تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

فقير صاحب جن جي مستن سان ملاقات

وصال حق حاصل ٿيڻ کان اڳ خواه پوءِ فقير صاحب جن وٽ مست فقير رهندا هئا ته ڪڏهن فقير وٽن هلي به ويندو هو. وٽن امام بخش ڪيهري مست ۽ سيد عبد الله شاهه مست گهڻو ڪري رهندا هئا، هلندڙ طالبن جي مدد لاءِ قدرت مجذوب موڪليندي آهي. ڪڏهن وٽانئن مست هليا ويندا هئا ته پاڻ پير ڳوٺ ۾ آندل فقير ڪوري مست وٽ هلي ويندا هئا .
روايت آهي ته هڪ دفعي صاحب آندل مست ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ مست کي ڪشف وسيلي خبر پئي ته جاءِ مان نڪري رستي ۾ ٻهارڻ لڳو ته بسم الله ڀلي آيو. ميان ڀالي وارو ٿو اچي، مست صاحب فقير صاحب کي نيزوکڻڻ ڪري ميان ڀالي وارو ڪري سڏيندو هو. فقير صاحب ڳوٺان اچي فقير علي بخش انصاريءَ وٽ ترسيو. جنهن جو مئي خانو پير ڳوٺ شهر کان ڏکڻ طرف آهي. صبح جو وٽن ٻيا طالب اچي پهتا ان ڪري ٽي ڏينهن ٽي راتيون توحيدي گفتار ۾ اتي ترسي پيا. چون ٿا ته آندل فقير مست ٽئي ڏينهن سندن استقبال لاءِ ڦريو رستي کي به ڏيندو رهيو ۽ مٿيان لفظ به چوندو رهيو.
آخر فقير صاحب جڏهن آندل فقير وٽ پهتو ته مست پنهنجي طالب عبدالرحيم فقير کان شهر مان پلو پچرائي فقير صاحب کي مهمانيءَ ۾ کاريائين.
ان کانسواءِ خيرپور ۾ الله ڏني مست عرف بيبي بادشاهه زادي جيڪا وڏي منزل جي مالڪ هئي ، هڪ دفعي فقير صاحب مرحوم، امين محمد فقير ۽ مرحوم عطا الله فقير سان گڏجي ان مست مائي وٽ ويو. جيڪا برهنه رهندي هئي. پري کان فقير کي ايندو ڏسي مست مائي ڪپڙو ماڻهن کان اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ گهريو. ماڻهن کيس چيو ته اسين جو تنهنجي سامهون مرد بيٺا آهيون ڪنهن کان اوگهڙ ٿي ڍڪين. اسان کان ته حجاب ڪيو ئي ڪونه ٿي. ان تي مست کين چيو ته اوهين اکين هوندي به انڌا آهيو. اڄ مون وٽ اکين وارو مرد ٿو اچي. ايتري ۾ فقير سائين طالبن سميت اچي وٽس پهتا.
فقيرياڻي سندن ڏاڍو ادب ۽ احترام ڪيو. سندن هٿ ۾ گلاب جو گل هو سو اچي فقير امين محمد کي ڏنائين ۽ چيائين ته نبي کي پيروي کرو. اسم اعظم کمائو تو تم فنا في الله هوگا.