بادشاهه جي ڳالهه
بيت
راه خدا تعاليٰ در قلب مومنين است، درزمين وآسمان اور اگنجائش نيست
خدا جو رستو مومنن جي دلين ۾ آهي زمين ۽ آسمان ۾ اهو ماپي نٿو سگهي
حديث: لايسفي في يسعي ارضي ولا سمائي ولاکن في القلوب المومنين. الومن حي في الدارين بل هم احياءُ عند ربهم
جنهن جي دل ذڪر اعظم سان زندهه آهي اهو هتي هتي جيئرو آهي. اهو الله جو مومن ۽ وزير آهي. فقير الله جا وزير آهن. عاشق ۽ عارف آهن جيڪي هن بوتي جي ڍڍر مان الله کي ڳولي ٿا لهن. دنيا جي لذتن ۽ تماشن ڏي نٿا نهارين. ونحن اقرب اليه من حبل الوريد جي معنيٰ ۽ شرح اها آهي.
جيڪو دنيا جي تماشن کي ترڪ ڪندو. اهو ان بازار مان ٻسٽ شاهه اعظم ڏي ويندو. ۽ اهو ئي نحن اقرب وارو الله لهندو.
بيت
عارف آنها که خدارا يا فتند ، از تماشاءِ جهان روتا فتند
عارف اهي آهن جن خدا کي لڌو دنيا جي تماشن کان منهن موڙيائون
آن نديمان الاهي در جهان، درد وجد يا فتند آن ذوالمنان
اهي دنيا ۾ الله جا همنشين آهن. انهن پنهنجي وجود مان ذوالجلال کي لڌو
از درخت جسم خود آن شاهه را، يافتنداز وصلتش کارو گياه
پنهنجي وجود جي وڻ مان ان شاهه کي لڌائون ان جي وصل سان سندس مطلب ٿي ويا.
من طلب شيءُ چون جستند آن خدا . عاقبت جو بنده يابنده سزا
جنهن کي ڪنهن شيءِ جي گهرج هوندي آهي ته ڳوليندو آهي. آخر ڳوليندڙ لهندو آهي اهو دستور آهي.
توحيد جي پڄاڻي توحيد جو انڪار آهي يعني جيڪا ڳالهه توحيد جي آهي سا سڀ ڳالهه فقير پنهنجي چوندو. اهي سڀ گفتاران منهنجون آهن منهنجي دل جي دفتر تان هليون آهن. قرآن حديث يا عارفن جا ڪلام پنهنجي گهر جي ڳالهه پيو سمجهندو. اهي امر نهي ۽ مخلوقن کي سمجهاڻيون ۽ هدايتون به منهنجون ٿيل آهن توحيد جون حديثون ۽ آيتون به پنهنجون پيو سمجهندو. توحيد جي پڄاڻي اها آهي ته جنهن ملڪ جي گفتار يا ڳالهه ٿيندي ته اهو ملڪ ۽ منزل فقير روبرو پيو ڏسندو. جنهن به حد ملڪوت جبروت يا لاهوت جي ڳالهه ڪندو ته جيئن بادشاهه جلسي ۾ ڪرسيءَ تي ويهي خطاب ڪندو آهي تيئن عارف به ان حد ۽ منزل تي پهچي ۽ اتي بيهي ڳالهه ڪندو.
وجد جي حالت ٽن قسمن جي آهي (1) وجد هجر جا ٻه قسم آهن ٽيون وجد وصل ۾ ٿيندو آهي. هڪڙو وجد طالب کي سبق پڙهڻ سان ٿيندو آهي، دلين جا ٻه قسم آهن. ڪن دلين ۾ وجد ٺڪاءُ ڪري گهري پوندو آهي پر اهو وجد اڃا فراق جو آهي، ڇو ته ذڪر جي جوش ۽ جذبه سان ۽ ذڪر جي وهڻ سان طالب جو وجود تڙپي بل کائيندو آهي. ان وجد ۾ طالب ڪجهه به ڪين ڏسندو مگر سندس روح ذڪر تابش ۽ سازن سروزن جي آواز کي برداشت نه ڪري سگهندو آهي جو پنهنجي ملڪ جي ڳالهه ٻڌڻ سان ڳچ ڳري ٿا پون. تمام بيحال ٿو ٿئي.
ٻيو وجد اهڙو آهي جنهن ۾ جسم نه تڙپندو آهي توڙي هجر هجي يا فراق يا وصال هجي. مگر سندس چهري ۾ تبديلي ايندي آهي. اکين تي نشو پئجي ويندس. مگر معراج نه هوندس. سندس اکيون هتون لامڪان پيو ڏسنديون دل جا پردا ڦاٽي پوندس. مگر پاڻ نه ويندو
وجد جو ٽيون قسم اهڙو آهي جو سبق پڙهڻ سان هن جي وجود ۽ قلب ۾ ڄڻ بندوق جو ڇرو اچي لڳندس. اکين تي نشي جا مڻ چڙهي ويندس. اکيون زورن سان به کلنديس. ان وقت طالب عاشق جي وجود ۽ عبرت پيدا ٿيندا آهي ان سخت بيحاليءَ ۾ فقيرجي وجود تي ڪوبه هٿيار نه وهندو . عاشق جو وجود عرش اعظم ٿي پوندو يا. خود عرش جو مالڪ رئيس پاڻ ٿي پوندو. اثباتي جي ڀاڱي جي ضرب پيدا ٿيندي. جنهن ۾ بي انداز نشو ٿيندو. ٻن پيرن سان اهو وجود عين وصل آهي وصل جو مدار سيني تي آهن جن تي اهو وصل وارو وجد پوندو آهي. اهڙيون خاص دليون به عشق شهنشاهه ٺاهيون آهن. عام دلين تي اهو وجد نه پوندو آهي مگر پوءِ به ڌڪ لڳندو اٿن. جيئن پکيءَ کي گز ڪيرائي وجهي. ڪي پکي به گز جهلي اڏريا ويندا آهن.
عشق شهنشاهه وجد وارين دلين جا ٻه قسم ٺاهيا آهن
حديث: الوجد ثلاثته الاقسام قسم الاول وجد العام قسم الثاني وجود الخواص،قسم الآخر وجد الخاص . وهوو وجد يوصل لقاءَ الله تعاليٰ
خاص الخاص صوفيءَ کي معراج ٿيندو آهي جيڪو جسم مان نڪري عين ٿي پوي ٿو. اهو رسول الله وارو معراج چئبو آهي. وجد ڇو پيدا ٿيندو آهي. خاڪي وجود ۽ روح عشق جي شينهن اڳيان هرڻ وانگر تڙپندو آهي. عشق شينهن جي اڳيان هرڻ جي هستي رئي ٿي ويندي آهي.
بيت
پيش شير آهوئي بيهوش شد. هستيش درهستي او روپوش شد
شينهن جي اڳيان هرڻ بيهوش ٿيندو آهي شينهن جي اڳيان ان جي هستي لڪي ويندي.
بيت
اونها وري جو دوڙا الايو. عشق آرام نه ڏيندا. عشق جنهن کي بيدار ڪيو سو ملڪ فلڪ ۾هوشيار ٿيو.هن جسم جي قيد کان بيزار ٿيو. اهو سر سوڌو بردار ٿيو. پوءِ ان جوهت اختيار ٿيو. عاشقن جي فوج جوسالار ٿيو. پءِ ان کي دائما ديدار ٿيو. اهو عاشقن ۾ اظهار ٿيو. عشق عجب آفات نه ڪشف نه ڪرامات نه طالب نه درجات. عشق رڳو الا الله اثبات عشق اتي اُتي جتي ڏينهن نه رات، ظاهر عشق جي صفات، باطن عشق جي ذات عشق جي اُلٽي چال ۽ الٽي بات، دنيا عقبيٰ عشق جو ظهور آهي. سج چنڊ عشق جي بتي جو نور آهي. جيڪو دنيائي روشنائي لاءِ دستور آهي. عقبيٰ جو طالب مزدور آهي. عشق جو طالب مخمور آهي. دنيا جو طالب بي نور آهي نفس جو طالب حق کان گهڻو دور آهي، جو عشق کانسواءِ جدا آهي سو مهجور آهي عاشق عشق جو منصور آهي عارفت هِتي هُتي منظور آهي. جيڪو هن کان بيزار ٿيو سو عشق ۾ اظهار ٿيو. جنهن هن کي نه ڄاتو تنهن عشق کي سڃاتو. جنهن عشق کي سڃاتو تنهن سڀڪجهه سڃاتو ۽ پاتو. عشق نه ڪافر نه مسلمان آهي عشق کي نه دين نه ايمان آهي. عشق جو نه شيطان نه رحمان آهي. عشق جي موج هي هو جهان آهي. عشق ٻنهي کان نرالو آهي. عشق جو پنڌ سخت ڪشالو آهي. عشق ۾ مرڻ ۽ جيئڻ آهي. عشق ۾نه تقويٰ نه دين نه ايمان آهي. عشق حقاني اسلام ۽ امام آهي. دين ۽ ڪفر عشق جي دام آهي. جيڪو مئي وحدت پيئندو سو قيامت تائين نه مرندو. نه اتان نشو لهندو. جنهن تي وحدت جي مئي جو نشو چڙهيو سو عمر تائين هوشيار نه ٿيندو ۽ ڪثرت کان بيزار رهندو. هِن هُن جهان ۾اهو نه بيهندو. جسم جي قيد کان آزاد رهندو. ڪڏهن هِتِ ته ڪڏهن هُتِ رهندو. جيئن ڪو درياهه جي ڪن ۾ پوندو آهي ته ڪڏهن تري ۾ ته ڪڏهن مٿي ترندو آهي. جيڪو درياه جي تيز گرداب ۾ يعني ڪُن ۾ ايندو ته ان جو ڪهڙو حال هوندو. عشق سان درياهه جو مثال ان ڪري ٿا ڏيون ته جيڪو طالب ان رحمت جي درياهه ۾ ويو ته مئي وحدت جي نشي سبب اهو فقير پاڻ اصل ڪونه رهندو رڳو درياهه هوندو.
بيت
من به درياه تيز مهر آمدم، آمدم من در عجبها آمدم
مان درياهه جي تيز ڪن ۾ آيو آهيان، آيو آهيان عجيب حيرتن م آيو آهيان
ساري دنيا جو حسن ان درياهه اعظم جو ڦڙو آهي. هو دهشتي درياهه آهي. هڪڙو فقير ٽن ڪوهن تان پنڌ ڪري مصرع جي معنيٰ پڇڻ آيو ته ”دليان ڪي ميداني اوپر ڪونتل عشق ڪڏا ويگا“ هي مصرع سچل فقير جي ڪافي جو آهي. امير به ويٺل هئا جيڪي فقيري جي دعويٰ ڪندا هئا وجد حال وارا هئا. عمر فقيري ۾ گّذاري هئائون ان مصرع جون پنج ست معنائون ڪري ٻڌايائون جنهن تي پير ڳوٺ جي عليٰ بخش فقير انصاري چين ته توهان جي هڪ به معنيٰ دل کي نه لڳي تنهن تي ان خان فقير پڇيو ته هي ڪنهنجو طالب آهي. ماڻهن چيس ته فولاد علي فقير جو.
پوءِ علي بخش فقير اسان وٽ معنيٰ پڇڻ لاءِ آيو. اسان کيس معنيٰ نه ٻڌائي ڇو ته قرآن پاڪ ۾ به خاص راز مخفي آهن. قرآن جي حد لوح محفوظ تائين آهي هيءَ ڳالهه عرش عظيم کان به پري جي آهي. هيءَ بيحد ملڪ جي ڳالهه آهي قرآن ۾ به اُهي ڳالهيون لڪل آهن. هن مصرع ۾ ذات منزه جي حقيقت بيان ڪيل آهي. فقير کي اها ڳالهه ٻڌائڻ ڏوهه آهي علي بخش کي چيوسون ته توکي اسان رستو ڏسيو آهي. ان دڳ سان هلندو رهندين ته وڃي اتي پهچندين .جنهن تي رنج ٿي ويو. ته مان ڪيڏو پنڌ ڪري آيو هُيس ته به معنيٰ نه ٿا ٻڌايو جنهن تي اسان مثال ٻڌايس ته جيئن خرار مان جنس لاءِ ڪڻا ڏيکاربا آهن چيوسونس ته تون ڪراچيءَ ۾ زناني ناٽڪ ۾ رقص ۽ ناچ ڏسڻ سان ڪرسيءَ تان ڪري بيهوش ٿي پيو هيئن اهو حُسن اعظم جو ڦڙو ڏٺو هيئه جيڪڏهن دهشتي درياه جو حسن ڏسنين ته تنهنجو الائي ڪهڙو حال ٿئي.جيڪر بچي ڪونه سگهين هاڻي توکي درياهه جي ڦڙي جو ڏس ڏنوسين. هاڻي ان ٻڌايل رستي سان پنڌ ڪري پاڻ وڃي ڏس ته دلين جو ميدان ۽ شهر ڪٿي آهي. هي ملڪ جسم جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ ڏسبو آهي. رسول الله به جسم کان ڌار ٿي پوءِ ملڪ ڏٺو هو. اهو موت نه آهي مگر دائمي حياتي آهي. وري موت ان تي هرگز نه ايندو حديث الموت جسر يوصل الحبيب الي الحبيب، موت پُل آهي جيڪا دوست کي دوست سان ملائيندي آهي.
عشق هڪ مشهور نانءُ آهي جيڪو سڀ ڪنهن کي اچي ٿو، ان نالي کي رسول الله ﷺ به قرآن ۾ لڪائي ڇڏيو آهي. عام ماڻهن خواه عالمن فاضلن غوثن قطبن کي انهيءَ عشق جي حقيقت. صورت ۽ حد جي خبر ڪانهي عشق جي خبر ان کي آهي جيڪو جسم مان نڪري معراج ٿو ڪري جنهن نون آسمانن کي پيرن هيٺان ڪيو. عرش اعظم کان به پري ويو. ان ڳالهه جي اشاري مان سمجهو ته عارفن ۽ عاشقن جيڪي شعر چيا. آهن انهن ۾ هر هنڌ عشق جو نالو آيل آهي. ان ڪري عشق جي خبر معراج وارن عاشقن کي آهي. ٻين کي صرف عشق جو نالو ٿو اچي مگر جيڪي حلال کائن ٿا ۽ زباني ذڪر ڪن ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا ته انهن جي دعا ۽ پِٽ لڳي ٿي. غوث ۽ قطب بهشت جا خواهشمند آهن. نفس پرور آهن. ۽ عشق جا مُنڪر آهن. ڇو ته عشق ۾ ڏک آهن. نفس لاءِ بکون اوجاڳا ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ ڏکيا آهن. عاشقن جو ڪم پاڻ کي ڄنگهه ۾ رسو وجهي ٽنگڻ وارن ۾ رسو وجهي ٻڌڻ وهندڙ پاڻي ۾ ڪرڻ يا ڪٻي وڻ تي ويهڻ ننڊ اچڻ مهل پاڻي ۾ ڪرڻ اهي تڪليفان ڏيئي عاشق پاڻ مان نڪرندا آهن ذڪر جي وسيلي هن پائخاني جي ڪوٺي مان روح کي ذڪر جي وسيلي ڪڍيندا آهن. جاڏهن جا آيل آهن اوڏانهن موٽندا آهن. پوءِ اصلي موج ماڻيندا آهن.
اها خبر نه ٻڌي اٿو ته شيخ شبلي جيستائين جسم جي قيد ۾ هو ته تيستائين نفس جي اکين ۾ لوڻ وجهندو هو.ڪتاب شيخ شبلي جي باري ۾ لکندا آهن ته ننڊ وقت فقير اکين ۾ لوڻ وجهي ننڊ ڦٽائيندو هو. موليٰ عليه عليه السلام جو فرمان آهي ته جنهن پنهنجي پاڻ کي سڃاتو ڄڻ الله کي سڃاتو.
بيت شيخ عطار رحه
م درادره بود قالين بود، زيرپهلص خشتها بالين بود
طالب مردانه کي سمهڻ لاءِ تڏو به قالين يا غاليچو آهي. وهاڻي بدران مٿي هيٺان سرون هونديون آهن
غوث قطب سڀ جسم جي قيد ۾رهجي ويا. جسم مان نڪري معنيٰ جو معراج نه ماڻيائون نفس دشمنن جي خدمت ڪندي مري ويا. رڳو بهشت جي اميد ۽ ڳڻتي م رهجي ويا. اسان عاشقن فقيرن کي نه بهشت جي اميد نه دوزخ جو ڀوءُ ٻنهي کان بيزار آهيون. ڇو ته اهي ٻيئي مخلوق آهن اسان وڃي ان جي خالق کي لڌو ۽ ان سان همدم ٿياسون اهوئي بهشتن ۽ دوزخ جو مالڪ آهي. دوست ان محبوب جو جلال آهي ۽ بهشت جمال اٿس. اسان ٻنهي کان آزاد آهيون.اتي مخلوق ۽ مخلوقيت جي ڪا به طاقت نه رهندي آهي جيئن رسول اللهﷺفرياموآهي ته روايت ربي بيعن ربي. يعني اسان الله ج کي الله جي اکين سان ڏٺو آهي هي آدمي جو روح وڏي دراياه جو ڦڙو آهي. ڦڙو درياه ۾ پوڻ سان ملي هڪ ٿي ٿو وڃي ٻي غير جنس آهي روح ان جو ذاتي جزو آهي .پاڻي جا جانور پاڻيءَ ۾ رهن ٿا. ڇو ته پاڻي هنن جو روح آهي. اهو پاڻيءَ ٻيا خشڪي جا جانور به پيئن ٿا. ان لاءِ پاڻي حياتي آهي پر جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ڪرن ٿا ته ٻڏي مري ٿا وڃن. مثال جيئن ٻيڙيءَ لاءِ پاڻي حياتي به آهي ته موت به آهي. ڇو ته جيڪڏهن پاڻي هيٺان اٿس ته حياتي اٿس. پر جيڪڏهن منجهه گهري پيس ته موت اٿس،
تيئن نفس کي به ذات جو پاڻي قدر آهر مليو ته پيئي ٿو. مگر هي پاڻي کان غير جنس آهي ڇو ته خشڪيءَ جو رهندڙ آهي. هن کي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ جو خوف آهي. ان ڪري ذات الاهي پنهنجو ديدار روح تي مقرر ڪيو آهي. ڇو ته روح عالم بالا جو جزو آهي اوڏاهون هت آيل آهي نفس مٽيءَ مان ٺهيل آهي. ان ڪري ان کي زمين تي ڇڏيائين.ذات وئي ذات ۽ صفات ويئي زمين يعني مٽيءَ ڏي نفس روح لاءِ سواريءَ جو گڏهه آهي. جيڪڏهن ڪو بادشاهه ڏي ايندو ته سواري ته سامهون نه ايندو مجال نه اٿس. وهٽ پري ٻڌي پوءِ ادب سان ايندو. وهٽ سوڌو وٽس ايندو. ته پادر کائيندو.رايت ربي بعين ربي جي اها تشريح آهي.
ذات ذوالجلال جي درٻار جو ڪتو ۽ دربان حضرت عزرائيل آهي ان کي حڪم ڪيائن ته ڪير به ماڻهو منهنجيءَ درٻار نفس ڪتي سوڌو لنگهڻ نه ڏجانءِ مثال ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي گهر ۾ ڪتي سميت ويندو ته گهرو ڪتو ماڻهن کي ڪونه چوندو مگر ڪتي کي وڃي دسيندو.
سرڪار اعظم جي ڪتي جو خوراڪ ٻڌو ته ڪنهن ملان قاضي يا زاهد عابد کان شهواني خواهه گمراهي جو ڪم ۽ حق غضبي ۽ ناحق ڪرائيندو ته پوءِ ڄڻ خوراڪ کاڌائين. پوءِ ٻارهن مهينا ان کي ڍئو هوندو ۽ آرام ۾ پيو هوندو. وري به جڏهن بک لڳندس ته جاچي ڪنهن زاهد عابد جي واٽ ماريندو. شهواني ڪم ڪرائيندس هميشه کان وٺي هن جي اها چال آهي. اهو ڪتو مالڪ جو بي فرمان نه آهي. ڇو ته جيڪو به نفس ڪتي سوڌو درگاهه ۾ وڃڻ جي سڌ ڪندو ته ان کي ماريندو ۽ وڃڻ نه ڏيندس.حديث: ان نفسڪ کلاب بيشڪ توهان جو نفس ڪتو آهي. اسان حضرت عزرائيل کي محبوب جي در جو ڪتو ان ڪري سڏيو آهي جو در جو ڪتو به مالڪ کي پيارو هوندو آهي جيئن مجنون جي محبت جو ڪمال هو جو ليليٰ جي در جي ڪتي جا پير چمندو هو.
بيت
پاءِ سگ بوسيد مجنون خلق گويد اين چه گاه گاه اين سگ در کوئي ليليٰ رفته بود
مجنون ڪتي جا پير پيو ته ماڻهو پيا چون ته هي ڇاجي ڪري ٿو ائين ڪري جنهن تي پاڻ چيائين ته هي ڪتو ڪڏهن ڪڏهن ليليٰ جي گهٽي ۾ ويندو آهي.
سارو جهان ان نفس ڪتي جو تابع آهي چئو ته ڪنهنکي به الله جي محبت يا ڪو يادگير به آهي؟ قرآن قليل ما تئومنون واڪثر هم الفاسقون ڪي ٿورا مومن آهن مگر گهڻا فاسق آهن ساري جهان ۾ نهاري ڏسو ته ڪو گهر ڪتي کان خالي آهي. شهرن ۾ يا برن ۾ هندن ڪولهين يا ڀولائن جي هر هڪ گهر ۾ ڪتو آهي. دنيا جي مال جي حفاظت به اهو نفس ڪتو ٿو ڪري. جهيڙا فساد زمين ملڪيتن تي ڪڙين ڪسين تي تڪرار به اهو نفس ڪتو ٿو ڪري سڀڪو ٿو چاهي ته اهي منهنجي حواله ۾ هجن اها سڌَ ان ڪتي نفس جي آهي. روح جي خواهش عروج سير معرفت ۽ ديدار الاهي آهي.هر ڪو پنهنجي اصل ڏانهن ڇڪي ٿو. مثال نفس جي نسبت ڪتو ڏسو جو اٺ يا هاٿيءَ يا ڪيڏي به ٻئي وڏي ڍونڍ تي ايندو ته اتان ڪانوَ ۽ ٻيا ڪتا تڙيندو وتندو. .جيئن اهو سڀ مان کاوان، ٻيو ڪير به ڀائوار نه ٿئي. تيئن دنيا جا ماڻهو به ان ڪتي نفس جا تابع آهن ته جيئن سڀ ڪجهه اسان کائون ٻئي ڪنهن کي به نه ڏيون، قرآن پاڪ ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ دائود نبيءَ کي فرمائي ٿو یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلْنٰكَ خَلِیْفَةً فِی الْاَرْضِ فَاحْكُمْ بَیْنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ وَ لَا تَتَّبِـعِ الْهَوٰى فَیُضِلَّكَ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِؕ- : يعني (اي دائود عه) توکي اسان زمين ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪيو آهي پوءِ حق سان حڪمراني ڪجانءِ سڌن جي تابعداري نه ڪجانءِ اهي سڌون توکي الله جي رستي کان گمراهه ڪنديون. دائود جهڙي نبيءَ کي به رب العالمين سڌن جي تابعداري کان منع ڪئي اها منع جملي انبيائن ۽ عاشقن عارفن کي وقت تي ٿيندي رهي آهي. افسوس آهي جو ان هوندي به سارو جهان انهن سڌن م گم آهي. خدا جيڪو نيڪيءَ جو حڪم ڪيو ماڻهن ان کي منع سمجهيو، جنهن بديءَ کان منع ڪيائين ان کي حڪم ڪري سمجهيائون . القرآن” ونهن نفس عن الهويٰ فان الجنت هي الماويٰ “ سڌن کان نفس کي بند ڪيو ته بيشڪ اوهان جي رهڻ جي جاءِ بهشت آهي. ڪيڏو نه نفس جي تابعداريءَ کان بچڻ جو تاڪيد آهي رسول الله کي به ذات ذوالجلال تعليم ٿو ڏئي ته مسلمان کي سمجهاءِ ته خناس نفس جي وسوسن کان مون کان پناهه گهرن يعني قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاسِۙ(۱)مَلِكِ النَّاسِۙ(۲)اِلٰهِ النَّاسِۙ(۳)مِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ الْخَنَّاسِﭪ(۴)الَّذِیْ یُوَسْوِسُ فِیْ صُدُوْرِ النَّاسِۙ(۵)مِنَ الْجِنَّةِ وَ النَّاسِ۠(۶) يعني چئو ته مان پناهه گهران ٿو ماڻهن جي پالڻهار کان ماڻهن جي بادشاهه کان ۽ ماڻهن جي معبود کان ان خناس نفس جي وسوسن کان جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وجهي ٿو. ائين ذات ذوالجلال به سيکاري ٿو ته ان خناس نفس جي وسوسن مون کان پناهه گهرو.ڏسو ته وهمن ۽ الوسوٰس جو ڪيڏو تاڪيد ٿيل آهي جنهن جي عام مسلمان پوڄا ۽ پيروي ٿا ڪن جيئن نفس چوين ٿو ائين ڪن ٿا ڪلام الله ۾ ڪيڏو تاڪيد آهي.
اسان هڪ دفعي هنگورچه شهر ۾ وياسين جو سيد غلام مرتضيٰ شاهه اتان جو رهاڪو فقير هو ان سان اسان جي محبت هئي. ان وقت اهو گذاري چڪو هو. سندس گاديءَ تي سيد صوفن شاهه اسان رات ترسياسون. اسان جو ٻڌي سڀ سيد جي ڪچهري ۾ گڏ ٿيا. انهن ۾ سيد محرم علي شاهه به موجود هو. ان ڪا ڳالهه ٻڌي هئي ته فقير فولاد علي شيطان جي خيرات ڪري کيس ختمون ڏنو آهي. انهن جي سمجهه ۾ ته فقير ڪو غلط ڪم ڪيو آهي. ان ڪري سيد محرم علي شاهه طعنه هڻي. قرآن جي آيت پڙهي ته يا بني آدم ان لا تعبد الشيطان ان لکم عدو مبين. ۽ چيائين ته فقير جڏهن شيطان آدمين جو پڌرو دشمن آهي پوءِ توهان ان کي ختمون ڇو ڏنو. جنهن تي اسان چيس ته سيد محرم علي شاهه قرآن ڪلمون ۽ نبوت امام توهان سيد تي لٿا اسان شرن تي کاٽ جا رنبا ۽ ڍڳن چورائڻ لاءِ رسا لٿا. جي چوين ته اسان توکي پنهنجي وڏن جي ورثي وارو ڪم ڪري ڏيکاريون. مگر قرآن توهان جو ڪتاب آهي ان آيت جو تفسير تون ڪري ٻڌاءِ ۽ شيطان اسان کي به ڏيکار ته ان جي تابعداري نه ڪريون محرم شاهه ته چپ ڪري ويو. پوءِ اسان چيس ته توهان چئو ٿا ته شيطان جا ڪم بڇڙا آهن، جنهن تي چيائين ته هائو. وري اسان چيس ته سيد اهڙي ڪا ثابتي اٿو ته شيطان ڪنهن جي گهر ۾ رات جو آيو ۽ ڪنهن پڪڙي به وڌس يا ڪتن پوڇاٽي کاڌس. چڱو هلو ته ميرڻا جيل ڳوليون ۽ انگريزن واري حيدرآباد واري جيل ۾ ڏسون ته ڪٿي شيطان ٻڌل آهي. فقير توسان ڪاري پاڻي تائين ٻڌل آهي هلو ته اتي ڳوليونس جيڪڏهن ڪم بڇڙا اٿس ته ڪاٿي ضرور واڙيل هوندو. قرآن ۾ جيڪي بني آدم جو صفو استعمال ٿيل آهي سو سڀني آدمين لاءِ آهي. اسان به آدمي آهيون ۽ توهين به آدمي آهيو. اوهان کي جيڪڏهن شيطان جي خبر آهي ته ٻڌايو ته اسان به سندس تابعداريءَ کان بچي پئون ۽ ڏيکاريو ته ان جي ويجهانه وڃون.
جي نه ته اسان توکي چوريءَ وارو ڪم ڪري ڏيکاريون. کاٽ هڻي ڪنهن جي جاءِ جا ڀاڻانڍا لاهي ڏيکاريون. اسان پنهنجي وڏن وارو ڪم اڄ به ڪري سگهون تون سڏائين نبيءَ جي اولاد ٿو ان ڪري اسان کي شيطان جي صورت ڏيکار ته ان کي ڏسي کائونس اسان سڃاڻي پري پري رهون جنهن تي محرم شاهه ماٺ ڪري ويو. مگر ان جاءِ تي هڪ قاضي پڙهيل ماڻهو ويٺو هو. جنهن چيو ته شيطان بي مثل آهي. جنهن تي فقير چيس ته ليس کمثله شيءُ ڪنهن جو لقب آهي قاضيءَ چيو ته الله جو . اسان چيس ته الله به بي مثل ۽ شيطان به بي مثل پوءِ ته الله جو سئوٽ چئبو يا ڀاءُ چئبو. وحده جي ڳالهه کي هنن ته ڊاهي وڌو. جنهن تي سڀ لاجواب ٿيا. اسان چيس ته ڪلام الاهي دو معنيٰ خدا جو ڪلام ٻه معنائون رکندو آهي. هڪ ظاهري معنيٰ ته ٻي باطني معنيٰ. اوهان کي ته ظاهري معنيٰ جي به خبر ڪانه آهي ته لدني معنيٰ ڪيئن ڄاڻندو؟ آخر محرم شاهه ۽ حاضر مجلس وارن منٿون ڪيو ته توهان ٻڌايو ته چوٿون عنصر آتشي آهي ان جو تابع شيطان رکيل آهي. جيڪو آدمي ان آتشي عنصر يعني شهوت جو تابع آهي سو شيطان آهي. هوس پرستي جيڪا به آهي باغ رکڻ زمين گڏ ڪرڻ عزت جي تمنا رکڻ مرتبه لاءِ ڪوشش ڪرڻ بهشتن جي اميد رکڻ مطلب ته خدا جي ذڪر کانسواءِ ٻي هر هڪ سڌ يا هوس شهوت پرستي آهي. جنهن آدمي جا اهڙا عمل هجن ته پوءِ ان آدمي کي شيطان انسان چئبو آهي. شياطين الانس اهڙن آدمين کي چئبو آهي قرآن ۾ به هر جاءِ تي ان هوسي انسان جي فرمانبراديءَ کان منع ڪئي آهي. تان جو نبين کي به منع ڪيائين. يسٰ ۾پڻ بني آدم جو خطاب آهي. جنهن سان به آدمين کي شيطان جي تابعداريءَ کان منع ڪيائين ميلن. يا جلسن جهنگلن جبلن ۾ ڪوبه انسان شيطان کي ڳولي ڏيکاري ۽ هٿ رکي منادي ڏئي ته اجهو شيطان ٻڌو اٿم ته ان کي هزار روپيه روڪ ۽ چاليهه ايڪڙ زمين انعام ۾ ڏينداسون. ڏسون ته جهنگلن ۾ جبلن ۾ به اهي انسان آهن.
مثال رحيم هنڱورو خوني ۽ رهزن ماڻهو هو پراوا حق کائيندو هو ۽ پاڪستان جي رياست ۾ رهندو هو . ان جي وٺڻ ۽ پڪڙڻ لاءِ به انعام رکيل هو. هو ان کي به پڪڙي وڌو هئائون ۽ انهن کي ظاهر جي حڪومت انعام ڏنو هو. اسان به شيطان جي وٺڻ واري کي انعام ڏينداسون.
ڏسو ته جيستائين آدمي نابالغ آهي ۽ ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته تيستائين حڪومت به هن کي صغير سمجهي سزا معاف ٿي ڪري ۽ کيس ڇڏيو وڃي ٿو. جڏهن منجهس شهوت پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ ان کان جيڪو به ڏوهه ٿئي ٿو ته ان جو قصاص کائونس ورتو وڃي ٿو. هاڻي ڏسو ته جڏهن انسان تي چوٿون شهواني عنصر غلبو ڪري ٿو ته خيانت جا ڪم ڪري ٿو.ان جي فرمانبرداريءَ جو نالو شيطان آهي. کيس سجدو ڪيو. ان جي حقيقت هيءُ آهي ته آدمي جا جيڪي عضوا امر ۾ آهن اهي ملائڪ آهن جاڏي چاهي ته پيو ڦيرائي، مگر شهوت آدميءَ جي امر ۾ نه آهي، شيطان جو آدم کي سجدو نه ڪيو ته الله ج، عليک لعني ليٰ يوم الدين چئي کيس ڪاڏي تڙي ڇڏيس. جيڪڏهن ڪاوڙيو. آهي ته کيس ڪاڏي تڙي ڇڏيس ها. بادشاهه به ڪنهن تي ڪاوڙيو آهي ته کيس نيڪالي ڏيندو آهي. جيڪڏهن ڪاوڙيو هيس ته ڪوهه قاف جي پرينءِ پر ڪاري پاڻي ۾ ڇڏيس ها. دنيا جو ملڪ ته آدمين جي رهڻ جي جاءِ آهي . لعنت جي معنيٰ آهي بيزاري، بيزاريءَ جي معنيٰ آهي تڙڻ جي تڙيو هئائين ته آدمين ۾ ته نه ڇڏيس ها.
قرآن ۾ قَالَ رَبِّ فَاَنْظِرْنِیْۤ اِلٰى یَوْمِ یُبْعَثُوْنَ(۳۶) پوءِ اهڙي تڙيل کي ڊگهي حياتي فَاِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِیْنَۙ(۳۷) جي اجازت ڇو ڏنائين. الله ۽ شيطان جون پاڻي ۾ اندروني ڳالهيون ٿيل آهن. سجدي وقت شيطان کي اک ڀڳي هئائين ته ٻيا ڀلي سجدو ڪن تون آدم کي سجدو نه ڪجانءِ الله ۽ شيطان جو پاڻ سٽل يا صلح ٿيو هو. ائين نه هجي ها ته آدم جو وجود چوٿين عنصر آتش کانسواءِ نه بنجي ها. سندس وجود تڏهن ئي ته مڪمل ٿيو الله جيڪڏهن آدم کي سجدو نه ڪرڻ تي شيطان تي ڏمريو هو ته ضرور کيس فاسيءَ تي چاڙهيس ها. يا قتل ڪرائي ڇڏيس ها. الله وٽ ڪو مظبوط هٿيار نه هو ڇا جو کيس هڪ ڌڪ سان ماري وجهيس ها. ايتري بي فرماني به ڪيائين پوءِ کيس جيئرو ڇو ڇڏيائين؟ عرش اعظيم کان وٺي تحت الثريٰ تائين سمورو ملڪ ته الله جو آهي. پوءِ شيطان کي ڪاڏي تڙي ڪڍي ڇڏيائين. ڀلا اتي ڇڏيس ها جتي آدم نه هجي ها سڀڪو عالم فاضل چوي ٿو ته آدميءَ ۾ شيطان آهي ونفخت فيه من الروحي. الله به اتي آدم ۾ آهي ته شيطان به اتي پوءِ چئبو ته شيطان به الله جي ڀرسان وَرُ ورَ تي چاڙهيون ويٺو آهي. هن ڳجهارت کي اهو ڀڃندو جيڪو جيئري جسم مان نڪري عرش عظيم تي ويو هوندو. ساري خبر ان کي هوندي. جڏهن شيطان آدم کي سجدو به نه ڪيو هو ۽ الله کيس تڙي به ڇڏيو هو. ظاهر بين چون ٿا ته الله کيس آسمانن مان تڙي ڪڍيو هو.واعتدنا رجوع ما الشياطين يعني جيڪڏهن شيطان تڙئي کانپوءِ آسمانن جي طرف لنگهندو ته ان کي ستارا آسمان مان اماڙيون ٿي لڳندا. اها ڪهڙي ڪنڊ آهي جيڪا الله ۽ ملائڪن کان غفلت سبب رهجي ويئي آهي. جو اٺين آسمان تي لنگهي وڃي بيبي حوا ۽ آدم کي داڻو کارايائين. الله کي غافل به نه چئبو. ان مان ڄاڻجي ٿو ته هم صلاحي هئا. آدم جي داڻو نه کائي ها ته غفار ۽ غفور جي درياهه مان پاڻي جي لپ ڀري ڪونه پئي ها عاشقي ۽ معشوقي جو درياهه اظهار ڪونه ٿئي ها نه وري دنيا ۾ آبادي ٿئي ها. الله کي هت آدم اظهار ڪيو نه ته الله جو نالو ڪير وٺي ها. الله جو دٻدٻو ۽ سياست ڪيئن اظهار ٿئي ها. هڪ ناچيز انسان فرهاد نالي خاڪ جي پتلي ڪاٺ جي ڪهاڙي سان جبل ڀڃي نهر وهائي آيو جنهن تي لکن ڪوهن ۾ آبادي ٿئي ٿي ۽ جيڪا نهراڄ تائين ڪصرِ شيرين وٽان وهي ٿي هي ته شيطان هو جهن آدم کي داڻو کارايو ۽ پوءِ آدم مان ڪهڙا نه ڪم ٿيا. هزارين آباديون ٿيون ۽ هزارين مزا ٿيا. سوا لک انبياءَ ۽ اولياءَ پيدا ٿيا، جنهن کي حضرت عزرائيل ڏاڏي شيطان داڻو کارايو. جنهن سان ڪيڏو نه اسرار پيدا ٿيو. موسيٰ عليه السلام جي لٺ ۾ ڪيڏي نه حڪمت پيدا ٿي، جو ازدهان ٿي پيئي فرعون جهڙي جابر بادشاهه کي سيهڙ جي هٿئون مارايائين. ڏسو ته ڪهڙيون نه ڀلايون ٿيون جو لوڌيل جي صلاح مان ڪيڏا ڪم ٿيا آهن جنهن کي عام مسلمان لوڌيل ٿا چون.
جيڪڏهن پيءُ پٽ تي ڪاوڙيو ته جلال هٿ سان پٽ تي چڙ ڪندو ۽ جمال هٿ سان پٽ کي ڀاڪر پائيندو. پيءُ کي توڙي ڳالهائيندو به هجي ۽ ان جي ريس تي سندس پٽ کي ڪو ٻيو ڳالهائيندو ته پٽس ان سان وڙهي پوندو ۽ چوندو ته منهنجي پٽ کي هن ڇو ڳالهايو. هن ڇو بيعزتي ڪيس پوءِ عام مسلمانن کي شيطان کي ڳالهائڻ ۽ لعنتون وجهڻ جو ڪهڙو حق آهي، هي پاڻ شيطان کان ڇا ۾ معتبر آهن؟ شيطان به ان کي اک ۾ رکندو ۽ اهڙو بڇڙو ڪم ڪرائيندس جو ڇٽي نه سگهندو.
مثال: هڪڙو پير هميشه شيطان کي ڳالهائيندو هو. هڪ دفعي پنهنجي مريدن ۾ هڪ حسين مريدياڻي ڏٺائين جيڪا ڪنواري به هئي. هي ان تي حيران ٿي پيو. اتفاق سان مريدن جي گهر کي باهه لڳي. مريد هئس جاهل پير کي چيائين ته اسان تان هيءَ باهه ٽار جو جهڳا ساڙي ڇڏيائين. ڪتاب کولي کين چيائين ته اوهان تي وڏي شامت آهي جيڪا ان نيگريءَ جي رهڻ جي ڪري آهي. ان ڪاٺ جي صندوق ۾ وجهي درياهه جي ڪناري تي ڇڏي اچو. درياهه جي ڀر تي ويٺل هئا پوءِ هنن ڄٽن پير صاحب جو فرمان مڃيو. ٻيڙي هلائڻ وارو مير بحر ٻيڙي ڪاهيون پي آيو، انهن اچي صندوق ڏٺي جان کڻي کولين ته ان ۾ حسين زائفان هئي اها ڪڍي پاڻ سان کنئي ۽ صندوق ۾ لنگور ڀولو وجهي ڇڏيون هليا ويا. لنگور مير بحرن وٽ ڌاريل هو. هي لنگور وجهيون زائفان کنيون ٻيڙي ڪاهيون هليا ويا . هوڏانهن پير صاحب جي دل ۾ جک جک هئي ته جلدي وڃي صندوق مان زائفان ڪڍي اچان. پوءِ پير صاحب خليفي سميت وڃي اها صندوق بنگلي تي کڻي آيو بنگلي جا دروازا بند ڪرائي ڇڏيائين ۽ اندر بنگلي ۾ پيتي کڻي کوليائين ته هڪدم لنگور ٽپ ڏيئي نڪري پيو. ڇراڻيل هو يڪدم پير کي کڻي نڙيءَ ۾چڪ وڌائين. ۽ نه ڇڏيائينس ڏاڙهيءَ ۾ڪوبج . سندس لٽا ڪپڙا به ليڙون ۽ ٿڳڙيون ڪري ڇڏيائين. پير کي اندر گهڻي دير ٿي ويئي. خليفا جان کڻي در کولين ته پير صاحب جي اسهالن سان سارو بنگلو ڀريو پيو آهي. در لهڻ سان لنگور ٻتڙ ڪوڏيون ٻاهر هليو ويو ۽ پير صاحب جو دم به ڪڍيون هليو ويو. پير صاحب کي شيطان جي ڳالهائن مان اهو فائدو پيو. اهڙو ڪم ڪرايائينس جو مرندو مري ويو مگر قيامت تائين خواري ڪانه لٿس.
بيت
اول ابليس مرا استاد بود بعد ازان ابليس پيشم بادبود
ابليس پهريائين اسان جو استاد هو. پوءِ ابليس. منهنجي اڳيان هوا ٿي ويو يعني ختم ٿي ويو.
معلوم هجيوَ ابليس ۽ آدم ٻيئي ڀائر هئا. وڏو شيطان هو ۽ ننڍو آدم هو. اهو دستور آهي ته پيءُ ننڍي سان گڏ ٿيندو آهي. الله وٽ مال ملڪيت ٻن قسمن جي آهي.هڪ لعنت ٻي رحمت اٿس، ٻيئي ٽپڙ شيطان ۾ آدم جي اڳيان رکيائين. ٻنهي ۾ معنيٰ هئي. لعنت جي معنيٰ ڏک ۽ تڪليفون ۽ مشڪلاتان آهن. سڀڪو هن کي بڇڙو چوي ۽ ملامت پيو ڪريس. محبوب تي جيڪو عاشق ٿيندو آهي. ته اندروني طرح محبوب هن تي راضي هوندو آهي پر ٻاهران تعديون پيو ڪرائيندس.
رحمت جي معنيٰ سک ۽ آرام آهي. بهشت جي جوڙ آهي مگر الله کان لک ڪوهه پري ۽ ڌار آهي. ڪڏهن ڪا جوڙ جوڙيندڙ جو مٽ نه ٿيندي . يعني مخلوق خالق جي همسر نه ٿي سگهندو. هر گز نه رحمت اندروني طرح ڌار ٻاهران زيب ۽ زينت جيئن ٽامي کي قلعي ڳلي.
وزير اعظم ۽ بادشاهه ٻيئي گڏبا گورنر ۽ ڪليڪٽر پر ڳڻن تي رهندا آهن. بادشاهه جي اڳيان ايندي ڀوَ کان ٽٽ پيا ڇڏيندا آهن. ڪڏهن به خوشيءَ سان سامهون اچي نه سگهندا آهن تيئن عشق جي درٻار ۾ لعنت ۽ ملامت وزير اعظم آهي ۽ رحمت هيٺان نوڪر آهي.
بيت لطيف سائين
عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا.
ورتائين عشق الله جو ڪيائن آدم ڏانهن اُليل
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو
آدمي اڄ تائين مرندا ٿا رهن باقي شيطان ڪونه مئوئ. جي مري ها ته ضرور ڪاٿي قبر يا درٻار هجيس ها. مسلمان چون ٿا ته مڪه ۾ شيطان جون ٽي قبرون آهن. شيطان ته هڪڙو آهي پوءِ ٽي قبرون ڪنهنجون آهن. مئو هجي ها ته کيس ڳالهائڻ ڪونه ها، مئل هجي ها ته حاجين سان گڏيو ڪيئن اچي ها. واپار چوريون ٺڳيون زنا فساد ڪرڻ. دنگن تي ماها ڪرڻ پرايون رنان ڀڄائڻ سڀ ڪم حاجين کان پيو ڪرائي هي ته جيئرو چئبو مئل ته ڪونه چئبو. پٿرن سان به ڪين مئو.
مثال گڏهه ۽ ان جو چارڻ وارو سرڪاري تنبيلي ۾ گڏ رهندا آهن تنبيلي ۾ سرڪاري گڏهه سان ڇڌيل هوندو آهي جيڪو خچرن پيدا ڪرائڻ لاءِ گهوڙين ۽ ڀلين گڏهين تي ميڙڻ لاءِٰ بيٺل هوندو آهي. پوءِ جڏهن سئنس ميڙڻ لاءِ ڇوڙيندو اٿس ته اهو گڏهه ائين اوزار ڪونه ڪڍندو آهي. پوءِ سئنس ان گڏهه جا پاسا ۽ پيٽ سوٽيءَ سان ڪٽيندو رهندو آهي. پوءِ ڌڪ ڌڪ سان ويندو اوزار ڪڍندو تان جو ڏيڍ هٿ اوزار ڪڍي ڦنڊائي بيهاريندو آهي. پوءِ جنهن تي ميڙڻو هجيس ته ان تي ميڙي اها گڏهه جي اصليت آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن گڏهه گڏهه تي ارهاٽيندو آهي ته گڏهه کيس. اٽان ۽ ارهه ۾ لتان هڻندي اٿس. ان ڪري گڏهه لتن تي اوزار ڪڍندو آهي.
ان ڪري جيڪو حاجي شيطان کي پٿريون ٿو هڻي ته شيطان ته ساڻس گهر تائين گڏيو ٿو اچيس. شيطان لاءِ اهي پٿريون لتان ۽ اٽان آهن شيطان به انهن پٿرن سان هوسن جي اوزار کي ڦنڊائيندو وڃي . آخر ڪيترن حاجين جا هوسن سان ڪم لاهيندو وڃي الْخَنَّاسِﭪ(۴)الَّذِیْ یُوَسْوِسُ فِیْ صُدُوْرِ النَّاسِۙ(۵) واري تابعداري ڪن، ڇو ته پٿرن هڻڻ سان هنن سان گڏجي هڪ ٿي وڃي ۽ هنن سان گڏيو اچي. مِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ الْخَنَّاسِﭪ سحر مستمريحکم في القلب. هي دنيا جي رحمت ۽ لعنت جي حقيقت.
مثال جيئن ڪو ماڻهو دنيا جي حسين زائفان تي عاشق ٿئي. عشق به پاڪ ۽ سچو هجيس ته جاڏهن ڪاڏهن ڏسڻ ڪاڻ حيران هوندو. جيئن فرهاد شيرين جي مرجھ جوٻڌي پاڻ به مري ويو هو ۽ وري شيرين به فرهاد جي مرڻ جو ٻڌي پاڻ به مري ويئي هئي جيڪا ڳالهه ساري جهان ۾ مشهور آهي. پوءِ سمجهو ته همدم ۽ ٻيئي هڪ وجود هئا. تيئن عاشق ۽ معشوق به هڪ آهن.پوءِ اهو زائفان جو عاشق به جتئون به لنگهيندو پيو ته سارو جهان ڦٽڪار پيو ڪندس ۽ ڌڪا پيو ڏيندس . محبوب جا بجا ۽ گاريون به فرحت پيو سمجهندو هن کي ايتري فرحت پيئي ايندي جيتري اڃايل کي پاڻي ملڻ سان ايندي آهي.
شيطان به ذات ذوالجلال تي عاشق آهي. جو محبوب جون لعنتون رحمتن کان وڌيڪ پي ڄاتائين مگر محبوب کان منهن پاسي نه ڪيائين، لعنت جو بار خوشيءَ سان کنيائين ٻئي پاسي نه نهاريائين الله چيس ته آدم کي سجدو ڪر ته جواب ڏنائين ته توکان منهن ڦيرائي ٻئي ڏانهن ڪونه نهاريندس. اها جاءِ عاشقيءَ ۽ معشوقيءَ جي امتحان جي هئي. ملائڪ امتحان ۾ نابالغ ڇوڪرا ٿي پيا جو حق کان منهن موڙيائون. اتي گسي پيا. ۽ امتحان ۾ ڪچا ٿي پيا. ڇاڪاڻ ته شهوت عقل جو منڍ آهي. نفعي نقصان ۾ دور انديشي جي خبر بلوغت کان پوءِ پوندي آهي ملائڪن کي شهوت ڪانه هئي تنهن ڪري ڇوڪرا ليکبا شيطان جي آئي کانپوءِ آدمي مرد ليکبو آهي. نه ته ڇوڪرو چئبو آهي هر هڪ آدميءَ تي عبادت ۽ گناهن جو بار بلوغت کانپوءِ هوندو آهي. ڏسو جنهن کي ظاهر ۽ شهوت نه هوندي آهي ته ان کي مخنث يعني کدڙو چئبو آهي يا نامرد چئبو اٿس.
عشق محبت ۽ عبادت ۽ ديدار جو ذوق به شهوت ۾ آهي. جيئن اسان هڪ کدڙي کان پڇو سون ته تون اميرن ۽ خاندانن جي گهرن ۾ ويندو آهين پوءِ جي اتي سهڻي زائفان ڏسين ته وڻندي اٿئي. جنهن تي کدڙي چيو ته ڪيڏي به حسن واري زائفان هجي ته به اسان کيس پٿر جو بت سمجهندا آهيون جنهن مان اسان کي ڪوبه مزو ڪونه ايندو آهي. اسان کي نه حسن وڻي نه گفتار نه پوشاڪ ڇو ته اسان جي شهوت جي نيڪال کي ليپو ڏنل آهي. يعني شهوت آهي ئي ڪانه
ان مان سمجهو ته شهوت ئي محبت جو مصدر آهي. آدمي جو چوٿون عنصر شهوت وارو شيطان آهي. اهو نه هجي ته عبادت به قبول نه پوي جڏهن اونداهي آهي ته روشني جو قدر آهي. گمراهي آهي ته هدايت جو قدر ۽ عزت آهي. جيڪڏهن گمراهي نه هجي ها ته هدايت جو قدر ئي نه هجي ها.
اها شهوت رحم به آهي ته قهر به آهي. نور به آهي ته نار به آهي هدايت به آهي ته گمراهي به آهي. جيڪڏهن بي فرمان شهوت بند ڪري حق جي عبادت ۽ محبت سان رجوع ٿيو ته پاڻ تي رحم ڪيائين. جيڪڏهن شهوت جو چيو وٺي گمراهي ڏي ويو ته پاڻ تي قهر ڪيائن شيطان ذات حق پاڪ جو مالهي آهي جيڪو خبيث ۽ پليد خيال جو وڻ سمجهي ٿو ته هن مان خراب ميوو پيدا ٿيندو ته ان کي پاڙئون پٽي ٿو ڇڏي ڇاڪاڻ ته ذات الاهي هن کي نيڪ ۽ بد جي سڃاڻ ڏني آهي جنهنجي وجود ۾ سڌن جو وڻ پيدا ٿيندو ته ان جي واٽ ماريندو. جنهن صرف الله جي ديدار لاءِ عبادت ڪئي ٻي ڪابه اميد نه ڪيائين ته ان جي وڻ جي سنڀال ۽ پالنا ڪندو. هيءَ دنيا الله جو باغ ۽ آدمي ان ۾ وڻن مثال آهن. جنهن آدمي عزت مرتبي غير خدا ۽ بهشت جي سڌ ڪئي ته اها سڌ خودي آهي. اها عبادت نفس لاءِ يعني خوديءَ لاءِ عبادت ڪيائين. پوءِ شيطان ان خوديءَ واري وڻ کي پاڙئون پٽي ڪڍندو. يعني حق جي امر جي نافرماني ڪرائيندس پوءِ هن جو بندگي وارو ذوق مري ويندو. پوءِ سمجهو ته اهو شيطان جو ماريل آهي دل ۾ چوندو ته پاڻ کي مزو وٺرايان نفس کي پاڻ رسول خدا ته اڳيئي موچڙا پسايون ويٺو هوندس.قبر ۾ ايندو ويندو ته دسبو ويندو. اسان اڳي ٻڌائي آيا آهيون ت لم يزلي ۽ لايموت بادشاهه جو شيطان دربان آهي. جيستائين بادشاهه ۽ درٻار هوندي ته دربان به جيئرو هوندو بادشاهه کي دربان جي ضرورت هوندي آهي هي دربان ذات حق پاڪ جو سچو عاشق آهي دربان به عجب جهڙو ۽ ڍولڻ آهي هر هڪ بادشاهه پنهنجي دل گهرئي دوست کي دربان بيهاريندو آهي. نه ڪي دشمن کي دربان ڪندو آهي.
بيت
هست شيطان باغبان باغ حق. هست خمخانه وآن صباغ حق
شيطان حق جي باغ جو مالهي آهي. شراب خانه جو مست ۽ حق جو کٽي آهي
هر درخت نيک وبرابو کند. آن درخت خبث رابيخ برکند
هر هڪ نيڪ ۽ بد وڻ کي سنگهندو آهي، پوءِ پليد وڻ جي پاڙ پٽي ڇڏيندو آهي
هر گل دروئي که بوئي حق بود. ماسو الله جنس او مطلق بود
جنهن گل ۾ حق جي سرهاڻ هوندي ، الله کانسواءِ ٻي سڀ جنس کان پري هوندي
پرورش اوراکند گيرد کنار، مي نواز دمي شناسد آن سيار
ان کي ڀاڪر ۾ جهلي پالي ٿو، پوءِ ان کي نوازي ٿو ۽ سڃاڻي به ٿو جو گهڻو گهمندڙ ڦرندڙ آهي.
هست شيطان عاشق ذات ذوالجلال ، هم ازاو آدم همي گيرد کمال
شيطان ذات ذوالجلال جو عاشق آهي. آدمي به ان کان ڪمال حاصل ٿو ڪري
باخودان رادشمن اوبادل وجان، بيخودان راهست دوست اي جوان
اهوخودي وارن جو دل وجان سان دشمن آهي. مگر بيخود وارن جو دوست آهي
اين خودي پيش خدا مردود شد ، بيخودي راپيش حق بهبود شد
هن خوديءَ وارن کي خدا پاڻ وٽان تڙي ڇڏيو. بيخودي خدا جي اڳيان چڱي ۽ بهتر آهي.
موسيٰ عليه السلام طورسينا تي رب العالمين کي عرض ڪيو ته مان ڪهڙو مرشد وٺان. جنهن تي حڪم ٿيس ته اي موسيٰ شيطان کي مرشد وٺ.نبي کي ان ڏانهن وهم حجاب ۽ انڪار هو.ان ڏانهن موڪليائين ته ان کان وڃي رهبري وٺ.جڏهن شيطان وٽ بهتو ته شيطان چيس ته مون کي ته لعنت جو طوق پيل آهي. تو جهڙو رحمت وارو نبي مون ڏي ڇا لاءِ آيو آهي. پر چڱو جو آيو آهين. هاڻي هي نقطه ۽ سبق ياد رکجانءِ ته مون وانگر مان نه ڪجانءِ متان مون جهڙو ٿئين.
رسول خدا کي حڪم مليو ته بتن کي ڀڃو ۽ سندن سجدي کان ماڻهن کي منع ڪريو تان جو ڪعبه کي بتن کان خالي ڪيائون. ۽ نعرو هڻي چيائون ته الله اکبر، الله اکبر، أَشْهَدُ أَنّ لَّا إِلَٰهَ إِلَّإ الله يعني هڪ الله کي مڃو جنهن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي. الله وحده لاشريڪ له جي بندگي ڪريو. بتن جي پوڄا سان مشرڪ ٿيندوء. اهڙي طرح موسيٰ عليه السلام سامري وارو گابو لت ڏيئي کڻي ڪُٺو. هاڻي به جيڪو نفس واري معبود گابي کي لا جي ترار سان ڪهندو ته ان جو روح موسيٰ وانگر عروج ڪر ي عرش عظيم تي يعني طور سينا تي پهچي ڪليم الله ٿيندو. هاڻي ڏسو ته غير جي تابعداري بت پرستي ۽ ڪافري آهي. اليس الله بکاف، القرآن يعني ڇا الله ڪافي نه آهي؟ پنهنجي ٻانهن لاءِ ڏسو ته شيطان حد ڪري ڇڏي جو آدم جي بوتي کي سجدو نه ڪيائين. پنهنجي عشق کي مڪمل ڪيائين. عاشقي جي درجي کي پڪو ڪيائين لعنت کان به نه ڊنو. لعنت به محبوب جو ٿورو سمجهيائين پاڻ کي بت پرستي کان بچايائين. اهو موحد ويچارو شيطان ئي هو ملائڪن بت پرستي ان ڪري ڪئي جو عشق جو بار نه کنيائون. شيطان کيون ِ ڪو ٿورڙو حصو آدم کي به هٿ آيو. بسطامي صاحب کي ايزدي سرڪار جو حضور حاصل ٿيو ته چيائينس ته بسطامي منهنجي لاءِ ڇا آندو اٿيئي. ڇيائينس ته عبادت ڪيم.سرڪار چيس ته عبادت ڪيئه ته ان جي عيوض تنهنجي لاءِ بهشتن ۾جايون ٺاهيم. سخا ڪيئه ته تنهنجي مال ۾ برڪت وڌم، باقي منهنجي لاءِ ڇا آندءِ ؟ بسطامي صاحب عرض ڪيو ته سرڪار تو وٽ ڪهڙي شيءِ جي ڪمي آهي جو مان آڻيان چيائين ته يتقرب . يعني ويجهو ٿيءُ ۽ ٻڌ. مون وٽ خواري ۽ ملامت ڪانه آهي. سڀڪو منهنجي تعريف ٿو ڪري تنهنڪري پاڻ تي خواري ۽ ملامت کڻ ته ڄڻ مون لاءِ تحفه آندءِ ان کان پوءِ بسطامي صاحب خواري ۽ ملامت کڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو.
هڪ دفعي بسطامي پنهنجي ڳوٺ جي معتبرن جي اوطاق ۾ لنگهي ويو. ان هنڌ چيڙاڪ آدمي ويٺو هو. ان ويٺي سارنگي وڄائي. اتي بسطاميءَ سمجهيو ته اڄ موقعو آهي اڄ منهنجي نفس کي هن وٽان ضرور مارڪٽ ملندي،هڪدم سارنگي وڄائڻ واري تي لاحول پڙهيائين. چيائينس ته بي دين آهين جنهن تي هن ڪاوڙ جي مٿي ۾ ٺڪاءُ سانگي ڪيائينس جو سارنگي ڀڄي پيئي. بسطاميءَ جو مٿو به ڪجهه زخمي ٿيو ۽ رت وهڻ لڳس. بسطامي خوشيءَ مان گهر موٽيو. ٻئي ڏينهن بسطامي سانگيءَ جي رقم پنجويهه روپيه ۽ حلوه جو ٿالهه ڀري موڪليائينس ته جيئن سارنگيءَ به نئين وٺي ۽ حلوه کائڻ سان ڪاوڙ به لهيس،
ان ڏينهن کان پوءِ جنهن ڏينهن بسطامي صاحب کي مار نه ملندي هئي ته سرڪار ايزدي کي چوندو هو ته ياالاهي ماني ته ڏنوءِ مگر ڳنڌڻ ته ڪونه ڏنهءِ يعني معنيٰ جو ملڪ ته عطا ڪيهءِ پر نفس لاءِ جُٺ ڦٽ ڪانه ڏنهءِ ايترو ملامت هٿ ڪرڻ جو شوق هوندو هيس. ملامت عشق ۽ عاشق جو قوت آهي. تعريف ۽ نيڪنامي نفس مڪار جو قوت آهي نيڪنامي تحت الثريٰ ڏانهن اڇليندي آهي. مگر خواري ۽ بدنامي عشق جي ملامت عرش عظيم ڏانهن ڇڪيندي آهي. ملامت واري فقيرکي باطن ۽ سلطان العارفين ۽ قلندر لقب عطا ٿيندا آهن،
بيت
ملامت صيقل زنگار عشق است، ملامت شخنهءِ بازار عشق است
ملامت عشق جي ڪٽ لاهڻ لاءِ روات آهي. ملامت عشق جي بازار جو ڪوٽوار آهي
ملامت قوت باشد عاشقانرا. بودنيکي سلاسل فاسقانرا.
ملامت عاشق جو قوت آهي، نيڪي سراسر فاسقن لاءِ آهي،
ملامت من خدايم طبل باشد ملامت شير معنيٰ اصل باشد
ملامت من خدايم جو نعرو آهي، ملامت اصلي معنيٰ جو شينهن آهي
بودرو باهه نيکي پيش شران بود نيکي قوت اين اسيران
نيڪي شينهن اڳيان لومڙي آهي.نيڪي دنيا جي قيدن جو قوت آهي
عشق رابنياد بريد نامي است، هر که ازوئي سر کشداو خالي ست
عشق جو بنياد بدنامي تي آهي جيڪو ان کان منهن موڙيندو سو خالي آهي
نام من بوده است سلطان العارفين برهمه گويند شاه عاشقين
منهنجو نالو عارفن جو بادشاهه آهي. سڀئي مون کي عاشقن جو شاهه چوندا آهن
جيڪو جسم مان نڪري ملڪوت ۾ ويو ته اها جاءِ ڪائنات جي موليٰ پير موليٰ علي سائين جي آهي اتي فقير فنا ٿي ساڳيو علي المرتضيٰ ٿيندو آهي سلطان العارفين لقب ملندس جيڪو لقب پڻ موليٰ سائين جو آهي. انهن فقيرن کي فنا في الشيخ چئبو آهي. ڪي ڪي فقير مرشد جي صورت پچائي چوندا آهن ته اسان فنا في الشيخ ٿي ويا آهيون. اهي سڀ ڪوڙيون دعائون آهن مرشد جي نفساني صورت بچائڻ غلط آهي اهي ڪوڙا ڪسبي آهن سچي مرشد جي صورت اها آهي جيڪا آسماني معراج ڪرائي. هيءَ ڳالهه معراج جي آهي. جيڪو ڪوڙ ڳالهائيندو تنهن تي به لعنت آهي ۽ جيڪو نه مڃيندو ته ان تي به خدا جي لعنت آهي هي الاهي سخن آهي بشري زبان نه آهي.
بيت
نان دهند نانستان ونان پاک، هرسه امور گرد خاک
اوطاقي اوطاق ۽ پاڪ ماني ٽيئي خاڪ ٿي ويندا آهن
يعني مرشد نان هنده ماني ڏيندڙ آهي.نان ستان مسافر خانو ۽ مسافر يعني بکيو طالب پاڪ ماني ذڪر الاهي طالب. طالب ۽ مطلوب ٽيئي ملڪوت واري بادشاهه ۾ غرق ٿيندا آهن اتي طالب کي سلطان العارفين لقب ملندو آهي
بيت
بعد ازان اين دوبه بيهوشي روند والد مولود آنجايک شوند
ان کانپوءِ اهي ٻئي بيهوشيءَ ۾ ويندا آهن. پيءُ ۽ پٽ اتي هڪ ٿي ويندا آهن. ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته راجا ۽ راڳي هر دوئي هڪ ٿيا. فنا في الشيخ کانپوءِ طالب مٿي اٺين آسمان تي فنا في الرسول جي مقام تي طالب مطلوب ۽ رسول خدا ۾ هڪ ٿيندا. اتي طالب رسول خدا سڏائيندو. فنا في الرسول جي حقيقت اها آهي
عام ائين چوندا آهن ته جيڪو گهڻي صلوات پڙهندو اهو فنا في الرسول آهي اهي ڪوڙا آهن. جيڪو فنا في الرسول ٿيو اهو پاڻ تي صلوات پڙهندو. ڇو جو هو رسول ته پاڻ ٿي پيو.
مير علي مراد کي ٻڌايائون ته خدا بخش فقير چريو ٿي پيو آهي جو پاڻ تي صلوات ٿو پڙهي. آخر مير علي مراد گهرايس ته پري کان پاڻ تي صلوات پڙهندو پيو اچي مير پڇيس ته فقير پاڻ تي صلوات ٿو پڙهين، مير کي چيائين ته پاڻ تي نه پڙهان باقي پڻهين تي پڙهان صلوات ته لٿي ئي مون تي آهي مان فنا في الرسول جي منزل ۾ ويو آهيان مون کان سواءِ ٻيو ڪهڙو رسول آهي جو ان تي صلوات پڙهان رسول خدا مان آهيان جنهن تي ڪلمون پڙهيو اٿئي. مير صاحب حيرت ۾ اچي ويو ۽ تعظيم ۽ عزت ڪيائينس.
فنا في الرسول کانپوءِ فقير فنافي الله ٿيندو جاٿي من خدايم جو نعرو هڻندو. جنهن تي هن کي عام ماڻهو ڪافر سڏيندا ۽ ملامت ڪندس جيڪو من خدايم جي ملڪ ۾ ويو سو ملامت کي شوق سان کڻندو. ملامت من خدايم جو ڍُڪ آهي. پوءِ اهو ظاهري طرح دين ۽ نماز جي ابتڙ هلندو. اندرئون دين ۽ محمدي اخلاق هوندس رڳو ملامت پيو ڳوليندو. رسول الله فقراءُ جي شان ۾ جيڪا حديث فرمائي آهي ته کيف آيات الوصل المعرفت الحق تعاليٰ : يعني الله تعاليٰ جي معرفت کي پهچڻ جو ڪهڙيون نشانيون آهن وکيف آيات العشاق. يعني الله جي ديدار حاصل ڪيل عاشق فقير جو ن ڪهڙيون نشانيون آهن القاءُ الله والفقير.
آيات ثلاثه: ٽي نشانيون آهن: (1) فتو العلماءُ بالکفر يعني هڪ ته عالم مٿس ڪفر جو فتوائون ڏيندس. (2) فتو العلوام بالقتل يعني عوام مٿس قتل جو فتوائون ڏيندا هجن. وکثر الملامت الخلق، ۽ خلق جي مٿس گهڻي ملامت هوندي. ڇو ته حضرت رسول الله ۽ پير موليٰ عليه السلام جن تي به اهڙيون حالتون گذريون هيون. ان زماني جي عالمن ۽ عوام سندن قتل جو تياريون ۽ مٿن ملامتون ٿي ڪيون. اڄ به جيڪو الله اثبات ڪندو ان لاءِ اڄوڪا آدمي سندس قتل لاءِ تيار ٿيندا، ۽ عالم مٿن ڪفرجون فتوائون ڏيندا. مٿس مالامت به ڏاڍي ڪندا. شيخ شبيليرحه وفات جي وقت جڻيون ٻڌو هو. پڇيائونس ته جڻيو ڇو ٻڌو اٿيئي. جواب ۾ چيائين ته عشق جي ملامت وارا سڀ ٽپڙ شيطان وٺي ويو اسان کي صرف ڪمال عشق مان ڪو ذرو پروز مليو آهي. جڻيو ان ڪري ٻڌو اٿم ته مان شيطان جي عشق اڳيان ڪافر آهيان ۽ ريس ٿي اچيم.
آدم عليه السلام کي جڏهن سرڪار پيدا ڪيو ۽ شيطان سندس سجدي کان انڪار ڪيو. ان وقت شيطان ذات حق پاڪ جي حضور ۾ عرض ڪيو ته هن آدم جي اولاد مان سچن ۽ ڪوڙن جي پرکڻ جو ڪو پنجوڙ مون کي ٺاهي ڏيو ته مان انهن کي ڦاسائي ڏسان ۽ پوءِ ڏسان ته ڪهڙا ٿا توڏي اچن ۽ ڪهڙا مون وٽ ٿا ترسن. جيڪي مون ڏي آيا سي توڏانهن ڪوڙا آهن. ۽ اهي منهنجا رعيتي آهن. جيڪڏهن مون ڪو اهڙو پنجوڙ نه ٺاهي ڏيندين ته تنهنجو جهان نه هلندو. ڇو ته تنهنجا واقف آهيون آهن توکان اوري ڪونه بيهندا.
ان ڪري قدرت سان ڀليون مينهون ۽ وڏن اوهن واريون ڳئون اٺ گهوڙا سونن سنجن سان ۽ رڍون ٻڪريون پيدا ٿيون. اهو ڏسي شيطان چيو ته آدمي اهو پنجوڙ ڇنائي ويندا ۽ توڏي ڀڄي ايندا. وري قدرت جي حڪم سان بادشاهي بنگلا ۽ محلاتيون باغ پيدا ٿيا. جنهن تي شيطان چيو ته اهو پنجوڙ به مزي جهڙو نه آهي. پوءِ قدرت جي ڦوهاري سان ڪرڙين پدمين سٺين پوشاڪن سان حورون پرين جهڙيون سهڻيون عورتون پيدا ٿيون. جنهن تي شيطان گهڻو خوش ٿيو. ڪو وقت ته جهمر پي هنيائين ۽ بئسري وڄائي چيائين ته هي بهترين پنجوڙ آهي. عام آدمي ان پنجوڙ ۾ سڪ ٿيندا. هاڻي ڏسو ته سارو جهان انهيءَ ۾گم آهي ڪو ڪو الله جي طرف نه مڙئي خير آهي.
مثال هڪ طرف قرآن جو واعظ ۾ مسجد ۾ نماز هجي ٻئي طرف ڪڃري پيئي نچي ۽ ملاکڙو ۽ رڇ ڪتي جي بڇ ۽ ويڙه هجي ته ننڍا وڏا ڪراڙا به لٺ تي هلي تماشو وڃي ڏسندا. قرآن جي واعظ ۾ مسجد ۾ نماز تي ڪير به ڪونه لڙندو نه وري فقير عارف جي صحبت ۽ گفتار ٻڌڻ لاءِ ڪو ايندو. الله جي طرف خلق صرف هڪڙو ڀاڱو آهي ٻي عام خلق ته بي سمجهيءَ ۾ شيطان ڏي آهي. ڏسو ته ڪيتري خلق شيطان ڦاسائي ورتي آهي.
بيت
سگ برآن آدمي شرف دارد که دل مرد مان پيازارد
اڄوڪي آدمي کان ڪتو شرف ٿورکي. ڇو جو مالڪ کانسواءِ ٻئي کي اچڻ نه ٿو ڏئي
اين سخن راحقيقي بايد تا معنيٰ به دل فرود آيد
هن ڳالهه جي حقيقت گهرجي ته جيئن معنيٰ جي خبر پويئي
آدمي باتودست در معلوم ، سگ زبيرون استانه محروم
ماڻهو توسان گڏ کائي ٿو. مگر ڪتو ته چائٺ جي ٻاهريان نا اميد آهي
حيف باشدکي سگ وفادار آدمي دشمني روادارد
حيف آهي جو ڪتو وفادار آهي ۽ آدمي گڏ کائڻ واري سان به دشمني ٿو ڪري
نظر پاک توان در رخ جانان. ديدن، که در آئينهءِ نظر جزبه صفانه توان کرد
پاڪ نظر سان محبوب جي منهن ۾ ڏسجي. ڇو جو آئينه ۾ صفائي کانسواءِ شيءِ نه ڏيکاربي
به جزآبروئي تو محراب دل حافظ نيست طاعت غير تودر مذهب مانه توان کرد
تنهنجي ڀرون کانسواءِ حافظ جي دل جو محراب ڪونهي. تو کانسواٰءِ اسان جي مذهب ۾ ٻي عبادت جائز ڪانه آهي،
حديث قدسي
اني ما خلقت السماءِ المبنيته ولا ارضا مدحيته، ولا شمسا مضيته، ولا قمرا منيرا، ولا فلک يدور، ولا بحريجري ولا فلک تسري الا في ضحبته هٰوءُ لاءِ الذين هم تحت الکساءِ
ترجمو: بيشڪ مان آسمانن کي پڌرو نه بنايان ها ۽ نه زمين کي وڇاڻو نه ڪيان ها ۽ نه سج کي روشن ڪيان ها، ۽ چنڊ کي نواز وارو ڪيان ها ۽ نه ڪهڪشان کي ڦيريان ها ۽ نه درياه جاري ڪيان ها ۽ نه خشڪ بيابان خيقيان ها سواءِ هنن جي محبت جي جيڪي اهي ان چادر جي هيٺان آهن.