تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

فقير صاحب جي رهڻي ڪرڻي

پاڻ سادو کائيندا سادو پهريندا هئا. ٻين کي به سادگي سان رهڻ جي تلقين ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته عيش عشرت ڪرڻ سان آدمي جو نفس گهڻا گناه ڪندو آهي. سادگيءَ سبب نفس هيڻو ٿي پوندو آهي. جنهن ڪري نافرماني نه ڪندو آهي.
پاڻ انفرادي شخصيت جا مالڪ هئا،کين خالق ڪائنات جيڪا صورت عطا ڪئي هئي سا سواءِ سينگار جي به سهڻي ٺهندي هئي.کين کائڻ پيئڻ لاءَ هڪ ڪشتي هوندي هئي. هڪ گلاس جست جو ۽ هڪ گلاس ڪُٽِ جوبه هين. پاڻ هر وقت بدعت کان بيزار هوندا هئا. صرف حقو ڇڪيندا هئا ۽ فرمائيدا هئا ته حقو طالبن لاءِ چڱو آهي ڇو ته سندس ٻاڙ کين ننڊ ڪرڻ نه ڏيندي آهي. جاڳڻ سان طالب جا دم ذڪر ڏانهن ٿي پوندا آهن. سڄي رات سمهڻ وارو ماڻهو مئل وانگر هوندو آهي. پاڻ هر نشي کان بيز ار هئا. مگر عشق الاهي جو نشو مٿن هر وقت رهندو هو. جيڪو عقل کي اجاگر ڪندو آهي. جيئن هڪ عارف سچل سرمست جو فرمان آهي ته

“ خَمُر َ ڪنهن خاصي خماريا، سالڪن ڪيا سِر فدا
ڪيف ڪنهين جي ڪڪوريا، جُنگ ٿيا جسمئون جدا”

سندن طبيعت لا احتجاج الا الله هئي، خدا کانسواءِ ڪنهن کي به سوال نه ڪندا هئا. پاڻ ظاهري طرح مسڪين هئا. مگر ساري عمر ڪنهن کان به ڪجهه گهريائون ڪونه، ان ڪري ماڻهو کين تونگر سمجهندا هئا ۽چوندا هئا ته فقير صاحب وٽ دنيا جي ديڳ رکيل آهي، جنهن مان آهستي ٿو کائي ۽ کپائي.
سندن کاڌو لسي ماني هئي، يا بصر کي مڪ هڻي، ان سان ماني کائيندا هئا. ڪڏهن ته بک تي به ويلا ويٺا هوندا هئا، مگر ڪنهن کان گهرندا ڪين هئا، سندن قرب ۽ محبت اهڙي هوندي هئي جو ڪير به هڪ دفعو سندن محبت لاءِ ايندو هو ته وري ڪڏهن به کانئن ڌار نه ٿيندو هو. پاڻ اهل علم هئا ان ڪري علم وارن جو قدر ڪندا هئا. پاڻ عربي فارسي ۽ اردو سنڌي جا اڪابر عالم هئا. سنسڪرت جو به مطالعو هون. وٽن ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هوندو هو. فارسي ڪتابن مان مولانا جلاالدين روميءَ جي مثنوي، شيخ عطار جو بسير نامون ديوان آشڪار، ديوان شمس الحق تبريز، منطق الطير ۽ شاهه عبدالطيف جو رسالو، ديوان بيدل ۽ ديوان بيدل دهلوي، تاريخ روضته الصفا جيڪا زوار شاهنواز سندن لاءِ ايران مان وٺي آيو هو. شاهه نامون هِجوَ نامون ۽ راڳ ساگر وٽن موجود هئا.
راڳ جي هر صنف ۽ ڌن ۽ هر طرز مان خوب واقف هئا. طالبن کي تلقين وقت آيات قرآني ابيات مثنوي مثالن طور ٻڌائيندا رهند هئا. مثنوي جا مثال ٻڌي طالب هدايت حاصل ڪندا هئا. شاهه جا بيت ٻڌڻ سان طالبن جون دليون وڌيڪ نرم ۽ متاثر ٿينديون هيون شاهه صاحب جي بيتن جون ظاهري توڙي باطني معنائون ڪندا هئا.سندن ترجمو حضرت شاهه صاحب جي عين خيال ۽ تصور مطابق هوندو هو. پاڻ شاهه صاحب جو هي بيت گهڻو ڪري پڙهندا هئا .

“جي توبيت ڀانئيان، سي آيتون آهن،
نيو من لائين، پريان سندي پيچري”

شاهه صاحب جي هر هڪ بيت سان قرآن پاڪ جي آيت ملائي ۽ ڀيٽائي ٻڌائيندا هئا. کانئن سڀني عارفن جا ڪلام موجود آهن. پاڻ فرمايائون ته اها مالڪ جي مرضي آهي ته هو پنهنجي معراج ۽ مشاهدن جو بيان چاهي ته شعر ۾ ڪرائي ۽ چاهي ته نثر ۾ ڪرائي اسان اهو بيان نظم بدران نثر ۾ ڪيو آهي. آءٌ اڳين سڀني شاعر عارفن جي شرح ۽ معنيٰ آهيان.