تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

ٻه اکر

هيءَ حقيقت ۽ عالم آشڪار ڳالهه آهي ته حضرت فقير فولاد علي سائينءَ جهڙي علم ادب خواه تصوف جي تواريخ ۾ شخصيت ڪا ورلي لڀندي، ڇاڪاڻ ته پاڻ علم عربيءَ ۾ علم فارسيءِ جا مستند ۽ بينظير عالم هئا،
سندس شخصيت گهڻ رخي هئي.حق گوئي خواه بي باڪي ته سندن خاص خوبي هئي. اهڙي جيد عالم جڏهن وري طريقت جي رنگ ۾ رڱجي، حقيقت جي حال ۽ معرفت جو مقام ماڻيو، ته اُتان جا ماڻڪ ميڙي بحر عميق ۾ غواصي ڪري بحر جي موجن ۾ لهرن ۽ اٿل ۽ ڇولين سان جڳ واسي ڇڏيائين.

لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا،
سڻي سونُ لنڪا جو، سُکُ نه سامونڊين
پره پڳه جوڙيا، کاري کيڙئن،
وڏي ڀاڳ ڀِڙن جي ڪهيا ڪارو نڀار ڏي

سندن علمي بحر مان سيراب ٿيڻ لاءِ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مرحوم جناب علي احمد بروهي صاحب، روهڙي جا رضوي سادات ۽ مرحوم عطا محمد حامي صاحب جن هلي اچي ساڻن صحبتون ڪري پرائي ويندا هئا. سندن گفتار تي مبني هي ڪتاب عرصي دراز کان قلمي صورت ۾ موجود رهيو، مگر شايد ڪن ناگزير اسبابن سبب ڇپجي پڌرو ٿي نه سگهيو.
هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ تي ڌڻيءِ جي درگاهه ۾ آسائتو آهيان ته سندس مدد ۽ عنايت سان ڪتاب ڇپجي قارئين ڪرام جي دست حنا ثابت ٿيندو. آمين.
مون اُڀي تڙ جهل، پرين پڳه ڇوڙيا،
ڪا مُهين ۾ ال، نات سڄڻ سٻا جها گهڻو.


فقير شمس الحق فولادي