تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

بادشاهه ۽ مولويءَ جي ڳالهه

هڪ مسلمان بادشاهه ڪچهريءَ ۾ شراب پي ورهايو. هڪ مولوي به ڪچهري ۾ ويٺو هو بادشاهه مولوي کي به جام ڀري ڏنو ته پيءُ . مولوي چيو ته مان مري وڃان ته به شراب نه پيئندس. آخر بادشاهه نوڪرن کي بڇ ڪري دسرائي مار ڏياريائيس. مار کانپوءِ چيائين ته ڏيو ته پيئان پوءِ ٻه ٽي جام پي ويو. پيئڻ کانپوءِ مولوي هاءِ هاءِ پيو ڪري ۽ چوي پيو ته مون کي شراب جي خبر ڪانه هئي مان رڳو ائين عمر گذاري ڇڏي.جيڪڏهن هتي ڪلال خانو هجي ته طواف ڪيانس. آخر ڪلال خاني تي ويو. اتي وڃي ڏٺائين ته مولوي قاضي ۽ مفتي سڀ مٽن جي پاڙ ۾ پيا آهن. اتي دانهن ڪري روئيندي چيائين ته هي اسان کي جهليندا هئا. پاڻ شراب جي مٽن جي پاڙ ۾پيا آهن. ساقيءَ کان پڇيائين هي ڇو هت پيا آهن. ساقيءَ چيس ته تنهنجو انهن سان ڇا آهي تون ماٺ ڪري شراب پيءُ پوءِ ساقيءَ ۽ شراب خاني کي طواف ڪيائين.
مطلب ته مولوي نفس آهي جيڪو وحدانيت جي شراب جوانڪاري آهي ساقي حوض ڪوثر حضرت مولا علي آهي. شراب آهي دم وحدانيت جو جيڪو مرشد جي هٿئون آخرت جي موچڙن جي ڀوَ کان پيتائين پوءِ اسم مان مزو آيس مرڻ ۽ جيئڻ جو. پوءِ ساقي کي به طواف پيو ڪري ۽ هر هر شراب پيو پيئي جنهن ساقيءَ هٿان شراب پيتو سو قيامت تائين زنده رهندو جنهن نه پيتو سو مرده ٿي مري ويو.
مردود ٿي مئا، ماهر ٿي نه مئا
حباب ئي هئا. انهيءَ واديءَ وچ ۾

بيت
همچون ملان نفس خود داني دلا،
که از شراب عشق شد مانع ترا

ادا نفس کي ملان سمجهه جو عشق جي شراب کان توکي منع ٿو ڪري