تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

جت جي ڳالهه

گمبٽ ۾ تورتان هڪ جت جو سوئو چورائجي ويو. سڀني جتن کي الله رسول جا قسم ڏنائين ته به سوئو ڪنهن ڪونه ڏسين آخرت جت چيو ته پير صالح شاهه دا قسم هوي ميڪون سوئا ڏسو. جيڪو نه ڏسيسي ته اهن ڪون پير صالح شاهه پڄسي.
اهوٻڌي سوئي کڻڻ واري چيوته ته ايجها قسم نه گهت قهر نه ڪرين. گِهنِ آپڻا سوئي کڻڻ واري گهر اچي تانهريءَ جي ديڳ خيرات ڪئي ته متان پير اچي هي حال آهي مسلمان جو پير کان ڊڄن ٿا نه الله کان ٿا ڊڄن نه رسول الله ﷺ کان نه ڪلمه کان نه قرآن کان.
اهو مالڪ الملڪ جيڪواهڙا هزارين پير پيو ٺاهي ۽ ماري عام مسلمان وٽ ذات حق پاڪ جو اهو قدر آهي جو الله کي پيرن کان به گهٽ ٿا سمجهن.
بيت

اين مسلمان حميت دين چون هنود مي نه دراند عزت حق در وجود
اين مسلمانان که نام حق تعاليٰ کم شمارنداز بزرگان وکسان

هي مسلمان دين جا مددگار هندوءِ جيترو احترام به وجود ۾ نٿا رکن
هي مسلمان ته حق تعاليٰ جي نالي کي پيرن ۽ ماڻهن کان به گهٽ ٿا سمجهن.

شينهن بگهڙ ۽ لومڙ جو بيان
هڪ شينهن شڪار لاءِ بگهڙ ۽ لومڙ ساڻ کنيا شينهن وڃي ڳئون ماري بگهڙ ٻڪري ماري ۽ لومڙ سيهڙ ماريو. پوءِ شينهن بگهڙ کي چيو ته ورهاست ڪر. بگهڙ چيو ته قبلا هر ڪنهن جي شان آهر شڪا موجود آهي. ڳئون توهان کي ٿي سونهين .ٻڪري اسان جو کاڄ آهي.سيهڙ لومڙ کي ٿا ڏيون
ان ورهاست تي شينهن کي ڪاوڙ لڳي ۽ بگهڙ کي چنبو هڻي ماري وڌائين. پوءِ لومڙ کي چيائين ته هاڻي تون ورهاست ڪر. لومڙ کي بگهڙ جي سزاياد هئي تنهن ڪري چيائين ته قبلا سيهڙ سائين جن جو ناشتو آهي بڪري ماجهاندي لاءِ ۽ ڳئون توهان رات جو کائجو شينهن پڇيس ته باقي لومڙ تون ڇا کائيندين. لومڙ چيو ته سائين توهان کاڌو ته اسان کاڌو. تنهن تي شينهن چيس ته تون اهڙو عقل ڪٿان سکئين.هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته سائين اهو عقل بگهڙ جي سزا ڏسي سکيو آهيان. تنهن تي شينهن چيس ته هليو آءُ تون منهنجو آهين مون سان هليو آءُ.
حاصل مطلب ته جيڪو آدمي ذات ذوالجلال جي اڳيان پنهنجو پاڻ ۽ هئڻ ڀائيندو ته ان سان بگهڙ وارو ڪم ٿيندو. جيڪو نفس کي ذات حق جي اڳيان فناءَ ڪندو ته لومڙ وانگي ذات حق پنهنجو ڪندس.
بيت

جمله هستيها به پيش اوگذار چون توئي کي اندرين بحر کا مگار
قطره راپيش بحر لافش غلط ، گم شدن واجب ترابا شد فقط،
چون ستاره پيش خورشيد ازل شو فنا کن جسم کلي ربدل،

هئڻ ۽ هستي مالڪ اڳيان ڦٽي ڪر تڏهن تون ان بحر۾ ڪامياب ٿيندين.
قطره جي سمنڊ اڳيان ڊاڙ غلط آهي. توکي فقط ان ۾ گم ٿيڻ واجب آهي
ستارن وانگر سج اڳيان فنا ٿيءُ ۽ سارو جسم نذرانو دل سان ڏي.