تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

فقير جا سهڻا سخن

1. عشق جي بسم الله جو نيشان آهي عاشقان جو پهريان ڪسڻ، پوءِ اهو حلال ٿيندو.
2. دوست کي سر ڏيڻ وڏي رحمت آهي، جنهن سر ڏنو پوءِ اهو وري نه مرندو،
3. جنهن دشمن کي سر ڏنو تنهن تي لعنت آهي ۽ ان کي باهه جو ڪفن ملندو اهو في السقر النار ٿي ويو.
4. هاءِ هاءِ نه سڃاتائون جو مسجدن محرابن ۽ ٽڪاڻن ۾ خواه مڙهن ۾ اهو هڪ ويٺو آهي.
5. ٻيئي طالب ۽ مرشد ڀلجي پيا. ونحن اقرب وفي انفسکم ۽ وهو معکم تي اعتبار نه آندائون مرشد به آنڌاهين جن هنن کي جهنگ ڏي منهن ڏنو. اهي پاڻ ئي بي حاصل هئا.
6. جيڪو اسان وٽ ايندو ته ان کي هٿ ڏيڍ جيتري چوٽي ڇڏرائبس جڻيو ٻڌرائبس ساري عمر زبان سان الله جو نالو اصل نه وٺندو.
7. اسان کي پاڻ عشق جو جڻيو ٻڌل آهي. ٻين کي اهو جڻيو ٻڌرائبو. اسان پاڻ عشق جا ڪافر آهيون ٻيو به جيڪو ايندو ته ان کي به ڪافر ڪنداسون. مسلمان ته اصلي هئاسي. هاڻي عشق جا ڪافر ٿيا آهيون. هي ڪفر اصل خاص ايمان آهي.
8. هن ڪفر جي خبر قلندرن ۽ منصورن کي آهي مسلمان کي خبر ئي ڪانهي.
9. عشق جي ڪفر ۾ اهڙي طاقت آهي جو ٻنهي جهانن کان ٽپائي وجهندو آهي.
10. ٻيئي جهان ڪثرت آهن ٽيون جهان وحدت آهي. جيڪو وحدت ۾ ويندو سو هميشه زنده رهندو. اهو رسمي دين کان آزاد ٿي وحدت جو دين هٿ ڪندو
11. الله جو ذڪر سڪ ۽ محبت سان ڪندو ته اڏريو هليو ويندو بنا سڪ جي اتي پيو جهليندو.
12. جنهن جي دل الله جي ذڪر سان جيئري نه آهي ته اهو قبر جو قيدي آهي، ڪاڏهن به نڪري نه سگهندو.
13. ڪتي جي جيتري عمر ڊگهي ٿيندي ته اوترا گهڻا ڍونڍ کائيندو. دنيا جي ماڻهوءَ جي عمر به ائين آهي جو ساري عمر وهانون ۽ ختمن تي پيو ڊوڙندو.
14. ذڪر وارو ماڻهو صوفي عام ماڻهن کان ائين پري ڀڄي جيئن ماڻهو ڇتي ڪتي کان ڀڄندا آهن.
15. دنيا جي ماڻهوءَ کي توحيد ٻڌائڻ ائين آهي جيئن ٻوڙي کي دهل ٻڌرائجي.
16. نفس مٿئون ترار اولاريون بيٺو اٿيئي، غافل ٿيندين ته هڻي ڪڍندءِ هوشيار رهه ته هوشيار کي ڪوبه ڌڪ نه هڻي سگهندو.
17. نفس سان جنگ ڪرڻ وڏي جنگ آهي. اها جنگ ڪرڻ غازين جو ڪم آهي.
18. دنيا جي طالب کي توحيد ٻڌائڻ ناداني آهي هن جي دل ۾ دنيا جي محبت آهي سو توحيد ڪانه وڻندس
19. زماني جا بزرگ نمازي ۽ ملان رڳو جسم جي مالش ۽ صفائي پيا ڪندا. قلب کي الله جي ذڪر سان صاف نه ڪندا. ڌوڙ بوتي کي پيا ڌوئيندا. انهن کي مُڇان ڪترڻ ڊگهيون ڏاڙهيون رکڻ ڪلا ۽ دستارون هٿ آيون.
20. عشق جو ڪمال اهو آهي ته نفس کي پير مغان جي هٿان اسم اعظم سان ڪهائي.
21. جنهنجو نفس لاجي ترار سان ڪٺل آهي ته ان جي قبر کي به طواف ڪجي. ظاهري صورت ۾ هجي ته به طواف ڪجيس ڇو ته ان جو طواف الله جو طواف آهي، جيڪو خود پرست ڪافر هوندو اهو طواف نه ڪندو.
22. جنهن نفس ماريو آهي سو طواف جي لائق آهي.
23. فقير جو ساڙيل ائين آهي جيئن پارو وڻ کي پاڙن تائين ساڙي ڇڏيندو آهي جو ڦٽڻ جي اميد ئي نه هجيس. باهه جي ساڙن جو دونهون ڏسبو آهي هن جو دونهون به ڪونه ڏسبو.
24. دنيادار کي دنيا تي ائين خوشي ٿيندي آهي جيئن چور کي ٻيڙين لڳڻ تي خوشي ٿيندي آهي. ته مان نالي وارو چور آهيان.
25. اسم اعظم جون پهريون اڌ ملڪوت ۾ ترار آهي. اگر عارف ٻڌو ته يڪدم وجد پئجي ويندس ۽ اها ترار لڳي ويندس.
26. عاشق جڏهن ٻنهي جهانن کان مٿي ويو ته شاهه حسين جي ملڪ ۾ پهچي ڦر جي ويندو.
27. هي آسمان به ذات حق جي بازيگري آهن. آسمان ڪثرت با وحدت آهن.
28. آسمان شاهه اعظم جو دٻدٻو ۽ سياست آهن، اسان جڏهن آسمانن مان لنگهياسون ته اهڙي لذت آئي جو پاڻ کي گهات ڪري وجهجي. شاهه اعظم جي صورت ۾ ته ڪا وڏي لذت آهي جنهن جي بيان ڪرڻ جي زبان کي طاقت نه آهي.
29. آسان نوَ ورهيه ذڪر ڪيوسي، هڪ دم به وسئون قضا نه ڪيوسي. ڀوَ کان ننڊ به ٿوري ڪندا هئاسون. اهڙي سرجوشي ڪئي سون. تڏهن عنايت عشق ڪئي تڏهن پاڻ لطف ڪيائين نه ته اسان کي ڪهڙي مجال.
30. جنهن فقير کي روزگار جي ڳڻتي نه هجي ته ان کي ماني کائڻ حلال آهي ۽ حلال به تڏهن اٿس جوهر هڪ گره خدا جي ذڪر سان اماڻي.
31. غافل جي ماني مردار آهي.
32. جنهن کي مالڪ الملڪ تي اعتبار نه آهي اهو انڌو آهي جيڪو سيمُرغ کي چاليهه هاٿي هر هڪ ويلي تي کارائي ٿو سو هن جي ماني ۾ کٽي پوندو ڇا.
33. جيڪو اسم اعظم ڪمائيندو ته ان جي سيني ۾ حقيقت جو سج اڀرندو.
34. بهشت تي ناز نه ڪريو جو بهشت ۾ دغا بازي اٿوَ. اوهان جي ڏاڏي آدم سان به الله بهشت ۾ دغا ڪئي هئي. بهشت گهرندو ته دغا بازي اٿو. خوش نه ٿيو.
35. ڪاٺ جي ترار کي سونو مياڻ هجي ته به ٻرڻ جي ڪم ايندي دنيا جا پير بزرگ ڏسو ٿا يا ملان قاضي وغيره انهن جو ظاهري جسم سٺين پوشاڪن سبب ٺهي ٿو مگر اندران هنن جو روح ڪاٺ جي ترار آهي جيڪا ٻرڻ جو ڪم ڏيندي.
36. جوهر دار ترار ڀلي ته پراڻي مياڻ ۾ هجي ته به مالڪ جٿان هڻندس ته پار ويندي. فقيرن عارفن جو روح جو هردار ترار آهي. انهن کي ٻاهران زيب ڪونهي اندارن سارو معرفت جو نور آهن.
37. هر هڪ ڏوهي ڇٽي سگهي ٿو. مگر لالچ جو قيدي جنبي جيل ۾ آهي عمر ڪونه آزاد ٿيندو.
38. ڏيئي جي تيل ۾ پاڻي پوندو ته ڏيئو وسامي ويندو.ائين الله جو طالب به زماني جي ماڻهن سان صحبت ڪندو ته ذڪر بيهي ويندس.
39. ڪوبه عاشق حال محرم ڪونهي جنهن سان توحيد جي گفتار ڪجي. عام ماڻهوءَ سان توحيد جو بيان ڪرڻ ائين آهي جيئن پاڻي تي ليڪو.
40. توحيد جي ڳالهه ٿا ڪيون ته ڪو ڪونه ٿو سمجهي ڄڻ بتن سان ٿا ڳالهايون ڇو ته اهي توحيد جي ملڪ ۾ ويل ئي ڪونه آهن.
41. ننڍو ٻار مائٽن کان ڌار ٿيندو آهي ته دانهون ڪندو آهي پوءِ ڪا نه ڪا وسنوَ هن کي کڻي وڃي مائٽن سان ملائيندي اٿس.
42. هي مسلمان حرامي آهن. جو پنهنجو لاکيڻو مائٽ وڃايون بس ڪيون ويٺا آهن. رڙيون ڪن ته ڪونه ڪو اچي ٻانهن کان وٺي پيءُ وٽ پهچائين. الله ۽ رسول خدا رڃ ۾ وڃايون ويٺا آهن. دنيا جو جهان رڃ آهي. مائٽن جي ڳڻ ئي ڪانهين.
43. جن کي رهبر نه مليو ۽ بي خبريءَ ۾ گناهه ٿا ڪن تن کي بخشي ڇڏيندا.
44. جيڪي نماز تي فخر ٿا ڪن ۽ بوتي کي سينگارين ٿا ۽ پاڻ کي بهشت جو حقدار ٿا سمجهن ۽ هستي ٿا ڪن تن جي جاءِ جهنم ۾ آهي.
45. جيڪو الله جو طالب دنيا وارن سان دوستي رکندو ته مئي کان پوءِ ان کي ڪنڌ کان وٺي مسڻ جي باهه ۾ وڌو ويندو. جيئن واڻيا ساڙيا آهن. الله کان غافل ڪافر آهن. انهن پنهنجو مالڪ نه سڃاتو.
46. جنهن فقيريءَ کان ماڻهو ٽهن ٿا سا فقيري ابراهيم بن ادهم تخت هزارو ڏيئي ورتي هئي. 118 زالون ڦٽي ڪيون. هئائين بادشاهي سميت. دنيا جي درياهه مان تري نڪتو. ٻيا ڪيترائي بادشاهه ٻڏي ويا. هڪڙو هي نعرو هڻي تري نڪتو.
47. پاڻي کي به اڃايلن جو قدر آهي. جيڪو ڳوليندو سو لهندو.
48. هتان جي ماڻهن کي اڃ ئي ڪانهي. هادي شهنشاهه چيو هو ته طالب جي دل جاڏي چاهي ته وڃي اگر نه چاهي ته نه وڃي ڇو ته نقصان ٿيندس.
49. نفس چور ڪتو آهي، جيڪو طالب کي ويسلو ڪري چوريءَ چڪ هڻندس.ڪاڏهن نه ڪاڏهن ڪيرائيندس. هر وقت خيال جي نظر ذڪر ۾ هجيس، جي خيال نه هوندس ته ڏاڙهي وجهندس.
50. جنهن وٽ ذڪر جو خزانو هوندو ته ان سان نفس نه وڙهندو. چور به شاهو ڪار گهر کي کاٽ هڻندو آهي.
51. جيڪو ڪيترا به حج ڪري مگر پاڻ کي نه ڏٺو اٿس ته ان جا حج اجايا آهن.
52. جيڪو دنيا جي ماڻهوءَ جي خدمات ٿو ڪري ته اهو مسلمان نه آهي مگر ڪفر جو جڻيو ٻڌل اٿس.
53. ڳالهين ڪرڻ سان معراج نه ٿيندو آهي. جيڪو معراج وارو ڪم ڪندو سو معراج ماڻيندو.
54. اهوجيڪو زبان سان نفيل ٿو وڄائين سو وڃي ڪنهن ٽڪاڻي ۾ ٽنگ.
55. جنهن نفس کي ماريو تنهن ڄڻ سومناٿ جو مندر ڊاٿو. اهوشاهه محمود آهي.
56. جيڪو الله جو ذڪر ڪمائيندو اهو ٻانهي مان بادشاهي ٿي پوندو.
57. جيڪڏهن توکي موسيٰ ٿيڻو آهي ته نفس فرعون کي دم جي درياهه ۾ ٻوڙي بادشاهي جو نعرو هڻ نه ته توکي ٻوڙي ماريندو.
58. آب حيات اڪيلائي ۽ جاڳڻ ننڊ نه ڪرڻ ۾ آهي. رات جي جاڳڻ سان ملندو آهي.
59. جيڪو نفي اثبات جو سرمون پائيندو تنهن جي نظر ٻنهي جهانن مان ٽپي ٽيئن جهان ۾ وڃي پوندي.
60. جيڪو خلق کان بيزار ٿيندو سو معنيٰ جي محبوب جي روبرو ٿيندو.
61. ظاهر جا بادشاهه جو فقيرن کان دعائون گهرندا آهن ان مان پڪ ڄاڻو ته دعا جا مالڪ فقير آهي.
62. دنيادارن لاءِ دنيا پوڄا جي مڙهي آهي. جو اتي مٿو ٿا ٽيڪين، ائين پهر ان مڙهيءَ جو تعريف ٿا ڪن.
63. فقير عارف شب قدر آهي. تارو لاٽ ڪري ته ان گمان ۾ ڀليل آهن. حقيقت ۾ شب قدر ان لاٽ ۾ لڪل آهي. فقير عارف کي به جيڪو سوال ڪندو ته ان جو مطلب ٿيندو.
64. هلندڙ طالب کي همٿ هجي ته دم جي ڦوڪڻي تيز ڪري ته يڪدم الله وٽ پهچندو الله ته پري آهي ئي ڪونه الله ڪاڏي ويندو. لوهه تپي ڳاڙهو ته پوءِ خود باهه ٿي پوندو. ائين دل تتي ته الله پڌر تي آهي.
65. بي همت جي دل پراڻو کل جي ڦوڪڻي وانگر آهي، هزارين ڇِنَ ۽ سوارخ اٿس. ان جو لوگگ ڪونه تپندو. نه ڳارهو ٿيندو.
66. طالب جيستائين ترڪ نه ڏيندو تيستائين حق کي نه پهچندو. ترڪ جي دوا اسم اعظم آهي. ترڪ اندرئون ڏئي نه رڳو ٻاهرئون نه دنيا جو ترڪ ترڪ آهي پاڻ کي ترڪ ڏيڻ.
67. جنهن دنيا سان محبت ڪئي تنهن ڄڻ زهر کاڌو هنڌان هنڌان ڦاٽي پوندو. بوتو به خراب ٿيندس. عاقبيت به خراب ٿيندس. بڇڙو ٿي مرندو.
68. آدمي جو زيب ۽ زينت اسم اعظم جي ذڪر ۾ آهي. سواءِ ذڪر جي آدمي بي حاصل ۽ ڏوهاري آهي. جنهن کان الله وسريو اهڙو خراب ٻيو ڏوهه ئي ڪونهي.
69. دل هڪ ٿانءُ آهي ان ۾ يا الله رهجي يا دنيا رهائجي. ٻه شيون گڏ نه رهي سگهنديون.
70. صوفي کي سوال ڪرڻ ڏوهه آهي. سوال ڪرڻ وارو خوار آهي صوفي نه آهي.
71. موت قبل موت سدائين حياتي آهي. نه الله ئي مرندو نه اهو فقير مرندو.
72. جنهن شخص کي دنيا جي محبت آهي ته اهو غافل ۽ جيئري ئي مئل آهي.
73. دنيا جي عزت توڙي مال ملڪيت توڙي عقبيٰ ۽ حوارن الله کانسواءِ عذاب آهن.
74. لوڻ پاڻي ۾ اڇلبو ته پاڻي ٿي ويندو.لوڻ ظاهر ئي ڪونه هوندو. صرف پاڻي رهندو.
75. هي آدمي به جيڪڏهن الله ۾ ائين گم ٿئي ته آدمي رهندو ئي ڪونه صرف الله هوندو.
76. ٻنهي جهانن ۾ احمد ۽ عليءَ کانسواءِ ٻيو ڪونهي سڀ نالا انهن جا آهن. اهي صرف جاين جا نالا آهن نه ته هڪ آهن.
77. چوٿون بادشاهه به آهي لڪائي ڪئي اٿس. اسان کي به عيان آهي مگر ان چوٿين جو نالو نه وٺبو جو اهو فقير تي گناهه آهي.
78. جتي نفساني خودي آهي اتي خداءِ جو ڏس ئي ڪونهي.
79. طالب ۾ جيستائين خودي آهي ڪوٽ ۾ ڦاٿل آهي. جنهن مهل ڪوٽ ڀڳائين ته ملڪ ماهي اٿس.
80. جنهن مهل طالب عشق جو الهام ٻڌو تنهن مهل سر جو سانگ پاڻهي کڻندو.
81. جيڪو ڪلال خاني ۾ مٽن جي پاڙ ۾ ويٺو ته ان جو ثواب ثواب ستر حج کان وڌيڪ آهي.
82. جنهن وهو معکم وارو الله ڏٺو ته عمر هوش ۾ ڪونه ايندو هن جو ڳالهائيندو ته به عالم فاضل به نه سمجهندس.
83. جيڪو ڪلال خاني ۾ ساقيءَ وٽ ويو ته مستيون مڙهيون تسبيون مصلا هر شيءَ اتي ڳهه رکي شراب پيئندو.
84. ظاهري شراب توڙي وحدت جي شراب پيئندڙن کي عام ماڻهون گمراهه سڏيندا آهن. شراب ۾ ڪو اهڙو اثر رکيل آهي.
85. ڪلال خاني وارو صاحب ماڻهن کي ڪن ۾ باطني ڦوڪ ڏيندو آهي ته جيئن انهن تي ماڻهن جون ملامتون ۽ خواري هجي ته جيئن يڪا مون ڏي رجوع هجن. ٻنهي شرابن ۾ اهو اثر رکيل آهي.
86. دين ايمان جو دشمن آهيان. ڪفر جا جڻيا ٻڌا اٿم. مسلماني کان ڦري ويو آهيان. ٻي ڪار ئي ڪانهي.
87. شراب ملين ۽ قاضين جو دشمن آهي. اسان جي بوتي ۽ روح ۽ جان جو نيپاج آهي شراب آب حيات آهي مئي کي ويجهو ته جيئرو ٿي پوندو.
88. آذر وٽان ابراهيم پيدا ڪيوسي. مريم مان عيسيٰ بنا يوسي.
89. جڏهن هن کي مرايم ته دائمي حياتي ڪيم وري ته مرندس.
90. فقير عارفن جي فرمان ۾ سواءِ چهڙي ڏڦيڙ جي ٻيون سڀ شيون اينديون.
91. جيڪوعاشق الاهي سان هڪ ٿيو ته ان جون سڀ سڌون مري وينديون باقي سندس بوتو جيئرو هوندو.
92. جيڪڏهن صوفي بوتي سميت مري ته پوءِ معنيٰ جي موج ڪير ماڻيندو.شاهه حسن جي ديدار جو ذوق ڪير ماڻيندو. بيخودي جو نعرو ڪين هڻندو.
93. جيڪو ساري جهان کان لڪل آهي. ان جي عين عيان ٿيڻ جي موج بوتو ماڻي ٿو. پوءِ ان ڄڻ سڀ ڪجهه حاصل ڪيو.
94. اوهان کي خبر آهي ته دنيا جا ڪيترا ماڻهو مون ٿا. اهو مرڻ ٻئي قسم جو آهي.
95. اهو موتو قبل وارو مرڻ انهن کي هٿ نه آيو. اهو مرڻ ائين آهي جيئن نانگ جا ڏند ڪڍي ڇڏجن پوءِ مارڻ جي ضرورت نه آهي. ائين ان عارف جي حياتيءَ مان هزارين فيض پيا وٺندا. عارف وٽ توحيد جي گفتار پيئي هلندي.
96. جنهن جو نفس زنده هوندو سو نماز پڙهندو. ظاهر جي دين جا ٽپڙ پيو هٿ ڪندو ته متان محشر ۾ موچڙا لڳن.
97. عام خاص زور ڏيئي چون ٿا ته رسول خدا ۽ پنجتن پاڪ نماز پڙهي هئي. فقير ڇو نه ٿا پڙهن. اهو ان ڪري ته رسول خدا جي وقت ۾ بتن جي پوڄا هئي. ان ڪري رسول خدا جي وقت ۾ بتن جي پوڄا هئي ان ڪري رسول خدا مان احمد چيو انا احمد بلاميم چيو. من رآني فقد راءَ الحق چيو ته ان تي نماز ۽ بندگي جو ڪهڙو حق هو. اسان ته ان جي طالبن جا طالب آهيون ته به اسان جي به نماز تي اک ئي ڪانه ٿي ٻڌي.
98. جيئن استاد عالم فاضل هوندي ٻارن سان گڏ الف به پڙهندو آهي. پوءِ ائين ته نه چئبو ته نٿو ڄاڻي. مگر هنن جي سيکارڻ لاءِ الف به پڙهي ٿو. رسول الله خدا به خلق جي سيکارڻ لاءِ نماز پڙهي ۽ پڙهائي نه ته رسول الله تي نماز جو حق ڪونه هو. خلق کي جو تازو بتن کان موڙيو هئائين. تنهنڪري پاڻ جاهلن جي سيکارڻ لاءِ بي پڙهيائين ته متان موٽي اڳين پيروي ڪن.
99. جيئن عارف ختمي جي ماني کان پرهيز ڪندو آهي. عارف فقير ڪري ڪري يا نه ڪري مٿس لازمي نه آهي پر طالبن جي سيکارڻ لاءِ ڪندو آهي ته متان مون کي ڏسي ڪِري ڀڃي وجهن ۽ گمراهه ٿين ۽ سندن دل متان ڪاري ٿي پوي.
100. جيڪڏهن فقير عارف گناهه جو ڪم ڪري وجهي ظاهر وارا هن کي گناهه ليکين مگر گناهه نه هوندو. ڇو ته عارف کان ٻيو ڪير پڇڻ وارو ڪونه آهي. جيڪڏهن عام ڪندو ته ڏوهي ٿيندو.
101. جيڪو فقير مڃوتي جو قائل ٿيندو سو انڌو ٻوڙو گونگو ٿي اٿندو. مئي کان پوءِ ان جي جاءِ جهنم آهي. متان ڪوطالب مڃوتي جي هوس ڪري.
102. هزار ورهيه توحيد جون ڳالهيون پڙهي ۽ ٻڌي مگر ذڪر ڪمائڻ کانسواءِ ڳالهين مان الله ڏسي ڪونه سگهندو.
103. جن فقير سان حسد ڪيو ۽ صحبت ۾ نه آيا تن کي ڪالَ جو گدڙ کائي ويو.
104. هي جهان ۽ هو جهان عشق جي موج آهن. جيئن درياهه جي موج جو پاڻي وڻ پٽيندو ويندو آهي. پر درياهه جي موج کي به فناءِ آهي جو پاڻي جهٽ سڪي ويندو آهي.
105. هي ڪثرت جو جهان ۽ منجهس سڀ ساهواريون شيون به ان دراه اعظم جي موج مان پيدا ٿيا آهن. جن کي فناءِ آهئ
106. عشق کي بلڪل رنگ روپ مگر عامن لاءِ برابر هو بيرنگ آهي. خاصن لاءِ بارنگ ۽ باصورت آهي مگر دنيا ۾ ان جو مثال ڏيئي نٿو سگهجي.
107. فقير ٿجي ته فقير ٿجي نه ته زماني جي ونڊيءَ کان نه ته وڃجي.
108. فقيري پراڻي لوڙهي لت آهي لوڙهو هي جسم آهي جيڪو هن جسم تي لت رکندو. سو هن ڀر ٽپي وڃي وحدت ۾ پوندو.
109. حقيقت ۾ زماني جي سڃاڻپ دوزخ آهي. جنهن ۾ بي ويساهي آهي.
110. حقيقت ۾ سياڻا ۽ ڪل عقل اهي آهن جن الله ياد ڪيو.
111. رسول ڪريم جو ديدار طلب جي رستي کان اڳ ڏٺوسي. پوءِ نوَ ورهيه ذڪر ۾ هياسي جڏهن معراج ٿيو ته فنا في الرسول ۾ وياسي جتي احد مان احمد اها ذاتي صورت آهي.
112. مگر صفاتي جامون جيڪو حضرت جن هن جهان ۾ پائي آيا هئا اها صورت وصل کانپوءِ ٻارهين مهيني مدينه ۾ ڏني سي. گهمندي ڦرندي مدينه ۾ وڃي نڪتاسين. اتي ڏٺوسين.
113. الله جو رنگ ڪهڙو آهي. صبغته الله ومن احسن من الله صبفته کٽي جيئن ڪپڙا رنگيندو آهي ۽ ڪپڙن جي ڳرئي کانپوءِ به انهن تان رنگ نه لهندو آهي
114. الله جو اسم ڪمائڻ ائين آهي جيئن صفات کي ذات جي ڪن ۾ ٻوڙجي عشق جو ڪن نه سمجهيو مگر اها خود ذات آهي.
115. الله به صوفڻ ٻير وانگر آهي. جيڪو هن سڌي صفات جي ٻير جو لامون يعني خيال ڪپي ۽ ان ۾ باغائي اک هڻي ان کي پاڻي پيو ڏيندو ته آخر اها اک ڪامل ٿيندي پر جيڪڏهن سڌن جي ڀيل ۽ خيالات جي جهولي کان بچيائينس ته ٿي ويندي نه ته لڳل اک به سڪي ختم ٿي ويندي ڪن جي اک ٻڪري کائي ويئي ۽ ڪن جي اٺ پاڙئون ڀڃي ويو.
116. جيڪا اک جهولن کان بچي سامائي ته ساڳي ٿيندي ۽ ان کي ظاهر ۾ آدمي پيو ڏسبو باطن ۾ جبرائيل کان پري جون خبرون پيو ڏيندو. اهي ڳالهيون حال محرمن کانسواءِ عامن کي نه ٻڌائيندو.
117. عشق اهڙي باهه آهي جيڪا هن خاڪي بوتي کي لعل ڪري ٿي ڇڏي جيئن ڪا لوهه جي شيءَ کوري ۾ وجهي ڪنهن جهنگ اڇلجي ته جهڳا ساڙي ڇڏيندي.
118. هي فقير وحدانيت جي گفتار سان ماڻهن جي نفس جا جهڳا ساڙي ڇڏيندو سڙئي کان پوءِ ساڳيو سر ۽ نسوري ذات ٿي پوندا.
119. صوفي اهو آهي جيڪو هن جسم مان ائين نڪري جيئن ترار مياڻ مان نڪرندي آهي اسم اعظم سان ائين نڪري ملڪوت ۾ رهائش ڪري.
120. ڪجهه ڏينهن ملڪوت ۾ ۽ ڪجهه ڏينهن جبروت ۾ ۽ پوءِ لاهوت مان وڃي سڄي عمر بيحد ملڪ ۾ رهي.پوءِ پاڻيهئي پيو ايندو. ويندو ڄڻ سڀئي امتحان پاس ڪيائين.
121. جنهن ان معنيٰ جي ملڪ جو معراج ڪيو اهو منصور يا قلندر آهي جي ذات حق چئبس ته به ڀوَ ڪونهي.
122. جيڪو صوفي پاڻ مان نه نڪتو سو ڪوڙي ڪوڙي جو پٽ آهي. اهو نفس جو قيدي آهي. جي ذڪر به ڪمايائين ۽ برا ڪم نه ڪيائين ته بهشت جو حقدار آهي. باقي الله جو حقدار نه آهي.
123. جيڪو دنيا ڳوليندو تنهن کي دنيا ملندي جيڪو آخرت ڳوليندو تهنهن کي آخرت ملندي جيڪو الله ڳوليندو تنهن کي الله ملندو.
124. الله به سهڻو آهي. ڳولي به سهڻين دلين وارن کي ٿو جنهن کي يقين نه آهي سو گمراهه ٿيندو
125. طالب لاءِ ويساهه ٻيڙي آهي جنهن سان هو تري ويندو.
126. جبرئيل سميت اسان جي اڳيان چارئي ملائڪ جهرڪي به ناهن اسين شهباز آهيون جتي اسان وياسون اتي جبرئيل ڪهڙي شيءِ آهي.
127. آدمي جو وجود وڻ مثل آهي. هڪڙا وجود نفس جي سڌن جا وڻ آهن لکن مان ڪي ٿورڙا عشق جا وڻ آهن.
128. عشق جي وجود جي ڇانوَ توحيد جي گفتار آهي. ان وڻ جو ميوو انا الحق آهي. ڏار ملڪوت جبروت لاهوت ۽ بيحد ملڪ اٿس.
129. علم وار فقير ٿيو ته ڄڻ هاٿي حلال ٿيو. جاهل فقير ٿيو ته ڄڻ جهرڪي حلال ٿي . هاٿي حلال ٿيڻ سان لکين فيض پائيندا جهرڪي ته هڪئي کائي ويندو.
130. فقير عاشق لامڪان جو طائوس يعني مور پکي آهي.
131. فقير عاشق صبر ۾ هجي ته مرضي اٿس هت رهي يا هُتِ رهي ڳالهائڻ مهل لامڪان ۾ ياهت رهندو.
132. فقير عاشق توحيد جي گفتار مهل جتان جي ڳالهه ڪندو ته ان منزل ۾ بيهي ڳالهه ڪندو. جسم ڇڏيون اتي پيو ڳالهائيندو عام ماڻهو سمجهندا ته هت ٿو ڳالهائي.
133. فقير جو صحبتي سمجهندو ته ڪٿي ٿو ڳالهائي
134. اسم اعظم جو ذڪر هڪ ڪوٽ آهي، جنهن کي ملڪوت جبروت ۽ لاهوت کيسا آهن
135. اهو ڪوٽ اسم اعظم جو طالب کي نفساني سرد هوا ۽ سئي کئان بچائيندو.
136. انبيائن. اوليائن عارفن عاشقن جا ديدار به کيسا اٿس، ڪشف القبور يا ڪشف القلوب جا به ان ڪوٽ ۾ کيسا آهن. سمنڊن جبلات دريائن ۽ شهرن جي سير جا ۽ ٻيا لکين ڪروڙين کيسا اٿس. ڪي ٻڌل ته ڪي اڻ ٻڌل شيون ان اسم اعظم جي کيسن مان نڪري پون.
137. ملڪوت جي صورت تمام جلوه دار آهي جبروت واري صورت به سهڻي آحي. لاهوت واري صورت جو درجو اتم آهي. مگر بالا ترين صورت بيحد ملڪ واري آهي. جيڪا دلين جي ڦرجڻ جي ڳالهه آهي جيڪو ان ۾ ويندو ته ڦرجي ويندو وري دنيا ۾ ڪين رَلِبو.
138. اسم اعظم ۾ درد فراق گريو ۽ زاري سڀ ڪجهه موجود آهي.
139. اسم اعظم حصار الله يعني الله جو قلعو آهي. جيڪا طالبن جي حفاظت جي جاٰءِ آهي.
140. اسم اعظم عرش عظيم جي ڏاڪڻ آهي. ان ڏاڪڻ وسيلي جيڪو ان قلعي ۾ پهتو ته نفس جي دشمنيءَ کان امان ۾ رهندو.
141. جنهن آدميءَ کي ڪتو ڇتو ڏاڙهيندو آهي ته ان کي ڪتي جو زهر به اثر ڪري ٿو جو اهو ڪتي وانگر ڀئوڪان ٿو ڪري.
142. جنهن آدمي پنهنجي وجود ۾ ذڪر ڪمايو ته ان کي خدا جو ذڪر اثر نه ڪندو ڇا . ڪنهن ڏينهن ضرور ان مان من خدايم واري گفتار نڪرندي.
143. ماڻهن جي سمجهه جو ارمان آهي جو صوبيدار ننڊ پيو هوندو آهي ته به ان جي وات مان بڇان پيو نڪرنديون آهن ته وٺ فلاڻي کي نه ڇڏ.
144. ڏسو ته ماڻهو ڪهڙا نه نادان آهن جو جن جي دل ۾ سالن جا سال اسم اعظم جو ذڪر هلندو پوءِ ان جي زبان مان انا الحق جو نعرو نه نڪرندو؟
145. اهو ملڪ عظيم آهي جنهن ۾ فقير وڃي ٿو. ان ملڪ جو ذڪر ئي انا الحق آهي. جيڪو عاشق جي زبان مان زوريءَ نڪرندو. جيترو وقت ان ملڪ ۾ رهندو ته ان اعظم ولايت جي اها ٻولي آهي ان ملڪ ۾ سڀڪو ويندڙ ٽي ڏينهن رهندو آهي وڌيڪ نه رهندو. شاهه منصور ان ملڪ ۾ هڪ سال رهيو هو ته ڦاهي چڙهيو هو.
146. ان ملڪ جي اها حالت آهي جو عرش ڪرسي وڻ ٽڻ هر ذري ذري مان انا الحق جي گفتار هوندي آهي. پوءِ عشق بيوس آهي.
147. ان اعظم ولايت انا الحق جو اهو حال آحي جو جيئن سيڻهه وارو درياهه ۾ ترندو وڃي ۽ وچ ۾ سيڻه ڦاٽي پويس ۽ هو غرق ٿي وڃي. پوءِ رڳو محيط درياهه پيو ڏسبو.
148. عاشق جي جڏهن عبديت ختم ٿيندي آهي ته پوءِ ان مان انا الحق جي بڀڪي نڪرندي آهي صفات ڳري وڃي ذات رهي پوءِ ذات جي گفتار اها آهي.
149. هونءَ ته سڀ ڪنهن کي پنهنجو خالق ڪونه ٿو سُجهي مجال آهي جو انا الحق چئي سگهي. ٻانهو بادشاهه ڪيئن سڏائيندو. جڏهن ٻانهو رئي ٿي ويندو تڏهن بادشاهه ڳالهائيندو.
150. رسول الله به انا احمد بلا ميم چيو ته موليٰ علي به انا عرب بلا عين چيو بسطامي بايزيد سبحاني ما اعظم شاني چيو. اها ڪا عبديت کي طاقت آهي ڇا؟ اها سڀ الوهيت جي طاقت آهي. جيڪا ذات ٿي ڳالهائي ٻيو ته ڪوچئي ڏيکاري.
151. هيءَ عشق جي ڳالهه انڌن گونگن ۽ ٻوڙن جي ٻڌڻ جي نه آهي جن جااندروني ڪن سرلا هجن سي ٻڌندا. مصرع“ کرمادر زاد را بانالئه وسر ناچه سود” يعني ڄامڙو گونگي کي سڏن ڪرڻ ۽ سر شرناءِ ٻڌائڻ مان ڪهڙو فائدو؟
152. جيڪي هَوَسَن انڌا ۽ ٻوڙا ڪيا آهن. انهن لاءِ توحيد جي ڳالهه ائين آهي جيئن مئي کي مڇ کان وٺي وات ۾ پاڻي وجيهس ته واڇن کان وهي ويندس.
153. جيڪي نفس ۽ شهوت جا مريل آهن انهن جي اندر ۾ هيءَ ڳالهه نه لنگهيندي قرآن ڪريم ۾ به آهي ته لاتسمع الموتيٰ ولا صم الدعاءِ.
154. هن ڳالهه جو قرآن ۽ رسول ڪريم ﷺ شاهد آهن ته سڌن جو تابع سخت گمراهه آهي. ان ڪري ڪابه هدايت اثر نه ڪندي من اضل من التبع هواه.
155. جنهن کي رب العالمين گهري ته کيس رسول ڪريم وارو معراج ڪرائي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي جو نبي کڻي چئجيس. سُبْحٰنَ الَّذِیْۤ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ . القرآن گواهه آهي.
156. حضرت موسيٰ کي ذات ذوالجلال چيو ته جيڪو توکي اسان حڪيم ڪيو آهي ان تي قائم رهه يعني ذڪر کي قائم ڪجانءِ خبردار متان سڌن جو تابعداري ٿئين سڌان ذڪر کي وڃائينديون آهن فَاسْتَقِمْ كَمَاۤ اُمِرْتَ ولا تتبع اهواءَ هم (قرآن).
157. شريعت جي معنيٰ آهي سڌن جي تابعداري نه ڪرڻ جنهن سڌن جي تابعداري ڪئي نه انهيءَ شريعت قائم نه رکي ثُمَّ جَعَلْنٰكَ عَلٰى شَرِیْعَةٍ مِّنَ الْاَمْرِ فَاتَّبِعْهَا وَ لَا تَتَّبِـعْ اَهْوَآءَ الَّذِیْنَ لَا یَعْلَمُوْنَ. القرآن).
158. هر هڪ سڌ بت آهي جيئن ڪافر بتن کي پوڄيندا هئا. ائين هي مسلمان هاڻي سڌن جا بت ٿا پوڄين جيئن ڪعبه ۾ بت رکيل هئا. تيئن مسلمان جي دل واري ڪعبه ۾ سڌن ۽ خيلات جا بت رکيل آهن. ان ڪري هنن کي حقيقي مسلمان نه چئبو مگر ڪافر آهن. جيڪي ذڪر نٿا ڪن انهن جون اکيون ۽ ڪن انڌا آهن. اوهين انصاف ڪريو ته اڄ جا مسلمان الله ۽ قرآن جي حڪم تي هلن ٿا. اَفَرَءَیْتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰهَهٗ هَوٰىهُ وَ اَضَلَّهُ اللّٰهُ عَلٰى عِلْمٍ وَّ خَتَمَ عَلٰى سَمْعِهٖ وَ قَلْبِهٖ وَ جَعَلَ عَلٰى بَصَرِهٖ غِشٰوَةًؕ-فَمَنْ یَّهْدِیْهِ مِنْۢ بَعْدِ اللّٰهِؕ-اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ(۲۳)) پاره 25)
159. قرآن ۾ دم جي ذڪر ڪمائڻ لاءِ حڪم آيل آهي. قال الله تبارک وتعاليٰ واذکر ربک في نفسک يعني خدا پنهنجي کي دم سان ياد ڪر.
160. زباني ڪلمه ۽ رسمي مسلمان لاءِ قرآن چوي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن. انهن جي دلين ۾ ايمان ڪونه داخل ٿيو آهي. قَالَتِ الْاَعْرَابُ اٰمَنَّاؕ-قُلْ لَّمْ تُؤْمِنُوْا وَ لٰكِنْ قُوْلُوْۤا اَسْلَمْنَا وَ لَمَّا یَدْخُلِ الْاِیْمَانُ فِیْ قُلُوْبِكُمْؕ.. يعني عرب چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي. تون چوين ته توهان ايمان نه اندو آهي ائين ته مسلمان ٿيا آهيو. ڇو ته توهان جي دلين ۾ ايمان داخل نه ٿيو آهي.
161. ايمان آڻڻ جو نيشان اهو آهي ته ان جي دل ۾ خدا جو ذڪر هلي اهو آهي دل جو ايمان. اهي ئي حقيقي مسلمان ۽ ايمان وارا آهن.
162. دل جي ذڪر وارو حقيقي مسلمان آهي. باقي ٻيا رسمي مسلمان آهن.
163. رسمي مسلمان تاڙي ڦوڪ تي ڀڄي ويندو. رسمي مسلمان مرشد هادي کان به ڦري ويندو. منافق ٿي ويندو مگر دل جي ذڪر وارو نه ڦرندو.
164. قرآن پاڪ جي هي آيت گواهه آهي ته جن کان دم وارو ذڪر وسريل آهي اهي شيطان جو لشڪر آهن. اِسْتَحْوَذَ عَلَیْهِمُ الشَّیْطٰنُ فَاَنْسٰىهُمْ ذِكْرَ اللّٰهِؕ-اُولٰٓىٕكَ حِزْبُ الشَّیْطٰنِؕ .. يعني انهن تي شيطان غالب آهي. ان کانئن الله جي ياد گيري وساري ان ڪري اهي شيطان جي جماعت آهن.
165. ذات ذوالجلال قرآن پاڪ ۾فرمايو آهي ته جن جي دل ۾ الله جو ذڪر ٽڪندو ناهي اتي شيطان رهي ٿو. قال الله تعاليٰ : وَ مَنْ یَّعْشُ عَنْ ذِكْرِ الرَّحْمٰنِ نُقَیِّضْ لَهٗ شَیْطٰنًا فَهُوَ لَهٗ قَرِیْنٌ(۳۶)
166. رب العالمين ڏوراپو ڏيئي چوي ٿو ته افسوس مان اوهان سان گڏ آهيان مگر ڏسو نٿا ڇاڪاڻ ته هي ڪل آدم زاد الله جي اولاد آهن. حديث: القلق عيان الله جو پٺي ڏينو وتن پنهنجا ڪم ڪندا. ونحن اقرب اليه منکم ولٰکن لا تبصرون.
167. علم اليقين عين اليقين ۽ حق اليقين اهي ٽيئي نالا جيڪي فقير ڪم ٿا آڻين سي ڪلام الله مان آهن. نڪي ٺاڪو مل وٽان آندا اٿن. ان هذا لهو الحق اليقين. فسبح بحمد ربک العظيم. اهي ٽيئي نالا معراج واري ملڪ مان آندل آهن. اهي حدون ذڪر اسم اعظم سان ۽ حق جي منظوريءَ سان حاصل ٿينديون آهن.
168. جيڪي ذڪر سان نفساني عزت ۽ دنيا حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن انهن کي معراج جي حدن عين اليقين ۽ حق اليقين کان جواب آهي. ڇو ته هنن جو ذڪر باهه ۽ دونهين سان گڏ آهي نج نه آهي.
169. جيڪي ذڪر صرف ديدار الاهي لاءِ ڪمائن ٿا انهن جو ذڪر نج باهه آهي پوءِ اهي حدون به انهن کي حاصل ٿينديون فاالسبح باسم ربک العظيم يعني الله جي نالي سان سندس عظمت بيان ڪندا رهو.
170. جن کي الله گهري ۽ جيڪي الله کي خاص سڪ ۽ محبت سان گهرن پوءِ الله به انهن جو آهي وڏا ڀاڳ انهن جا آهن جن کي پنهنجو لقاءُ ڏيکاري. جن تي پنهنجي رحمت ڪري قال الله تبارڪ وتعاليٰ: رفيع الدرجات ذولعرش. يلقي الروح من امره عليٰ من يشاءُ من عباده.
171. فقير عاشق الله جا قاصد آهن. جيڪي خدا جا پيغام کڻي آڻي هن مخلوق کي ٻڌائن ٿا.
172. ڪلام ربي ۾ حڪم آهي ته جيڪو فقير عاشق وٽ صحبت لاءِ وڃي ته اهو ڪجهه نه ڪجهه تحفه يا نذرانو فقير لاءِ کنيون وڃي. هٿين خالي نه وڃي ٻيو ڪجهه نه هجي ته کبڙن جا پن يا ڏندڻ فقير لاءِ کنيون وڃجن. ان ۾ طالب جو فائدو آهي. یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِذَا نَاجَیْتُمُ الرَّسُوْلَ فَقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیْ نَجْوٰىكُمْ صَدَقَةًؕ-ذٰلِكَ خَیْرٌ لَّكُمْ وَ اَطْهَرُؕ.
173. حضرت يوسف توڙي بادشاهه ٿيو ته ان وٽ ننڍائي جو يار آيو هو ته ان کان تحفه گهريو هئائين. هن تحفه ۾پنهنجي ۾ پنهنجي آئيني ڪڍي ڏنس ۽ چيائينس ته جنهن مهل ڏسندين ته مان ياد ايندو سانءِ
174. رسمي مسلمان حسد کان فقير جي خلاف آهن ته سندس گلا ڪري سندس روشنائي گهٽايون. مگر گهٽايون. مگر گهٽجي نه سگهندي.
بيت
اگر گيتي سراسر ياد گيرد، چراغ مقبلان هر گزنه ميرد
جيڪڏهن ساري دنيا هوا هلائي ته به قبول پيلن جو ٻرندڙ ڏيئو ڪونه وسامندو
یُرِیْدُوْنَ اَنْ یُّطْفِـٴُـوْا نُوْرَ اللّٰهِ بِاَفْوَاهِهِمْ وَ یَاْبَى اللّٰهُ اِلَّاۤ اَنْ یُّتِمَّ نُوْرَهٗ وَ لَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ(۳۲)
يعني انهن جو ارادو آهي ته اهي الله جي نور کي پنهنجي وات جي ڦوڪن سان وسائن مگر الله پنهنجو نور ڪامل مڪمل ڪندو توڙي جو ڪافرن کي پسند نه هجي.
175. الله جو ذڪر بيخودي جي علم جو سبق آهي، جيڪو اهوسبق پڙهندو ته اهو بيخوديءِ جو ڪاليج پاس ڪري انا الحق جو نعرو هڻندو.
176. جنهن پاڻ مان نڪري معراج نه ڪيو هوندو سو ٻئي کي ڪهڙو معراج ڪرائيندو.
177. هي آدمي درياهه تي اڃ ٿا مرن. اهو دم درياهه اٿن. اهو درياهه ڇڏيون دنيان جي رڃ ڏي ڀڳا ٿا وڃن.
178. الله جو ذڪر الله جو دين آهي، نماز ۽ روزو وغيره نبيءَ جو دين آهي.
179. جيڪو الله جي دين سان هلندو سو الله ٿي پوندو.
180. هر هڪ انسان ۾ معرفت جو سج موجود آهي. مگر گناهن ۽ حرام کاڌن ان کي پردو ڏيئي ڍڪي ڇڏيو آهي.
181. جيئن مينهن جو ڪو هيڙو سج کي ڍڪي ٿو تيئن دل وارين اکين کي هوسن ۽ حرام کاڌن جون دونهون رَوَ چاڙهي ٿو ڇڏي.
182. طالبن مان يا ڪير به درد وارو جنهن مهل به سڏ ڪندو ته اسان فقير مسڪين جي ماڙ آهيون ۽ ويچارن جا واهرو آهيون. اُن وٽ پهچي ان جو درد دفع ۽ سندس ڪم آسان ڪنداسون.
183. دل وجان سان سڏيندڙ طالب يا سائل توڙي کڻي لکن ڪوهن تي هجي ته به فقير ان جي مدد ۽ واهر آهي.
184. اسان هت ماڻهن جون روحاني اکيون ڪرڻ ۽ مشڪلاتون لاهڻ آيا هئاسون.
185. طالب کي مرشد سان کاڌي پيتي يا سواري جي ريس نه ڪرڻ گهرجيس ڇو ته هو بقا با الله جي درجي وارو آهي.
186. عاشق جو کاڌو پيتو توحيد جي گفتار لاءِ آهي. فقير تي ذڪر فڪر يا عبادت لازم نه آهي.
187. مگر طالب کي ذڪر فڪر ڏهو چاليهو ۽ عبادتون لازم آهن.
188. هيءَ ڳالهه درد واري دل کي گهاءُ ڪندي ۽ جنهن کي ذڪر الاهي جو لاله گل وانگر دل تي داغ هوندس ته ان کي پسند ايندي.
189. هي ڳالهيون ۽ هن ڪتاب جا حرف ان کي پسند ايندا جيڪو ڪنهن عارف جو صحبتي هوندو. ٻيو جيڪو بقا الله جي درجي وارو هوندو اهو هن ڪتاب کي اکين تي رکندو.
190. جيڪو هن ڪتاب کي ناپسند ڪندو اهو ڪم نصيب آهي ان جي منزل في السقر في النار آهي. جيڪو هن راز جو واقف نه هوندو سو هن ڪتاب کي ڏسي نه سگهندو.
191. هن ڪتاب ۾معراج جي اکين ڏٺي حقيقت بيان ٿيل آهي.
192. رموز عاشقان عاشق بداند، رموز عاشقان فاسق چه داند؟
عاشقن جي رمز کي عاشق ڄاڻندو.عاشق جي رمز کي فاسق ڇا ڄاڻندو؟
193. هي ڪتاب عاشقن جي ڪتابن جي معنيٰ ۽ شرح آهي. جيڪو پڙهندو تنهن کي معنيٰ سمجهه ۾ايندي
194. سنڌ ۾ قيامت تائين جيڪو فقير ٿيندو ته هن کان وڌيڪ ڳالهه نه ڪندو.
195. هي سنڌي ٻوليءَ ۾ گفتار آهي جيڪا عشق جي دفتر ۽ معراج جي معنيٰ ۽ حقيقت آهي.
196. هن ڳالهه ۾ نه ڪوڙ نه وڏائي نه فخر نه هستي آهي. لعنت الله علي الکاذبين.
197. پيري بزرگي جي گفتار جي ڊوڙ بهشت تائين آهي جا نفس جي مراد آهي.
198. اسان نفس جي نامراديءَ جي ڳالهه ڪئي آهي. بهشت حوران اسان جي ٽوڪ جي جاءِ آهن.
199. هيءَ ڳالهه بهشتن جي ٺاهيندڙ جي روبرو جي ڳالهه آهي.
200. اسان جڏهن هادي شهنشاهه جي روبرو ويهندا هئاسون نه سائين جن توحيد جي گهڻي ڳالهه ۽ گفتار ڪندا هئا ۽ اسان کي چڙ لڳندي هئي ته ذڪر ڇو نه ٿو ڪري پوءِ جڏهن پاڻ معراج تي وياسون تڏهن خبر پئي ته اها اسان جي غلطي هئي.
201. وصل کان پوءِ عاشق عارف جي عبادت توحيد جي گفتار آهي مصرح : بو علي بيچاره راطاعت بجز تو نيست
يعني ويچاري بو علي کي توحيد جي گفتار کانسواءِ ٻي ڪا عبادت ئي ڪانهي.
202. جن کي به ساري سنڌ ۾ ڪٿي ههڙي گفتار هلندڙ ڏسڻ ۾ اچي ته اتان دست بيعت ٿين.
203. جنهن ڪچهري ۾ الله جي ڳالهه نه آهي ته اتي نفس ويٺو آهي. ان ڪري اتي ويهڻ حرام آهي.
204. اهڙي ڪچهريءَ تي الله پاڪ ۽ رسول خدا لعنت ٿا وجهن.
205. اسان جڏهن بيحد ملڪ ٽئين جهان ۾ وياسون ته ٻه ڪافيون لکيون سين. جنهن تي ذات ذوالجلال چيو ته تون به ڪلامن ۾ ڦاٿين جيئن سچل بيدل بلا شاهه ۽ ٻين عارفن ڳالهيون ڪيون آهن. ائين ڪندين تنهن ڪري تون ڪلام نه چئو مگر انهن عارفن جي گفتار جي پنهنجي گفتار ذريعي شرح لک. هيءَ شرح معراج کان چاليهه سال پوءِ لکيوسون.
206. جنهن دل ۾ الله جو ذڪر نه آهي سا دل برباد آهي.
207. جن کي عزرائيل ماريو آهي تن جون قبرون برباد ۽ تباهه آهن.
208. جن عزرائيل کي مات ڏني ته انهن جي قبرن جا هزارين محتاج آهن.
209. هڪ دفعي مقام جي ڀرسان لنگهيا ته قبرن ۾ پاسريون ۽ لاشن جا هڏا ٻرندا ڏٺاسي. اها هوسن جي باهه آهي جيڪا قيامت تائين نه وسامندي
210. جن الله ياد نه ڪيو ۽ هوسن جي قيد ۾ مري ويا تن جي قبرن ۾ باهه پئي ٻرندي
211. ڪامل عارف کي کپي ته جتي نفساني خودي هجي ته اتي بيخودي ڪرڻ نه کپي بيخودي جو قدر اکين وارن وٽ هوندو آهي.
212. جيڪي نفساني خودي سان انڌا هجن ته اتان هيٺاهين ڪري جند ڇڏائجي.
213. گڏاڻي ٻروچ هڪ دفعي چيو ته فقير تون الله ٿو سڏائين اسان کي الله ڇو نه ٿو ڏيکارين.
214. اسان چيس ته تون مڇي وانگر آهين رهين به پاڻيءَ سان گڏ ٿو ۽ پاڻي کي ڳوليندو ٿو وتين.رهين به الله سان گڏ ٿو ۽ سڃاڻين به نه ٿو.جي سڃاڻين ته الله ته پڌر تي آهي.
215. زماني جي ماڻهن کي الله جي گهر ئي ڪانهي هنن کي صرف دنيا کپي انهن کي گفتار به دنيا جي وڻندي.
216. گڏهه کي مشڪ جي قدر جي ڪهڙي خبر ته هن ۾ ڪهڙي خاصيت آهي.
217. جيڪو شخص ذڪر الاهي کان غافل ۽ هوسن جوپو ڄاري آهي سو ڏوهاري آهي.
218. جيڪو اهڙي ماڻهوءَ جي تابعداري ڪندو سو به ڏوهاري ليکبو.
219. جنهن جي دل ۾ الله جو ذڪر هلندڙ آهي ته ان کان گناهه جو ڪم نه ٿيندو ڇو ته هن جي دل ۾الله رهندڙ آهي. حديث انا جليس من ذکرني انيس من استانيس بي.
220. گمراهي سڀني خطائن جو منڍ آهي جنهن جي دل ذڪر کان خالي آهي سو هوس جي تابعداري ڪندو. اهڙي شخص جي تابعداريءَ کان قرآن پاڪ منع ٿو ڪري ته لاتطع قلبه اغفلنا عن ذکرنا.
221. سڌن جا تابعدار شيطان جا سپاهي آهن انهن کان الله بيزار آهي. قرآن چوي ٿو ته اُولائِکَ الَّذين طَبَعَ اللهُ عَليٰ کُلوبِهم وَتّبِعُو اهوائهم
222. دنيا جا ماڻهو حضرت رسول الله ﷺ جن خواه بين انبيائن کي چريو ۽ جادوگر چوندا هئا. پنهنجي بتن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. چوندا هئا ته محمد ڪريم ﷺ اسان کان ابن ڏاڏن وارو دين ڇڏائي نئون دين ٿو سيکاري.
223. رسول الله ﷺ انهن کان لات منوت ۽ عزيٰ جون پوڄائون لوهه جي ترار سان ڇڏيائون ۽ جڏهن رسول الله ﷺ هن وجود کي ڇڏي عرش تي ويو ته هتي اسان لاءِ لاجي ترار ڇڏي ويو.
224. دنيا جا ماڻهو ۽ انهن جا نفس شيطان ۽ دنيا بت آهن. هاڻي جن لاجي ترار نه وهائي ۽ ذڪر نه ڪيائون اهي لات منوت ۽ عزي جا پوڄاري آهن.
225. هڪڙي فقيرعارف با الله وٽ ٻه ڄڻا طالب ٿيڻ لاءِ آيا. ٻنهي کي چيائين ته مون تي ڪلمون پڙهو. مان هڪ شخص چوڻ لڳو ته مان توتي ڪونه پڙهندس ۽ هليو ويو . ٻيو شخص روئڻ لڳو ۽ روئيندي مرشد کي چيائين ته موکي گمان هو ته تون الله ج آهين پر لهي رسول ٿي پيو آهين جنهن تي مرشد آفرين چيس پوءِ ذڪر ڏيسائيند. ويساهه سبب واصل باالله ٿيو.
226. گادين وارن وٽ رڳو ڪوٽومل ويٺو آهي. انهن سڄي عمر رڳو خواب ۾به رسول ڪريم ﷺ ڪونه ڏٺائون جيڪر ڏسن ها ته الله جي خبر پوين ها.
227. گادين وارن کي خوديءَ ماري ڇڏيو.اهو گاديءَ وارو سيٽيو ويٺو هوندو آهي ۽ ٻيا سڀ سندس اڳيان ڪٻڙا ٿيا گهمندا وتندا آهن. انهن کي رڳو سکڻي وڏائي آهي. خواب ۾ان سائينءَ ڪڏهن شيطان به ڪونه ڏٺو آهي جي ڏسي ها ته سمجهي وڃي ها.
228. طالب ڪيترا به فقير هجن ته به سندن نفس رڳو فائدي جون ڳالهيون پيو پڇندو ته جيڪر گدرن جي واڙي پوکيان يا رائي يا ڪمند پوکيان جنهن مان دنيا پيدا ٿئي.
229. اڙي اها واڙ ي ۽ پوک ڇو نه ٿا پوکيو جنهن جا گل شهود آهن ۽ ميوا ۽ گدرا انا الحق جانعرا آهن. جو جڏهن اهو ڀڄي پوي ته سارو ملڪ کستوري ٿي پوي .
230. واصلي کي ذڪر جو ڀيرو ڪمائڻ گمراهي آهي وصل کانپوءِ ذڪر بيهي رهندو.جيئن نار ٺهڪڻ بيهي وڃي.
231. ذڪر غائب کي سڏ آهي. حاضر جو نالو نه وٺبو آهي. وصل وارو توحيد جي گفتار ڪندو جنهن مان ٻيا به ٻڌي فيض پيا پرائيندا.
232. فقير ڪماليت ۾پهچڻ کان پوءِ ٻه سال ماٺ ۾ رهندو آهي. پوءِ تمام گهڻي گفتار ڪندو.
233. فقير عارف جي ڳالهه جي اظهاري تي ماڻهو ساڻس جهيڙو ڪندا توحيد جي گفتار تي ماڻهو فقير سان فساد ڪندا.
234. ڇو ته ماڻهن هيءَ ڳالهه ٻڌي نه آهي. دنيا ۾ توحيد جو ٻڌائيندڙ ڪونهي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ به ڪونهي. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ وڏو فرق آهي.
235. فقير الله جي توحيد جي ملڪ ۾ وڃڻ وقت پاڻ گم ٿي ويندا آهن ۽ رڳو درياهه ٿي پون.
236. صوفي اهو آهي جيڪو ڇوليءَ مان ٻاهر نڪري جيئن رسول خدا ﷺ معراج ڪيو ائين هي به پرن کانسواءِ معراج تي اڏاڻو وڃي.
237. صوفي اهو آهي جيڪو الله سان زبان سان نه مگر روح سان ڳالهائي.
238. صوفي اهو آهي جيڪو پاڻ الله ٿي پوي ٻيو الله نه ڌاري جنهن جو الله ٻيو آهي اهو نفس جو قيدي آهي. مرد اهو آهي جيڪو پاڻ ٿي پوي
239. الله جي درگاهه ۾ ٻه پوشاڪون آهن (1) ڪرامت (2) ملامت.
240. اسان ملامت کنئين ڪرامت عشق جو حجاب آهي. نفس جو ڍئو آهي. ملامت سان الله پڌر تي آهي.
241. جيڪو توحيد ۾ گم ٿيو ته ان کي سڀڪو ڪافر ملحد سڏيندو . هن کي اهو ڍڪ هوندو. ان طرح هو عام خلق کان بچيل رهندو.
242. عشق شينهن آهي جيڪو ذات ۽ صفات کي کائي ٿو ڇڏي ظاهر ۽ باطن کي به کائي وڃي. هجي ڪو جيڪو ان معنيٰ کي سمجهي.
243. عشق اهڙي آفات آهي جو نه فراق نه وصال نه حال آهي. نه قال نه طالب نه مطلوب نه عاشق نه معشوق نه ذاڪر نه مذڪور.
244. نفس هن وجود ۽ معدي جو نالو آهي جيڪو ان جو چوڻ نه وٺندو اهو الله کي ويجهو ٿيندو ۽ الله ان کي ويجهو ٿيندو.
245. آدمي ذڪر سان محڪم ٿي پوي ته ڪوبه ڀوءُ ڪونهيس
246. جيڪڏهن ذڪر وسريل اٿس ته ڪو نه ڪو ڀوء اٿس.سڀني گناهن جا ڪم الله کي وسارڻ جي ڪري ٿين ٿا.
247. طمع خطائن جو منڍ آهي. طالب طمع ۾ ويو ته اونداهي ۾ ڪرندو.
248. صوفي جڏهن ڪمال کي پهتو ته سوال ۽ دعا گهرڻ کئون دنگ اٿس.
249. صوفي ملڪوت ۾ ويو ته پوءِ سڀئي حدن ۾ دعا گهرڻ ۽ ماڻهن کي سوال ڪرڻ بند ٿي ويندو.
250. هن بوتي جي اولي ۾ ڪتو نفس به ويٺو آهي ته ملائڪ به ويٺو آهي سڀڪو پنهنجي طرف ٿو تاڻي. ڏسجي ته ڪهڙو ٿو زور وٺي.
251. جي ڪتي نفس زور رتس ته پنهنجي ڳوٺ تحت الثريٰ ڏي گهلي ويندس جي ملائڪ زور ورتس ته عرش عظيم ڏانهن کڻي ويندس.
252. ساري جهان کي ان ڪتي نفس غرق ڪيو آهي مس ڪنهن ڪنهن وڃي ان کان جند ڇڏائي آهي.
253. هيءَ ڳالهه جيڪو دل سان ٻڌائيندو ته ان جي دل الله ڏي مائل ٿيندي ۽ ذوق وڌندس.
254. جيڪو ههڙي ڳالهه ڪنهن فقير جي واتان ٻڌي ته گوڏا ڀڃي الله جو ڏس پڇيس نه ته فقير جي تربيت کي طواف ۽ سجدا ڪري ته اتان فائدو ٿيندس.
255. هي عبديت جو چولو لوهه آهي. ان کي دل جي کوري ۾ وجهي اسم اعظم جني وڏاڻ سان ڪٽبو. دم جي ڦوڪڻي سان محبت جي باهه مچائبي پوءِ باهه جي جوش سان هن جو غير سڙي ويندو ۽ ڪٽڻ سان غير ڇڻي ويندس. پوءِ جڏهن غير صاف ٿيس. ته اهو لوهه فولاد ٿي پوندو.
256. فولاد مان لاجي ترار ٺهندي اها جنهن کي هڻبي تنهن مان پار ويندي غير کي ڪپيندي آسمانن مان به ڪونه اڙندي.
257. پوءِ فولاد نجي ذات آهي صفات ۽ غير خيال سڙي ويندس. باقي هڪ خيال ذات جو وڃي رهندو.
258. ٻيو به جيڪو ٻانهپ جي لوهه کي دل جي کوري ۾وجهي وڏاڻ مست ڪٽيندو ته اهو به فولاد ٿي پوندو. عرش ۾ به اڙيو نه رهندو.
259. فولاد مان جيڪا تار ٺهندي آهي ته ان جو آواز به ٻين کي مست ڪري وجهندو آهي.پوءِ اها تار هن بوتي جي تنبوري تي چاڙهي خيال جي آڱر هڻندس ته ٻڌڻ سان ٻيا به بيهوش ٿي پوندا
260. عبديت ۽ احديت جي حقيقت اها آهي ته جيڪو سڪ ۽ محبت سان ذڪر ڪندو ته اهو لوهه مان تار ٿي پوندو.لوهه عبديت آهي. فولاد احديت آهي. پوءِ طالب ٻليءَ مان شينهن شير خدا ٿي پوندو. ذات وڃي رهندي صفات سڙي ويندي.
261. فولاد جي تار مان اهڙو سُر پيدا ٿيندو جيڪو گرنار جي ڪوٽ تي وڃي پهچندو. گرنار جي ڪوٽ عرش عظيم آهي طالب جڏهن مدينته العلم جي دروازي تي اها تند وڄائيندي ته پوءِ اهو طالب مطلوب يعني مڱڻهارٻيجل آهي جيڪو سر کانسواءِ خالي نه موٽندو.
262. جيڪو طالب اها تند وڄائيندو سو راجا جو سر وٺندو.پوءِ راجا ۽ راڳي هر دوئي هڪ ٿيا. اتي طالب مطلوب ٻيئي پاڻ ۾ هڪ ٿي ويندا.
263. طالب جي ذڪر جو هر هڪ ڦيرو عرش عظيم جو طواف آهي يقين جاڻو اها اکئين ڏٺي ڳالهه آهي.
264. اسان هينئر توڙي هٿ ويٺا آهيون ته عرش ۽ عرش عظيم کي طواف ڪندڙ سڀ عاشق ۽ عارف هتان ڏسون ٿا.
265. عرش عظيم جو فرش اهڙو رنگين آهي. جو ان جي ڳالهه نه ڪبي.
266. عشق جي ڳالهه اهڙي آهي جو جيڪڏهن سربستي ڳالهه ڪبي ته زبان ڏري پوندي.
267. هڪڙي اسان جي صحبتي فقير کي ملان ڏس ڏنو ته زباني ذڪر ڪر. پوءِ هو زباني ذڪر ڪرڻ لڳو. ان کي لاابال مست آندل فقير چيس ته اڙي اندرئون وهه جو فائدو اندرئون ٿيندءِ.
268. اوهان جي حياتي بنا ذڪر جي به ختم ٿي ويندي. جيڪڏهن ذڪر ڪمائيندو ته پاڪ حياتي حاصل ٿيندوَ
269. جيڪڏهن ذڪر ڪمائندوء ته عرش عظيم به اوهان جو تخت آهي.
270. آدمي جي حياتي ائين آهي جيئن پاڻيءَ ۾ پتاشو ڳري وڃي. يا پيٽ مان هوا نڪري وڃي.
271. تون پاڻ ته سنڀار ته ڪاٿئون جو آهين ۽ ڪاڏي ويندين.
272. دل کي اسم اعظم جو راوات هڻ نه ته تنهنجي ترار ڪٽجي ويندي.
273. اڃايل کي ننڊ نڀاڳا بي حاصل ڪندا آهن.
274. الله جي سڀاڻي ڏسڻ وارو دلاسو صفا ڪوڙو اٿو جيڪڏهن ڌسڻو اٿو ته هت ڏسو سڀاڻي اهو انڌو، الله کي ڪيئن ڏسندو.
275. هي آدمي وڏي درياهه جا ڦڙا آهن. انهن جي سمجهائڻ لاءِ پنهنجو وزير موڪليائين.
276. وزير صاحب مدينه ۾ ميٽنگ ڪئي. سڀني کي گهرائي هدايت جو رستو ٻڌايائين.
277. هڪڙن کي عام رستو نماز روزي وارو ڏسيائين ۽ ٻين کي خاص رستو اسم اعظم رستي معراج ڪرڻ وارو رستو ٻڌايائين. جيئن سان پاڻ ذات ذوالجلال وٽ ايندو ويندو هو.
278. ڪي خاص ان رستي سان هليا ۽ حق جي درٻار ۾ وڃڻ ۽ عرش عظيم جا حقدار ٿيا، عامن مان به ڪن اهو چوڻ ورتو ته ڪن نه ورتو جن نه چوڻ ورتو سي دوزخ يعني تحت الثريٰ جا حقدار ٿيا.
279. مدينه ۾ وزير صاحب جيڪا اصلاحي ڪاميٽي جوڙي ان جو مک سربراهه پير موليٰ عليه السلام کي مقرر ڪيائين جنهن اهو خاص رستو چالو ڪيو.
280. عام رستي جا سنڀاليندو خليفا به مقرر ڪيائين.
281. عام رستي ۾ کائڻ پيئڻ اڇا ڪپڙا پائڻ حلال آهن. پنج وقتي نماز جي سنڀال خليفا ڪندا هئا.
282. خاص رستي تي هلڻ لاءِ اهل صفح وارا رهندا هئا. جن جي شادي قرآن پاڪ ۾ موجود آهي. ته للفقراءِ الذين احصرو في سبيل الله. الخ اهي اٺين پهر کاڌو کائيندا هئا اٺن پهرن مان ننڊ به هڪ پهرڪندا هئا.
283. انهن اهل صفحه وارن جي سار سنڀال ڪندا هئا ته ان کي پاڻ معراج به ڪرائيندا هئا. اهو پاڻ مان نڪري ملڪوت ۾ويندو هو.
284. انهيءَ خاص الخاص اهل صفحه واري جماعت کي هميشه ڪوڙ ٺڳي زنا چوري ۽ گمراهي ۾ گهڻي ننڊ جو روزو هو. هنن جو خيال سدائين سيني ۾ هوندو هو. هو ڏهاڪي يا چاليهي ۾ رهندا هئا.
285. جيڪو آدمي وجود جو ڍڳو ساقيءَ ڪوثر وٽ قربان ڪندو. اتي ان جو دين ڪفر به ان کان ڌار ٿيندو. پوءِ ذات حق وٽ ان جو عروج نزول پيو وٿيندو. فقير به ان کي چئجي.
286. حضرت رسول الله فرمايو آهي ته روزو ٽن قسمن جو آهي (1) عام (2) خاص )(3) خاص الخاص. عام روزو ظاهري روزو آهي اهو روزو سج جو پائبند آهي.هو روزو ته جهنگلي جانور به رکن ٿا، جو ڏينهن جو چار ئي پهر ستا پيا هوندا آهن ۽ اونداهه مهل نڪرن کائي پي وري باک ڦٽل مهل وڃي جهنگل ۾لڪن.
287. خاص روزو آهي ڪوڙ ٺڳي زان چوري کان پري هرڻ امر انهي تي قائم رهڻ.
288. خاص الخاص روزو اهو آهي ته ڪوبه غير خيال دل ۾ نه آڻڻ . دم دم سان الله جي ذڪر جي سنڀال ڪرڻ. دم قضا نه ڪرڻ.
289. جيڪو اهو روزو رکندو سو جسم مان نڪري جلد معراج ڪندو. صفات مان نڪري ذات وڃي ذات سان ملندي اها انتها آهي. ان کان وڌيڪ ٻيو ملڪ ڪونهي.
290. زماني جا ماڻهو ڍئو ڪري شڪرانا ڪن ۽ شاڪر خان بنجن پر انهن جي منهن ۾ نفس لانگ کينون مٽي ٿو. ڇو ته کاڌي تي شرانو نفس جي کاتي آهي.
291. حقيقي شڪرانو اهو آهي ته دم دم الله جي ذڪر سان هلي. اهو آهي الله جي نعمت جو شڪرانو دم نعمت الاهي آهي. هر هڪ دم ذڪر سان هلائڻ صحيح شڪرانو آهي.
292. ڍَوَ تي شڪرانو ڪرڻ جي معنيٰ اها آهي ته روزانو اسان کي اهڙا ڍَوَ ڪراءِ ته جيئن اسان جو نفس کائي پڃ ڪري. پوءِ اهو نفس جو شڪرانو آهي.
293. سڀني ماڻهن کي هوسن جي دال کائڻ ڪري ڀرتي ۽ بندش آهي جيڪڏهن انهن جي دل ۾ الله جي ذڪر جو حقنو ڪرائجي ته بندش کان ڇٽي پون ۽ حياتي به وڏي ٿئين.اهي جيڪڏهن حاذق حيڪم وٽ ايندا ته صبح يا شام مري ويندا.
294. اهو نفس بيابان جي چٻ آهي. ان ڪيترن جا پاڪائي جا لنگ ڦاڙي ڇڏيا ۽ کين گمراهه ڪري ڇڏيائين.
295. اهونفس ڪوري آهي جيڪو بوتي ۾ سڌن جي جوڙي ٿو اڻي هرهڪ تند سان عرش مان شاهه اعظم لعنتون ٿو وجهيس.
296. مرڻ کانپوءِ دنيا وارن کي اهو لعنت جو ڪفن ملندو. پيشماني جي ٽاڪن سان سبيل پائيندا. اهڙي پوشاڪ ۾ ويڙهي سيڙهي جهنم ۾ اڇلائيندن.
297. جيڪو اسان جو طالب سڏائي نفس جي تابعداري ڪندو ته اهو اسان جي درٻار مان لوڌيل آهي.
298. اسان مرشد ان جا ۽ هادي آهيون جيڪو اسان جي چوڻ تي هليو. ۽ پاڻ سڃاتائين.
299. جيڪو اسان جو طالب ٿي نفس جو تابعدار رهندو ته خبر نه اٿو ته اسان جو نالو واحد القهار آهي. ان کي جهنم ڏي موڪليو.
300. اهو نفس اولاد ۽ ٻچن جي تابعداري سيکاريندو آهي ۽ عارفن جي صحبت کان منع ڪندو آهي ۽ چوندو اٿن ته اهي سڃا آهن اوهان به انهن وٽ ويندوءِ ته سڃاٿي ويندوء.
301. نفس کي سمجهي ٿو عارفن وٽ منهنجي ڪهڻ جو هٿيار آهي تنهنڪري جهليندو اٿن ته جي انهن ڏي ويا ته منهنجي ٻيڙي ٻوڙيندا.
302. صوفن جي صحبت ۾ منهنجا ختما جماڻا ۽ عيش عشرتون بند ٿي وينديون.گهڻو کائڻ گهڻو ڳالهائڻ گهڻي ننڊ ۽ زال سان روزاني همبستري ڪرڻ به بند ڪرائيندا.
303. جيڪڏهن ان نفس کي ڪتا بڇائي مارائجي ته به ڪو گناهه ڪونهي ثواب آهي.
304. جيڪڏهن ڪٽو ڪافر ان نفس کي بي گناهه ماري وجهي ته به ان کان پلاند نه وٺجي.
305. اڃا به هن کي سٺو کاڌو يا حلوو کارائجي ته چڱو ڪيائين.
306. اهو نفس معدي جي مس ڪپڙي ۾ زير نافن جو نائو وجهي وهمن جي قلم سان دل جي پاڪ دفتر تي خراب ليڪا ٿو ڪڍي.
307. ان مس ۽ اکرن مان ڍونڍ جي ڌپ پيئي اچي انهن اکرن ۽ مسن تي مکين جا جهوم اچي ٿا گڏ ٿين. دل ۽ روح هن جي ڌپ کان دانهون ۽ فرياد ٿا ڪن.
308. هن جي لکڻ مان راڄ قيد ٿي ويا. جو اڳ ڪنهن ڪونه ورتس.
309. اهڙي حراميءَ ۾ جيڪو چڱائي جي اميد رکندو سو به حرامي آهي الخبيثٰت للخبيثين.
310. جيڪو ان مان پاڪائي جي اميد رکندو سو ڪڏهن به مسلمان نه ٿيندو. قلم لتن سان ڇٽي ڇڏيوس.
311. جيڪو ان به حوض ڪوثر جي ساقي جي ڀر وٺندو ته بچندو نه ته ان جي مڪرن راڄ گنوائي ڇڏيا.
312. اهو نفس ڍيڍ آهي جو حلال به کائي ته حرام به کائي ڪنهن ۾ اڙيو نه رهي. ان کي سئنکيي جي ٽڪي ڏجي ته ڀل ڳري مري وڃي.
313. جيڪو ان جو چيلو ٿيندو ته ان کي ويد شاستر ۽ نوڌکرڙا پيو پڙهائيندو.
314. رات جو به پنهنجي کنڌئي کان چيچن تي پيو ليکا ڪرائي.
315. مطلب ته هي جيئرو ڇڏڻ جهڙو نه آهي ڪنهن شهر ۾ قتل ڪرائي چوسول ۾ لٽڪائي خاص مردانو عضوو وڍي وات ۾ڏيئي ڇڏجيس ۽ پويان ڪِلو لنگهائجيس.
316. نفس جو منهن ڪارو ڪري شهر جي چئني ڪنڊن ۾ عضوو عضوو ڪري ٽنگي ڇڏجيس.
317. جيڪڏهن ماڻهو پڇن ته هي ڪير آهي ته چئجي ته هي ٻائو ٻڌ ٻٻوڪ جتي ستي جاهومل حرامي نفس آهي.
318. ڪامل مرد تڏهن ٿو ٿئي جڏهن هو حق جو وصال ٿو ماڻي.
319. ارمان آهي جهان جي ماڻهن جو جيڪي کائن پيئن الله جو ۽ چيو مڃين ان نڀاڳي نفس جو .
320. جڏهن اسم اعظم جي لذت آئي ته سڀ خلق کان بيزار ٿياسون. برادري جي اچڻ وڃڻ ختمن وهانون هندن جي طعامن ڌامن کان قسم کڻي ڇڏيوسين.
321. دنيادارن جو موت ڦڪڙي خواري ۽ سڪرات سان ٿيندو.هتان به وارنٽ سان ويندا ته اڳيان به اهوحال اٿن دنيا ڪابه مدد ڪانه ٿي ڪرين.
322. آدمي عرش تان لهي آيو آهي مگر اچڻ سان واڳونءَ جي وات ۾اچي پيو آهي.
323. هي نفس واڳونءَ مثل آهي ساروجهان ان جي وات ۾ غرق آهي.
324. هي لذات مزات عيش عشرتون سڀ واڳونءَ جو وات آهن
325. خاص ڪري ظاهر وارا پير بزرگ شيخ المشائخ ان واڳونءَ جي وات ۾ آهن ڪجهه غريب غربا به مطلب ته سڀني کي هن نفس ڳهي ڇڏيو آهي.
326. الله جي ذات بي پرواهه آهي. هت سيد يا ڪنهن به ذات جي پرواهه ڪانهي. مولاجي ملڪ ۾ جوکٽي سو کائي .جيڪو ان کي ياد ڪندو هو ان جو آهي.
327. جيڪو پوکيندو سو لڻندو. جيڪو پوکيندو ئي ڪونه سو لڻندو وري ڪٿان.
328. جنهن نه پوکي سو پنندو ته به لپ ان جي ملندس. پنڻ مان پوري. ڪانه پوندس.پوکي ها ته جيڪر هن جدر تان ٻيا اچي بنن ها.
329. الله جو ذڪر دم سان ڪمائڻ به هڪ قسم جي پوک آهي. ان جي پيدائش وصال حق جو حاصل ٿيڻ آهي.
330. الله جو دم سان ڪمائڻ ڪو جبرائيل جي گهوڙي جي سنبن واري مٽيءَ کان به گهٽ آهي ڇا جو ان مٽيءَ مان سامري گابو ٺاهيو هئائون اهو به ڳجهه جون خبرون ڏيندو هو.
331. جتي الله جو ذڪر هلندو اتان الله نه ڳالهائيندو ڇا ۽ اهو آسمانن جون خبرون نه ڏيندو ڇا؟
332. جيڪو عارف هڪ دفعي جسم مان نڪر اسم اعظم ذريعي نڪري معراج ڪندو ته اهو هري ويندو پوءِ هر دم ان کي معراج آهي.
333. جيڪو ان ڪماليت تي پهتو ته ان جي اک غوثن قطبن تي به نه پوندي. هاءِ هاءِ اهو فقير اهڙو لا پرواهه آهي.
334. ڪامل فقير اهو آهي جيڪو جسم مان نڪري حضرت رسول ڪريم جن وانگر معراج ڪري پوءِ ساري عمر اک ڇنڀ ۾ پيو ايندو ويندو.
335. سيد به ان ملڪ جي واقف کي چئبو آهي.اصلي ساداتن جو حق به اهو ملڪ آهي. مگر پوين. ٻوڙ پُلاءِ کائي عيش عشرتون ڪري اهو حق وڃائي ڇڏيائون.
336. حضرت رسول الله ﷺ جي فقيريءَ جو رستو ڏاڍو سولو ٺاهيو آهي. دم ته ائين به هلي ٿو. مگر صرف ذڪر جو خيال رکڻو ٿو پوي. زماني جي ڪم ڪار سان به پيو هلندو.
337. ڪن سالن کانپوءِ جڏهن طالب کي وصال ويجهو ٿيندو ته زماني تان از خود هٿ کڄي ويندس. قائم فقيري اها آهي.
338. چرين سودائن وانگر نه مگر هوش هواس سلامت هوندس. مگر معرفت جي وصال حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي في الحال ڪثرت کان آجو رهڻو پوندو.
339. جڏهن ڪماليت کي پهتو ته پوءِ اهڙو داناءُ ٿي پوندو جو زماني جي سموري بادشاهي هلائي ته به پرواهه نه هوندس.
340. اي طالب تون سڄو ذڪر ۾ گم ٿيءُ جوان مڙسي وارا چرچا ڀوڳ ڇڏي ڏي ته توتي حق جو راض ٿئي.
341. دنيا جي محبت ۽ دنيا لاءِ ڊوڙڻ ۽ دنيا وارن سان دوستي رکڻ سوئر سجي شڪار وانگر آهي جو شڪاري ڪتا به ڊوڙائن تڪليفان به ڪن. سوئر به مارائن مگر موٽڻ مهل سکڻا هٿين خالي گهر ڏانهن موٽن.
342. دنيا گڏ ڪرڻ جو اهو حال آهي جو گڏ ڪندڙ کي ان مان ذرو به نصيب ڪونه ٿيندو.
343. دنيا اها حلال آهي جيڪا خدا جي راهه ۾خرچ ٿئي پاڻ به کائي مسڪين يتيم به کائن.اها دنيا ٻيڙيءَ لاءِ پاڻي جي مثال آهي ڇو جو پاڻيءَ کانسواءِ ٻيڙي تري ڪين. سگهندي مگر اهو ئي پاڻي اگر اندر گڏ ٿيئس ته ٻوڙي ماريندس نه ته پاڻي ٻيڙي جو بچاءُ ۽ حياتي آهي ۽ موت به اٿس.
344. ٻيڙي هيءَ دل ۽ وجود آهي. دنيا به پاڻيءَ مثال آهي. خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيائين ته تاريندس جي صرف بند ۽ گڏ ڪيائين ته ٻوڙيندس.
345. اي ڪتاب جا پڙهندڙوء ۽ ٻڙندڙو عارفن جهڙوڪ بيدل فقير سچل فقير عطار ۽ حافظ سڀني عاشقن حُسن جي تعريف ڪئي آهي. ان مان ائين نه سمجهو ته ڪو مخلوق يا زائفان يا ڪنهن ڇوڪري تي تعريف ڪئي اٿن. اهي سڀ تعريفان ان شهنشاهه جون آهن جنهن هي جهان جوڙيو آهي. هي حسن وارا آدمي انهيءَ اعظم درياهه جا ڦڙا آهن .
346. فقيرن عارفن جي ڪيل تعريف سڀ ان سمنڊ جي تعريف آهي. هي جهان جي خلق سرون آهن ۽ هو قالب آهي.
347. عارفن عاشقن سر مارئي سسئي پنهون. هير رانجهو يا ليليٰ مجنون وغيره جا قصا پنهنجي نموني سان ڳايا آهن تن ۾ صرف پنهنجي سڪ جي ڳالهه ڪئي اٿن. انهن دنيا جي ظاهري عاشقن جي لڪ ۾ سسئي مارئي يا هير پاڻ ٿيا آهن پنهون ۽ رانجهو ذات ذوالجلال کي نسبت ڏني اٿن. کيڙا ڀيڙا ۽ سسئي کي منع ڪرڻ واريون سهيليون نفس ۽ نفساني خيالات آهن.
348. اُٺ هي دم آهن. ننڊ ۽ غفلت وارن دمن سان پنهون هليو ٿو وڃي. هي به جيڪڏهن سسئي وانگر ننڊ ڪندو ته الله هن کان به هليو ويندو.
349. جنهن ماڻهوءَ هماليه جبل ۽ درياهه ڏٺو هوندو سو هر هنڌ پاڻيءَ کي سڃاڻندو ڪڙئي کي ٻه درياهه چوندو.
350. جيڪو اسم اعظم ڪمائيندو سوئي هماليه جبل ۽ درياهه ڏسندو.
351. جنهن جوانيءَ ۾ پيريءَ ڏي خيال ڪيو سو يڪدم الله لهندو.
352. چاليهه ورهيه ٿيا آهن جو ذاڪر مان ڦري بي ذڪر ٿيا آهيون.
353. وصل کانپوءِ هڪ دفعي ذڪر ڪرڻ جي سڪ لڳي ۽ ذڪر جو هڪ ڀيرو ڏنو سون ته يڪدم عرش مان هڪل آئي ته توکي اڃا ٻيو الله ڏسڻو آهي ڇا جو اڃا ذڪر ٿو ڪمائين.
354. پر هلندڙ طالب ذڪر نه ڪمائيندو ته گمرارهه ٿيندو ۽ الله لهي نه سگندو.اسان هيءَ ڳالهه وصل تي پهتي کان پوءِ جي ڪئي آهي.
355. جيڪو ذڪر ڪمائيندو سوالله ڏسندو.جيڪوڳوليندو سو لهندو.
356. طالب کي پنهنجن سان به چريائي ڪرڻ کپي ته پوءِ ٻيا به لحاظ ڪندا.
357. اصلي اهڙو ڇو نه ٿجي جو جاجڪ کي به جواب ڏجي ته ٻانڀڻ کي به جواب ۽ اهڙو ڇو نه ٿجي جو سائين ٿي پئجي هي سڄو الله ٿي پوي
358. الله جو ذڪر قلب کي ائين صفا ڪندو آهي جيئن ڪهاڙي روهي تي تکي ڪبي آهي. ته پوءِ جتان هڻبي تتان پار ويندي.
359. الله جو ذڪر عرش جي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي.
360. ذڪر کانسواءِ هزار زاريون ڪندو ته به رسول الله ﷺ به ڏسي ڪو نه سگهندو. ذڪر الاهي رستو آهي.
361. رسول جي معنيٰ نياپو آڻيندڙ آهي. فقيرعارف الله جا قاصد آهن.
362. هي آدم سڄو حجاب آهي. اسم اعظم هن کي بي حجاب ڪري ٿو نه ته آدمي لاحجاب ڪونه ٿيندو.
363. آدمي جڏهن هن حجاب کان نڪرندو ته سڀ آسمان پڌر ٿي پوندس شاهه اعظم به پڌر تي ڏسندو.
364. اسان عشق جي ڪعبه وارو احرام روزازل کان به اڳي ٻڌو آهي. روزازل وارو ڏينهن به پوءِ ٿيو آهي.ان کان 300 ورهيه اڳي اسان اهو احرام ٻڌو هو روزازل ڪالهه ٿيو.
365. حقيقت ۾ انبياءَ ۽ اولياءَ ستار آهن. معرفت جو سج اهو ذات ذوالجلال آهي.
366. جڏهن طالب عارف جي دل ۾ اهو معرفت جو سج اڀريو ته ان دل تان ستارن جو آسرو محو ٿي ويندو. ان سج اڳيان ستارن جو نالو ئي نه رهندو.
367. جڏهن کان اسان جي دل ۾ اهو معرفت جو سج اڀريو ته اسان جي دل ۾ رڳو ان سج جي صحبت وڃي رهي آهي. ستارن جو احتياج ئي ڪونهي.
368. اي طالبو جيئن توهان هتان چوڏهين جو چنڊ ڏسندا آهيو تيئن اسان هينئر به اهو لم يزلي بادشاهه ظاهر ٿا ڏسون. توڙي توهان سان ڳالهائڻ ۾ مصروف آهيون.
369. زمين کان جيڪا اڳي ڪڪري هئي جنهن لاءِ حضرت رسول الله ﷺ حديث فرمائي آهي اها هاڻي به اسان ظاهر ٿا ڏسون.
370. ان ملڪ ۾ جنهن ۾ اسان ويا آهيون ان ۾ طرف اطراف ڪونهي. مگر به نسبت هن دنيا جي ان ڪڪري ءَ کي چوڌاريءَ احاطو آهي. اولهندي کان دروازو پايه پايه نموني اٿس.
371. جڏهن زمين آسمان ڊهي ويندا ته به اها ڪڪري ۽ ان جو مالڪ رهندا. بهشت دوزخ عرش ڪرسيءَ ۽ آسمان سڀ ڊهي فناءِ ٿي ويندا. كُلُّ مَنْ عَلَیْهَا فَانٍۚۖ(۲۶)وَّ یَبْقٰى وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلٰلِ وَ الْاِكْرَامِۚ . جو قرآن گواهه آهي.
372. جيئن جيئن طالب جي دل تي اسم اعظم وهندو تئين مرشد جو ادب وڌيڪ ٿيندس. جنهن مهل طالب جو ذڪر ڍرو ٿيندو ته طالب گمراهه ٿيندو. گمراهه آدمي بي ادب آهي.
373. اصل ۾ ادب عشق سيکاريندو آهي. جنهن وٽ عشق الاهي آهي سو اديب آهي.
374. خبر اٿو ته عشق الاهي ڇا آهي؟ اهو ذڪر الاهي خود عشق آهي.
375. اسان جا ويجها مٽ مائٽ اسان جي عشق جي فيض کان محروم آهن. جيڪي ويجها آهن سي پري آهن. جيڪي پري آهن سي ويجها آهن.
376. حقيقت ۾ اسان جا مائٽ به اهي آهن جيڪي ذڪر الاهي ۾ گم آهن غافل اسان جا مائٽ نه آهن.
377. ويجها پري ۽ پري ويجها ٿيا آهن. جيئن درياه جي ڀر ۾ نار چڙهندا آهن ۽ پري درياهه جو پاڻي به موڪ لائيندو آهي.
378. انبيائن ۽ اوليائن کان سندن مٽ مائٽ ان ڪري پري ٿيا جو هو حجتي ٿي پيا مائٽ ڪري سمجهيائون. روزانو ڏسي بي اعتبار ٿي پيا.
379. جيڪو عشق جي اسڪول ۾ ويو تنهن جو ڪثرت کان هوش کڄي ويندو دنيا سان ڪونه رلبو.
380. عشق جا ٻه اسڪول آهن(1) دهقاني يعني ڳوٺاڻو اسڪول ان جو استاد فقير عارف آهي.(2) ملڪوت ستين آسمان تي، جتي طالب وڃي مرشد سان گڏجي وڃي عشق جو امتحان ڏيندو آهي. پوءِ اتان من خدايم جي سندَ ملندس.
381. جيڪو مرشد واري عشق جي اسڪول ۾ ويندو سو ملڪوت ۽ عرش عظيم ۾ ويندو جيڪو دهقاني اسڪول ۾ نه ويو سو مٿي ڪيئن ويندو. جاهل ڪهڙا امتحان ڏيندو.
382. ماڻهو گهوڙا ته ڌارين ٿا. اٺئي پهر هنن جي خدمت پيءُ کان به وڌيڪ ڪن ٿا. اڙي اهو براق لا اُبال ڇو نه ٿا هٿ ڪريو جيڪو عرش جو سير ڪرائيوَ.
383. اسان جو ظاهري بوتو هت ٿا ڏسو مگر اسان جو براق لااُبال عرش کان به پري جولان ٿو ڪري. اسان جي براق جو عرش کان تحت الثريٰ تائين سير آهي.
384. غوث قطبن جي حد وڌ ۾ وڌ بهشتن تائين ٿيندي مگر عاشقن جي حد تمام پري آهي جتي ڪثرت اصل ڪانهي. فقير جتي ويا اتي بهشتن جو ڏس ئي ڪونهي.
385. قطب ستارو به اونداهي معمولي رهبري ٿو ڪري مگر سچ اڀرڻ کان پوءِ اهو به رئي ٿو ٿي وڃي.
386. ڀنگ ۽ نشيدار شين کان طالبن کي پري رهڻ گهرجي ڇو ته اهي خبيث عادتون آهن.
387. طالب کي جڳائي ته اندريون عادتون هٽائي ائين نه ڪري جو ٻاهريون عادتون به پاڻ ۾ وجهي.
388. وڏي واهه مان ترڻ لاءِ ڪپڙا لاهبا آهن ڪپڙن سوڌو وڃبو ته ٻڏي وڃبو.
389. هي بوتو به روح جو ڪپڙو آهي آسمان به عرش جي وحدانيت جا درياه آهن روح جو ڪپڙو بوتي وارو لاهبو ته تري وڃبو ته نه ٻڏي ويندو. هن ڀَرِ عشق جي ملڪ ۾ ٽپي نه سگهندو.
390. بوتي جو ڪپڙو اسم اعظم ڪمائڻ سان لهي ويندو آهي. بنا ذڪر جي اهو لهڻ سولو ڪونه آهي.
391. ورد وظيفا ۽ نمازون ۽ روزن سان اهو به بوتو ٿلهو ٿيندو ويندو. مگر لهندو ڪونه
392. ٻيا ذڪر به گهڻائي آهن مگر انهن مان هڪ سردار ذڪر آهي. جنهنجو نالو اسم اعظم آهي. اهو اسم اعظم الله هٿ ڪرڻ ڪاڻ ائين آهي. جيئن مڇيءَ ڪاڻ ڄار آهي.
393. اهو ذڪر ڪنهن ڀاڳ واري کي هٿ ايندو جنهن مان هو واصلي ٿيندو.
394. اسان ذڪر ڪمايو ته ان جي حد اتي ڏٺي سين جتي ساري ڪائنات جو دفتر آهي.
395. مرد عارف به اهو آهي جيڪو اسم اعظم جي حد ڏسي ۽ اهو ملڪ ماڻي.
396. هڪڙي بي خبر صوفي کان پڇيوسون ته تون اسم اعظم سان هوندي؟ تنهن تي چيائين ته مان اهو ذڪر ٻالڪپڻ ۾ ڇڏيو آهي. اسان چيس ته تو ته ذڪر کي ڇڏيو آهي. مگر اسم اعظم توکي ڪٿي ڇڏيو. اها حد ٻڌاءِ يا جَتَ جي پٽ وانگر تو ڪتابن جو کوڙ ڪري مٿان ٽپي ويو آهين. ۽ ماڻهن کي پڻهين ٻڌائي ٿو ته منهنجو پٽ سڀني ڪتابن مان ٽپي ويو آهي.
397. جڏهن طالب جو روح ذڪر سان واڳجي پيو ته ننڊ ۾ به ذڪر پيو هلندس.
398. طالب لاءِ رات جو زمين تي ويهڻ ۽ مراقبه ڪرڻ تمام فائديمند آهي. هيٺ ويهڻ سان نفس ذليل ٿئي ٿو ۽ روح طاقت ٿو وٺي ۽ آسمانن ڏانهن پرواز ٿو ڪري.
399. هيٺ ويهڻ سان ذات ذوالجلال کي تمام گهڻو رحم ٿو پوي.
400. طالب جو نفس بڇڙائي ڪري ته بک ڏجيس ۽ هيٺ ويهارجيس ۽ پنهنجي ويلي واري ماني ڪنهن ٻئي کي ڏئي ڇڏجي ته پوءِ نفس نرم ٿيندو ۽ سڌو ٿي پوندو.
401. طالب تي راءُ تڏهن راضي ٿيندو. جڏهن طالب جي ذڪر جا سڏ الله جي عرش کي تپائيندا. پوءِ عرش مان ذات ذوالجلا ل مقام محمود جي مالڪ رسول الله ﷺ کي حڪم ڏيندو ته ان طالب جي سڏن تپايو آهي. ان کي هيڏانهن گهرايو ڇو ته اوهان جو مسلمان امتي آهي.
402. پوءِ اهو حڪم جبروت مان رسول الله ﷺ جي روح مان نڪري ملڪوت واري بادشاهه ڏي ايندو پوءِ اهو ملڪوت وارو صاحب طالب جي مرشد کي گهرائي حڪم ڪندو ته ان طالب جو توتي ويساهه آهي. ان ڪري تون هيڏي درگاهه الاهي ۾ وٺي اچينس. پوءِ هن کي مرشد وٺي ويندو.
403. پهريائين هڪ هفته اڳ ۾ طالب کي فاينما تولو فثم وجه الله ذات جي صورت اظاهري ٿيندي پوءِ مرشد وٺي هن کي خوني درياه ۾ غوطا هڻائيندس.
404. پوءِ جيڪو ان ملڪ ۾ويو سو ڪڏهن ڪونه مرندو. قيامت تائين جيئرو رهندو.
405. جيڪو به آدمي اسان جي صحبت ۾ ايندو ته اهو به قيامت تائين نه مرندو.
406. جيڪو اعتبار ڪري ته ائين آهي. جتي اسان ويا آهيون اتي موت جو ڏس ئي ڪونه آهي.
407. جيڪڏهن ريڌا ويٺا آهيون ته واهه نه جيڪڏهن هوڏي خيال ٿا ڪريون ته رڳو اک جي ماڻڪي مٿي ٿا ڪريون ته لامڪان جي تخت تي ٿا ڪريون.
408. اسان عرش کي ائين ٿا ڏسون جيئن هٿ جا ليڪا چٽا ٿا ڏسون.
409. جنهن وقت کان معراج ٿيو آهي. تڏهن کان جنهن به عارف جي مقبري وٽان لنگهڻ ٿيندو آهي. ته اهو ميل کن پنڌ اڳتي اچي استقبال ڪندو آهي اهو ڪو عشق جو اصلي قائدو آهي.
410. اڙي جبرائيل ته هت عرش جي اوريئون آهي. اسان فقير اتي ويا آهيون جتي عرش ڪرسي به نه آهي. فقير بيحد ملڪ ۾ ويو آهي. ان ملڪ جي نالي جي ڪنهن کي به خبر نه آهي ۽ ان ملڪ جي حد به نه آهي.
411. جيڪي جسم جي قيد ۾ رهجي ويا سي هت به قيد ۾ ته هت به قيد ۾ ۽ الله جي ديدار کان بي حاصل هوندا.
412. جيڪي جسم جي قيد مان نڪتو سو لاقيد آهي.
413. مڙس اهو آهي جيڪو ٻه ڀيرا ڄمي حضرت رسول الله ﷺ حديث ۾ فرمايو آهي ته هڪ دفعي ڄمڻ ماءُ جي گرڀ مان نڪرڻ آهي. ٻيو دفعو ڄمڻ اسم اعظم جي طاقت سان جسم مان نڪرڻ آهي. بوتي مان نڪري آسمانن ڏانهن عروج ڪرڻ آهي. ٻن دفعن وارو ڄمندڙ امير آهي.
414. جيڪو ٻه گهمرا نه ڄائو ۽ هڪ گهمرو ڄائو سو اسير آهي.
415. جنهن جي پويان ڄڃ هلي اهو گهوٽ آهي.
416. گهوٽ کانسواءِ ڄاڃي تماش بين هوندا آهن.
417. نفس ٻهراڙيءَ جي ڪتي وانگر آهي. جيڪو لٺ سان وٽائنس لنگهيندو سوجان ڇڏائي ويندو. جنهن کي لٺ ساڻ نه هوندي ته ان کي ڏاڙهي کائي ويندو.
418. ان ٻهراڙيءَ جي ڪتي لاءِ ذڪر الاهي لٺ آهي جيڪو ذڪر کانسواءِ آهي سو بنا لٺ جي آهي کاڄي ويندو.
419. جن فقيرن معراج محمدي ڪيو آهي تن جي صحبت ڪرڻ خودي الله جي صحبت آهي.
420. دين اسلام جون ڳالهيون تمام سوليون آهن جيئن ٽي ڪاسا ان هڪ روپئي ۾ ملي مگر آسماني معراج تمام اوکو آهي. حقي مسلمان به اهو آهي جنهن معراج ڪيو آهي نه ته ٻيا زباني مسلمان آهن.
421. وهم ۽ دليل سڀ الله جي اڳيان منڊا آهن مگر اهو جواب ڪير ڏيندو ته احد احمد ۽ محمد ڪهڙي حد وٽان جدا ٿيا.
422. آدمي جيستائين ٻانهو آهي تيستائين موچڙن هيٺ آهي.
423. هڪ دفعي ريل گاڏيءَ ۾ مريدن وارو سيد مليو پڇيوسونس ته ڪير آهين چيائين ته سيد آهيان چيوسونس ته سيد ٿي آهين يا نه سمجهو هو چيائين ته نه.
424. جيڪو الله تي عاشق آهي اهو صحيح سيد آهي جيڪو عاشق نه آهي سو سيد نه آهي.
425. مرشد وٺڻ جي لائق به اهو فقير آهي. جنهن جسم مان نڪري رسول ڪريم ﷺ وانگر معراج ڪيو هجي
426. هڪڙو اکين جو حڪيم آيو پڇيوسونس ته ماڻهن جو اکيون تون ٺاهيندو آهين چيائين ته هائو پڇيوسونس ته آسمانن کان پرتي عرش عظيم تائين ڪهڙي حقيقت آهي. زبان بند ٿي ويس چوڻ لڳو ته مون کي خبر آهي پوءِ چيوسونس ته جي تنهنجون اکيون ئي تکيون نه آهن ته ٻين جو اکيون ڪهڙيون ٺاهندين.
427. اسان چيس ته فقير تي اهڙي عنايت آهي جو اسان کي عرش جا منار ۽ حاطي جا ڪنگرا هتان ڏسڻ ۾ ٿا اچن چوين ته ڳڻي تعداد ٻڌايونءِ
428. عاشقن عارفن جو قتل ٿيڻ ٻن قسمن جو آهي. هڪ آسماني ستين طبقه تي ملڪوت ۾ موتو وارو روحاني قتل جسم ۾ ڪارگر شيءِ روح آهي. جو هزار دفعا مري ۽ زنده ٿئي ته به باطن وارو اهو ئي هوندو.
429. ٻيو قتل جيڪو فقير عارف کي ڪو ظالم بوتي ۾ قتل ڪري وجهي.پوءِ اهو ظاهر باطن قتل ٿيو.
430. عاشق عارف سچل بيدل ۽ ڀٽائي صاحب وغيره ٻڌو ٿا اهي باطن ۾ قتل ٿيا جو اڄ تائين جيئرا آهن.
431. هتان وارن ماڻهن کي عشق جي ڳالهه ٻڌڻ تي عجب ٿو لڳي جو هنن ڪا شيءَ اڳ نه ڏٺي آهي نه ٻڌي آهي.
432. افسوس جو اهي غير علائقه وارا ماڻهو به سنڌ جي ڳالهه ٻڌاندا آهن مگر هتان جي ماڻهن کي عرش جي ڳالهه جي به سڪ ئي نه آهي.
433. جيڪو ڏينهن جو جنهن ڌنڌي سان هوندو ته رات جو به انهيءَ ئي خيال سان هوندو.
434. جيڪو ڏينهن جو به ذڪر سان رهندو ۽ سومهڻي مهل ذڪر اسم اعظم هلائي هلائي سمهندو ته ان جو روح به ننڊ ڪئي کانپوءِ به ذڪر ڪندو رهندو.
435. جيڪو بوتي مان آواز ٿو ڪري سو روح جو آواز آهي جيڪڏهن اهو آواز بوتي جو هجي ها ته مرڻ کانپوءِ به بوتي مان آواز اچي ها.
436. هڪ دفعي اسان جو طالب اسان وٽ رات رهيو. اڌ رات مهل ڏٺوسون ته هن کي ننڊ هوندي سندس سيني مان ذڪر اسم اعظم جو آواز پي آيو جيئن ڏاڍيان زبان ذڪر ڪبو آهي.
437. اڙي اوهان اسانکي شَرُ ڪري سمجهيو آهي.بوتو ڏسي نه ڀلجو. لامڪان وارو ملڪ اسان کي آئينو آهي عرش ڪرسي به اوري آهن اسان جو عروج پري آهي.
438. اڙي اوهان ذات ڏسي نه ڀلجو ڇو ته رسول الله ﷺ بت پرستن وٽ نه پيدا ٿيو هو ڇا؟ مگر الله اثبات هيس. انا احمد بلا ميمي جو نعرو هنيون هئائين.
439. چاليهه ورهيه ٿيا آهن ته ڪوبه ذڪر ڪونه ٿا ڪمايون جو ذاڪر مان ڦري مذڪور ٿيا آهيون عبد مان معبود ٿياسون. ذڪر ۽ مراقبو عبد تي لازم آهن.
440. جيستائين طالب عبد آهي ته ذڪر لازم اٿس.ذڪر مان انتها تي پهتو ته الله ٿي پيو. پوءِ الله ڪنهنجو ذڪر ڪندو.
441. طالب جڏهن دوئي مان آزاد ٿيو ته زير بالا عرش ڪرسي دنيا عقبيٰ ۾ الله آهي. جيسين ٻيو هو تيسين ٻيو پي ڏنائين.
442. جيڪڏهن ڪنهن سان اٽو به هجي ۽ پچائي نه کائيندو ته بک ڪانه لهندس. طالب به ذڪر نه ڪمائيندو ته سيني وارو پيل ذڪر ڇاڪندس.
443. جيئن ڪوبه هٿيار ساڻ به هجي ۽ استعمال نه ڪبو ته ڪهڙو فائدو ڏيندو.
444. جيئن ڪنهن سان سئنکيي جا ٻه تولا کيسي ۾ پيا هجن ۽ کائيندو نه ته زهر اثر ڪونه ڪندس نه ڪي زهر جي ذائقه جي خبر پوندس.
445. اهڙي طرح اسم اعظم جو ذڪر به نفس لاءِ زهر آهي، جيڪو کائيندو تنهن جو نفس مرندو. پيئي هنڌ زهر اثر ڪونه ڪندس.
446. هي آدمي الله جو پاڇو آهي. پاڇي جي شڪل به آدمي جهڙي هوبهو هوندي آهي.
447. آدمي الله سان ائين گڏ آهي، جيئن ماڻهوءَ سان پاڇو گڏ آهي.
448. طالب جو ذڪر ڍور ٿيندو ته مئي نفس کي ساهه پئجي ويندو.
449. مئو نفس اٿيو ته پرهيز ڀڃي وجهندس.
450. اهو نفس اٿيو ته چوندس ته کلو گهٽ يا وڌ ٻئي راڄ سنئون کائي وينداسين ۽ پاڻهيئي رسول الله ڇڏائيندو.
451. نفس جا دلاسا اهڙا آهن ڄڻ دستاويز لکي ٿو ڏئينس اهڙي پڪ ڏيئي بڇڙا ڪم ڪرائي وجهندس.
452. اسان طالبن کي الله جو رستو ڏسيون ٿا سندن مئل دل فڪر الاهي سان جيئري ٿي پون ٿي. پوءِ به جيڪڏهن جهنگ ڏانهن هليو وڃي ته وڃي گمهراهه ٿئي ۽ وڃي بگهڙ کائنس پوءِ پاڻ ڄاڻي.
453. اسان جو اهو انجام آهي ته جيڪو به اسان جو طالب آهي پوءِ کڻي غافل به ٿي پوي مگر زنا نه ڪري ته مرڻ مهل اسان ان جي حمايت ڪنداسين. ان وٽ حاضر ٿي کيس قبر جي پڇاڻي ۽ کلن کان ڇڏائينداسونس. ذڪرڪمائيندو ته الله ڏسندو نه ته به قبر ته آزاد ٿيندس.
454. جيڪو طالب جسم مان نڪري ملڪوت واري منزل ۾ هفته تائين طواف ڪندو ته اهو پروانو آهي ۽ ملڪوت شمع آهي.
455. ملڪوت ۾ پروانگي ڇٽي پوءِ جبروت ۽ لاهوت ۾ هڪ هڪ دفعو طواف آهي جوپرواني مان شهباز ٿي پوندو ۽ سندس هر هڪ پر عرش کان تحت الثريٰ تائين ٿئي ٿو عاشق جي انهن پرن جو واڪو اهڙو ٿئي ٿو جيئن ڏهن پندرهن جهازن جي گڏجي اڏرڻ سان ٿيندو آهي.
456. ماڻهو ڪتابن يا معراج جي ڳالهه پڙهي ڏکي ٿا سمجهن مگر اسان کي هيئر به آئيني وانگر اکين اڳيان آهي. هتان ويٺي ٿا سڀڪجهه ڏسون.
457. جيڪو ڪنهنجي ملڻ لاءِ وڃي سندس دڳ تي وينهندو ته اهو ساڻس ضرور ملندو.
458. اسم اعظم ڪمائڻ ائين الله جي دڳ تي ويهڻ آهي. جيڪو نه ڪمائيندو ته اتي پيو ٿاٻا کائيندو،
459. اي طالبو ارمان ڇو ٿا ڪريو. اهو ملڪ ڪو پري آهي ڇا. مڙس اهو آهي جيڪو وڃي ڏسي .
460. جيڪو رن جي انجام تي وڃي ويهندو آهي ته اها زائفان ترارن مان به ان وٽ اچي نڪرندي آهي.
461. جيڪو سڪ ۽ صدق دل سان الله جي ڪاڻ ويهندو ته الله ان سان نه ملندو ڇا. هو الرحمان الرحيم ۽ ارحم الراحمين آهي سو طالب وٽ ڪيئن نه انيندو.
462. خبر اٿو ته الله جو طالب سان انجام ڪيل آهي ته ونحن اقرب اليه من حبل الوريد وفي انفسکم افلا تبصرون. وهو معکم اَينَ مَاکُنتُم. پوءِ اهڙو ويجهڙو سڪ وارن طالبن سان ملندو ڇا؟
463. طالب رات جو جاڳي ذڪر سان ٿو رهي ته ڄڻ اهو خزانو ٿو گڏ ڪري. پوءِ جڏهن اهو سندس خزانو زور وٺندو ته اڀري وڃي عرش واري خزاني وٽ پهچندو. پوءِ ڦڙو درياهه ۾ ملي درياهه ٿي پوندو.
464. چٻ اڏامڻ جي ڍري آهي مگر رنگ روپ باز جهڙو اٿس. هن جو شڪار ڪوئا آهي.
465. عارفن جا گادي نشين پوشاڪ به عارفن جهڙي ٿا پائين مگر هو پاڻ سدائين چٻ وانگر سڌن جا ڪوئا ٿا مارين ۽ نفساني خيالن ۾گم آهن.
466. مريد ايندن ته چوندن ته فلاڻي اُٺ ڏنو فلاڻي مينهن ڏني. اهڙا اثر وجهي انهن کان به ڏن وٺندا آهن وري بنگلو يا ڀت اڌ ۾ رنڊائي ڇڏيندا آهن ته ابا پئسو ڪونه آهي ائين پيا غريب ڦريندا ۽ نفس کي پيا پاليندا.
467. اهڙن گادي نشين جي مريدن مان طالبن کي ڪوبه چاڙهو ڪونه ٿيندو.
مصرع
اوخوشين گم است که رار هبري کند
هو پاڻ ئي گمراهي جي کوهه ۾ پيل آهن ٻين کي ڪهڙو ڪڍي سگهندا.؟
468. فقيريءَ جا پنج اصول آهن (1) خلوت دراجمن، فقير ڪچهري ۾ هجي ته به ڄڻ اڪيلو آهي. پاڻ م گم رهي. (2) سفر در وطن گهر رهي ته به مسافر ٿي رهي(3) هوش در دم دم جي ذڪر ۾ خيال هجيس (4) نظر در قدم صرف کڏ کوٻي کي نظر ۾ رکي رستي وارن ڏانهن به نه نهاري (5) ياد کرد باز گشت ٻيو سڀ ڳالهيون وساري صرف خدا جو ذڪر ياد ڪري. خدا ڏي موٽي پوي ۽ حق سان واصل ٿئي.
469. صوفي اهو آهي جيڪو جيئن الله ڏانهون پاڪ آيو هو تيئن الله ڏي پاڪائي سان موٽي وڃي.
470. اسان نوَ ورهيه طلب ۽ ذڪر سان رهياسين ته هڪ دم به قضا نه ڪيوسي. تڏهن مقصد کي بهتاسي. نوَنِ. ورهين ۾جنهن ڪتاب کي به نه پڙهيوسي. ان عرصي ۾ اسان جا ڪتاب اڏايهي کائي ويئي مگر وصل کان پوءِ سڀني عارفن جا ڪتاب سرڪار ايزديءَ ڏياري موڪليا. پوءِ جنهن ڪتاب ۾ کڻي ڏسون ته اسان جي ڏٺل ملڪ جي ڳالهه هئي.
471. علم واري کي الله ڏي هلڻ سولو آهي. ڇو ته ظاهري علم کيو ته باطني علم مکڻ آهي.بنا کير جي مکڻ نڪرڻ محال آهي.
472. ظاهري علم واري کي مرشد جي شناس ۽ معرفت ٿيندي ظاهري علم مونجهه ۾ طالب جي مدد ڪندو. عارفن جا ڪتاب پڙهندو ته مدد ملندس.
473. ان الله جي ذڪر ۾ عرش جي نوراني وڄ پيل آهي. جنهن جي ڪري درد حال ۽ وجد پيدا ٿيندو آهي.
474. طالب کي کپي ته ذڪر هلائيندو رهي ته پاڻيهئي ڪثرت سان هٿ نڪري ويندس. پاڻ نه ڇڏي جي شروعات ۾ ڇڏيندو ته ساڳيو لڙي پوندو ۽ پشيمان ٿيندو.
475. ڳالهين ڪرڻ سان سڌون بند ڪونه ٿينديون آهن. مگر ذڪر ڪمائڻ سان ختم ٿينديون آهن. ذڪر الاهي اندرئون سڌن کي پيو ڪپيندو.
476. فقير جڏهن وصل ۾ ويو ته ڳالهائڻ کائڻ ۽ خلق جي رغبت پاڻهئي ڇڏي ويندس.ضرورت جو کائيندو ضرورت جو ڳالهائيندو.
477. هي نفس الله جي ذڪر کان اهڙو گوسڙو آهي جيئن ڪلهوڙي بادشاهه جت کي سئو موچڙن هڻڻ جو حڪم ڪيو کيس موچڙن هڻندڙ اسي تائين پهچي ته ڦٿڙائي وڃي . وري پوڇاٽي. وٺي اچنس ته وري ساڳيا منڍ کان موچڙا هڻڻ شروع ڪنس.
478. توحيد ڳالهائڻ ان کي جائز آهي جيڪو وحدانيت جي درياهه ۾ ٽٻيون هڻندڙ هجي. جو هر هڪ ٽٻي سان موتي ڪڍندو هجي ان جي ڳالهه به اثر واري هوندي ٻئي جي اثر نه ڪندي.
479. عشق جو ملڪ ٽيون جهان آهي اتي ڪي کاهوڙي ايندا. کاهوڙي ان کي چئبو آهي جيڪو الله جي پنڌ ۾ جان جلائي.
480. پاڪائي سان نماز پڙهڻ ملائڪن وارو درجو آهي. اهي نمازي ٻئي جهان جا رهاڪو آهن.
481. آدمي بنا عبادت جي گڏهه آهن. ڇڙن ته دوگارا هڻي گڏَهِنِ جي پويان ڊوڙندا وتن.
482. شاهوڪار ماڻهو موتي ۽ لعل ڀاڻ جي ڍير ۾ پوريندا آهن. حديث: اِنَّ اُولِيَائِي تَحتَ قِبَائِي لاٰيع رفُهُم غَي رِي” يعني منهنجا پيارا چادر ۾ڍڪيل آهن. انهن کي مونکان سواءِ ڪير نه سڃاڻي يعني پياري شيءَ لڪل هوندي آهي. اتي لڪائبي جتي ڪنهنجو گمان به نه وڃي.
483. صوفي فقير ڪافور وانگر آهي. جيئن ڪافور کي موڪليائون ته هوا کي وٺي اچ. ڪافور ويو ته پاڻ هوا ٿي ويو. صوفي به الله کي ڳولي ٿو پر جنهن وقت الله کي ڏسي ٿو ته پاڻ ڪافور وانگر گم ٿي وڃي ٿو پاڻ لڀي ئي نه ٿو.
484. جنهن صوفيءَ کي ان ٻڌل ڪافر نفس جو چڪ پيو ته ڪونه اسرندو. ذڪر واري ترار به ڇڏائي ويندس. صوفي کاڌن پيتن ڏي لڙيو ته نفس جو چڪ پئجي ويندس.
485. جيئن ڪي ماڻهو ٻيلي ۾ سوئر جوگهٽ جهلي بندوق سان ماري ڇڏيندا آهن ائين جڪيو به نفس جي تاڙ ۾ رهي ذڪر جي بندوق سان ماري وجهندس ته اهو عاشق عارف آهي.
486. صوفي اول خواه آخر الله آهي. ماڻهن جي نظر رڳو بوتي جي چولي تي ٿي پوي.
487. جنهن جي دل دم واري ذڪر سان روشن آهي تهنجو وجود به روشن آهي.
488. سوئر جو ٻچو ضرور ڦاٽ کائيندو ٻي ڪهڙي ٻولي ڪندو دنيادار نفس جي اولاد به اهڙي هوندي ٻي ڪهڙي ٿيندي.
489. معراج کانسواءِ جيڪو فقيري جي دعويٰ ڪندو سو ڪوڙو ۽ لعنتي آهي.
490. اسم اعظم جو ذڪر ائين آهي جيئن ڀاڻ جي کوڙ ۾ چڻنگ پي ته ڊانڍ ٿي پوي. طالب جي وجود ۾ ذڪر سان مچ ٿي پوندو آهي.
491. جيڪو ساري رات جو جاڳي ٿو سو نيٺ وڃي حق جي ويجهو ٿيندو.جيڪو ساري رات سمهي ٿو سو گمراهه ۽ ڪافر آهي.
492. کوري ٻارڻ لاءِ هزار گاڏيون ڪاٺ جون هجن، ۽ مزدور هوريان هوريان ڪاٺي ڪاٺي ڪري کوري لاءِ به سئو گاڏيون ڪاٺ جون هجن ۽ اهو ٻل برجستا همراهه اٺ پهر لڳاتار ٻاريندا ته کوري مان باهه ٻاهر نڪري پوندي کورو به پچي لال ٿي پوندو.
493. هي دل به کورو آهي جيڪو طالب هوريان هوريان دم ڪمائيندو ته ان کي ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو. اهو طالب رحمن الرحيم جو لائق آهي مگر الله جو لائق نه آهي .
494. اگر طالب دم تيزيءَ سان ڪمايو ته اٺين ڏهين ورهيه طالب الله پوندو.
495. سوال طالب امين فقير جيڪو” راقم الحرف جو بابو هو“ چوي ٿو ته کوري جي ڀت ڇڄي ڏاريون ڏاريون ڪري وجهي ۽ ڀت جو پنهن جي سر تي ڪرڻ جو خوف هجي ته ڇا ڪجي؟
496. جواب ته اهڙي ڇنل کوري جي ڀت کي عارف عاشق جي صحبت جون پشتيون هڻائجن ته ڀت ڏاڍي ٿئي، ۽ کورو به پچي پوندس.
497. دم جي وڄائڻ وارو سروز سڀني جو سردار آهي. سروزن ۾ نڙ بادشاهه آهي ۽ الغوزه يعني وزير اٿس.
498. حضرت رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته ساري جهان جا آدمي آب حيات ۾ ٽٻيون ٿا هڻن. مگر ڪنهن کي به اتان ٻڪ ڀري پيئڻ جي طاقت نه آهي. جيستائين مرشد ڪامل جي هٿئون نه پيئندو. تيستائين بي نصيب رهندو.
499. شريعت ڇا آهي اونداهي جهڙي رات آهي. جيڪو ان ۾ ٿوهلي ته ساري عمر ڍومان ۽ ٿاٻا کائيندو ٿو وتي. جڏهن نراڙ ۾ ڪو بنڊ لڳس ته رت وهائيندو وتندو. اهو بنڊ ڇا آهي. اهو مذهب جو ٿڏو آهي جيڪو خدا کان غافل ۽ گمراهه ٿو رکيس.
500. طريقت ستارا آهن. جيڪو انهيءَ سان هلندو ته آخر حقيقت جو چنڊ ڏسندو. اگر اڃا به محنت سان تکو هلندو ته معرفت جو سج اڀرندس. سج اڀريو ته جند ڇٽي پوندس. پوءِ اهو لاخوفهم عليم ولاهم يحزنون رهندو. سج اڀريس ته وري قيامت تائين نه لهندس.
501. دنيا جو جهان درياهه آهي هن ۾ طالب سيڻه تي ترڻ وارا آهن جيڪي دم سان سيڻه ڦوڪي هن درياهه مان تري ٿا وڃن.پوءِ جيڪو سيڻه ڦوڪي درياهه مان هلندو ته پار ٽپي ويندو. جنهن کان ان سيڻه جي نڙي وات مان نڪري ويئي ته سيڻه جي هوا نڪري ويندي ۽ هو پاڻ ٻڏي ويندو.
502. دنيا جي ماڻهن کان دم واري سيڻه ڦوڪڻي خالي ٿي ويئي آهي سو مئي کان پوءِ جلد فناءِ ٿي ويندا. هنن جو نالو ئي گم ٿي ويندو. شيخ مشائخ پير بزرگ جيڪي ڏسو ٿا انهن جو اهو حال آهي ذڪر جو وسرڻ سيڻه جو خالي ٿيڻ آهي. دل سيڻه جي مثال آهي.
503. وذکر ربک في نفسک اهو دم وارو ذڪر ئي دل کي ڦوڪي ڀريندو آهي جنهن اسم ڪمايو سوئي معنيٰ جو معراج ماڻيندو ٻيا مڏي مري ويندا.
504. تکي ذڪر ڪمائڻ واري طالب جي معراج جو مرشد ضامن آهي. جيڪو ذڪر کي وساريندو. ته ان جو ضامن سندس نفس آهي. جنهن الله جو ذڪر پڇي پوءِ پٺيءَ پويان اڇلي ڇڏيو ته ان کي نفس تحت الثريٰ ۾ اڇليندو.
505. حقيقت ۽ مجاز پاڻ ۾ ڀائر آهن. وڏو ڀاءُ حقيقت ۽ ننڍو ڀاءُ مجاز آهي جيئن ڪنهن جو شينهن ڏٺل نه هجي ته ٻليءَ کي ڏسي ڇو ته ٻلي به شنيهن جي مهانڊي آهي. هيءَ ڳالهه اهو سمجهندو جنهن محبوب هٿان جام پيتو هوندو.
506. سوناري ڪنهن به ڳهه مان ٺاهڻ لاءِ چانديءَ کي پهريائين نالي ۾وجندو آهي جنهن مان الف ٺهي پوندو آهي. جنهن کي ڪرسي چوندا آهن پوءِ الف مان هزارين زيور ٺهي پون ۽ محبوبن جي سينگار جي ڪم اچن طالب به ذڪر اسم اعظم سان جڏهن الف ٿي پوندو ته پوءِ هر صورت ۾ سمائجي ويندو. جاڏي ڪاڏي زمين زمين عرش ڪريسيءَ ۾ پاڻ کي ڏسندو.
507. جيئن پاڻي ڄمي برف ٿيندو آهي تيئن الله به پاڻي وانگر ڄمي پيو. پوءِ نالو آدم ٿي پيس. اهو ذات حق پاڪ وڏو بادشاهه ذات ڪبريا جيڪو آهي سوبه آدم جي هر صورت آهي. پر ان وڏي شاهه کي خاڪي وجود جو هٿ پئجي نه سگهندو آهي جيئن ماڻهو جو مرڻ وقت دم يا روح نڪري پوي ته ان کي به هٿ وجهي جهلي نه سگهندو.الله عامن لاءِ بي مثل آهي خاصن لاءِ با مثل آهي.
508. ڄميل برف ٻوريءَ ۾ کڻبي ته گهٽ ڳرندي هن برف جو ٻورو بوتو آهي. بوتي کانسواءِ پگهري پاڻي ٿي ويندي.
509. ننڍو ٻار چئن پنجن سالن تائين ڪشف پيو ڪندو آهي مگر جڏهن نفس ٿواچيس ته سڀني ڳالهين کان اوندهه ٿي وڃينس ٿي . انهن چئن پنجن سالن تائين ٻار جو ملائڪن وارو درجو هوندو آهي. پوءِ جيئن وڏو ٿيندو ويندو تيئن سندس نفس به وڏو ٿيندو ويندس. جيئن نفس وڏو ٿيندو ويندس تيئن باطن ڏانهن اونداهه ٿيندي ويندس ۽ ڍڪ ايندو ويندس.
510. جيئن بکئي کي پيٽ سان مانيون ٻڌجن ته ڍئو ڪونه ٿيندس.يا مانيون کٽ تي پٿاري مٿان سمهارجيس ته به بک ڪانه لهندس. جيستائين ماني کائيندو نه نماز جو حال به اهو آهي ڄڻ بکئي کي پيٽ سان ماني ٻڌل آهن. دوا به بيمار کائيندو ته اثر ٿيندس. ٻاهرئون دوا جو مک بيمار کي ڇا ڪندو. نماز به ائين آهي. نفس تي نماز جواثر ئي نه ٿيندو آهي.
511. ٻيائي ڪهڙي آهي هي. وجود ٻيائي آهي. ماڻهو هن معنيٰ کي نه ٿا سمجهن جو هي جسم الله جي اڳيان ڀت ۽ اوٽ آهي. هن وجود جي ڀت مان هت ڪڍن ته پوءِ خود الله ٿي پون. هي جسم ته هر حالت ۾ ڇڏڻو اٿس. جو عزرائيل اچي ڇڏائيندس. پوءِ جو زور سان ڇڏي ان کان ذڪر اسم اعظم سان هن بوتي کي ڦٽو ڪري ته ٻيائي رئي ٿي ويندس. پوءِ هيڪا هيڪ ذات وڃي رهنديس. اصل ٻيائي بي بوتو آهي. جيڪو الله کي ڏسڻ کان جهليون بيٺو آهي.
512. دنيا واري جو ڇيهه اهو آهي. آخري نتيجه لذات ۽ مزا اٿس. روزانو سٺا کاڌا هجن. پڪل گوشت تيار ڪرائن. اهي سڀ کاڌا پنهنجي سخت دشمن قرآن ۾ ٻڌايل نفس کي ٿا کارائين. ان جو نتيجو ننڊ ۽ شهوت پيدا ٿيندس. جيڪو جهنم جو سامان آهي. سو ان جي کاڌي مان تيار ٿئي. سٺا طعام کائيندڙ سڌا جهنم ڏي ويندا.
513. پوءِ اهي نفس ناريءَ کي پاليندڙ ڪيئن ٿا بهشت جي خواهش ڪن.
514. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ولر ڌيئن جو ويٺل هوندو. ڪو خدا جي نالي تي ان کان گهرندو ته به الرحمان الرحيم جي نالي تي نه ڏيندو. پوءِ الرحمان الرحيم به الله جو سئوٽ ڀاءُ آهي. بهشت به انهن کي ڏيندو جيڪي پنهنجا هوندس ۽ جيڪي الله جو ذڪر ڪندا ته الله جو ديدار ڏسندا. الرحمان الرحيم به ان جي هٿ ۾ آهي.
515. هن روح جي زڪوات ڏيو. روح گويا سئو روپيا سمجهيو. ان جو بوتو اڍائي روپيه آهي. جيڪو آدمي ملڪوت ۾ انا مدينته العلم وَٽِ اهي بوتي وارا اڍائي روپيه ڏيندو تنهنجو سئو روپيه گم نه ٿيندو. نه وري چور نفس ۽ شيطان چوري ڪندس.
516. هي سارو جهان روح جو سئو روپيه وڃايون ويٺو آهي. ساري جهان کي نفس چورائي ويو آهي. ماڻهن جا روح نفس چورائي دوزخ ۾ وڃي ڦٽا ڪيا آهن. نفس جي ديهه دوزخ آهي. نفس وڏو خوني آهي. خوني جي سزا ڪارو پاڻي آهي. ڪارو پاڻي يعني دوزخ جيڪا نفس جي جاگير آهي.
517. جيڪو فقير پنندو ته ان جو ذڪر نه هلندو. پنڻ ۽ سوال ڪرڻ سان صوفي جو منهن ڪارو آهي. حلال جي ڪمائي سان ذڪر زور وٺندس.
518. جنهن ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اگهاڙي ترار هوندي ته ان کي ڪنهن به دشمن جو ڀوءُ ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن بنا هٿيار جي هوندي ته مارجي پوندو.
519. تلوار ڇا آهي. خدا جو ذڪر وڏو هٿيار آهي.
520. ياد رکو ته اهو دم شرابا طهورا اٿو. جنهن مرشد جي هٿان اسم اعظم جي لبيڪ ورتي اهو ئي ملڪوت ۾ وڃي ساقيءَ جي هٿان شرابا طهورا پيئندو.
521. پڪ ڄاڻو ته ان دم کي رنگ روپ ۽ صورت آهي. اهو دم بي صورت نه آهي، صورت الاهي ان دم جي آهي. جنهنجي سيني ۾ ذڪرالاهي هلي ٿو ته واهه نه ته غافلن جي سيني ۾ ڍورن ڍڳن ۽ ڪتن ٻلن جون تصويرون آهن.
522. فقير اهڙا آهن جو الله کي ڪرسيءَ تان لاهي پاڻ ڪرسيءَ تي چڙهي ٿا ويهن.
523. فقر اهڙا آهن جو الله جي بنگلي مٿان چڙهي ناچ ٿا ڪن.
524. الله وٽ چار اوزار آهن (1) نيزو (2) تلوار (3) ڪهاڙي (4) سولي. شاهه منصور سولي کنئي. حضرت امام حسين عليه الصلوات والسلام سڀ اوزار کنيا جيڪي صرف تلوار کڻندا ته انهن جو ظاهري جسم شهيد ٿيندو.
525. الله واري فقير جو جسم پڃرو آهي. پڃري ۽ عرش وارو طوطو ويٺل آهي. سو ان جو نالو مرشد آهي. اهو سدائين جيئرو آهي مرڻ وارو نه آهي.
526. جيڪو ان پڃري جو ادب ۽ مراد ڪندو ته فيض وارو ٿيندو، جيڪو ان عرش واري طوطي کي سڃاڻندو ته اهو به ساڳيو مرشد ٿي پوندو.
527. هزار اٺ ڪتابن جا پڙهي هزار حج ڪري ته به سروز ۽ نڙ جي معنيٰ جي خبر نه پوندس. اها خبر ان کي پوندي جنهن رسول اللهﷺ وانگر معراج ڪيو هوندو. نه ته هزار قرآن ۽ ڪتاب پڙهي ته به ڪل ئي نه پوندس. ڇو ته قرآن ۽ ڪتابن ۾ ٻن جهانن جي ڳالهه آهي نڙ ۾ٽئين جهان جي ڳالهه آهي.
528. قرآن به رسول الله ﷺ جن جي قاعدي جو ڪتاب آهي.
529. جيڪو پوک ڇڏي بازاريون گهمندو انجي پوک گڏهه نفس کائي ويندو. سو به اهڙي کائيندس جو وري ڦٽڻ جي اميد نه رهندس.
530. ذڪر اسم اعظم به ڪنهن ڀاڳ واري کي هٿ ايندو.جنهن سان معراج ڪندو.
531. اسان عرش اعظم ته اڳ ڏٺو هو هاڻي ان کان اٺوڻ پنڌ پري هڪ ڦُرجي ملڪ ۾ پهتا آهيون جتي نه جن نه انسان ۽ نه ملائڪ ئي پهچي ٿا سگهن.
532. هماءُ به اسان جي پرواز اڳيان حيران آهي. ۽ نه وري عنقا کي مجال آهي.
533. وهم ۽ خيالات فرهاد وارو جبل آهي جيڪو ڪهاڙو لا جو کڻي جبل ٽڪي درياهه وهائي ايندو. اهو درياهه عرش اعظم کان به ٽپي ويندو. اهو قيامت تائين نه سڪندو. بهاريون ۽ آباديون ڪندو.
534. هي نفس ناري جي ٽاهڙ ڍور وانگر آهي. جيئن انهيءَ کي ڊڪائي وٺي ڪنهن وڻ سان ٻڌندا آهن. جڏهن هن جي جهنگ واري مستي مرندي آهي تڏهن ڪم ۾ لائبو اٿس. ائين نفس کي به ذڪر جي وڻ سان سڏبو ته پوءِ ٽاهه ۽ مستي ڇڏيندو. پوءِ چوڻ تي سڌو ٿي رستي تي هلندو.
535. آسمانن ڏانهن به وسنوَ آهي. اهي خالي ٺهيل ڪين آهن. ڪو ڀاڳ وارو انهيءَ ملڪ جو معراج ڪري من خدايم جو طبل وڄائيندو. نڀاڳو اتي ٿڪان پيو جهليندو.
536. مياڻ سوڌي ترار جهنگ ۾ ڪم نه ايندي جڏهن ترار مياڻ مان سرڙي ٻاهر ڪڍبي ۽ پوءِ جتان هڻبي تتان پار ويندي.
537. هي آدمي جيستائين ذڪر اسم اعظم جي وسيلي جسم مان نٿو نڪري معراج ڪري تيستائين ڄڻ روح وجود جي مياڻ ۾ پيل آهي، جنهن وقت روح جي ترار جسم مان ٻاهر نڪتي، ته نوَن آسمانن مان ڪانه اڙبي. پوءِ ان عارف جي گفتار به وڍيندڙ ترار آهي.
538. ڳجهه توڙي آسمانن ڏانهن اڏري ته به هن جي نظر هيٺ ڍونڍ ڳولڻ لاءِ هوندي. وردن وظائفن ۽ نمازي پيرن بزرگن ڪشف ڪرامات وارن جي نظر ۽ مقصد ڳجهه جي اڏامڻ وارو آهي.
539. اسان کي کڻي قرآن مٿي تي رکو ته اها ڳالهه اٿو ته عرش عظيم وارو الله هن آدم ۾ اچي لڪي ويٺو آهي. پوءِ جنهن روح کي اصلي وطن جي ڪشش ٿي ۽ ڪامل عارف مرشد کان ذڪر اسم اعظم وٺي ڪمايائين ته اهو ساڳي عرش عظيم جي ڪرسي تي ويهي من خدايم جوطبل وڄائيندو.