باقي ڇهن بهشتن جو احوال
ونهن النفس عن الهويٰ فان الجنت هي الماويٰ. نفس کي سڌن کان بند ڪريو ته بيشڪ اوهان جي رهڻ جي جاءِ جنت آهي. نفساني سڌون بند ڪرڻ جو ايترو تاڪيد آهي. مگر اهي سڌون ذڪر کانسواءِ بن ڪونه ٿينديون. ذڪر الاهي ڪمائبو ته سڌان از خود بند ٿي وينديون. پوءِ سيني ۾ نور الاهي پيدا ٿيندو. ذڪر حق سان بي انداز روشنائي پيدا ٿيندي. سڌون معدي نفس باندر جي رهڻ جي جاءِ مان پيدا ٿينديون. آهن سڌن جي دونهين سان دل ڪاري ٿي ٿئي. جنهن ڪري آدمي جي دل خدا ڏسڻ کا انڌي ٿيو پوي. هاڻي ثابت ٿيو ته جيڪي حق جا ذاڪر آهن سڄي عمر تائين جسم جي قيد مان نه نڪتا ۽ معراج حاصل ڪري نه سگهيا. سي بهشت جا حقدار آهن. نڪي ٻيا جيڪي ان باندر نفس جا فرمانبردار آهن.
حضرت دائود نبيءَ کي حضرت عشق شهنشاهه سڌن کان بچڻ ۽ مخالفت جو تاڪيد ڪيو هو. ان جو به اهوئي سبب هو. یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلْنٰكَ خَلِیْفَةً فِی الْاَرْضِ فَاحْكُمْ بَیْنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ وَ لَا تَتَّبِـعِ الْهَوٰى.يعني اي دائود بيشڪ اسان توکي زمين تي پنهنجو نائب ڪري موڪليو آهي پوءِ تون ماڻهن ۾ انصاف سان حڪومت ڪر ۽ سڌن جي تابعداري نه ڪجانءِ. ان مان ثابت ٿيو ته نه رڳو عام ماڻهن کي سڌن ۽ گمراهي کان منع آهي. مگر نبين ۽ خاصن کي به سڌن جي تابعداري مان گمراهيءَ جو خطرو آهي. ڇو ته خداوند ڪريم دائود نبي کي صاف ٿو ٻڌائي ته توکي سڌن جي تابعداري گمراهه ڪندي. هر هڪ سڌ کي تصوير آهي.جنهن ڪم جي سڌ ٿيندي ان ڪم جي تصوير دل ۾ بت وانگر ٽڪاڻو ڪري ويهندي. پوءِ جنهن دل ۾ نفساني تصويرون جا بت موجود آهن ته ڄڻ ان آدمي انهن بتن جي پوڄا ڪئي. انڪري اهو آدمي مسلمان نه ليکبو مگر مشرڪ ڪافر بت پرست چئبو. پوءِ جنهن جي دل نفساني سڌن جو بت خانو هوندي ته اتي ذات ذوالجلال جي عشق پاڪ جي آمد ڪيئن ٿيندي. ان دل ۾ انبيائن ۽ اوليائن جو اچڻ به نه ٿي سگهندو.
عام آدمي انڌا ۽ عشق کان اوجهل ان ڪري آهن جو هنن جي دل ۾ غير حق جي محبت گهر ڪري ويئي آهي ۽ سڌن انهن جي دل جي آئينه کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. مثال ڪوبه آدمي جهاز ٿو هڪلي يا ٻڪريون ٿو چاري ته رات جو ننڊ ۾ سندس وات مان اهي هڪلون ۽ آواز پيا نڪرندا سڀاڻي حشر ۾ به اهي آدمي الله کي فيصله ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڪونه ڏيندا قبر ۾به ساڳيو بيان پيا ڪندا ۽ پڙهندا پيا هاڻي ٻڌايو ته اهڙن کي بهشت ملڻ مشڪل آهي. يا سولو . الله ڏسڻ ۽ ملڻ ته پري رهيو.
ڪهڙا نه مسلمان بيوقوف آهن. ائين نٿا سمجهن ته جيئن آسمان زمين ۽ بهشت ٺاهيا آهن ان کي به ڪو زيب زينت يا حسن هوندو ته جيڪو بادشاهن جو بادشاهه آهي. اڳ ۾ گهرجين ته ان جو ديدار طلب ڪن. پوءِ ڏٺي مختيار آهن پوءِ جي نه وڻين ته اسان تي مبارکن ۽ ساري عمر غير حق جي جيڪر گهر ئي ڪونه ڪن دنيا .عقبيٰ جي بادشاهه جي صورت ڏسي دنيا عقبيٰ کي ٿڪ هڻن رسول الله حديث فرمائي ته ان الله لا ينظر اليٰ صورکم ولکن الله ينظر عليٰ قلوبکم بيشڪ الله تعاليٰ اوهان جي تصويرن ۽ مال ملڪيت ڏي ڪونه ٿو ڏسي مگر اوهان جي دلين ڏي ڏسي ٿو.
آدمي جي قلب تي الله جي نظر ان ڪري آهي ته ڏسان ته ماڻهن جي دل ۾ منهنجي محبت ۽ يادگيري آهي يا نفساني سڌون ٿا رکن الله به دلين پرکڻ لاءِ اهو امتحان رکيو آهي.
قرآن ۾ آهي ته اِنَّمَا جَزٰٓؤُا الَّذِیْنَ یُحَارِبُوْنَ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ یَسْعَوْنَ فِی الْاَرْضِ فَسَادًا اَنْ یُّقَتَّلُوْۤا اَوْ یُصَلَّبُوْۤا اَوْ تُقَطَّعَ اَیْدِیْهِمْ وَ اَرْجُلُهُمْ مِّنْ خِلَافٍ اَوْ یُنْفَوْا مِنَ الْاَرْضِؕ-ذٰلِكَ لَهُمْ خِزْیٌ فِی الدُّنْیَا وَ لَهُمْ فِی الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ عَظِیْمٌۙ(۳۳) يعني جيڪي ماڻهو الله ۽ رسول سان وڙهن ٿا ۽ ملڪ ۾فساد پکيڙيندا ٿا وتن. انهن جي اها ئي سزا آهي ته قتل ڪيا وڃن سا سوليءِ تي چاڙهيا وڃن انهن جا هٿ پير وڍيا وڃن يا زمين تان ڪڍيا وڃن.انهن لاءِ دنيا ۾ اهائي رسوائي آهي ۽ انهن تي آخرت ۾به وڏو عذاب ٿيندو.
الله ۽ رسول ﷺ سان لڙائي ڪهڙي آهي خداجي زمين ۾ فساد ڪهڙو آهي اها لڙائي آهي الله ۽ رسول حڪتمن جي نافرماني ڪرڻ . ٻي طرح آدمي ذات ذوالجلال سان ڪهڙي جنگ ڪري سگهندو. اها بي فرماني آدمي جي وجدو مان پيدا ٿيندي آهي. ساسڀ نفساني سڌن جي تابعداري مان ٿيندي آهي.
هن مان ثابت ٿيو ته سڌن جو دل ۾رهڻ نفس جو چيو مڃڻ گويا الله سان ۽ الله جي رسول سان جنگ ڪرڻ برابر آهي. زمين ۾ فساد ڪرڻ زمين به اها دل آهي جنهن جو عرض الله واسعت لقب آهي ان ۾ فساد ڪرڻ به سڌن جي تابعداري ۽ پوڄا ڪرڻ آهي . نوراني دل کي وهمن جي دونهين سان ڪارو ڪرڻ معرفت جي روشنائي بند ڪرڻ دل الله جو تخت آهي ان کي نفس جي وهمن جي قبضه ۾ ڇڏڻ ائين آهي جيئن رسول الله جي تخت تي ابوجهل کي ويهارڻ.
حضرت سليمان جو تخت ۽ منڊي ديو جي هٿ ۾ اچڻ وڏي نامناسب ڳالهه آهي. پوءِ اهڙي جا هٿ پير وڍيا ويندا. سوليءَ تي لٽڪائي زمين تي ناس ۽ نابود ڪيا ويندا. انهن لاءِ دنيا عقبيٰ ۾ وڏو عذاب آهي.يعني انهن نفس پرستن ۽ هوس جي پوڄارين کي حالانڪه انهن کي آسماني سير لاءِ پرواز جا اوزار به مليل هئا.آخرت ۾ اهي ۽ سندن هٿ پير وڍيا ويندا. جيئن سندن روح به سير نه ڪري سگهي توحيد جي گفتار ڪرڻ وارو سِرُ سوليءَ تي چڙهيو.
سر ۾مکيه ٽي شيون رکيل آهن. ڪن اکيون ۽ زبان آهي روح جا مکيه دروازا آهن. جنهن سرکي روحاني طرح اندران گهٽو اچي ويو سو ڄڻ سوليءَ تي چڙهي مري ويو. ان جون اکيون ڪن ۽ زبان بند ٿيا. ڪن خدا جي الهام ٻڌڻ لاءِ آهن زبان توحيد جي گفتار ڪرڻ لاءِ آهي ۽ ذڪر الاهي ڪرڻ لاءِ اکيون عرش جي شهود ۽ ديدار لاءِ آهن اهي سڀ روح جا غضوا نفس جي تابعداري ڪري بند ٿي ويا آهن. ڇو ته جڏهن روح جو سفر نفساني هوسن ۽ سڌن جي ڪري لٽجي ويو. پوءِ مکيه عضون جي بيڪار ٿيڻ ڪري لاشو بنجي ويو.خَتَم الله عَليٰ قُلوبِهم وَعَليٰ سَمهعِم وَعَليٰ اَبَصارِهِم جو اهو مطلب آهي دنيا عقبيٰ ۾ ان کان ٻيو ڪوبه وڏو عذاب ڪونه آهي جو آدميءَ جو روح هٿن پيرن کان ٽنڊو گونگو ۽ ڪنن کان ٻوڙو ۽ اکين کان انڌو بنجي وڃي . اهوعذاب ڪافي آهي. وَ الَّذِیْنَ یَنْقُضُوْنَ عَهْدَ اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مِیْثَاقِهٖ وَ یَقْطَعُوْنَ مَاۤ اَمَرَ اللّٰهُ بِهٖۤ اَنْ یُّوْصَلَ وَ یُفْسِدُوْنَ فِی الْاَرْضِۙ-اُولٰٓىٕكَ لَهُمُ اللَّعْنَةُ وَ لَهُمْ سُوْٓءُ الدَّارِ( ۲۵). يعني جيڪي ماڻهو خدا جي وعدن کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ٽوڙين ٿا ۽ خدا تعاليٰ جي لاڳاپن جي قائم رکڻ جو حڪم فرمايو آهي انهن کي به ٽوڙين ٿا ۽ دنيا ۾ فساد ڪن ٿا. اهڙن تي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ هن جهان ۾ خرابي هوندي، ان آيت جو مطلب به اهو آهي. خدا جي نافرماني ۽ الست واري انجام کي ٽوڙڻ ۽ سڌن جي خيالن جي تابعداري ڪرڻ لاءِ سڀئي شرارتون پيدا ٿين ٿيون پوءِ ذات ذوالجلال انهن وهم پرستن کي پاڻ وٽان تڙائي جهنم ڏانهن ٿو موڪلي. بهلول داناءَ به دنياوارن کي چريو ڪوٺيو آهي. قرآن پاڪ به اهڙيون ثابتيون موجود آهن. اَلَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ تَطْمَىٕنُّ قُلُوْبُهُمْ بِذِكْرِ اللّٰهِؕ-اَلَا بِذِكْرِ اللّٰهِ تَطْمَىٕنُّ الْقُلُوْبُؕ(۲۸). يعني جن ايمان آندو تن جي دلين خدا جي ذڪر سان قرار حاصل ڪيو. خبردار الله جو ذڪر ۽ ياد سان دلين کي سڪون ۽ قرار ملندو آهي. خدا جو ذڪر قلب جوقرار آهي. حق جا ذاڪر قلبي قرار ۾ آهن ان مان معلوم ٿيو. ته خدا جي ذاڪرن کانسواءِ ٻين دنيا وارن آدمين جا قلب بيقرار آهن. چرين ۽ سودائن جي دل پريشان ٿيندي آهي.ڏسو ته دنيا وارن جوقلب رڳو نفساني خواهشن سان پريشان ٿيو. خدا جو ذڪر دانائي ۽ ذاڪر داناءَ آهن. وهم ناداني ۽ وهمن وارا نادان آهن.
رسول الله ﷺ قلب جي ڪس لاهڻ لاءِ فرمايو آهي. ته قلب جي ڪس ذڪر الاهي کانسواءِ نه لهندي ڇو ته قلب پاڪ جاءِ آهي جنهن ۾ ذات حق جي رهت آهي. ان ۾ پاڻي به وڃي نٿو سگهي ٻين عضون جي غلاظت پاڻيءَ سان ڏوپندي آهي مگر دل ۾ اگر ڦڙو پاڻي جو ڦڙو پئجي ويندو. آهي ته هڪدم هشڪ اچي ويندو آهي. قلب اهڙي نازڪ شيءِ آهي. جنهن ۾ شاهه اعظم جو آشيانو آهي.
ساهه هڪ جهلي وانگر آهي. جيئن بنگلن ۾ پکا هوندا آهن. ائين هي ساهه قلب جي ڪوئي ۾ هوائي جهلي آهي ته متان شاهه اعظم کي ان قلب جي ڪوٺي ۾ ڪا تڪليف ٿئي.
روح به ذات جو حصو آهي ان قلب جي صفائي لاءِ ذڪر الاهي ٺاهيل آهي جنهن جي ڪمائڻ سان قلب صاف ٿيندو. آهي.
حديث: لکل شيءِ صقاله الکدورت صقالت القلوب ذکر الله تعاليٰ. يعني هر هڪ شيءِ لاءِ ڪٽ ۽ زنگ لاهڻ لاءِ اوزار موجود آهي. دلين جي صفائي الله جي ذڪر سان ٿيندي آهي.
حديث قدسي: “انا جليس من ذکرني انيس و استانِسُ بي.” خدا جي ذڪر سان خدا همنشين رهي ٿو. جتي عشق آيو اتي سڀ ڪجهه حاصل ٿيو. من له الموليٰ فله الکل. جنهن پنهنجو پاڻ موليٰ جي حوالي ڪيو پوءِ سڀ ڪجهه ان جو ٿيو. مومن جو قلب ذات ذوالجلال جو تخت آهي. قلب الموءمن عرش الله تعاليٰ مومن اهو آهي. جيڪو ذڪر الاهي ۽ دم ڪمائڻ سان دل جي صفائي حاصل ڪري. ان جو قلب الله جو آئينو ٿئي. مومن ان کي چئبو آهي. نڪي رسمي مسلمان کي آدميءَ جو وجود ۽ قلب عرش اعظم جو نقشو آهي. جنهنکي هوسن جا پردا چڙهيل آهن. هر هڪ آدميءَ جي وجود ۾ نوَ پاسريون آهن. اهي پاسريون نون ئي آسمانن جو نقل آهن ۽ نون ئي آسمانن جو نقشو انهن ۾ آهي ساري دنيا عقبيٰ جو نقشو آدميءِ جو وجود ۾ آهي. جيئن ڪِن تسبين ۾هڪ ٻانگو هوندو آهي. جنهن ۾ مڪه مدينه ۽ ڪعبه جي تصوير لڳل هوندي آهي. ۽ نظر وجهڻ سان سمورين تصويرون ڏسبيون آهن. ان طرح آدميءَ ۾ به ڪثرت ۽ وحدت ٻيئي ڇاپيل آهن معدو ۽ شهوت اهي زمين وارا هيٺيان طبقه آهن معدي جي هر هڪ عادت زمين وانگر آهي، هوس، حرس، طمع، حسد، ننڊ، دغا ۽ خودي جن جي ڪري آدمي جسم جو قيدي ٿي زمين تي ٿو رهي ۽ وحدت جو سير نه ٿو ڪري سگهي .آدمي جي وجود ۾ شهوت تحت الثريٰ آهي. آدميءِ جي وجود ۾ نوَ کنڊ آهن. جيڪي سوراخن مثل اٿس.جيڪي هي آهن ڪنن جا ٻه سوراخ ٻه اکيون. ٻه سوراخ نڪ جا. ستون وات اٺون اڳيون سوراخ ۽ نائون پويون سُوراخ. جيڪو به انهن سوراخن جي حد ۾رهيو سو قيدي آهي. جيڪو انهن سوراخن جي حد ٽپي هليو سو شاهه ٿيو. اهو نون ئي آسمانن مان پار ويندو. جنهن لاءِ فقيرن چيو آهي ته.
لنگهي ويو نو کنڊ کان غازين جو غوغاءُ
من عروج الروح تيز الفلڪ سناسين ثناءُ
شهودين شماءُ. عرش مٿائون اڀريون.
لنگهي ويو نوَ کنڊ کان. مردن جو معراج
عاشق ويا اتاهين. پائي لولاڪي تاج
لاحد لااحتياج. ڀڳائون هن ڀول کي
( شاهه)
عاشق ٿيا. عشق ۾ آڌوتي عدم
جا ٿي دم نه قدم پهتا انهيءَ پار ۾
وڃي پهتاسون اتهين، نيهي ٿي نرواز
نڪو سج نه چنڊ ڪونه ڪو اور نه پار
نڪا ڌرتي نه آسمان نڪا هنَ هُن سنڀار
نڪو غوث نه قطب ڪو نه اولياءُ اوتار،
نڪو ذڪر ۽ مذڪور آهه نه ذاڪر ۽ اذڪار
نڪا جان جسم آهه نڪي قدم دلدار
نه الست ۽ قالو بليٰ . نڪا ڪن ڪوڪار
ڪثرت وحدت ڪانه ڪا، نڪي آدم ئي اظهار
هي هو ٻئي هڄي ويا منجهان پرت پسار
نه معشوق نه عاشق رهيو. نه طالب نه تنوار
صوفي منجهه سنسار نيهي گم ٿيا ناهه ۾.
جيڪو به فقير هنن نون کنڊن مان ٻاهر نڪتو ته عرش اعظم ان جو آشيانو آهي. ٽنهي جهانن ۽ بيحد ملڪ جو سير ان جي حواله آهي اهو ائين جو اک مٿي کڻندو ته بقا با الله جي ملڪ ۽ تخت تي پهچندو ۽ اک هيٺ ڪندو ته پاڻ کي ڏسندو. جيڪو صرف ذڪر سان هلندڙ آهي ۽ پرهيزگاري ۽ عبادت ۾ ٿو گذاري مگر جيئري جسم مان نٿو نڪري سگهي ته اهو انهن ملڪن ۾ نه پهچندو. مگر معراج ماڻي ڪونه سگهندو.
يقين ڄاڻو ته جيڪو جسم جو قيدي آهي سو هلاڪ آهي. جيڪو قيد کان آزاد آهي سوبي باڪ آهي. جيڪي آهي سو عشق ۾ آهي. جيڪو عشق جي راهه ۾ آهي سوبي باڪ آهي. آدمي عشق کانسواءِ نابود آهي. جيستائين طالب وجود جي نون کنڊن مان نٿو نڪري تيستائين الله جو عاشق آهي ۽ الله ان جو معشوق آهي. اگر ٻاهر نڪتو ته فقير ماشوق ۽ الله عاشق آهي جيسين الله جو عاشق آهي تيسين فراق جي باهه ۾ پيو سڙندو. معشوق جا ناز ڏک ۽ تڪليفون پيو سهندو. الائي جي ڪڏهن عاشق تي راضي ٿيندو. معشوق لاپرواهه هوندو ته عاشق نياز ۾ رهندو. طالب کي کپي ته اهڙي مردانگي ڪري وجهي جو الله کي پاڻ تي عاشق ڪري وجهي.جيتر عاشق آهي تيتر عاشق جو حال ڏکيو آهي. جڏهن جسم مان نڪتو ته سڀئي نفساني هستيون حق جي هستيءَ اڳيان نيست نابود ٿي ويندس. پنهنجو سر عشق ۾ نذرانو ڏيندو.
جسم مان نڪرڻ لاءِ طالب کي هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي. اٺن پهرن مان ڇهه پهر اوجاڳو ڪري. گفتگو گهٽ ڪري. صبر ۾گذاري، گهمڻ ڦرڻ وقت به نظر پنهنجي سيني ۾هجيس، هيڏي هوڏي نه نهاري. نهارڻ سان دم قضا ٿي ويندس. دنيا وارن جي گفتار ڪنن سان نه ٻڌي ڪچهري ۾ ويهي ته پاڻ کي اڪيلو سمجهي. گهر ۾ رهي ته مهمان ۽ مسافر وانگي رهي.ا لله کان سواءِ ڪنهن سان به دل نه لڳائي. ظاهري طرح معمولي مائٽي رکي. دنيا جي دوستن کان دوستي توڙي ڇو ته انهن مان گمراهي ٿيندس. ذات ذوالجلال جي دوستي سولي نه آهي. جڏهن دنيا جي سڀني دوستن سان دوستي ٽوڙيندو تڏهن ذات ذوالجلال جي ساڻس دوستي ٿيندي.
ڏسو ته رن جي دوستيءَ لاءِ ڪنهن عورت کي ڇڪ ڏيندا آهن ته هوءَ به اڳ ۾ قسم کڻائيندي آهي ته تنهنجي ڪنهن ٻي رن سان ته ياري نه آهي. جي آهي ته اڄ اُها ختم ڪر ته پوءِ اُها رن نيئن يار سان ياري رکندي. ڏسو ته دنيا جي رن به ٻيون سڀ دوستيون ختم ڪرائي پوءِ ٿي ياري رکي. ڪيڏا سوٺا ٿي کڻائي باقي جيڪو مالڪ الملڪ ۽ احڪم الحاڪمين آهي ۽ سڀني حسينن جو بادشاهه آهي جنهن جو لقب سلطان خوبان آهي. کل يوم هو في شان جنهن جو روزانو نئون شان آهي ۽ نئون حسن رکندڙ آهي. جيستائين دوستن جي دوستي ۽ مائٽن جي مائٽي دل ۾هوندس تيستائين حقيقي دوست دوستي ڪيئن ڳنڍيندو. هميشه هڪ ٿانوَ ۾هڪ جنس واري شيءِ پوندي آهي. يا دنيا جي دوستي دل ۾ رکي يا الله جوعشق دل ۾ رکي الله ۽ دنيا هڪٻئي کان خلاف آهن ۽ هڪٻئي کان ڌار آهن.
بيت
کيست ديوانه که دنيا وخد ، خواهدو گويد که يابم هر دورا
اهڙو ڪير آهي جيڪو چوي ته دنيا به هجي ته خدا به هجي، ٻئي گڏ هجن
جاهل است وبي حرد مرده عقل، که خداو دنيا به بيندد ريک محل
اهوجاهل بي عقل ۽ مئل وارو آهي. جيڪو خدا ۽ دنيا کي هڪ محلات ۾ڏسڻ چاهي.
عشق ازدنيا وعقبيٰ فارغ است، تخت لامکان برياد است.
عشقن دنيا کان آزاد آهي. عشق لامڪان جي تخت تي رهندو آهي.
عشق گويد جزخدا چيزم جو عقل گويد ماسوار راترک گو.
عشق چوي ٿو ته خدا کانسواءِ ڪجهه به نه گهر عقل چوي ٿو ته ماسو کي ڇڏي ڏي
عشق دارد جاءِ اندر لامکان عقل دارد جاءِ اندر اين جهان
عشق جي جاءِ لامڪان ۾ آهي عقل جي جاءِ هن دنيا ۾ آهي.
مصطفيٰ فرمود دنيا ساعت. هر که دروي رفت رانده رحمت
مصطفيٰ فرمايو آهي ته دنيا هڪ گهڙي آهي. جيڪو ان ۾ ويو ته رحمت کان محروم ٿيو.
عشق گيري عشق گيري عشق گير. ترک دنيا گير تابشي امير
عسق وٺجانءِ عشق وٺجان عشق وٺ دنيا ترڪ ڪر ته امير ٿئين.
وربه دنيا چيست ترک خويشتين، از جسم رفتن به پيش ذولمنين
دنيا ڇا آهي پاڻ کي ترڪ ڪرڻ آهي جسم مان نڪري الله وٽ حاضر ٿيڻ بهتر آهي.
همچون پروانه به پيش ذوالجلال، سوختن کلي وجود پرو بال
پروانه وانگر ذوالجلال اڳان سموري وجود کي کنڀن سوڌو ساڙڻ (بهتر آهي)
ترک گيري جان وتن راگرتمام، وهو معکم رابه بيني وسلام
جيڪڏهن جان جسم کي ترڪ ڪندين ته جيڪو توساڻ آهي ان کي ڏسندين.
ترڪ هن طرح ٿيندو آهي. معراج واري رات فقير جسم مان ائين نڪرندو آهي. جيئن نانگ کل لاهي ان مان نڪري ويندو آهي. کل به سوڌ نانگ جهڙي ٿيندي آهي. اکين وات ۽ مڇن سميت کل لاهيندو آهي. پوءِ کل ڪنهن گند ۾ پيئي هوندس ۽ پاڻ گهمندو وتندو. روح جو جسم مان آسمان ڏانهن نڪرڻ جيئڻ ترار مياڻ مان ڪڍبي آهي ۽ مياڻ جو مهانڊو به ترار جهڙو هوندو آهي. تيئن روح جي شڪل صورت به بوتي جهڙي آهي جسم مياڻ مثال آهي. روح ترار مثل آهي .ترار قيمتي آهي مگر جسم جي ڪابه قيمت ڪانه آهي. جڏهن جسم جي مياڻ مان روح جي ترار نڪتي ته ان کان پوءِ روح کي ستين آسمان کان اورتي ترسڻ ۽ ٽڪڻ نه ٿيندو اتي وڃي مئي خاني جي ساقيءَ ۾ غرق ٿيندو. جتي توحيد جي حسن جو حمام خانو آهي. فقير ان ۾ پنهنجي رت سان تڙڪندو سِر وڍرائنيدو. پِير مغان هادي حضرت رهنما علي اسا الله الغاب جي هٿان شرابا طهورا جو جام وٺندو. اها ملڪوت واري جاءِ موليٰ جي آهي. جيڪو ويندو ان کي خبر پوندي ته ويندو سو بيخبر آهي. ان جاءِ جوقرآن ۾ ذڪر آهي ته.
وَ یُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰى حُبِّهٖ مِسْكِیْنًا وَّ یَتِیْمًا وَّ اَسِیْرًا(۸)اِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِیْدُ مِنْكُمْ جَزَآءً وَّ لَا شُكُوْرًا(۹).
ترجمه: اهي ماڻهو خدا جي محبت خاطر غريبن يتيمن ۽ قيدن کي کاڌو کارائين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان اوهان کي فقط خدا جي رضامنديءَ لاءِ کاڌو کارايائون ٿا. اسين اوهان کان نه ان جو بدلو گهرون ٿا. نه شڪريو ٿا گهرون.اها خبر اٿو ته مسڪينن يتيمن ۽ قيدين کي موليٰ عليه السلام ڪهڙو کاڌو کارايو. ۽ الله جي منهن مان ڇا مراد ڪلام الله ٻه معنائون ٿو رکي ظاهري معنيٰ به اٿس ۽ ٻي باطني معنيٰ به اٿس نه رڳو هيءَ ظاهري معنيٰ اٿس. ٻي معنيٰ ته مسڪينن ڪير آهي طالب جو فقير آهي . جيڪو معرفت الاهي جو سوالي ۽ بکيو آهي. معرفت ۽ توحيد جو نوراني يزداني حسن جو طعام جنهن کي کارايائين سو ساري عمر اڍاپي ويو. مدينته العلم جي دروازي تان لدني علم جي طالب کي طعام مليو ۽ شرابا طهورا وارو جام به موليٰ علي عليه السلام وٽان ٿو ملي. يتيم به طالب آهي جيڪو الله کان ڌار ڇورو ٿي ٿو گذاري يتيم لاءِ پيءُ جو ملڻ ڏاڍو ضروري آهي. جو طالب کي حضرت شاهه موليٰ علي سائين ملڪوت مان جبروت ۾ حضرت رسول ڪريم وٽ پهچائي ٿو پوءِ اتان طالب کي رسول الله رسول الله ﷺ لاهوت ۾ ذات ذوالجلال وٽ رسائي ٿو. پوءِ يتيم طالب لاءِ عنايت آهي پوءِ هو لا احتياج ٿيو. جن کيس آسماني معراج ڪرايس ۽ سچي بادشاهي ڏيکايس انهن رهبرن جو ساري عمر احسان مند رهندو.
قيدي به حق جو طالب فقير آهي جيڪو هن ٻانهپ جي وجود ۾ قيد ٿيل آهي.قيديءَ لاءِ آزادي جهڙي ٻي ڪابه خوشي ڪانه آهي. شاهه اولياءُ حضرت علي ڪرم الله وجهه طالب جو ٻانهپ وارو قيد ڀڃي ٿو ۽ قيد کي آزاد ٿو ڪري محمدي معراج ۽ بادشاهي معرفت جي مسند عطا ٿو ڪريس ۽ طالب کي فنا في الله جو درجو وٺرائي ٿو. جنهن ڪري طالب ساري عمر ٻانهپ کان آزاد ٿوٿئي. جيئن مولانا جلال الدين روميءَ فرمايو آهي.
بيت
آنچه اندا خت به روئي علي، افتخار هرنبي وهرولي
مولا علي جي منهن مبارڪ ۾ هر هڪ نبي ۽ هر ولي جو فخر پيل هو
چون تويابي آن مدينه علم را. چون شعاع آفتاب حلم را،
جڏهن تون علم جي شهر کي لهندين، تڏهن تون بردباريءَ جي سج کي پهچندين.
باز باش اي باب رحمت تا ابد ابارگاه ماله کفوا احد
اي رحمت ۽ بارگاه رب العزت جا دروازا تون قيامت تائين کليل رهه
يُوفون بِالنذرِ ، اهو سر جي نذراني جو اشارو آهي. جو طالب ستين آسمان تي پنهنجو سر ميخاني جي ساقي ۽ توحيد جي اڳيان نذرانو رکندو آهي. سر جي نذراني جي عيوض وحدت جي مٽ منجهان جيڪو ساقي صاحب جي تخت جي سيرانڌيءَ واري پائي جي ڀرسان رکيل آهي. ان مان طالبن کي جام پياريو ويندو مُّتَّكِـٕیْنَ فِیْهَا عَلَى الْاَرَآىٕكِۚ-لَا یَرَوْنَ فِیْهَا شَمْسًا وَّ لَا زَمْهَرِیْرًاۚ ترجمه: پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. نه اتي گرمي ڏسندا نه سردي اها موليٰ علي جي تخت جي ڳالهه آهي. ان جاءِ تي سج چنڊ ڪونه آهي. اهو تخت مقام ملڪوت ۾ آهي. روزاول کان ان شرابا طهرا جي ساقيءَ موليٰ عليءَ جو روح ان تخت تي ويٺل آهي. وَ یُسْقَوْنَ فِیْهَا كَاْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِیْلًاۚ يعني انهن کي اهڙا شراب جا پيالا پياريا ويندا جنهن ۾ سنڍ مليل هوندي اهو پيالو رنگين ۽ پٽُ دار آهي. وَ یَطُوْفُ عَلَیْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَۚ يعني انهن وٽ اهي شيون اهڙا نيگر وٺيون پيا ايندا جيڪي هيمشه ڇوڪرائي رهندا. اهو شاهه حسن شاهه مردان ساقيءَ جي طواف ۽ حسين صورت جو بيان آهي. تخت تي پاڪ روح نابالغ بغير مهاسن جي حسين ويٺل آهي. اهي طالب ان تخت واري ساقيءَ کي طواف ڪري گهور ٿيندا آهن. وَ اِذَا رَاَیْتَ ثَمَّ رَاَیْتَ نَعِیْمًا وَّ مُلْكًا كَبِیْرًا(۲۰) ۽ جڏهن تون ان کي ڏسين ته توکي وڏي نعمت ۽ وڏي سلطنت ڏيکاربي.
بيت
مي روي اوبين کي اندر ان جهان فکرت پنهان است آن گردو عيان
اي هن جهان ڏي ٿو وڃين اندر ته ڏس. ته تنهنجي لڪل سوچ ظاهر ٿيندي.
يعني سردار دوجهان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جنهن رستي سان معراج تي پهتو آهي اها ستين آسمان واري وڏي بادشاهي ڏسندو ته يقين ٿيندو. ان مان معلوم ٿيو ته علي ۽ محمد جي عنايت سان طالب معراج تي وڃي سگهي ٿو. عٰلِیَهُمْ ثِیَابُ سُنْدُسٍ خُضْرٌ وَّ اِسْتَبْرَقٌ٘-وَّ حُلُّوْۤا اَسَاوِرَ مِنْ فِضَّةٍۚ-وَ سَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُوْرًا(۲۱) يعني انهن کي سنهي ريشم جا ڪپڙا هوندا ۽ ٿلهي ريشم جا ڪپڙا به ڇا لاءِ ته هر لباس ۾ لطف آهي ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ وڌا ويندا ۽ انهن کي سندن پالڻهار پاڪ شراب پياريندو. اها اُن تخت پٿرڻين ۽ چانديءَ جي ٻانهين جي ڳالهه آهي.
سلطان الا اولياءَ فقير محمد زمان ۽ فقير عبد الرحيم گروهڙي مرشد ساقي مولا علي سائين جي هٿان شراب پيئڻ جو احسان مڃيو آهي.
بيت
ساقي مئي خانه باشد صلاح ، گرخدا گوئيم ميگرد مباه
مئي خاني جي ساقيءَ کي سونهين ٿو. جيڪڏهن خدا چئونس ته به رواٿئي ٿو.
سوره هل عطيٰ سموري حضرت موليٰ عليه السلام جي تخت حوض ڪوثر ۽ بادشاهي جي بيان ۾ آهي. سورت دهر جو به ساڳيو مضمون آهي.
اسان فنا في الوجود ۽ فاينما تولو فثم وجه الله وارو عرصو چوڏهن ڏينهن چوڏهن راتيون حوض ڪوثر جي ساقيءَ سان گڏ ۽ همدم رهياسون. پوءِ غين جو نقطو ڊٺو ۽ نسورو عين ٿي پياسين.غين عبديت جي وجود آهي. جسم مان فقير نڪرڻ کانپوءِ عين ٿي پيو. هي ڳالهه اکئين ڏٺي ٿا ڪريون.
آدمي جو وجود روحاني ترار جو مياڻ آهي. جنهنجي وجود الله اثبات نه ڪيو ته ان جو روح ڪاٺ جي ترار آهي ڪاٺ جي ترار وارو جنگ جي سڌ ئي نه ڪندو. پهلوانن جي سامهون جنگ تي وڃي نه سگهندو جنگ آهي محشر جي جتي ڪاٺ جي ترار ڪم نه ايندي بي حاصل اتي ڪهڙي عزت لهندو. جتي انبياءَ ۽ عاشق جو هر دار ترارين سان بيٺا هوندا. ان ميڙ ۾ بي حاصل لڄي پيو ٿيندو. ڪاٺ جي ترار جنگ جو ڪم ڪانه ڏيندي مگر ٻارڻ جو ڪم ڏيندي. ڪاٺيءَ جي ترار آهي دنيا جو ماڻهو جيڪي جسم جي قيد مان نه نڪتا. انهن جي عزت ايستائين آهي جيستائين جيئرا آهن. مئي کان پوءِ انهن جي ڪاٺ جي ترار باهه ۾ پوندي ۽ مياڻ اڏهي کائي ويندي آدمي لاءِ باهه جهنم جي آهي وقود ها الناس والحجارتُ . يعني ان باهه جو ٻل ماڻهو ۽ پٿر آهن. جيڪي ماڻهو هوسن ۾ گذاري مرن ٿا. مئي کان پوءِ انهن جي قبرن تي ڪتا پيا مٽندا. آدمي جي سڄي عمر جو سڌون عرش عظيم جي هيٺيان هڪ جڳهه آهي اتي گڏ پيون ٿينديون. آهن. هر هڪ سڌ جي شڪل باهه جي الي وانگر آهي. جيڪي آدمي جو مرڻ کانپوءِ باهه جا الا ٿي ان ماڻهوءَ جي قبر۽ لاشي ۽ روح کي لڳن ٿيون هر هڪ سڌ الو بنجي تحت الثريٰ تائين پهچي وري نڪري ٿي. جيئن سڪي ڪاٺي اڀي ڪري پاڻيءَ ۾ زور سان اڇلبي ته تري تائين پهچي وري جلدي مٿي ٻاهر نڪري ايندي آهي. ان طرح ان سڌڙيئي ماڻهوءَ جي قبر تي الن جي اچ وڃ لڳي پيئي هوندي. جيستائين سندس سڌن جا کپندا تيستائين اهو آدمي سڪ لڳو بيٺو هوندو. مگر جن الله جو ذڪر ڪمايو تن لاءِ هر هڪ دم جو نور پيو گڏ ٿيندو. ذاڪر جي قيد مٿان نور جون بوندان پيون وسنديون هن جو روح سدائين خوش رهندو. الله نور السموات والارض جي حقيقت اها آهي.
جيڪڏهن ڪاٺيءَ جي ترار واري ڪامل مرشد عاشق بقا باالله واري وٽان رهبريءَ جي جوهر دار ترار هٿ ڪئي ته وڏو ڪم ڏيندس. ذڪر اسم اعظم هيري جي ترار آهي. اها مليس ته سڙڻ ۽ شرمساريءَ کان ڇٽي پوندو. فقيرن عاشقن وٽ هيري جي ترارن سان ڪوٺيون ڀريل آهن. جيڪو به مٽائڻ ايندو ته کيس ڪاٺ جي ترار بدران هيري جو ترار ڏني ويندي ۽ ورتي کانپوءِ جي اها هيري جي ترار نه وهايائين ته ڪٽجي ڪاٺي جي ترار کان به گهٽ ٿي ويندي. نه ڪمائڻ سان مرشد جو ڪوبه قصور ڪونهي. جيڪو طالب ذڪر ڪمائيندو ته انکي فائدو ٿيندو.
مرشد جي هٿ تي طلب وٺڻ سان طالب سندس در تي وڪامي ٿو وڃي عربيءِ ۾ بعيت معنيٰ وڪامڻ آهي. جنهن پاڻ کي وڪامڻ ڄاتو ته ان جو مطلب ٿيندو. جيڪڏهن ڄاڻي ٻجهي مرشد تان ويساهه گهٽ ڪيائين ته الله ڏانهن جبل جيترو وحجاب اچي ويندس. حيف انهن کي آهي جن ذڪر وٺي ۽ پوءِ ڪمايو نه هيري جي ترار بوتي جي مياڻ ۾ رکي رکي ڪٽي ڇڏيائون. جسم جي قيد مان نڪري عليين مڪان جو سير نه ڪيائون.
عشق جي اعظم درياهه کي موج آئي جنهن مان ڪثرت جو جهان ٺاهيائين جنهن موج ۾ مڇيون سير ڪرڻ لاءِ ۽ ٻي کائڻ پيئڻ لاءِ ٻاهر نڪتيون انهن مان سياڻيون مڇيون هن موج کي فاني سمجهي پاڻي جي ڪر ڏسي يڪدم واپس موٽي ويون ۽ وڃي درياه ۾ پيون. اهي مڇيون موت فوت کان آزاد ٿي بچي ويون ڇو ته درياهه جو پاڻي بقادار آهي اهي درياهه ۾ وڃي لايموت ٿي ويون. جيڪي اسم اعظم ڪمائي موٽي وڃي ساڳي درياه اعظم ڪمائي موٽي وڃي ساڳي درياهه اعظم ۾ گڏيا سي عزرائيل کان به لنگهي ويا. پوءِ انهن تي موت آهي ئي ڪونه.
بيت
عشق جي درياهه جنبش جوش مان موج طغياني ڪئي اندر جهان.
هي سڀئي پاڻي انهيءَ درياهه جو. هي سپهه سالار آ ان شاهه جو.
موج مستي عشق جي هي هو جهان شاهه اعظم ۾ آهه هر زمان
بحر گوناگون طغياني مثال، موج موجان عشق حضر لايزال.
جمله عالم وحدت وڪثرت تمام عرش ڪرسي آسمان سڀ تا قيام
بحر اعظم عشق ۾ ڪک جي مثال. جنهن ڏٺو درياهه معلوم تنهنکي حال
داٻ دهشت ساڻ درياهه ٿو وهي، بحر آ ڀرپور موجان ٿو ڪري
موج فاني ڪثرتي عالم عدم شاهه درياهه عشق جو زنده قدم
بيوقوف مڇيون نه موٽيون اٿل ۾ رهجي ويون موج جو پاڻي جڏهن سڪڻ لڳو ته مڇيون به اچي دٻن ۾ پيون آخر دٻن جو پاڻي به سڪي ويو دٻن جي ٻاهران گدڙ به انتظار ۾ ويٺا هئا. پوءِ هر هڪ مڇي کائيندا پيا وڃن. انهن کي پوئتي نه موٽڻ ۽ دُٻن ۾رهڻ جي اُها سزا ملي. هاڻي سمجهيو ته جن آدمين کي وساريو تن سان به اها حالت ٿيندي. حقيقت ۾هيءَ دنيا انجي موج آهي. آدمي جو وجود دٻو آهي. گدڙان جو نفس ۽ خيال آهن جن دنيا کي بقادار سمجهيو ۽ وجود ۾ رهجي ويا ذات وارو وطن وساري ويٺا. پاڻ کي وجود وارو دٻو سمجهي اصل روحاني وطن نه پروڙيائون. ڀائيائون ته اهو وجود سدائين رهندو. من عرف نفسه فقد عرف ربه جو قول ڪوڙو سمجهيائون. ايتري تائين انهن جو نفس انهن جا دم کٽائي کائي ويو پوءِ انهن مڇين وانگر موت گدڙ جو کاڄ ٿي ويندا پوءِ جيڪو آدمي ان نفساني خيالات جي گدڙن کاڌو، ته اهو دنيا عقبيٰ ٻنهي ۾ مري ويو ۽ ناز جهنم جي حوالي ٿيو.
بيت
مردود ٿي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا
حباب ئي هئا، انهيءَ واديءَ وچ ۾.
هن وجود کانسواءِ هر هڪ آدمي کي ٻيو وجود به آهي. اصلي وجود اهو آهي هي نقلي وجود آهي. هي وجود هن وجود جي پوشاڪ آهي. جيڪو هن پوشاڪ تي عاشق ٿيو سو مئو. آدمي کي هي وجود خاص الله جي ڳولي لهڻ لاءِ مليو آهي. جنهن هن کي وجود هوندي الله نه لڌو تنهن ڪي ڪين ڪيو. هي اکيون الله جي ڏسڻ لاءِ آهن جنهن اکين سان الله نه ڏٺو تنهن ڪجهه ڪونه ڪيو. جن اکين عشق نه ڏٺو سي اکيون انڌيون ڀليون. من کان في هذه اعميٰ فهو في الآخرت اعميٰ. آيت انهن اکين جي بيان ۾ آهي هي ڪن عرش اعظيم جي الهام ٻڌڻ لاءِ آهن. جن ڪنن هوندي به ذات ذوالجلال جو الهام نه ٻڌو سي ڪن ٻوڙا ڀلا. جنهن زبان عشق توحيد الاهي جو ذڪر نه ڪيو سان زبان گونگي ڀلي. ان زبان کان ڪتي جي زبان ڀلي جيڪو مالڪ جي در تي ڀوئڪي ٿو. جنهن سر ذات حق پاڪ کي روحاني سجدو نه ڪيو اهو سر سوليءَ تي لٽڪيل چڱو. جيڪي هٿ پير حق جي خدمت ڪرڻ کان منڪر آهن. اهي وڍيل ۽ ٺوٺا ڀلا. انهن جو وجود تي هئڻ بيڪار آهي. جن جو سينو عشق الاهي جي محبت نٿو رکي اهو سينو کوري ۾ سڙيل چڱو جنهن دل ۾ دنيا جي محبت ٽڪيل آهي اها دل شيطان جو تخت گاهه آهي. جنهن دل ۾ ذات ذوالجلال جو ذڪر جاري آهي اها دل ذات ذوالجلال جو تخت گاهه آهي. علامت حب الله ذڪر الله علامت بغض الله عدم ذڪر الله. يعني الله جي محبت جي نيشاني ان کي ياد ڪرڻ آهي. الله سان دشمني جي نيشاني کيس وسارڻ آهي.
قيامت ۾ ذات ذوالجلال جهانن جي سڀني آدمين کان پڇندو ته اوهان کي اکيون ڪن دل ۽ ٻيا عضوا ڏٺاسون انهن سان دنيا مان ڇا حاصل ڪيوَ دل اوهان کي ان لاءِ ڏني هيم ته ان ۾ منهنجي محبت ۽ ياد رکجو. اوهان ائين ڪونه ڪيو مگر دنيا جي محبت ۽ يادگيري رکيوَ ڀلا ٻڌايو ته دنيا جي محبت مان ڇا حاصل ڪيو؟ جيڪو آندو اٿو ته ٻڌايو۽ اوهان کي ڪن ڏنا هيم منهنجو عرشي الهام ٻڌو مگر اوهان دنيا جون ڳالهيون ٻڌيون.پوءِ اوهان کي دنيا جي بڪواس مان ڇا هٿ آيو؟ اوهان کي اکيون ڏنيون هيم ته مونکي ڏسجو پوءِ توهان مون کي ڪونه ڏٺو. دنيا دنيا مان ڇا ڏسي انڌيون ڪيو. ائين هر هڪ عضوي جي پڇا ڪندو ته مان اوهان کي عرش عظيم جا موتي ۽ تحفا ڏنا هئا اهي ڪيئن خرچ ڪيوَ اِنَّ السَّمْعَ وَ الْبَصَرَ وَ الْفُؤَادَ كُلُّ اُولٰٓىٕكَ كَانَ عَنْهُ مَسْـٴُـوْلًا (۳۶).بيشڪ ڪنن اکين ۽ دلين خواه سڀني عضون جي باري ۾ پڇا ٿيندي. جنهن بعد سڀ آدمي پيشمان ٿيندا. ڪوبه جواب نه ڏيندا. شرمساريءَ ڪري رڪوع ۾ بيٺا هوندا. ان وقت ذات ذوالجلال عشق بادشاهه کي اهڙي لاابالي هوندي جو سندس سخت ڌمڪين جي دٻدٻي سبب جبلن مان رت وهندو. انبياءَ اولياءَ ماٺ ۽ سڪوت ۾ اچي ويندا. پوءِ اهي آدمي رسول لله کانسواءِ بين نبين ڏي سفارش لاءِ ميڙ ٿي ويندا. حديث: يشفع يوم القيمته ثلثله انبياءُ ثم شهداءُ ثم الفقر. مگر ان هوندي به ٻيا نبي سڳورا چوندن ته هت اسان جي ڀيڻي ڪانهي تنهنڪري توهان حضرت محمد ﷺ ۽ اسد الله حضرت علي المرتضيٰ ۽ حضرت امام حسين ۽ اهل بيت ڪرام ۽ عاشق عارفن وٽ وڃو جيڪي سرڪار جي حاضري ۽ طواف ۾ ۽ حامل العرش آهن. يعني عرش کي ڪلهو ڏيئي کڻن ٿا. پوءِ اهي انهن وٽ ويندا. اهي انهن ويندا ۽ شفاعت ڪندن ۽ اهي آزاد ٿيندا جيستائين قيامت اچي تيستائين بي دريافاتا جيل ۾ پيا هوندا. ضامنن کڻڻ کان پوءِ سرڪار جيتري به سزا ٻڌين.
بيت
عشق لا پرواهه آهي بادشاهه تاجداري هر دو عالم رشڪ ماهه.
لايزالي عشق جي اهڙي آهي.عام کي ڪا ڪل اها اصلي ناهي.
عشق آدم کي تڙايو بهشت مان، زار رواريو رڙايو درد سان.
عشق ذڪريا کي چيرايو هو کڻي لاابالي عشق جي آهي گهڻي.
عشق يعقوب کي ڪيو دردي تمام، يوسف کي ڪيو مصري غلام.
عشق ابراهيم کي آتش ۾ وڌو، عشق اسمائيل لاءِ خنجر ڪڍيو.
عشق عيسيٰ لاءِ ڪئي سولي تيار، عشق لاءِ علي ڪيو سر اختيار.
عشق احمد کي ڏٺو معراج دين، وحدتي واصل ٿيو حق اليقين.
عشق حيدر جي جي هٿان خيبر ڀڳو، تلف ۽ تاراج قلعي کي ڪيو.
شهه حسن ڏس زهر سان ٿيو هو شهيد عشق جي هئي مدعا اصلي مزيد.
عشق ڪربل ۾ ڪيو درد عظيم هئي حسين ابن علي ابن ڪريم.
عشق ڪربل ۾ ڪئي قيامت قرار، شهه شهادت کي رسيا سڀ تاجدار.
عشق منصور کي ڪيو سوليءَ سوار، دار تي سورهيه ڪيو سر کي نثار.
شمس تبريزي سندو ملتان ۾، پوش لاٿائين مرد جو ميدان ۾.
عشق پيڙايو گهوٽ گهاڻي بلاول بينظير، عشق پيڙايو عشق جو عاشق اسير.
سر عنايت شاهه جو نيزي چڙهيو، عشق بلها شاهه بازر ۾ڪٺو.
عشق جا هي حال سڀ ٻڌندا وڃو، ڇا ڳڻيان ڪهڙا چوان سڻندا وڃو.
عشق جا مڙيئي ٻڌو احوال هي، جي پڇو ٿا عشق جي تان قال هئي.
عشق اهڙو بي پرواهه آهي. جن وٽ آيو تن سان هلتيون ڪيائين. انهن تي مصيبتن ۽ دردن جا طوفان کڙا ڪيائين. عشق ڏکن کان ڪنهن کي به واندو ڪين ڇڏيو ٻيا ته ٺهيو پر اسان جي اهل بيت گهراڻي تي ڪيترا ڏکن جا طوافان موڪليائين. پر انهن کي ڏکن ۽ قتل مان فرحت ٿي آئي عشق وٽ عاشق جو معراج تڪليفون آهن ته پوءِ عامن کي جيڪي سکن جا پليل آهن انهن کي هن درگاهه ۾ڪهڙي تعظيم ملندي.
هي نفس هڪ وڻ آهي جيڪو دل جي صحن تي خيالات جا پن ٿو ڇاڻي. جيڪڏهن دم دم سان خدا جو ذڪر ڪري پاڪ صحن تي ٻهاري ڏبي ته سڀ پن ٻهار جي ويندا. شاهه اعظم جو رهڻ به صاف دل ۽ پاڪ جاءِ ۾ ٿيندو. جنهن دل ۾ ذڪر جي ٻهاري نه هوندي ته اها دل نفس ۽ شيطان جو ٽڪاڻو آهي، جيڪو فقير جسم مان نڪري معراج تي ويو. ته ان نفساني هوسن وارو وڻ لاجي ڪهاڙي سان ڪپجي ويو ان کانپوءِ فقير کي ذڪر فڪر جي ضرورت نه رهندي پوءِ سڀني ٻانهپ واررين عبادتن کان آزاد ٿيو. ڇا لاءِ عبادت حقيقت جي شهر ڏانهن پهچڻ لاءِ هڪ رستو آهي. جيڪو حقيقت جي شهر ۾ پهتو ته ان تان پنڌ ڪرڻ معاف ٿيو. هو حقيقت جي شهر جو مالڪ ٿيو. اتي هن جو تخت گاهه آهي. حديث: من اراد العبادت بعد الوصول فقد اشرڪ بهي يعني جنهن وصال کانپوءِ عبادت جو خيال ڪيو ته ڄڻ ان معبود سان شرڪ ڪيو. پوءِ ان الله سان ملي اڃا ڪو ٻيو الله ڳوليندو ڇا. اهڙي کي ٿُڪ آهي جيڪو واصل به سڏائي ۽ عبادت به ڪري ته اهو ڪوڙو آهي. اهڙي جو طالب ٿيڻ تي نه کپي. جنهن جو معراج ڪيل هوندو ته اهو ڪهڙيون نمازون پڙهندو. يا حج ڪندو. ڦڙو درياهه ۾پوڻ کان پوءِ درياهه ٿي پيو پوءِ اهو ڪهڙي درياهه کي ڳوليندو. غلام مان چڱائي نه ٿيندي توڙي کڻي نيڪ هجي.
مراقبو انتظار آهي ۽ عبادت منٿون آهن، جيڪو پاڻ ئي منٿائو آهي ان کي فقير نه چئبو.
بيت
هر آنکه خويشتن گم است کرارهبري کند
يعني جيڪو پاڻ ئي گمراهه هو ته اهو پين جي رهبري ڪيئن ڪندو.
اهڙو ماڻهو ناقص آهي. سرور ڪائنات ناقِص کي ملعون سڏيو آهي.معراج جي صاحب جا طالب ازخود سڌري ويندا. ڇاڪاڻ ته ڪامل مرشد هر هڪ حد ۽ سندن رهبري پيو ڪندو رهندو ۽ توحيدي گفتار ذريعي کين آسمانن جي رازن کان کين واقف پيو ڪندو. ڪامل مرشد روحاني طرح رسول الله ﷺ واري منزل رکي ٿو ۽ فيض به ساڳيو رکي ٿو.
مرشد جي باري ۾ رسول الله ﷺ حديث فرمائي آهي ته
وَجعلنا شيخ الکامِل نافع اِنسانِ کما جعلنا نبي آخر زَمان. وَجَعلنا شيخ الناقِص الفاسِد الانسانِ کَمَا جَعلنا رَجيم الشيطان
يعني اسان جوڙيو آهي ڪامل انسان کي مرشد ڪري جيڪو ماڻهن کي نفعو پهچائي ٿو. ائين آهي جيئن نبي آخر الزمان هو ۽ اسان جوڙيو آهي ناقص انسان کي مرشد ڪري جيڪو ماڻهن جا نقصان ڪري ٿو اهو ائين آهي جيئن تڙيل شيطان آهي.
ڪامل ته رهبر آهي مگر ناقص مرشد جا طالب ڪيئن سڌرندا. جيڪڏهن هن جا طالب شهود ڏسندس ته کين کولي ڪين ٻڌائي سگهندو ڇو ته نمازي انڌو مدد جي بجاءِ نوراني تجلات کي شيطاني استدراج چوندو. ان ڪري هن جا طالب منجهي بيهي رهندا ۽ کين خشڪي ٿي پوندي. ۽ سودا ٿي پوندن. پوءِ دماغ خراب سان بڪواس ڪندا وتندا ۽ هو وري ڊاڙون پيو هڻندو ته منهنجا طالب مجذوب ٿي پيا آهن. ڇو ته هو خود ئي ڪامل نه آهي ته ٻين کي ڪمال تائين ڪيئن پهچائيندو. گهاڻي جي ڏاند وانگر سدائين ساڳي جاءِ تي پيا ڦرندا.
طالب هميشه محبت سان سڌرندو آهي ڪامل عارف وفات کان پوءِ به روحاني طرح طالب جي مدد ڪري سگهي ٿي. ان جو روح طالب سان گڏ رهي ٿو. آخر معراج لاءِ به طالب سان سونهون ٿي هلي ٿو. معنوي صورت ۾کيس ٽٻيون هڻائي ٿو. ناقص مرشد جا طالب سندس ائين شيطان کنيون پيو ويندو جيئن لوسي ڪتن اڳيان گدڙ واڙ مان گهٽا کنيون ويندو آهي.
مصرح: جاڏي کائي جهاز تاڏي گيڙَ ڳوڙهو ئي نه هڻي. يعني گدڙاتر گهٽي سوڌو پيو ويندو ته لوسي ڪتو وري ڏکڻ پيو پڇ لوڏيندو. ناقص مرشد جو اهو حال آهي اسان پاڻ به طالبي واري وقت ۾ هڪ طالب ڪيو هو. جنهن تمام گهڻو ذڪر ڪمايو هو. تيز دم ڪمائڻ سبب کيس ڪجهه ڪشف حاصل ٿيو. مگر هلندي هلندي کيس خشڪيءَ سبب سوداءُ ٿي پيو. اسان کي ته خبر ئي نه هئي ته ڪو سوداءِ جي ڪري ذڪر جي مَٽَ سَٽَ ڪبي آهي ۽ هو ويچارو مونجهه ۾ مري ويو.
هاڻي اسان کي جسم مان نڪتي کان پوءِ طالبن جي سڌرڻ جي خبر پئي آهي طالبي واري وقت ۾مرشد طالب کي سڌاري ڪين سگهندو. ناقص مرشد جسم جي قيدي کي چئبو آهي جيڪو به جسم مان نڪل نه آهي. ته ان کي طالبن ڪرڻ جو حق نه آهي. طالب کي کپي ته اڳ ۾ محمدي معراج جو مرشد کان پڇي. جيڪڏهن معراج ڪيل نه هجيس ته بعيت نه ڪريس.
نامور گادي نشين جيڪي عارفن جي گادي تي ويٺا آهن انهن وٽ الله جو ڏس ئي ڪونهي. قحط ڏڪر اٿن. ڀڙ ڀينگ ۽ ڪاري رات اٿن. معنيٰ ۽ توحيد جي خبر ئي ڪانه اٿن. جيئن ڏهن ورهين جي ڏڪر ۾ وڻ به سڙي سڪي ويندا آهن. اهي گادي نشين اڪثر ڪري عيش عشرت ۾ لڳل آهن. وڏن کي ساراهي ٽڪر پيا کائين. پاڻ نه ڪمايائون انهن لاءِ قرآن فرمايو آهي: فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ غَیًّاۙ(۵۹) يعني پوءِ سندن پويان پيڙهيءَ تي ويٺا جن نماز به ڇڏي ڏني ۽ سڌن جي پٺيان لڳا پوءِ جلدي کين سٺيءَ کوهه ۾ اڇلايو ويندو. اهي غيا دوزخ جا حقدار آهن. غيا ايترو اونهو آهي جو ان ۾ پٿر اڇلائبو ته پنجاهه ورهيه تائين به ان جي تري تائين ڪونه پهچندو. جنهن طالب اسم اعظم جي ٻهاري سان دل جي صحن جي صفائي ڪئي ته اهو جلد حق کي رسندو. معنوي معراج ڪري من خدايم جو طبل وڄائيندو. پوءِ اهو هميشه عليين مڪان ۾ رهندو. جنهن سڄي ڄمار اجاين خيالن ۽ وهمن ۾گذاري ته اهو هميشه سجين مڪان ۾رهندو. جتي يا ويلنا ۽ يا ليتني کنت تُرابا جون دانهون ڪندو. يعني مون سان ويل آهي جيڪر خاڪ ٿي وڃان پيو چوندو.
بيت
کڻ ڪهاڙو لاجو اي مرد خدا، وهم ٻانهپ کان ٿي هڪدم جدا.
ڏي ٻهاري عشق جي شام وسحر، هن ٻهاريءَ مئون پوئي حق جي نظر
تان ٿيئي معراج وحدت جو وصول، تاج تحت لامڪاني جو حصول.
معرفت منصب مقامِ من خدا تاج لالوڪي ٿيئي عاشق عطا.
اسان اڳيئي چئي چڪا آهيون ته رسول خدا پير موليٰ عليه السلام ۽ سندن خاندان حق جا رهبر ۽ استاد هئا. عام جي سمجهاڻي. ڪاڻ عبادت ۽ نماز پڙهندا هئا نه ته انهن کي نماز جي ضرورت ڪانه هئي. رسول الله ﷺ معراج کانپوءِ نماز ۽ ذڪر فڪر کان لااحتياج هئا مگر ٿين نبوت جو بار هو. رندن عاشق نماز جي ڪاڻ ڪانه ڪڍي حديث طلب الدليل بَعد الوصول ممنوع قبيع .وَصال بَعد دَليل جي طلب ڪرڻ سخت منع آهي. ڇو ته جيستائين هاريءَ جي پوک ننڍي هوندي آهي تيستائين خدمت ڪرڻ مٿس لازم آهي پيهي جي مند ۾جهار تڙندو آهي لاباري کانپوءِ ڳاهي صاف ڪرڻ ان کڻي اچي گهر ۾ رکندو.۽ پوءِ پيهو ڊاهي ڦٽو ڪندو آهي. ان کڻڻ کانپوءِ ڪلر پاڻي يا هور هور ڪيائين ته بيوقوف چئبو. الاهي عشق به محبت جي پوکي آهي. ان جي سار سنڀال ۽ خدمت مرشد ڪامل جي صحبت ۽ مجاهدو اٿس. پيهو ان جو وجود ۽ کانڀاڻي ذڪر نفي اثبات اٿس غير خيال جهار ٿس، غير خيال الوهيت جي ان جا دشمن آهن. جنهن طالب دل جي گنديءَ ۾ ذڪر الاهي جو ان وڏو . پوءِ اهو لقاءَ الاهي ۽ معنيٰ جون مانيون ويٺو کائيندو . پوءِ اهونماز جي هور هور کان آزاد ٿيو. پيهو به ڊاهي ڇڏيندو، وجود جي هستي فنا ڪيائين پوءِ هن تي نماز به لازم نه آهي ۽ ذڪر جي کنڀاڻي به ڦٽي ڪندو.
رسول الله ﷺ ٻانهو ان ڪري پي سڏايو ته عام ماڻهو ٻانهپ کان چڙهي احديت جي حد تي پهچي ڪين سگهندا. عرب آدمين جي عقل مطابق رسول الله ﷺ جو ٻانهو سڏائڻ موافق هو، ڇو ته تڪلمون الناس عليٰ قدر عقولهم. يعني ماڻهن سان سندن عقلن مطابق ڳالهايو. ماڻهن کي سمجائڻ لاءِ سندن عبديت واري جنس بنجي ڳالهايائين.جو کين ان طرح سان هدايت ٿي پي سگهي.خاص ڪچهريءَ ۾ سندن گفتار انا احمد بلا ميمي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به چئي ويندا هئا ته کبريائي ردائي عظمت ازاري، فمن ناز عني فدخله النار، مگر عام ماڻهن کان راز لڪائڻ لاءِ چوندا هئا ته ابا قدسي حديث اٿو. جيڪا رسول الله ﷺ جي زبان مبارڪ مان نڪتي قرآن به ته رسول الله ﷺ جي زبان مان نڪتو. جيڪڏهن. جبرائيل آڻي ها ته جبرائيل کي زبان ڪانه هئي ڇا، جو ماڻهن کان ڏهه ويهه قدم پري ويهي ٻڌائي ها. يعني استفت من قبلک لو افتاک المفتون.يعني توڙي مفتي فتويٰ ڏين تڏهن به دل کان فتويٰ وٺندا ڪريو. حق ناحق دل کان پڇو ان مان سمجهو ته رسول الله ﷺ ۽ ذات ذوالجلال ۾ ڪو فرق آهي. جنهن جي زباني گفتار الله جو ڪلام ٿي سڏجي.اها خبر ويساهه سان سمجهو.اهو شاهه اعظم خاڪي وجود جا ڪپڙا پائي چمڙا پوش ڪري ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ آيو هو. ماڻهن جا اهنج سهنج نيڪي. بدي معلوم ڪري کين هدايت ڪيائين. الله احمدي وجود جي آڙ ڪري عرب جي جاهل ماڻهن کي پڙهايو. کين توحيد جو ڪلمون سيکاريائين. بادشاهه توڙي پاڻ کي ٻانهون چوي ته به اسان ته کيس بادشاهه سمجهنداسون پاڻ کي جيڪڏهن ٻانهو چوايائين ته اهو ان جي قرب جوڳالهائڻ هو.
بيت
گر گويد شاهه خود رابنده ام، ليکه ما آن شاهه را دانده ام،
بادشاهه جيڪڏهن پاڻ کي ٻانهو چوي ته به سان کي بادشاهه سڃاڻون ٿا.
شاهه راجو لاهه گر گويد کسي، او سزايابد که او باشد خس
بادشاهه کي جيڪڏهن ڪو ڪوري چوندو ته اهو پاڻ خسيس آهي سزا کائيندو
عبد گفتن عام رانه بود روا، شاهه راجولاهه گفتن ناروا،
عام کي ٻانهو چوڻ نه گهرجي، بادشاهه کي ڪوري چوڻ روا نه آهي،
شاهه راجو لاهه گفتن شد گناه شاهه عاليجاه دائم بادشاهه
شاهه کي ڪوري چوڻ گناهه آهي.عزت وارو بادشاهه سدائين بادشاهه هوندو آهي.
چغد تاريکي کجا شد شاهباز ، اين حقيقت رابدان او راهه جاه
اوندهه واري چٻ شهباز ڪيئن ٿيندي.هن حقيقت جي رستي کي سمجهه
چغد رابا شد وطن ويرانئه شاهباز لامکاني لانئه
چٻ ويرانن ۾ رهندي آهي. شهباز ته لامڪان جو رهاڪو آهي.
شب پرتيره کجا عنقا کجا، جاءِ داردا وهيمشه در سما،
ڪاڏي چمڙو ڪاڏي عنقا باز، عنقا سدائين فضا ۾ رهندو آهي.
شب پرتاريکي وتيره فهير، نيست جنس مرغ نور مستطير
جيئن اونداهي رات چوڌاري پکڙيل هئي. پکڙيل نور ڪائنات تي ڪنهن پکيءَ وانگر نه آهي.
هڪ دفعي رياست جو والي مير علي نواز خان اسان وٽ موٽر تي چڙهي آيو. صحبت ڪندي چيائين ته مان اوهان فقيرن جو غلام آهيان مون ۾ جيڪو ڪم ڪار هجيوَ ته مان نياز مند حاضر آهيان. بادشاهه جيڪو غلامي جو لفظ استعمال ڪيو. سوهن پنهنجو قرب ڳالهايو غلام چوڻ ۾ غلام ٿي ڪونه پيو. ان چوڻ ڪري اسان بادشاهه کان ڪو غلاميءَ جو ڪم وٺون ها ڇا؟ چئونس ها ته اسان کي ڪاٺين جي ڀر ڪري ڏي يا دلا ڀري ڏي مگر بادشاهه پاڻ کي غلام چوڻ سان غلام ڪونه ٿيندو. ان طرح عام آدمي به جيڪڏهن رسول الله کي ٻانهو چوندا ته ڏوهاري ٿيندا. جيئن دنيا ۾ ڪو بادشاهه کي ڪوري سڏيندو ته ڪيتري ته ڪاوڙ لڳندي آهي رسول الله ﷺ کي به عبد يا ٻانهي سڏڻ تي ائين ڪاوڙ لڳندي آهي رسول الله ﷺ اهو چيو جيڪو قرآن ۾ آهي ته ” وما رميت اذ رميت ولکن الله رما“ موجود آهي جيڪڏهن رسول الله ﷺ کي ٻانهون ڪوٺيندا ته شفاعت جي ڪهڙي اميد رکندا. ٻانهو ڪهڙي شفاعت ڪري سگهندو ٻانهي کي شاهه اعظم جي اڳيان ڪهڙي طاقت آهي شاهه اعظم ڄاڻندس ته شفاعت ٿيندن نه ته شفاعت کان جواب اٿن.
هڪ دفعي ڪنهن عارف وٽ هڪ سوداگر مهمان ٿي اچي ٽڪيو فقير جي صحبت ٻڌي حيرت ۾ اچي ويو. چوڻ لڳو ته مان به ملڪ رليو آهيان سڄي عمر ۾ ههڙي خدائي صحبت ڪٿي به ڪانه ٻڌي اٿم، هي صحبت جي شوق ۾ ٻي رات به ٽڪي پيو فقير. کي چوڻ لڳو ته مون کي پنهنجي نالي ۽ ذات کان واقف ڪيو جو ٻئي دفعي اچان ته اوهان جو پڇائي اچي لهان. تنهن تي فقير چيس منهنجو سچو نالو آهي. ته مان الله آهيان ٻنهي جهانن ۾ جتي به ڳوليندين ته مون کان سواءِ ٻيو الله نه لڀندءِ
بيت
منم ذات بيچون ووحت نيشان مبرا زاد راک کون ومکان
منهنجي بيچون ذات آهي ۽ وحدت نيشاني آهي.مان سمجهه سوچ ۽ ڪون ومڪان کان مٿي ۽ پاڪ آهيان.
تقدس منزه مراشد کلام همان دور ازلي مرا است مقام
پاڪائي تقديس وارو منهنجو ڪلام آهي. روز اول کان منهنجو وجود قائم آهي.
همه عرش وکرسي زمين و زمان منم شد ساخت من شهم درميان
سڀئي آسمان ۽ زمين ۽ عرش ڪرسي مان ٺاهيا آهن ۽ انهن ۾ منهنجي بادشاهي آهي.
منم آنکه شاهنشاهه بينظير سميعم عليمم خبير م بصير
آءُ بي مثل شهنشاهه آهيان جيڪو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ ۽ خبر وارو ڏسندڙ آهيان
منهنجو سچو نالو اهو آهي جيڪو ٻڌايو مان ءِ ڪوڙا نالا ته دنيا جي ماڻهن گهڻا ئي رکيا آهن. هو منهنجي اصلي نالي کان بيخبر آهن، ڪو مون کي ڀاءُ ٿو چوي ڪو چاچو چوي. ڪي وري مامون ٿا ڪوٺين، ڪي پيءُ ته ڪي وري ڏاڏو ٿا سڏين، ڪي ٻائو چون ته ڪي منصور ته ڪي وري جنيد پيا سڏين ڪي جادوگر ته ڪي فريبي سڏين ڪي رحمان ته ڪي شيطان چون، ڪهڙو نالو ٻڌائي ڪهڙو ٻڌايانءِ
بيت
من ام در شهر کو ران کس مارانه ميبيند
مان انڌن جي شهر ۾ آهيان ان ڪري مون کي ڪير به سڃاڻي ڪونه ٿو.
ميروم جائيکه مارا به چشمانه مي بيند
آءُ ان جاءِ تي وڃان جتي مون کي ڪير به ڏسي ڪين ٿو، منهنجي سچي نالي جي ڪنهن کي به خبر نه آهي.توڙي فقير پاڻ پنهنجو نالو ٻڌاين ته به اعتبار نه ڪيائون.جي اعتبار ڪن ها ته منهنجي ڏسڻ سان ٻئي الله جي ضرورت ڪانه پوين ها. پر منهنجي پوشاڪ ۽ کاڌي پيتي ڏي ڏسي ڀلجي پيا. جن مون کي نه سڃاتو ته قيامت جي ڏينهن به منهنجي ڏسڻ لاءِ سڪندا، ۽ جن نه سڃاتو ته انهن کي جهنم ۾ اڇلائيندس مان هت آيو هيس ته جيئن مون کي سڃاڻن. ممبرن تي چڙهي هوڪا ڏٺم ته به نه سڃاتائون. اڳي جڏهن عرب ۾ ڄائو هُيس ته مون تي ڪلمون پي پڙهيائون توڙي ڪفرستان ۾ ڄائو هيس. هت ته هندوستان ۾ غريبن مسلمانن مان پيدا ٿيس ته اهي ساڳيا مسلمان جن مون تي ڪلمون پي پڙهيو سيئي لڙيا. رڳو صورت مٽائي آيس ته ڀلجي پيا.
بيت
جامان لک هزار پهريندڙ آءُ آهيان
ڪيم روپ اپار سير ڪيم صورت جو
ظاهر وارن جڏهن تصديق ۽ ثابتي ڪري مٿيان نالا رکيا ان ڪري مان به راز بند ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو. سمجهيم ته هڪ جي ڳالهه گهڻا ڪونه مڃيندا پنهنجي الوهيت واري نالي جو مان پاڻ شاهد آهيان.
بيت
من آنم که خود را دانم، ديگر کس نه مي داند
يعني مان اهو آهيان جيڪو پاڻ ٿو ڄاڻان ٻيو ڪري به نٿو سمجي
گهڻن نالن جي ڪري مون پنهنجو سچو نالو ظاهر ئي ڪونه ڪيو ڇو ته عام ماڻهو هن حال مان ڇا ڄاڻندا . ڏسو ته جيڪي رسول الله ﷺ جي طالبن جا طالب آهن سي به من خدايم جا نعرا ٿا هڻن ۽ قم باذني جا هوڪا ٿا ڏين. جيڪي رسول الله جي وحداني درياه جا واهه آهن. سي به اهڙيون موجان ۽ لهرون ٿا ڪن ۽ کنڊ ٿا وجهن باقي جيڪو محمدي درياه خود آهي ان ۾ موج طغياني نه آهي ڇا؟ ان ۾ ته عشق جي وڏي موج آهي. هيءَ وڏي عجب جي ڳالهه آهي ڏسو ان درياهه جي واهن جا ڪم. شاهه منصور شمس تبريز بايزيد بسطاني شيخ شبلي، شيخ جيندُ، اهڙا ڪيئي ٻيا عاشق فقير غلام حيدر منصوري دم ۽ در جي وارا ٻانهپ کان اهڙا بر خلاف هوندا آهن. جيئن مسلمان ڪفر جي جڻئي کان بيزار هوندا آهن. ڇو ته انهن عاشقن ٻانهپ وارو جڻيو ڇنو آهي ۽ عشق جو نئون تازو اسلام برپا ڪيو اٿن
علم جي عالم ۽ عشق جي عالم ۾ هي فرق آهي ته علم جو عالم منطق ۽ فقه پڙهي عالم فاضل مولوي ٿيندو ته ان کي علم مان اها روشني ملندي جو جڏهن ڪنهن آدميءَ تي نظر پوندس ته لاحول پڙهندو. ايتري علم مان شيطان جو ديدار نصيب ٿئيس. ٻين کي خبيث ۽ پاڻ کي ڀلو ڄاڻي فاينما تولو فثم وجه الشيطان ڏسندو، لاحول جو ورد زبان تي رکي اعليٰ ادنيٰ کي ڌڪاريندو وتندو. الله جي نالي بدران شيطان جو نالو هٿ آيس. هي جي سڃاڻي ها ته مشرڪ ۽ خبيث ته پاڻ کي سمجهي ها ڇو ته الله جي نالي کي گم ڪيون پاڻ کي اثبات ڪيون ويٺو آهي. شيطان به خود آهي ته ڪٽو ڪافر به پاڻ آهي ڇو ته سڄي عمر هن ڍڍرَ جي ٽهل ۽ خدمت ۾ ٿو گذاري بوتي جو غلام ٿي رهيو. ٻانهي جو ٻانهون ٿي گذاريائين. جي الله اثبات ڪري ها ته موحد ٿئي ها مگر هن پاڻ ظاهر ڪيو ان ڪري ملحد ٿي پيو.
موحد ۽ ملحد ڇا آهي؟ ملحد اهو آهي جيڪو هن بوتي ٻانهي جو ٻانهو ٿيو. سموارا دم ان بوتي جي خدمت ۾ تلف ڪيائين نفس کي پالي خوش ڪيائين . هي نفس الله جو ۽ اسان جو دشمن آهي. ان کي ڪڇ ۾ ڪري جيڪو پالي ٿو ان سان الله ڪهڙي مدد ۽ ٻاجهه ڪندو؟
اِنَّ مِنْ اَزْوَاجِكُمْ وَ اَوْلَادِكُمْ عَدُوًّا لَّكُمْ فَاحْذَرُوْهُمْۚ بيشڪ توهان جي اولاد ۽ زالن مان توهان جا دشمن آهن. انهن کان ڊڄو جو الله وساري ڄاڻي واڻي انهن جي خدمت ٿا ڪريو. الله جو ذڪر دم سان ڪرڻ وساري ڀولي نفس جي خدمت ۾ سڀئي ڳڻيل دم وڃائي ڇڏيو. اهي ان نفس ڀولي جا ائين خدمتي آهن جيئن رڇ کي پناگر سوٽيون هڻي پنائيندو ۽ نچائيندو وتندو آهي.
رڇ جو سارو ڏينهن حال اهو آهي جو در در تي لٺيون سوٽيون لڳنديس ۽ گهر گهر ڪري رلائنس، سانجهيءَ جو فقير چڱيون مانيون پنهنجي ٻچن جي اڳيان آڻي رکندو. رڇ کي پکي کان پري ڏر هڻي ڪنڌ ۾ سنگهر وجهي ڇڏيندس. رڇ جي اڳيان پاورٿا ۽ سڪل ٽڪر اڇلي ويندو هي رڇ انهن ٽڪرن کي ڏاڍي مشڪل سان چٻاڙي کائيندو.
رڇ آدميءَ جو وجود آهي جنهن کي حرص جي خيال جي نوڙي نڪ ۾ پيل آهي. نفس پناگر اٿس. سارو ڏينهن ڪمن ڪارن ۾ هت هت پيو پڇائيس ۽ نچائيس. سج لهڻ مهل هن جي حياتي جو پورو ٿيڻ آهي. زمين جي ڏر قبر اٿس. سڌن جي سنگهر سان قبر تي ٻڌو ويٺو هوندو. رڇ وانگر ساري عمر تباهه ٿي ويس.
بيت
حرص وارو آدمي رڇ جي مثال ٿو نچي در در اجايو بدافعال
ناچ جي مقصود رڇ وانگي خراب خوار، ظاهر ۽ باطن نه ٿئي هورستگار
ملحد اهو نفس آهي جيڪو ساري عمر رڇ وانگر بي سود نچي ٿو. موحد ان کي چئبو آهي جنهن پاڻ گم ڪري الله اثبات ڪيو. پنهنجي هستي حق جي هستي ۾ نابود ڪيائين. جيئن ڦڙو درياهه ۾ پوي ته عين درياهه ٿي پوي.