تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

سوانح حيات ۽ سندن خاندان

فقير صاحب جا وڏا اصل بلوچستان جي شوري علاقي جا رهاڪو هئا، مگر مير سهراب خان کين تقريبا 1175 هجري ۾ گهرائي، رياست خير پور جي تعلقه مير واهه جي موجوده ڳوٺ مينگهو فقير شر واري جڳهه تي آباد ڪرايو. ان وقت ميان عبدالنبي ڪلهوڙي، جوڌپور جي راجا کان مدد وٺي مير بجار خان کي شڪست ڏني هئي، مگر پوءِ خوشامد طور عمر ڪوٽ وارو قلعو کيس ڏيئي ڇڏيائين، جنهن ۾ راجا پنهنجي ڪجهه لشڪر سميت ترسي پيو ۽ رياست خير پور جو والي مير سهراب خان جو ڀاءٌ مير غلام محمد شڪار ڪندي عمرڪوٽ وڃي نڪتو. اوچتو مير غلام محمد جي ماڻهن ۽ راجا جي ماڻهن وچ ۾ مهاڏو ٿي پيو، جنهن بعد مير غلام محمد پنهنجي مختصر ماڻهن سميت مارجي ويو.
اها خبر جڏهن ميرسهراب خان کي پيئي، تڏهن پاڻ ٻين ميرن کان مدد وٺي جوڌپور تي ڪاهي ويو ۽ راجا کي شڪست ڏنائين. ان بعد راجا پنهنجا ٺَڪُرَ موڪلي وقت بوقت ميرن جي رياست مان پيو ڦرلٽ ڪرائيندو هو، ان ڪري مير سهراب خان بلوچ قبيلا آڻائي سنڌ ۾آباد ڪيا، ته جيئن ٺَڪرَن جي حملن وقت سندن قوت کي ڌڪ رسائي سگهن.انهن بلوچن مان فقير صاحب جو ڏاڏو دوست علي فقير پنهنجن پنهنجن ڀائرن هر هڪ قائم خان، صالح خان، سهراب خان، دوستڻ خان ۽ واسو خان کي ساڻُ ڪري مير سهراب خان وث پهتا. انهن سڀني جا اولاد ساڳين ماڳن تي اڄ به موجود آهي، جن کي شَرَ ٿو سڏجي. انهن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي قبيلا جهڙوڪ مري، بگٽي، رند، جتوئي، بڙدي، بليدي، جمالي، لاشاري، جلالاڻي، شنباڻي، بوزدار، لُنڊ، جلباڻي، جسڪاڻي، جانوري، چانگ، دشتي، مجيداڻا، مشوري، چانڊيا، گوپانگ، ٽالپر ۽ لغاري وغيره موجود آهن.
فقير صاحب جا وڏا اصل شاهه وسائي رحه جن جا مريد هئا، جيڪو ميان گاجي گنج بخش جي اولاد مان هو. جيڪو گنداواه (سيوي ڍاڍر) جي نالي سان ٿو سڏجي. سندن طريقو ميانوالي سڏبو هو. جيڪي ذڪر نفي اثبات بلند آواز سان ڪرڻ وقت پنهنجو سر ساڄي ۽ ڳاٻي پاسي لوڏيندا آهن. ان طريقي کي سهروردي طريقو به چئبو آهي.
هت اچڻ وقت دوست علي فقير جي ڀاءُ قائم خان، مير سهراب خان کان ڪچي ڪوٽ ۽ ڪلي جو پروانو ورتوقائم خان جي اولاد مان فقير غلام حيدر گودڙيه جن پيدا ٿيا ۽ ميان دوست علي جي اولاد فقير فولاد علي پيدا ٿيا.
پاڻ 10 محرم 1282هجري مطابق 5مارچ 1867ع سومر ڏينهن صبح وقت ميان محمد يار عرف ملهار فقير جي گهر ۾ جنم ورتائون. سندن شروعات ۾ نالو عبدالحق رکيو ويو. مرحوم محمد يار کي جملي چار پٽ هئا. (1) محمد خان، (2) شادي خان، (3) ساهڙ خان ۽ (4) عبدالحق. فقير صاحب جي ننڍي هوندي کان امتيازي حيثيت هئي. سندن پالنا سندن والد بزرگوار جي هٿ هيٺ ٿي.
هڪ دفعي پاڻ ننڍي هوندي پنهنجي والد محترم سان گڏجي حضرت فقير غلام حيدر گودڙيه رحمته الله عليه جن وٽ آيا، جيڪو سندن والد صاحب جو سڳو مامو هو. غلام حيدر رحمته الله عليه کين ڏسي پيشن گوئي طور فرمايو ته هي ڇوڪرو وڏو ٿي اسان وانگر عشق الاهي جي معرفت جو معراج ماڻيندو. ائين چئي کين رکيل کارڪون کڻي ڏنائون.
فقير صاحب جو والد کهڙن جي مخدومن جو مريد هو. مخدومن وٽ عربي ۽ فارسي تعليم جو مدرسو هلندڙ هو. مدرسي ۾ اعليٰ تعليم يافته استاد مقرر ٿيل هئا، جنهن ڪري ميان محمد يار کي اتان جي تعليم پسند آئي ۽ پٽ عبدالحق کي ان مدرسي ۾ داخل ڪرايائين. ساڻن گڏ ڳوٺ جو ٻيو ڇوڪرو فيض محمد نالي به پڙهڻ لڳو.
فقير صاحب اتان جو نصاب پورو ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ تعلقي ڪنڊيارو جي ڳوٺ آباد ۾ داخلا ورتي. جتي مخدوم حبيب الله نالي وارو استاد پرهائيندو هو. پاڻ اتي بوستان تائين فارسي تعليم حاصل ڪيائون۔ بعد ۾ سوڀو ديرو واري ميرن جي مدرسي مان فارسي علم جي مڪمل تحصيل ڪيائون فارسيءَ سان گڏ دور ۾ سنڌي ۽ عربي به سکيا ۽ پڙهيا.
بعد ۾ عربي علم جي تحصيل لاءِ ضلعي دادوءَ جي شهر اگرء ۾ داخلا ورتائون ۽ عربيءَ علم جا به مستند عالم ٿي ڳوٺ موٽي آيا.
فارسي ۽ عربي علم جي تحصيل سان سندن شخصيت کي اهڙو ته رنگ لڳو جو دنيا جي ڪاروبار کان ڪنارا ڪش ٿي ويا. مگر عالمن ۽ فاضلن جي صحبت ۾ رهندا هئا. ان وقت مير فيض محمد جي رياست تي حڪومت هئي. ان وقت ۾ انگريزن قادر داد خان پٺاڻ کي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪري رياست ۾ سڌارن لاءِ مقرر ڪيو. جنهن ديني تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي مدرسه قائم ڪيا. انهن مڪتبن کي ملان اسڪول ڪري چئبو هو. نون اسڪولن کلڻ وقت استاد اڻ لڀ هئا. مولوي عبدالحق کي سَنَد يافته ڏسي سرڪار کيس ملان اسڪول سپڙ خان رند جي مڪتب ۾ 5 روپيا پگهار سان استاد مقرر ڪيو. اهو وقت 1894ع جو هو. پاڻ ان اسڪول ۾ ٻه سال رهيا، بعد ۾ کين تعلقي فيض گنج جي ملان اسڪول مٺو چانگ ۾ مقرر ڪيائون، جتي پاڻ 11 سال ايمانداريءَ سان نوڪري ڪيائون. ان وقت کين عشق مجازي جي اهڙي ته چوٽ لڳي جو نوڪري ڇڏي ڳوٺ اچي ادا سائيءِ جي حالت ۾ گذارڻ لڳا.
عشق مجازي سندن طبيعت بدلائي حقيقت ڏانهن مائل ڪري وِڌو ۽ حقيقت جي ماڳ مقام حاصل ٿيڻ لاءِ مرشد حقيقيءَ جي ڳولا۾ لڳي ويا. هڪ دفعو پاڻ سفر جي خيال سان پنهنجي چاچي بهار فقير سان گڏجي کڏڙي شهر ۾ وڃي نڪتا ۽ ڪنهن جاءِ تي رات ترسي پيا. رات جو بهار فقير “عشق آرام ڪنهين ڪون ڏتڙا، مجني ڪرنگهه سڪايا هي” ڪلام چيو. اهو ڪلام ٻڌڻ سان فقير صاحب زارو قطار روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته جڏهن ظاهري عشق اهڙو آهي ته حقيقي عشق ڇا هوندو. خدا ڪري ته ان جو مزو نصيب ٿئي. جهڙيءَ طرح ڪنهن منزل تي پهچڻ لاءِ ڪو سونهون ضروري آهي، ان طرح حقيقي عشق جي منزل لاءِ ڪو مرشد ڪامل رهبري ڪري ته بهتر ٿيندو. ان ڪري ان جستجو ۾ جتي به ڪو فقير ٻڌندا هئا ته ان وٽس وڃي پهچندا هئا.
هڪ دفعي سندن ملاقات فقير پير بخش مغل سان ٿي، جيڪو هڪ عامل ماڻهو هو. ان کان ڪنهن ڪامل جو ڏس پڇيائون. جنهن تي فقير پير بخش مغل کين آيت الڪرسي عمل ۾ آڻڻ ۽ اغثني مداح جو ڪثرت سان پڙهڻ جو چيو. ائين ڪرڻ سان اوهان کي حضرت رسول الله ﷺ جي معرفت ڪامل مرشد خواب ۾ ملندو ۽ پوِءِ توهان ظاهري طرح ان جا وڃي طالب ٿجو. اهو ٻڌي پاڻ عمل ڪرڻ شروع ڪيائون ته آخر ڇهينءَ رات جو کين خواب ۾ حضرت قلندر ڪبريا سان گڏ ٻيو فقير بزرگ به کين ڏسڻ ۾ آيو. اُن وقت قلندر شهباز کين فرمايو: الله سان ملڻ ٿو چاهين، غير ڪڍيو اٿئي؟ پاڻ کين عرض ڪيائون: سائين مون کي ته غير ڪڍڻ جي خبر نه آهي. ان تي حضرت قلندر شهبازفرماين: اوڪارو ڏيو. پاڻ خواب ۾ اوڪارو زور سان ڏنائون ته سندن وات مان پردي ۾ ويڙهيل شيءَ پري وڃي ڪري. ان بعد حضرت قلندر شهباز سندن هٿ وٺي کين ذڪر ذاتي سمجهايو ۽ سندن ڪن ۾ ڦوڪ ڏيئين فرمايائون: هتان وحدت جو درياه ٿيندو ۽ موجون ڪندو. پوءِ کين ڀر ۾ ويٺل فقير سفيد ريش بزرگ جي حوالي ڪيائون ۽ کين حڪم ڪيائون ته توهان ظاهريءَ ۾ هن بزرگ کان ضرور ذڪر وٺجو. توهان لاءِ ڪامل مرشد اهو آهي. ان رات ۾ اهو ساڳيو خواب ٽي دفعا ڏٺائون. ان ڪري سندن حال پرشان ٿي پيو ۽ ان ڪامل جي ڳولا ۾ لڳي ويا.1323 هجري ۾ طالب ٿيا ۽ 1332 هه ۾ الله اثبات ڪيائون.
هڪ فعي گهوڙي تي چڙهي پنهنجي سئوٽ سکر خان، جيڪو مال جي سانگ سان صدر جي ڀٽئين وڃي ويٺو هو، جڏهن ان وٽ پهتا ته سکر خان کين خدمت ۾ کاڌو تيار ڪري اڳيان رکيو. فقير صاحب کائنن ڪنهن فقير بزرگ جي پڇا ڪئي، جنهن تي سکر خان ٻڌاين ته مير علي مراد جو وزير خزانه سيد محمد علي شاهه وزارت ڇڏي آيو آهي، ۽ مستي جي حال ۾ پنهنجي باغ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو اٿائين، ۽ مجذوب مست آهي. ڪنهن سان به ملي ڪونه ٿو، مگر جيڪو به وٽس وڃي ٿو ته نيزوکڻي سندن پٺيان ٿو پوي ۽ ماريس ٿو.
فقير صاحب اها ڳالهه ٻڌي ماني ڇڏي، اٿي کڙو ٿيو ۽ اچي مست سيد جي ڀر ۾ ويٺو. مست کيس ڏسي چوڻ لڳو: ميان عبدالحق آيو آهين. تون اسان کي ته ڇهه ڏينهن اڳ ۾ پرتل آهين. فقير صاحب خاموش ويٺو رهيو. ان ريت اتي ڇهه ڏينهن ترسي پيا. آخر ڇهين ڏينهن شام جو مست سيد کي عرض ڪيائون: قبلا اسان تي به عشق جي عنايت ڪريو، اسان ان مقصد لاِءِ توهان وٽ ترسيل آهيون. اهو ٻڌي سيد صاحب کين فرمايو: چڱو ٿيو پاڻ زبان سان گهر ڪئي اٿو. ڇاڪاڻ ته حديث پاڪ فرمان آهي
إقرار بالِلسانِ وَتَصِديقُ بِالقَلب
يعني جنهن ڳالهه جي دل ۾ تصديق هجي ته زبان سان به ضرور ظاهر ڪجي.
ان ڪري اگر توهان زبان سان گهر نه ڪريو ها ته خالي واپس وڃو ها. هاڻي اچو ته توهان کي راهِ طريقت ٻڌايون. ائين چئي کين هڪ ڪنڊ ۾ وٺي ويا ۽ کين پاڻ کان ٿورو پري ڪري ويهاريائون ۽ اشاري سان کين حق جي تلقين ڪندا رهيا. کين پري ان ڪري ويهاريائون جو سيد صاحب تي مستيءَ جو حال هو ۽ کين ويجهو ويهارين ها ته فقير صاحب به مجذوب ٿي وڃن ها يا ضرب الاهيءَ سان فقير صاحب جو دم پرواز ڪري وڃي ها. ڇاڪاڻ ته ڪيترائي نرم دل طالب جان بحق ٿي ويندا آهن.
هڪ روايت آهي ته شيخ شبلي موج مستيءَ جي حالت ۾ هڪ طالب کي ذڪر ٿي سمجهايو ته جيئن هن ذڪر حق جي ضرب ٻڌي تيئن وڃي ڪريو ۽ انقتال ڪري ويو. هادي سائين جي ذڪر وٺڻ وارو سال 1323 هجري هو. ذڪر ڏيڻ کانپوءِ کين تلقين ۽ هدايت ڪندا رهيا، ۽ سندن نالو عبدالحق مان تبديل ڪري فولاد علي فقير رکيو ويو، جيڪو اڄ تائين مشهور آهي، ذڪر وٺڻ وٺڻ بعد پاڻ ياد الاهيءَ ۾ محو ۽ مستغرق ٿي ويا. جيئن حضرت نانڪ يوسف فرمايو آهي:

دم دم ڌمال دم کي کرني نه فراموش
موسيٰ به طور سينا ارني نو فراموش

يعني، هر دم سان ذڪر جي ڌمال نو وسارج. جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام طور جبل تي رب ارني چوڻ نو وياريو هو. ان طرح فقير صاحب به رات ڏينهن اسم سان اورڻ لڳا. ذڪر الاهي ۽ ديدار خداوندي جي ذوق ۾ زماني جي عيش عشرت کان سندن خيال کڄي ويو. پاڻ دنيا جا سڀ لڳ لاڳاپا ڇڏي گوشه نشيني اختيار ڪيائون، گويا که مست ۽ مجذوب ٿي ويا.ڪيترا سال جهنگ ۾ گهمندا ٿي رهيا.
ان مستيءَ واري عرصي دوران سندن چاچو بهار فقير گذاري ويو ته به پاڻ ان جي مغفرت لاءِ تڏي تي به ڪون ويٺا. ماڻهن کي چوندا رهيا ته روح امر آهي، ان تي موت آهي ئي ڪونه اسان جي چاچي جو ڪپڙن جو وڳو پراڻو ٿي ويو هو. سو مٽايو اٿن، مون کي عذر جي ضرورت نه آهي، اوهين پنهنجي ڳڻتي ڪريو، جو زنده هوندي به مئل آهيو. پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪريو .
پاڻ فقيري اختيار ڪرڻ کا اڳ صوم و صلوت جا پابند هئا. مگر ذڪر جي زور۽ روانيءَ سبب نماز جي هڪ رڪعت به نه پڙهي سگهندا هئا. ان ڪري ورد وظيفا ۽ نمازون ڇڏي ڏنائون. رات ڏينهن ذڪر حق ۾ مست ۽ مگن رهندا هئا. سندن چوڻ مطابق نه ذڪر جي صورت ۾ دم دم سان سيرکن جيترو سونو گولو سندن سيني ۾ گهڙيال جي ڪانٽي وانگر مٿان ڌڪ هڻي هيٺ پيو لهي. اهڙي طرح ذڪر جو هر هڪ ڀيرو ان نوراني شعله سان ڦرندو رهندو هون.
بيت: حضرت شيخ عطار رحه
تانہ بازی دررہ حق هر چه ھست، آنچہ میبا ید کجا آید بدست
باص بائم ای بسپ دریا د حق ، حق خبرداری زعدل و داد حق
زندہ دار راز ذکر صبح وشام را، در تغافل مَ گذارین ایام را
یاد حق آمد غذا این روح را، مرھم آمد این دل مجروح را
گر زمانِ غافل رحمان شوی، اندر آن ھمدم ِ شیطان شوی
لب م جنبا جُزبہ ذکر کرد گار ، زانکہ پاکان راھمی بودہ است کار

ترجمه: جيڪي اٿئي سوجيسين خدا جي راه ۾ ختم نه ڪندين، جيڪو توکي ملڻو آهي، تنهنجي هٿ نه ايندو. اي پٽڙا سدائين خدا جي ياد ۾ رهه، جيڪڏهن توکي خدا جي عدل ۽ انصاف جي خبر آهي. صبح ۽ شام ذڪر سان جيئرو رهه، هي حياتيءَ جا ڏينهن غفلت ۾ نه گذار. خدا جي ياد روح جي خوراڪ آهي، هن زخمي دل لاءِ پڻ ذڪر ئي ملم ۽ مرهم آهي. جيڪو وقت خدا کان عافل رهندين ته اهو وقت شيطان توسان گڏ هوندو. خدا جي ذڪر کان سواءِ چَپَ به نه چور، ڇا ڪاڻ ته پاڪن جو ڪم به اهو آهي.