تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

عشق جي حقيقت

جيئن فراق بيشمار تيئن عشق بسيار. جيئن عشق بسيار تيئن ماشوق درڪنار، تيئن عاشق بيقرار، جيئن عاشق بيقرار تيئن عشق جو اسرار. جيئن عشق جو اسرار تيئن عاشق جو سربردار. جيئن عاشق سربردار تيئن معشوق رقص دار. جيئن معشوق رقص دار تيئن عاشق بي اختيار. جيئن عاشق بي اختيار تيئن عشق برقرار. جيئن عشق برقرار. تيئن عاشق دل افگار، جيئن عاشق دل افگار تيئن معشوق ڦيريدار جيئن معشوق ڦيريدار تيئن عاشق موجدار، جيئن عاشق موجدار تيئن معشوق غمگسار، جيئن معشوق غمگسار تيئن عاشق وصل وجد دار، جيئن عاشق وصل وجد دار تيئن عاشق حال زار، جيئن عاشق حال زار تيئن عجب عشق زورئون زور نئون وصال جيئن عشق جو وصال تيئن عاشق خسته حال، جيئن عاشق خسته حال تيئن عشق لا اُبال. جيئن عشق لاابال تيئن عشق جو حال، جيئن عشق جو حال تيئڻ عاشق بي حال، تيئن درد جو ڪمال، جيئن درد جو ڪمال تيئن عشق جو وصال جيئن عشق جو وصال تيئن درد جي ڌمال، تيئن عشق جي الٽي چال، تيئن تيئن توحيد جي مقال، توحيد جي مقال اهڙي جو سڄي عمربس نه ٿئي، هجر ته اوئين هجر آهي مگر عشق جو وصل به هجر جهڙو.
عشق جي بي پرواهي واري گفتار سان زمين زمن ملڪ فلڪ وڻ ٽڻ جهنگ جبل به ڏڪندا آهن. ڇڙو ڪوهه قاف کي حڪم ڪيائين ته ڪوئيٽا جو شهر ۽ سندس پسگردائي ناس ڪئي هئائين. عشق جي بي پرواهي جواهڙو حڪم آهي.
عاشق جو ڪهڙو حال آهي هر دم پيو مري ۽ جيئي. مرڻ ۽ جيئڻ ڇا جئين هجر تيئن وصل جيئن وصال تيئن هجر. توڙي وصال ته به ڦٽيل. هجر ۾ ته وڌيڪ ڦٽيل. هجر توڙي وصال ٻنهي ۾ نه سک آهي نه آرام آهي. ورئڻ به ٻن قسمن جو آهي هڪڙو روئڻ هجر جو ته ٻيو روئڻ وصال جو ٿيندو آهي. مثال جيئن ٻه وڇڙيل زالون پاڻ ۾ ملنديون آهن ته پاڻ ۾ ڀاڪرن پيو روئينديون آهن. هوڏانهن عين وصل ۾ هونديون آهن. گڏ واري وقت ۾روئڻ جو عجب آهي عشق وصل ۾ ڇو روئيندا آهن ڇو ته گذريل جدائي وارو ارمان ان وصل يعني ميلاپ ۾ ٿيندو اٿن ته ههڙي محبوب کان ڌار ڇو گذاريوسون.
دنيا عشق جو بت خانو عقبيٰ عشق جو ميخانو آهي. جيڪو ٻنهي کان نڪتو سو مردانو آهي. عشق جو طالب يگانو آهي. دنيا جو طالب بيگانو آهي دل عشق جو پيمانو آهي. جنهن دل وحدت جو شراب پيتو. سا دل آهي جنهن دل شراب وحدت نه پيتو سا دل نه پر گل آهي يعني خاڪ آهي.
بيت
دل بود مر آته جه ذوالجلال در دل صافي نمايد حق تعاليٰ
دل ذات ذوالجلال جو آئينو آهي صاف دل ۾ الله تعاليٰ ڏسڻ ۾ ايندو آهي
در حقيقت دل بود عرش عظيم که دارو ساکن بود رب العليم
حقيقت ۾ دل بود عرش اعظم ڇو ته ان ۾ رب اعظم رهندو آهي.
دل چه باشد لامکان يک گام او هر دم عالم گم شده در نام او
دل ڇا آهي جو لامڪان به ان جي هڪ وک آهي ٻيئي جهان ان جي نالي ۾گم آهن
دل بود مرعشق راجائي عجب، کاندر او آرام گير پاک رب
دل عشق جي عجب جاءِ آهي جو ان ۾ رب پاڪ آرام وٺندو آهي.
شرح دل رانيست گنجائش تمام . مي نه گنجد شرح دل رات قيام
دل جي تشريح جي اصل گنجائش نه آهي قيامت تائين دل جو بيان پورو نه ٿيندو.
شاهه دان دل راد گر رعيت بدان حکمران دل اندر او تالا مکان
دل کي بادشاهه ۽ ٻين کي رعيت سمجهه لا مڪان تائين دل جي حڪومت آهي.
قصه دل کوته دل رابيان پس به جوو الله اعلن بالصواب
دل جو قصه ۽ بيان مختصر ڪر.پوءِ وڃي ڳول وڌيڪ خدا ٿو ڄاڻي.
صوفي اهو آهي جيڪو دمن جي حفاظت ڪري، دمن جي حفاظت ڪندي جسم مان نڪري پوي عبد مان الله ٿي پوي. رسول خدا اسان جو هادي ۽ رهبر آهي اهو به صوفي هو جنهن ان احمد بلا ميم چيو يعني آءُ ميم کانسواءِ احد آهيان. موليٰ علي سائين به انا عرب بلا عين چيو يعني آءُ عين کان سواءِ رب آهيان شاهه منصور به انا الحق چيو. جو گهڻو مشهور آهي. بسطامي صاحب سبحاني مان اعظم شاني چيو يعني مان پاڪ ۽ وڏي شان وارو آهيان لوائي اعظم من لوائي محمد. يعني منهنجو جهنڊو مطفيٰ جي جهنڊي کان به وڏو هوندو هيءَ رمز جي ڳالهه آهي ڪو معنيٰ جو مالڪ ڄاڻندو بسطامي صاحب ان ڪري چيو جو فنا في الرسول جبروت کان مٿي عالم لاهوت ۾ فنا في الله ۾ وڃي فقير الله ٿي پيو. الوهيت جي منزل رسولي منزل کان هڪ درجو مٿي آهي. شمس الحق تبريزي صاحب اسجدوني چيو يعني مون کي سجدو ڪيو. قم باذني چئي مئي کي جيئرو ڪيائين. شيخ عطار نيشان پور ۾ من خدايم جو نعرو هنيو جنهن تي سندس سر لاٿو. ويو سر لهڻ کان پوءِ ڪاغذن جو دستو گهرائي پنهنجي رت مان قلم ٻوڙيندو بيسر نامون نالي ڪتاب لکيائين سر گوڏن تي رکي ڌڙ لکيو. اهو اثر رسول الله جي سبق ۾ هو جيڪو علم استاد ڄاڻندو آهي سو شاگردن کي سيکاريدو آهي. استاد عربي فارسي پڙهيل هوندو ته شاگردن کي به پڙهائيندو. دنيا سڀ درياه آهي جنهن ۾ لوڀ جي لهر ٿي وهي. طالبن تٿاهه موڙي چاڙهيون مڪڙيون جيڪو طالب هوندو سو. هن لوڀ کان بچي ويندو. نه ته ان دنيا جي درياه ۾ لکين وجود غرق ٿي ويا. جيڪو ٻڏو سو غرق ٿيو. جو تريو سو چڙهيو.