تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

روح رهاڻ

جيستائين هي عاشق آهي تيستائين هي هلاڪ آهي. فراق ۽ سوز سان هن جي هلاڪي آهي هن مان نڪتو ته ملجوت ۽ جبروت ۾ ۽ لاهوت ۾به عاشق آهي. فنا في الله ۽ بقا باالله ۾ پهتي کانپوءِ هي ٻارهن مهينن تائين عاشقي ۽ بيقراريءَ ۾ رهندو ٻارهن مهينن تائين هن جي پڪاوت پئي ٿيندي پڪاوت کانپوءِ هن کي قرار ايندو ۽ هو بيقرار ٿيندو تنهن کان پوءِ هي معشوق هو عاشق ٿي پوندو. جيستائين هي عاشق آهي تيسائين ڪچو آهي ۽ مارجڻ جو خوف اٿس.
عشق نور به آهي. ته نار به آهي. سوز به آهي ته ساز به آهي.ڏک آهي ته سک به آهي عشق جو درد رڳو وصال آهي. عشق وصل به فراق ۽ درد آهي. وصل کانپوءِ سڀڪو آرامي ٿيندو آهي. مگر عشق وٽ وصل به هجر ۽ فراق آهي ۽ بي آرامي آهي. جيئن جدائي فراق آهي تيئن عشق جو وصل به عين فراق آهي. عشق ڏسڻ خود بي انتها درد آهي. جيئن عاشق عشق کي ويجهو تيئن درد ۽ فراق زياده ٿيندس. جيئن فراق ۽ درد تيئن لذات بي انداز.اها لذات ٻنهي جهانن جي بادشاهي کان وڌيڪ آهي جيئن جيئن لذت وڌندي تيئن تيئن جوش ۽ مستي زياده. جيئن جوش ۽ مستي تئين بيخودي ٿيندي ۽ نفساني بوتو نابود ٿيندو، عشق جي مستي، جيئن عشق جي مستي تيئن، عاشق پست ٿيندو. جيئن عاشق پست تئين عشق جوجوش وڌيڪ، جيئن عشق جو جوش تيئن عاشق نيست نابود ٿيندو وڃي.جيئن عاشق نيست ٿيندو تيئن ديدار جو ذوق وڌندو ويندس. جيئن ديدار جو ذوق وڌندو تئين حيراني ٿيندي، جيئن حيراني ٿيندي تيئن ساهه نڪرڻ کي ايندو. هي ڦڙو سخت ڪشش ڪري ته درياه سان گڏجان تيئن ساهه هيٺيئن ڌڙ مان ڇڏي هيٺين اڌ لُڪيءَ تائين اچي پهچي ساهه ظلم سان نڪرندو آهي پر هن ساهه نڪرڻ سان ايتري فرحت ۽ جاوداني عيش حاصل پيو ٿئي جيئن مڇي پاڻي ڪاڻ سڪي ۽ تڙپي جيئن لوهه مقناطيس ڏانهن ڏسي ڇڪجي لڙڪي پوي.
حقيقت جي وجود کي ٻه هٿ آهن. کٻو هٿ ۽ سڄو هٿ کٻو هٿ جلال آهي. ۽ سڄو هٿ خالص جمال آهي جلال ڪفر آهي ۽ جمال اسلام آهي. جلال نار ۽ جمال نور آهي جمال مسلماني آهي مگر ان ۾ نور ۽ نار مرڪب آهين مفر خالص جمال ۽ خاص الخاص مسلمان اهو آهي جنهن پاڻ مان نڪري محمدي معراج ماڻيو.
عشق ڇا آهي؟ جنهن هن وجود کي عشق ۾ فنا ڪيو الوهيت جي محبت ۾ هستيءَ کي ذڪر وحدانيت سان نابود ڪيائين عشق جي درد حال جي خبر ان کي هوندي نه ڪي زاهد عابد يا ملان کي هوندي زاهد عابد ۽ ملان شاهه جي ٻانهپ ٿا ڪن. مگر عاشق پاڻ شاهه ٿا بڻجن. ٻانهي کي شاهه جي ڪهڙي خبر. جزوي عقل منگل ڪوٽوار آهي. جنهن جي ڳالهه ٻڌڻ جهڙي آهي.
اسان جي حال جي وقت دوران ميرامام بخش خان لاءِاسان جي ڳوٺ جي اتر طرف دٻ شڪار گاهه ٺهيو.ان لاءِ منگل ڪوٽوار مير جي رسائي لاءِ 500 ماڻهو گڏ ڪيا. ان وقت ۾ رياست ۾ ڇيڙ ۽ بيگر جو رواج هو. بادشاهه جي اچڻ تائين اهي ماڻهو منگل ڪوٽوار جي حواله ۾ رهندا هئا. ڪوبه ڇيڙ ڀڄندو هوته ان کي منگل ڪوٽوار پڪڙائي مارائيندو هو.
هڪ دفعي منگل ڪوٽوار کٽ تي وٺيو هو ڏاڍي رعب تاب سان حڪم ويٺو هلائي. زميندار ۽ امير به سندس انتظار ۾ بيٺا هجن ٻڪر ڪڪڙ ۽ کير سڀ موجود هجن. ديڳيون چڙهيون پيون هجن. منگل ڪوٽوار کي اهڙي خوءِ هجي جو ڄاڻجي پيو ته ڄڻ بادشاهه ئي هي آهي. بادشاهه جي اچڻ کان ست اٺ ڏينهن ڪوٽوار رڻ ٻاري ڏنو.
جنهن وقت بادشاهه جو اڏام ڌوم سان اچڻ ٿيو ته ڪوٽوار اٿي ڀڳو. لَوَنِ ۾ لڪي کبڙن ۾ لڪي آخرڪار جهنگ ۽ واريءَ ۾ ڊڪي ڊڪي ساڻو ٿي پيو. جهنگ ۾ هرڻ ۽ ڦاڙها رهندا هئا سوبه پڌر پيو نظر اچيس. اتان به ڀڳو ته متان هت به ڪو ڏسي وٺي. هن جي لڪڻ جو سبب اهو متان بادشاهه جي انتظام ۾ ڪا ڪوتاهي ٿي هجي ۽ بادشاهه مار ڏياري رسائي ۽ انتظام نه ٿيل هو پر منگل جو نالو ئي ٻڌو هئائين.
آخر منگل ڇا ڪيو جون نار جي مالهه ۾ هٿ وجهي پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏنائين ۽ رڳو ناسون مٿي ڪري پاڻيءَ ۾ ويهي سارو ڏينهن پاڻيءَ ۾ ويٺو هو. بادشاهه جي وڃڻ کانپوءِ ڇڪي ٻاهر ڪڍيائونس.
بيت

عقل خود شخته است چون سلطان رسيد . شحنهءِ بيچارود رکنج خزيد
عقل سايئه حق بود حق آفطاب ، سايه رابا آفتاب اوچه تاب
عقل پاڻ ڪوٽوار آهي بادشاهه جڏهن پهتو ته ڪوٽوار ڪنڊن ۾ پيو لڪندو.
عقل حق جو پاڇو آهي ۽ حق سچ آهي. پاڇو سج سان ڪهڙو چمڪندو.

عشق جي جلال مان سج دوزخ ۽ درنده خواه زهري بلائون پيدا ٿيل آهن، ۽ سمنڊ ۾ ڪوڙو پاڻي به عشق جي جمال مان بهشت چنڊ ۽ ٻيا حلال جانور تارا ۽ مٽي پاڻيءَ وارو درياه ٺهيل آهن. آدمي جلال ۽ جمال جا مرڪب آهن. آدمي جو ڪفر ۽ گمراهي جلال آهي هدايت جمال آهي. عبادت الاهي سان آدمي جو جلال گم ٿي ويندو آهي. باقي رڳو جمال نوري ٿيو پوي.
بيت

از عبادت اين جلالت گم شود پس جمالت نور حق محکم شود
عبادت الاهي سان گمراهي واري جلالت گم ٿي ويندي آهي. پوءِ حق جي نور جو جمال مضبوط ٿيندو آهي.
شد جلالت نار نور حق جمال. زانکه نور حق شوي صاحب کمال
جلالت نار ۽ جمالت حق جو نور آهي ان حق جي نور سان ڪمال جو صاحب ٿيندين.
اين جلالت قرع اهل ضلال وآن جمالت حصه اهل ڪمال
هيءَ جلال گمراهن جي ڪُڻي ۾ آهي ۽ جماليت ڪمال وارن جو حصو آهي
جهد کن تان صاحب معنيٰ شوي همچون مجنون سئو ليليٰ خودي روي
ڪوشش ڪر ته معنيٰ جو صاحب ٿئين، مجنون وانگر ليليٰ جي طرف
فاذکروني اذکرکم رابه بين ، انيدرين معنيٰ شوي تو همنشين
پوءِ فاذکروني اذکرکم کي ڏس، هن معنيٰ جو صاحب ٿئين
خود که راآمد چُنين دولت به دست . قطره رابحر تقاضا گرشده است
اهڙي دولت پاڻيهئي ڪنهن کي هٿ ايندي، ڦڙي کي سمنڊ جي حوالي ڪري ڇڏي
همچون ماهي سوئي دريارو شتاب جستجوو الله اعلم بالصواب
مڇي وانگر درياه ڏانهن تکوڀڄ، الله جي ڳولا ڪر پوءِ والله اعلم بالصواب

جلالي جلال ۾ خوش ته جمالي جمال ۾ خوش ٿا رهن، يعني نوري. نور ۾ خوش ته ناري نار ۾ خوش. بهشتي بهشت ۾ راضي ته دوزخي دوزخ ۾جيئن بهشت وارو دوزخ وارن جي خلاف تيئن دوزخ وارا نيڪ عملن کان نفرت ڪن ٿا.
مَرَجَ الْبَحْرَیْنِ یَلْتَقِیٰنِۙ(۱۹)بَیْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا یَبْغِیٰنِۚ جي معنيٰ ۽ تشريح اها آهي اهل جلال ۽ اجل جمال ڪيئن سڃاڻجي. ڪرادار ۽ گفتار مان ولتغر فنهم في لحن القول انهن کي زبان جي لهجي مان سڃاڻي سگهي ٿو.
عاشقن جو درجو جلال ۽ جمال کان گهڻو پري آهي، ڇاڪاڻ ته هو عين وصال آهن. هن کي نه دوزخ جو ڀئو نه بهشت جي اميد جتي عاشق آهي ته اتي نه زمين نه عرش نه ڪرسي جي اٿئي مڙسي نه سڌ لهه ان سور جي. يان سِرَجي شفاعت جي به اميد به اهو رکندو جيڪو حق کان بيخبر ۽ ڏوهاري هوندو. اهو ئي دوزخ جو خوف ۽ بهشت جي اميد رکندو. اسان کي شفاعت جي به اميد نه آهي نه وري ضرورت آهي. صوبيدار ۽ حج جي ڪاڻ به اهو ڪڍندو جيڪو ڏوهاري هوندو.
بيت
توپاک باش برادرم دار از کس باک زنند جامه ناواک گازران برسنگ
اي ادا تون پاڪ رهه پوءِ ڪنهن کان به نه ڊڄ. کٽي به ميري ڪپڙي کي پٿر تي هڻندا آهن،
بيشت دوزخ آدميءَ سان ساڻ آهن. سينو ۽ دل بهشت اٿس معدو ۽ شهوت دوزخ اٿس. جو الله جي ذڪر سان سيني ۾ گم آهي سو بهشت ۾ جيڪو شهوت جو تابع آهي سو دوزخ بهشت ۽ دوزخ ٻيئي ڪثرت مان پيدا ٿيل آهن. بهشت به روحاني چڪلو آهي ۽ رنن جي جاءِ آهي فقيرن جو چڪلي سان ڪهڙو واسطو
اسان اتي وياسين جتي ڪثرت اصل مان ڪانهي. اتي جنن ملائڪن خواه انسان جي پهچ ڪانهي بهشت ۽ دوزخ صفاتي درجا آهن فقير ذاتي آهن اسان اتي ويا اهيون جتي رسول الله ۽ اهل بيتن کانسواءِ ٻيا سوا لک انبياءَ ۽ اولياءَ توڙي هٿ ڊگها ڪن ته به اسان جي پيرن کي به نه پهچن.
مڙس اهو آهي جيڪو ٻنهي جهانن تان ٽپو ڏيئي پرين ڀر لنگهي وڃي جيڪو جهانن جي حد ۾ آهي سو ڪثرتي آهي ڪثرت وارو شمار ۾ ڪونهي رسول الله ﷺ ۽ سندس اهلبيتن کانسواءِ ٻيا نبي سڳورا هنن ٻنهي جهانن جا گذراني هئا. مگر ٽئين جهان ۾ نه پهتا هئا. ڇو ته انهن کي عشق شهنشاهه دم وارو رستو نه ٻڌايو هو. زباني ذڪر ٻڌايو هئائين زباني ذڪر جي حد رڳو بهشت تائين آهي فاوحيٰ اليٰ عبده ما اوحيٰ.
ذات ذوالجلال من عرف وارو رستو خاص طرح سان حضرت رسول الله ﷺ جن لاءِ لڪائي مخصوص ڪري رکيو هو. جيئن پيءُ سوکڙي وڏن پٽن کان لڪائي ننڍي پٽ لاءِ رکندو آهي ۽ گڏ به ننڍي پٽ سان ٿيندو آهي.
پوءِ حضرت رسول الله ﷺ جن اهو رستو موليٰ عليه السلام ۽ پنجتن پاڪ ۽ اهلبيتن ۽ اهل صفحه وارن فقيرن کي عطا ڪيو.
مثال جيئن هڪ واپاري آيو. پهرين سال ٿوم بصر کڻي آيو جيڪي عام ماڻهن ۽ رنن زالن به خريد ڪيا. ٻئي دفعي اطلش جا ڪوٽ کڻي آيو. جيڪي ڪن خاص اميرن ۽ دنيا وارن ورتا. غريب نه وٺي سگهيا. ٽئين دفعي هيرا آندائين جيڪي بادشاهه ورتا. تيئن حضرت رسول الله ﷺ به وحدت جو سوداگر ٿي آيو دنيا ۾ تن قسمن جا سودا سامان آندائين. ٿوم بصر روزو نماز آهي اطلش جا ڪوٽ ورد وظيفا آهن ۽ تهجد ۽ ڏها چاليها آهن عشق الاهي هيرو آهي. جنهن بادشاهه دلين خريد ڪيو. انهن خريد ڪيو جيڪي الست بربکم قالو بلا وارو وعدو ڪري هت پهتا هئا.عشق به نفس لاءِ هيري جهڙو قاتل زهر آهي. جزوي عقل لاءِ به عشق الماس زهر آهي. جو هيري زهر جي گوري کان پوءِ پڇڙي نه چوريندو تيئن ڪانو عقل به عشق اڳيان دٻ ڪونه جهليندو آهي.
بيت
عشق الماس است زهر زاغ را، عقل جزوي ميشود کلي فنا
عشق ڪانو عقل لاءِ هيرو زهر آهي. جنهن ۾ جزوي عقل سڀ فناءِ ٿيندو آهي.
عشق الماس است بهر شاهه دل.مي خرند خاصاني حق اگاه دل.
عشق بادشاهه لاءِ الماس زهر آهي. دلين جي خبر وارا ۽ حق جا خاصا خريد ڪن ٿا.
سير بصل شد غذائي عام را. تا سهل گيرند هريک يک جدا.
بصر ٿوم عام جي غذا لاءِ آهي. ته جيئن هر هڪ وٺي سگهي
ليکه هربيوه زن شد دستياب برنماز و روزه دل اغتلاب
ان کي هر هڪ رن زال به وٺي سگهي ٿي نماز روزي تي دل غالب ڪر.
عشق شاهه است عشق راشاهان خرنڊ، آسمان عرش راپرده درند
عشق بادشاهه آهي.خريد به بادشاهه ڪندا. اهي آسمانن ۽ عرش جا پردا ڦاڙي ڇڏيندا.
مي پرند آن قرسيان در الا مکان، لامکان پرواز گاه عاشقان
اهي ملائڪن واگر لامکان ۾ اڏرن ٿا. لامڪان عاشق جي اڏرڻ جي جاءِ آهي
مرغ قدسي لامکان شاهباز طرفته العين مي رسند درملک ناز
اهي لامڪاني قدسي شهباز آهن اک ڇنڀ ۾ ناز جي ملڪ ۾ پهچن ٿا.
مي رسند آن جاکه جن وانس هيچ مخلوق بجز آن قدس نيست
اتي ٿا پهچن جتي نه جن نه انسان ئي آهن. ان پاڪ ذات کانسواءِ ٻي ڪابه مخلوق ڪانهي.
افسوس انهن مسلمانن جو آهي جيڪي پنهنجي نفس کي گناهن کان نٿا روڪين. ڄاڻي واڻي گناهه به ڪندا ٿا رهن خدائي ڪلام ۽ حديث نبوي جي منع هوندي به گناهه ڪري نفس کي راضي ٿا رکن ۽ رسول الله تي شفاعت جو به پڪو آسرو اٿن. چوريون . بڇڙايون حق غضبيون به ڪن پرارا مال به کائن ۽ چون ته اسان کي رسول الله بهشت ۾ موڪليندو.
اهڙن بد ڪمن جو بار پاڪ رسول الله ڏانهن اڇلائين. ته اسان جو بار رسول الله کڻندو. افسوس انهن جو آهي. جو هت به نفس کي مزا ٿا وٺرائين ۽ اوڏانهين به مزن جا آسرا رکن. قرآن ۾ آهي وَ مَنْ یَّقْتُلْ مُؤْمِنًا مُّتَعَمِّدًا فَجَزَآؤُهٗ جَهَنَّمُ جنهن آدميءَ روح جي ايماني وجود کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو. يعني پاڪائي ڪٺائين ان جي جهنم آهي.
بهشت ايزدي سرڪار جي اهڙي آسماني نعمت آهي جو رسول الله کانسواءِ ٻيا انبياءَ اولياءَ سڀ بهشت جي دروازي تي بيٺا آهن. دروازو بند آهي. رضوان نالي ملائڪ دروازي تي بيٺو آهي بهشت وارو دروازو قيامت جي وعدي مطابق سرڪار الاهي جي امر کانپوءِ کلندو.
دنيا ۾ ڏسبو ته جيڪو به بنا موڪل جي پرائي باغ ۾ لنگهيندو ته مالهي مار ڪڍي وٺي وڃي مالڪ وٽ پهچائيندس پوءِ مالڪ جي مرضي جيئن وڻيس تيئن ڪريس. هت ڪثرت ۾ ائين آهي مگر وحدت جي ملڪ ۾ ائين نه آهي ڇا؟ باغ جي مالهن مان جيڪو ايندو سو دربان جي ڪهڙي ڪاڻ ڪڍندو.

هڪ عبرت جهڙي ڳالهه آهي. هن وقت ياد آئي آهي ته سانوڻ جو مهينو هو ڍيڍ پهر ڏينهن جو هو. ان وقت آسمانن مان هاتفي آواز آيو ۽ ذات ذوالجلال مخاطب ٿي فرمايو ته ڏسين ٿو ته مان ڪنهن کي به ياد آهيان اسان به چيو ته تون ڪنهنکي به ياد نه آهن. پوءِ چيائين ته اهي منهنجي نعمتن ۽ بهشت ۾ڪهڙي اميد ٿا. رکن مان چيو ته رسول الله ﷺ تي ڀروسو ٿا رکن ته اسان کي اهو بهشت ۾ اماڻيندو. جنهنن تي پاڻ مثال ٻڌايائون ته پٽ پيءُ جي مرضي تي هلندو يا نه پٽ پيءُ جي اجازت کانسواءِ مال ۾ حجت ڪندو؟ اهو به پيءُ جي راءِ تي هلندو پيءُ جي برخلاف قدم نه کڻندو. مگر اجازت ۽ امر سان جيڪا پيءُ جي راءِ سان پٽ جي راءِ هوندي تيئن رسول الله به اسان جي راءِ کان ٻاهر نه ويندو اسان جي امر ۾هلندو نه ڪي برخلاف هلندو. قرآن ڪريم ۾به آهي ته مَنْ ذَا الَّذِیْ یَشْفَعُ عِنْدَهٗۤ اِلَّا بِاِذْنِهٖؕ-یَعْلَمُ مَا بَیْنَ اَیْدِیْهِمْ وَ مَا خَلْفَهُمْۚ يعني ڪير آهي جيڪو سندس اجازت کانسواءِ ڪنهنجي سفارش ڪري سگهي جيڪي انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي سندن پويان آهي تنهن سڀ کي ڄاڻندڙ آهي. ان آيت جي معرفت اها تقرير آهي.
مٿين حقيقت جي مناسبت سان هڪ ڳالهه آهي ته هڪڙي امير کي گهڻا پٽ هئا. جن ۾ اوچتو اچي بيماري پيئي.سڀ مري ويا. امير کي ڏک ڪونه ٿيو ۽ نڪي رُنو. زال چيس ته هيترن پٽن جي مرڻ تي ڏک ڪونه ٿيئه. نه وري رُني. ڇاجي ڪري. امير چيو ته چڱو جو مئا جو بي فرمان هئا جيڪا ڏاٺ سور ڪندي آهي سا ڪڍرائبي آهي نه ته ناسور ڪندي آهي اهي ناسوري عضوا هئا چڱو جو مئا شڪر ٿو ڪريان.

اهڙيءَ طرح حضرت رسول الله ﷺ کي به فرمانن جي جهنم ۾ سڙڻ جو ڏيک ڪونه ٿيندو پاڻ ڪريم جن به بي فرمانن مسلمانن کان بيزار آهن.قرآن ۾ آهي. لاتنفعهم الشفاعت الشافعين يعني انهن کي ڇڏائڻ وارن جو ڇڏائڻ فائدو ڪونه ٿيندو وَلٰا تَزرُو وِازرَت وزر آخُريٰ يعني ڪوبه هڪڙو ٻئي جو بار نه کڻندو. ان هوندي به قيامت ۾ شفاعت ڪندن به کڻي مگر تيستائين سزا ۾ پڳڙيون ٿي ويندا جيستائين قيامت اچي تيستائين ته سزا کائيندا.
عارفن ۽ عاشقن جو شفاعت سان ڪوبه ضرور ڪونهي. ڇو جو هنن الله اثبات ڪيو. فنا في الشيخ فنا في الرسول ۽ فنا في الله بقاالله جا چارئي درجه حاصل ڪيائون جڏهن پاڪ ٿيا تڏهن اهي درجه نصيب ٿين. پليدن کي اهي درجه ڪڏهن به حاصل ڪين ٿيندا. جيڪي پاڻ پاڻي ٿيا تن کي ٻڏڻ جو ڪهڙو خوف ٿيندو. جيڪو شخص پاڻ پاڻي ٿيا تن کي ٻڏڻ جو ڪهڙو خوف ٿيندو. جيڪو شخص پليد ۽ ڏوهاري هوندو اهو سفارش ۽ شفاعت جي گهر ڪندو.
فقرو: اگر قدرت قبول کردن، بجز خود الله گفتن ودر شفاعت اميد وار بودن نامردگي. بيهودگي وعين کفراست. يعني قدرت کي قبول ڪرڻ پاڻ کانسواءِ ٻيو الله چوڻ ۽ شفاعت جي اميد رکڻ عين ڪفر ۽ بيهودگي آهي.
بقابا الله جي درجي وارا عاشق عارف سڀاڻي قيامت جي ڏينهن پاڻ رسول الله سان گڏجي گنهگارن جي شفاعت ڪندا.
الحديث: الشيخ في قومه ک انبي في امته يعني ڪنهن به قوم ۾ عارف عاشق ائين آهي جيئن ڪو نبي پنهنجي امت ۾ هجي عارف ان کي چئجي جنهنجو الله اثبات ٿيل هجي.
بيت

حامل العرش عظيم ذوالجلال صاحب حال وجد صاهب کمال آهي
زات ذُولجلال جي عرش عظيم کي کڻندڙ آهن اهي وجد حال ۽ ڪماليت جا صاحب آهن ،
عاشقان کردند طواف ذات حق، مي کنند بر عرش وبرنهه طبق
ذات حق ۽ عرش پر نون ئي طبقن جو طواف ٿا ڪن عاشق
باررسول الله جا همراز اند آن ، در همه حالت مکان تالا مکان
رسول الله جا همراز آهن هر حالت ۾ مڪان کان لامڪان تائين
الفقر فخري حديث آن جناب از برائي عارفان آمد خطاب
رسول الله ﷺ جن جي حديث انهن عارفن لاءِ خطاب ۾ آئي آهي
با محمد درشفاعت هم درهند. ياوران بي کسان وگمرهند
حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ سان گڏجي بيواهن ۽ گمراهن جي شفاعت ۽ مدد ڪندا.
چون اويس عارف اندر ريمن با محمد جنت خو ليکن بي وطن
اويس قرني جهڙا يمن ۾ عارف عادتون مصطفائي هيس توڙي پرديسي هو.
زان سبب فرمود محمد مصطفيٰ ﷺ در شفاعت همره اويس را.
ان ڪري سرڪار اويس کي شفاعت ۾ همراهه فرمايو آهي.
زانکهه بيخود فاني في الله بود هستيش نابود حق آگاهه بود
هو بيخود هو ۽ الله ۾ فنا کاڌل هئس. هستي ناس هئي ۽ حق کان باخبر هو.
از اويس نام مانده درجهان ليکه بود دائم اندر لامکان
دنيا ۾ اويس جي نالي رهيل هو مگر هيو هميشه لامڪان ۾ رهندو هو
حضرت سليمان اول آتش پرست گشت مسلمان اهل بيت وحق پرست
حضرت سلمان فارسي اڳ ۾ باهه جو پوڄاري هيو. پوءِ مسلماني ۽ حق پرستيءَ سبب اهلبيتن مان ٿي ويو.
گشت سيد درجماعت سروران سيد وعارف شده فخر جهان.
سيدن جي ٽولي ۾ سيد ٿي ويو. سيد ۽ عارف ٿي جهان جو فخر ٿي ويو.
هر که عاشق شد جمال ذات را، اوست سيد جڪه موجودات را.
جيڪو الله جي ذاتي حُسن جو عاشق ٿيو اهو ئي ساري ڪائنات جو سيد آهي.

حضرت رسول الله ﷺ وري وري حضرت اويس قرنيءَ کي ياد ڪري تعريف ڪندا هئا هر وقت فرمائيندا هئا ته اني لوجه نفس الرحمان من طرف اليمين يعني مون کي خدا جي دم جي خوشبوءِ يمن جي طرف کان ٿي اچي هوڏانهن اويس جو اهو حال هو جو ڏاچون چاريندو هو ۽ اڻ پڙهيل هو. ڪوبه هنر ڪونه هيس پر لدني علم جو ماهر عاشق عارف فنا في الله جي درجي جو صاحب هو ۽ بقا باالله جي درجي وارو هو. ان ڪري رسول الله پنهنجو جبو پهرڻ وارو ۽ ڪمبل ۽ عصا وفات ڪرڻ کان پوءِ موڪلڻ جو حڪمن فرمايو هو ۽ کيس چورائي موڪليو هئائون ته منهنجي امت جي پارت هجئي جنهن تي حضرت اويس نياپي واري کي چيو ته بني حزرج جي قبيلي جون جيڪي رڍون آهن انهن جي وارن جيترا گنهگار مسلمان الله وٽان آءٌ ڇڏائينداسين،
ڏسو ته حضرت رسول الله ﷺ ظاهر ۾ اٺن چاريندڙ اويس قرني تي ڪيڏو ڪرم فرمايو، سبب اهو هو جو هو جسم مان نڪتل هو. معراج ڪيل هيس. اڄ به جيڪو اسم اعظم وسيلي معراج کي پهچندو اهو قيامت جي ڏينهن حضرت رسول الله ﷺ سان گڏ جي شفاعت ڪندو.
جنهن به الله اثبات ڪيو سو اويس آهي نه رڳو هو هڪ اويس هو. خالق اڪبر اڄ به اويس پيدا ڪري سگهي ٿو. اڄ ڪو ڪراڙو ته ڪونه ٿيو. آهي. کُل يَومِ هو في شان. روز بروز ان جو شان نئون آهي. يُحي ويميت آهي مارڻ خواه جيارڻ وارو قاعدو به ساڳيو اٿس ته پاڻ به اهو ئي ساڳيو آهي. جيڪڏهن دنيا جي وهنوار يعني موت ۽ زندگي ۾ ڪا تبديلي اچي ها ته ڪراڙو چئجي ها.
ٻيو ته ظاهري نبوت بند آهي ڇو جو الله جي جهڳي ۾ دين محمدي کان سواءِ ٻيو دين اصل ڪونه آهي. فقيرن کي الله جي جهڳي جي پوري پوري خبر آهي هن دين کانپوءِ ٻيو ڪوبه دين ٿيڻو ئي ڪونهي. الله جي گهر ۾ جيڪو تحفه رکيل هو سو حضرت رسول ڪريم جن کي عطا ڪيائين.
رسول الله ﷺ جن جو فيض اڄ تائين هلندو پيو اچي ان جي لاءِ عاشق عارف بقا با الله جي درجي وارا مقرر ٿيل آهن. جيڪي محمدي دين کي هلائيندا ٿا اچن.
فنافي الرسول جي درجي وارو عاشق عارف ٿيڻ ڪو سولو ڪونهي. جڏهن آدم اسم اعظم وسيلي جيئري ئي جسم مان نڪرندو.سوئي جبروت ۾ ويندو. ۽ ان درجي تي پهچندو جتان عاشق احد مان احمد ٿي آيو آهي. جبروت جبرائيل جي رهڻ جي جاءِ آهي. فقير عارف جبروت ۾ساڳيو رسول خدا ٿي پوندو آهي. لولاک جوڇٽ پائيندو آهي سلطان باهو ٿو چوي ته.


“ڇٽ لولاڪي سر تي آيا،
مئن تان اٿان باهو نام ڌاريا.”

فنافي الرسول کانپوءِ فقير فنا في الله جو الوهيت ۾ من خدايم جا نعرا هڻي ٿو سگهي. ساڳيو الله ٿي پوي ٿو.
ماڻهو ڪهڙا نادان آهن جو پيوندي ٻير به ساڳي ٿي پوي ٿي. ايسر مهاديو جو منڊ بلائڻ جي زهر ۽ اثر کي هٽائي ٿو سگهي نانگ جو وات به ان منڊ سان بند ٿي وڃي ٿو. باقي افسوس جو جيڪو اسم اعظم رسول الله ﷺ جسم وڃائڻ لاءِ ڏسيو آهي سو ايسر مهاديو جي منڊ کان به گهٽ آهي! جوان جو منڊ به اڃا هلي ٿو باقي رسول الله جو فيض بند ٿي ويو آهي؟
هي ذڪر الاهي به نفس لاءِ منڊ آهي جنهن کي رسول الله ﷺ جن جاري ڪيو آهي. جيڪو به وذڪر ربڪ في نفسڪ ڪمائيندو ته ان کي اها منزل ملندي جيڪي اهو ذڪر نه ٿا ڪمائين اهي نفس ۽ شيطان خواه شهوت جا تابع آهن نه الله جا اٺئي پهر شهوت پرستيءَ ۾ ٿا گزارين. تن کي هي عظيم ملڪ حاصل نه ٿيندو معنوي معراج ڪو سٿرو آهي ڇا معنوي معراج ان کي حاصل ٿيندو جيڪو اسم سان جلائيندو. پهريائين ان واڳون نفس جي وات مان نڪرندو پوءِ اهي نوَ آسمان ان لاءِ نوَ وکون آهن. ان کانسواءِ هزار ورهيهه نمازون ۽ قرآن پڙهي ته به عشق جي بوءِ به نه پوندس نه وري عشق جي ملڪ جي خبر پوندس. ڇو جو هن من عرف وارو رستو ته ورتوئي ڪونه طالب به فنا في الله جي درجي واري عارف جا سڌرندا. بي حاصل جا طالب به چٽ ته پاڻ به چٽ.
جيڪڏهن قرآن پڙهڻ ۽ نمازون قبول پيس ته به آسماني چڪلي وارين رنن جي پوءِ جي بوءِ ايندس سو به جيڪڏهن محبت ۽ پاڪائي سان پڙهيو ته دل وارو ڪلمون ڪم جو آهي. زباني ڪلمه مان ڪجهه به ڪونه ٿيندس زباني ڪلمون مائٽن کان سکيائون رسول الله ﷺ جي هٿئون سکن ها ته حقي مسلمان ٿين ها.
فنافي الله ۽ بقا باالله واري عارف هٿان وحدانيت جي ذڪر جو رستو پڇي الله جي طرف هلڻ گويا رسول الله جي هٿئون ڪلمون پڙهڻ آهي جنهن سان طالب معراج جي حد تائين پهچندو آهي. موليٰ جي ملڪ ۾ جو کٽي سوکائي.
قَالَ لَا یَنَالُ عَهْدِی الظّٰلِمِیْنَ(۱۲۴) يعني ظالمن لاءِ اهو وعدو نه آهي.
عشق جو رستو ۽ فقير لڳڻ ۽ ويامڻ نه آهي. جيڪڏهن لڳڻ ۽ ويامڻ سان فيض هٿ اچي ها ته سيدن ۽ پيرن کي هٿ اچي ها. پير سيد اهو رستو ڦٽو ڪري لذتن کي چنبڙي ويا. تڏهن انهن کان اهو حق وڃائجي ويو.
هاڻي فقير من عرف نفسه فقد عرف ربه جنهن پاڻ سڃاتو تنهن الله سڃاتو توڙي ڪنهن جا ابا ڏاڏا فقير هجن مگر پوين نفس کي نه سڃاتو ته فقير نه چئبا. اهي پيوندي ٻير جو کوکڙو آهن ڇو ته اهو بوکبو ته سنڌي ٻير ٿيندي پيوندي ٻير جي اک ۾ اثر هوندو آهي. کوکڙي ۾ ڪو به اثر ڪونه هوندو آهي.
عاشق جو ذڪر الاهي ڏسڻ معرفت جي اک آهي. اها اک جنهن کي لڳي سو پيوندو ٿيندو. شهوت جو ٻج به کوکڙو آهي جنهن مان سوڌو ۽ ساڳيو نه ٿيندو.
سيد جي ذات نه آهي جيڪو الله تي عاشق ٿيو سو سيد ٿيو. سيد جي معنيٰ آهي سڄي موجودات جو سردار. جيڪو دنيا جي ڪمن ڪارن تي عاشق ۽ غرق آهي سو سيد نه آهي. مگر اهو دنيا جو ڪتو آهي رسول الله جو فرمان آهي، اَلدُنيَا جِيفَتهُ وَطَالِبُهَا کِلَابُ ، يعني دنيا ڍونڍ آهي ان جا ڳوليندا ڪتا آهن. حضرت سلمان کي ڇو اهلبيتن ۾ داخل ڪيو. ۽ کيس سيد شمار ڪيو. حالانڪ هو اڳ ۾ آتش پرست يعني باهه جو پوڄاري هو.
اڄ به جيڪو دنيا ۽ شهوت جي باهه کان آزاد ٿي الله جي طرف ذڪر اسم اعظم سان هلندو ۽ گم ٿيندو سو مسلمان پارس وانگر سيد آهي.
بيت
هرکه عاشق شدبه ذکر ذات حق، اوست سيد درزمين ودر فلک
جيڪو ذات حق جي ذڪر تي عاشق ٿيو. اهو ئي آسمانن ۽ زمين تي سيد آهي،
هرکه بر دنيا ست عاشق شد العين همچون قارون رفت در قهر زمين
جيڪو دنيا تي عاشق ٿيو سو لعنتي ٿيو. قارون وانگر اهو زمين جي کوهه ۾ ويو.
اوسگ مردار خوار مسام هر که بر دنيا است عاشق والسلام
اسو سدائين حرام کائڻو ڪتو آهي. دنيا جي عاشق جو اهو حال آهي.
قطره چون دربحرمي افتادئا ين دريا گفتن اورا شد روا
ڦڙو جڏهن درياءَ ۾ ٿا اڇليو ته پوءِ ان کي درياه چوڻ جائز آهي.
چونکه قطره گم شده درياه شده عين بحر موج شده بيغم شده
جڏهن ڦڙو گم ٿيو ته درياه ٿيو موج ڪندڙ ساڳيو درياه ٿي پيو.
قطره راهر گزنه بيني رخ نما چونکه قطره از سراپا شد فنا.
اتي قطرو ظاهر ئي ڪونه هوندو. ڇو جو ڦڙو مڪمل فنا ٿي ويو.
قطره هر گز کئي بيابي اندر او کل شي هالک الا وجهه
ڦڙو ان مان ڪڏهن به لهي نه سگهندوء ان جي ذات کانسواءِ هر هڪ شيءَ هلاک ٿيندي آهي.

موحد اهو آهي جيڪو پنهنجي وجودي هستي کي ذات ذوالجلال جي ذاتي هستي ۾ پرواني وانگر ساڙي عين شمع بنجي پوي. اَلعِشق نَار وَيحرِک مَاسَوا المحبوب ، يعني عشق باهه آهي يعني عشق باهه اهي جيڪا الله کانسواءِ ٻي هر شيءِ کي ساڙي ڇڏيندي آهي عبديت جي وهمن ۽ صفاتي هستي کي ذاتي شمع ۾ پرواني وانگر ساڙيو هجيس. ان جي پنهنجي هستي جو نالو نيشان نه رهيو هجي. ملان مفتي قاضي هر روز پنهنجي هستي نفساني کي پاليندا خوش ڪندا ٿا رهن. علم مان رڳو پاڻ کي ڀلو ڄاڻن سکيا ٻيو سارو جهان خبيث ٿا سمجهن.
بيت

علم ظاهر جو پڙهي ٿئي ٿو ملان هر طرف کان ٿو ڏسي شيطان عيان
ٿو پڙهي لاحول هردم هرطرف علم مان حاصل ڪيائين هي شرف،
علم مان حق جي ڏسڻ کئون چشم بند رود لاحولي ۽ هستي ڪيئين بلند۔
نظر عالم جي قبر تائين ٿي پوي.عاشقن جي ديند عرشن کان ٽپي۔
زاهدن ملن جو آهي هي سفر، قبر کان پرتي ناهي. تن جوگذر،
آملان سيارو ارضي روز شب آسمانن طرف نٿو ٿئي منقلب پائي لنگ۔ وروح ان جو بي ذڪر محمد معراج کان هو بي خبر.

يعني ملان جو روح ذڪر کانسواءِ منڊو ٿيندو آهي.
عشق جي عالم جڏهن لدني علم جو امتحان فنا في الشيخ واري ملڪوت جي منزل ۾ حوض ڪوثر جي ساقي اڳيان پاس ڪيو ۽ جسم وارو پاليل ڍڳو اتي وڃي ڪهائي قربان ڪيائين. ان جو پوءِ غير ويو ۽ وڃي ذات رهي. جيڪا هميشه حيات هوندي پوءِ ان جي حد فاينما تولو فثم وجه الله آهي. پوءِ اهو جا ڏي نهاريندو ته ان طرف کان الله کي پيو ڏسندو سڀني چئيني مڪانن ۾ ساري عمر الله پيو ڏسندو. اهو ديدار قيامت تائين بند ڪونه ٿيندس. جيئن بادشاهه ڪنهن کي جاگير بخشي ۽ قيامت تائين واپس نه ڪريس. جيئن بقار جو علاقو شاهه جهان بادشاهه سيدن کي جاگير طور ڏنو هو. اها جاگير اڄ تائين قائم آهي کسڻ وارن تي لعنت لکي ڇڏيائين.
ان طرح جنهن فقير کي ان اعظم ملڪ جو ديدار عطا ٿيوته پوءِ عشق جو بادشاهه نفس ۽ شيطان کي کسڻ کان لعنت لکي ڇڏيندو. ان ڪري اهي به فقير کان اها عشق جي لقاءَ جي جاگير کسي ڪونه سگهندا نفس. ۽ شيطان به ذات ذوالجلال جي قبضه ۾ آهن فقي عاشق کي جيڪو ملڪ جاگير ۾ مليو ان جي حدن جا نالا هي آهن. (1) ملڪوت، (2) جبروت (3) لاهوت (4) باهوت (5) هاهوت (6) لامڪان. جيستائين فقير هن خاڪي جسم ۾ هوندو تيستائين سندس عروج نزول يعني اچڻ وڃڻ انهن ملڪن ۾ پيو ٿيندس اچڻ وڃڻ به جاڳندي پيو اکئين ڏسندو جنهن وقت به خياڪ ڪندو ته ات بيٺو هوندو جنهن به ساهواري شيءَ کي ڏسندو ته صاف طرح سان الله پيو ڏسندو . جيڪڏهن نفساني نظر سان ڏسندو ته ظاهري نفساني جسم پيو ڏسندو.
بيت
عارف عالم لدني علم جو تاجور. هر طرف کان حق ڏسي ٿو در نظر
عشق جو عالم جڏهن ٿئي باخبر. عرش اعظم جو ڪري سالڪ سفر
فاينما تولو فثم وجه الله کي دمبدم عاشق ڏسي الله کي ملڪ
سڀ ملڪوت ۽ جبروت جو ٿو. ٿئي علين مڪان لاهوت جو عيان محمدي معراج سان ٿئي سرفراز آه عاشق لامڪاني شاهباز.
الفقر لا احتياج الا الله. واقف حق راز مخفي بارگاه
مکِ جو پراوز ڇه شهباز جو چٻ ۽ عنقيٰ ۾ فرق پرواز جو
سير چٻ جو آه ويراني زمين، سير عنقا ۾ فرق پرواز جو۔
سير چپ جو آه ويراني زمين. سير عنقا ۾ فرق پرواز جو.
مک جا اڏري سگهي شهباز سان سير بيحد عرش اعظم جي پريان مک جو آهي سير مانيءَ جي مٿان. جاٿي کائي ڪور يا خاص طعام.

فقير جي توحيدي صحبت ۽ فيض مان هزارين فقير ۽ فيض وارا ٿي وڃن ٿا. جن مان ڪي بقا باالله جي درجي تائين پهچن لدني علم جي عالم عارف جي نظر ڪيميا جهڙي آهي. جيڪا خاڪ مان خدا ڪري وجهي.
ڪيميا گر ڪرتاهي هس ڪوطلا.
فقر ڪرتا خاڪ ڪو اعظم خدا.

ڪيمياگر چانديءَ جي هس کي سون ڪري ٿو وجهي، مگر فقير اهڙو اڪثير آهي. جيڪو خاڪ کي خدا ٿو ڪري وجهي. ظاهر جي عالم جي صحبت جو اثر ڪونه ٿو پوي سندس عزيز قريب لوفر چور زاني ٿين ٿا. پاڻ عالم سڳورا اصلوات جو لک پڙهي پنجن روپين تي وڪڻن يا ڪنهن ڪپڙي تي شوڪاري منهن بند ڪري ڏين. ۽ وٺندڙا ها ڪپڙي کڻي وڃي گهر ۾ کولي ته مان برڪت پوي.
اڪثر ڪري کهڙن جا عالم صلوات جو لک پڙهي ڪنهن طمع تي ماڻهن کي بخشي ڇڏيندا هئا. عام ملا ختمي جماڻي تي قرآن ڏاڍيان پڙهي ختمون ڏين ته جيئن ماڻهو اڳتي ٻيا به کين ختم لاءِ وٺي وڃن ۽ اهو سڄو ئي قرآن هڪ ڍو تي وڪڻي ڇڏين. پنهنجي قبر محشر لاءِ ڪجهه به بچائي ڪونه رکن. پوءِ جڏهن منڪر نڪير سندن اعمالنامون کين ڏيکاري.جنهن ۾ ڪارا اکر بديءَ جا ۽ ڳاڙها اکر نيڪيءَ جا هوندا آهن.ان نقشه کي ان وقت کوليو ويندو. آهي جنهن مهل ڪانڌي ميت کي قبر ۾پوري پاڻ گهر ويندا آهن پوءِ جن جو اهڙو اعمال نامون هجي يا جن الله گم ڪري پاڻ اثبات ڪيو. انهن لاءِ سرڪار منڪر نڪير کي انهن تي بڇ ڪرائيندي آهي. پوءِ انهن سان واويل ۽ عذاب شروع ٿيندو آهي.
هڪڙو عالم مولوي ۽ حاجي اسان جو سنگتي هو. بي حد شريعتي ۽ نمازي به اهڙو هو جو وقت به قضا نه ڪيو هئائين روزن جو وري اهڙو پابند هو جو اونهاري جي موسم ۾لابارو ڪندي به روزو نه گسائيندو هو مگر هن کي هڪ دعا هئي جو مردن کي تڙ ڏياري انهن جا ڪپڙا کڻي پاڻ پائيندو هو. اگر ڪو هن جي غير موجودگيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ملان ڪپڙا کنيا ته ان تي ڪيس ڪري ان کان به اهي ڪپڙا واپس ڪرائي پاڻ پائيندو هو. يا کائونس ڪپڙن جا پئسه ڀرائي وٺندو هو ٻيو ته حضرت امام حسين عليه السلام جي غم ۾ ماتم جي سخت خلاف هو.حضرت امام علي عليه السلام ۽ حضرت امام جعفر صادق جي بر خلاف ۽ منڪر هو. ختمن جماڻن ۽ مانين جو ڏاڍو شوقين هو. عمرائين گذريس.

سندس مرڻ جي حقيقت هن طرح آهي ته ٻيپهري وقت مري ويو. سندس مائٽياڻيون ۽ نياڻيون پٽڻ ۽ پار ڪڍڻ لڳيون ته حاجي صاحب مولوي ڏاڍو ڀلارو نيڪ بخت نمازي هو. ڇورون پال هو. انهن پارن ڪڍڻ وقت يڪدم ڏڪي ڏڪي اٿي ويٺو پاڻ پٽڻ وارين عروتن کي سمجهائي چوڻ لڳو ته ائين نه پٽيو هيئن چئو ته حاجي ڪونه هو مڪي ڪونه ويو هو. مگر گنگا ويو هو. رنن زالن جا حق کائيندو هو ۽ يتيم ڦريندو هو مسلمان هوئي ڪونه مگر واڻيه هو. رنن جڏهن ملان جي واتان اهي لفظ ٻڌا ته عبرت ۾ اچي ويون. مرد به حيرت ۾ اچي ويا. يعني جڏهن باطني ۽ سچ واري زبان کليس ته سرڪار الاهي عام ماڻهن جي عبرت لاءِ ۽ هدايت لاءِ هن کان زوريءَ چورايو. ائين چئي مولوي مري ويو. آخر ڪار ٻيپهري کان وٺي اڌ رات تائين مٿس مري وڃڻ ۽ جيئري ٿيڻ جي حالت هلندي رهي هر هر پٽيون ٻڌنس ۽ ڇوڙنس پيا. سرڪار الاهي جي طرفان سندس اها حالت ڏسي سندس سڀ مائٽ ڇڏي ڀڄي ويا. ات رات کانپوءِ سچيءَ طرح مري ويو. پوءِ وڃي دفن ڪيائونس.
هڪ دفعي هن جي قبرستان کا ن اڌ ميل کن پري اسان جو گذر ٿيو. اسان کي پري کان هن جي روح ڏسڻ جو خيال ٿيو. پري کان ڏٺوسين ته ان جو روح سندس قبر تي صفا اگهاڙو بيٺو هو. جان تي ڪابه اڳڙي ڪانه هيس .آخر هلي اچي سندس قبر تي پهتاسين.
ته به ساڳي طرح ڏٺو سين. اسان هندن جي مسڻن ۾ هندن جا ڪيترائي روح ڏٺا ته انهن ک به پوشاڪ به ڏسڻ ۾ آئي. مگر هن مسلمان مولوي ۽ حاجي صاحب کي ڪا به پوشاڪ نه ڏٺي سين. هندن، مسلمانن، يهودين ۽ فرنگين کي به پوشاڪ مليل آهي. اڃا به ڏٺوسي ته عرش اعظم تان آسمان هيٺيان مولوي جي قبر تي دم دم اچي ٿي ڪريا. جيڪي باهه جهڙا هئا. انهن اُلن لڳڻ وقت حاجي صاحب جهنم اسود ۾ وارد پي ٿيو. جهڙي طرح سڪي ڪاٺي پاڻيءَ ۾ اُڀي ڪري زور سان پاڻيءَ ۾ اڇلبي آهي ته يڪدم ٻاهر نڪري ايندي آهي آهڙي طرح مولوي جي اچ وڃ لڳي پيئي هئي کائونس پوشاڪ هن ڪري کسيل هئي جو لالچ تي ماڻهن جي اگهڙ ڏسندو هو. ان ڪري سرڪار الاهي کيس اگهاڙو ڪري بيهاريو هو. هن جي عبادت نماز روزا ۽ حج وغيره موليٰ علي عليه السلام جي بغض هئڻ ڪري ناقبول ٿيا.
اسان جي امت مسلمه ۾ حضرت علي عليه السلام جو مرتبو حضرت رسول ڪريم جن ظاهر ظهور ٻڌايو ته من کنت مولا فهذا علي مولا اللهُم وَال من والاه وعادمن عاداه دمک دمي ورو حک روحي وجسک جسمي انا وعليٰ من نور واحد
يعني جنهن جهن جو مان (رسول ) آقا ۽ موليٰ آهيان هي علي ان جو موليٰ ۽ آقا آهي. اي پالڻهار محبت ڪر ان سان جيڪو علي عليه السلام سان محبت ڪري ۽ دشمني ڪر ان سان جيڪو علي عليه السلام سان دشمني ۽ بغض رکي اي علي تنهنجو روح منهنجو روح تنهنجو ساهه منهنجو ساهه تنهنجو جسم منهنجو جسم آهي اي علي عليه السلام توهين ۽ آءٌ هڪ نور جي پيدائش آهيون. هيءُ باطني علم جي ۽ لدني علم جي ڳالهه آهي. هن ۾ ڪوبه ڪوڙيا حسد ڪونه آهي. ڇو ته باطن تي ڪوڙ هڻڻ سخت خراب آهي. ان ۾ جي ڪوڙ هجي ته لعنت الله علي الکاذبين ڪوڙن سان اهو وعدو آهي.
جزوي عقل ۽ ڪل عقل الله کانسواٰءِ ٻيو سڀ ڪجهه چاهڻ سڌ آهي. بهشت حوران قصوران گهرڻ عقبيٰ جي طلب يا دنيا جي ڪابه شيءَ گهرڻ سان سڀ نفساني عقل جو ڪم آهي. جزوي عقل پورهيت يعني ڪسبي آهي جيڪو مائٽن ۽ استادن جو سيکاريل آهي ليکي ڇوکي وارو سکڻو عقل آهي. الله کانسواءِ جيڪو به عقل آهي سو تابعدار آهي. ۽ جزوي عقل آهي، جيڪو مائٽن جي ڪيل ڪمن جي پيروي پيا ڪن. ان جزوي عقل کي زاغ يعني ڪانءَ به چئبو آهي جيئين ڪان جي نظر کاڌي ۽ فائدي واري شيءَ تي هوندي آهي قدرتي قانون سا جڏهن جزوي عقل جا ظاهري کنڀ يعني دم پورا ٿيندا آهن ته جيئن ڪانوَ جو پڇ پٽي ڪوڪو ڪبي آهي ته ڪانون جا هُل حشر ٿي ويندا آهن اهو پڇ پٽيل ڪانءُ به سنگت سان گڏ پيو دانهون ڪندو آهي ته اهو پڇ مان هُيس جيڪو هاڻي مري پيو آهيان ان طرح آدمي جو جسم به ڪانءُ وانگر هي به مٽن مائٽن سان گڏ روئيندو پٽيندو آهي. کٽ تي اهو پڇ پيو هوندو ۽ روح پيرانڌي کان هٿ وجهون روئيندو ويندو ۽ چوندو ويندو ته اهو مان آهيان ڇو ته مان به هن ڪانءُ عقل سان همرنگ ٿي ويو هُيس. ڪانوَ جي پڇ وانگر روح به پاڻ کي مئل پيو سمجهندو ڇو ته سڄي ڄمار روح به هن بوتي جي قيد ۾ رهيو. ٻاهر نڪتو محمدي معراج ڪونه ڪيائين. ونحن اقرب وارو الله جيڪو هن ۾ موجود هو ان کي ڪونه سڃاتو هئائين جيڪڏهن سڃاڻن ها ته ٻئي الله جي گهرئي ڪونه ڪن ها. نه سڃاڻڻ جي ڪري هنن پاڻ کي مئل سمجهيو ۽ سموري حياتي گنوائي ڇڏيائون.
حضرت موليٰ علي عليه السلام جزوي عقل ۽ ڪلي عقل لاءِ فرمايو آهي ته.
رايتُ العَقلُ عَقلَين مَطبُوع وَمَسمُوع ،لَم يَنفَعُ مَسمُوع اِذالَم يَکُ مَطبوع
يعني مون ڏٺو ته عقل جا ٻه قسم آهن.(1) جزوي عقل(2) ڪلي عقل جيستائين ڪلي عقل حاصل نٿو ٿئي تيستائين جزوي عقل ڪو به فائدو ڪونه ڏيندو.
بيت

سچ فرمايو آهي سلطان دين. شهسوار مرتضيٰ عالم يقين
عقل جزوي ۽ ڪلي کي ڪيائين جدا. تاجدار انبياءَ او اولياءَ
عقل سکتو ٻڌ وارو بي اثر لکيائين ان کي بي سودو بي خبر
عقل طبعي ڪل عقل زاغ البصر. نور توحيدي آهي ڪلي نظر
عقل ڪلي آهه درياه بيڪران عقل ذاتي شاهه اعظم لامڪان
عقل جزوي ڇا نلي درياه جي جاجزو آهي ڪلي درياهه جي
موجع طغياني نلي ڪهڙي ڪري. شهر بوڙڻ جو قلم ڪيئين ٿي ڌري

اهو سکتو ۽ ٻڌ وارو عقل جيئن شهرن م واٽر سپلاءِ وارو پاڻي جون ناليون هونديون آهن. انهن نالين م به پاڻي درياه جو هوندو آهي. مگر نليءَ جي پاڻي کي درياهه واري طاقت نه هوندي آهي ڪلي عقل درياهه آهي جزوي عقل نلي آهي اهو فقط نفس جي خدمت لاءِ آهي بس جيڪڏهن اهودرياه وارو آيل پاڻي نليءِ مان همٿ ڪري موٽي درياه ۾ وڃي پوي ته اهو به ڪڙڪا ۽ ڪن ڪندو ڪپڙن ۾ ڀيڙون ڏيندو. پوءِ اهو جزوي عقل به ڪل عقل سان ملي قل ٿي پوندو. پر ان جزوي عقل کي رڳو کائڻ پيئڻ جي ڳڻتي آهي. ساري جهان جي خلق کي ان جزوي عقل روليو آهي. ان جي سوچ آهي ته هتان ويندس ئي ڪونه هي هتان وڃڻ باسي ئي ڪونه ٿو. هتان جون نعمتون به بهشت آهن. انهن نعمتن جا مزا به جزوي عقل ماڻي ٿو. جزوي عقل جو وطن دوزخ آهي. ان هتان جا سڀ مزا ورتا آهن. تنهنڪري هنن بهشت وارين نعمتن کان جواب اٿس. ڪڏهن ڪڏهن آدمي کي خيال پوندا آهن ته هن دنيا مان اهو ڪجهه حاصل ڪري وٺجي جيڪو اڄ تائين هٿ نه آيو آهي.
آدمي لاءِ ضروري آهي حق جي طرف موٽي. الله جي عبادت ۽ ذڪر فڪر ڪري. ڇاڪاڻ ته اسان جا ابا ڏاڏا به ڪمائي ڪمائي مري ويا. دنيا مان ڪجهه به هٿ نه آين: وَ لَقَدْ جِئْتُمُوْنَا فُرَادٰى كَمَا خَلَقْنٰكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّ تَرَكْتُمْ مَّا خَوَّلْنٰكُمْ وَرَآءَ ظُهُوْرِكُمْۚ ترجمو: اوهين اسان وٽ اڪيلا اڪيلا آيا جيئن اسان اوهان کي اڳ ۾ پيدا ڪيو هو ۽ جيڪي اسان اوهان کي ڏنو هو سو پنهنجي پٺيان ڇڏي آيا.
ان مان ظاهر آهي ته آيا به اڪيلا آهيون ته وينداسون به اڪيلا اهي خيال پيا پوندن. اها اڳڻتي ڪل عقل واري. حصي کي ٿيندي آهي. جزوي عقل عشق جو منڪر آهي. ۽ حق کان بيخبر آهي. جزوي عقل الله جو به دشمن آهي. جيئن ڪانءُ ڪمان سان نفرت رکندو آهي.
مثال حضرت رسول الله جن به لڙاين ۾ پهلوانن کي ڪافرن ۽ مشڪرن جي مقابله لاءِ موڪليندا هئا. جيڪو جزوي عقل جو تابع آهي سو به خدا جو دشمن آهي ان روح کي اندران ڪفر جو جڻيو ٻڌل آهي. پوءِ ظاهر ۾ کڻي حاجي مولوي قاضي پير مخدوم ڇو نه هجي ۽ نمازي به هجي. آدمي جيستائين موتو قبل لن تموتو ٿي. ان جزوي عقل مان جند نٿو ڇڏائي تيستائين هن کي نفس جي حيوانيت جو جڻيو ٻڌل آهي ۽ اهو محض مشرڪ آهي. اهڙا آدمي رسول خدا کي نه الله کي هت دنيا ۾ يا قيامت ۾ ڏسي ڪونه سگهندا ڪوبه ديدار ڪونه ٿيندين.
من في هذه اعميٰ فهو في الاخرت اعميٰ، جيڪو هن دنيا ۾ڪجهه نه ٿو ڏسي سو آخرت ۾ به ڪجهه ڪين سندو. ”قرآن ڪريم“ مثال جيئن خلق جي ميڙ ۾ ڪو آدمي ڏٺل هوندو ته ان کي پري کان سڃاڻبو ۽ سندس ضرورت به ڏٺل پوري ڪندس. اڻ ڏٺل آن واقف ڪنهين ڪم نه ايندس اهڙي طرح قيامت جي ڏينهن ايڏي وڏي هجوم ۾ جتي نبيءَ ۽ مرسل ۾ امام وڏي شان ۾ شوڪت سان بيٺا هوندا. پوءِ هت جنهن الله ۽ رسول الله کي نه ڏٺو هوندو ته اهو اتي ڪيئن سڃاڻندو. اهڙي هل هجوم ۾ ڪو ڏٺل هوندس ته وڃي پاند لڳندس. مگر اڻ ڏٺل کان لڄي پيو ٿيندو پنهنجو اعمال نامون ڏسي شرم کان ڪهڙي منٿ ڪندو. منهن لڳي نه سگهندو .
ان جزوي عقل جي هڪ اکئين ڏٺي ڳالهه آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ هندو رهندو هو سندس نالو اڌو هو .هو مري ويو پوءِ هن کي مائٽ ٽٽيءَ تي مسڻ ڏانهن کڻي ٿي ويا. علي بخش ڊکڻ اسان وٽ ويٺو هو. واڻيا ميت سان ”رام رام سنگ هي“ چوندا ٿي ويا. ان ڊکڻ اسان کان پڇيو ته هن واڻيه جو ڪهڙو حال آحي جنهن تي فقير چيس ته ويجهو ٿي هو. ويجهو ٿيو ته فقير سندس سيني تي هٿ گهمايو ته متان ڏسي ڊڄي وڃي. پوءَ فقير چيس ته واڻيه جي ٽَٽيءَ جي پيرانديءَ طرف نهار. هن ڏٺو ته برابر اهو واڻيو مٿي اگهاڙو ڌوتيءَ جي لانگ گهلبي ٿي ويس ۽ ٻئي هٿ ٽٽيءَ جي ٻانهينءَ ۾ اٿس ۽ باباڙي بابا ڪيون ٿو پٽي. اهو سڀ ڪجهه ان علي بخش ڊکڻ اکين سان ڏٺو. اهو ڊکڻ اهڙو اسرار ڏسي حيران ٿي ويو ۽ فقير کان حق جو رستو پڇيائين پوءِ باقي عمر محبت الاهي ۾گذاريائين. آخر پنجين ڇهين سان گذاري ويو ۽ بلڪ هوشياريءَ سان دم پرواز ٿيس.
ڪوبه آدمي جيستائين حق ۾ فنا نه ٿو ٿئي تيستائين اهو حقيقي مسلمان نه آهي ڪوبه امير هجي يا بادشاهه ڪيڏو به داناءُ هجي ته به سمجهو ته فنا نه ٿيو آهي.جزوي عقل جي ٻانڌاڻ ۾ ٻڌو پيو آهي. سمجهو ته اهو نادان آهي ڇو ته هو توحيدي جي حال جو منڪر ۽ لذتن جو قائل آهي. ڇو ته فقيريءَ ۾ بک ڏک ۽ تڪليفون آهن ڪلي عقل اهو آهي جنهن کي سڪ پيدا ٿئي ته مان الله ڏسان. پوءِ جستجو ڪري ۽ عارفن جي صحبت شوق سان ٻڌي ڪنهن ڪامل عارف کان حق جو رستو پڇي. اسم اعظم ڪمائي يدخلون في دين الله وارو دڳ هٿ ڪري ڪلي عقل جا اثر اهي آهن ڪلي عقل واري کي دنيا ۽ دنيا جي لذتن مان ڍونڍ جهڙي بدبوءِ ۽ نفرت ايندي آهي ان ڪري هو انهن سڀني ڳالهين کان پري پيو ڀڄندو.
بيت

پشت پازان تخت کيکائوس را، به ده از کف مرده ناموس را.
ڪيڪائوس جي تخت کي به ٿڏو هڻ، سرتريءَ تي رک مگر ناموس نه ڇڏ
کل عقل شاهه است مازاغ البصر، عقل جزوي ميکند هر سونظر.
ڪل عقل بادشاهه آهي ان جون اکيون تيز آهن. جزوي عقل وائڙون وانگر هيڏي هوڏي ٿو نهاري.
کل عقل نوراست نولا مکان عقل جزوي منکر حق رابدان
ڪلي عقل لامڪان جو نور آهي جزوي عقل حق منڪر آهي
عقل کل باران است ابد آدمان عقل جزوي آب گنده نادان دان،
ڪل عقل آسماني ڪڪر جو پاڪ پاڻي آهي، جزوي عقل بيٺل ۽ ڪنو پاڻي آهي.
عقل کلي کري حق رابدان که برآن راکب شده شاه جهان
ڪلي عقل کي حق جي ڪرسي سمجهه جوان تي بادشاهه جهان جو سوار آهي
حضرت رسول الله ﷺ عقل جزوي کي ڪلي عقل کي پنهنجي حديث ۾ جدا ڪري ٻڌايو آهي.
اِن الله تعاليٰ خَلَقَ المَلائِکَت رَکَبَ فِيهُم العقلُ وخَلَقَ البَهَائِمُ رَکَبَ فيهُم الشهواِت وَخَلقَ الادَمُ رکب فيهم العَقلُ وَالشهواتِ فَمَن غلَبَتِ الشهواتِ عليٰ عَقله فَهُو ادنيٰ مِنَ البَهائِم.
ترجمو: بيشڪ الله تبارڪ وتعاليٰ ملائڪن کي پيدا ڪيو ته انهن کي صرف عقل ڏنائين ۽ جانورن کي پيدا ڪري انهن کي شهوت ڏنائين ۽ آدم کي پيدا ڪري انهن کي عقل ۽ شهوت ٻئي گڏ ڏنائين. پوءِ جنهن آدميءَ جي عقل تي شهوت غالب ٿي ته اهو جانورن کان به مرتبه ۾ گهٽ آهي. شهوت ۽ کائڻ پيئڻ جو سڌ جزوي عقل وارن حيوانن کي مليل آهي جيڪو ان جو تابع ٿيو سو به حيوان آهي ڪتو ڏسو جيڪو شهوت جي پويان ڦٽجي مارجي ٿو پوي.
آدمي ۾ اڌ حصو ملائڪ جو آهي اڌ حصو گڏهه جو آهي اگر آدميءَ ۾ ملائڪن واري ڪلي عقل زور ورتو ته اهو آدمي ملائڪن کان به افضل آهي جيڪڏهن گڏهه کي ٻڌي دسي وڌائين ته اهو جبرئيل کان به وڌيڪ آهي.
بيت مثنوي

آدمي نصف ملائک نصف خر. قدرت يزدان دران کرده اثر
آدمي اڌ ملائڪ آهي ۽ اڌ گڏهه آهي خدا جي قدرت ان ۾ اهڙو اثر رکيو آهي.
از بهائم شهوتش آميخته از ملائک عقل دروي ريخته
جانورن ۾ شهوت مليل آهي ملائڪن کي عقل مليل آهي
از ملائک اثر ذکر ذوالجلال از بهائم اثر شهوت راکمان
ملائڪن کي ذوالجلال جي زڪر جو اثر آهي جانورن ۾ شهوت جي اثر جو ڪمال آهي
ازبراکي امتحان اين کرده اند لائق مردم کفر ودين کرده اند
هي فقت امتحان لاءِ ڪيل آهي ماڻهن کي دين ۽ ڪفر جي لائق ڪيو اٿن
شهوتي ناراست نور عقل کل. عقل کل راگير تايابي وصل
شهوت باهه آهي ۽ ڪل عقل نورا اٿئي ڪل عقل هٿ ڪر ته وصل کي لهين
عقل کل راجبر ئيل شد غلام شاهه اعظم هست اين بس والسلام
ڪلي عقل واري جو جبرئيل به خادم آهي ڪلي عقل خود بس شاهه اعظم آهي
گرشود غالب شهوت خرتمام، آدمي رادر جهنم شد مکام
جيڪڏهن شهوت غالب ٿيس ته سمورو گڏهه آهي ان آدمي جي جاءِ جهنم آهي.

علم اليقين _ عين اليقين _ حق اليقين
ٻڌل ۽ پڙهيل ڳالهه تي فڪر اعتبار ڪرڻ کي علم اليقين چئبو آهي. ٻيو ته جيئن پري کان باهه جو کورو ٻرندو ۽ سندس دونهون ڏسجي ۽ پڪ سمجهي ته اهو به علم اليقين آهي روبرو وڃي ڏسجي ته ان کي عين اليقين چئجي پوءِ ٽپو ڏيئي باهه سان هم رنگ ٿي وڃجي ته ان کي حق اليقين چئبو آهي،
جيستائين طالب ويساهه سان حق جي رستي سان هلي ٿو تيستائين علم اليقين آهي پوءِ ذڪر سان هلندي خواب ۾ يا خليل ۾ مشاهدو ڏٺائين ۽ ان ملڪ جي خوشبوءَ آيس ته پوءِ عين اليقين ٿيو. مثال جڏهن خستوري واري تاتاري هرڻ جو پير کڻبو آهي ته ان کي به علم اليقين چئبو. پير کڻي جڏهن هرڻ کي اکين سان ڏٺائين عين اليقين ٿيو ۽ جڏهن هرڻ کي ڪنڌ ۾ هٿ وجهي هٿ ڪندو ته ان کي حق اليقين چئبو ائين ذڪر الاهي به ان کٿورئي هرڻ جو پيرو اهي جيڪو پيرمرشد کڻائيندو آهي پوءِ طالب اهو پيرو جهنگلن جبلن مان کڻندو وڃي نيٺ پهچندو. جهنگ ۽ جبل بکون ۽ اوجاڳا ڏها چاليها مجاهدا پرهيز ۽ مرشد ڏي پيادو پنڌ ڪري صحبٿ ٻڌڻ آهي. جڏهن انهن جهنگلن مان لنگهي پارپيو ۽ ان کٿوريئي هرڻ کي ديدين لاتائين ته ان اکئين ڏسڻ کي عين اليقين چئبو آهي پوءِ اهو جيڏانهن ڪيڏانهن هر طرف کان حق کي پيو ڏسندو. ان وقت فقير آسمان ڏانهن ڏسندو ته وجد حال پوندس ڀتين جبلن مان وجهه الله واري صورت پيو ڏسندو.
بيت

رفتن يک منزل بريئو ناف بهتراز صد مبزل وحج وطواف
کٿوري واري هرڻ جي پويان هڪ منزل هلڻ سوين حجن ۽ طوافن کان وڌيڪ آهي.
ديدن آهوئي معنيٰ اين بدان بهتراز صد سال طاعت انس وجان
هرڻ جي ڏسڻ جي معنيٰ هيءَ آهي جو انسانن ۽ جنن جي سئو سال عبادت کان وڌيڪ آهي.
اهوئي معنيٰ شده هفت آسمان وجهه الله چون گيرد عيان
هرڻ جي معنيٰ جو ملڪ ست آسمان آهن. پوءِ الله جي ذات پڌرتي ٿيندس
ميکند ديدار اوجان رافدا. از وجود خود بخود گردد جدا.
ان جو ديدار جان قربان ٿو ڪري. پنهنجي وجود مان پاڻ ٻاهر نڪري پوندو.
مطلب ته اڙڪانه ٿيندس. پورو هفتو اهو حال هوندس. هفتي کانپوءِ جسم مان نڪري جبروت مان لنگهي لاهوت جي منزل فنا في الله ۾ حق اليقين ٿيندو. منصور واري ملڪ ۾ من خدايم جو نعرو هڻندو. ملڪوت ۽ جبروت واري ملڪ ۾ فقير کي سڪ ٿيندي ته اهو الله وارو ملڪ ڪٿي آهي. آخر بيخودي واري فنا في الله جي ملڪ ۾ هن کي تسلي ٿيندي يعني عين الله ٿي پوندو. ذڪر سان هلندي شهود. وارو ملڪ ۾ طالب کي بخار ٿيندو. جوش جي حالت هوندس. ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو شهودن حاصل ٿيڻ سان هن کي حق جي طرفان شاهدي ملندي ۽ پڪ ٿيندس پوءِ مشاهدن جي آسري تي پيو هلندو ان کانپوءِ شهود به بس ٿي ويندس تکو ذڪر ڪاهيندو ته شهود به ٿيندس نه ته ڪونه ٿيندس ان وقت ۾ ذڪر جي ڍرائي کان طالب کي هوشياري ڪرڻ کپي ڍري طالب کي معنيٰ جو ملڪ هٿ نه ايندو