تصوف

روح الا عظم

ھي ڪتاب فقير عطا فولادي پاران فقير شمس الحق عطا فولادي جي نگراني ۾ سھيڙيو آھي.
حضرت فولاد علي فقير جو ڪتاب ”روح الا عظم“سنڌي ادب ۽ تصوف تي بي مثال ڪتاب آهي. هي ڪتاب تصوف جي راهه ۾ هڪ روشن مينار مثل آهي. هن ڪتاب ۾ فقير صاحب نھايت خوش اسلوبيءِ سان فقر، فقيري کانسواءِ علم الشريعت علم الطريقت ۽ علم الحقيقت ۽ علم المعرفت جي ڀليءَ ڀت تشريح ڪئي آهي. طلب طالب ۽ مطلوب جي منازل جون قرآن حديث نبوي ﷺ ۽ دلائل مثنوي مولانا جلال الدين روميءَ صاحب سان شرحون بيان ڪرڻ ۽ قدم بہ قدم هر هڪ ڏاڪي تي هلڻ قدم رکڻ ۽ جان نفس نادان جي گرفٽ کان بچائڻ عروج جي منزل تائين پهچڻ لاءِ واضح دليل شامل حال آهن.
Title Cover of book روح الا عظم

ساري سنگهار جي ڳالهه

ساري سنگهار نالي هڪ مالدار شخص ٽنڊي مستي جي اتر ۾ ڍوري جي ڪپ تي ڊگهي تلي نالي پتڻ تي ويٺل هو. تڏهن درياهه اتان وهندو هو. ڪنهن ماڻهوءَ کيس ٻڌايو ته هڪ ڏاچي درياه مان اچي ڪپ تان وڻ چري وري درياهه ۾ موٽي ٿي وڃي. سندس اچڻ وڃڻ جو گهير ٺهيل آهي. ساري سنگهار ميربحرن کي چيو ته ڪنهن طرح اها سامونڊڻ ڏاچي مون کي ڦاسائي ڏيو. قدرت الاهي اها ڏاچي ڪا ڍڪي هئي ۽ درياهه جي ڪپ تي ويامي پيئي. ميربحر ڏاڍي ڪوشش سان ان جو ٻچو ڦاسائي ورتو ۽ ڏاچي ڀڄي ويئي. ميربحرن اها ننڍي گوري وٽس ڪاهي. آيا هن وٽ اڳ ۾ ڏاچين جو وڳ هو. ميربحرن کي ان گوريءَ عيوض انعام ڏيئي راضي ڪري ڇڏيائين ۽ گوري جي شوق سان پالنا ڪيائين. جڏهن اها گوري چئن سالن جي ٿي ته سوَن ڪوهن تان چري وري شام جو وٿاڻ تي موٽي ايندي هئي. ان ڏاچيءَ جي اچي هاڪ ٿي ۽ ٻين جتن کي ساڙ ٿيو. آخر ان ڏاچيءَ کي چور چورائي ٿرپارڪر جي ڇيڙي ۾ هڪ گهاڻي واري کي ڏيئي آيا. چاڪي يعني.گهاڻي وارو سامونڊڻ ڏاچيءَ کي گهاڻي ۾ وهائي رات جو ڪوٽ ۾ واڙي نير هڻي ڇڏيندو هوس. آخر اتي وڌي ويائي پندرهن ڏاچون ٿيون هوڏانهن سارو سنگهار ڏاچيءَ جي سڪ ۾ روئي روئي انڌو ٿي پيو. ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي پيو وئوڙون ڏيندو هو.
آخر هڪ مرليءَ واري جوڳيءَ کي پار پتا ڏيئي چيائين ته تون ملڪ ٿو گهمين ڪٿي ڏاچي اهڙن پارن سان ڏسين ته مونکي ٻڌائجان جوڳيءَ گهمندي ڦرندي نيٺ وڃي اها ڏاچي ڏٺي ۽ موٽي اچي ساري سنگهارکي ڳالهه ڪيائين ته تو واري ڏاچي فلاڻي هنڌ گهاڻي ۾ ٿي وهي سارو سنگهار ڏاچيءَ کي ويسران سڏيندو هو. جوڳيءَ کي سئو روپيه ڏيئي ڏاچيءَ ڏي پيغام ڏيئي چيائين ته تون مرليءَ ۾ آواز سان هي نياپو ڏاچيءَ کي وڃي ڏي ته ڏاچيءَ پاڻهيئي هت پهچندي.
پيغام هي هو ته.

“چر ڊگهي پيءُ تلي، راڻي پهرين جهوڪ،
ول چرندي وسران رتي والي ڪوٽ”

جوڳيءَ پهچڻ شرط مرليءَ جي آواز ۾ ڏاچيءَ کي گهاڻي ۾ وهندي ٻڌايو. ڏاچيءَ بيهي اهو بيغام ٻڌو. گهاڻي واري جوڳيءَ کي چيو ته تون ڪو جادوگر آهين ڇا جو منهنجي ڏاچي ساري عمر ۾ بيٺي نه آهي ائين چئي چاڪيءَ ڏاچيء کي لڪڻ هڻي هڪليو ته ڏاچي ٻه ٽي وکان هلي منڊي ٿي پيئي ۽ جنگهه مٿي کڻي بيهي رهي. ڏاچي مڪر ڪيو. ان ڪري چاڪيءَ ڏاچي ڇوڙي وڃي ڪوٽ ۾ ٻڌي ۽ منڊائپ جي ڪري نيئر نه هنيائينس
اهو وجهه وٺي ڏاچي رات جو پکڙ ڇنائي ڪوٽ ٽپي ٻيون پنهنجون نسل واريون ڏاچيون ساڻ ڪري اچي ساري سنگهار وٽ پهتي ساري سنگهار کي ننهن ٻڌايو ته چاچا اسان واري ڏاچي ويسران آڳر تي ويٺي آهي ۽ ٻيون به پندرهن ڏاچون ساڻ اٿس. سارو سنگهار ننهن کي چيو ته ويسران ڏاچيءَ جو اوڳر منهنجي اکين کي هڻو ته آءُ سڄو ٿي پوندس. نُنهڻس ائين ڪيو ته هو اکين کان ڏسڻ لڳو. ڍاٽي اُٺَ ماڙ جا ان ويسران جو نسل آهن. جيڪي ڏينهن ۾ سوين ڪوهه پنڌ ڪري سگهندا آهن. حيدرآباد واري ڦليلي به اها ڍاٽڻ ڏاچي ٽپي هئي جيڪا پڻ ان نسل مان هئي.
مطلب ته هي انسان به ان ويسران ڏاچيءَ وانگر ان وڏي سمنڊ ۽ درياهه اعظم جا آهن. جيڪي پنهنجي مالڪ ذات ذوالجلال کي وساري ويٺا آهن. هنن کي حرص جي چورن چورائي نفس چاڪيءَ جي حوالي ڪيو آهي. جيڪي ڪاروبار جي گهاڻي ۾ ٿا وهن. وجود جي ڪوٽ ۾ شهوت جا نيئر لڳل اٿن. جوڳيءَ مرشد جي مرليءَ سان پيغام ٻڌي به وساري ڇڏيو اٿن.
انصاف ته ان جانور ڏاچيءَ جو آهي جيڪا پيغام ٻڌڻ کانپوءِ رات جو سَوَ ڪوهه پنڌ ڪري ڀتيون ڀڃي اچي ٽنڊي مستيءَ ۾ پنهنجي مالڪ سان ملي. ٽنڊو مستي منصور جو ملڪ آهي. فنا في الله جو شهر ۽ عرش اعظم جو ملڪ ۽ ماڳ آهي. آدمي پنهنجي اصلوڪي ماڳ ۽ وطن کي پيغامن ٻڌڻ کانپوءِ به وساريون ويٺا آهن.

بيت

آنچه من کر ديم باخود هيچ نبينانه کرد درميان خانه گم کرديم صاحب خانه را.
اهو جيڪي اسان پاڻ سان ڪيو آهي سو انڌي کان به نه ٿئي پنهنجي گهر جي مالڪ کي گم ڪيون ويٺا آهيون.
اي به ويرانه شدي مغرور مست، وطن رانسيان کردي ريش سست
اڙي ڀينگ ۾ مست ۽ مغرور ٿيو ويٺو آهين. وطن وساريون سست ٿيو ويٺو آهين.
اصل وطن خود فراموش کردئي، عمر هادر خواب وغفلت بُردهِ،
پنهنجي اصلي وطن کي وساري ڇڏيو اٿيئي سڄي عمر غفلت جي ننڊ ۾ وڃائي ڇڏيئه
نغمئه سرناءِ پيغام خدا، که از شنيدن جسم وجان گردد فدا
شرناءِ جون نعمتون خدا جو پيغام آهي. ان جي ٻڌڻ سان جان جسم فدا ٿيو پوي.
توز مطلوب الاهيءَ بردهءِ جام توحيد وطهورا خوردهءِ
تون محبوب الاهيءِ هٿان توحيد جو پاڪ شراب پيتو آهي.
نغمئه انفاس مرشد گوش گير، نانه گردي اندرين دنيا اسير.
مرشد جي دم واري نغمه ڏانهن ڌيان ڏي ته جيئن هن دنيا ۾ گرفتار نه ٿئين.
نغم.ه سرناءِ مرشد معنوي، سخت محکم گير تانه شوي غوي
مرشد جي معنيٰ واري شرناءِ کي مضبوطيءِ سان پڪڙ گمراهه نه ٿيندين،
هم ازين سر ناءِ در معنيٰ رسي ، اندر آن بيچون گردون در روي،
ان شرناءِ سان معنيٰ جي ملڪ ۾ پهچندين اصل ان بيچون ۾ اندر وڃي پهچندين.