ٿيندو ته اٺن پهرن مان هڪ پهر ننڊ ڪندو.ڳالهائڻ کان زبان بند ڪندو. سوال جو صرف جواب ڏيندو. گهمندي ڦرندي هن جي نظر سيني ۾ هوندي. ڄڻ اهو فقير سدائين چاليهي ۾ آهي. ڇو ته اک جي نظر به خيال جو گهڻو حصو ڇڪي وڃي ٿي. بي خيالو ذڪر به ائين آهي جيئن بنا نظر ني بندوق هڻجي ته نيشان تي نه لڳندي بي خيالو ذڪر به وائڙو اٿس. خيال وارو ذڪر به ائين سڌو ويندو جيئن بندوق نظر جي نيشان تي لڳندي آهي. رات جو ذڪر جي اکرن ۾ نظر وجهڻ کپيس.
طالب کي رات جو ٻه چار سال دم جهلي سيني ۾ نظر وجهي ذڪر ڪمائڻ کپي. جيئن گهوڙي سوار کي جلد پهچي پيادو دير سان پهچندو آهي. دم جهلي ذڪر ڪمائڻ لاءِ ٻه وقت آهن (1) شام کان سمهڻيءَ تائين. ٻيو آڏيءَ کان صبح تائين ڏينهن ڪم ڪار ۾ جهلي نه سگهبو.
عام انڌا بي حاصل صوفي طالب کي ذڪر ڪرڻ وقت پنهنجي صورت دل تي پچائڻ لاءِ چوندا آهن. ان کي تصور چئبو آهي تصور پچائڻ وڏو ڏوهه آهي ۽ تصور نه ڪرڻ جو تاڪيد آهي. ڇو ته اها ان بي حاصل جي ٺڳي آهي. ڇو ته طالب تصور پچائڻ سان هن تي عاشق ٿي پوندو. پوءِ جا شيءَ لهندو. کيس آڻي ڏيندو. تصور پچائڻ واري کي ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو. اهي ڪوڙا ڏس انڌن جا آهن. جنهن مرشد جوتصور پچايو سو بت پرست آهي. مقوله التصور شيخ الکامل و ناقص مشرک عظيم وکفر کبير بنا تصور جي ذڪر ڪمائڻ سان ڪنهن مدت کانپوءِ ذڪر منجهان خواب خيال يا مراقبي ۾ مرشد جي صورت پيدا ٿيندي جا پاڻيهئي ذڪر ڇڪي آڻيندو. سا سچي صورت آهي. سابه ڪامل مرشد جي صورت طالب کي فائدو ڏيندي ناقص جي صورت فائدو نه ڏيندس . ناقص جي صورت ڏٺائين ته ڄڻ شيطان ڏٺائين

بيت
دست ناقص دست شيطان لعين ، دست کامل همچون رحمٰن ورحيم
ناقص جو هٿ تڙيل شيطان جي هٿ جهڙو آهي. ڪامل جو هٿ رحمن الرحيم جي هٿ وانگر آهي.
صورت ناقص چون شيطان رابدان طالبان رانصرت نه دهر نهان
ناقص جي صورت شيطان جي صورت سمجهه طالبن جي هر گز مدد نه ڪندي
صورت کامل بود نصرت عظيم ، رهرواي راميکند لطف عميم
ڪامل جي صورت وڏي مدد آهي. ويندڙن جي عام طرح مدد ڪندي آهي.
ذکر ومحبت هر دو راجاري کند، وجد وحالت بردلش طاري کند
ذڪر ۽ محبت جاري ڪندي ۽ طالب جي دل تي وجد جي حالت طاري ڪندي
ڪي ڪي ناقص صوفي تصور ڏسيندا آهن. جيڪو سخت غلط آهي آدمي جي دل تي حق جي ويهڻ ڪافي آهي قلب المومن عرش الله تعاليٰ به مومن جي دل الله جو تختگاهه آهي. ان تخت الاهي تي خاڪي وجود جي تصوير ٽڪائڻ سخت منع ۽ مشرڪ آهي. الله جي ذڪر کان خاڪي وجود وڌيڪ نه آهي مرشد جي خاڪي وجود جي تصوير الله جي اسم جي برابرنه آهي. مگر جيڪا ذڪر مان مرشد جي تصوير پيد ٿئي سا جبرائيل آهي. جيڪا اچڻ سان آسمان ڏانهن وٺيون ويندي اڳ ۾ پاڻ هلندو طالب پويان لڳو ويندو جيئن چوڻي آهي ته اڳ ۾ گرو ته پويان چيلا.
الله رڳو مسلمان ڪاڻ ڪونه آهي نه وري مسلمانن ٺيڪو کنيون آهي. قرآن ۾ الحمد الله راب العالمين آهي. يعني ٻنهي جهانن ۽ ارڙهن هزار جنسن جو خالق آهي. جيڪڏهن رڳو مسلمان لاءِ هجي ها ته رب المسلمين قرآن ۾ چوي ها. مسلمانن جو الله ڪعبه جي ڪوٺي تي ويٺو آهي. ڏاڪڻ ڪڍي يا اٿس. لهي نٿو سگهي. ان ڪري ٻارهين مهيني خرچ ڪري گناهن جو پٺارڪون کڻي وڃي اتي ڦٽو ڪري ايندا آهن. پاڻ خوش ٿيا موٽيا اچن ته اسان جا گناه لهي ويا. مگر الله رب المشرقين ۽ رب المغربين آهي. ۽ هر جاءِ تي هاضر ناظر آهي. مسلمان رڳو اولهه طرف الله ٿا سمجهن باقي ٽي طرف خالي ٿا ٻڌائين. افسوس انهن مسلمانن جو جيڪي الله کي ڪعبه جي ڪوٺي تي چاڙهي صرف هڪ طرف قابو ڪيون ويٺا آهن الله ڪو اهڙو اوڳو سمجهيو اٿن يا جيڪو ٺوٺن جي مٺ تي ٺهي پوندو. الله داناءُ آهي ۽ چوي ٿو ته فمن يعمل مثقال ذرت شرايره ومن يعمل مثقال ذرت خيرايره يعني جنهن ذري برابر به بدي ڪئي هوندي اهو ان کي ڏسندو ۽ جنهن ذري برابر به نيڪي ڪئي هوندي ته ان کي به ڏسندو ڪنهن کي به ترَ جيترو حق به ڪونه ڇڏيندو. هي مسلمان ٻارهن مهينا گناهن جو واپار ڪري گناهه گڏ ڪن ان آسري تي آئينده حج ڪري گناهه لاهي اينداسون پاڪ زيارتن تي پاڪ ٿي نه وڃن گناهن جو بار کنيون وڃن . پاڪ هجن ته وڃڻ جي ضرورت ئي نه ٿئين. گهر ويٺي الله ۽ رسول کي ويٺا ڏسڻ واري پاڪ جاءِ قلب آهي سو پاڪ نه ڪن مگر ٻاهران عضوا پيا ڌوئيندا رهن ونحن اقرب اليه من حبل الوريد ساهه جي رڳن کان به ويجهو گهرو الله ڏسن ئي ڪونه ان کان بيزار رهن، مگر پئسه گڏ ڪري ڀڄن ته الله ايڏانهن ويٺو آهي ڇو جو پراوا حق کاڌا اٿن اهي الله کان بخشائي اچن. اهي حق انهن حقدار ماڻهن کان بخشائن ته به ٺهيو الله جو پروان حق ۾ ڇا جيستائين حقدار نه بخشيدن تيستائين الله ڇو بخشيندن،
مثال تاتار به کٿوريو هرڻ ٿيندو آهي. جنهن کي سندس دن ۾ خوشبوءِ ۽ خستوري ٿيندي آهي جيڪا ڪڏهن ڪڏهن خود هرڻ کي به گاهه چرندي خوشبوءِ ايندي آهي . ان خوشبوءِ تي حيران ٿي ان جي ڳولڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڊوڙندي اٿس. نه لڀڻ ڪري پريشان رهندو آهي ۽ اها خبر نه پوندي اٿس ته اها خوشبوءِ پاڻ منجهه آهي.
اهڙي طرح آدمين سان به الله ائين گڏ آهي جيئن کٿورئي هرڻ ۾ خوشبوءِ پيل آهي. مگر ڪي ڪعبه ڏي ڀڄن ته ڪي گنگا ڏي وڃن ڪي هر دواري ڏي وڃي پهچن. هرڻ وانگر زيارتن تي ڊوڙندا وتن پاڻ کي نه سڃاڻن ته ڪو الله اسان سان گڏ آهي قرآن پاڪ جي ونحن اقرب تي ويساهه ڪونه اٿن مگر ” پنهنجو تون پاڻ سڃاڻ درشن ڪر تو دل ۾ ويهي “

بيت
حج کردن ديدن شد کعبه را ، نحن اقرب حج خاصان خدا
حج ڪرڻ ڪعبه ڏسڻ آهي. مگر نحن اقرب کي ڏسڻ خدا جي خاصن جو ڪم آهي
حج کردن زيارت خانه بود . حج رب اليبت مردانه بود
حج ڪرڻ ڪعبه جي زيارت آهي. مگر الله جي گهر جو ديدار مردن جو حج آهي.
حج عامان ديدن ديوار را حج. خاصان طواف کبريا.
عامن جو حج ڀت کي ڏسي اچڻ آهي. مگر خاصن جو حج ذات کبريا کي طواف ڪرڻ آهي.
حج بيروني بود کعبه خليل خانگي مردانگي حج جليل
ظاهري حج خليل الله جي ڪعبه جو آهي مگر خاص حج ۽ مردانگي ڪرڻ جليل اکبر جو ديدار ڪرڻ آهن
ليکه اعميٰ کور چشم. وغير بين مي نه دانند خويشين راغير طين
مگر انڌو ۽ انڌين اکين وارو غير کي ڏسندڙ پاڻ کي مٽيءَ کانسواءِ ڪجهه نٿو سمجهي
آن توئي بحر دو عالم قطره تست جمله موجودات عالم توبست
اهو ٻنهي جهانن جي درياهه جو ڦڙو تون آهين. سڄي ڪائنات تنهنجي ڪري قائم آهي.
هان هان خويشتن راندک م بين تونه لي خود راباز جوئي بازبين
هون هون تون پاڻ کي ٿورو نه سمجهه تو نه آهين ڇا.تون پوئتي پاڻ کي ڏس ته سهي
جيڪڏهن گهر وارو الله ڏسن ته پوءِ ڪعبه ڏي ڇا لاءِ وڃن جنهنجو گهرو الله ڏٺل هوندو اهو توڙي ڪعبه جي ڀرسان لنگهيندو ته به ڪنڌ ڦيرائي به ڪين ڏسندس جنهن قدسي ڪعبه جو طواف ڪيو اهو هٿرادو ۽ مٽيءَ جي ٺهيل ڪعبه ڏانهن ڪهڙو ڏسندو. حديث قلب المومنين بيت الله يعني مومن جي دل الله جوگهر آهي.

بيت
کعبه بنگاهه خليل و آذراست . دل نظر گاه جليل اکبر است
ڪعبه حضرت ابراهيم بن آذر جو ٺهيل آهي. مگر دل الله جو نظر گاه يعني رهڻ جي جاءِ آهي.
دل به دست آور که حج اکبر است . از هزاران کعبه يک دل بهتر است
دل قربان ڪر خدا وٽ ته اڪبري حج اٿيئي هزارين ڪعبن کان هڪ دل وڌيڪ اٿيئي
يڪ دل ان جو نالو آهي جيڪا الله سان هڪ ٿي پوي. بقابا الله جو درجو حاصل ڪري.
ڪعبه وارو الله جو ڪثرتي ميلو آهي الله جو وحد تي ميلو عرش عظيم تي آهي.
الله ۽ رسول گڏجي حضرت ابراهيم کان ماڻهن جي گڏجي لاءِ ميلي جو ٺام ٺاهيو

بيت
“ آيا شاهه نيارا پائي پُوش پيغمبري”
دنيا وارن تي الله ۽ رسول محصول مقرر ڪيو ته جيئن خرچ ڪري منهنجو ۽ الله جو ميلو اچي مچائين ٻيو ته عربستان ۾ اناج جوفصل ڪونه ٿيندو هو. نه وري ان ۾ ڪا پاڻيءَ جي ندي آهي. اناج ٻاهرن گهرائيندو آهن ان ڪري عربن جي پالڻ لاءِ الله اعلان ڪيو ته جيڪو ڪعبه ۾ اچي حج ڪندو ۽ روضئه رسول الله ﷺ تي حاضري ڀريندو ته ان جا سڀ گناهه معاف ڪنداسون. عربستان ۾ سرڪار پاڻي به پائيپن وسيلي ٻاهران آڻايو. آهي. جتان جا ماڻهو پاڻي مفت ٿا پيئن. ان ۽ ٻيون پيداوارون ٿا کڻن ان ڪري الله دنيا جي مسلمانن کان گناهه جي معاف ڪرڻ جي دلاسي تي اربين روپيه خرچ ٿو ڪرائي ان ڪري جو عرب جي بيابانن ۾ رهڻ وارن لاءِ الله روزگار جو بندوبست ڪيو آهي ان طرح سڀني عربن لاءِ روزگار جاري ڪيو اٿس. سڀني کي گهر ويٺي روزي پيو پهچائي. قرباني جي موقعي تي ٻڪرار ۽ ڌنار گهٽا ۽ ٻڪريون وڪڻي سڄي سال جي پورت ڪري ٿا رکن. حجم به حاجين جا مٿا ڪوڙي منڊيل پيا ڪن. سرڪار اعليٰ سڀني جو ڪار ساز آهي جو سڀني جا ڪم پيو ڪري مگر اوڀر جي هندن کي وري گنگا جو ڏس ڏنائين ته جيڪو گناگا ۾اشنان يعني تڙ ڪندو ته اهو پاپن کان پَوتر يعني پاڪ ٿي ويندو. ان ڪري هندو به هزارين روپيا خرچ ڪري وڃي گنگا ۾ اشنان ڪن ۽ تپشائون ٿا ڪن. پوءِ ڳوٺ موٽي اچي جڳ خيراتون ڪن ته اسان پاپن کان پاڪ ٿي آيا آهيون هندوستاني جي مندرن خواه مڙهين ۾ مسڪين ٻاوا ويٺا آهن. جيڪي نڪو هنر ڄاڻين نڪا پوک ڪن. انهن لاءِ الله روڪه پئسه پيو موڪلي جنهن مان اُهي پاپڙ پرساد ۽ پوريون پڪوڙا ۽ ڪورمان ويٺا کائين ٻاهر کان آيل واڻيه هنن کي مٿو ٽيڪي پيٺائون منتائون ۽ نذرانا ڏين. ته آسيا ( دعا) کين ٿئي گروجي آديس آسيا ۽ ديا ڪرپا پيا چون. ديا جي معنيٰ آهي. مهر ۽ دعا ڪرپا جي معنيٰ وڏي مهر روپئي سواتي ديا ڪن. هزارن روپين ڏيڻ کان پوءِ ڪرپا ڪن. سو به رڳو زبان سان ڪرپا چون ته ڄڻ انهن هندن تي ڪرپا ٿي ويئي. هوڏانهن اهي ٻاوا پاڻ بتن کي ويٺا پوڄين ۽ سوال ڪن حقيقي الله کي ڪون ليکين ته به رب العالمين اهڙو ٻاجهارو سرڪار آهي جو دشمن کي به پيو پالي.
ظاهر جي حاڪم وٽ جيڪڏ گهن ڪو نوڪر حاضري نه ڀريندو ته ان کي اهو حاڪم يڪدم نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندس. اسان جو حاڪم اهڙو آهي جو هاءِ جيڪي ياد ئي ڪونه ڪنس ته انهن کي وري ياد ڪندڙن کان وڌيڪ ٿو عطا ڪري ڏسو ته آدمي اهڙي پروردگار پاليندڙ کي وساريون ويٺا آهن اهڙن انسانن جيڪي خدا کي ياد نه ٿا ڪن ۽ نه وري ڪا بندگي ٿا ڪن ته انهن جي جنن انسان انبيائن ۽ اوليائن ۽ ملائڪن ۽ خود خدا جي لعنت آهي جيڪي اهڙي محبوب کي وساري رڳو نفس پرستي ۽ شهوت پرستي ۾ عمر ٿا گزارين اهڙي الله محبوب کان گمراهه رهن جو اهو کارائين پيارين به پيو ته ابه انصاف جو ان کي ياد ئي نه ڪن.
اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ملان جو گهر هو. اتفاق سان اسان جو ان وٽ وڃڻ ٿيو. ملان وٽ هڪ عرب اڳ ۾ ويٺو هو جنهن عربيءَ ۾ يا شيخ مرحبا مرحبا پي چيو. ان عرب پنهنجي ٿيلهي مان هڪ ڪاري غلاف جي اڳڙي ڪڍي ملان کي ڏني . ملان شوق مان ان غلاف جي اڳڙي کي بسم الله بسم الله پيو پڙهي، ۽ ذوق مان پنهنجي اکين تي اها ڪعبه واري غلاف جي اڳڙي گهمايائين. چمي چمي سيني تي رکيائين ۽ منهن تي به ڏاڍو مهٽيائين. آخر اها اڳڙي اسان ڏانهن هٿ ڊگهو ڪري رجوع ڪرڻ لڳو ته اسان هٿن کي ڌڪو ڏنس جو اها اڳڙي وڃي زمين تي ڪري چوسونس ته پري ڪر اها اڳڙي جو اسان جو منهن ان اڳڙي کان به زد آهي ڇا. قرآن ۾ آهي ته وَ لِلّٰهِ الْمَشْرِقُ وَ الْمَغْرِبُۗ-فَاَیْنَمَا تُوَلُّوْا فَثَمَّ وَجْهُ اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ وَاسِعٌ عَلِیْمٌ(۱۱۵) اسان جي منهن سامهون هر طرفان الله آهي. الله کي ڇڏي اڳڙيءَ ڏي ڇو نهاريون. الا نسان سري وانا سره به اسان جي شان ۾ آهي ونفخت فيه من الرُوحي اسان جو شان آهي. خلق الادم علي صورت به اسان جي عزت ۽ مرتبو آهي . اسان جو منهن ان اڳڙيءَ کان وڌيڪ آهي گهٽ نه آهي جو گهمايون ۽ ان اڳڙيءَ کي چميون. هي منهن ان حقيقت ۾ فناءِ کائي هڪ ٿي ويو آهي. اڙي انڌا ملان اسان جو منهن اهي اڳڙيون ڪونه چميندو. اهي اڳڙيون اهي چمندا جيڪي آفتاب حقيقت کان غير واقف ۽ انڌا هوندا. اکين وارا انهن اڳڙين کي ڇا ليکيندا. بيخبر ملان اهو ڪعبو سندس ڀت ۽ ڇت به اسان ٺاهي آهي. ڪعبه کي عزت به اسان بخشي آهي. نه ته ڇهه سئو ورهيهه بتن سان ڀريو پيو هو. بتن سان به خوش ويٺو هو. ڪعبه جا ٺاهيندڙ به اسان ئي آهيون. ابراهيم لاءِ آڙاهه مان باغ به اسان ئي ڪيو هو. آدم ڏي رڍن جا ولر به اسان موڪليا هئا. ٻئي ڪنهن نه هيءَ اڳڙي به رڍن جي ان مان ٺهيل آهي. جيڪا منهن جي مخلوق ڪتي ۽ پوءِ اڻاوت ڪري ڪعبه کي غلاف ڍڪايو هئائون. اهي ساڳيا ان جي غلاف کي ٽڪري ڪري چئن آنن تي جيڪي اتان جي عربن وڪيا آهن انهن کي اسان چميون بيهي ڏيون. طائف ۽ يمن ۾ جيڪي رڍون آهن سي به اسان جو موڪليل آهن. پوءِ انهن رڍن جي ان مان غلاف ٺهيل آهي ان جي ڳڙي اسان جي منهن کان ڪيئن وڌيڪ آهي. ابراهيم کي به ڪعبته الله ٺاهڻ لاءِ اسان موڪليو هو ته جيئن سڀئي مسلمان هڪ عبادت گاهه ڏانهن منهن ڪري عبادت ڪن ته جيئن گڏجي عبادت ڪرڻ سان منجهن يڪجهتي پيدا ٿئي. ان لاءِ اسان حج به مقرر ڪيو هو ته هڪ مقرر ڏينهن تي پنهنجي ئي گهر ۾ ويهي پنهنجي ساراهه گهڻن آدمين جي گهڻي انداز ۾ ٻڌون ۽ ڏسون. اسين سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي سگهون ٿا. هتان واري پنهنجي مخلوق کي تسلي ڏيڻ لاءِ ڪعبه ٺهرايو سون. جنهن لاءِ ابراهيم خليل کي حڪم ڏنوسون ته هڪ پاڪ جاءِ ٺاهه ڇاڪاڻ ته سڀ ماڻهو اسان وٽ عرش عظيم تي پهچي نه سگهندا. انهن جو طواف هت دنيا ۾ اچي منظور ڪيوسون. جن جون جيڪي به اميدون ۽ اراد هجن ٿا. پوءِ انهن جا ڪم خواب خيال جي روپ ۾ پيا ڪريون. نبين جي صورت ۽ جامون پائي انهن جون تڪليفون لاهيون پيا ۽ سندن حاجتون پوريون ٿا ڪريون، ڇو ته هي دنيا عقبيٰ جو ملڪ اسان جو آهي ٻنهي ملڪن ۾ ايندي ويندي نڪا تڪليف نڪو ڀوءَ ٿئي ٿو. يا هت ڪنهن ٻئي جي حڪومت آهي. هيءَ رياست ٻيئي اسان جون آهن. هُتِ به اسان جي بادشاهي ته هت به اسان جي شهنشاهي آهي هِت اسان جي حڪومت هن خاڪي وجود کانسواءِ آهي. مگر هِتِ دنيا ۾ به پيا اچون وڃون. هتان جو سڌ سماءُ به لهون دنياوي حڪومت ڪنهن کان به کسيون يا ڪنهن کي ويهاريون يا تڙيون سڀ اسان جو اختيار آهي. ان ۾ ڪنهن کي به پڇڻ ۽ ڇو ۽ ڇا لاءِ چوڻ جي طاقت نه آهي. تازو ڏسو ته انگريزن کي ڪياڙي ۾ ڌڪو ڏيئي ڪڍيوسون. وري پوءِ هندوستان ۽ پاڪستان جو نمونو ٺاهيوسين. مسلمانن ۽ واڻين کي لڏايوسون. پاڪستان ۾ مسٽر جناح ۽ هندوستان ۾ مهاتما گانڌي کي حڪومت ڏني سون. اهي سڀ تبديليون ڪم هلائڻ لاءِ پيا ڪريون ڪعبه کي بتن کان صاف ڪرڻ لاءِ احمد ۽ عليءَ کي موڪليوسون. محمد يتيم کي طاقت ڏيئي ڪعبه پاڪ ڪيوسون. بتن وارو پراڻو دين ناپسند هو. نفي اثبات سان نئون دين جاري ڪيوسون. بتن واري مذهب کي لا سان نفي ڪري الا الله اثبات ڪيوسون. توحيد جي ڪلمه کي طاقت ڏني سون. جنهن سان نئون نغارو وڄائي احمدي دين اظهار ڪيوسون. سچو دين يدخلون في دين الله ۽ فاوحيٰ عليٰ عبده ما اوحيٰ وارو مشهور ڪيوسين. هي قدسي ڪلام آهي. هيءَ عبديت جي زبان نه آهي هيءَ الهويت جي زبان جي گفتگو آهي.

بيت

گهه به وجوديم گهه بي وجود ، گاهه نمودار گهه بي نمود
ڪڏهن وجود سان آهيون. ڪڏهن سوا وجود جي ڪڏهن ظاهر آهيون ڪڏهن لڪل
گاهه بود عبد گهه احده گاه بود واحد دروحده
ڪڏهن ٻانهو آهي ته ڪڏهن شاهه اڪيلو ڪڏهن واحد اڪيلو ته ڪڏهن ان جي وحدانيت ۾گم
گاه انا احمد بلا ميم گفت گاه انا عبده رابشگفت
ڪڏهن ٿي چيائين ته آءُ احمد آهيان مگر ميم کانسواءِ ڪڏهن ٿي چيائين ته آهيان
ولقد کر منا بني آدم جعلنا هم في البرو البحرو رزقنا هم من الطيبت وفضلنا هم عليٰ کثير من من خلقنا تفضيلا.
يعني بيشڪ اسان آدم جي اولاد کي شرف ڏنوسون کين برن ۽ دريامن ۽ سوار ڪيوسون ۽ کين سٺين شين مان پاڪ روزي ڏني سون ۽ جيڪي خلقياسون تن مان گهڻن کي گهڻن کان فضيلت وارو ڪيوسون آدمي کي ساري موجودات ۽ مخلوقات ۾ مشرف ڪيوسون. هڪ مثال : بدڪ جا آنا ڪڪڙ جي هيٺيان رکي ڦوڙائبا آهن ته بدڪ جا ٻچا به ڪڪڙ جي چوزن سان گڏ گهمندا وتن. بدڪ جو ٻچو جڏهن پاڻي ڏسندو آهي ته هڪدم ڪڪڙ کي ڇڏي وڃي پاڻي ۾ پوندو آهي هن کي پنهنجي اصليت ڇڪيندي آهي ڇو ته هن جي ماءُ بدڪ پاڻيءَ جي رهاڪو آهي. پوءِ ڪڪڙ بدڪ جي ٻچي لاءِ دانهون ڪري کيس ٽڪ ٽڪ پيئي ڪندي ته هاءِ ٻڏي ويندين.
ان طرح هي آدمي به بدڪ جو آنو آهي. جيڪو نفس ۽ بوتي ڪڪڙ هيٺان ڦڙيو آهي ۽ پيلو آهي. هن آدميءَ کي اصليت واري ڇڪ روحاني وحدانيت جي درياه ڏي آهي مگر هن نفس ڪڪڙ جو لاڙو دنيا جي خشڪي ۽ رڃ ڏي آهي. جيڪو ڪڪڙ کي ڦٽو ڪري درياه ۾وڃي وڏي ماءُ سان مليو تنهن کي موت جي باز جو ڪو ڀوءُ ئي ڪونهي جنهن آدمي کي حقيقت جي درياه ۾ ترڻ کان ڪڪڙ نفس روڪي وڌو سو به ڪڪڙ آهي، جنهن کي عزرائيل جو گدڙ سيٽ وڄائي کنيون ويندو. ڇاڪاڻ ته گدڙ جي سيٽ ٻڌي ڪڪڙ وڻ تان ڪري اچي گدڙ عذرائيل جي اڳيان ڪرندي آهي پوءِ ان ڪڪڙ کي گدڙ في السقر في النار جهنم ۾ وڃي ڇڏيندس . لَا یَسْتَوِیْۤ اَصْحٰبُ النَّارِ وَ اَصْحٰبُ الْجَنَّةِؕ يعني يعني جهنم وارا ۽ جنت وارا هڪ جهڙا ناهن.
وَ لَقَدْ كَرَّمْنَا بَنِیْۤ اٰدَمَ .۽ انسان ذات کي اسان عزت وارو ڪيو. اهي به آدمي آهن جيڪي وحدانيت جي اعظم درياهه ۾پهتا.جيڪي خشڪي تي رهجي ويا سي ڪال گدڙ جو قوت آهن. سڀني مخلوقن ۾ شرف وارو اهو آهي جنهن پاڻ سڃاتو.
جمله آدمين جا ٽي قسم آهن. هڪڙا آدمي حيوانن جهڙا ٻيا آدمي ملائڪن جهڙا ٿيان نبين جهڙا. جن آدمين تي شهوت غالب آهي ۽ ان جي حڪم ۾ رهيا ۽ کائڻ پيئڻ ۽ عيش عشرت ۾ گذاريائون پاڻ کي نه سڃاتائون ته اسين ڪير آهيون ڪاڏهن آيا آهيون ڇا لاءِ آيا آهيون ۽ ڪاڏي وينداسين. پنهنجو وطن وساريائون انهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ بشارت انهن لاءِ آهي ته اهي حيوان آهن. اُولٰٓىٕكَ كَالْاَنْعَامِ بَلْ هُمْ اَضَلُّؕ-اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْغٰفِلُوْنَ(۱۷۹). يعني اهي جانور جهڙا آهن پر انهن کان به گهٽ آهن ۽ واٽ ماريل آهن. اهي گڏهه آهن جيڪي دنيا جي ڍوري ۾ پيا چرن گڏهه کي جتي به ڇڏيو ته اتي خوش ۽ سڪ لڳو پيو هوندو. وطن کي ياد ڪري ايندس ٻيا جانور (اُٺ) هاٿي ڪتو وغيره پنهنجي وطن کي ياد ڪري ضرور ڪڏهن نه ڪڏهن ڀڄي وڃي پهچندو. الحب الوطن من الايمان، يعني وطن جي حب ايمان مان آهي هي. آدمي به عرش عظيم مان لهي هت دنيا جي ڍري ۽ ڇٻرائي ۾ آيا ۽ سڪ ٿي ويا. گڏهه وانگر پنهنجو اصل وطن وساري ڇڏيائون. پوءِ عزرائيل جو قوت ٿيا.
ملائڪن جهڙا اهي آدمي آهن جيڪي رات جو جاڳي زباني ذڪر ڪن نمازوڻ پڙهن روزا رکن. خدا جي بندگي ڪن. پرهيزگاري ۽ خدا جو خوف دل ۾ رکن. پرائو حق نه کائن ڪنهن کي ايذاءُ نه پهچائن. اهي آدمي اهل بهشت ۽ ملائڪن جهڙا آهن.
انبيائن جهڙا اُهي آدن جيڪي هميشه عشق الاهي ۽ توحيد جي محبت ۾ گذارن ۽ عشق موليٰ ۾ گم رهن. شهوت کي قيد ٿا ڪن. اهي ڏسڻ ۾ آدمي معنيٰ ۾ جبرائيل آهن.

بيت

نقش آدم ليلک معنيٰ جبرئيل رسته از خشم وهوا وقال قبل
اهي صورت ۽ آدمي مگر معنيٰ ۾ جبرائيل آهن شهواني ۽ نفساني سڌن کان آزاد آهن.
مثال: بادشاهه طوطو ڌاريو هو ۽ ان سان ذوق هوس. هڪ دفعي خيال ٿيس ته هن پکيءَ کي پڃري مان ٻاهر ڪڍجي جيئن پنهنجي سنگتي طوطن سان گهمي ڦري پاڻيهي موٽي ايندو. ٻاهر ڪڍڻ سان جڏهن اڏري وڃي طوطن سان گڏيو ته اهي ڀنگ جون گنڍيون کائيندا هئا انهنجو نشو پڪل هو. هن اڻ هيراڪ جڏهن ڀنگ کاڌي ته نشي ۾ وٺجي ويو. اتان اڏري اچي کٽيءَ جي لٽن ۾ ٽنگڻ وريءَ رسيءَ ۾ لٽڪي پيو. بادشاهه ڳولرائي آخر اچي لڌس بادشاهه پڇيس ته رسيءَ ۾ ڇو لٽڪيو آهين. جواب ڏنائين ته مون کي رسيءَ قابو ڪري وڌو اهي بادشاهه چيس ته رسيءَ توکي قابو ڪونه ڪيو آهي تون رسيءَ ۾ چنبڙي پيو آهين. تون رڳو چنبا ڍرا ڪر. طوطي جيئن چنبا ڍرا ڪيا ته آزاد ٿي آڏاڻو هليو ويو.
اهڙيءَ طرح هن ساري جهان جا آدمي به طوطا آهن ذات ذوالجلال بادشاهه آهي. اهي سڀئي عرش عظيم جي مهلات جا رهاڪو هئا. قرآن اِنْ كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَیْهَا حَافِظٌؕ(۴) ترجمون اهڙو ڪوبه ساهه وارو ڪونه آهي جنهن تي ڪوبه نگهبان مقرر نه هجي هن سڀني آدمين جو ذات ڪبريا نگهبان ۽ مالڪ آهي مگر هي آدمي عرش عظيم جي محلات مان نڪري اچي دنيا جي سير ۾ پهتا جتي هنن کي مائٽن اهو کاڌو کائڻ سيکاريو. ان اکل وشرب سڪر عظيم. يغفل من ذڪر الله تعاليٰ کاڌي پيتي جو وڏو نشو آهي. جيڪو خدا تعاليٰ جي ياد کان غافل ٿو ڪري نفساني لذات ۽ شهوت کٽيءَ واري رسي آهي. جنهن ۾ آدمي طوطي وانگر لڙڪيو پيو آهي نفساني دنيا جي رسي ڪنهن کي به الله کان ڪانه ٿي روڪي مگر هي آدمي پاڻ سڪ لڳو پيو آهي جنهن ان حرص جي نوڙيءَ مان چنبا ڪڍي آزادي هٿ ڪئي سو ساڳي عرش عظيم ۾ بادشاهه وٽ پهچندو حديث: ” ترک الدنيا راس کل عبادت “ يعني دنيا جو ترڪ ڪرڻ سڀني عبادتن جو منڍ آهي ”حُب الدنيا راس کل خطيئته ” يعني دنيا جي محبت سڀني خطائن جو منڍ آهي.
ماڻهو روح جو نالو ننڍ پڻ کان ٻڌي ٻڌي بي ويساها ٿي پيا آهن. جيئن ماڻهو سج کي ڏسي هاڻي کيس خسيس ٿا سمجهن. جيڪڏهن رات جو خواب ۾ ڏسڻ ته چريا ٿي پون. خواب وارو ڏسڻ سچو ۽ روح جو آهي خواب ٻن قسمن جا آهن(1) روحاني خواب (2) نفساني خواب روح سان خواب ۾ سچ ڏسڻ چريو ڪري وجهندو آهي. ڪوبه آدمي چئي وڃي ته مان خواب ۾ سج ڏٺو يا چوڏهينءَ جو چنڊ ڏٺو آهي. ڪوبه آدمي خواب ڏسندو ته صبح جي مهل ڏسندو. سج ۽ چنڊ ڪونه ڏسندو آهي. انهن ماڻهن سج کي نفساني اکين سان ڏٺو آهي نه روحاني اکين سان سو به روزانو ڏسي ڏسي اعتبار ڀڄي پيو اٿن. ان طرح روح جو به نالو ٻڌي ٻڌي خسيس ڪري ٿا سمجهن ائين نه ٿا سمجهن ته ڪو روح به وڏي شيءَ آهي. رات جو اهو روح ننڊ ڪرڻ مهل دم جي جهلي کي چاٻي ڏئي مقرر ڪيل وقت جي انداز تي سير لا هزارين ڪوهن تي هليو وڃي ۽ پويان بوتي ۾ جهلي پيئي هلي مقرر وقت تي روح موٽي اچي پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪيئي ماڻهو کائي پي سمهن ۽ پوءِ ستي پيئي مري وڃن. اهو ڪهڙو سبب جو نه بيماري هجين نه نانگ کائين . پوءِ اهي ڇو مئا. ماڻهو ان کي مفاجاتي موت يعني اوچتو موت چوندا آهن ان جو سبب اهو آهي جو هن وجود ۾ ٽي روح (1) روح المقدس جيڪو دم جي حفاظت ٿو ڪري.(2) روح منزح جنهنجي حواله ننڊ آهي.(3) روح مقناطيس مرداني روح جو نالو آهي ۽ زناني حسن واري روح الحديد يعني لوهو روح چئبو آهي مردانو روح کاڌي پيتي ۽ حسن تي تمام حيران ٿي پوندو آهي. ۽ روح الحديد يا زنانو روح سو به ساڳي طرح مقنا طيس روح کي چنبڙي پوندو آهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي روحن کي حسن واري يا ڪابه لذيذ شيءَ وس ۾ نه ملي ته ان کي نظر ۽ خيال سان نقصان پهچائي وجهندو آهي جنهن کي نظر لڳڻ چئبو آهي.
مثال جيئن رسول الله احد واري جنگ ۾ زخمي ٿي پيو هو. جنهن تي الله کي چيائين ته مون کي هيءَ تڪليف ڇو پهتي جو تو مون سان فتح جو وعدو به ڪيو هو الله چيس ته ڪافرن توکي نظر هيئن آهي.
قرآن : وَ اِنْ یَّكَادُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لَیُزْلِقُوْنَكَ بِاَبْصَارِهِمْ لَمَّا سَمِعُوا الذِّكْرَ
۽ بيشڪ جڏهن قرآن ٻڌندا آهن تڏهن توکي پنهنجي تکين اکين سان ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
جنهن وقت مقدس روح سير تي ويندو آهي دمجي ڪهلي کي چاٻي ڏيئي منزه يعني ننڊار کي روح کي ننڊ مان اٿاري جهلي جي پارت ڪري پوءِ پاڻ سير تي ويندو آهي. جنهن وقت چاٻي وارو مقرر وقت پورو ٿي وڃي ۽ مقدس روح واپس نه اچي ته يڪدم دم واري جهلي بند ٿي ويندي آهي ۽ هي بوتو مري ويندو آهي. بوتي جا ٽِٽ نڪري ويندا آهن صبح جو سڪي ٻاند ٿي ويندو آهي پوءِ هلو حشر ۽ ڀنڻ ٿي ويندو آهي. اهو بوتو روح جو ڪانوَ وارو پڇ آهي. پوءِ ان پڇ تي ڪانون جا ڪانگيڙا ٿي وڃن. سڀڪو ڪانءِ ڪو وڻن مان ڪو گهرن مان ٽان ٽان ڪندا ايندا آهن. ڪو ڪهڙي بات پيو ڪهي ته ڪو ڪهڙي پوءِ وڃي پوريندس.
حقيقت ۾ اهي ٽيئي روح ان روح الا عظم جا جزا آهن. خاص ان درياهه جا واهه ۽ واٽر آهن جيئن درياهه موجان ڪندو آهي تئين اهي واهه ۽ واٽي به وقت تي کنڊ وجهندا آهن. ڇو ته انهن ۾ به درياهه واري موج جي عادت آهي. حتي المقدور اهي واهه ۽ واٽر به اصليت واري هير پوري ٿاڪن. ان طرح روح به جنهن مهل ڪاوڙ ۽ جلالي ۾ اچي ٿو ته کنڊ وجهي ٿو يعني ڪنهن ٻئي بوتي کي ڊاهي ٿو وجهي. روح به ڪن حالتن ۾ قوت وارو ۽ خودمختيار آهي.
هيءَ ڳالهه ڪتابي آهي مگر علم لدنيءَ ۽ معرفت جي ڳالهه آهي. هن حقيقت ۽ عامن جو نه خاصن جو علم آهي. جنهن کي ڄاڻندا آهن. جيڪو دنيا جي ڇٻر واري ڍوري ۾ گڏهن وانگر رهندو سوهن ڳالهه کي نه سمجهندو. هن لدني علم پڙهڻ لاءِ صرف هڪ لفظ آهي. جيڪو پڙهندو سو سدائين حسن جي هل هنگام ۽ حسن جي حمام خاني ۾ رهندو هي عرش عظيم جو علم آهي. حيف ۽ ٿُڪ هيجو جو اي بي ثي پڙهيو لدني علم نه پڙهيوءُ. جيڪڏهن هي علم پڙهو ها ته ٻنهي جهانن جو احتياج ڪونه ڪڍو ها.
اوهان جا استاد به انڌا ٻوڙا ۽ گونگا هئا اهي پاڻ ئي هن علم کان صم بکم هئا. جن اوهان کي صرف گهڻو کائڻ پيئڻ. گهڻو ڳالهائڻ ۽ شهوت پرستي جو سبق ڏنو. هيءَ جيڪا به دوزخ جي حقيقت بيا ڪئي سون اها سڀ قرآن پاڪ جي ٻن آيتن جي تشريح آهي(1) وفي انفسکم افلا تبصرون. (2) ونفخت فيهم من روحي جي توحيد جي تقرير آهي.
مثال: هڪ طاقت وارو ماڻهو هو. جنهن پنهنجي پٽ کي گهوڙن جي تنبيلي ۾ نوڪرن ڳوٽ ڇڏيو. ڇو ته غربت سکي ۾ ڪم مان تنگ ٿي. من ڪوهنر سکي پوي. اتي رهندي تنبيلي جي جماندار گاهه ڪرڻ وارن کي چيو ته هي شينهن جو ٻچو آيو آهي. ان کان اهڙو ڪم وٺو جو جيئن توهان جي منهن ۾ سدائين لڄي هجي. متان سڀاڻي بادشاهه ٿي توهان کان گاهه ڍوئائڻ ۽ لڏ ڪڍرائڻ کي ياد ڪري توهان تي ظلم ڪري. پوءِ هنن ڇا ڪيو جوهن ڇوڪرکي نشو کارائين ننڊ ۾بدفعلي ڪيائنوس . انهن کي اهو ڏس ڪڙهه جي جماندار ڏنو جو آخر هن خاندان کي ان بدعادت تي هيرائي وڌائون. پوءِ سڄي عمر انهن جو ڪاڻيارو ۽ لڄي رهيو. هنن جي منهن تي ڪڏهن به زور نه ڀريندو هو ۽ هميشه هنن جي راءِ تي هلندو هو قرآن الا نسان حريص بتمام
ان طرح هي آدمي جو روح به روح الاعظم زابر بادشاهه جو ٻچڙو آهي جنهن هن دنيا جي تنبيلي ۾ ڇڏيو. خيال ۽ روح وهم سڀ گهوڙن وانگر آهن. ان تنبيلي جو جماندار نفس آهي. حرص. طمع چار عناصر ۽ حواس هن گاهه ڪرڻ وارا آهن. جيڪي هن کي اناج جو نشو کارائين ننڊ سمهاري گهڻي ڳالهاڻ ۽ گمراهيءَ جي بدفعلي جي هير ٿا. وجهن جنهن سان اهو روح سدائين لڄي پيو ٿيندو. اهو روح حق جي طرف هلي ٿو ڪونه سگهندو نه وري عرش اعظيم تي پيءُ جي روبرو وڃي سگهندو. اتي ان تنبيلي ۾ گاهن دٻدٻو ڦٽو ڪيون ويٺو هوندو. دال تي خوش پيو گذاريندو.

بيت
روح باشد هر دو عالم را اصول ، ديگر عالم چون امت رسول
روح ٻنهي جهانن جو بنياد آهي، ٻي ڪائنات امت ۽ هو رسول وانگر آهي.
روح راجائي بود درلامکان ، منزلش بس ازبرون کون مکان
روح جي جاءِ لامڪان ۾ آهي. ان جي منزل جي حد ڪون ومڪان کان ٻاهر آهي
روح چون از اصطنبل آزاد شد، از وجود رست او دلشاد شد
روح جڏهن ان دنيا جي تنبيلي مان آزاد ٿيو ته اهو وجود مان نڪتو ۽ خوش ٿيو.
هر که در اسپان بود خدمت گذار ، روح اوشرمنده شد خوار تزار
جيڪو گهوڙن يعني وهمن ۽ خيالن جو خدمتگار ٿيو ته ان جو روح لڄي ۽ خوار خراب ٿيندو.
هر که در اين اصطنبل محبوس شد. درد وعالم کا را معکوس شد
جيڪو هن جسم جي تنبيلي جو قيدي ٿيو ته ٻنهي جهانن ۾ ڪارناما اوندها ٿيا.
پيش سائسيان دوتا پست نگون ، آبروئي ريخت شاهي درجنون
اوسئنس اڳيان ڳئي اگهاڙو ٿي نوڙي بيهندو عزت ۽ شاهي چريائوپ ۾ وڃائي ڇڏيائون
روح اپرواز جولان چون کند ، چون شب تاريکش افسون کند
ان جو روح پرواز جا جولان نه ڪري سگهندو . اونداهي رات وانگر پريشان هوندو.
چون پرش در گل بمانده شد خجل، رفتن پيش خدائي عزو جل
جڏهن ان جا پر مٽيءَ ۾ لوئاڙجي ويا. پوءِ اهو رب پاڪ وٽ ويندي لڄي پيو ٿيندو.
شد مقام روح ناپاکان سڃين برد ايشان راسوئي قصر زمين
انهن پليدن روحن جي جاءِ سجين دوزخ آهي، پوءِ انهن کي ملائڪ زمين جي تهه خاني ۾ نيندا
تو ازهل بادشاهه اعظم . ننگ دار راز علت نامحرم
تون ته بادشاهه اعظم جي خاندان مان آهين غير واقفن کان لڄ بجاءِ انهن سان گڏ نه ٿيءُ
هي ازهل وهم اسپان خيال، کردسر گين اسپ تورا پائمال
وهمي ماڻهن جا خيال گهوڙا آهن، جن جي سرگين زڪام تنهن جي گهوڙي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
خواب غفلت کرده است عافل تمام ، کرده ءِ نسيان ذکر حق ازان
غفلت جي ننڊ اهڙو ته غافل ڪيو اٿس. جنهنڪري الله جو ذڪر وساريو اٿس
عرش اعظم جاءِ روح پاک را، زير پايش ملک نه افلاک را،
پاڪ روح جي جاءِ عرش اعظم آهي نوَنِ آسمانن جو ملڪ ان جي پيرن هيٺان آهي.