تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

ڪمال ديري ۾ فقير صاحب کي دعوت

هڪ دفعي لعل بخش جويي ڪمال ديري ۾ پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڏيئي فقير سائينءَ کي گهرايو. ان دعوت ۾ ٻيا عالم ۽ مولوي به شريڪ هئا. مگر لعل بخش فقير سائين کي عاليشان مسند ٺاهي، ان تي ٻين کان مٿانهين جاءِ تي ويهاريو. فقير سائين کي ڏسي مولوي پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته هي فقير آهي جيڪو الله تبارڪ وتعاليٰ سڏائيندو آهي. فقير صاحب اهو آواز ٻڌي مولوين کان پڇيو: ابا توهان مان وڏو مولوي ڪهڙو آهي؟ انهن مان هڪ اٿي بيٺو ۽ سندس نالو عبدالله هو. ذات پڇڻ تي هن پنهنجي ذات سفيد باف يعني ڪوري ٻڌائي. فقير سائين پڇيس: ابا علم مڪمل ڪيو اٿئي يا اڃا رهيل اٿئي. جنهن هن ٻڌايو ته سائين سڀ علم پڙهيو اٿم. تنهن تي فقير سائين پڇيس ته ابا خداوند ڪريم فرمايو. آهي: لا نُفرقُ بَینَ اَحدِ مّن الّرُسلِہٖ” يعني ڪنهن به رسول جي رسالت ۾ فرق نه آهي. پوءِ ڇو حضرت موسيٰ عليه السلام طور سينا تي مدهوش ٿي ويو حضرت محمد مصطفيٰﷺ کي معراج وقت عرش عظيم تي روبرو گهرايو ويو؟ سندن اکيون مبارڪ نور جي جهلڪار ڏسي هٽڪيو به ڪين. اهو ڪهڙو سبب هو؟ اهو ٻڌي مولوي صاحب چيو ته سائين ڪو چڱو ڪم ڪيو هوندائين. فقير چيس ته پاڻ ڪريم ته ٻين نبين کان نماز به گهٽ پڙهي هئي. ڇاڪاڻ ته حضور ﷺ جن تي نماز پنج وقت فرض هئي. ان کان اڳ ٻين نبين تي ته پنجاهه وقت نماز به هئي. ٻيو ڪهڙو چڱو ڪم ڪيو هئائون. مولوي صاحب ماٺ ٿي ويو. فقير صاحب پوءِ کيس ٻڌايو ته هر هڪ نبيءَ جو درجو ۽ مرتبو جدا آهي. مگر رسالت وارو ڪم سڀني تي ساڳيو رکيل آهي. ڪن نبين کي صرف پنهنجي ڳوٺ تي تبليغ جو حڪم ڏنائين ته ڪن کي وري ساري ڪائنات لاءِ پيغمبر ڪري موڪليائين. اهم ڪم حضور ﷺ جن تي رکيل هو جو ساري موجودات لاءِ نبي آهن، ان ڪري سندن رتبو ۽ مان به مٿاهون آهي. اهو ٻڌي مولوي صاحب فقير سائين جا هٿ چمڻ لڳو. آخر ۾ فقير سائين کان اوبر ٿيل کاڌو کاڌائين.